جيڪب جي سڄي زندگي، وطن جي خدمت ۾ گذري. پنهنجي
وطن جي خدمت جي جذبي جي باعث سندس موت به غريب
الوطني ۾ ٿيو. فرنگي قوم جي هنن محب وطن انسانن جي
زندگيءَ کان اسان گهڻو ڪجهه سکي سگهون ٿا. سن
۱۸۴۲ع کان وٺي هو سنڌ ۾ مختلف عهدن تي ڪم ڪندو
رهيو. سن ۱۸۴٧ع ۾ نيپيئر کيس خانڳڙهه موڪلي ڏنو،
جتي هن سرحدي معاملن کي نهايت دانشمنديءَ سان
سلجهايو؛ جنهن جي عوض ۾، سن ١۸۵۶ع ۾، لارڊ
ڊلهائوسي، هندستان جي گورنر جنرل، ”خانڳڙهه“ تي
”جيڪب آباد“ جو نالو رکيو، جو اڃا تائين هليو اچي.
سنڌ ۾ هيءُ اعزاز فقط جيڪب جي حصي ۾ آيو. بلوچن جي
ساڻس جيتري دشمني هئي، اوتري ئي ساڻس محبت به هئي.
ڪيتري وقت تائين هو سندس قبر تي مَنتون مڃيندا ٿي
رهيا. انهيءَ ۾ ڪو شڪ نه آهي ته هو هندستان ۾ انهن
انگريز آفيسرن ۾ شمار ٿئي ٿو، جي فرنگي حڪومت جا
معمار هئا. جيڪب جي موت کان پوءِ، فريئر کي هاڻي
سرحدي معاملن بابت خود سوچڻو ٿي پيو.
فريئر جي مذهبي رواداري.
سن ۱۸۵٧ع جي غدر کان پوءِ، ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي
اڪثر ملازمن جي دماغ ۾ هيءَ ڳالهه گهر ڪري ويئي
هئي ته هو هڪ عيسائي حڪومت جا نمائندا آهن ۽
انگريزي حڪومت ٻي معنيٰ ۾ عيسائي حڪومت آهي. هن
بيهوده خيال جي باعث، عيسائي مشنري ملڪ ۾ ظاهر
ظهور عيسائيت جي تبليغ ڪندي ٿي رهي. مگر فريئر
نهايت هوشياريءَ سان اُن جي ترديد ڪندو ٿي رهيو.
مارچ سن ۱۸۵۸ع ۾، حيدرآباد جي هڪ پادريءَ، جنهن جو
نالو گيل هو، صدر ۾ هڪ مشنري جي دڪان جي ٻاهران
وڏن اکرن ۾، عيسائيت جي تبليغ لاءِ هڪ اشتهار
هڻايو، جنهن جي ڪري مسلمانن جي خصوصيت سان دل
آزاري ٿيندي ٿي رهي. ڪراچي ۽ حيدرآباد جي مسلمانن،
هڪ وفد جي حيثيت ۾، ڪمشنر سان ملاقات ڪئي. فريئر
هڪدم تحقيقات لاءِ لکيو. جڏهن کيس معلوم ٿيو ته
مسلمانن جي شڪايت بجا آهي، تڏهن هن هڪدم مسٽر گيل
کي شخصي خط لکي موڪليو ته:
”مان تنهنجي اشتهار جي صداقت لاءِ، ڪجهه به پڇڻ
نٿو گهران، پر کيس ٻڌائڻ گهران ٿو ته هو پنهنجي
عمل ۾ غلط آهي. اهڙي قسم جي ڳالهه، هيءَ ته
حيدرآباد ۾ آهي، پر جيڪڏهن لنڊن يا ايڊ نبرو ۾ ٿئي
ها ته به مسلمانن کي حق آهي ته هُو سمجهن ته سندن
ڄاڻي واڻي توهينَ ڪئي ويئي آهي. اُن ڪري اهڙي قسم
جي اشتهار کي هڪدم هٽايو وڃي.“
اگرچه گيل کي هيءَ ڳالهه پسند نه آئي، پر جئن ته
ڪمشنر جو حڪم هو، اُن ڪري کيس مڃڻو پيو. هن ۽ سندس
دوست مشيئٽ نه فقط بمبئيءَ جي گورنر کي فريئر جي
حڪم تي اپيل ڪئي، پر هن معاملي کي بمبئيءَ جي
اخبارن تائين پهچايو. اخبارن ۾ هن خبر جي شايع ٿيڻ
سان، بمبئيءَ جون مذهبي جماعتون، پروپنگنڊا لاءِ
اُٿي بيٺيون، مگر فريئر پنهنجي فيصلي تي اَڏول ٿي
بيٺو. ايڏي مخالفت جي باوجود، بمبئيءَ جي حڪومت هڪ
وڏي فتني کي روڪي ورتو ۽ انگريز رهواسين کي خبر
پيئي ته هندستان ۾ عيسائيت جي حڪومت نه آهي، پر
انگريز قوم جي آهي. مذهبي روا داريءَ جي جذبات کي
جهڙيءَ ريت، فريئر، عملي طور ڪم آندو، اِهو ئي
سندس حصو هو. اِئين ڪندي، هن نهايت دورانديشيءَ
سان، انگريزي حڪومت جو تحفظ ڪري ورتو. اِهي سياسي
حڪمت عمليون هيون، جن فريئر کي سنڌ ۾، ماڻهو وٽ
پيارو بڻايو هو.
ملڪ ۾ امن ۽ سلامتيءَ جو منظر.
فريئر جي حڪومت جو وڏي ۾ وڏو ڪارنامو اهو هو، جو
ملڪ ۾ خوشحالي، امن ۽ سلامتي اچي ويئي هئي. هو
پنهنجي هڪ خط ۾ لکي ٿو ته:
”مان تازو جيڪب آباد جي هڪ حيرت انگيز مقام کان
موٽيو آهيان. ڪالهه مان جيڪب سان گڏ، اندرون ملڪ ۾
ڏهه ميل لنگهي ويس. چار سال اڳي جڏهن هت آيو هوس
تڏهن سڄو ملڪ رڻ پَٽُ ٿي نظر آيو. ٺُل ڏانهن ويندڙ
رستي تي نه ڪو وڻ هو نه سبزيءَ جو نشان، نه پن نه
پاڻي. هاڻي چوڌاري جوئر جون سرسبز پوکون نظر آيون.
جيستائين اڳتي نظر ويئي ٿي، ساوڪ ئي ساوڪ ٿي ڏٺي.
ڪڙمي ۽ ڍور، هيڏانهن هوڏانهن عام جام ٿي نظر آيا.
ڄڻ ته هيءَ زمين ئي بدلجي ويئي آهي. نه ڦورو، نه
چور. عوام بيخوف زندگي بسر ڪري رهيو آهي. شايد اڃا
به ٻيا نوان ڪَڙيا ٻئي سال ڪم ڪرڻ شروع ڪندا. اهڙي
آسودگي ۽ آرام شايد سابق حڪمرانن جي دؤر ۾ هن ملڪ
کي نصيب ٿيو هجي.“
انهيءَ ۾ ڪو شڪ نه آهي ته فريئر فرنگي حاڪم هو.
هُو سنڌ جو باشندو نه هو، مگر هُو پنهنجي انتظام
کان، سنڌ جو گهڻگهرو بڻجي پيو هو. سندس زندگيءَ جي
هر گهڙي، ملڪ جي بهبودي ۽ ترقيءَ جي خيال ۾ ٿي
گذري. اهوئي سبب آهي جو سنڌ جا پير مرد ’راڻيءَ جي
راڄ‘ جي تعريف کان ڍاپندائي نه هئا. فريئر جي
انتظامي ڪارڪردگيءَ جو ايڏو ته رعب ويهي ويو هو،
جو ملڪ جا وڏا ڌاڙيل ۽ ڦورو، پناهه جي جاءِ ڳولڻ
لاءِ حيران هئا. انگريزي آفيسرن جي هيءَ دعوا هئي
ته اڪيلو ماڻهو پاڻ سان سونَ ۽ چاندي کڻي، ملڪ جي
هڪ ڪنڊ کان ٻيءَ ڪنڊ تائين سلامتيءَ سان وڃي ٿي
سگهيو. سرحد جو هڪ مشهور ڌاڙيل سنجر رند، جو انهن
ڌاڙيلن مان پويون هو، جن انگريزي حڪومت ۾ پنهنجي
ڪارواين سان باهه ٻاري ڏني هئي، هن جيڪب ڏي پيغام
ٿي موڪليا ته جيڪڏهن کيس معافي ڏني وڃي ته هو پيش
پوڻ لاءِ تيار آهي، مگر جيڪب کيس جواب ڏئي ڇڏيو هو
ته پيش پوڻ کان پوءِ به انصاف پنهنجي جاءِ تي قائم
رهندو. ٻه سال هو ڀٽڪندو رهيو، هو بگٽين جي سردار
اسلام خان وٽ پناهه لاءِ ويو، مگر هن کيس انڪار
ڪري ڇڏيو. هو وري مَرين وٽ ويو، پر انهن به کيس
جواب ڏئي ڇڏيو. هنن کيس خبردار ڪيو ته جيڪڏهن هو
وٽن ايندو ته کيس گرفتار ڪري، جيڪب آباد موڪليو
ويندو، ڇاڪاڻ ته سندس موجودگي، انگريزي آفيسرن جي
دل ۾ شڪ جاڳائيندي ته هو ان جهڙائي ڏوهي آهن. سنجر
جي لاءِ هاڻي حياتي ايڏي ته تنگ ٿي پئي، جو هو خود
بخود قلات جي وڪيل جي اڳيان پيش پيو. وڪيل کيس
هينري گرين وٽ آندو، جنهن وري کيس ميريويدر ڏانهن
موڪلي ڏنو، جنهن کيس عمر قيد جي سزا ڏئي ڇڏي.
هن حسن انتظام جي باعث، سنڌ جي ڪنڊ ۽ ڪڙڇ ۾ امن ۽
سلامتيءَ جو دؤر دورو ٿي ويو. ڪنهن کي به اها مجال
نه هئي ته ٻئي ڏي بري اک سان نهاري سگهي. جيئن ته
بک گناهه جو باعث هئي، ان ڪري جرائم پيشه انسانن
لاءِ روزگار مهيا ڪيو ويو. جيڪب آباد ضلعي ۾ هڪ
نئين واهه ’نورواهه‘ جي کوٽائيءَ جو ڪم شروع ڪيو
ويو. خالي زمينون آباد ڪرڻ لاءِ ماڻهن کي ڏنيون
ويون. اهڙيءَ ريت روزگار جي مهيا ٿيڻ سبب، هي
جرائم پيشه قومون ڪيتريقدر سڌري ويون ۽ سندن زندگي
خوشحالي ۾ بسر ٿيڻ لڳي.
ننگرپارڪر ۾ بغاوت
سن ۱۸۵۵ع ڌاري، ٿرپارڪر جي حصي جو انتظام ليفٽيننٽ
تروَٽ جي حوالي ٿيو. سن جو نهايت عمدو
بندوبست رکيو هو، جنهن ڪارنمايان جي عوض ۾، فريئر،
بمبئي گورنمينٽ کي سندس بيحد تعريف لکي موڪلي هئي.
هو نهايت دورانديش ۽ منتظم آفيسر هو. کانئس اڳ ٿر
پارڪر ضلعي جي بيحد بري حالت هئي، مگر تروٽ پنهنجي
دانشمندانه طريقي سان وڏي اصلاح آڻي وڌي هئي.
فريئر لکي ٿو ته چار سال اڳ، جڏهن هوٽنڊي الهيار
کان اڳي گذريو هو ته رڳي سُڃ ٿي نظر آئي، مگر تروٽ
جي ڪوشش سان هي ملڪ هاڻي سرسبز ٿي ڏٺو.
اوچتوئي اوچتو، سن ۱۸۵۹ع ۾ ننگرپارڪ جي شهر ۾،
سوڍن بغاوت شروع ڪري ڏني. ڪيترن سرڪاري عملدارن کي
ماريو ويو، سرڪاري خزاني کي لُٽيو ويو ۽ تارن جي
ٿنڀن کي ڪيرايو ويو. جڏهن فريئر کي ان جو اطلاع
مليو ته هن ڪرنل ايوانس کي فوج سان ڪڇ جي رستي
ننگرپارڪر جي بچاءُ لاءِ موڪلي ڏنو. ايوانس نهايت
تيزيءَ سان ننگر پارڪر پهتو. ٿوري مقابلي بعد سوڍن
کي شڪست آئي ۽ ننگرپارڪر تي وري انگريزي حڪومت جو
قبضو ٿي ويو. سوڍا ڪيتري وقت لاءِ منتشر ٿي ويا ۽
آخر هو حڪومت جي پيش پيا. فريئر، ڪرنل ايوانسي کي
لکي موڪليو ته قيدين سان جيتريقدر ٿي سگهي،
مهربانيءَ جو ورتاءُ ڪيو وڃي. اهڙيءَ ريت، فريئر
پنهنجي انتظامي قابليت سان هڪ وڏي بدانتظاميءَ کي
روڪي ورتو.
فريئر، گورنر جنرل جي سپريم ڪائونسل جو ميمبر.
جولاءِ سن ۱۸۵۹ع ۾، فريئر کي خبر پهتي ته انڊيا
آفيس جو سيڪريٽري، لارڊ اسٽئنلي، ان وقت جي گورنر
جنرل لارڊ ڪئننگ جي خواهش تي، کيس گورنر جنرل جي
سپريم ڪائونسل جو ميمبر مقرر ڪرڻ وارو آهي. مگر هن
وچ ۾ انگلنڊ جي وزارت ۾ تبديليون اچي ويون ۽ لارڊ
اسٽئنلي جي جاءِ تي سر چارلس ووڊ، انڊيا آفيس جو
سيڪريٽري مقرر ٿيو. نئين سيڪريٽريءَ، لارڊ ڪئننگ
کي لکي موڪليو ته ’هو اڃا به فريئر کي پاڻ وٽ
آڻائڻ گهري ٿو.‘ جنهن جي جواب ۾ گورنر جنرل وري به
پنهنجي خواهش کي دهرايو. گورنر جنرل جي خواهش جي
مائونٽ ايلفنسٽن وڏي مخالفت ڪئي، مگر سر چارلس
ووڊ، لارڊ ڪئننگ سان متفق ٿي، فريئر کي گورنر جنرل
جي سپريم ڪائونسل جو ميمبر مقرر ڪيو. کيس سندس
تبديليءَ جو حڪم ملي ويو. ان موقعي تي، بمبئيءَ جي
گورنر لارڊ ايلفنسٽن کيس لکي موڪليو:
”مان ڪيترين مسلسل رڪاوٽن بعد، پنهنجي جدائيءَ جي
متعلق هاڻي لکان ٿو ته، هيءَ جدائي، اميد جي خلاف
جلدي اچي ويئي آهي. اوهان ڄاڻو ٿا ته اهڙي وقت،
ڪهڙا ڪهڙا خيال اچي دامنگير ٿيندا آهن. مون کان
زياده منهنجي بيگم جا خيال وڌيڪ اثرپيدا ڪندڙ آهن.
کيس احساس آهي ته ڪهڙا نه بهترين دوست اسان کان
جدا ٿيندا ٿا وڃن.“
نائونمل پنهنجي يادگيرين ۾ لکي ٿو ته:
”سنڌي ماڻهن کي، هي ٻڌي بيحد افسوس ٿيو، جو سندن
هردلعزيز ڪمشنر کائن ڌار ٿي رهيو هو. سندس موڪلائڻ
واري ڏينهن تي، ڪيترائي سنڌ جا وڏا ماڻهو مير ۽
ٻيا، ڪمشنر جي عزت ڪرڻ ۽ پنهنجي افسوس کي ظاهر ڪرڻ
لاءِ ڪراچيءَ ۾ گڏ ٿيا هئا.“
هن موقعي تي، ڪراچي ۾، هڪ پبلڪ ميٽنگ گهرائي ويئي.
درجي ۽ مرتبي موجب اُن ۾ جدا جدا قسمن جا ماڻهو
اچي اُتي گڏ ٿيا هئا. کيس جا ائڊريس ڏني ويئي، اُن
۾ اصليت ۽ صداقت هئي. هيءَ هڪ طويل تقرير هئي،
جنهن جي هر لفظ مان، سنڌ جي ماڻهن سان سندس محبت ۽
عقيدت پئي ظاهر ٿي.
آڪٽوبر جي هڪ آخري ڏينهن تي، فريئر ۽ بيگم فريئر،
آخري طور تي گورنمينٽ هائوس کي ڇڏيو. يورپي ۽
ديسي، رستي تي قطار درقطار، بندر تائين، کيس
الوداع ڪرڻ لاءِ اَچي گڏ ٿيا هئا. سندن چهرن مان
سندن بي تابيءَ جو اظهار پئي ٿيو. هن مجموعي تي
آڪٽوبر جو سج، خوشگوار هوا سان گڏ چمڪندو رهيو.
نيپيئر مول وٽ، فريئر لاءِ جهاز موجود هو، جنهن کي
جهنڊين سان سينگاريو ويو هو. فريئر وڏي مشڪلات سان
پنهنجي دوستن کان موڪلائي، جهاز تي سوار ٿيو. اُن
وقت منهوڙي کان کيس پندرهن توبن جي سلامي ڏني
ويئي. جهاز اکين کان آهسته آهسته غائب ٿيندو رهيو
۽ ڪناري تي ڪيترن ماڻهن جون اکيون اشڪبار هيون.
فريئر سنڌ ۾ گهٽ ۾ گهٽ نَوَ سال رهيو. هن پنهنجي
حُسن انتظام سان، سنڌ جي ماڻهن جي دلين کي پنهنجي
قبضي ۾ وٺي ڇڏيو هو. سندس اخلاق جي، اُن وقت جي
مورخن گهڻي تعريف ڪئي آهي. ”لب تاريخ سنڌ“ جو مصنف
لکي ٿو ته:
”جيڪڏهن پڙهندڙن کي بُرو نه لڳي ته مان کين ٻڌايان
ته هُو، مسڪينن، پيرمردن ۽ مفلسن جي وڏي پر گهور
لهندو هو. مان پڙهندڙن جي لاءِ ڪجهه پيش ڪري رهيو
آهيان:
1_ لب تاريخ جي پڙهندڙن کي معلوم هجي ته ملاحن جي
محلي ۾ هڪ پيرسن هو، جنهن جو نالو ’ناخدا‘ هو. هُو
مفلس ۽ اُن سان گڏ وڏي عيال وارو هو. فريئر کيس
ٻُڍو سڏيندو هو ۽ وقت بوقت سندس خبر گيري ڪندو هو.
اَٺين ڏهين ڏينهن وٽس ضرور ويندو هو. سندس گهر
واريءَ کي ماءُ سڏيو هئائين ۽ سندس پٽن کي ڀاءُ.
فياضيءَ کان ڪم وٺندي، هن سندس ٻيڙين تان محصول
معاف ڪري ڇڏيو هو.
2_ ڪراچيءَ ۾ هڪ درزي هو، جنهنجو نالو سليمان هو.
هُو قلاتين جي مسجد جي ڀرسان، بازار ۾ رهندو هو ۽
نائون مل جو پاڙيسري هو. جئن ته هُو ٻڍو ۽ نادار
هو، اُن ڪري فريئر هميشه وٽس ويندو هو ۽ پيسي جي
مدد ڏيندو هو.
3_ هڪ برهمڻ هو، جو هميشـﮧ فريئر وٽ ويندو هو. جئن
ته سندس ڪم قاعدي جي خلاف هو، فريئر، اُن کي پورو
نه ڪري سگهيو، پر جڏهن به برهمڻ وٽس ويندو هو ته
فريئر سندس خاطر تواضع ڪندو هو.“
نائون مل، پنهنجي ياد گيرين ۾ فريئر جي ڪردار جي
هڪ اهم ڪهاڻي لکي آهي: ”هڪ ٺٽائي (ٺٽي جي رهڻ
واري) جو مقدمو، مسٽر جيمس گبس، اسٽنٽ جڊيشل
ڪمشنروٽ هو. جيئن ته مقدمي جي آخر ۾، هن کي ڪوبه
فائدو نه مليو هو، ان ڪري، هو جڊيشل ڪمشز وٽ
پنهنجون درخواستون ۽ اپيلون پيش ڪندو رهندو هو. هن
گبس کي ايترو ته بيزار ڪري ڇڏيو، جو هن پٽيوالن کي
حڪم ڏئي ڇڏيو ته هو ان ماڻهوءَ کي ڪنهن به قيمت تي
ڪورٽ ۾ اچڻ نه ڏين. ٺٽائي جڏهن ڪورٽ کان نا اميد
ٿيو ته هن چاهيو ته پنهنجي مقدمي کي ڪمشنر جي
سامهون پيش ڪري. اهو خيال ڪري، هو صبح جو سويرو
گورنمينٽ هائوس ڏي ويو ۽ پختو ارادو ڪيائين ته روز
جي دستور موجب ڪمشنر جيئن سواريءَ لاءِ ٻاهر
نڪرندو ته هو کيس پنهنجو احوال ٻڌائيندو. پٽيوالن
جي خوف کان، هو ايوان کان ٻاهر نڪري، گورنمينٽ
هائوس جي دروازي جي ٻاهران هڪ پٿر تي ويهي رهيو.
”مقرر وقت تي ڪمشنر، گهوڙي تي سوار ٿي، تن تنها،
جڏهن دروازي کان ٻاهر آيو، تڏهن ٺٽائي اٿي بيٺو.
گهوڙي اجنبي ماڻهو کي سامهون ڏسي ٽاههُ کاڌو.
گهوڙي جي اوچتي ٽاهه کان فريئر، ان کي سنڀالي نه
سگهيو ۽ گهوڙي تان ڪري پيو. گورنمينٽ هائوس جي
ماڻهن جڏهن فريئر کي ڪرندو ڏٺو ته سڀ ڀڄندا آيا.
فريئر، جي ٽنگ کي چڱو زخم رسيو هو. فريئر، همت ڪري
گهوڙي تي سوار ٿيو ۽ ان جون واڳون هٿ ۾ ورتائين.
ايتري ۾ ماڻهن، ٺٽائيءَ کي وٺي کڻي قابو ڪيو. سندس
منهن جو رنگ اڏامي ويو. سمجهيائين ته ويس ڪنن
لاءِ، پر هاڻي سِڱ به ڪپائي ويندس. مگر فريئر جڏهن
کيس ڊنل ڏٺو، تڏهن سندس ويجهو پهتو ۽ کيس اردو
زبان ۾ چيائين ’بابا، تون هتي ڇو اچي ويٺو آهين.
ڏس تنهنجي ڪري منهنجو ڪهڙو حال ٿيو آهي ۽ تون ڪهڙي
مصيبت ۾ اچي ويو آهين.‘ ٺٽائي کيس عرض ڪيو ته
’صاحب، مون کي اوهان سان ملڻو هو، پر پٽيوالن جي
خوف کان ٻاهر انهيءَ جاءِ تي ويهي رهيس.‘ هي ٻڌي
سر بارٽل فريئر، پٽيوالن کي حڪم ڏنو ته هو کيس
آزاد ڪن. ان کانپوءِ سندس احوال ٻڌي، گبس لاءِ کيس
نياپو ڏنائين ته هو سندس فيصلو چڱيءَ ريت ڪري.
غريب ٺٽائي کيس دعائون ڏيندو هليو ويو.“
اگرچه واقعي ۾ مٿيون ڳالهيون معمولي نظر اچن ٿيون،
مگر انهن مان ئي، هڪ انسان جي اخلاق ۽ ڪردار جي
خبر پوريءَ ريت پئجي سگهي ٿي. مان مٿي به فريئر جي
اخلاق جون گهڻيون ڳالهون لکي آيو آهيان، جن مان
معلوم ٿيندو ته هو وڏي تحمل وارو ۽ ديرينه حاڪم
هو. ورنه هڪ انگريز حاڪم کي ڪهڙي پئي هئي جو هڪ
مهاڻي جي گهر وڃي سندس خبر گيري ڪري، يا هڪ درزيءَ
جي مفلسيءَ کان متاثر ٿي اعانت ڪري. سنڌ جي ماڻهن
سان سندس هيءَ بي لوث محبت اِهڙي هئي، جو اُنهن
سندس ياد ۾ هڪ جاءِ تعمير ڪئي، جنهن کي ’فريئر
هال‘ سڏجي ٿو. هيءَ تاريخي مقام، اڄ به سندس نالي
کي زنده رکندو اَچي. هيءُ وڏي ۾ وڏو اعزاز هو، جو
سنڌ وارن کان هن فرنگي حاڪم کي مليو.
فريئر سن ۱۸۶۲ع تائين ڪلڪتي ۾ گورنر جنرل جي سپريم
ڪائونسل جو ميمبر ٿي رهيو. سن ۱۸۶۳ع ڌاري هُو
بمبئيءَ جي گورنر سر جارج ڪلارڪ جي وڃڻ کان پوءِ،
بمبيءَ جو گورنر ٿي آيو. سنه ۱۸۶٧ع ۾ هُو گورنر جي
حيثيت ۾ سنڌ ۾ آيو. ڪراچي ۾ سندس آمد جي خبر ٻُڌي،
سوين سندس آشنا ڪراچي پهچي ويا. فريئر هال ۾ سندس
دربار جو اهتمام ڪيو ويو، جتي، هُن پنهنجي دوستن
جي وڏي محبت سان آجيان ڪئي. اِنهيءَ دربار ۾،
نائون مل کي سندس غداريءَ جو انعام ’ڪئمپينين آف
دي موسٽ ايگزالٽيڊ آرڊر آف دي اسٽار آف انڊيا‘ جو
خطاب مليو، هن انعام جو ذڪر، نائون مل ۽ خانبهادر
خداداد خان
نمايان طريقي سان ڪيو آهي، مگر
تاريخ، نائون مل جي اُنهن واقعن کي سيني سان سانڍي
رکيو آهي ۽ ڪڏهن به فراموش نه ڪندي ته هن پنهنجن
سان ڪيئن غداري ڪئي ۽ پراين سان ڪهڙي ريت وفاداري
ڪئي.
فريئر، ڪراچيءَ کان حيدرآباد به ويو. هُو جتي به
ويو سندس وڏي مرحبا ٿي. سنڌ جي مختصر سفر کانپوءِ
هُو بمبئيءَ موٽي ويو. جتان هُو سن ۱۸۶٧ع ۾ انگلنڊ
۾ ’ڪائونسل آف انڊيا‘ جو ميمبر ٿي ويو ۽ هميشه
لاءِ هندستان کان الوداع ڪري ويو. سچ!
’هميشه رهي، نانءُ الله جو!‘
محمد
حسين
پنوهر
يورپ ۽ سنڌ جا تعلقات
ڪجهه عرصو ٿيو ته سيد سليمان ندويءَ جا ڪتاب ”عرب
وهند ڪي تعلقات“ ”خلافت و هند ڪي تعلقات“ جي
مطالعي جو موقعو مليو، جن مان سنڌ جي عربن کان وٺي
سومرن تائين جي تاريخ تي ۽ ٻاهرين ملڪن سان تعلقات
تي ڪافي روشني ٿي پيئي. ان وقت خيال آيو ته اهڙي
قسم جا ئي ڪتاب، جن ۾ ’سنڌ و هند جا تعلقات‘ يا
’سنڌ ۽ برطانيا جا تعلقات‘ به هجن، سي ٿي سگهن ٿا.
ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي رڪارڊ يا سنڌ ۾ جيڪي يورپين
سياح آيا، تن جي ڪتابن مطالع ڪرڻ سان معلوم ٿيو ته
سنڌ ۽ يورپ جا تعلقات ڏاڍا قديم آهن.
ايسٽ انڊيا ڪمپني، سنڌ ۾ ۱۶۶۲ع تائين ڪارخانو قائم
ڪيو، ۽ وري ٻئي دفعي ۱٧۵۸ع ۾ ڪارخانو کوليو، ۽
۱٧٧۵ع ۾ بند ڪيو. ان دور ۾ ڪيترا سرڪاري آفيسر
هئا، جن سنڌ جي عام حالت بيان ڪئي آهي، جن ۾ نڪولس
ودنگٽن ۱۶۱۶ع، فادر مانريق ۱۶۴۰ع، نڪولو مئنوڪي،
جو بکر ۱۶۵۵ع جي گهيري ۾
artillery man
هو ۽ ڪئپٽن هئملٽر ۱۶۹۹ع ۾، مسٽر ناٿن ۱٧۹۹ع ۾
(جنهن ڪلهوڙن جي تاريخ لکي)، مسٽر هئنڪي سمٿ، جو
۱۸۰۹ع ۾ حيدرآباد ۾ وفد وٺي آيو، ڪرنل پاٽنجر ۽
ليفٽيننٽ ڊيلهوسٽ ۱۸۱۳ع ۾، آمريڪي سياح مئسن ۱۸۲۶ع
۾، برنس ۱۸۲۸ع ۾ حيدرآباد جي ميرن جي درٻار ۾ آيو
۽ ڪورٽ جو بيان لکيو اٿس. ٻيا به ڪيترا سياح سنڌ ۾
آيا، جن جو مڪمل بيان معلوم نه آهي، انهن مان مسٽر
ڪڪ به هو، جو ۱٧۴۳ع ۾ ٺٽي ۾ مري ويو، ۽ سندس قبو
اڃا تائين سنڌ جي آثارقديم مان آهي. درحقيقت ايسٽ
انڊيا ڪمپنيءَ کان سٺ سال اڳ پورچو گيز سنڌ ۾ آيا.
شاهه حسن ارغون ۽ ترخانن جي لڙائيءَ ۾ شاهه حسن
طرفان لڙيا هئا، ۽ کيس ڪيترو نقصان وڌائون. جڏهن
انگريز، واپاري مقصد کان ٺٽي ۽ لوادي جي بندر تي
آيا تڏهن معلوم ٿين ته ايراني نار تي پورچو گيزن
جو مڪمل قبضو هو. خود مغل شهنشاهه ڊچن جي طرف هئا،
ان ڪري انگريزن کي پير پائڻ جو موقعوئي ڪونه مليو.
پورچو گيزن، هڪ_ هٽي قائم رکڻ لاءِ ڪيتريون
تجويزون ڪم آنديون. شاههِ سنڌ کي ڊپ ڏنائون ته
جيڪڏهن انگريزن کي سنڌ ۾ اچڻ ڏنو ويو ته هو هليا
ويندا، ۽ سنڌ جي ڪپڙي ۽ چمڙي جي سامان جي نيڪاليءَ
لاءِ ڪابه جماعت نه رهندي.
آخر ۱۶۳۵ع ۾، ٻنهي_ پورچوگيزن ۽ انگريزن_ جي وچ ۾
ٺاهه ٿيو ۽ انگريزن کي واپار ڪرڻ جو موقعو مليو،
ان ڪري هو لنڊن مارڪيٽ لاءِ سنڌ مان نير ۽ ڪپهه جو
ڪپڙو کڻي وڃڻ لڳا. ٺهراءَ پاس ڪيو ويو ته
واپار بند ڪجي، پر بند نه ڪيو ويو. سلطنت جي نيست
ونابوديءَ ۽ هيٺ مٿاهينءَ جو اثر، سڄي هندستان جي
واپار تي پيو، ان ڪري سنڌ مان ڪوٺيون بند ڪيون
ويون.
وري ۱٧۵۸ع ۾ ٺٽي ۽ شاهبندر ۾ انگريزن ڪوٺيون
وڌيون، ۽ غلام شاهه ڪلهوڙي جي وقت ۾ اهي ترقيءَ تي
پهتيون، مگر سرفراز ڪلهوڙي جي ظلمن واپار کي ڌڪ
هنيو، ان ڪري ۱٧٧۵ع ۾ ڪوٺيون بند ڪيون ويون.
پورچوگيزن ۽ انگريزن کان سواءِ ڊچ به سنڌ ۾ آيا.
ان وقت جيتوڻيڪ سنڌ ۾ ڏڪار هو، تنهن هوندي به سڄو
سامان وڪرو ٿي ويو ۽ ڊچن کي ۱۴۰۰۰گلڊن فائدو پيو.
مگر پورچو گيزن اعتراض ورتو ته جيڪڏهن ڊچن کي سنڌ
۾ اچڻ ڏنو ويو ته هو سنڌ ڇڏي ويندا. ان وقت سيوهڻ
نير جو مرڪز هو. سيوهڻ ۾ مکڻ به جام ايندو هو ۽
آفيم جو به سيوهڻ مرڪز هو. سيوهڻ کان شاهبندر
تائين سامان درياهه رستي ويندو هو. يورپ کي نير جي
سخت ضرورت هئي. ان جي تلاش ۾ ڪيترا انگريز ۽ پورچو
گيز سنڌ جي اندرين حصن ۾ پهتا. سندن رپورٽن موجب
بوبڪ، سَن، سيوهڻ، نير کان مشهور هئا.
ان وقت ايسٽ انديا ڪمپنيءَ جي گورنر ۽ شهزادي دارا
شڪوه جي وچ ۾ صلح ٿيو ۽ دارا شڪوه، جواهر ۽ ڪجهه
لعل، جن جي قيمت هزارين رپيا هئي، ڪمپنيءَ جي
گورنر کي تحفي طور ڏنا. ان وقت دارا شڪوه ڀڄي اچي
سنڌ ۾ پناهه ورتي هئي.
اورنگزيب جي دؤر ۾ ٺٽي ۾ (mint)
هو، جتي جان سپلر ۱۶۵۲ع ۾ پيسا بدلائڻ ويو. ان دؤر
۾ ڪمپني، نصرپور، گمبٽ ۽ ڪنڊياري مان بافتو خريد
ڪندي هئي. ۱۶۵۹ع ۾ سنڌ ۾ ڏڪار ۽ پليگ پئي. ان ڪري
سنڌ جي هيٺين ضلعن ۾ تمام گهڻا ماڻهو مري ويا ۽
شين جا اگهه وڌي ويا، ان ڪري ڪمپنيءَ کي گهٽ فائدو
ٿيو.
هن وقت سنڌ جو حاڪم ۽ انگريزن جي وچ ۾ ڪشمڪش پيدا
ٿي، ڇو ته حڪومت سنڌ، انگريزن کان اوني ڪپڙو خريد
ڪري، افغانن کي وڏي اگهه تي وڪرو ٿي ڪيو، ۽ افغانن
خواهه انگريزن کي اها ڳالهه پسند ڪانه هئي. لاچار
ايسٽ انڊيا ڪمپني، شاهبندر ڇڏي ڪراچي وٽ ننڍو لنگر
ٺاهيو، جيئن مال، مڪران ۽ قلات رستي افغانستان
پهچائجي. ڪلهوڙن کي ان تان گهڻو رنج ٿيو، ڇو ته
هنن واپار جي پرواني ۾ شرط وڌا هئا. انهن موجب
انگريزن کي تمام گهڻيون سهولتون هيون ۽ ۱٧۶۱ع واري
پرواني ۾ ته انگريزن کان سواءِ ٻيءَ يورپي قوم کي
سنڌ ۾ اچڻ جي به بندش هئيءَ ۽ ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ
جو هي قدم، حڪومت سان ڄڻڪ بغاوت هئي. ان ڪري غلام
شاهه جي مرڻ بعد سرفراز خان، ڪمپنيءَ تي قدم کڻڻ
جو ويچار ڪيو. ويتر ملڪ ۾ وڳوڙ ٿيا، ان ڪري
شڪارپور مان جو سامان ڪمپني گهرائيندي هئي، مثلاً
پَٽ_ شالون وغيره، سو بند ٿي ويو. ان ڪري ۱٧٧۵ع ۾
سنڌ مان ڪوٺيون بند ڪيون ويون.
ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي رپورٽن مان معلوم ٿئي ٿو ته
سنڌ سان انگريزن جو خاص واپار اوني ڪپڙي جو هو.
سال بسال پنجاهه هزار رپين جو ڪپڙو وڪرو ٿيندو هو.
ازان سواءِ ڪلهوڙا حاڪم، لوهه، رُڪ، شيهو خريد
ڪندا هئا. سنڌ مان انگريز قلمي شورو (saltpetre)
ٻاهر کڻي ويندا هئا. ازان سواءِ سنڌ ۾ چانور گهڻا
ٿيندا هئا، جي هندستان جي ٻين پاسن ڏانهن ڪمپنيءَ
جا جهاز کڻي ويندا هئا. سنڌ مان چوپايو مال به
بمبئي روانو ٿيندو هو.
سکر، ملتان، ٺٽي ۽ سنڌونديءَ جي ڪناري وارن ڪيترن
شهرن ۾ ’ڪوري‘ قوم جا اُڏاڻا هئا، جتان انگريزن کي
ڪپڙو ميسر ٿيندو هو. ٺٽي ۾ ڇُر جو ڪم به عاليشان
ٿيندو هو. بافتو، هِرک، ۽ سنهو ڪپڙو به ٺهندو هو ۽
ريشم جو ڪم به ٿيندو هو. ٺٽي شهر جي اَڌ آبادي ان
ڪم ۾ مشغول هوندي هئي.
پوٽاس به سنڌ مان ولايت ويندو هو. ڪمپني خريد ڪري،
انگلنڊ جي بادشاه کي وڪرو ڪندي هئي، ڇو ته ان وقت
انگلنڊ ۾، ’سِول وار‘ چالو هئي. پوٽاس جون کاڻيون
شاهبندر، اورنگ بندر، ٺٽي ۽ ميرپور ساڪري وٽ هيون.
چمڙو ۽ چمڙي جو سامان، جو سنڌ مان ايسٽ انڊيا
ڪمپني خريد ڪيو، سو سڄي هندستان ۾ اول سمجهيو
ويندو هو. اُٺن ۽ گهوڙن جا سَنج، ايشيا ۽ يورپ
تائين ويندا هئا. چمڙي جون ڳوٿريون ٺاهيون ويون،
جن ۾ چار مڻ مکڻ وجهي سگهبو هو. چمڙي جون ڍالون به
ٺاهيون وينديون هيون. مينهن ۽ ڍڳين جا جهاز ڀرجي
يورپ ڏانهن ويندا هئا. چمڙي مان ٺهيل دَرين جا
پردا ۽ ميزپوش به روانا ٿيندا هئا، جن تي سونهري
گُل نڪتل هوندا هئا.
هر هڪ سياح لکيو آهي ته سنڌ ۾ مڇي تمام گهڻي پيدا
ٿئي ٿي. يورپ وارن سنڌي پَلي جي ڏاڍي تعريف ڪئي
آهي. سُڪل مڇي، جنهن جو واپار ڪڇ ۽ ڪاٺياواڙ جي
ميمڻن جي قبضي ۾ هو، ان جا جهاز ڀرجي هندستان جي
ٻين حصن ۾ ويندا هئا. يورپ جي سياحن، سنڌ جي مڇي ۽
چانورن جي پُلاءُ جي ڏاڍي تعريف ڪئي آهي.
يورپين سياحن جي لکڻ مان معلوم ٿئي ٿو ته سنڌ آباد
۽ شاهوڪار هئي، جنهن جي تعريف کان اهي مغربي
ناواقف نه هئا. مغرب ۾ ٺٽي جو نالو ايترو مشهور
هو، جيترو هن وقت ڪراچيءَ جو. ٺٽي کي مشرق جي اک
جو تارو ۽ مغرب جي (Emporium)
ڪوٺيندا هئا. ان وقت لنڊن جو شهر، ٺٽي شهر کان
ڪنهن به حالت ۾ وڏو نه هو. جتي عاليشان محل،
باغيچا، تازي پاڻيءَ جا واهه، جي شهر جي وندر هئا_
مشرق مان سڀ جهاز، درياهه ۽ واهن رستي ٺٽي جي
واپارين جي دروازن تي اچي بيهندا هئا. سنڌ ۾
موسيقيءَ جي لحاظ سان ٺٽو مشهور هو. عوام و خواص،
امير اُمراء سڀ راڳ ۽ ساز جا شائق هئا. هر روز
ڪَئين جهاز ٺٽي پهچندا هئا. ٺٽو، سائنس، علم ۽ فن
جو مرڪز هو. وچ ايشيا جي شهزادن لاءِ شالون،
لونگيون، ڇُر جو ڪم، اجرڪ هتان روانا ٿيندا هئا.
ٺٽي ۾ چار سو ڪاليج هئا، جتي فقـﮧ، سياست، فلسفو،
اخلاق، شعر ۽ تصوف سيکاريا ويندا هئا.
هي تعلقات ابتدائي هئا. ان وقت انگريزن کي سنڌ ۾
اکين وجهڻ جو ڪو خواب خيال به نه هو. مگر ان وقت
بنگال ۽ مدراس ۾ حڪومت قائم ڪيائون، ان ڪري سندن
خيال ڦري ويا ۽ سندن بعد جا تعلقات تجارتي نه بلڪ
سياسي آهن. سنڌ جي حڪومت به بدلجي ميرن جي هٿ ۾
آئي.
سان
دوباره تعلقات قائم ڪرڻ لاءِ، ڪمپنيءَ طرفان مقرر
ڪيو ويو، پر اندروني مقصد هو ته سنڌ ۾ سلطان ٽيپو
۽ فرينچن ۽ زمان شاهه جي تحريڪ جي همدرديءَ کي
روڪجي.
۱۸۰٧ع ۾ وري نيپولين بونا پارٽ جي مقابلي لاءِ
لازم ٿيو ته ٻين ملڪن وانگر برطانيا، هند سرڪار
طرفان سفير موڪلي. ان وقت دکن هندستان ۽ مشرقي
هندستان ۾ ڊلهائوسي ڪيترا حصا پنهنجي سلطنت سان
ملائي ڇڏيا: ان ڪري سندن همت وڌي ويئي ۽ حڪومت سنڌ
سان کؤنس ڪرڻ شروع ڪيائون. ڪيترا عملدار ۽ سفير
آيا، عهدناما ڪيائون، انهن کي پاڻ ڀڳائون، ۽ انهن
جي عيوض اهڙا عهدناما پيش ڪيائون، جي ميرن لاءِ
زياده نقصانڪار هئا. اها حالت ١۸۴۲ع تائين هلي ۽
سر چارلس نيپئر اچي سنڌ فتح ڪئي.
۲۱_ فيبروري ۱۸۴۳ع تي انگريز حيدرآباد ۾ گهڙيا، جو
ميرن جو تختگاهه هو. پنهنجو جهنڊو لهرائي، خزاني ۽
قلعي تي قبضو ڪيائون. ٽن ڏينهن جي اندر قلعي ۾ جا
به خانگي، شخصي يا حڪومت جي شيءِ ملي، ان تي قبضو
ڪيائون. مير نصير، مير محمد، ۽ مير صوبدار،
پارليامينٽ کي اپيل ڪئي، جنهن لاءِ ميجر آئوٽرام
چيو ته لفظ به صحيح آهي. اها اپيل ”Dry
leaves from young Egypt“
۾ ۱۸۴۶ع ۾ شايع ٿي. مير نصير جي اپيل ۾ ڄاڻايل آهي
ته مسٽر فالن ۽ ڪرتل پئٽل ۽ ٻيا آفيسر، قلعي ۾
گهوڙيسوارن ۽ پيدل فوج سان اندر داخل ٿيا، ۽ سڄو
خزانو، سون، چاندي، تلوارون، ڇُرا، خنجر، ڍالون،
قيمتي ڪپڙا، قرآن شريف، گهوڙا، اُٺ خچر، هَنا،
مطلب ته هر چيز لُٽي ويئي، ايتر يقدر جو سپاهين جي
جهولين مان جواهر وَهڻ لڳا!_ آفيسر ته پلنگ،
ڪرسيون ۽ ٻيو سامان به کڻائي ويا. اسان کان آخر
بسترا به کَسيا ويا!
ميجر اُئوٽرام ته لکيو آهي ته هڪ آفيسر جي داشته (concubine)
کان ڪم ٿي ورتو ويو ته ڏسي ته عورتن کي بنا تلاشي
وٺڻ جي ڇڏيو ته نٿو وڃي! سڄي ڦر لُٽ جي مال جو
انداز پندرهن لک اسٽرلنگ چيو وڃي. سر چارلس نيپيئر
کي ڦرلُٽ مان جو حصو مليو، ان جو انداز٧۰۰۰۰
پائونڊ چيو وڃي ٿو.
مير محمد خان ۽ مير صوبدار خان جي اپيل ۾ ڄاڻايل
آهي ته ”سر چارلس نيپيئر، سندس عورتن جي جسم جا
ڪپڙا به ڦاڙيا ۽ جڏهن ٻاهر نڪتيون ته نيم برهنه
هيون!“ جنهن لاءِ پڻ ميجر آئوٽرام چيو آهي ته لفظ
بلفظ درست آهي.
ميرن کي پوءِ بمبئيءَ بعد پوني، ڪلڪتي ۽ هزاري باغ
۾ نظربند ڪيو ويو. ميرن جي حالت تي ايسٽوڪ صاحب،
”ڊراءِ ليوز فرام ينگ ايجپٽ“ ۾ لکيو آهي ته:
”جن ماڻهن جو هن گاديءَ جي ظلم تي خون ٽهڪي ٿو،
انهن کي هت آڻيو ته ڏسن ته انگريزن هڪ معصوم ۽
آزاد قوم تي ڪهڙا ظلم ڪيا آهن! هنن ظالمن جي ڳالهه
ايڏي درد ناڪ آهي، جهڙي شايد ڪرستان مذهب وارن
ڪڏهن به نه ٻُڌي هجي.... اي انگلنڊ جا رهاڪو!
پنهنجي آزادگيءَ جي صدقي، ان قوم جو به خيال ڪريو
جا پنهنجي آزادي بچائڻ لاءِ تلوار هيٺان شهيد
ٿي!..... اي انگلنڊ جون عورتون! هڪ بار انهن
مائرن، ڀينرن، نياڻين ۽ شهزادين جو تصور ڪيو، جن
جا زيور زوريءَ ڦريا ويا هجن، ۽ کين گهرن مان
تَڙيو ويو هجي، ۽ ان طرح کين شهر نيڪالي ڏني وئي
هجي ته جئن بي سرو سامان، خطرناڪ پهاڙن ۽ جهنگل ۾
موت جو انتظار ڪن!“
|