سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 4/ 1967ع

مضمون

صفحو :1

مهراڻ 4/ 1967ع

غلام محمد گرامي

عيدالفطر جو پيغام

جناب مخدوم محمد زمان ”طالب المولا“ ايم. اين. اي.

چيئرمن، سنڌي ادبي بورڊ (سنڌ)

هن عيدالفطر جي سعيد ۽ مبارڪ موقعي تي، جن دوستن ۽ معتقدن، عالمن ۽ شاعرن، قومي خدمتگارن ۽ ادب دوست بزرگن، اسان کي دلي محبت ۽ دعائن سان ياد فرمايو آهي، ان کان اسان کي نهايت دلي مسرّت حاصل ٿي آهي.

هي سعيد موقعو، اسلامي تعليم ۽ ان جي نصب العين ڏانهن، عمل ۽ فڪر جي دعوت آهي، جو رمضان شريف جي روح پرور ۽ ايمان افروز تربيت جي تڪميل تي اچي ٿو.

اسان جي دعا آهي ته شال رب ڪريم، اسان کي اسلام سان عملي وابستگي نصيب ڪري ۽ ملڪ ۽ ملت جي مخلصانه خدمت جو موقعو نصيب ٿئي.

ان سلسلي ۾، سنڌي ادب ۽ فن سان وابسته اديبن ۽ شاعرن جي عملي خدمتن ۽ مخلصانه ڪوششن تي پڻ دلي مسرت حاصل ٿي آهي.

اسان، کين پنهنجي طرفان، سندن خدمتن ۽ علمي جدوجهد تي خوشيءَ جي اظهار ڪندي، پنهنجي عملي تعاون ۽ مخلصانه تعلقات جو يقين ٿا ڏياريون.

ڄڪلهه سخت ضرورت آهي ته، سنڌي ادب ۽ فن، زبان ۽ شاعريءَ، تهذيب ۽ ثقافت جي حفاظت ۽ خدمت جي سلسلي ۾، عملي طرح سان ۽ باهمي تعاون سان ڪم ڪرڻ گهرجي.

اسان پنهنجي طرفان هن سعيد موقعي تي، پنهنجن دوستن ۽ معتقدن کي پڻ مبارڪ ڏيون ٿا، ۽ دعا ڪريون ٿا ته شال الله تعاليٰ سڀني کي نيڪ عمل جي توفيق عطا فرمائي. آمين.

چوڏهن سؤ سال جشن قرآن

عيدالفطر جو سعيد موقعو، رمضان جي برڪت ڀرئي ۽ ڀلاري مهيني جي پڄاڻيءَ تي اچي ٿو. اها ’عيد‘ اصل ۾، ’قرآن جي نزول‘ جي شرف ۽ تعظيم ۾ اچي ٿي، جنهن متعلق چيو ويو آهي: شَهر رَمَضانَ الذِي انزلَ فيِـﮧ اِلقرآن.

رمضان ۾ قرآن جو نزول ٿيو آهي، ان ڪري، رمضان جي روزن ۽ روحاني تربيت جو قرآن جي نصب العين سان عملي طرح واسطو ۽ رابطو آهي.

قرآن ڪريم جي انقلاب آفرين پيغام کي، انسانذات جي فڪري ۽ شعوري، ظاهري ۽ باطني، سماجي ۽ اخلاقي، روحاني ۽ نفساني معاشي ۽ معاشرتي اصلاح ۽ ارتقا لاءِ دستور حيات ڪري مقرر ڪيو ويو آهي.

ان سلسلي ۾، قرآن سڀني مذهبي ۽ ديني صداقتن ۽ حقيقتن، اصل الاصول ۽ تعليم جو نعم البدل، سڀني ڪتابن جي ترقي پذير حڪمت جو تصديق ڪندڙ، سڀني پيشوائن جي تعليم ۽ تربيت جو مّداح، سڀني صداقت شعار بزرگن جي تائيد ڪندڙ، هڪ انقلاب انگيز ۽ ولوله خيز دعوت جو آغاز ڪيو آهي.

قرآن، انسان کي ’ڪَرّمنا بنِي آدم‘ چئي، ڪائنات جي تسخير جو کيس ڪم سونپي، الله تعاليٰ جو نائب ۽ معاون ڪار قرار ڏنو آهي. کيس هن عظيم ڪار گاه_ حيات جي تڪميل جي سلسلي ۾، جدوجهد ڪرڻ لاءِ پيدا ڪيو ويو آهي. کيس ”علم، عقل ۽ فواد“ جي صلاحيتن سان نوازيو ويو آهي. علم ۽ تجربي، عقل ۽ مشاهدي جي روشنيءَ ۾ ڪائنات جي تسخير ۽ حيات جي تعمير لاءِ، جهاد ۽ جدوجهد ڪرڻ، سندس مقصد حيات ۽ نصب العين بنايو ويو آهي. ان طرح سان، انسان جي انفرادي ۽ اخلاقي وجود کي پڻ مستقل حيثيت بخشي ويئي آهي.

Text Box: 6

قرآن جي نظر ۾ فرد هڪ آفاقي ۽ ڪائناتي جوهر آهي، جو الله تعاليٰ جو نائب به آهي ۽ معاون ڪار به آهي، اها حيثيت ڪا گهٽ آهي!

ٿورن لفظن ۾ اگر ان حقيقت کي ورجائجي ته پوءِ هيئن سمجهڻ گهرجي ته زندگي، فرد جي جدوجهد ۽ ارتقا جو عمل آهي، ۽ انسان جي اعليٰ ۾ اعليٰ حيثيت، سندس انفرادي ۽ اخلاقي وجود آهي، جو گويا ڪائنات جو معمار ثاني آهي. چنانچه فرد ۾ جيتريقدر ڪائنات جي خالق جي تخليقي صفتن جو اثر ۽ فيض هوندو، اوترو هو خالق جي قريب به هوندو ۽ ڪائنات لاءِ مفيد به ٿيندو. غ. م. گ.

سنڌي ٻولي

”سنڌيءَ کي زنده رکڻ، انهيءَ ڪري ضروري آهي، جو حضرت شاهه لطيف جو ڪلام ’سنڌيءَ‘ ۾ آهي. شاهه جي ڪلام کي زنده رکڻ بيحد ضروري آهي. اسان وٽ شاهه جي ڪلام کانسواءِ ٻيو آهي ڇا؟ اهو اسان جو وڏي ۾ وڏو سرمايو آهي. سنڌي ٻوليءَ ۾ شاهه صاحب جي ڪلام کي اها حيثيت حاصل آهي، جيڪا عربي ٻوليءَ ۾ قرآن شريف کي حاصل آهي. اسان سنڌي ٻوليءَ کي ڇڏيو ته معنيٰ شاهه لطيف کي ڇڏي ڏنو سون، ۽ اها اسان جي سڀ کان وڏي بدقسمتي ٿيندي...

”...مون، جرمن ٻولي رڳو انڪري سکي، جئن جرمن ٻوليءَ جي عظيم ترين شاعر ’گوئٽي‘ کي سندس زبان ۾ پڙهي ۽ سمجهي سگهان. حالانڪ باقي سڀ علم، جيڪي جرمن ٻوليءَ ۾ آهن، سي انگريزي ۽ ٻين ڪيترين ٻولين ۾ به موجود آهن ۽ انهن لاءِ خاص طور تي جرمن ٻولي سکڻ جي ڪابه ضرورت ڪانه هئي....

”.... عربي زبان کي رڳو ان ڪري زنده رکڻ ضروري آهي، جو قرآن شريف ان ٻوليءَ ۾ نازل ٿيو. قرآن شريف جي ماهيت کي چڱيءَ طرح سمجهڻ ۽ پروڙڻ لاءِ عربي زبان جو سکڻ لازمي آهي. ڪنهن به ٻيءَ زبان ۾ ان جو ترجمو ايڏو اونهو، جامع ۽ مڪمل نٿو ٿي سگهي. ڪمال پاشا اتاترڪ، قرآن شريف جو ترڪي زبان ۾ ترجمو ڪرايو، پر هن ڪوشش ۾ سراسر ناڪام ويو. ڇا ڪاڻ جو ترڪي ٻوليءَ ۾ ماهيت ۽ گهَرائي ڪانهي، جيڪا قرآن شريف ۾ پنهنجي معراج تي آهي. انهيءَ ڪري، جهڙيءَ طرح قرآن شريف لاءِ عربي ٻوليءَ کي زنده رکڻ ضروري آهي، بلڪل اهڙيءَ طرح شاهه صاحب جي ڪلام لاءِ سنڌي ٻوليءَ کي زنده رکڻ ضروري آهي...

Text Box: 7

”’سنڌي زبان‘ هڪ موسيقيءَ واري Musical Language) زبان آهي ، ۽ موسيقي، سنڌي ٻوليءَ جي سڀ کان وڏي خصوصيت ۽ خوبي آهي. انگريزي ٻولي، انهيءَ خصوصيت کان محروم آهي. انهيءَ ڪري انگريزيءَ جي سڀ کان وڏي شاعر، شيڪسپيئر، جي چند شعرن کي ڳائي نٿو سگهجي_ جڏهن ته شاهه عبداللطيف ڀٽائي صاحب جي ڪلام جي سِٽ سِٽ کي ڳائي ٿو سگهجي.

سنڌي، سائنسي زبان ناهي، سنڌي فلسفي جي زبان ناهي: سنڌي صرف موسيقيءَ جي زبان آهي.

”ٻوليون چند سالن ۾ نه، پر هزارن سالن ۾ ٺهنديون آهن، ۽ انهن جو بنياد، موسيقيءَ جي بنياد تي هوندو آهي: گرامر پوءِ ٺهي ٿو، ٻولي پهريائين ٺهي ٿي. گرامر رڳو هڪ ٻه صديون اڳ جي پيداوار آهي. ان کان اڳ، زبان جي ترقي ۽ نشوونما، موسيقيءَ جي بنيادن تي ٿيندي رهندي آهي. اهي ٻوليون ائين گهَڙيون وينديون هيون جيئن ڳالهائڻ ۾ وڻندڙ ۽ موسيقيءَ جي سُرن سان هم آهنگ محسوس ٿين. انگريزي ٻولي انهيءَ ڪري موسيقيءَ جي خصوصيت کان محروم رهجي ويئي آهي، جو هزارين سال اڳ، جڏهن موجوده انگريزن جا ابا ڏاڏا، جرمنيءَ مان لڏي انگلنڊ ۾ اچي رهيا تڏهن انهن پنهنجي ٻوليءَ کي بگاڙي ڇڏيو ۽ کيس جرمن ٻوليءَ وانگر سُر_ تال تي اُڀرڻ نه ڏنائون.“

                                علامه آءِ. آءِ. قاضي

[روزانه ”عبرت“ جي نمائندي کي انٽرويو_ ٢٢_آڪٽوبر، ١٩٦٧ع]

”افسوس، اڍائي هزار ورهيه گذري ويا آهن ته سنڌ جي تاريخ ۽ علم ادب تي ڪوبه توجهه ڪونه ڏنو ويو آهي. موجود وقت ۾ ڪي قدر ڪوشش انهيءَ باري ۾ ورتي ويئي آهي، پر اڃا تائين ڪو اهڙو معقول نتيجو ڪونه نڪتو آهي، ۽ ڪنهن به پوري روشني نه وڌي آهي. سنڌ جي تاريخ ۽ علمي خزانو هڪ پُوريل دفتر ٿي رهندا، جيڪڏهن هر ڪو فرد ان جي کوجنا ڪرڻ ۾ بهرو نه وٺندو. سنڌ ملڪ کي هڪ عالِيشان تاريخ ۽ علمي خزانو آهي، جو اسان جي اڻڄاڻائيءَ ۽ وڏن جي لاغرضائيءَ کان ناس ٿي ويو آهي، ۽ جي هينئر به اسين پنهنجون اکيون بيپرواهيءَ ۽ نيمخوابيءَ کان نه کولينداسون، ته انهيءَ تاريخ جا رَهيل کُهيَل آثار به آهستي آهستي ناپيد ٿي ويندا.“   

                                        _علامه دائود پوٽو

گذارش

 

ريڊيو پاڪستان ۽ سنڌي زبان

ريڊيو پاڪستان پنهنجي قيام کان وٺي، اڄ تائين جا علمي، ادبي، تهذيبي ۽ ثقافتي خدمت انجام ڏني آهي، اها هڪ زندهه ۽ شاندار قوم جي ولوله انگيز ۽ صحتمند جذبات لاءِ هڪ حد تائين قابل قدر چئي سگهجي ٿي. ڪنهن ٿي ڄاتو ته هڪ نوزائيده ملڪ، جنهن جي قيام ۽ بقا متعلق پنهنجن ۽ پراون جي واتان عجيب قياس آرايون ٻڌڻ ۾ پئي آيون، سو پنهنجي ٿوري دؤر ۾، زندگيءَ جي مختلف مسئلن کي حل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندو ۽ معاشي ۽ ملڪي استحڪام جي سلسلي ۾، بين الاقوامي ساک ۽ شهرت حاصل ڪري، دنيا جي زنده ۽ مهذب قومن ۾ اسان کي شمار ڪرائيندو.

ٻين مسئلن کي في الحال نظرانداز ڪري، رڳو ثقافتي حيثيت جو اگر جائزو ٿا وٺون ته پوءَ ان سلسلي ۾، ڪنهن به خاص حڪايت ۽ شڪايت جو موقعو نٿو ملي سگهي.

ڪراچي حيدرآباد، ڪوئيٽا، لاهور، راولپنڊي، پشاور ۽ ڊاڪا جي ريڊيو اسٽيشنن، اڄ تائين پنهنجي حال ۽ بساط آهر جا خدمت ڪئي آهي، اها قدر جي لائق آهي.

جيستائين ريڊيو پروگرام جي افاديت ۽ اهميت جو تعلق آهي، ان متعلق ايترو چوڻ لازمي امر ٿيندو ته جتي ريڊيو محض تفريح ۽ وندر جا اسباب پيدا ٿو ڪري، اتي هڪ عظيم قوم جي فڪر ۽ نظر، تهذيب ۽ معاشرت جي ترجمانيءَ جا فرائض به مٿس عائد ٿين ٿا. ان طرح هن ملڪ جي ’عظيم ثقافت‘ کان ٻاهرين ملڪن کي واقف ڪرڻ جو ذميدارانه فرض به مٿس آهي، جنهن ثقافت ۾ سنڌي، بلوچي، پنجابي ۽ پشتو ادب ۽ فن اچي وڃن ٿا.

هن ملڪ جي تهذيب ۽ ثقافت جي سلسلي ۾ اهو امر واضح آهي ته هت چند علاقائي ٻوليون آهن. مثلاً پنجابي، سنڌي، پشتو، سرائڪي، گجراتي، بلوچي وغيره. ان طرح سنڌي، پنجابي، بلوچي، پٺاڻ قومون آباد آهن، جن جي تهذيب ۽ ثقافت، ادب ۽ زبان تي پاڪستان کي فخر حاصل آهي.

هر هڪ قوم جي پنهنجي پنهنجي تاريخ ۽ تهذيب آهي، تمدن ۽ معاشرت آهي، ادب ۽ فن آهي راڳ ۽ لوڪ ناچ آهي. پاڪستان ۾ هرهڪ علاقائي ٻوليءَ ۽ ان جي ادب ۽ ثقافت جي حفاظت ۽ اشاعت لاءِ مختلف ذريعا ۽ ادارا موجود آهن، جن مان ”ريڊيو“ پڻ هڪ اهم اداري جي حيثيت رکي ٿو، جنهن جي نشريات تي، هر هڪ ٻوليءَ ۽ ان جي قومي ثقافت جو، حصي ۽ اهميت آهر حق آهي.

ان اهميت کي اڳيان رکي، هن طرح ريڊيو اسٽيشنون قائم ٿيون آهن:

ڪراچي_ ڪراچي هڪ بين الاقوامي مرڪز آهي ۽ ان جي اهميت ۽ خصوصيت، سابق دارالسلطنت جي حيثيت سان به اهم آهي ۽ ان ۾ سڀ قومون رهن ٿيون. ان ڪري ان ۾ اسٽيشن جو هجڻ لازمي هو.

ڪوئيٽا_ بلوچي ٻوليءَ ۽ بلوچي آباديءَ لاءِ هڪ مخصوص مرڪز طور، اتي به ريڊيو اسٽيشن جو هجڻ ضروري هو.

پشاور_ پشتو ٻوليءَ ۽ پٺاڻ قوم ۽ قبائلي ايراضيءَ تائين پنهنجي آواز رسائڻ لاءِ ان کي علحده اسٽيشن جو ملڻ مناسب هو.

لاهور_ ڪراچيءَ وانگر ان جي مرڪز ۽ حيثيت جي تقاضا تسليم ڪرڻ جهڙي آهي.

راولپنڊي_ ملڪ جي مرڪز هجڻ جي سلسلي ۾ ان جو حق مقدم آهي.

ڊاڪا_ بنگله ۽ پڇمي پاڪستان لاءِ لازمي آهي.

حيدرآباد_ سنڌي ٻوليءَ ۽ سنڌي آباديءَ لاءِ علحده اسٽيشن جو هجڻ مناسب هو. ان کان پوءِ، آباديءَ جي لحاظ سان، مغربي پاڪستان جي ٻولين جو حساب ڪتاب هن طرح ٿو بيهي:

پنڊي ۽ لاهور اسٽيشن تان پنجابي ٻوليءَ ۽ ادب جا ٻڌندڙ: ٥٨٦،٨٦،٦١،٢ (اڍائي ڪروڙ).

حيدرآباد اسٽيشن تان سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جا ٻڌندڙ: ٩٩٦،٦٣،۴۹ (تقريباً پنجاهه لک).

پشاور اسٽيشن تان پشتو ٻوليءَ ۽ ادب جا ٻڌندڙ: ۸۵۶،۳۹،۳۳ (تقريباً چاليهه لک).

ڪوئيٽا اسٽيشن تان بلوچي ٻوليءَ ۽ ادب جا ٻڌندڙ: ۵۱۲،۸۲،۹ (تقريباً ڏهه لک).

ان حساب سان، لاهور راولپنڊي ۽ آزاد ڪشمير ايراضي لاءِ ٽي اسٽيشنون ٿيون، ۽ ڏهه لک بلوچ آبادي لاءِ هڪ ۽ چاليهه لک پشتو آباديءَ لاءِ به هڪ. انهن جي مقابلي ۾، پنجاهه لک سنڌي آباديءَ لاءِ به هڪ! بلوچ آبادي جي مقابلي ۾ سنڌي آباديءَ لاءِ پنج هجڻ گهرجن. لاهور ۽ پنڊي جي مقابلي ۾ سنڌي آباديءَ لاءِ ٻه ته ضرور هجڻ گهرجن.

Text Box: 16

Text Box: 15

ان طرح اردوءَ، جنهن کي قومي زبان هجڻ جو شرف حاصل آهي، ان جو حساب ڪتاب هن طرح آهي.

اردو، مغربي پاڪستان ۾ ۸۲۶،۸٧،٢٩ يعني اٽڪل ٽيهه لک آباديءَ تائين محدود آهي. ان هوندي به قومي زبان جي هئڻ ڪري، ڪراچيءَ ۽ پاڪستان جون سموريون اسٽيشنون، سڀني علاقائي زبانن تي کيس وڌيڪ وقت ڏين ٿيون.

سوال هي آهي ته حيدرآباد جي اسٽيشن، جا ۱۹۶۱ع جي آدمشماريءَ موجب پنجاهه لک آباديءَ واري حساب ۾ آئي آهي، جا آبادي اڄ ڪم از ڪم پنجهٺ لکن تائين پهتل آهي، ۽ ان سان گڏ، حيدرآباد اسٽيشن جو آواز هڪ طرف ڪڇ، گجرات، بمبئي ۽ احمدآباد، بڙودي ۽ پوني تائين پهچي رهيو آهي ته ٻئي طرف جوڌپور ۽ جيسلمير جي ڏورانهن هنڌن تائين ٻڌو وڃي ٿو، ۽ ٽئين طرف بلوچستان ۽ مڪران تائين وڃي ٿو، يعني پاڪستان کان ٻاهر، ڪروڙن سنڌي ڄاڻندڙن گجراتي، مرهٽا، جوڌپوري ۽ مارواڙي، بلوچي، براهوئي آباديءَ تائين، ”حيدرآباد جو آواز“ وڃي رهيو آهي.

ان حساب سان، حيدرآباد جي اسٽيشن، سنڌ جي پنجاهه لکن کان علاوه، بلوچستان، مڪران ۽ هند جي ڪروڙن ميلن تائين پنهنجو آواز پهچائي ٿي.

ٻيو ته پنجابي حلقي کان سواءِ، مغربي پاڪستان ۾، پشتو، بلوچي، سرائڪي، گجراتي، مرهٽي، حلقن کان ته ٺهيو، بلڪ اردو حلقي کان به سندس حلقهء آبادي جو سلسلو وسيع آهي. اردوءَ ۽ سنڌيءَ جي ٻڌندڙن ۾ خود مغربي پاڪستان اندر ٽيهن ۽ پنجٽيهن لکن جو فرق آهي، يعني سنڌي حلقي ۾ اردوءَ جي ٽيهن لکن جي مقابلي ۾ پنجهٺ لک آبادي آهي، بلوچستان ايراضي ملائجي ته ڪروڙن تائين حساب بيهندو.

ٽيون ته، حيدرآباد ريڊيو جي وسيع اثرات جو تعلق، ڀارت جي انهن علائقن سان قريب آهي، جي اسان جي سرحد تي آهن. اها سرحدي پاڙيسري قوم، پراڻين سنڌين، ڪڇين ۽ گجراتين سميت ٻن ڪروڙن کن تائين پهچي ٿي، جن تائين اسان جي نشريات جو پهچڻ هڪ اهم قومي مسئلو آهي.

ائين چوڻ ۾ ڪوبه وڌاءُ نه آهي ته ۱۹۶۵ع جي پاڪ_ ڀارت جنگ ۾، جتي اسان جي سرفروش سپاهه ڪم ڪيو آهي، اتي اسان جي ريڊيو به لڙائي لڙي آهي. ان ۾ حيدرآباد جي آواز کي هڪ امتيازي شهرت حاصل آهي، ڇالاءِ ته سندس آواز، ڪڇ، گجرات، بمبئي، بڙودي، احمدآباد، پوني، جيسلمير، جوڌپور ۽ مارواڙ تائين هوا جي ڪلهن تي، فوج ڪشي به ڪئي آهي ۽ جارحانه حملن جو دفاع به ڪيو آهي_ ايتريقدر جو ڀارتي فنڪارن ’حيدرآبادي آواز‘ جي نقل ڪرڻ جي به ڪوشش ڪئي، جيئن هو هتي جي آباديءَ تائين اثرائتو آواز پهچائي سگهن، پر اهو انهن کان نه ٿي سگهيو.

انهن حالتن هوندي به، حيدرآباد جي اسٽيشن کي قوت ۽ ڪارڪردگيءَ، عملي ۽ انتظام ضرورت ۽ افاديت جي حيثيت سان، اڃا ڪابه حوصله افزائي نصيب نه ٿي آهي. نه ڪو اڃا خيرپور ميرس يا سکر ۾ وڌيڪ اسٽيشن کولڻ جي افاديت تي عملي طرح سان ڪم ڪرڻ لاءِ سوچ ويچار ڪيو ويو آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com