”عارف المولا“
وڏا وڻ وڻڪار جا، جت نيلا سُجهن نانگ،
عارف الموليٰ، عشق جي، اُت ٻانڀڻ ٻڌي ٻانگ،
سسئي سان سيد چئي، سورن ڪيا سانگ،
مِرون مائٽ منڌ جا، ڪانڌي ٿيس ڪانگ،
اُت لعل ورائي لانگ، رهبر رسج راهه ۾!
وڏا وڻ وڻڪار جا، جت ڪاريهر ڪروڙ،
وِهه آ جن جي واڇن ۾، سي کَپُر گڊا کوڙ،
ڪيهر چيتا ڪيترا، گينڊن جي گِروڙ،
بگهڙ باندر ڀواڙا، سسئي سان ڪن سوڙ،
واسينگن واڪا ڪيا، اچن اُرّ اروڙ،
هيڪليءَ تي حَبّ ۾، ڊاڪن ڪئي ڊوڙ،
اتي مرسل ٻڌي موڙ، رهبر رسج راهه ۾!
وڏا وڻ وڻڪار جا، جت واٽن لکين وَرَ،
بگهڙ باگهاڙا ڪيو، وڪوڙين وَلر،
گُڙيو اُٿن گجگاهه مان، ڪِنجهڪاريو ڪيهر،
ارڙ بلائون اوچتيون، ڪڍيو اچن ڪَر،
ڪاهيو ڪامڻ تي اچن، ڪستان ڪاريهر،
جهولن جَهلسيو جان کي، ڄيراٽي ٿي ڄرَ،
اُتي اُڃايل جي اچي، ورنهه ٿي واهر،
سيد ڄام سڌر، رهبر رسج راهه ۾!
وڏا وڻ وڻڪار جا، جت سمر کنيم نه ساڻ،
پائي آيس پاند ۾، لُڙڪن سندو لاڻ،
عيبن ڀري آهيان، تون ساٿ ڌڻي سرواڻ،
پنهون، سڃاڻي پاڻ، رهبر رسج راهه ۾!
وڏا وڻ وڻڪار جا، جت ڀيڙو ناهي ڀاءُ،
پيءُ پڇاڻي ڪين ڪي، مور نه اوڏي ماءُ،
پنهنجن پراون جو، ڪونهي سُڌ سماءُ،
رڻ تتو رائو ٿيو، ڏونگر جو ڏهڪاءُ،
جتي تپش تاءُ، اتي رهبر رسج راهه ۾!
وڏا وڻ وڻڪار جا، جت جانب ٿيا جدا،
سسئي اُتي سڃ ۾، هنئين صاف صدا،
ته واهر ولهيءَ جي ڪيو، اچي خاوند لڳ خدا،
او عالم جا اَجها، اچي رهبر رسج راهه ۾!
”محسن“ ڪڪڙائي
وَڌو سوزُ سرير ۾، ڏاتر ڪري ڏَتُ!
ساڃهه منهنجو سَتُ، چُوسي ويٺي چاهه مان!
موڳن کي ميراڻ جو، ڇڏي ڪين ڇُرو،
ساڃهه ٿي سُرو، کائي ويٺي کوٽ کي!
ڪنهن کي مليو ڪيترو، ڏاتر! تُنهنجو ڏانُ،
آدم ۽ انسانُ، آهي ساڳو سور ۾!
اچي ذات ڪُذات، اَڙِي آ انسان ۾،
سمجهي سگهيا ڪين ڪي، ڀورا ڪنهنجي باتِ،
ڏاتر! تُنهنجي ڏات، ڏکي آهي ڏيهه ۾!
ڇُري جهلي ڇيڳرو، ڪاهل کائي ڪَپُ،
ساڃهه بنجي سَپُ، ٿي ڏَنگي ساري ڏيهه کي!
تيرن مٿان تيرَ، لڳا نازڪ نينهن جا،
مِهڻن من موڳو ڪيو، قربن هنيا ڪِيرَ،
ساڃهه وِڌيِ سُور، لُڇي لُڇان ڪيترو!
دانائيءَ کان دُور، آهي پنڌ پريت جو،
ساڃهه وڏو سوُر، سمجهي ڪو سياڻو ٿئي!
شمر يا شيطانُ، خالي نعرو کوکلو،
اصل کان ارڏو هيو، ڏاتر تُنهنجو ڏانُ،
امن سان انسانُ، ڪڏهن رهندو ڪين ڪي!
ڪنهنجي ماٺِ ميار، ڪنهنجي ڳالهه ڳراٽڙي،
الا! هي اسرار، آيا ڪيئن انسان ۾!
الاڙي! افسوس، آدم جي اوصاف ۾:
ڪٿان آيو ڪوسُ، ڏَسيندو ڪو ڏيهه مان!؟
دوها
”ذوالفقار“ راشدي
ڄاڻو، مان اڻڄان، اڪيلو منهنجو ميلو ناهي هيءُ،
ماڻهو جي ميڙاڪي اندر هيڪل، ماندو، ساڻو جيءُ
ماڻهو، مون لئه ڌاريو آهي، ماڻهن جو هيڏو انبوهه،
ڪيني ۾ ڪاراٽيل اندر، سيني ۾ سانڍ يندڙ ڊوهه.
مون لئه آهي پرائي، پيارا، هيءَ ڌرتي، هيءَ جُوءِ،
جنهن ۾ سر کنڊ جهڙيءَ دل جي ملي نه هر گز بوءِ.
ڀائو، هن ڌرتيءَ تي ڪينهي ڪنهن دودي جو داد،
چوڌاري ڪن چاڳ چنيسر، چوڌاري بغداد.
ساڙي ويندي ساهه، سياڻا، هيءَ ساوڻ جي لُڪ،
چئني پاسي رڃ اندر جي، نه ملي نه پاڻي ٻُڪ.
هيءُ نٽهڻ جي نفسانفسي، ناهه ٿڌي هت ڇانو،
ميڻ جيان ڳرندائي ويندا، ماروئڙن جا هانوَ.
منجهند ۾ سمجهائي سياڻپ، پير نه اڳتي کڻ،
ليڪن سامهون آءُ ڏسان ٿو وارياسي ۾ وڻ.
ڇا لئه ڌرتي پڙلئه ساري، گُم سُم سڌ سماءُ؟
چهه ٻهه ۽ چؤٻول تي آندو ڪهڙي ديَو دٻاءُ؟
ڏاڍي جي دلبي تي کائن ڪانئر ويٺا جڃ،
سورهه کي پرماءُ نه بخش سوريءَ کان اڳ ٿڃ.
جيسين مٽيءَ جي بوتي ۾ خوشبو جهوٽو ايندو،
تيسين اوسيئڙي ۾ اڙجي روح به گهُٽجي ويندو.
اونداهيءَ جو مڙهه ڪلهي تي ازلئون ڍويو مون،
بن ڪمائي چانڊوڪين کي، چنڊ کڻي وئين تون.
ڪافيون
”عارف المولا“
اسان عشق آفت کنيو سر سَهائي،
ڀلي ڪو اسان کي ڏسي آزمائي!
ڏني عشق آزار، غم جي امانت،
خوشيءَ سان کنئي سين مٿي تي ملامت؛
هي ناتو آ نازڪ، ڪو نيهي نڀائي!
نچِي نازنين سان اسان نينهن لاتو،
ڏنو سون لکي ساهه سر جو ته کاتو:
هلون تيئن ٿا جيئن ٿو ته حاڪم هلائي!
ازل کان اُڃايل اکيون عشق واريون،
کنيو نيڻ راهون سڄڻ جون نهاريون؛
ويو گهُور سان يار گهائل بنائي!
بنا عشق آهي حياتي اجائي،
هي سڀ مالُ دولت آ يارو پرائي؛
هتان ڪئين ويا وِيرَ وارا وڄائي!
حُسينڻ تي هو عشق اظهار آيو،
نسنگ نينهن نراوار هو جنهن نڀايو:
بنا برهه جي ڪير ڪوُنڌر ڪُهائي!
ڪيو عشق ’منصور‘ کي دار ڀيڙو،
لڳو نينهن ’سرمد‘ کي ازحد اويڙو؛
ويو ’شمس تبريز‘ ڪيئن کَل کَلائي!
ٿي ’موليٰ‘ جو ”عارف“ ته عرفان ماڻين،
سهي صورتِ حق اي سالڪ سڃاڻين:
پرين پاڻ ۾ پَس دوئيءَ کي مِٽائي!
ڊاڪٽر اسدالله شاهه ”بيخود“ حسيني
وکر وِ هائي نڪتا، ماءُ! مٺيءَ کي ماري،
مون کي وساري ويٺا، سال سوين ٿيم ساري!
روڪيم روئي تن کي، ڳرهه لڳي ڪيم دانهون؛
پاند ڳچيءَ ۾ پائي، ٻيئي ٻڌيون مون ٻانهون؛
ويل نه ويٺا هڪڙي، کيپ کڻي ويا کاري!
ائون ته اٻالي آهيان، چيڙه ڇتن ۾ پيڙو؛
ڪپڙا ڪهڙا پايان، هوش حسن سڀ ويڙو؛
هاءِ! وڇوڙي ويڙا، باهه برهه جي ٻاري!
موٽي مندن تي آيا، وڻجارا پنهنجي وطن،
محب نه منهنجا موٽيا، تانگهه ڏني آ تڙن؛
سرتيون! سيارا آيا، پاهه ڪيس آءُ پاري!
مون کان مِٺو ٿيو تن کي، سودو سير ۽ سفر،
ڀيٽي ڀيٽي ٿڪيس، ”بيخود“ روز بندر؛
واڳ انهن جي والي، شال وطن تي واري!
حافظ ”احسن“ چنا
تنهنجون ڳڻن ڀريون سڀ ڳالهيون، الا_ ڳوٺ ڳليءَ ۾
ڳايان ڳايان!
ڪڏهن نهارين ڪڏهن ڌڪارين،
جي ٿو نهارين جيءَ کي جيارين،
چُست تنهنجو هيءَ چاليون، الا_
ڪنهن کي سڻايان ڪنهن کي سڻايان!
نيبهه ناهي جاني جواني،
ناز ڪري ڪرين دلڙي ديواني،
هيءَ ديدن جون دوناليون، الا_
سيني ۾ مان پنهنجي ئي سمايان!
دلڙي ڪري ٿي درد مان دانهون،
ڪير ٻڌي ٻيو تو ريءَ آهون،
آهن آب ۾ اکيون آليون، الا_
نيڻن مان پيو نير وَهايان!
چشمن تنهنجن چيٽڪ لايا،
گهُورن سان تو ڪيئي گهايا،
تنهنجون پنبڻيون نوڪون نراليون، الا_
تير تفنگ ۽ ڀالا ڀانيان!
”احسن“ کي تنهنجو عشق الستي،
محبت جي آهي من ۾ مستي،
پيارِ يُئِي پرت سنديون ڪي پياليون، الا_
تو تان گهوري سرڙو گهمايان!
ا . ح . جئسنگاڻي ”سام“
دلڙي بڻايم ٿاڪُ ٿرن جو، سانگي رهن جت منهنجا
سوامي،
من منهنجي ۾ واس برن جو، مارو وَسن جت مست مدامي!
ڪِرڙ، ڪنڊيريون، ڦوڳ ڦلن ٿا، گگلڻ ۽ گولاڙا کلن
ٿا،
ٽارين ۾ اڄ ٽنور ٽِلن ٿا، مون وٽ آهه بهار مدامي!
ڳايون مراد جون ٿَم ڇيڙيون، ڪَڪِڙيون، بگڙيون ۽
ٽِڪڙيليون،
ٻولاهيون سڀ ڀاڳ ڀليريون، تن جي لهي لک گام گرامي!
وڃن ٿا من منهنجي مان قطاريون، آسون پاسون سايون
متاريون،
ورهه وليون مون جن کي چاريون، ڌڻ سڪ ۽ غمڙن جا
دوامي!
ياد جي دل ۾ دونهِي دکايم، راتيان ڏينهان پاڻ
پچايم،
قرب جو هڪ ئي ڪسب ڪمايم، عمر ورهه ۾ ويئي وهامي!
روح کڻي ويو آرو تَنَ تان، دوُر رهي سو ڪيئن ٿو
انهن کان،
لائون ازل کان لڌئينِ جن سان، وڃي ٿو وَرَ وَرَ
وطن اُڏامي!
ٻيو نه سُجهي ڪو وس وسيلو، ”سام“ نه سڪ بن ڄاڻي
حيلو،
محبن سان ڪج مالڪ ميلو، دل من جن سان آهي انجامي!
”محسن“ ڪڪڙائي
وو، نٿو دل تان لهين، ڪودَمُ ڙي سڄڻ!
مون کي تنهنجي سِر جو قَسمُ ڙي سڄڻ!
وو، نٿو دل تان لهين....
رب ڄاڻي نه ڪا ٻي تات اٿم،
تنهنجي مِٺڙي وائي وات اٿم،
جهڙو ڏينهن اٿم، تهڙي رات اُٿم:
رڳو آهي اِهوئي ڪَمُ ڙي سڄڻ!
وو، نٿو دل تان لهين....
جڏهن ايندين اڱڻ ۽ مِلندين کِلِي،
تڏهن تو ساڻ اوريندس درد دِلِي،
ٿينديون اکيون ٿَڌيون توسان محب مِلِي:
غم ڪوبه نه رهندو غَمُ ڙي سڄڻ!
وو، نٿو دل تان لهين....
پنهنجي ”محسن“ کي نِتُ ياد هجين،
رب سائين ڪري آباد هجين،
ڏک ڪونه ڏسين، شل شاد هجين:
تُنهنجي ياد ۾ نڪري دَمُ ڙي سڄڻ:
وو، نٿو دل تان لهين....
”خادم“ سروري
هي اکڙيون پيون ٿڪجي نهاري نهاري،
سڄي رات گذري سڄڻ توکي ساري!
وڃڻ ڪاڻ وئين تون وري نائين جاني، مناسب نه اٿئي
پر دنيا آهه فاني
ڪيل قول پنهنجا ڇو ويٺين وساري!
نظر ۾ اي نرمل رڳو توئين آهين، مان تنهنجوئي آهيان
تون ڀائين نه ڀائين،
اتي بيٺو آهيان جتي وئين وهاري!
وٿي وار ناهي ورهه پيو ولوڙي، اسان جو ته انگ انگ
ڇڏيائين اکوڙي،
پرين! نينهن جو شينهن ماري يا کاري!
نه خطڙو لکيو تو نه قاصد ڪو آيو، خبر ناهه تنهنجي
ڇا آ روح رايو،
نه مٺڙا ملين ٿو نٿو موت ماري!
پکي جي اڏامي هي پڃري مان ويندو، پو ڏک توکي ڏاڍو
سڄڻ منهنجو ٿيندو،
تون ٻڌندين ته ”خادم“ ويو تنهنجو گذاري!
”انور“ هالائي
نينهن ڪَيَس نادان،
هوش عقل سڀ ورهه وڃايو!
راتيون جاڳي صبح ڪيا مون،سکڙا ڪري قربان!
روئي اکين آ رت وهايو!
دردن ماندي دلڙي ڪئي آ، سُورن جو سامان،
مون کي ڏنو تو محب سوايو!
داغ هجر جا دل کي جهورن، لٽجي ويا ارمان،
پيار ۾ تحفو هي مون پرايو!
مارنه پياسو، پيار ۾ مون کي، ڏي تون ڀري پيمان،
”انور“ آهي اصلون اڃايو!
”جليل “ سروري
سهڻل سائين توکي ساريان ٿي،
هنجون روز هجر ۾ هاريان ٿي!
ڪري قرب ڪوهيارل وڃ تون ملي،
حجت هوت اوهان سان ڪانه هلي،
ويٺي واٽون اوهان جون نهاريان ٿي!
ڪرم ڪريو ڪو ڪرم ڪُٺيءَ تي،
وارث واريو واڳ وِلهيءَ ڏي،
هت اوکو گهڻو مان گهاريان ٿي!
دوست دلاسا ڏيندو ڏُکي کي،
هجر فراق جي ماري مُٺي کي،
دل کي ڌُتاريو ڌُتاريان ٿي!
يار ”جليل“ آهيان خريد بندي،
پنهنجي ڪري نه ڪري مرضي يار سندي،
قول ڪيل پنهنجا پاريان ٿي!
احمد خان ”آصف“ مصرائي
مٺا مهر ڪر، وڃ نه مُنهن مون کان موڙي،
ڇڏيو برهه تُنهنجي ڀڃي ۽ ڀروڙي!
جئين سَرهن سان ٿو ڪري ڪار گهاڻو،
وڃي پيڙجي ٿو صفا داڻو داڻو،
تئين عشق تنهنجو ٿو مون کي مَروڙي!
سڙيو سوز ۾ ساهه سَت رَت بدن جو،
لڳي لئن لٿو لحم سارو لڱن جو،
جئين اوڏ آلي مٽيءَ کي اروڙي!
چري چاهه دل ڪئي نه مَت سا مڃي ٿي،
جهلئي ڪين جهلجي هٿن مان وڃي ٿي،
نٻل نينهن ڪيڙو نپوڙي نهوڙي!
عجين سان هر گز نه چالي چلي ٿي،
نه ڪا عقل جي هوڏ حجت هلي ٿي،
جڏهن عشق ’آصف‘ اچي خيما کوڙي! |