سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 4/ 1967ع

مضمون:

صفحو :6

”پروانو“ ڀٽي

روايت کان بغاوت

وقت کي زنجير پيرن ۾ وجهو،

شاهراهِ عام تان گِهلي هلو؛

ڀل خدا جي خلق کي حيرت لڳي،

دوستو، وارو ڪريو، ڇا ٿا ڏسو!

 

وقت جيڪو آ شـﮧ بي تخت وتاج:

وقت چئي ٿو پاڻ کي منصف مزاج،

جنهن اڳيان گوڏا جُهڪن سڀني سندا،

جيڪو حاصل ٿو ڪري سڀ کان خراج!

 

وقت، جيڪو ٽانءِ ۾ ڀريو هلي،

وقت، جيڪو ڪين اوسيڙو ڪري:

ڪير آيو ۽ ويو ڪهڙو امير،

پر نٿو چهري سندس تي گهُنج پوي!

ها، اهوئي وقت پيو بدلي مزاج،

ها، اهوئي وقت پيو ٽوڙي رواج!

هڪ بکايل پيٽ کي پٿر ٻڌي،

هو پريان ڏس ڪيئن نه پيو محنت ڪري:

 

وقت جي بي ڌيان واري ڳالهه ۾،

صرف مانيءَ ڀور خاطر پيو ڳهي!

هو پريان ڏس ڪوئي شاعر پيو لکي،

گيت يا پنهنجي وطن لئه شاهڪار:

 

پر انهيءَ سان وقت جو انصاف ڏس،

گيت قيدي، فن تي آهي گيرو دار!

وقت کي ڇو ٿو چوين منصف، سڄڻ،

هن کان وڌ مجرم نه ٿيو ٿيندو، مٺا!

 

هي گهڻن جي بيڪسيءَ تي آ کليو،

هن سوين جذبا اڳيان مرندي ڏٺا!

دوستو، انصاف هن جي کي ڇڏيو،

اڄ روايت سان بغاوت ڪا ڪريو!

”ذوالفقار“ راشدي

شايد

ڪين تڙين ها، او مالهي، هڪ عرصي کان پوءِ بلبل آئي،

شايدگل کي ڀاڪِي پائي، روئي ڇاتيءَ لائي ها؛

 

شايد وڇڙيل روح ملي ڪو ڳُوڙهو پُور پچائي ها؛

ڦَٽَ فراق جا ڌوئندي ڌوئندي، سوز ڀريو سُر ڳائي ها؛

دهرائي ها گذريل گهڙيون، رات چانڊوڪي، مُرڪي مُرڪي،

سونهن زماني جي او ساٿي، ڪو وسريل گيت سڻائي ها؛

ڪوئي ڪنهن سان لڪڇپ کيڏي، ڪنهن جو جيءُ چورائي ها؛

چوريءَ چوريءَ ڪوئي ڪنهن جو چنچل من پرڀائي ها؛

تون هن کي مهلت ڏين ها، سوچڻ لئه ڪجهه فرصت ڏين ها:

شايد هوءَ ڪجهه پنهنجي ڪَئيءَ تي دل کولي پڇتائي ها!

حافظ ”احسن“ چنا

ڳوٺ

آههِ دلڪش دلپسند نرمل نظارو ڳوٺ جو

سادِڙو سهڻو نمونو ئي نيارو ڳوٺ جو.

سوڙهه، تنگي ناهه جاين جي، کليل ايوان سڀ

قرب و الفت پيار ايڪو زيب وارو ڳوٺ جو.

کير ڏڌ کاڌو مکڻ، وڻندڙ هوا پاڻي به صاف

ٿئي خدا جي فضل سان ٿو خوش گذارو ڳوٺ جو.

مرد، زالون ۽ وڏا ننڍا سڀئي ڪم ڪار ۾

بخت جو ڀي چمڪندڙ آهي ستارو ڳوٺ جو.

جِت هوائون ٿيون گهُلن وڻندڙ ۽ فرحت بخش ڀي

ڇانو گهاٽيءَ ۾ بهار افزا اونهارو ڳوٺ جو.

ٿئي سَرءَ چيٽ جي پوکن جو پوکڻ جو ٿو چاهه

جَوَ مٽر، لوُسڻ چڻا ڍورن جو چارو ڳوٺ جو.

سخت سرديءَ ۾ وري گهر گهر ۾ باهيون مچ ٻرن

ٿو بنا تڪليف جي گذري سيارو ڳوٺ جو.

ٿي سَرنهِن ڦولارجي وڻ ٽڻ سڀئي ساوا ٿين

ٿئي بهاري مند جنّت جو نظارو ڳوٺ جو.

ونئڻ ساريون ۽ جوئر ٻاجهر ڪمند تِر موٺ مڱ

هِيءَ ڪتي جو ڪوٺجي ٿو فصل سارو ڳوٺ جو.

ڪرڙ ڪنڊا ۽ ٻٻر ٻيريون نمون لاڻا ليون

قدرتي هي باغ  آهي خوب پيارو ڳوٺ جو.

نارَ هُرلا، هَر ۽ رونبا، گُڏ ۽ لابارا ۽ گاهه

ڪم کان وانداو ڪونه آهي ساهه وارو ڳوٺ جو.

نکمڻائي، روڳ سُستيءَ جو نه نالو ڪو نشان

ڇو نه ٿئي پوءِ هرڪو ڳوٺاڻو سگهارو ڳوٺ جو.

مرد زال ۽ ٻار ٻڍڙو تندرست ۽ پهلوان،

ٿيو سٻا جهو صاف هرڪو حُسن وارو ڳوٺ جو.

اَن اُپائن ڳوٺ وارا ٿا مگر کائن سڀئي

زر اُپائيندڙ ٻنيءَ جو هر ڪو ٻارو ڳوٺ جو.

ڳوٺ ۽ ڳوٺاڻا ’احسن‘ خوش هجن هر حال ۾

ٿي حڪومت ڀي ڪري هرڪو سڌارو ڳوٺ جو.

”محسن“ ڪڪڙائي

ذيِ روح گُڏيون

بي جانَ گُڏَنِ، بي روح گُڏِين جون ساهه ڀَريون هي ساهيڙيون،

جوڀن کان اڳي، جوڀن جي حدن ۾ پيرَ وجهڻ جا سانباها.

هي ڪنواريتن ۽ گهوٽيتن جون ڳالهيون ۽ ايجاب و قبول،

Text Box: 76

 

بي جان گُڏن، بي روح گُڏين جي ”هائو“ کان اڳ ۾ ”هاها“

 

 

۽ پاڻ به هڪڙي ڏينهن اُنهن بي جان گُڏَن_ گُڏِين وانگر،

پنهنجي ئي طرفدارن پيارن جي ”ها“ جي مٿان قربان ٿيون ٿين:

۽ پوءِ سموري عمر ائين بي جان گُڏن_ گُڏين وانگر،

چُپ چاپ ڏهاڙا گهاريندي، مِٺ ماٺ ۾ ويٺيون روز مَرن،

 

بي جان گُڏنَ، بي روح گُڏين جون ساهه ڀريون هي ساهيڙيون،

جوڀن کان اڳي، جوڀن جي حدن ۾ پيرَ وجهڻ جو سانباهو.

فطرت جي تقاضا جو مظهر، هڪ راند ۽ هڪ احساسِ لطيف،

معصوم دلين جو شغل اِهو، ۽ جنهن کي چوان جيڪر ڦاهو.

بي جان گُڏن، بي روح گُڏين جون ساهيڙيون_ ”ذي روح گُڏيون!“

”استاد“ بخاري

دعا

وارن کان گهڻي،       سمنڊن کان وڏي ،

تارن کان گهڻي،       صحرا کان وڏي،

وڻ ٽڻ_ ٽاريون،        دنيا ڇا هي،

ٽارن کان گهڻي.       عقبيٰ کان وڏي.

 

برسات_ ڦڙين؛         چانديءَ کان چٽي،

کان ويهوڻي_          سونن کان سُٺي،

واريءَ جي ڪڻين؛     کيرن کان اَڇي،

کان ٽيهوڻي.          ماکي کان اَڇي!

 

مون کي نه رڳو،        ڇا ڀُوري کي،

پر هر ڪنهن کي،     ڇا ڪاري کي،

هِن کي_ هُن کي،     ڇا کاري کي،

جنهن کي_ تنهن کي.        ڇا پياري کي.

ڇا مشرق کي،                 ڇا دانا کي،

ڇا مغرب کي،                 ڇا نادان کي،

هندو، مسلم؛          ظالم کان سواءِ؛

سڀ جو سڀ کي.     هر انسان کي.

انسان جي لئه ڪا الفت ڏي!

جنت کان اڳيئي جنت ڏي!

”نديم“ انصاري

چؤ اٿئي ڪو اعتراض؟

سور پنهنجي سور آهه، غم ٻئي جو غم نه آهه،

پيٽ پنهنجو ٿيو پرين، ٻئي ڪنهين سان ڪم نه آهه:

چؤ! اٿئي ڪو اعتراض؟

ڪو جيئي يا ڪو مري، ڪو روئي يا ڪو کلي،

بس جئي پنهنجو مفاد، پو زمانو زنده باد:

چؤ! اٿئي ڪو اعتراض؟

ڇا هي همدردي ڀلا؟ڇا کي ڪوٺين ٿو پيار؟

خود فريبي آ فقط، بيوقوفي آهه، يار:

چؤ! اٿئي ڪو اعتراض؟

ها! چون ٿا هئي اڳي، چيز هڪ نامِ وفا،

 

هن زماني ۾ جڏهن، ڪي سڄڻ رهندا هئا:

چؤ! اٿئي ڪو اعتراض؟

ڪير ٿو ڪنهن لئي جيئي؟ڪير ٿو ڪنهن لئي مري؟

پر ٻڌو آ مون ائين، هت به وڏڙا ويا ڪري:

چؤ اٿئي ڪو اعتراض؟

هر مڇي جو قوت آهه، پاڻ کان ننڍڙي مڇي،

ڄڻ ته هڪ جو موت آهه، لاءِ ٻئي جي زندگي:

چؤ! اٿئي ڪو اعتراض؟

آدميت جو عروج، واءُ ۾ اُڏرڻ نه آهه،

پوءِ ڪٻر ۽ ڪانءَ سان، آدميءَ جي ناهه جاءِ:

چؤ! اٿئي ڪو اعتراض؟

ڪين جنهن کان ٿي وٺي، فائدو انسان ذات.

زندگي تنهنجي ائين، ڄڻڪ ڪاري آهه رات.

چؤ! اٿئي ڪو اعتراض؟

هڪ ڪڻو، جنهن مان پکي، ڍؤ ڪري، آهي ڀلو،

ڍير کان جو پيٽ تي، لت ڏئي ڪيو آ ڪٺو،

چؤ! اٿئي ڪو اعتراض؟

پاڪبازيءَ جو غلاف، دل مگر ان ۾ سياه،

جرم ننگي کان وڌيڪ، دل ڪري ساري سياهه

چؤ! اٿئي ڪو اعتراض؟

”وفا“ ناٿن شاهي

هٻڪار

روز آڪاش تي چنڊ کِڙندو رهي،

روز تارن ۾ هڪ نُور ايندو وڃي.

روز چانڊاڻ جو مينهن وسندو رهي،

روز اونده جو نيڪال ٿيندو وڃي.

گل سدائين گلستان ۾ کلندا رهن،

رنگ مکڙين ۾ موسم ڀريندي رهي.

مُنهن ڪَلين جا چُمي روز خوشبو ڀلي،

موسمِ گُل انهيءَ ريت ايندي رهي.

ساگرِ بيڪران مان ڪَڪر وهنجدي؛

خشڪ کيتن کي خيرات ڏيندا رهن.

هارين جا سدا مُنهن رهن ٻهڪندا،

کيت سر سبز و شاداب ٿيندا رهن.

چِهچ ساوا سُٺا گاهه ڦُٽندا رهن،

پرٿوي سائو پهراڻ پائي ڀَلِي.

مال چَرندو رهي، چَنگ چُرندا رهن،

اهڙي رُت ۾ ته جهنگل به ڳائي ڀَلي.

مندرن ۾ سدا ديپ جلندا رهن،

حسن جون ديويون رقص ڪن، خوب ڪن.

تن جي قدمن ۾ پوڄا جا مغرور ڪَنڌ،

روز ڪِرندا رهن، روز جهُڪندا رهن.

شهر جا بي ڊپا ۽ حَسين نوجوان،

حُسن مغرور و خودسر جي آڏو جهُڪن.

هر قدم تي سَڃي سوکڙي_ پاکڙي،

حسُن مغرور وٽ سرخرو ٿي وڃن.

نفرتون، فاصلا ختم ٿيندا رهن،

Text Box: 80

اوچي اوچي پهاڙين جي چوٽين مٿان.

 

تُنهنجو ۽ منهنجو ميلاپ ٿيندو رهي،

تُنهنجا رخسار نظرن سان چمندو رهان.

ڪو حَسين ۽ مِٺو پاپ ٿيندو رهي،

تُنهنجي اکين منجهان مئي جا بادل وسن.

مان نظر سان ڀري جام پئندو رهان،

منهنجي رنديءَ جا آداب توکي رَسن.

تُنهنجي رخسار جا گل رهن مهڪندا،

تُنهنجي مُنهن تي مسرت وتي کيڏندي.

تُنهنجي نظرن تي چانڊاڻ ٽِلندي رهي،

تُنهنجي وارن ۾ خوشبو رهي کيڏندي.

منهنجي فڪرن کي سُر هاڻ مِلندي رهي،

۽ مان پنهنجي معطّر خيالات سان؛

تُنهنجي هر هڪ ادا جا چِٽيندي نقوش،

ساري دنيا کي هُٻڪارَ بخشي ڇڏيان!

”آثم“ ناٿن شاهي

ڪالهه ۽ اڄ

 

تو جو ڪالهه نهاريو موِن ڏي،

ڀِنا ڀِنا، يَر! نيڻ کڻي.

ڀانيم ميڙ ٿي آيو آهين،

ساڻُ سَوين ڄڻ سيڻَ کڻي.

پوءِ به تُنهنجي جهوليءَ ۾ مون،

اُڇليا وِيهون ويڻ کڻي!

ڪلهه جو مون سان، هٻڪي هٻڪي،

ڳالهايو تو ڳاٽَ ڀَري.

ڀانيم ڄاڻ ٿو بادلُ برسي،

کڏون ۽ کوٻا، کاٽَ ڀري.

پر مون تُنهنجي پياس نه لاٿي،

مُنهن ۾ ڪائي ماٽَ ڀري.

۽ اڄ، توکي ساري منهنجا،

ڳاٽ ڀَريا ۽ نيڻ ڀِنا:

موٽائي ڏي مون کي سُپرين!

مون جي توکي گهاوَ ڏنا.

آءٌ ته ڳنڍيون پاند پرت جا،

پاند اُهي، جي ڪالهه ڇِنا!

آزاد نظم

هري ”دلگير“

ڪاروان

هي سمي جو ڪاروان،

ڪاروان سان گڏ هلي، مان ڪئن سگهان؟

گڏ هلي، تنهن ساڻ مان،

نيٺ اڳتي ٿو وڌي، تَنهن کان وڃان:

پنهنجي ساٿين کي ڀلا مان ڇا ڪريان،

ڪيترا آهن، سي لُولا، سُست رو،

مان به آخر تن جيان_

ڇا ڀلا پيرن کي منڊڪائي هلان؟

وقت کان اڳتي وَڌي،

راهه پنهنجيءَ تي بيهي،

ٿو نظر پُٺتي ڪريان،

قافلو گم ٿو ڏسان_

ٻيو نه ٿو ڪجهه ڀي ڏسان_

صرف آهي منهنجي قدمن جو غبار!

”آثم“ ناٿن شاهي

وزٽ

 

گهرَ گهرَاٽ ۽ ڌوڙ جو طوفان،

جيپ درتي اچي رُڪي هڪڙي،

هڪڙو آواز جيپ مان آيو:

”تون ئي آهين نه هت رکيل منشي؟

اورتي اچ؛

مون کي پنهنجا ڪتاب تون ڏيکار.“

۽ يڪا يڪ پوءِ ايٽمي حملا،

بد ڪلامي جي ڪابه حد نه هئي،

مون اهو صبر سان ٻُڌو سڀڪجهه.

آخري لفظ هي هئا اُن جا:

”تُنهنجا ڪاغذ ته ٺيڪ آهن، پَرَ

ناهين تون نوڪري ڪرڻ لائق،

اڄ کان توکي ڪجي ٿو ڊسچارج!“

..........

مون ائين دل ۾ سمجهيو پهريان،

جيپ ۾ آهه ڪو رکيل قرآن،

يا ڪوئي ديوتا اٿس ويٺل،

يا فرشتو ئي آهه ڪو شايد،

پر پوءِ ڄاتم ته منهنجو افسر آ،

پر پوءِ سمجهيم ته هڪڙو انسان آ:

هوبهو اهڙو، جهڙو مان انسان،

پَر هوُ پَست آهه، مان بلّند آهيان.

هُن وزٽ منهنجي جيتري ۾ ڪئي،

مون به هُن کي وزٽ ڪري ورتو!

فتاح ملڪ

او صبح...!

او صبح،

ڇو نٿو اُڀرين اڃا؟

رات جو هي سياهه روح،

منهنجي الفت جو وٺي ٿو امتحان.

انڪري،

پنهنجي ڇاتيءَ کي اڃا ٿو ويڪرو ڪري.

جيستائين،

خاموشي جي ڪا لڪل رڙ،

آسمان کي به چيري ڦاڙي نڪري پوي.

جيئن ستارا،

ڪنهن بيگناهه جي خونَ وانگي،

پکڙي پون،

۽ چون:

او صبح،

توسان ته اهڙو ئي آهي پيار،

جيئن ڪنهن ڪنواريءَ جو

پهريون پهريون،

مُرڪن رتل،

اکڙين ڀريل،

انتظار_

اهڙو ئي معصوم،

جهڙو ڪنهن ٻارڙي جو،

گهري ننڊ ۾ مُرڪَ،

اهڙو ئي سچو مٺو ۽ اڻٿڪ،

جيئن ڪا مامتا جي چُمي!

”محسن“ ڪڪڙائي

ناسور

ڪيڏو نِهٺو ۽ نماڻو ۽ سٻاجهو ٿي ڏِٺو،

خوبصورت به هُيو.

بوالهوس ڪوئي وَيو هوس ڏئي بربادي،

مارفيا_

هڪ ٻهَ، نه_ پر ڏينهن ۾ ڏهه ڏهه گوليون،

پاڻ کي پاڻ انجڪشن سان لڳائيندو آ.

۽ انهيءَ لاءِ هو سڀ ڪجهه پنهنجو،

هر خريدار اڳيان رکندو آ،

نوجوانيءَ جا خريدار به ڪافي، ليڪن،

نوجواني به نه رهندي ته.....!

هڪڙي انسان جي ٻچڙي سان غضب!

هڪڙي انسان جي ايڏي تذليل!

سو به انسان هٿان!

ڪيڏو نهٺو ۽ نماڻو ۽ سٻاجهو ٿي ڏٺو،

ڪاش! ڪو پنهنجي گريبان ۾ جهاتي پائي!

”وفا“ ناٿنشاهي

گل فروش ماسي

منهنجي ماسي، جا مِٺي آهه سڳيءَ ماسيءَ کان،

مهربان ڪيتري، ڪيڏي نه سدوري آهي،

مون کي هرچيز کان پيارو ٿي گهُري:

ڇو ته مان هنجي چئي ۾ آهيان.

منهنجي ماسي، جا مِٺي آهه سڳيءَ ماسيءَ کان،

مون کي گُل چونڊ پِٽي ڏيندي آ،

شهر جو شهر سڄو گُل آهي؛

ڪوئي رابيل،

ڪو نسرين،

۽ ڪوئي نرگس،

جو به گُل شهر ۾ هوندو، سو اڳي ئي مون وٽ.

منهنجي ماسي، جا مِٺي آهه سڳيءَ ماسيءَ کان،

مون کي هر چيز کان پيارو ٿي گهُري،

ڇو ته مان هن جي چئي ۾ آهيان.

شال الله وڏي عمر ڏئي ماسيءَ کي،

جيڪا خوشبو ۾ پئي روز مون کي وِهنجاري!

ولي محمد ”وفا“

 

هوُ ساز،

ازل جو ساز هيو:

هُن سَر جي قيمت ڪجهه به نه هئي،

هُو سُر جوئي اعجاز هيو،

ڪو راز هيو:

هو ساز به ڪو آواز، هيو،

هاها، هو ازل جو راز هيو،

هو، سَر سُر جو معراج هيو!

ڪينجهر جي ڪنڌي،

نوريءَ جو پلو،

ڪشتيءَ جو سفر،

چاهت آ امر، چاهت آ امر،

لنگر ته کڻو، لنگر ته کڻو،

ملاح هلو، ملاح هلو!

مانڊاڻ ٿيو،

مهراڻ متو،

موجن ڏي ڏسو،

موجن ڏي ڏسو،

هوعشق به ڪو اڻ موٽ هيو،

هو مڙس ته ڪوئي گهوٽ هيو،

۽ سنڌو ساري سيج هئي!

پرڀو ”ناشاد“

فرق

تون ڀي شاعر،

مان ڀي شاعر،

خوابن جي واديءَ ۾ جڏهين،

سرو سمن، ريحانَ ڏسين ٿو_

لاله ۽ شهُلا کي پسين ٿو،

ڪومل ڪومل، مکڙيون، گُل ڦل،

ڪوئل، قمري، ڀونئرو، بُلبل:

۽ پڻ ساقي، جام، صُراحي_

ميخاني جي موج ڏسين ٿو، تڏهين شايد:

شعر لکين ٿو_

خوب لکين ٿو!

منهنجا ساٿي!

’فرق‘ وڏو آ، تو ۾، مون ۾_

رستي هلندي، ٻار ڏسان ٿو، پنندا پنندا،

لانڍين ۾ معصوم ڏسان ٿو، بُکيا سُمهندا،

جنگ و جدل جي باهه ڏسان ٿو، شعلا شعلا،

ظلم وستِم جا مَچ ڏسان ٿو، دُکندا دُکندا:

تڏهين منهنجو روح رڙي ٿو_

شعر لکان ٿو،

رت رُئان ٿو!

نيون طرزون

 

 [ترائيل]

نارائڻ ”شيام“                                         

 

هاءِ سنسار! هتي سک نه مليو سک پائي،

نانءُ ٿيو اصل جو، هٿ آيو مگر عڪس رڳو،

ڪئن نه دل درد ڀري، شيام اچي واجهائي؛

هاءِ سنسار، هتي سک نه مليو سک پائي!

 

چنڊ لئي ٻار رڙي، ٻانهون مٿي ڦهلائي،

آرسي ڏيئي چون، کيس، ته وٺ چنڊ اجهو!

هاءِ سنسار، هتي سک نه مليو، سک پائي.

نانءُ ٿيو اصل جو، هٿ آيو مگر عڪس رڳو!

”آثم“ ناٿنشاهي                    [هائيڪو]

 

 

ڀَرِ ۾ ڀُڻڪِي مَکِ،

ڪنهن جي ڳاڙهي ڳَلَ تان_

تِرڪِي ويئي اکِ!

 

مِٺڙي سُرَ ۾ سينڍَ،

ويٺو ڏئي ڪو مام ۾_

نينگَرُ ڪنهن کي نينڊَ!

 

گهوڙي تي ٿي سوارُ،

ماڻهو نڪتو آ ڪَرڻ_

طوطن جو واپارُ!

بارش، چغدو، چِڪ،

ٻاهر پيو پارو ڄمِي_

اندر پگهريِ سِڪَ!

 

هيڏو سارو سيءُ،

ٻاهر بوتو برف جو_

اندر کُورو جيءُ!

”راز“ ناٿنشاهي

                              [ترائيل]

 

تو کڻي نيڻ گلابي جو نهاريو مون ڏي،

منهنجي دل مرڪي پئي مرڪي پيا نيل ڪنول،

چنڊ تارن جي ڪري ڇانَو ڇڏي آ مون تي،

تو کڻي نيڻ گلابي جو نهاريو مون ڏي!

 

سرخ پنڙين کي هٽائي تو پڪاريو مون کي،

حسرتن مرڪي ڏنو، چمڪي پيا نيڻ ڀنل،

تو کڻي نيڻ گلابي جو نهاريو مون ڏي،

منهنجي دل مرڪي پئي نيل ڪنول!

غزل

عبدالڪريم ”گدائي“

سمو ڪو اهڙو اچي، اهڙو اهتمام ٿئي!

الاهي، رسم_ محبت جهان ۾ عام ٿئي!

 

رهي نه جنگ جو فتنو فساد دنيا ۾،

هجي پيار جو سودو ۽ عام جام ٿئي!

 

سڀن دلين ۾ هجي شل نفاق کان نفرت،

سدائين امن و محبت جو احترام ٿئي!

 

نه ڏاڍو ڪو به ڪري ظلم و زور هيڻي تي،

جهان ۾ جلد ڪو جاري اُهو نظام ٿئي.

 

زبانَ بند هجي ڇو، قلم ٽڪر ٽوٽا؟

عزيزو، پيٽ جو اهڙو نه ڪو غلام ٿئي!

 

اسانجي ننڊ ۽ غفلت چمن ڪيو ويران،

اسين اُٿون ته بهارن جو انتظام ٿئي.

 

جَنهن نظام ۾ ڪوئي نه ڪنهن کي آزاري،

انهي نظام کي پنهنجو سدا سلام ٿئي.

 

اٿو جوانو ته بدلايون هي نظام_ ڪُهن!

جهان ۾ ڪجهه ته بشر جو به احترام ٿئي.

 

چمن جو حال ڏسي، ٿي چيو چمن وارن:

خزان کٽي، ته بهارن جو انتظام ٿئي.

 

سڪر سڻايون ٿين ديس ۾ ’گدائي‘ شل،

اَجهو اٽو ۽ لٽو اَنّ، جال جام ٿئي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com