سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 4/ 1967ع

مضمون:

صفحو :13

ملوڪ: اهي منهنجي سچائيءَ جا شاهد آهن. آءُ وطن وارن کي ڏيکاريندس ته هيءُ ڏسو، هي زخم مون کي فرنگين جا ڏنل آهن ۽ انهن ڦٽن مان وهندڙ خون ڏسي هو محسوس ڪندا ته فرنگين جا ڪهڙا ارادا آهن.

آواز: تون جيڪڏهن واٽ تي مري وئين ته پوءِ سهجان جو ڪهڙو حال ٿيندو!

ملوڪ: سهجان! اُها منهنجي مڙهه تي خوشيءَ جا ڳوڙها ڳاڙيندي، ته سندس ور وطن جي نالي تي ٽِڪو نه لاتو آهي... بيشڪ، هن جي دل گُلن کان به وڌيڪ نازڪ آهي، پر آءُ هن جي لاءِ پنهنجي ملڪ ۽ وطن سان غداري ڪري، پنهنجي ضمير کي موت نه ڏيندس... هليو وڃ هليو وڃ... ڪٿي منهنجا هٿ تنهنجي ناپاڪ ڳچيءَ ۾ نه پئجي وڃن... ۽ غداريءَ جو بوتو ڀڄي نه پوي... تنهنجي جيئندي به هر گهڙي عذاب ۾ رهندي_ غدارن لاءِ اهائي سزا آهي... تون ڦٿڪندورهندين، ٻرندو سڙندو رهندين، ڪير توکي آٿت نه ڏيندو... هليو وڃ، تولاءِ اهائي حياتي آهي_ اهائي حياتي آهي.

آواز: (کلي ٿو) تون چريو ٿي پيو آهين، ملوڪ!

(فيڊآئوٽ ۽ موسيقيءَ جو تاثر، سمنڊ جون لهرون)

سهجان: هي ٻيڙن جو دس پيو اچي، پر انهيءَ ۾ ملوڪ جي وائنٽي نظر نٿي اچي... سندس ٻيڙو آهي_ شايد پاڻ نه آهي، هوندو به ڪين_ هن کي اچڻو ئي نه آهي. هو ته اونهي عيمق ڏي ويو آهي... موتي ميڙڻ_ امير جي راڻي لاءِ... هو ڪڏهن واپس ايندو... پر نه، ضرورايندو_ پر منهنجي دل نٿي مڃي. هو ايندو... نه به اچي. (کلي ٿي). (وري ڇرڪ ڀري) پر هي ڪير پيا لهن، هي ته هتي جا ماڻهوئي ڪونهن... شايد، هي هتي جائي

هجن: مون کي ڪهڙي خبر، منهنجو ڪنهن سان ڪهڙو واسطو... منهنجو ملوڪ... هي ڪير ماڻهو ٿي سگهن ٿا... ڪير به هجن منهنجو ڪنهن سان ڪهڙو واسطو...

(ماڻهن جو گوڙ، جنهن ۾ هي آواز ته هي ڪير آهن؟) (دانهون). فرنگي فرنگي! ڀڄو... ڀڄو! ...هي ماڻهو چريا آهن جو دانهون ڪيو پيا ڀڄن... امير ملڪ ڪونهي... هنن ترارون ڪڍيون آهن... شايد وڙهندا، پر ڪنهن سان وڙهندا، اسان سان...!

پيڊرو: ٺٽي شهر جا رهواسيو! خبردار، ڪنهن به ڪا گڙٻڙ ڪئي آهي. جيڪو ڌن دولت توهان وٽ هجي، اسان جي حوالي ڪريو، نه ته اسان سڄو شهر ساڙي ٻاري ڇڏينداسين. هڪڙو ماڻهو به جيئرو نه ڇڏينداسون.

سهجان: هي شخص ڪهڙيون پيو ڳالهيون ڪري. ڇو... هيءُ شايد چريو آهي، جو اهڙيون ٿو ڳالهيون ڪري.

پيڊرو: قيدين کي لاهيو... اسان هنن ماڻهو کي ڪجهه مثال سان سمجهائينداسين! (ماڻهو جو گوڙ اڀري ٿو).

سهجان: هيءُ ڪير قيدي آهن! هيءُ_ ته_ ملوڪ آهي! پر نه ملوڪ هنن جي قيد ۾ ڪيئن ڦاسي سگهندو، ملوڪ کي ڪير ٻَڌي سگهندو... ڪير به نه...

ملوڪ: (پريان) سهجان...

سهجان: هي نالو ڪنهن ورتو.

ملوڪ: سهجان، آءُ ملوڪ آهيان... هيڏانهن ڏس! سهجان: تون ملوڪ ڪٿي آهين، تون فرنگين جو قيدي آهين... ملوڪ ته پاڻ سان خوشين جي سوغاتن آڻڻ جو چيو هو، ۽ تون... تون... دشمن ساڻ وٺي آيو آهين!

آواز: ڪپتان، مون پنهنجو فرض پورو ڪيو. مون ٺٽي بندر تائين اوهان کي پهچايو، هاڻي مون کي اجازت ملي ته...

پيڊرو: توکي اجازت ضرور ملندي... ڏسو، جيڪو ماڻهو اسان جي خلاف ڪجهه ڪندو، ان جو حشر هن شخص جهڙو ٿيندو (حڪم ڏيندي) هن جي سسي لاهي ڇڏيو!

آواز: نه نه... آءُ بي ڏوهي آهيان... مون توهان جي مدد ڪئي آهي... مون ڪهڙو ڏوه... (تلوار لڳڻ جو آواز ۽ رڙ) (ماڻهن جوگوڙ)

ملوڪ: غدار! پنهنجي ڄار جو پاڻ شڪار.

سهجان: هيءُ ڇا آهي! هن کي هنن ڇوماريو؟

ملوڪ: هيءُ وطن جو غدار هو، هن کي اهائي سزا ملڻ گهرجي...

سهجان: تون به ته هنن سان گڏ آيو آهين! تنهنجي به اها سزا هئڻ گهرجي؟

ملوڪ: سهجان...

سهجان: منهنجو نالو پنهنجي زبان تي نه آڻ!

پيڊرو: دوستو! شهر تي حملو ڪريو. جيڪو ڪجهه حاصل ٿئي ڪريو. واٽ تي جيڪو ماڻهو اچي ان کي ختم ڪريو. هيءُ شهر ايشيا جو سڀ کان وڏو شهر آهي، اتان توهان کي ايترو ڌن حاصل ٿيندو، جو دنيا مان توهان کي ڪٿان به نه ملندو (دانهون_ حملي جو تاثر_ باهه_ رڙيون_ ٽهڪ_ موسيقي).

سهجان: بس ڪر... اي شخص تون مون کي وري خون ۽ موت جي يادگيري پيو ڏيارين... آءُ انهن ڳالهين مان ڇا ڄاڻان... هن جامع فرخ ۾ نمازين کي شهيد ڪيو، بازارون خون سان ڀرجي ويون... ڪنهن به ته سندن مقابلو نه ڪيو.

ملوڪ: امير ته کين سڏايو هو، ۽ پوءِ پاڻ ملڪ خالي ڇڏي هليو ويو بکر جي سلطان سان مقابلو ڪرڻ... ۽ پٺيان ٺٽو لٽجي ڦرجي تباهه ٿي ويو.. پر سهجان، ڪڏهن ڪنهن کي ظلم ڦٻيو نه آهي. هر ماڻهوءَ کي ان جو ڪيتو ڏيڻو پوندو ۽ خبر اٿئي، فرنگين جا ٻيڙا هتان ويندي سمنڊ ۾ تباهه ٿي ويا...

سهجان: پوءِ ڇاٿيو... منهنجو... منهنجو شهر، منهنجو شهر منهنجي ملوڪ جو وطن ته ختم ٿي ويو، پر ياد رک، هيءُ شهر سدائين آباد رهندو، ڇاڪاڻ ته اڃا آءُ پنهنجي ملوڪ جون واٽون پئي نهاريان! منهنجا نيڻ اڄ به اڳي وانگر سندس ٻيڙي جي وائنٽي ڏسڻ لاءِ آتا آهن. هو ايندو، نيٺ هڪ ڏينهن ايندو. هن وڏو سفر اختيار ڪيو آهي، هڪ نه هڪ ڏينهن هو واپس پنهنجي منزل تي موٽي ايندو.

ملوڪ: سهجان، ڏس آءُ ئي ملوڪ آهيان... آءُ ملوڪ آهيان، مون کي سڃاڻڻ جي ڪوشش ڪر... آءُ ئي موتي ڳولڻ ويو هوس، هي ڏس، مون تنهنجي لاءِ لڪائي رکيا آهن، ساهه کان به مِٺا ڪري تو لاءِ سانڍيا اٿم! اچي وٺ، هيءُ موتي پوئي پنهنجي ڳچيءَ ۾ پاءِ...

سهجان: پري ڪر اهي پٿر جا خسيس ٽڪرا، مون کي نه گهرجن، مون کي انتظار ڪرڻ ڏي! منهنجي ملوڪ جو ٻيڙو ڄاڻ آيو... ۽ ... پوءِ مون لاءِ خوشيون هونديون (کلي ٿي) پوءِ منهنجي هنئين کي راحت ملندي... خوشي ملندي!

[اختتاميه موسيقي]

(ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي شڪريي سان)

1. مذهب ۽ بنيادي انساني حق       _چيف جسٽس اي. آر.

                                        ڪارنيليس

2. سر بارٽل فريئر (قسط 3)          _لطف الله بدوي

3. يورپ ۽ سنڌ جا تعلقات           _محمد حسين پنهور

4. يوناني ۽ سنڌي ٻوليءَ جو سٻند   _ليلو رچنداڻي

5.سنڌي رسم الخط جي تاريخ        _هڪ سابق انگريز

                                        گورنر، سنڌ

6. پوڙهو جهازران (ترجمو)             _مرحوم احسان بدويءَ جي آخري تحرير

موڪليندڙ: لطيف الله بدوي

7.سلطان علاوالدين ۽ سومرا           _مير حاجي محمد

                                        بخش خان ٽالپر

8. سنڌي ٻوليءَ جي بُڻ بنياد بابت ويچار _ڪرشچندر جيٽلي

9. سنڌي ڪهاڻيءَ جو اوائلي دؤر     _پروفيسر منگهارام

                                        اُڌارام ملڪاڻيءَ

10.آکا                                 _فضل الاهي انصاري

11. ادب لطيف                        _آسڪر وائلڊ مترجم:

                                        ذوالفقار راشدي

12. ”                                  _رابيندرناٿ ٽئگور

                                        مترجم: تاج صحرائي

13. ”مهراڻ“ جا موتي                  _ادارو

14.سنڌي نثر مان مثالي ٽُڪرا               ........

15.علمي خط                         ........

16. پڙهندڙن جا پيغام                       ........

17. تبصرا                             ........

18. ”آديسي اُٿي ويا....!“             ........

19. علمي ادبي ۽ ثقافتي سرگرميون ........

”انساني زندگيءَ جي صحت ۽ صداقت، اَڇائيءَ ۽ اُجرائيءَ کي سمجهڻ ۽ پرکڻ جو هڪڙو دليل هي به آهي ته ڏسجي ته زندگيءَ جي ظاهري ۽ باطني واسطن ۽ ناتن ۾ ڪيتريقدر همرنگي ۽ هم آهنگي پيدا ٿي سگهي آهي.

”ظاهر آهي ته ’انسان‘، هن ڀريءَ دنيا ۾، اڪيلو ٿي وقت گذاري سگهي، سو ته بلڪل ناممڪن آهي_ هُو هرقدم تي، پنهنجي ’ماحول‘ ۽ ’معاشري‘ جو محتاج آهي.

”اُن حالت ۾ ’معاشري‘ جو فرض آهي ته هو جيڪڏهن پاڻ ۾ سمايل فردن جي صحتمند ۽ صالح زندگيءَ جو طالبو آهي، ته پوءِ ’فرد‘ جي ظاهري ۽ باطني زندگيءَ وارو باهمي ’توازن‘ توڙي ’واسطو‘ ۽ ’رابطو‘، بگڙڻ ۽ ٽُٽڻ نه ڏئي. ڇو ته جيئن ئي اهو ’توازن‘ بگڙيو، تيئن افراد يا ته مادي لذتن، دنيا جي عيش ۽ وقتي مفادن جي پويان پئجي، اخلاقي اصولن ۽ باطني قدرن کي وڃائي ويهندا، يا ظاهري ضرورتن ۽ مادي ماحول کان بيپرواهه ٿي، رڳو ’من جي دنيا‘ ۾ اهڙو ته مستغرق ٿي ويندا، جو کين پنهنجي توڙي ملڪ ۽ ملت جي مسئلن ۽ معاملن جو هوش ئي نه رهندو.

”تنهنڪري، ’فرد‘ جي اصلاح ۽ بقا لاءِ ضروري آهي ته ظاهر ۽ باطن، اخلاق ۽ اصول، ٻنهي ۾ سهڻي نموني جو ’توازن‘ موجود رکجي.

”ياد رهي ته جيئن باطني زندگي ۽ اخلاقي قدر، مادي ماحول تي اثر ٿا ڪن، تيئن مادي ماحول جو به باطني صلاحيتن تي اثر ٿو پوي_ تنهنڪري جي ظاهري زندگيءَ تي موت طاري رهندو ته پوءِ اخلاقي زندگي ڪيئن صالح ۽ درست ٿيندي!

”بهرحال، ظاهري ۽ باطني اصلاح سان ئي صالح فرد ۽ صحتمند معاشرو پيدا ٿي سگهي ٿو.“   غ . م . گ

اي آر. ڪارنيليس

مذهب ۽ بنيادي انساني حق

[سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي چيف جسٽس، اي. ار. ڪارنيلس جي هيءَ تقرير،  N. I . P. I جي زير اهتمام، سماجي بهبود جي آفيسرن جي تربيتي ڪورس تي ٿيل هئي. ادارو]

اڄ مون کي خوش قسمتيءَ سان اهڙو موقعو مليو آهي، جنهن ۾ مان پنهنجي دلپسند موضوع تي، پنهنجن خيالن جو اظهار ڪريان. عدالت جي ذميدارين جي ادائگيءَ ۾، پنهنجي دستور جي بنيادي اصولن ۽ دفعات جي تجزيي ۽ تعبير ڪندي، مون بارها ائين پئي محسوس ڪيو آهي ته هڪ دستوري ارتقا خود منهنجي ذهن ۾ به جاري آهي. اهي بنيادي دفعات جن جو مون ذڪرڪيو آهي، اهي هي دفعات آهن، جي قرار داد مقاصد، جو حصو آهن، ۽ جي اڄ اسان جي دستور جي مقدمي ۾ درج ٿيل آهن. هي اهي دفعات آهن، جي ملڪ ۾ قانون جي حڪومت، بنيادي حقن ۽ حڪمت عمليءَ جي عام اصولن جو تعين ٿا ڪن.

پنهنجي تقرير شروع ڪرڻ کان اڳ، اگر مان هت پنهنجي هڪ گذريل تقرير جو حوالو ڏيان ته اميد ته بيجا نه ٿيندو. اها تقرير مون ۱۹۶۱ع ۾، ”منشور حقوق انساني“ جي تيرهينءَ سالگرهه تي ڪئي هئي. ان وقت، ان منشور تي، تبصري ڪندي، مون عرض ڪيو هو ته انساني زندگيءَ جي تعمير ۾ مذهب کي جا غير معمولي حيثيت حاصل آهي، ان منشور ۾ ان مقام کي نظرانداز ڪيو ويو آهي. اهو منشور، سياسي، معاشي، ۽ ٻين زندگيءَ جي اهم شعبن ۾، نهايت ئي بلند بانگ اصولن جي احياءِ جو مدعي ته آهي، مگر انهن اصولن کي تعميري رخ جي طرف ڏانهن موڙڻ واري طاقت ۽ان جي پس منظر ۾ ڪارفرما، قوت ناقده کي وساري ڇڏيو ويو آهي. اها قوت، جا انهن مقصدن کي حاصل ڪرڻ لاءِ اصول ۽ قانون نافذ ڪري سگهي، ان تي ڪوبه توجهه نه ڏنو ويو آهي. مون ته ايستائين به چيو هو ته ”هيءَ هڪ قسم جي منافقت آهي، جنهن جو مظاهرو، قانون جي پناهه وٺندي ڪيو ويو آهي“. مون چيو هو ته اسان ايشيائي ماڻهن وٽ، ”معاشي آدمي“ يا ”سياسي آدمي“ ڪابه وقعت نه ٿو رکي. اسان جي ذهنن ۾، انساني زندگيءَ جو اهم ترين پهلو، هميشـﮧ وانگر اڄ به ڪنهن شخصيت جي مذهبي زندگي ئي آهي. اسان وٽ هر شخص جو بنيادي وجود، ان جو ’اخلاقي وجود‘ ئي آهي؛ جنهن جي بنياد ۽ قوت تي هو پنهنجي فرضن جي ادائگيءَ ۾ ائين مشغول آهي، ڄڻ ته مٿس قيامت قائم ٿي چڪي آهي، ان جو خالق کانئس سندس عملن جو حساب وٺي رهيو آهي، جي اعمال هن پنهنجي زندگيءَ ۾ سر انجام ڏنا آهن. ان احساس سان هو ڪم ڪري رهيو آهي، جئن هڪ سچي انسان وانگر، پوري قلبي اطمينان سان، پنهنجي رب جي سامهون بيهي سگهي.

ان طرح مذهب، انسان جي معاشرتي، سياسي توڙي معاشي زندگيءَ جي عمل ۽ ڪردار ۾ هڪ سرچشمئه هدايت جي حيثيت اختيار ڪري وٺي ٿو. ٻيو ته انهن عملن ۾، سندس نزديڪ، ’حق‘ کان سواءِ ٻي ڪابه چيز معيار بنجي نه ٿي سگهي. مون ان تقرير ۾ اهو به چيو هو ته ”ايشيا جي افق تي، غير ملڪي تسلط جي خاتمي تي، اهي لاديني ميلانات ۽ لاڙا آهسته آهسته ختم ٿي رهيا آهن، جن کي، غير ملڪي حاڪمن، پنهنجي مفاد خاطر، ترقي ڏني هئي ۽ انهن جي حوصله افزائي ڪئي هئي. اڄ مذهب، بتدريج، هڪ اثرائتي قوت جي حيثيت سان، زندگيءَ جي سڀني معاملن ۽ مسئلن تي حاوي ٿي رهيو آهي.“

منهنجو خيال آهي ته انساني حقن جو هي عالمگير منشور، محض لاديني رياستن کي اڳيان رکي، مرتب ڪيو ويو آهي. ان منشور جي پس منظر ۾، جا نفاذ ڪندڙ قوت تجويز ڪئي وئي آهي، اها ٽن قسمن تي مشتمل آهي:

1_ سماجي شعور_ جو انفرادي اخلاقي شعور ۽ ذاتي نظم ۽ ضبط کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نه آهي.

2_ معاشي شعور_ جو مساوات سان ٽڪرجڻ کان سواءِ زنده نه ٿو رهي سگهي.

3_ سياسي شعور_ جو ظاهري طرح سان مايوسيءَ جي انتها تائين ٿو پهچي. ”مون کي يقين آهي ته جاندار محفوظ ۽ مضبوط قوّت نافذه، مذهبي شعور مان ئي حاصل ڪري سگهجي ٿي، بس. اگر ان منشور کي، دنيا جي غالب حصي ۾ ڪو اثرائتو ڪردار ادا ڪرڻو آهي، ته پوءِ کيس پنهنجي مَتن ۾ مذهب کي شايان شان جڳهه ڏيڻ لازمي ٿي پوندي.“

مون اهي ڳالهيون، پوري اعتماد ۽ يقين سان ڪيون هيون. ان کان پوءِ اهو ڏسي، ذاتي طرح سان، خوشي حاصل ٿي ته ۱۹۶۲ع ۾ جو دستور نافذ ڪيو ويو، ان ۾ ”اسلام“ جي عطا ڪيل آزادي، مساوات، رواداري، ۽ معاشرتي انصاف وارن اصولن کي اهم مقام ڏنو ويو آهي. دستور ۾ اهو به مذڪور هو ته انهن اصولن تي جمهوري طريقن سان عمل ڪيو ويندو. ٻين لفظن ۾، ان دستور جي روشنيءَ ۾، اصل قوت انهن فردن يا فردن جي اُن گروهه کي ڏني ويندي، جي اقتدار تي پهچي چڪا هجن. ان لاءِ اهڙو طريق ڪار بنايو ويو، جنهن جي مطابق، عوام، پنهنجي چونڊيل نمائندن جي واسطي ۽ ذريعي سان، پاڻ ئي پاڻ، پنهنجي فلاح ۽ اصلاح لاءِ ذميدار رهن. معاشرتي بدانتظاميءَ جو شعور، اسان کي سماجي فلاح ۽ اصلاح جي ضرورت جو احساس ڏياري ٿو. مان هت ان مسئلي جي وضاحت لاءِ ڪنهن به ڳالهه ٻولهه جو ڪو ارادو نٿو رکان ته اسان جي ملڪ ۾ معاشرتي بدنظميءَ جي آخر نوعيت ڪهڙي آهي؟ ۽ ڪهڙن تاريخي اثرن ۽ سببن کي ان جو ذميدار قرار ڏيئي سگهجي ٿو. پر مختصر طرح سان، ايتري ڳالهه ضرور چوندس ته جيئن الله تعاليٰ انسان کي ديانتدار ڪري خلقيو آهي، پر ’ملڪيت‘ جي هَوس کيس بدديانت بنائي ڇڏيو آهي؛ ان طرح هيءَ ڳالهه به سچي آهي ته الله تعاليٰ سڀني انسانن کي مساوي ۽ هڪجهڙي نموني ۾ پيدا ڪيو، پر سندس قوت ۽ اقتدار جي همه پهلو مطالبن (جي بهرحال سندس ئي حفاظت ۽ مفاد لاءِ هئا) هڪ انسان ۽ ٻئي انسان جي وچ ۾ ويڇو پيدا ڪري ڇڏيو.

عدم مساوات جي ان ڪيفيت کي برقرار رکڻ لاءِ، معاشرتي استحڪام ۽ اتحاد جا مطالبا به اهم عامل ۽ سبب رهيا آهن. اڄ هر ملڪ ۾ اوهان کي اهڙا افراد ۽ طبقا ملندا، جي مستقل طرح سان، نهايت خراب حالت ۾ زندگي گذاري رهيا آهن_ ايتريقدر جو سندن بهترين ڪوششون به کين بهتر معيار زندگيءَ کي مهيا ڪرڻ جي سلسلي ۾ عاجز ۽ قاصر ثابت ٿيون آهن.

اسان جي پاڙيسري ملڪ ۾، ذات_ پات ۽ ڇوت_ ڇات جي ويڇي وارو نظام، ان لاءِ واضح مثال چئي سگهجي ٿو. ٿي سگهي ٿو. ته جڏهن اهو نظام قائم ڪيو ويو هو، تنهن وقت تي معاشري جي لاءِ اهوئي ضروري ۽ مفيد هوندو؛ پر هن جديد دؤر ۾، انسان جي بنيادي حقن جي نظاري ۾، ان ڇوت_ ڇات جو هجڻ، شرم جو باعث آهي.

هيءَ ڳالهه خوشي ٿي پهچائي ته اسان جي ملڪ جو ماضي، ان طرح جي نقصان رسائيندڙ روايت کان پاڪ آهي. هيءُ ملڪ، ’اسلام‘ جي هڪ اهڙي جاندار ۽ روح پرور ورثي جو مالڪ ۽ امين آهي، جو ساري انسانذات کي هڪجهڙو درجو ٿو بخشي، ۽ جنهن جي ماتحت معاشري ۾، هرفرد، هڪجهڙن حقن ۽ موقعن جو مستحق قرار ڏنو ٿو وڃي. اسان کي ان ڳالهه جو پڻ اعتراف ڪرڻ جڳائي ته اصولاً، ان نظريي سان گڏ، اسان جي دلي خلوص جي باوجود، انساني تنظيمن جي قيام جي سلسلي ۾، گڏوگڏ، بعض مختلف نظامن جي ارتقا به ٿيندي آئي آهي. انهن جي ڪري، انساني ضرورتن جي باري ۾ اڪثر طور تي انسانن ۾، ’عدم مساوات‘ به پيدا ٿيندي رهي آهي. ان ڪري فردن هڪجهڙائيءَ واري نگاهه سان نه، پر مختلف سطحن تي الله تعاليٰ جي ڏنل نعمتن مان استفادو پئي ڪيو آهي.

مطلق العنان ۽ شاهي حڪومتن جي دؤر ۾، اقتدار ۽ قوت جو معيار زمين جي ملڪيت رهندو آيو آهي ۽ انسان جي عزت ۽ شان جو مستحق اهوئي شخص سمجهيو پئي ويو آهي، جو زياده زمين جو مالڪ هو ۽ اهي سڀ ماڻهو، جي وڏن جاگيردارن ۽ زميندارن جي ماتحت ڪم ڪندا هئا، اهي ناجائز طور نفعي کَسڻ واري جبر ۽ غلاميءَ جو شڪار هئا ۽ بنيادي انساني حقن کان محروم هئا. آهستي آهستي اها صورتحال نيٺ پڄاڻيءَ تي پهتي ۽ جاگيردارن جو زور ختم ٿيو. پر ياد رهي اها تبديلي، ان سبب ڪري نه آئي ته جاگيردارن ۾ ڪو انساني عظمت جو شعور پيدا ٿيو، بلڪ اڪثر ملڪن ۾ ان تبديليءَ جو وڏو ڪارڻ، ”صنعتي انقلاب“ جو آغاز هو. ’صنعتي انقلاب‘ جو نتيجو لازمي طرح سان اهو نڪتو، جو زمين جي بجاءِ ’دولت‘ انساني شرف ۽ شان جو معيار بنائي وئي. ان طرح صنعتڪار ۽ سرمايدار، دولت جي مدد سان، جاگيردارن جي دؤر کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ۾ ڪم ڪندا رهيا.

اڳتي هلي ان ’دولت‘ کي برقرار رکڻ لاءِ، ۽ ان ۾ مزيد واڌاري ۽ اضافي لاءِ، سرمايدارن، ’جَبر‘ جو هڪ ٻيو طريقو اختيار ڪيو ۽ اهو هو مزورن ۽ انهن جي پورهيي مان پيدائش کي زبردستيءَ سان حاصل ڪرڻ وارو اصول، جنهن کي ’استحصال‘ ٿو چئجي نئون زميندار ۽ جاگيردار طبقو، جو زمين کان هن کان اڳ محروم ٿي چڪو هو، اهو هاڻي پوريءِ طرح سان ڪارخانيدارن جي رحم ڪرم تي پئي تڳيو، تنهنڪري ڪارخانيدار وري مزور جي مجبوريءَ مان ناجائز طرح سان نفعو ڪمائڻ لڳا، ۽ کيس سندس پورهيي جي اجرت گهٽ ۾ گهٽ ڏيڻ شروع ڪيائون. ان صورتحال ۾ لازمي طرح سان بيشمار معاشرتي خرابين جنم ورتو. مزورن سان غير انساني سلوڪ، ڪارخانيدارن جي ظالمانه قدم جي ڪري مزورن ۾ بيروزگاريءَ جو ڦهلجڻ، مزورن لاءِ ناڪافي رهائشي انتظام، مطلب ته طرح طرح جا اسباب اچي گڏ ٿيا، جن سڀني ”جديد صنعتي معاشرن“ کي داغدار بنائي ڇڏيو.

ڪنهن هڪ طبقي جي اقتدار ۽ طاقت کي قائم ۽ برقرار رکندڙ اهڙين ڪوشش_ جي خواهه جاگيردارانه تسلط جي واسطي سان پيدا ٿيون، توڙي مزور طبقي جي روزگار کي پنهنجي. قبضي ۾ رکڻ جي خيال کان عمل ۾ آيون_ انهن نه صرف معاشي زندگيءَ کي پر ان سان گڏ ساري معاشري، بلڪ پوري زندگيءَ جي نظام کي متاثر ڪيو.

نتيجو اهو نڪتو جو اعليٰ طبقي جي خصوصي مفاد ۽ غرضن، هڪ مستقل نوعيت اختيار ڪرڻ شروع ڪئي. ان سلسلي ۾ ڪرايه دار دانشورن جي ڪوششن سان، انهن فائدن ۽ مفادن جي بقاء لاءِ هٿ پير هڻڻ به ان طبقي لاٰءِ ضروري مسئلو بنجي پيو. جن دانشورن تي سندن  ذاتي مفاد جي سنئين سڌي نموني ۾ گرفت اچي چڪي هئي، ۽ ان جَبر جي نظام جو هدف بنجي چڪا هئا.

هي اهو طبقو هو، جو غلاميءَ، فرمانبرداريءَ ۽ اطاعت کي، صدين کان وٺي هڪ پوتر روايت قرار ڏئي، غلاميءَ کي پنهنجي ڪردار جو اهم حصو ۽ خاصو قرار ڏئي چڪو هو.

هاڻي حالت اها اچي پيدا ٿي جو مانيءَ جو ڳڀو، جسم ڍڪڻ لاءِ معمولي قسم جو اوڇڻ، کين مطمئن رکڻ لاءِ ڪافي ثابت ٿيو. ان حال ۾ ڪوبه مذهبي معلم انهن کي هيئن چئي مطمئن رکي ٿي سگهيو ته_ ”جن حالتن ۾ هو زندگي گذاري رهيا آهن، اها عين فطرت جي موافق به آهي ۽ بدلائڻ ۽ اصلاح ڪرڻ کان به زور آهي_ اها ناقابل تغير آهي!“

ارڙهين صديءَ جي حڪيمن کي، عام ماڻهن مان، ان اعتقاد کي ختم ڪرڻ لاءِ، زبردست فڪرانگيز ڪوششون ڪرڻيون پيون ته هو جن حالتن ۾ گذربسر ڪري رهيا آهن، سي ڪو خدا جي طرف کان سندن لاءِ مقدر ٿي چڪيون آهن!

تقربياً ۱۲۵ سالن کان پوءِ، انهن فڪري ڪوششن جو ٺوس نتيجو نڪتو ۽ ۱۹۱٧ع ۾ روس ۾ مارڪسزم جي بنياد تي انقلاب برپا ٿيو. ان انقلاب جي هڪ اهم خصوصيت اها هئي، ته اهو انقلاب ”مذهبي اعتقاد“ کان محروم هو، ان ڪري نئين اقتدار جي لادينيت جو نتيجو اهو نڪتو، جو اهو پورهيت طبقو ۽ عوام، اڳ کان به وڌيڪ جبر ۽ تشدد جو شڪار بنايو ويو.

ان نئين جبر واري نظام نين معاشرتي خباثتن کي جنم ڏنو، جن کي دوُر ڪرڻ لاٰءِ، اڄ سڀني اشتراڪي ملڪن ۾، ذميدار ۽ باشعور ماڻهو توڙي علم ۽ عقل وارا طبقا، مختلف اصلاحي تدبيرون آزمائي رهيا آهن؛ پر مزو اهو آهي ته ان مشڪلات کان نجات حاصل ڪرڻ لاءِ، مذهب کان سواءِ، باقي هر چيز کان مدد وٺي رهيا آهن، بلڪ بيتاب ٿي چڪا آهن. ان سلسلي ۾، مختلف معاشرتي طبقن ۾ مساوات ۽ هڪجهڙائيءَ جي ڪوشش، خواه اها ڪهڙي به نظريي جي بنياد تي ڇونه هجي، تعريف ڪرڻ جي لائق سمجهڻ گهرجي.

اها هڪ بنيادي حقيقت آهي ته الله تعاليٰ، سڀني انسانن کي مساوي نموني ۾ پيدا ڪيو آهي ۽ بنيادي حقيقت ان امر جي تقاضا تي رکي ته انسانذات ۾، ننڍي کان ننڍي، توڙي وڏي کان وڏي، شخص کي به انساني شرف، شان ۽ آزاديءَ جي ڄاڻ سان گڏ، ٻين انسانن جي مقابلي ۾، پنهنجي مساوي حقن جو گَهرو شعور ۽ ان سان گڏ، پنهنجي مذهبي فرائض جو جاندار احساس پڻ هئڻ گهرجي.

اگر ڪنهن قوم جي فردن ۾ اهي سڀ خصوصيتون موجود آهن ۽ اها قوم پنهنجي وطن جي زمين ۽ ان جي روايات سان، جذباتي وابستگيءَ جو شعور به رکي ٿي ته پوءِ اها هڪ مضبوط ۽ جٽادار قوم هوندي، ۽ پوءِ خدا جي راهه ۾، اخلاقي برتريءَ جي حاصل ڪندي، سندس عملي ڪوششن ۾ ٻي ڪابه چيز رڪاوٽ بنجي نه سگهندي.

مان پوري يقين سان چوان ٿو ته اسان جي دستور ۾ اهي سڀ چيزون موجود آهن. اسان جي قرار داد مقاصد ۾ صاف صاف، آزادي، مساوات، رواداري ۽ اسلام جي بنيادن تي قائم ٿيندڙ معاشرتي عدل جو نظام، نه صرف درج ٿيل آهي؛ بلڪ ان ۾ اهو به چيو ويو آهي، ته ”پاڪستان جو عوام هن ملڪ ۾ انهن اصولن تي مڪمل عمل ڪرڻ جي خواهش رکي ٿو.“ اوهان ڏسي سگهو ٿا ته اسان جي نظريي ۽ سوشلزم جي نظريي ۾ ڪيڏو نه فرق آهي. سوشلزم ۾ جنهن چيز تي زور ڏنو ويو آهي، سا چيز آهي مادي ترقي_ ٻين لفظن ۾ سوشلزم ۾ جا چيز مطلوب آهي؛ سا آهي، جديد سائنس جي عطا ڪيل صنعتي مِشن، جا مناسب انداز ۾ استعمال ٿيندڙ چيزون ٿي پيدا ڪري، ۽ پوءِ اهي شيون، مناسب انداز ۾ استعمال ڪندڙن تائين ٿي پهچائي ۽ بس. جڏهن ته اهو سارو طريقو اخلاقي اصول ۽ ضابطي کان آزاد آهي، تنهنڪري اهو لازمي طور ٿو نظر اچي ته ان نظام ۾ بي رحم ۽ سنگدلانه معاشي فوقيت جي بازار گرم ٿي آهي، جنهن ۾ طاقتور ماڻهو، ڪمزور ماڻهو کي دٻائي، ڌمڪائي ۽ هيسائي رهيا آهن. ڪيترن ملڪن ۾ ان صورتحال جا واضح مثال ڏسي پسي سگهجن ٿا. ان طرح اسان روزانه اهڙا ڪيئي مثال پاڻ وٽ پڻ ڏسي رهيا آهيون. اصلاح جي سلسلي ۾، اهو مسئلو طي ٿيل سمجهڻ گهرجي ته ڪو به معيشت دان ۽ معاشيات جو ماهر، يا ڪا معاشرتي قوت، معاشري ۾ پيدا ٿيل عدم مساوات جي مسئلي کي پرامن نموني ۾، تيستائين حل ڪري نٿا سگهن، جيستائين هو پاڻ، مذهبي ۽ اخلاقي شعور سان گڏ، ان جي نفاذ جي ارادي ۽ عزم سان وابسته نه هجن. بس اها ڳالهه لازمي آهي ته جتي اسان معاشي زندگيءَ کي معاشرتي حالتن سان هم آهنگ ڪرڻ جي ڪوشش ڪريون، اتي اسان انهن ٻنهين جو تعلق، ’اخلاق‘ سان به وابسته رکون. مون کي اهو ڏسي خوشي ٿي ٿئي ته اسان جي دستور ۾، ان چيز کي غالب حيثيت مليل آهي.

ٻين ملڪن ۾ مذهب کان جو ڪم ورتو وڃي ٿو، ان جي نوعيت ڪجهه مختلف آهي. انهن ملڪن ۾، مذهبي رهنما، پنهنجن پوئلڳن مان، ان طبقي جي ڀلائيءَ لاءِ ته ڪم ڪرڻ جي خواهش رکن ٿا، جو طبقو نهايت ابتر حالت ۾ آهي؛ ليڪن اهي به قوت، اقتدار ۽ دولت جي مقابلي ۾، پاڻ کي بيوس ۽ بي پهچ سمجهي، موجوده حالتن تي خاموش ٿي ويهي ٿا رهن. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته هڪ ڀيرو بلڪل صاف نموني ۾ اعلان ڪرڻ جڳائي ته مذهب، موجوده نا گفته به معاشي ۽ معاشرتي حالتن کان، بي تعلق نه آهي. ان طرح مذهبي رهنمائن جو فرض آهي ته هو بيڪار ۽ بيمار معاشرتي ادارن جي اصلاح جي ذميداري، پنهنجي هٿن ۾ کڻن.

پاڪستان ۾ صورتحال مختلف آهي. هت ڪنهن کي ٻڌائڻ جي ضرورت ناهي، ته اسلام جا سماجي نظريا، فلاڻا ڪِ فلاڻا آهن. ڇو ته اها حقيقت ته دستور ۾ ئي صاف طرح سان درج ڪيل آهي، ته سارو نظام اسلام جي مطابق هلايو ويندو.

ان واضح حيقيقت جي موجودگيءَ ۾ به اگر اسان جي انتظاميه جا آفيسر، معاشي ۽ سماجي مجبورين کي اڳيان رکي، مذهبي حڪمن ۽ اخلاقي اصولن کي ثانوي حيثيت ڏين ته پوءِ انهن کي ڪنهن به حالت ۾ معاف نه ڪرڻ گهرجي. اسان جي انتظاميه کي پنهنجن سڀني طريقن ۾ جنهن اصول کي اڳيان رکڻو آهي، اهو فقط اهوئي اصول آهي ته صحتمند معاشرتي زندگي، صحتمند اخلاقي اصولن کان سواءِ ممڪن ئي ناهي؛ ۽ صحتمند اخلاقي اصول اهي ئي معتبر آهن، جن جو بنياد ”مذهب ۽ ايمان“ تي آهي.

بس، پاڪستان جو رول ۽ عمل رڳو منفي يا اصلاحي نوعيت جو ناهي، بلڪ ان تي معاشي ۽ سماجي زندگيءَ جي تعمير جي مثبت ذميداري به عائد ٿيل آهي.

ٻين ملڪن ۾، دنيائي ڪاروبار وارن ڪمن ڪارين کان، طويل علحدگيءَ کان پوءِ، خود مذهبي معلمن کي اڄ ان ڳالهه جي ضرورت محسوس ٿي آهي ته هو ان ڳالهه جو اعلان ڪن، ته انساني زندگيءَ جو مادي ۽ اخلاقي پهلو، هڪ ئي وحدت جي حيثيت رکي ٿو، انهن ۾ ڪابه جدائي ڪانه آهي. ٻيو ته هن دنيا جي زندگيءَ ۾، هڪڙين چيزن کي هروڀرو ٻين چيزن کان جدا ڪري نٿو سگهجي.

پاڪستان ۾ حڪومت ۽ شهري ماڻهن، ٻنهين کي هن ڳالهه جو ذميدار قرار ڏنو ويو آهي، ته هو ’اسلام‘ جي عطا ڪيل هدايت جي روشنيءَ ۾، غربت، افلاس ۽ بدحاليءَ جي ختم ڪرڻ لاءِ، مسلسل جدوجهد ڪن. معاشري ۾ پيدا ٿيل خرابين، غلاظتن، بد اخلاقي وارن مسئلن، لاديني طريقن، فحاشيءَ ۽ عريانيءَ وارن ادارن کي پوريءَ طرح سان ناس ڪن ۽ انهن بدڪارين جي قلعن کي ٽوڙڻ جي سلسلي ۾، پورو پورو زور لڳائن، جيئن الله تعاليٰ جي بندگيءَ ۽ فرمانبرداريءَ ۾، مساوات کي هڪ زندهه حقيقت بنائي سگهن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com