سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 4/ 1967ع

مضمون:

صفحو :14

لطف الله بدوي

سر بارٽل فريئر

(قسط_٣)

آزاديءَ جي جنگ کان پوءِ:

سيپٽمبر ١٨۵٧ع جي گذرڻ کان پوءِ، نه فقط سنڌ ۾ پر سڄي هندستان ۾ امن ۽ سلامتي جو دور دورو ٿي ويو. انگريزي حڪومت جي پريشاني دور ٿي ويئي. مهاراڻي وڪٽوريا جي شاهي اشتهار، ماڻهن ۾ وري نئين سر، انگريزي حڪومت جي لاءِ محبت کي جاڳايو. هنگامي حالتن جي گذرڻ بعد، نظم ۽ نسق جي لاءِ ضروري هو ته باغين کي سنگين سزائون ڏنيون وڃن. هندستان ۾ هر هنڌ اِئين ڪيو ويو هو، مگر سنڌ ۾ فريئر جي پاليسي گهڻو نرم هئي. ڪورٽ مارشل جي بدران، هن حڪم ڏنو ته اهڙا مقدما، رواجي ڪورٽن ۾ پيش ڪيا وڃن. خاص ڪري ١٦_ ديسي پيادي فوج جي سپاهين لاءِ، هُن احڪام جاري ڪيا ته اُنهن جي مقدمن جو نبيرو، جلد کان جلد تر ڪيو وڃي. هن هڪ مراسلي ذريعي، سڀني منصفن کي آگاهه ڪيو ته جيڪڏهن ڪو ڏوهي ثابت ٿئي ته اُن کي سزا ڏني وڃي نه ته کيس جلد آزاد ڪيو وڃي. ڇاڪاڻ ته قيدين ۾ ڪي اهڙا به هئا. جن انگريزي حڪومت جون وڏيون خدمتون ڪيون هيون. فريئر جي هن مراسلي جي باعث، ڪيترائي قيدي سزا کان بچي ويا ۽ قيد کان جلدي آزاد ڪيا ويا.

اگرچه سنڌ ۾ چوڌاري خاموشي هئي، مگر فريئر جي دورانديش اک، پيشبندي کان غافل نه هئي. هن بمبئيءَ جي گورنر ايلفنسٽن کي لکي موڪليو ته ديسي فوجن جي انداز کي جيڪڏهن گهٽايو ٿو وڃو ته انگريزي فوج جو انداز وڌايو وڃي. فريئر کي پنهنجي فوجي سالارن_ جيڪب، گرين ۽ ميريويدر_ جي اَثر ۽ رسوخ تي وڏو اعتماد هو، پر اُن هوندي به هُن سوچيو ٿي ته جيڪڏهن حالتون دگرگون ٿي پون ته هيءَ ٻه چار ماڻهو، ڪهڙي ريت ملڪ جو بچاءُ ڪري سگهندا. اُن ڪري هن فوج جي نئين سر تنظيم ڪرڻ ٿي گهري. فريئر جي آرزو کي پوري ڪرڻ لاءِ، بمبئي جي گورنر، نومبر ١۸۵٧ع ۾، ميجر مالڪوم گرين جي مهنداري هيٺ، هڪ انگريز سپاهين جي فوج، بمبئي رواني ڪئي. هيءُ فوج راهه ۾ ميجر جنرل رابرٽس سان ڪوٽاهه ۾ وڃي ملي، جتي بغاوت جا آثار وري ظاهر ٿي رهيا هئا. فسادين کي سزا ڏيڻ کان پوءِ، هيءَ فوج جوڌپور کان ٿيندي، روهڙي پهتي، جتان درياهه کي عبور ڪرڻ کان پوءِ، ۶جولاءِ ۱۸۵۸ع تي جيڪب آباد ۾ پهچي ويئي.

هن فوج جيڪب آباد ۾ رهي، ملڪ جي گهڻي خدمت ڪئي. اِهڙيءَ ريت، فريئر جي ڪوشش سان، سنڌ جي نظام عسڪري ۾ اصلاح آندي ويئي، جا اڳتي هلي انگريزي حڪومت لاءِ بيحد مفيد ثابت ٿي.

قلات جو معاملو:

قلات سان انگريزن جا تعلقات ايترا آڳاٽا هئا، جيترا ميرن سان. سن ۱۸۳۹ع ۾ جڏهن سر جان ڪين، شاهه شجاع کي ڪابل جي تخت تي ويهارڻ لاءِ افغانستان وڃي رهيو هو، تڏهن قلات جي حاڪم محراب خان، انگريزي حڪومت لاءِ ڪي رنڊڪون پيدا ڪيون، اُن جو نتيجو هي نڪتو، جو سر جان ڪين قلات تي چڙهي ويو. سخت لڙائي لڳي، جنهن ۾ محراب خان شهيد ٿي ويو ۽ قلات جو قلعو انگريزن جي هٿ ۾ آيو. انگريزي حڪومت، اُتي محراب خان جي مخالفن مان، هڪ کي قلات جو حاڪم بڻايو. مگر هو گهڻو وقت بلوچن تي حڪومت ڪري نه سگهيو. غيور قلاتين مخالفت ڪئي. انگريزي ايجنٽ ماريو ويو ۽ انگريزن جو نامزد ڪيل حاڪم، محراب خان جي پٽ، نصير خان جي فائدي ۾ حڪومت تان هٿ کڻي ويو. نصير خان تخت تي قابض ٿيڻ کان پوءِ، نهايت دورانديشيءَ کان ڪم وٺي، انگريزي حڪومت سان عهدنامو ڪيو ۽ طرفداربنجي ويو. سن ۱۸۴۲ع کان وٺي سن ۱۸۵۴ع تائين انگريزي حڪومت، قلاتي سياست ۾ ڪو خاص بهرو نه ورتو. جنرل جان جيڪب جو سن ۱۸۴٧ع کان وٺي اُتر سنڌ ۾ قلات جي ايجنٽ جي حيثيت ۾ ٿي رهيو، فقط هي چوڪسي ڪندو رهيو هو ته جئن بلوچ قومون اُتر سنڌ جي انگريزي حڪومت ۾ دست درازي نه ڪري سگهن. مگر نصير خان قلاتي، انگريزي حڪومت سان قريب کان قريب تر ٿيڻ ٿي گهريو. قلات سان دوستانه تعلقات کي مضبوط ڪرڻ لاءِ، فريئر به نصير خان جيتروئي منتظر هو. سن ۱۸۵۴ع ۾ فريئر ۽ نصير خان جي ملاقات جيڪب آباد ۾ ٿي. فريئر، نصير خان کي انگريزي دوستيءَ لاءِ ٽي شرط پيش ڪيا، جي هن فراخ دليءَ سان قبول ڪيا.

1_ انگريزي واپار تي ڪو به محصول نه ورتو ويندو.

2_ سرحدي قبائل کي، انگريزي حڪومت جي ڪنهن حصي تي، دست درازي ڪرڻ کان روڪيو ويندو.

3_ وزير اعظم محمد حسن کي، جو انگريزي حڪومت جو دشمن هو، اُن عهدي کان جدا ڪيو ويندو.

هن عهدنامي کان پوءِ، جلدئي فريئر انگلنڊ روانو ٿي ويو. جان جيڪب، وڏي تندهي سان، هن عهدنامي جي تڪميل لاءِ، پنهنجون ڪوششون جاري رکيون. محمد حسن کي وزارت تان هٽايو ويو ۽ سندس جاءِ تي ملا احمد کي وزير اعظم مقرر ڪيو ويو، جو انگريزن جو خير خواه هو. هن عهدنامي کان پوءِ، وري هن عهدنامي جي تجديد ٿي، جنهن موجب انگريزي حڪومت کي اختيار ڏنو ويو ته هُو پنهنجي فوج کي، قلات جي ڪنهن به حصي ۾، جتي به مناسب نظر، اچي، پنهنجي حقن جي حفاظت لاءِ رکن. پنهنجي مفاد کي سرسبز ٿيندو ڏسي، انگريزي حڪومت، قلات جي خان کي پنجاهه هزار رپيا ساليانه ڏيڻا ڪيا. جنرل جان جيڪب نهايت هوشياري سان، ڪوئيٽا کي، انگريزي فوج جي ڇانوڻي لاءِ انتخاب ڪيو.

مير نصير خان قلاتي کان پوءِ:

سن ۱۸۵٧ع جي وچ ڌاري جڏهن فريئر سنڌ ۾ موٽي آيو ۽ هندستان ۾ آزادي جي تحريڪ پوري زور تي هئي تڏهن اوچتو نصير خان فالج جي بيماريءَ ۾ فوت ٿي ويو. ان کان پوءِ جلدئي سندس وزير اعظم مُلا احمد به فوت ٿي ويو. هن پُرآشوب وقت ۾، فريئر کي هن ٻن دوستن جي وفات تي وڏو افسوس ٿيو. مير نصيرخان جي جاءِ تي سندس ماٽيجو ڀاءِ، خداداد خان مسندنشين ٿيو. ان وقت سندس عمر ارڙهن ورهيه هئي. هو نوجوان هو ۽ اڃا منجهس پختگي ڪانه آئي هئي. سن ۱۸۵٧ع جي شورش کان قلات جا باشندا به واقف ٿي چُڪا هئا. گنگارام نالي هڪ هندو، جو نصيرخان جي دؤر ۾ ڪڇي جو نائب هو، خداداد خان جو مکيه صلاحڪار بڻجي ويو1. هن نئين خان کي فرنگين جي خلاف اڀارڻ گهريو. سندس وطن پرستيءَ جون صلاحون خداداد خان کي به پسند آيون. قريب هو ته قلات پنهنجي حاڪم جي هٿ هيٺ، انگريزن جي خلاف اٿي بيهي، پر اوچتوئي اوچتو، خداداد ۽ سندس سردارن جي وچ ۾ اختلاف پيدا ٿي پيو، جنهن جو نتيجو اهو نڪتو جو سردارن کان بددل ٿي انگريزي حڪومت کي استدعا ڪئي ته هوءِ پنهنجي طاقت سان خان کي راه راست تي آڻي. فريئر لاءِ هيءُ موقعو غنيمت هو. کيس گنگارام جي ريشه دوانين جي خبر پئجي چڪي هئي. هن خانڳڙهه جي عارضي پوليٽيڪل سپرنٽيڊنٽ کي لکي موڪليو ته هُو قلات جي معاملن ۾ مداخلت ڪري، حڪومت جي وقار کي قائم رکي. ميريويدر پنهنجي اسٽاف مان هڪ آفيسر ميڪانلي کي فوج سان گڏ قلات ڏياري موڪليو. ميڪانلي وڏي دليريءَ سان قلات تي چڙهي ويو. خان، مسلح انگريزي فوج کي قلات جي سامهون ڏسي پريشان ٿي ويو. سندس سڀيئي منصوبا مٽجي ويا. هن مجبور ٿي سنڌ جي حڪومت سان ٺاهه ڪرڻ مناسب سمجهيو. ميڪانلي جي هن ڪاميابي کان پوءِ، فريئر، ميجر هينري گرين کي قلات جو مستقل ريزيڊنٽ مقرر ڪيو، جنهن آهستي آهستي، خان جي طبيعت ۾ وڏو دخل حاصل ڪيو. محب وطن گنگارام کي ملڪ مان هڪاليو ويو، جنهن ڪسمپرسيءَ جي حالت ۾ پنجاب ۾ پنهنجي حياتي پوري ڪئي. گنگارام جي بجاءِ شاهه ولي غاسي کي وزيراعظم مقرر ڪيو ويو. هن ڪاميابيءَ کان پوءِ، فريئر ذات بخود، خدا داد خان سان قلات جي هڪ شهر شاهپور ۾ ملاقات ڪئي ۽ کيس مخالفت جي نشيب ۽ فراز کان واقف ڪيو، جنهن جو نتيجو اهو نڪتو، جو خدادادخان، انگريزي حڪومت سان تعاون لاءِ هٿ وڌايو.

ڪوئيٽا تي فريئر جي نظر:

انهيءَ ۾ ڪو شڪ نه آهي ته فريئر وڏو سياسي مبصّر هو ۽ وڏي دوررس نگاهه رکندڙ هو. جيئن ته سنڌ هاڻي انگريزن جي قبضي ۾ هئي، ان ڪري لازمي هو ته بلوچستان جي سرحد تي چوڪسي رکي وڃي. انهيءَ چوڪسيءَ لاءِ وري هي ضروري هو ته بلوچستان ۾ هڪ فوجي چوڪيءَ جو بنياد رکيو وڃي. چوڪيءَ جي لاءِ فرئير جي نظر ڪوئيٽا تي پئي. هن بمبئيءَ جو گورنر لارڊ ايلفنسٽن کي لکي موڪليو ته:

”ڪوئيٽا جي معاملي ۾ مان فرينچ سّياح فيريئر جي خيال جي تائيد ٿو ڪريان. هاڻي جڏهن گرين، قلات جي خان تي پورو قبضو حاصل ڪيو آهي، ان کي اجازت ڏني وڃي ته هو پنهنجي صلاحيتن سان ڪوئيٽا تي قبضو حاصل ڪري. جنرل جيڪب ٿوري ڪوشش سان ڪوئيٽا کي والاري سگهي ٿو.

”ڪوئيٽا جي قدر ۽ قيمت جون ڳالهيون، پئرس ۽ سينٽ پيٽرسبرگ ۾ به ڪيون وڃن ٿيون. هنن کان سواءِ بروهي ۽ افغان به هن مقام لاءِ جهڳڙندا رهن ٿا. مان ائين نٿو چوان ته ڪو روسي جنرل، بولان جي لڪ کان اسان جي مٿان اچي بيهندو، پر منهنجو مطلب آهي ته جيڪڏهن اسان غافل رهياسين ۽ ڪوئيٽا تي قبضو نه ڪيوسين ته ڪنهن به وقت امير دوست محمد خان جي مرڻ وقت، افعانستان ۾ فساد شروع ٿي ويندو، ۽ اسان ٻڌنداسون ته ڪنهن خوش قسمت ڪوئيٽا تي قبضو ڪري ورتو. پوءِ اهو اسان جو دوست هجي يا دشمن، اسان کي بيحد تڪليفون ڏسڻيون پونديون.“ 

ٻه ڏينهن رکي، وري فريئر انهيءَ ساڳي آرزوءَ کي دهرائيندي، جيڪب کي لکي ٿو ته: ”مان لارڊ ايلفنسٽن کان ٻڌو آهي ته هو هن ڳالهه لاءِ آماده ٿيو آهي ته سرحدي مفاد جي لاءِ ڪوئيٽا تي قبضو رکڻ لازمي آهي.“

اگرچ فريئر جي زماني ۾ ڪوئيٽا تي قبضو ٿي نه سگهيو، پر اڳتي هلي هن منصوبي ۾ انگريزي حڪومت ڪاميابي حاصل ڪئي. هيءَ فريئر جي دورانديش نگاهه هئي، جنهن انگريزي سولجرن کي سنڌ جي جلائيندڙ گرميءَ کان بچائي، ڪوئيٽا جهڙو سرد مقام قبضي ۾ ڏنو.

مري قوم ۽ سندن بي قاعد گيون:

سنڌ جي سرحدي بلوچ قومن ۾، مري قوم کي وڏي اهميت حاصل آهي. نالي طور هيءَ قوم قلات جي خان جي رعايا پئي شمار ٿي، مگر طور ۽ طريقي ۾ هيءُ بلڪل آزاد ۽ خود مختيار قوم هئي. مَري. ڌنڌي جي لحاظ کان غارتگر ته نه هئا، پر ڪڏهن ڪڏهن ضرورت کين ائين ڪرڻ لاءِ به مجبور ڪندي هئي. سندن ملڪ ۾ اناج جي پيداوار ڪا گهڻي نه هئي، جڏهن سندن کاڌو کٽي ويندو هو تڏهن مجبوريءَ کان ڦرلٽ ۾ مشغول ٿي ويندا هئا. سن ۱۸۳۹ع کن وٺي هو انگريزن جي خلاف هنگامي ڪاروايون ڪندا ٿي رهيا ڪيئي ڀيرا انگريزي فوجن ۽ هنن جو مقابلو ٿيندو پئي رهيو. سن ۱۸۴۱ع ۾ ميجر ڪليبارن جي هٿ هيٺ هڪ فوج هنن جي سرڪوبيءَ لاءِ موڪلي ويئي. مرين، پنهنجي مهندار بجار خان ڊومبڪيءَ جي ماتحت، انگريزي فوج تي ايڏو ته شديد حملو ڪيو هو، جو انگريزي فوج مان ڪوبه ماڻهو سلامت نه رهيو هو. ڪليبارن ماريو ويو ۽ مرين کي ٽي انگريزي توبون مال غنيمت ۾ هٿ آيون جي ڪڏهن به موٽي نه سگهيون. سر چارلس نيپيئر به هن حّريت پسند قوم کي زير ڪري نه سگهيو. ڏينهون ڏينهن سندن حملن ۽ غارتگري، سنڌ جي انگريزي حڪومت کي وڏي فڪر ۾ وجهي ڇڏيو. سن ١٨۴٧ع جڏهن جيڪب، سنڌ فرئنٽيئر جو سپرنٽينڊنٽ مقرر ٿي آيو تڏهن هُن مرين جي سرڪشيءَ جي خلاف وڏي ڪوشش ورتي. جيڪب جي مستعدي کي ڏسي، ڪجهه وقت لاءِ مرين جي سرگرمين ۾ گهٽتائي اچي ويئي. سنڌ جي اُتر ۾ هو پاڻ کي خطري ۾ ڏسي، هُو خود خان جي ملڪ ۽ ڪڇي ۾ بولان لَڪ وٽ حملا ڪرڻ لڳا. بولان لَڪ وٽ سندن سرگرميون ايتريون ته وڌي ويون هيون، جو وڏن قافلن کان سواءِ، اُتان ڪو به سلامت گذري نٿي سگهيو. اگرچه جيڪب کي سندس هيءُ سرگرميون پسند نه ٿي آيون، پر کيس حڪم ڏنو ويو هو ته هو پنهنجي سرحد کان ٻاهر قدم نه رکي. جئن ته اوڀر کان قلات جي حد پنجاب سان ٿي ملي، اُن ڪري مرين پنهنجا حملا اُن طرف به جاري ڪري ڇڏيا. هن هنگامي حالتن جي باعث،

پنجاب جي انگريزي حڪومت، سنڌ جي حڪومت تي زور آندو ته هو مرين جي خلاف مؤثر قدم کڻي، سندن مصيبت کان ملڪ کي نجات ڏي. قانوني طريقو اِهو هو ته خود قلات جو خان، هن ۾ دست اندازي ڪري، پنهنجي رعايا کي اِهڙين حرڪتن کان باز آڻي. جيڪب ۽ ميجر گرين، گڏجي هنن حالتن تي سوچيندا رهيا. آخر گرين، جو اُن وقت قلات  ۾ پوليٽيڪل ايجنٽ هو، هيءُ ڪم پنهنجي ذمي ورتو. وڏي مشڪلات اِها هئي جو قلات جي خان جي ماتحت جي رياستون هيون، اُهي خان جي اَثر کان گهڻو ٻاهر هيون. لس ٻيلي جو ڄام ته ڄڻ خود مختيار هو. سن ۱۸۵٧ع جي غدر جي  زماني ۾، هُو انگريزن جي خلاف ايران سان ساز باز ۾ هو. مري سندس پشت تي کيڏي رهيا هئا. اِنهن حالتن کان متاثر ٿي، گرين، ٢١جنوري ۱۸۵۸ع تي وڏي فوج سان، جنهن ۾ خان جي فوج به هئي، مرين جي خلاف روانو ٿيو. مسلسل ٻه مهينا ميجر گرين، هنن سرفروشن سان وڙهندو رهيو. مرين وٽ ٻن هزارن ماڻهن جي جمعيت هئي، مگر بي يار ۽ مفلس مجاهد، ڪيستائين باقاعده نظام سان وڙهي ٿي سگهيا. هُو هوريان هوريان منتشر ٿي ويا. سندن مکيه شهر ڪاهان ۽ ٻيا ڳوٺ، هڪ هڪ ٿي انگريزي فوج جي قبضي ۾ اچي ويا. مرين لاءِ، هاڻي ٻيو ڪو به چارو نه رهيو هو ته هُو قلات جي خان وٽ پيش پون ۽ آئنده لاءِ پنهنجي سياسي حرڪتن کان باز اچن. اِئين ئي ٿيو. مري، ميجر گرين وٽ پيش پيا ۽ هڪ دفعو وري به محب وطن مجاهدن کي ناڪاميابيءَ جو منهن ڏسڻو پيو. فريئر، اُن موقعي تي بمبئيءَ جي گورنر لازڊ ايلفنسٽن کي لکي موڪليو ته:

”هن ڪم جي تڪميل ٿي ويئي آهي ۽ بنا ڪنهن نقصان جي. اُهي ٽي توبون جي ميجر ڪليبارن کان مرين کي هٿ آيون هيون، اُنهن مان ٻن کي ميجر گرين هٿ ڪري ورتو آهي. ٽينءَ توب جو ڪوبه سراغ نه ملي سگهيو آهي. هنن ٻن توبن کي اُٺن تي کڻي، اَسي ميلن جو فاصلو طئي ڪري، جيڪب آباد آندو ٿو وڃي.“

جيڪب جو موت.

سيپٽمبر ۱۸۵۷ع ۾، جيڪب کي وچ هندستان ۾ انگريزي فوج جو ڪمانڊر مقرر ڪيو ويو هو. هو اُن وقت ايران جي معاملي ۾ مشغول هو. اتي دير پوڻ سبب لارڊ ايلفنسٽن، سندس بجاءِ، هڪ ٻئي آفيسر، سر هف روز  کي وچ هندستان ۾ موڪلي ڏنو. ايران کان موٽڻ بعد، جيڪب جڏهن بمبئيءَ پهتو تڏهن فريئر جي خواهش موجب کيس وري به جيڪب آباد ۾ مقرر ڪيو ويو. هن به بنا ڪنهن اعتراض جي هن حڪم کي قبول ڪيو ۽ جيڪب آباد پهچي ويو ۽ پنهنجي مشغولين ۾ لڳي ويو.

پنهنجي موت کان مهينو اڳ، هو آب رسانيءَ جي ذريعن جو معائنو ڪندو رهيو ۽ ۽ هر هڪ هنڌ کيس آسودگي ۽ خوشحالي ٿي نظر آئي. هو ان وقت بلڪل تندرست هو ۽ منجهس ڪابه گهٽتائي نه ٿي ڏٺي، مگر هو پاڻ کان مطمئن نه هو. جسماني ۽ ذهني ڪمزوري ٿي محسوس ڪئي. هن جي طبيعت جي ابتري جي زماني ۾ ليوس بيلي به اتي اچي نڪتو هو، جو انگلنڊ کان فقط ڪوئيٽا تي قبضي ڪرڻ لاءِ صلاح ۽ مشوري لاءِ گهرايو ويو هو. هن جيڪب کي بيماريءَ ۾ مبتلا ڏسي، کيس ڪنهن قابل ڊاڪٽر جي گهرائڻ لاءِ مشورو ڏنو. مگر جيڪب انڪار ڪري ڇڏيو ۽ پنهنجي ڪم ۾ لڳو رهيو. آهستي آهستي سندس طاقت جواب ڏيندي ويئي. هو ايترو ته ڪمزور ٿي ويو هو، جو پوريءَ ريت کائي به نٿي سگهيو. ننڊ ته گويا کانئس رُسي ويئي هئي. مگران هوندي به هو پنهنجي ڪم ۾ مشغول ٿي رهيو، دير تائين ميز تي ڪم ڪندو ٿي رهيو. ۲۸نومبر ۱۸۵۸ع تي هو آخري دفعو جيڪب آباد شهر جي دوري تي نڪتو. جڏهن گهوڙي تان هيٺ لٿو ته ليوس بيلي کي چيائين ته ”فقط پنج منٽ ۽ ان کان پوءِ مان نه هوندس!“ هو پنهنجي بنگلي جي ورانڊي ۾ ترسيو. سنڌ هارس جي ديسي آفيسرن کيس سلامي ڏني ۽ ان کان پوءِ هو پنهنجي ڪمري ۾ هليو ويو. اٺيتاليهه ڪلاڪ هو پوءِ به بيماريءَ سان مقابلو ڪندو رهيو. بيلي، هينري گرين کي، جيڪب جي بيماريءَ جو احوال ڏياري موڪليو. گرين ان وقت قلات جي خان سان گڏ، ملا لَڪ وٽ هو. اطلاع ملندي ئي، هو اتان تيزيءَ سان روانو ٿي پيو ۽ ٿورن ڪلاڪن ۾ اَسي ميل جو مفاصلو طي ڪري، جيڪب آباد پهچي ويو. جڏهن جيڪب جي ڪمري ۾ پهتو تڏهن هن سندس هٿ کي ورتو ۽ چيائينس ته ”خدا جو شڪر آهي، جو تون پهچي وئين، هاڻي سڀڪجهه ٺيڪ ٿي ويندو.“ پر ٺيڪ ٿيڻ جي بجاءِ، هو ٻئي ڏينهن بيهوش ٿي ويو ۽ معلوم پئي ٿيو ته سندس پڄاڻي هاڻي قريب آهي. گرين، سڀني آفيسرن کي، بلوچ سردارن سان گڏ، اڌ رات جو وقت سندس ڪمري ۾ وٺي ويو. بيلي سندس ڀرسان ويٺو هو، انگريزي حڪومت جو هيءُ جانباز رُڪن، ان وقت موت جي ڪشمڪش ۾ هو. ۵ ڊسمبر ۱۸۵۸ع جي پوئين رات جي گهڙيءَ ۾ هو موڪلائي ويو. ڇهين تاريخ، اڍائي بجي کيس جيڪب آباد جي انگريزي مقام ۾ سپرد خاڪ ڪيو ويو. فريئر کي جيڪب جي موت جو بيحد افسوس ٿيو. هو سندس گهڻگهرن مان هو. هن لارڊ ايلفنسٽن کي لکي موڪليو ته:

”پنهنجي ذهني ڪمزوريءَ جو کيس ڪو احساس ئي نه رهندو هو ۽ نه وري ان جي ڪا پرواهه ئي ڪندو هو. مٿس ڪم جو وڏو دٻاءُ پيل هو ۽ اهو ويو ٿي وڌندو. پنهنجن پراڻن فرضن سان گڏ، کيس ٽن فوجي دستن جي ترتيب ڪرڻي ٿي پئي. سندس پراڻن ساٿين مان، ڪوبه وٽس ڪونه رهيو هو. وٽس سڀ نوان آفيسر هئا، جن جي به هو تربيت ڪندو ٿي رهيو. اهڙيءَ حالت ۾ هو ڪنهن ٻئي کان مدد وٺڻ لاءِ تيار نه هو. چڱيءَ ريت سمجهي ويو هو ته هاڻي وٽس ڪم ڪرڻ جي طاقت نه رهي آهي، جا اڳي هئي. گذريل اونهاري ۾ کيس اهو احساس پيدا ٿي چڪو هو ته هُو جو ڪم ڪري رهيو آهي، ان جي وٽس طاقت ڪانه آهي، پر هو ڪم ڪندو ٿي رهيو، جنهن آخر سندس جان ورتي.“


1  ”سليڪشن فرام دي پري ميوٽني رڪارڊ“: ص 150

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com