سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2-  1978ع

مضمون

صفحو :6

هن واچ ۾ وقت ڏٺو. اٺ ٿيڻ وارا هئا. هو پريشان ٿي ويو.

”اڙي! اٺ پيا ٿين، دڪان ته بند ٿي ويندا“، هن گهٻرائجي چيو.

”نه، دڪان دير تائين کليل هوندا. عيد ويجهي آهي نه“، عورت چيو. تڏهن هن کي ياد آيو ته عيد ۾ باقي ٽي ڏينهن آهن. جنهن ڏينهن جو ماڻهو ايڏو انتظار ڪندا آهن، ايترا پيسا خرچ ڪري ڪپڙا لٽا ۽ سامان وٺندا آهن، سو هن جي لاءِ سخت بور ڏينهن هوندو آهي. هو سڄو ڏينهن ستو پيو هوندو آهي. ڪنهن وٽ وڃڻ يا ڪنهن سان ملڻ نه چاهيندو.

”منهنجي خيال ۾ پاڻ کي هاڻ هلڻ کپي“. هن ويٽر کي سڏ ڪري بل گهرايو ۽ پسا ڏئي عورت سان گڏ اُٿيو.

ٻئي آهستي آهستي گهمڻ جي انداز ۾ فوٽ پاٿ تي هلڻ لڳا-  ڄڻ هو روز ائين گڏ گهمندا هئا... ڄڻ اهو سندن معمول هو.

”آءٌ سمجهان پيو جهڙوڪ اسين ٻئي روز رات جو ڪراچيءَ جي روڊن تي گهمڻ نڪرندا آهيون ۽ اڄ به ائين گهمون پيا“، هو کلڻ لڳو.

”ها، مون کي به ائين پيو لڳي“، عورت به کلڻ لڳي. ”ڄڻ اسين ورهين کان هڪٻئي کي سڃاڻندا هجون ۽ گڏ رهندا رهجون....“

”هون....“ هن هونگار ڪري عورت جي اکين ۾ ڏٺو ۽ هوءَ سچ پچ شرمائجي وئي. هن کي عورت جي شرمائجڻ تي مزو آيو ۽ ٽهڪ ڏيڻ لڳو.

”ڪِنا!“ عورت ڪوڙي ڪاوڙ وچان هن جي ڪلهي تي ڌڪ هنيو. هن کلندي کلندي عورت جو هٿ پنهنجي هٿ ۾ ورتو ۽ پوءِ گڏ کلڻ لڳا. کلڻ جو ڪوبه سبب نه هو، پر کين هرڀروکل پئي آئي. ٻئي خوش هئا.

هو ريو سنيما وارو ڪراس ٽپي ايلفيءَ ۾ داخل ٿيا.

”ته سائين جن ڪهڙي خريداريءَ جو ارادو رکن ٿا؟“

”آءٌ عيد جي لاءِ هڪ وڳو وٺندس. تون به عيد جي لاءِ هڪڙو وڳو وٺجانءِ. هونءَ پيسا اجايا خرچ ٿي ويندا. ڪپڙا هوندا ته پيا ڪم ايندا.“

”نه، آءٌ عيد جي لاءِ ڪپڙا نه وٺندو آهيان.“

”ڇو؟“

”آءٌ عيد تي ڪيڏانهن نڪران ئي ڪونه، پوءِ ڪپڙا وٺي ڇا ڪندس!“

”اوهه! . . .“ عورت کي ڄڻ ڪجهه سمجهه ۾ اچي ويو هو ۽ هن کي پنهنجي غلطيءَ جو احساس ٿيو. هن عورت جي هٿ کي زور ڏنو- شايد اهو چوڻ لاءِ ته ’ڪا ڳالهه ناهي‘.

”ڀلا ڪنهن خاص دڪان تان ڪپڙو وٺبو؟“ هن مذاقي انداز ۾ پڇيو.

”نه، ڪلاٿ مارڪيٽ ۾ ٿا هلون.“ عورت هن جي منهن ۾ نهاريو ۽ کلي پئي. هو ٻئي ڪلاٿ مارڪيٽ ۾ آيا. هڪڙي دڪان ۾ گهڙي ويا. عورت مختلف ڪپڙا ڏسڻ لڳي ۽ هن کان رايو پڇندي وئي.

”مون کي ڪپڙن جي خبر نه پوندي آهي. تنهنجي مرضي، توکي جيڪو وڻي سو وٺ“، هن چيو نيٺ عورت ڪپڙو پسند ڪيو. قميت تي هو دڪاندار سان اٽڪي پئي. هو بنا ريڙهه پيڙهه جي پيسا ڏيڻ لاءِ تيار هو؛ پر عورت کيس روڪيو.

”تون چپ ڪري بيهه. اوهان مردن کي هونءَ ئي دڪاندار ڦريندا آهن.“ هو چپ ڪري بيهي رهيو. هوءَ دڪاندار سان بحث ڪرڻ لڳي.

”اڃا ٻه- ٽي ڏينهن اڳ منهنجي سهيلي هي ڪپڙو وٺي وئي آهي. مون کي اگهه جي خبر آهي. اسين عيدا وارو اگهه نه ڏينداسين.

دڪاندار قسم کڻڻ لڳو، ته هو عيد جو اگهه ڪونه پيو وٺي؛ پر عورت اعتبار ڪرڻ لاءِ تيار نه هئي. هوءَ دڪان مان ٻاهر وڃڻ لڳي، ته دڪاندار پٺيان سڏ ڪيو:

”ٺيڪ آهي ڀلا وٺي وڃو.“

”ڏٺئي!“ عورت مرڪندي هن کي چيو، ”هي دڪاندار وڏا حرامي اٿئي.“

دڪاندار ڪپڙو ڪٽي پئڪيٽ ۾ بند ڪيو. هن کيسي مان پيسا ڪڍي دڪاندار کي ڏنا. دڪان مان ٻاهر آيا ته هڪ فقيرياڻيءَ هنن کان خيرات گهري.

”خدا جوڙي سلامت رکي.....“ ٻنهي هڪٻئي کي ڏٺو ۽ مرڪي پيا. هن کيسي مان رپيو ڪڍي فقيرياڻيءَ کي ڏنو.

”ويچاري فقيرياڻي! سندس دعا اجائي وئي....“ اڳتي هلي کلندي هن چيو. عورت جي چپن تي مرڪ هئي.

”اڃا به ڪجهه وٺڻو آهي؟“ هن پڇيو.

”نه، بس.“

”حجاب نه ڪج.“

”نه، حجاب ڪهڙو مون کي ٻئي ڪنهن شيءِ جي ضرورت ناهي“ عورت هن کي يقين ڏياريو.

”۽ هاڻي؟“ هن عورت کان پڇيو.

”۽ هاڻي؟“

”هاڻي ڇا پروگرام آهي؟“

”منهنجو ته ڪو پروگرام ڪونهي. جيئن تون چئين؟“

”هل ته ڪٿي ماني هلي کائون.“

”ماني؟ پر بک ته ڪانهي.“

”چائنيز ۾ ٿا هلون. هلڪو کاڌو آهي. ٺيڪ آهي نه؟“

”ٺيڪ آهي. جيڪا تنهنجي مرضي“، عورت ڳالهه مڃيندي چيو.

هلندي هلندي عورت چيو، ”عيد جي ڪري ايتري رونق آهي. نه ته هونءَ اٺين کان پوءِ سڃ هوندي آهي.“

”ها، اڄ سچي به رونق آهي. مون کي به نظر اچي پئي“، هن عورت ڏانهن نهاريندي چيو.

”مون ۾ ڇا ٿو ڏسين؟ رونق رستن تي آهي، مون ۾ ڪانهي“، عورت ٽهڪ ڏنو.

”مون کي ته تنهنجي ڪري پئي رونق محسوس ٿئي“، هن سنجيدگيءَ سان چيو.

”سچ؟“ عورت به سنجيدي ٿي وئي.

”سچ.“ ۽ هن ڏٺو ته عورت جي منهن تي اُداسي اچي وئي هئي.

ٻئي ڪيفي هانگ ڪانگ ۾ اچي ويٺا. دير ٿيڻ سبب رڳو ٽي- چار جوڙا ويٺا هئا.

”تون بور ته ڪانه ٿي پئي آهين؟“

”نه. بلڪل نه، ڪمال آهي، تو اهو ڪيئن سمجهيو!“ عورت مرڪندي ۽ ناراض ٿيندي چيو.

”الائي! آءٌ ته ائين سمجهندو آهيان، ته منهنجي ساٿ ۾ ٻئي کي رڳو بوريت پلئه پوندي آهي.“

”تون به عجيب ماڻهو آهين. پنهنجي لاءِ پاڻ ئي خيال ٺاهيو ويٺو آهين“، هوءَ کلڻ لڳي.

”خير، منهنجي اڄوڪي شام تنهنجي نالي آهي. شايد منهنجي زندگيءَ جي اها پهرين شام آهي، جيڪا تنهنجي ڪري بوريت کان سواءِ گذري وئي ۽ مون کي خبر به نه پئي.“

”پر مون ته ڪجهه به نه ڪيو آهي!“

هل کلي چپ ٿي ويو.

هنن جيستائين ماني کاڌي، هوٽل ذري گهٽ خالي ٿي چڪي هئي. هن بل گهرائي پيسا ڏنا. ٻاهر اچي هن چيو، ”هاڻي تون ويندينءَ؟“

”ها. وڃڻو ته آهي“ عورت کلي چيو.

”ڪا ٽيڪسي  هٿ ڪجي......“ هو هيڏانهن هوڏانهن ٽيڪسيءَ لاءِ نهارڻ لڳو.

”ٿورو هلون ٿا. صدر ۾ ٽيڪسي ملي ويندي“، عورت چيو ۽ ٻئي هلڻ لڳا. هن کي پنهنجو من ڳرو ڳرو ۽ ٿڪل محسوس ٿيو. هن ان احساس کي دٻائڻ لاءِ ڪجهه ڳالهائڻ چاهيو.

”جيڪڏهن تون وري ڪٿي ملي وڃين ته مون کي سڃاڻندين؟“

”آءٌ توکي وساري نه سگهنديس“، عورت پوري سنجيدگيءَ سان چيو. هو ٽهڪ ڏيڻ لڳو.

”ڇو؟ ان ۾ کلڻ جي ڪهڙي ڳالهه آهي؟“

”اهو ڊائلاگ ته فلمن ۾ محبوبه ڳالهائيندي آهي“، هو اڃا ٽهڪ ڏئي رهيو هو. عورت هن ڏانهن ڏٺو ۽ سندس نظرن ۾ ڏک هو.

هو اوچتو چپ ٿي ويو ۽ چيائين، ”ٽيڪسي ته نظرئي نٿي اچي...“ عورت نه ڪڇي هو سمجهي ويو، ۽ سندس ڳالهه عورت کي رنجايو آهي؛ پر هو ڪري به ڇا ٿي سگهيو. هن کي عورت جو جملو بلڪل روايتي قسم جو لڳو هو-- ۽....۽ کلڻ ته هن زوريءَ ٿي چاهيو.

ٻئي هلندا رهيا ۽ ٻئي خاموش هئا. ٽريفڪ گهٽجي وئي هئي ۽ شهر جو شور ٿڪي ٽٽي ساڻو پئجي ويو هو. هڪ ٻئي کان پري پري هلي رهيا هئا. هڪ خالي ٽيڪسي پاسي مان اچي لنگهي. هن رڙ ڪري ٽيڪسي بيهاري. ٻئي وڌي ٽيڪسيءَ وٽ آيا. هن پويون در کوليو ۽ عورت خاموشيءَ سان ٽيڪسيءَ ۾ وڃي ويٺي. هن ڊرائيور کي ڀاڙي جي لاءِ ڏهين جو نوٽ ڪڍي ڏنو ۽ پوءِ ٽيڪسيءَ جي کليل دريءَ وٽ جهڪي عورت کي ڏٺائين ۽ ڳري آواز ۾ چيائين، ”ساٿ لاءِ مهرباني...“

عورت اکيون مٿي کڻي هن کي ڏٺو. سندس اکيون ڀِنل هيون... يا هن کي ائين لڳو هو. ٽيڪسي ٻنهي جي نظرن جي ڏور کي ڇنندي هلي وئي.

هو ايمپريس مارڪيٽ جي بس اسٽاپ تي آيو ۽ پنهنجي بس ۾ چڙهي پيو. سڄي واٽ هن جو ذهن خالي هو. گهر جي ويجهي اسٽاپ تي بس مان لٿو ۽ سُڃي گهٽي لتاڙي پنهنجي ڪمري جي در جي اڳيان اچي بيٺو. در کولي اندارن در جي پاسي ۾ ڀت تي هٿراڙيون ڏئي بٽڻ ڳولي بتي ٻاريائين. ڪمري ۾ روشني پکڙجي وئي. هو ڇرڪي دهلجي در تي ئي بيهي رهيو. ڪمري جي ويراني ۽ اڪيلائيءَ جو دهشت هڪدم هن تي ڇائنجي وئي. هو اکيون ڦاڙي حيرت ۽ ڊپ وچان ڪمري کي ڏسڻ لڳو. ڪمري ۾ پيل هر شي ساڪت ۽ مئل هئي، هن کي اوچتو  موت جو احساس ٿيو ۽ سندس من ۾ ڊپ ڀرجي ويو. هانءَ اڇل کائي نڙيءَ ۾ اچي ڦاسي پيو. هن چاهيو ته پوئتي ڀڄي، پر سندس پير پٿرائجي ويا هئا. کيس  محسوس ٿيو ته ڪمري ۾ ڀريل اڪيلائي ۽ ويراني، آهستي آهستي هن ڏانهن وڌي رهي هئي ۽ پوءِ اها هن جي سچي وجود کي گهيري وئي.

لفظن

کي صرفي سان ڪتب آڻڻ گهرجي- لفظن کي حلال ڪمائيءَ جيان ڪم آڻڻ گهرجي؛ نه ڪي رشوت جي مال جيان.

شرجيل

من جو اڱڻ

 اها ڪيڏي نه وڏي ٽريجڊي آهي، جو تو پنهنجي جوانيءَ جا سڄا سارا ست سال گذاري، ۽ پوءِ هڪ اهڙي ماڻهوءَ سان شادي ڪري ڇڏي- جنهن سان ٻن سالن تائين ايڊجسٽ ٿي نه سگهي آهين-!

- اهو سوال، تون پنهنجو پاڻ کان ڇو نه ٿو پڇين!؟

 اسان مردن جي ٻي ڳالهه آهي جَمي، جيتوڻيڪ مون اڃا شادي ڪانه ڪئي آهي. تنهنجو وجود ۽ انڊراسٽينڊنگ وسارڻ جهڙي ڪونهي- تڏهن بنا انڊراسٽينڊنگ جي ڪافي جسم مليو وڃن. بس اهو ئي فرق آهي، تنهنجي منهنجي ٽريجڊيءَ ۾-

- پوءِ تون شادي ڇو نه ٿو ڪري ڇڏين!؟

 اهو ته سنئون سڌو تون مون کان پنهنجو محرومين ۽ غلطين جو بدلو وٺڻ ٿي چاهين-

-نه، مان صرف توکي خوش ڏسڻ ٿي چاهيان.

 اهڙيءَ طرح سان، جهڙيءَ طرح تون خوش آهين!؟

- نه؟-

 ته پوءِ ٻيون ڪهڙيون خوشيون ملي سگهن ٿيون-؟

- اهي خوشيون توکي پنهنجي ماءُ ۽ جوان ڀيڻ جي ارمانن جي پوري ٿيڻ جي معاوضي ۾ ملنديون-

 آهين نه عورت! تڏهن ته مردن جي معاملي ۽ ضرورتن کي اهميت نه ڏينديون آهيون-

- ڇا، توکي پنهنجي ماءُ ۽ جوان ڀيڻ جو ڪوبه خيال ڪونهي؟

 هنن کي پنهنجي حصي جون خوشيون ضرور ملنديون--- ايندڙ مهيني جي 27- تاريخ تي سعيدا جي شادي ٿي رهي آهي- شادي سندس پسند وٽان ٿي رهي آهي- اِن ڪري جو جيڪي غلطيون وڏن کان شروع ٿين، انهن جو ورجاءَ اولاد ۽ ننڍن لاءِ سخت هاڃيڪار ثابت ٿيندو آهي-

- ڇوڪرو ڇا ڪندو آهي؟-

 هو يونيورسٽي ۾ ليڪچرار آهي-

- ڇا، شاديءَ کان پوءِ سعيده کي ماستري ڇڏڻي پوندي؟

 اهو انهن ٻنهي جو مسئلو آهي، منهنجو ۽ امان جو ڪونهي.

- تو پوءِ ماسي ته اڪيلي رهجي ويندي- اُن لاءِ سهي--

 ڏس جَمي، ڳالهه امان جي اڪيلي رهڻ جي ڪانهي- ڳالهه اُن غلطيءَ کي ورجائڻ جي آهي، جيڪا توکان شروع ٿي آهي.

- مطلب؟

 مطلب ته تو ماٺ ميٺ ۾ شادي ڪري ڇڏي هئي.

- تون جيڪڏهن منهنجي جاءِ تي هجين ها، ته شايد ائين ئي ڪرين ها.

 سمجهان ٿو ته ڏي وٺ واري اڻ گهڙيل رسم جي ٻَل چڙهي ويين، جڏهن ته تون پنجن سالن تائين پنهنجي شاديءَ کي ٽاريندي آيين.

- مَنو پراڻين ڳالهين کي نه کوٽ. مان سخت مونجهه پئي محسوس ڪريان.

Ÿ هر ماڻهوءَ کي پنهنجو ڏک وڌيڪ ويجهو ۽ سخت محسوس ٿيڻ لڳندو آهي ۽ اها فطري ڳالهه آهي؛ پر جڏهن ماڻهو ’گِلٽي هئڻ جي حيثيت ۾ ٻين سان همدردي يا دشمني ڪندا آهن ته پوءِ تو وانگر ئي مونجهه ۽ ٻوسٽ محسوس ڪندا آهن.

- چڱو مان هلان ٿي.

 ٻه منٽ ويهه- سعيد چانهه پئي ٺاهي- هائو جائي ياد آيم، ڪالهه سعيده جيئن اسڪول کان موٽي ته پهريائين مون کي اچي اِها خبر ٻڌايائين ته تون ويجهڙائيءَ ۾ امريڪا پئي وڃيين!

- مان، وڃان ڪانه پئي، مون کي رفيق وٺي پيو وڃي.

 چڱو ته ڪري پيو ويچارو- ڏسي ڪونه پيو ته سندس مومل جي هت مَن ڪونه پيو لڳي- هونئن به سٺي ڳالهه آهي- ماحول جي مَٽَ انساني ذهن ۽ فڪر ۾ تبديليون آڻي ڇڏيندي آهي.

- تون پنهنجي زندگيءَ لاءِ اڃا سيريس نه ٿيو آهين.

 مان سيريس هوس- ايستائين جيستائين اُهو پارٽ

مليل هو. منظر بدليا آهن ظاهر آهي، مون کي اُن آهر ڪم ڪرڻو آهي.

- مَنو- ڏس، منهنجي اکين ۾ چتائي ڏس، ڇا توکي اُتي ساڳي جَمي نظر نٿي اچي؟

 نه، جَمي نه- مشرقي سماج اسان کي لتاڙي، چيڀاٽي گذري چڪو آهي- اسان ٻئي ان جي سمجهه ۽ نگاهن ۾ مُئل ۽ فنا ٿيل وجود آهيون- تون ڪهڙيءَ جَمي جي ٿي ڳالهه ڪرين؟ ان جي- جنهن رفيق ٺيڪدار سان چپ چاپ شادي ڪري ڇڏي!

- پر مان توکي هميشه جي وسارڻ جي سگهه نه ساري سگهي آهيان. مان تو سان ماسيءَ سان ۽ سعيده ساڻ ملي، ڪيڏي نه روحاني خوشي محسوس ڪندي آهيان- تو ڪڏهن ان جو ڪاٿو به لڳايو آهي!؟

- اها تنهنجي پنهنجي غلطي آهي جمي- ۽ تنهنجي غلطين جا اندازا مون کي هاڻي ڏئي به ڇا ٿا سگهن؟ سواءِ ان جي جو تنهنجو روح سان پيار ڪندو رهان- ائين نه؟ ماڻهو پولار سان پيار ڪندا آهن. مان الائي ڇو نٿو ڪري سگهان.

- اڄ مان تو وٽ پڇاڙڪو ڀيرو آئي آهيان. مون کي خبر هئي ته تون اهڙيون ئي ڳالهيون ڪندين- پوءِ به تو وٽ آئي آهيان- جو غلطي منهنجي آهي- مون کي خبر آهي ته تون مون کي وساري چڪو آهين.

 ڳالهه وسارڻ جي هرگز ڪانهي جمي- صرف نئين مليل ڪردار جي پرفارمنس جي آهي.

- سعيده سچ چوندي آهي.

 ڇا چوندي آهي سعيده؟

- بس اهو ئي ڪجهه، جيڪو تون اڄڪلهه آهين-

 ڇا مطلب!

- مطلب ته پنهنجي زندگي ۾ آئيندي کان بي پرواهه رهڻ.

ڪنهن حد تائين سعيده جو مون لاءِ صحيح تجزيو آهي- ظاهر آهي هوءَ منهنجي ڀيڻ آهي، هوءَ مون کي وڌيڪ سڃاڻي؛ پر جڏهن ماڻهو پنهنجي ذات مان نڪري ٻين ۾ داخل ٿيندو آهي، ته پوءِ ذات ۽ وجود ٽئين درجي جي وڃي حيثيت وٺندو.

- پر تڏهن به پنهنجي وجود کي پيڙي ڇڏڻ سياڻپ ته ڪانهي- جڏهن ته تون هاڻي ٻين لاءِ جيئرو آهين- پوءِ انهن ٻين ۾ مان، سعيد ۽ ماسي به شامل آهيون-

سعيده، ويجهڙائيءَ ۾ پنهنجي ننڍڙي جنت ماڻيندي- رهيو سوال تنهنجو ۽ امان جو- سو اوهان ٻنهي جي خواهش هڪ جهڙي آهي- فرق صرف امان ۽ تو ۾ آهي- امان مون کي پُٽ سمجهي منهنجون خوشيون (جن ۾ سندس به ڳچ حصو آهي) مون کي وٺي ڏيڻ ٿي چاهي- تون منهنجي ڪجهه هيئين- پوءِ ناتا ٽٽي پيا- الڳ ٿي وياسين- مان ايندڙ وقت ۾، جڏهن به مون پاڻ ۾ همت محسوس ڪئي، امان کي ڌيءُ، ننهن ۽ پُٽ جو بي انتها پيار ڏيندس- هان، هي چانهه وٺ-

- منو-

 هون-

-                     مون کي ڪراچيءَ ايئرپورٽ تي SEE OFF ته ڪرڻ هلندين نه؟

 تون ته آخري گهمرو مون سان منهنجي گهر ملڻ آئي آهين- پوءِ ايئرپورٽ تي ٻيهر ملڻ جو مقصد؟

- مون کي توسان هڪ ضروري ڳالهه ڪرڻي آهي-

  ڇا ڳالهه ٿي نه چڪي آهي، ۽ جي نه ته پوءِ هينئر نٿي ٿي سگهي!

- نه،

 ڇو؟

- جو ڳالهه ئي اهڙي آهي-

 جمي، تنهنجي ٽٽل وجود کي ڏسي الائي ڇو جهُري پوندو آهيان- ڪڏهن ڪڏهن پاڻ کي ڏوهي به سمجهندو آهيان پر ساڳي وقت آءٌ بي ڏوهي به ته آهيان.

-                     مان توتي پنهنجو ڏوهه ته ڪونه پئي مڙهيان- هونءَ به تون منهنجي نگاهن ۾ معصوم آهين- جيتوڻيڪ مون توکي اونداهين ۾ ڪونه رکيو هو، مان تولاءِ سالن تائين وڙهندي رهيس، پوءِ مون پنهنجي خاندان ۽ پنهنجي ڀاءُ جي آڏو ڪنڌ جهڪائي ڇڏيو-

 ڏس چري- مان توکان سواءِ جيئان پيو نه- ڳالهه سهاپي، قرباني ۽ پٿر دليءَ جي هرگز ڪانهي- تون به جيئڻ سکي ڇڏ- جو اڃا تائين پهاڙن جيڏا سال پيا آهن-

- نه منو- مان نٿي جِي سگهان، منهنجي اندر ۾ سَڀڪجهه ٽٽي چڪو آهي- اڳي يونيورسٽي ۾ دل پرڀي پئي هوندي هئي- ڪجهه مهينا اڳ ۾ رفيق نوڪريءَ کان به جهلي ڇڏيو.

 هن دنيا ۾ هر انسان پنهنجي پنهنجي حصي جا ڏک ۽ سور اڪيلو ئي سَهي ۽ ڀوڳي ٿو- پر مان ڪيڏو نه خود غرض آهيان جو تنهنجي اندر ۾ بچيل باقي شين کي به ڀوريو ڀڃيو  ڇڏيان. سچ جمي، مان ائين محسوس ڪندو آهيان، ڄڻ ته منهنجي حصي جا ڏک سور به تو پاڻ تي کڻي ڇڏيا آهن- اڙي چري، هي ڇا!- روئين پئي، امان ۽ سعيده ڏسي ورتو ته هو به اڪيلائيءَ ۾ روئنديون وتنديون، ائين نه ڪر- زندگي رڳو ڏکن. سورن ۽ ڳوڙهن جو ته نالو ڪونهي- انسان چاهي ته پنهنجي اندر مان سڪل پنن ۽ ڪومائل گلن کي ٻهاري ٻاهر ڦٽي ڪري سگهي ٿو-- ۽ پوءِ جڏهن بهار جي ويجهي اچڻ جا اهڃاڻ هجن ته گلاب ۽ موتي جا ڏندڻ کوڙي ڇڏي- هان، هي رومال وٺ ڳوڙها اگهي ڇڏ، ڄاڻ سعيده چانهه جا ٿانوَ کڻڻ آئي.

- مان- هَل- اَن- ٿي- تون- ڪراچي- ايئر- پورٽ تي ضرور- - اچجانءِ- - ٽڪيٽ- ملڻ تي- توکي- - تاريخ ۽- - فلائيٽ جو اطلاع - - ڪنديس - - !

 تو ڊرائيور کي يارهين بجي جو وقت ڏنو هو- هينئر ڏهه ٿيا آهن- اُٿي ته توکي ٻاهر رڪشا ڪري ڏيان.

صبح جو سوا پنجين بجي جڏهن بوئنگ جهاز رن وي تي ڊوڙي رهيو هو- هو آهستي آهستي ماڻهن جي ميڙ مان نڪري اچي گاڏيءَ ۾ ويٺو، (جيڪا حيدرآباد ۾ هڪ دوست کان چويهن ڪلاڪن لاءِ گهري هئائين.) هن جميءَ کي سندس ڀائرن، ڀينرن، ماءُ ۽ ڀاڄائي سان گڏ رومال ۽ هٿ لوڏي رخصت ڪيو هو- جمي ڪجهه ڳالهائي نه سگهي هئي- البت هلندي وقت جميءَ پرس مان لفافو ڪڍي، اک وٺي هن کي ڏنو هو- ”جان محمد، گاڏي اسٽارٽ ڪر، سڌو حيدرآباد هلڻو آهي-“

هن ڊرائيور کي پاڻ ڏانهن سوال وارين نگاهن سان ڏسندي وراڻيو- هو گاڏيءَ جي پوئين سيٽ تي آهلي پيو- - ڪي گهڙيون ائين رهيو- جڏهن گاڏي ايئرپورٽ روڊ تي ڊوڙڻ لڳي- هن سڌو ٿي ٻانهن وڌائي، ڇت واري بلب جو سوئچ اَن ڪيو- - هلڪي پيلي روشني گاڏيءَ ۾ پکڙجي وئي- - ڊرائيور پوئتي مڙي کيس ڏٺو- - هن ڪوٽ جي کيسي مان لفانو ڪڍيو- خط کولي پڙهڻ لڳو.

22- فيبروري

مُنو

مون سعيده جي هٿان، توکي تاريخ ۽ فلائيٽ جو اطلاع ڏئي ڇڏيو آهي- مون کي اُميد آهي ته تون ضرور ايندين- هي خط مان وڃڻ کان ٻه ڏينهن اڳ ۾ لکي رهي آهيان- رفيق جي پروگرام سارو سال رهڻو آهي- هائو جيڪڏهن تون نه آئين ته هي خط توکي اُتان پوسٽ ڪنديس منو، مان سچ پچ گلٽي آهيان، مان ڪهڙي نه عجيب عورت آهيان، جنهن مان ڪوبه خوش ڪونهي- تو سچ چيو آهي مون کي پنهنجا ڏک سور ياد رهندا آهن- مون پنهنجي خاندان جا ڏک سور، عزتون ۽ رک رکاءِ، سڀ سوچي سمجهي هنن جي خواهش پٽاندر پنهنجي سر کنيا آهن، ايڏي وڏي فيصلي ۽ معاهدي کان پوءِ به هو سڀ خوش نه آهن، جو مان خوش نه آهيان- هو سمجهن ٿا ۽ سوچين ٿا ته اهو سڀڪجهه ٺيڪ نه ٿيو آهي، پوءِ به هو ٺيڪ سمجهن ٿا- اها مون سان ۽ انهن سان وڏي ٽريجڊي آهي، مون زندگيءَ جا ست سال، هڪ جهڙيءَ ئي اذيت ۾ گذاريا آهن. توکان ته منهنجي زندگي جي هڪ گهڙي به ڳجهي ڪانهي- مون سوچيو هو ته تنهنجي شادي ٿي وڃي- پر تون هر ڀيري اها ڳالهه مختلف بهانن ۽ طعنن سان ٽاريندو رهين، ۽ اها ڳالهه پاڻ وڌيڪ مونکي ڏوهي ثابت ڪندي وئي، تو چواڻي ته ’سماج اسان کي لتاڙي چيڀاٽي گذري چڪو آهي- اسان ٻئي، هڪٻئي لاءِ مئل ۽ فنا ٿيل وجود آهيون-‘ پر پوءِ به ملون ٿا!  ڇا اهو  ڪوڙو سچ ڪونهي! شايد تون مون کي جذباتي چوين- پر اها حقيقت آهي منو، ته مان ايندڙ زندگيءَ جا سال خوش نٿي گذاري سگهان منهنجي ڄاڻ، منهنجي سوچ، منهنجو پيار مون لاءِ عذاب بڻيل آهي- رفيق منهنجو سوٽ آهي، ۽ ساڳي وقت ٻن سالن کان گهر وارو پڻ، انهن ٻن سالن ۾ گهر جي ضرورت کان سواءِ سينگار، ٺاهه جوڙ ۽ لگزريءَ جي هر شيءِ آندل آهي، مون کي گهر ۾ ڪجهه به ڪونه ٿو ڪرڻو پوي، ايڏيون وڏيون قيمتي شيون ۽ زيور ڪٿان ٿا اچن! مون کي خبر آهي، رڳو منهنجي چپن تي مرڪ ڏسڻ لاءِ ايڏا وڏا جتن ڪيا ٿا وڃن، سچ پڇين منو، مون کي ڪڏهن ڪڏهن رفيق تي ڏاڍو ترس ايندو آهي، پر مان هن لاءِ ڇا ٿي ڪري سگهان! ڪجهه به نه- هو سڀڪجهه سمجهي ٿو- پوءِ به مون کي کٽڻ لاءِ جنگ جاري رکيو ويٺو آهي، هو مون کي امريڪا وٺي وڃي رهيو آهي، رڳو مون کي خوش رکڻ لاءِ، هو لبرل آهي- تون خود چوندو آهين ته اسان سماج ۾ ڪيترائي پڙهيل لکيل ماڻهو لبرل رڳو پنهنجي آنا ۽ مفاد جي خاطر هوندا آهن‘- هو مون کي تنهنجي گهر رڳو ان ڪري ڇڏيندا آهن، جيئن هو پنهنجي آزادانه ذهنيت جو طعنو ڏئي، مونکي پنهنجي مرضين ۽ ڪن مخصوص ضابطن جو غلام بڻائي سگهن- منو، مون توکي ايئرپورٽ تي اچڻ لاءِ رڳو انڪري زور ڀريو هو. هڪ ته تنهنجي صورت کي ٻين پنهنجن سان گڏ ڏسڻ پئي چاهين، ٻيو ته اهو ڪجهه جيڪو توکي ٻڌائيندي رهي آهيان، يا اڃا اهو ڪجهه جيڪو توکي نه ٻڌائي سگهي آهيان، توکي ٻڌائڻ پئي گهران، جيتوڻيڪ اهڙي تحرير توکي اتان پوسٽ به ڪري ٿي سگهيس تڏهن به مناسب سمجهيم ته توکي روبرو ڏئي ڇڏيان- ٻڌ منو، رفيق منهنجو مڙس آهي، ۽ رڳو مون کي ذهني طرح حاصل ڪرڻ لاءِ هن سرڪاري ٺيڪي ۾ پنجن لکن جي گهوٻي هنئي آهي، مرد جڏهن عورت کي پنهنجي ڪمزوري محسوس ڪندو آهي، ته هو پنهنجا وڏي ۾ وڏا راز به کولي ويهندو آهي، ۽ رفيق اهو سڀڪجهه مون کي ڀرپور پيار جي احساس ڏيارڻ جي عيوض ۾ ٻڌايو آهي، ان صورت ۾ جڏهن مان تنهنجو ۽ رفيق جو مقابلو ڪندي آهيان ته مون کي خواب ۽ حيقيقت، ڪارو ۽ اڇو، ڏينهن ۽ رات، محبت ۽ نفرت جيڏا فرق ۽ تفاوت نظر ايندا آهن- رفيق منهنجو مڙس آهي، پر ذهني هڪجهڙائي نه هئڻ ڪري هو مون کي کٽڻ لاءِ ان وڏي خال کي دولت ۽ وندر سان ڀرڻ ٿو چاهي، تون منهنجي سماجي ۽ قانوني طرح ڪجهه به ڪونه آهين، پر اسان ٻئي ذهني طرح ڪلهه وانگر اڄ به ائين ئي آهيون- پر تون ان هوندي به مون تي ڪوبه دٻاءُ يا حيثيت ڪونه ٿو مڙهين، پر تڏهن به مان پاڻ کي سڄو توڏانهن ليٽيل محسوس ڪندي آهيان- مان ٻن ڏينهن کان پوءِ هيءَ سر زمين ڇڏي رهي آهيان، مون کي ڪوبه ڏک ڪوني- ڏس، مان ڪيڏي نه بي حيا عورت آهيان، جو قانوني مڙس هوندي به هڪ غيرقانوني مرد جي ضرورت پئي محسوس ڪريان! جيڪڏهن مان چاهيان ته هڪ گهڙيءَ ۾ اهو ڪجهه ڪري ڏيکاريان جيڪو سال ڏيڍ کان منهنجي ذهن ۾ آهي، پر آءُ ائين نٿي ڪري سگهان، جو ادا جي ٻن ٻارڙن جون معصوم صورتون آڏو ڦرن ٿيون، مون کي اها به خبر آهي ته رفيق هڪ نه هڪ ڏينهن ضرور گرفتار ٿيندو، هو ايترو اثر رسوخ وارو هرگز ڪونهي، جيڪو آسانيءَ سان جان ڇڏائي سگهي- جن به وڏن آفيسرن سان هن سٽل ڪيو آهي، اهي خود هن جا هڪ نه هڪ ڏينهن دشمن ٿي بيهندا- اهڙن شڪن جو خود رفيق ذڪر ڪيو آهي، انهن ايندڙ حالتن جو به اڻ سڌي طرح منهنجو پنهنجو وجود ذميدار آهي؛ پر منهنجو ذهن ۽ خواهشون هرگز نه- اِن ڪري مان مطمئن آهيان-

مُنو تو منهنجي جوانيءَ جي ستن سالن جو ذڪر ڪيو آهي- - پر هي ته سڄي جيون جي ٽريجڊيءَ جو ذڪر آهي- ۽ اهڙيءَ طرح مان توکي پنهنجي ٽريجڊيءَ ۾ هرگز شامل نٿي ڪرڻ گهران- - مون اچڻ کان اڳ ۾ ماسيءَ کان اِهو واعدو ورتو هو، ته هوءَ تنهنجي ڪنهن مناسب هنڌ ڳالهه ٻولهه هلائيندي- انڪار نه ڪجانءِ- هي اهڙو بار آهي، جيڪو لاڳيتو ٻن سالن کان کنيو پئي وتان- - ڇا تون اِن بار کڻڻ ۾ منهنجي مدد نه ڪندين!!؟- مون کي هڪ پڪ آهي مُنو، تون ضرور شادي ڪندين. آءٌ جڏهن به ۽ جنهن به حالت ۾ پنهنجي سرزمين ڏانهن موٽيس- آءٌ ڪجهه نه ڪجهه تبديلي ڏسڻ ٿي چاهيان.

مان خط لکان پئي، عجيب احساس ۽ اڌما پيا جاڳن- - مون کي احساس آهي ته اسان مڙئي عورتون ائين ئي ڪنديون آيون آهيون- - اسان پنهنجي پِريَن کي پيار ڏئي، مٿي آسمانن تي کڻي وينديون آهيون- گڏ مرڻ ۽ جيئڻ جا واعدا ۽ وچن ڏينديون ۽ وٺنديون آهيون- پوءِ جڏهن خاندان ۽ سماج هلڪو سڏ ڪندو آهن ته، سڀ ڪجهه وساري وڃي اڏيءَ تي سِر رکنديون آهيون- مان ائين پنهنجي ڪُسجڻ تي رڳو ڦُٿڪي آهيان- - آواز نه اٿاري سگهي آهيان- صرف تنهنجي آڏو- تنهنجي زندگيءَ کي ڪو موڙ ڏيڻ خاطر مطالبو ٿي سگهي آهيان- ۽ بس- - توسان ڪيل ڳالهه ٻولهه واري ڀريل ڪيسٽ پاڻ سان گڏ کينو پئي وڃان- مان سمجهان پئي،  وڌيڪ نه لکي سگهنديس- جو نوڪرياڻيءَ چانهه ڏيندي ٻڌايو ته مٿي ادا وڏي سان ڀاڄائي اٽڪي پئي آهي-- ۽ اهو هر چوٿين پنجين ڏينهن جو نيم آهي. توکي ته خبر آهي- ڀاڄائي پنهنجي ڀاءُ جو پلاند، منهنجي ڀاءُ کان طعنن، جُٺين، جهڙن ۽ ڪڏهن ڪڏهن ننڍڙن ٻارن کي مارڻ جي صورت ۾ وٺندي آهي-- سچ جيڪڏهن ادا وڏي کي ايترو جلدي ٻار نه ٿين ها، ته مان هڪ ئي ڌڪ سان ٻه ڪم ڪري وٺان ها- هاڻي مان وڌيڪ لکي نٿي سگهان. ذهن ڪم نٿو ڪري- - چانهه به جيئن ٺهي رکي آهي، پئي ٿي-- ڪي گهڙيون اڳ ۾ امان مون کي پنهنجي ڪمري ۾ گهرايو آهي- - اوڏانهن به وڃڻو اٿم- اهو چوڻ ۽ لکڻ غير مناسب ٿي سمجهان ته اهي ڳالهيون جيڪي توکي لکيون اٿم، ڪنهن سان نه ڪجانءِ- - مان وڃڻ ساڻ سعيده لاءِ ڪا خوبصورت سوکڙي وٺي موڪلينديس- کيس شاديءَ جي موقعي تي ڏجانءِ-

ماسيءَ ۽ سعيده کي مون طرفان پيار ۽ ڳواٽڙي-

فقط

جَمي

هُن جي هٿ ۾ خط جا پنا ڀڪوڙيل هئا- هو اکيون پوري، سيٽ تي وري اَهلي پيو- ڊرائيور پوئتي مڙي ڏٺو- ۽ پوءِ کاٻو هٿ وڌائي بتي آف ڪري ڇڏيائين-

ڪار، تيزي سان سپر هاءِ وي تي حيدرآباد ڏانهن ڊوڙي رهي هئي - - هو ليٽو رهيو - - هن جي ذهن ۾ ڪيترائي ڏيک ڦرڻ لڳا- - پاڻ مرادو، هن جي ڪنن ۾ شرناين ۽ دُهلن جا آواز پڙاڏو بڻجي ٻُرڻ لڳا- هن کي محسوس ٿيڻ لڳو، ڄڻ هن جا هٿ تڪڙ تڪڙ ۾ سڪل پنن ۽ ڪومائل گلن کي ميڙي گڏ ڪري اڱڻ مان ٻاهر اُڇلي رهيا آهن- ۽ پوءِ آهستي آهستي هن کي اڱڻ جي چئني پاسن کان پوسل واري مٽيءَ ۾ کتل گلاب ۽ موتئي جا ڏندڻ ساوا ساوا گؤنچ ڪڍندي محسوس ٿيا.

فاروق سولنگي

فيميل وارڊ

هو ڪيفي ٽيريا واري رستي کان چڪر ڏيندو رهيو. سگريٽ ڇڪيندي هاسٽل ڏانهن هليو پر در تائين پهچندي وري خيال اچي ويس.

”چڱو راشد وٽ ئي وڃي ٿو وقت پاس ڪيان.“ هاسٽل تائين پهچي ويو. درن جي ڊگهن شيشن ۾ پنهنجو عڪس ڏٺائين، ڪراهت کان مُنهن ٻئي پاسي ٿي ويس. راشد جي ڪمري کي جيئن ويجهو آيو، اندر ويٺلن جا آواز ٻڌائين:

”اڙي جلدي تيار ٿي وٺو ته نڪري هلون بشير بُرائي نه اچي وڃي. سدائين اسان تي چٽي“. وري ٻيو آواز آيو. ”پر هن ته اڳئين سال ايم. اي. ڪري ڇڏي آهي، پوءِ اڃا تائين ڇو ٿو پيو ڪيمپس ۾ ڌڪا کائي“. وري راشد جو آواز ڪن پيس.

”بس يار ويچارو آهي مڙئي غريب ماڻهو. دوستن وٽ رهيو پيو آهي. نوڪري به نٿي مليس“. ڪنهن ٻئي وچ ۾ ڳالهايو.

”آهي ته ڏاڍو ذهين ڇوڪرو، پر ڇا ڪري اڄ هوشياريءَ کي ڪير ٿو پڇي“! بشير ڄڻ لوهي رجندڙ بٺيءَ ۾ ڪري پيو. لفظ ’ويچارو‘ دماغ ۾ گونجندو رهيس ’ويچارو‘... ’ويچارو‘.. ”هوُن، ويچارو رڳو مان نه پر هت هرڪو ... ويچارو چوڻ وارا پاڻ وري ڪهڙي ڪتي جا....“ هٿ مهٽيندو ڪاوڙ ۽ شڪائپ جي گڏيل ڪيفيتن ۾ پاڻ پچائيندو سڌو اچي ڪيفي ٽيريا ۾ ويٺو. چانهه ۽ سگريٽ جا پئسا هيس. ڪڏهن چانهن ۾ جوهه، ڪڏهن ٻاهر آسرنهن ننڍن وڻن ۾. جيئن ئي چانهه پي ٻاهر نڪتو ته بس به اچي بيٺي. ڪي لٿا ڪي چڙهيا. ياسمين به لٿي. سڌو بشير ڏانهن هلي آئي. ”هفتي کن کان ڪونه ٿو ڏسجين مسٽر“!

”ڪمري مان گهڻو ڪونه نڪرندو آهيان.“

”ڪمري تي ڪٿي هئين. مان جو ادا گل کان روز پڇندي هيس“.

بشير جو ڪوڙ ظاهر ٿي پيو. ”بس ائين ئي ٿورو شهر ۾... ڀلا ضرور آڇا ته روز توسان ملان“. بشير هيٺ پٿريءَ کي ٿڏو هنيو.

”ڀلا گهر ڏانهن ته سڀ خير آ نه؟“

”ها سڀ ٺيڪ هوندو. امان آهي سو پراوا مرچ ڪٽيندي ڪٽيندي مري ويندي. ننڍو ڀاءُ آهي سو سدائين هوٽل جو بيرو ئي ته هوندو“.

”بشير ڏس هروڀرو اهڙيون ڳالهيون ڇو ڪندو آهين؟“

”ته ڇا بکئي پيٽ ۽ لٽن ليڙ مارن تي ئي ڳالهايان؟“

”اهو ته تنهنجو من گهريو موضوع آهي.“

”جيون جي انهن سچاين کي دنيا نه اڳ ٻڌو آ نه هاڻي. اڄ ڀلي تون به نه ٻڌ.“

”ڏس وري جذباتي ٿي وئين نه؟ مون کي ڇاٿو ٻڌائين تنهنجي منهنجي ڳالهه ڪو ورهايو. هونئن به ديوتا ۽ داسيءَ جو پاڻ ۾ ڪهڙو رشتو هوندو آهي.

”ويدن جي دنيا مان نڪري هن ڌرتيءَ تي رهندڙ مادي وجودن جي ڳالهه ڪر، هي جيون ڪجهه خوبصورت جملن ڳالهائڻ جو ئي نالو ته ناهي ياسمين!“

”توهان ماڻهو محبت ۽ قربانين جي لطيف احساسن مان ڀلا ڇا ڄاڻو.“

”اسان کان وڌيڪ حساس ۽ انسان پرست ٻيو ڪير هوندو؟“

اسان ته هن دنيا جو ڏاڍ ۽ جبر ڏسي هن سماج سان بغاوت ڪئي آهي.“

”توکان ڳالهين ۾ بابا ڪير کٽندو آَ.“

”سچ ۽ سندرتا کان ڪنهن به نه کٽيو آ.“

”خير شل اهو ڏينهن اچي جڏهن تون ۽ مان پنهنجي سوچن جي تعمير ڪيون.“

”مون سپنا ڏسڻ ڇڏي ڏنا آهن.“

”اها مايوسي آ.“

”جيڪا هاڻي اسان جهڙن جو ورثو بڻجي ٿي وڃي.“ گرلس هاسٽل اچي وئي.

”پر توهان جهڙن رڪ ورنن ماڻهن جو ته مايوسيءَ ۾ يقين ڪونه هوندو آهي.“ ”ڪڏهن وحشت مان پهاڙ سان ٽڪر هڻڻ ۾ رت ۾ وڌيڪ جوش ايندو هو، هاڻي لاڳيتو ناڪامين پهرين بزدل پوءِ زندگي پرست بڻائي ڇڏيو آ.“

”چڱو بشير مان هلان ٿي، توکي ڪڏهن ڪڏهن عجيب فٽس پوندا آهن.“

ياسمين جا اهي لفظ بشير جي اندرين ٻرندڙ اوڙاهه کي برف جي ڇپ ڪري هليا ويا.

”ٻڌ ياسمين منهنجي جذباتي ڳالهين جو دل ۾ نه ڪجانءِ. مان انهن حالتن جي پيداوار آهيان، جن ۾ رهي ڪري عام ماڻهو پنهنجي شخصيت کي مڪمل چئي نٿو سگهي؛ پر ٻڌي ڇڏ، تون منهنجو سڀ ڪجهه آهين. تون منهنجي وجود جو هڪ حصو آهين. جنهن ڏينهن تون به مون کان رُسي وينءَ، ان ڏينهن هي ڪيمپس  مون لاءِ قبرستان هوندو.“ ياسمين ڪنڌ هيٺ ڪري تڪڙي تڪڙي لوهي در ڏانهن هلي وئي.

ٻئي ڏينهن بشير جڏهن هنڌ مان اٿيو ته ان وقت ڏينهن جا 11 ٿيا هئا. سڄي هاسٽل خالي لڳي پئي هئي. زندگي سهس ويس ڍڪي آرٽس فيڪلٽيءَ ۾ نروار ٿي چڪي هئي. ٽهڪڙا، سندر صورتون. سنهڙا مٺڙا آواز ٻڌي جيون ۾ وڌيڪ جاکوڙ ڪرڻ جي آس ڪيڏي نه  وڌي ويندي هئي بشير مڏي بليڊ سان مـڙئي زوريءَ ڏاڙهي لاهي پٺاڻ جي هوٽل تان نيرن ڪرڻ ويو:”ابا ڇا بچيو اٿئي.“ بشير ڇوڪر کي چيو. ”سائين، سيٺ توهان لاءِ جهلي ويو آهي. پهريائين پئسا به اڃا ڪونه مليا آهن، 185 روپيا ٿي ويا آهن.“ بشير اتان بيٺي ئي موٽيو. سوچيائين بيري سان ڪهڙو ويهي بحث ڪريان. موٽي ڪمري تي آيو. ڏٺائين ته ميز جي ڪنڊ ۾ گل جا ڪجهه کليا پئسا پيا هئا. ڏهه پيسيون، پنج پيسيون ۽ پيسا. سڀ کڻي ڳڻيائين ساڍا چوڏنهن آنا ٿيا. ’چانهه سگريٽ ٿي ويندا.‘

ائين ئي وقت گذرندو ويو. رات ڏينهن دربدر رُلندو رهيو، ذري گهٽ ڇهه مهينا کن گذري ويا، پر هن کي نوڪري ڪانه ملي. هو ذهني ڇڪتاڻ ۽ بکن تي ڏاڍو ڪمزور ٿي ويو هو. گهڻي پڙهڻ ڪري تنتي سرشتو به خراب ٿي پيو هئس. ٻه- ٻه ڏينهن ماني ڪونه وڻندي هيس، رڳو چانهه سگريٽ تي پيو هلندو هو... اڄ ته لَڱَ به ڪوسا لڳا پيا هئس. اکين مان پاڻي پئي وهيس. ڪمري تي ٽپالي خط ڏيئي ويس. پري کان ئي اکر سڃاتائين، ننڍي ڀاءُ جا هئس. دل جو ڌڌڪو ويتر وڌي ويس. خط کوليائين. خط ۾ وري ڇا هو، سڄو مايوسين سان ڀريل هو: ڀاڻس کي هوٽل واري ڪڍي ڇڏيو هو... ماڻس سخت بيمار هئي... ۽ هن کان نوڪريءَ جو پڇيو ويو هو.

’نوڪري... نوڪري... منهنجي بابي جي هٿ ۾ آهي، سو کڻي ڏئي. هن ڇا سمجهيو آ... آخر ڪتي جي پٽن.. مان هتي جو...‘ هن خط ڦاڙي ڇڏيو. دل ۾ آيس ڀل ته سڀئي مري وڃن ته جلد جان ڇٽي. اچي انهن ذليلن مان به ڦاٿو آهيان... امان بيمار آ ته مان وري هت ڪهڙو چڱو ڀلو وتان ٿو عيش ڪندو. گهڻو بور ته هنن به ڪيو آ.‘ ايتري ۾ گل چانهه جو ڪوپ ۽ اسيپرو آڻي ڏنس. پگهر نڪتس ۽ جان ڪجهه هلڪي ٿيس. هٿ منهن ڌوئي، آرٽس بلاڪ هليو ويو. اُتي ياسمين مليس هٿ ۾ ’ڊان‘ اخبار هيس. ”بهترين جاب اٿئي. مون ڪالهه کان اخبار سنڀالي رکي آ. ڏس، ضرور اپلاءِ ڪجاءِ.“

”جي اهڙيو سٺيون نوڪريون اسان جهڙن کي مليون، ته پوءِ وڏن ماڻهن جا پٽ ڇا ڪلارڪي ۽ ماستري ڪندا!“

”تون دل ته نه لوڙهه. اپلاءِ ته ڪري ڏس. منَ لَڪ ٿي پويئي.“

”بابا، انهن نوڪرين لاءِ ڪيئي پنا ڪارا ڪري چڪو آهيان.“

”ته به درخواست ته ڪري ڇڏ.“

”چڱو، اخبار ڏي. نوڪري ته هونئن ئي ڪونه ملندي. ملي نه ملي. هاڻي زندگيءَ ۾ ڏاڍو ٿڪجي پيو آهيان. جي وڌيڪ سگهه نه ٿي، ته پوءِ سوچان ٿو ته ڪڏهن کڻي سِليپنگ پِلس جو اوور ڊوز ڪبو. اهو ته پوءِ به پنهنجي وس ۾ آهي.“

ياسين کي لفظن جا اُهي نيش من ۾ کپي ويا. سانڍيل آسون نراسجي ويس. سندر سپنن جو سنسار ٽُٽي پيس. دل جھٻي کاڌيس. اکيون آليون ٿي ويس. من ۾ آيس بشير کي ڀاڪر هڻي، زور سان سڏڪا ڀري ڪلها آلا ڪري ڇڏيس. پر رڳو هن جي گهاٽين پنبڻين ۾ڪوسو پاڻي اٽڪي بيهي رهيو. ”نه نه بشير تون زندگيءُ کان ايڏي نفرت نه ڪر.توکي ڪجھ ٿيڻ سان منهنجي هستي به ڌُڏي ٿي وڃي.منهنجو ساٿ تنهنجو موت جو ويري رهندو. توئي ته چيو هو نه ته مان تنهنجي وجود جوهڪ حصو آهيان جذبات ۾ بشير جو سڄو جسم ڏڪڻ لڳو. انهن لفظن جي امرت رسُ کي اندر ۾ اوتڻ لاءِ حواس وڃائڻ وارو هو. ته ياسمين تڪڙي تڪڙي ڏاڪڙ ڏانهن هلي وئي. اڄ رات ياسمين بستري تي پاسا ورائيندي ٿڪجي پئي هئي:’اُن شخص ۾ ڪيڏي نه سچائي آهي ڪيڏو ته سادو آهي شخصيت ۾ ڪيڏي نه بيوس، لاچار، مجبور. لعنت آهي اهڙي دنيا تي. ساڙي ڇو نه ٿا ڇڏين اهي سڀ لائبرريون، جن جا ڪٻٽ مانيءَ سان نه، پر رڳو ڪتابن سان ڀريا پيا آهن.‘ ياسمين اُٿي گهُگهيءَ مان پاڻي پيتو، وري اچي کٽ تي سُتي. سمهڻ سان وري ويچار ورائي ويس. ’اڳي داسيون پنـهـنـجن ديـوتـائـن لاءِ پـنـهـنـجـو پـاڻ کـي باهه ۾ اڇلائي ڇڏينديون هيون. لطيف سائين پنهنجي پريـنءَ جـي رڳـو چيچ ڏسي وڃي ڀٽون وسايون هيون ۽ اسين آهيـون جو.... بزدل، ڊڄڻا ۽ عام روايتي.. پر مـان بـه نيـٺ ڇـا ٿـي ڪـري سگهان. مان پاڻ هيٺئين وچولي طبقي جي فرد آهيان.‘ ڪجهه گهڙين لاءِ پاڻ کان نفرت ٿي وڃيس ٿي. الائي ڪيستائين سوچيندي سوچيندي ننڊ کڻي ويس. صبح ٿيندي ئي ڪراچيءَ هلي وئي. ڪراچيءَ پهچڻ تي خبر پيس ته سيڪريٽري راولپنڊي ويل آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com