سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2-  1978ع

مضمون

صفحو :17

بلاذريءَ جو مصنف احمد بن يحييٰ بن جابرالشهيريا البلاذري المتوفي 279- سنڌ ۾ ڪڏهن ڪونه آيو هو، هو گهڻو ڪري راوين جي نالي سان روايتون لکي ٿو؛ پر سنڌ برهمڻ آباد ۽ منصوره بابت هن ڪابه ڳالهه، روايت يا راويءَ جو نالو نه لکيو آهي، بلڪ ’چون ٿا ته...‘ لکي پوءِ بيان ڪري ٿو، ان مان ظاهر آهي ته، خود مصنف وٽ به اها لکيت اعتبار جوڳي نه آهي. بلڪ هن جي لکڻ مان ته ائين پيو ظاهر ٿئي، ته منصوره ڪو نئون شهر آهي، جو برهمڻ آباد کان الڳ شهر آهي. برهمڻ آباد جيئن ويران رهيو تيئن ويران ئي رهيو. البت مسعودي لکيو ته: هي شهر منصور بن جمهور الڪلبي ٺهرايو آهي (4). ياد رهي ته مسعودي ابوالحسن علي مشهور سياح ۽ جاگرافيدان هو، جيڪو سنڌ ۾ بلڪ منصور، ۾ به آيو هو. هو منصوره بابت تفصيل سان لکي ٿو، ته اتي جو حاڪم ۽ تاخ ۽ محمد بن علي بن ابو طالب ۽ عمر بن علي بن ابوطالب جو اولاد به گهڻي تعداد ۾ کيس گڏيا. هباري حڪمرانن ۽ تاخ ابو شوارب جو ذڪر به ڪري ٿو(5)

ابن حوقل ۽ اصطخري ٻنهي لکيو آهي، ته هي درياهه جي ڪناري تي اهڙي جڳهه تي آهي، جو ان کي درياهه جي شاخ ٻيٽ بڻائي وئي آهي (6). هي چار صدي هجريءَ جا سياح آهن، ۽ هندستان ۾ ڪنهن هنڌ ٻيئي پاڻ ۾ مليا به هئا. هنن جي بيان مان بهمن يا برهمڻ آباد بابت ڪا وضاحت ڪانه ٿي ملي، ته اها ڪٿي هئي، ان جو مفاصلو منصوره کان ڪيترو هو يا منصوره، برهمڻ آباد مٿان ئي آباد ٿيل هو!

اصطخري البت وڌيڪ وضاحت ڪندي لکيو آهي ته سنڌي زبان ۾ منصوره کي برهمڻ آباد سڏيندا آهن، جيڪو هڪ ميل ڊگهو ۽ هڪ ميل ويڪرو آهي، ۽ مکيه درياهه جي الهندي ڪناري تي آهي ۽ آبهوا تمام گرم آهي(7). ياد رهي ته ابواسحاق بن محمد فارسي، اصطخري جي نالي سان مشهور هو ۽ بغداد جي ڪرخ محلي جو رهاڪو هو. هي 340هه/ 951ع ۾ هندستان ۾ آيو هو ۽ هن سنڌ جي شهرن ۽ سنڌو درياء جو به ذڪر ڪيو آهي. هن دنيا جو نقشو به ٺاهيو هو، جنهن ۾ سنڌ جو نقشو پڻ آهي (8).

اصطخريءَ جي لکڻ موجب ته برهمڻ آباد ۽ منصوره ساڳي شيءِ آهي، يعني برهمڻ آباد مٿان يا ان جي لڳ ئي گڏوگڏ منصوره به آهي. ابن حوقل منصوره جو بيان ڪندي لکي ٿو: ”هن هڪ ميل ڊگهي ۽ هڪ ميل ويڪري شهر جي چوڌاري درياء آهي“.

ڊاڪٽر پٺاڻ صاحب بنا تحقيق جي البيرونيءَ کي غلط ٺهرائيندي لکي ٿو ته ”ابو ريحان البيروني 11 صدي عيسويءَ ۾ منصوره جي بنياد بابت مڪمل طرح هڪ الڳ نظريو پيش ڪري ٿو، ته محمد ابن القاسم سنڌ ۾ سيستان مان داخل ٿيو. سڄو ملڪ فتح ڪندي برهمڻ آباد کي منصوره جو نالو ڏنائين ۽ ملتان کي معموره (9). دراصل ڊاڪٽر ممتاز صاحب پٺاڻ کي البيرونيءَ جي سمجهڻ ۾ غلطي ٿي آهي ۽ هروڀرو محمد بن قاسم ثقفيءَ کي فاتح سنڌ سمجهيو اٿس، ان جو اڳتي هلي ذڪر ڪنداسين.

ڊاڪٽر پٺاڻ لکي ٿو ته ”ياقوت حموي ۽ حمزه جي لکڻ موجب برهمڻ آباد (i.e Brahmanabad) جو ٻيو نالو منصوره هو. اهو سنڌ جو قديم تختگاهه هو، جيڪو اتر اوڀر کان 93 ڊگريون ۽ 22 ڊگريون ڏکڻ اوڀر ۾ آهي (10). ياقوت حموي جاگرافيءَ جو مشهور ڪتاب عربيءَ ۾ معجم البلدان پنجن جلدن ۾ 625 هجري/1228ع ۾ لکيو آهي.

ان ريت بشاري مقدسيءَ جي ڪتاب احسن التقاسيم في معرفته ال اقاليم جو ترجمو ندوة المصنفين اردو بزار جامع مسجد دهلي وارن پروفيسر خورشيد حسن کان ڪرايو آهي. پر ترجمي ۾ اختصار کان ڪم ورتل آهي، ڏنگين  ۾ مترجم پنهنجي علميت جو اظهار ڪري، معاملي کي منجهائي وڌو آهي: سنڌ جو صدر مقام ۽ مملڪت جو مرڪزي شهر (منصوره آهي، پکيڙ ۾ دمشق جي برابر آهي، جايون مٽيءَ ۽ ڪاٺ جون آهن، پر جامع مسجد پٿر ۽ سرن جي آهي، چڱي وڏي عمارت آهي، عُمان (صحار) جي جامع مسجد وانگر ان جا ٿنڀا ساڳ جا آهن، شهر کي چار دروازا آهن: باب البحر، طوران گيٽ، سندان گيٽ ۽ ملتان گيٽ. سنڌ ودرياءَ جي هڪ شاخ شهر جي چوڌاري ڦري آئي آهي، هتي جا باشندا سنڌو درياءَ جو پاڻي پيئن ٿا جامع مسجد وچ بازار ۾ آهي(11).

هتي هڪ اهم تاريخي غلطيءَ جو ازالوڪرڻ ضروري آهي؛ محمد بن قاسم القريشيءَ فاتح  سنڌ بابت اڪَثر مورخين غلطيون ڪري ويا آهن. انهن غلطين ته تاريخ جو روپ ئي بدلائي ڇڏيو آهي، بلڪ قومن جي نسل ٿي اثرانداز ٿي رهيون آهن. جيئن ابن بطوطه کي جڏهن شيخ رڪن الدين ملتانيءَ ٻڌايو ته سومرا، محمد بن قاسم قريشيءَ فاتح سنڌ سان گڏ سنڌ ۾ آيا (12)  تاريخدانن ان تي تبصرو ڪيو ته محمد بن قاسم جيئن ته قريشيءَ نه آهي ان ڪري سومرن جو عرب مان اچڻ غلط آهي ۽ هو عرب نه بلڪ راجپوت آهن. هن محمد بن قاسم قريشيءَ جو نه رڳو سنڌ جي سومرن بلڪ منصوره سان گهَرو واسطو آهي، ان ڪري سندس ذڪر ڪرڻ بلڪل ضروري آهي. سيد سليمان ندوي لکي ٿو ته: ”قريشين جي ڏاڏن ۾ مٿي هڪ جو نالو ’لوئي بن غالب‘ هو، جنهن جي هڪ پٽ جو نالو ’سامه‘ هو. اسلام ۾ ان خاندان جو عروج ’خليفه معتمد’ جي زماني ۾ ٿيو (سنه 279/ 286 هه). صورت هئين پيدا ٿي، ته عرب جي صوبي عمان ۾ خارجين جي گهڻائي هئي، خليفي، محمد بن قاسم قريشيءَ کي، انهن کي سيکت ڏيڻ لاءِ مقرر ڪيو. هن خارجين کي شڪست ڏئي، عمان ۾ پنهنجي رياست قائم ڪئي (13). مولوي نور محمد نظاماڻي صاحب پڻ لکي ٿو ته: ”بنو سامه بابت ڪي انڪاري آهن، ته هي ڪولوي بن غالب جي اولاد مان آهن، پرگهڻن عالمن ۽ نسب بيان ڪندڙ ماڻهن قبول ڪيو آهي، ته هي برابر قريشي آهن. هي پهريائين عمان ۾ رهندا هئا. عمان ۾ پهريان خارجي بلڪل گهڻي انداز ۾ موجود هئا، جن خلافت عباسيه سان سرڪشي اختيار ڪئي، تڏهن هن ئي قبيلي جي هڪ ممتاز جوانمرد محمد بن قاسم خلافت عباسيه جي طرفان حملو ڪري خارجين کي اتان ڪڍي ٻاهر ڪيو (14).

پري ڇو وڃون، ان مسئلي کي ته ڊاڪٽر پٺاڻ صاحب ئي پنهنجي ڪتاب ۾ حل ڪري چڪو آهي. Extrast ۾ لکي ٿو ته: 

Al- Beruni: Kitab Al-Hind, Leipziq AD. P. 11 

”دخل محمد بن قاسم بن سميه ارض السند من نواحي سجستان وافتح بلد بمهنوا (بهمنوا) وسماءَ منصورة بلد مولتان وسماء معمورة واوغل في بلاد الهند الي مدينة کنوج (15).“

ڇا ان مان ظاهر نه آهي ته محمد بن قاسم ثقفي ۽ محمد بن قاسم قريشي ٻه الڳ الڳ شخصيتون آهن؛ ٻئي فاتح سنڌ آهن، پر عرصو جدا آهي.

منصوره جن لاهين چاڙهين مان لنگهيو، ان تي به هڪ مٿاڇري نطر وجهڻ ضروري آهي. آخري اميه گورنر منصوره بن جمهور الڪلبي 129-134 هه) پهرين سنڌ ۾ اميه جي خوف کان ڀڄي آيو ۽ ان وقت جي گورنر يزيد بن عرار الڪلبي سان منصوره وٽ سندس مقابلو ٿيو، جنهن ۾ شڪست کائي وڃي منصوره جي قلعي ۾ پناهه ورتائين؛ پر نيٺ پيش پيو ۽ ماريو ويو. منصوره نالي ماتر اميه جو طرفدار هو، آخر عباسين سان به وڙهندو رهيو (16) ان حوالي مان پتو ٿو پوي ته منصوره کي ڪوٽ به اڏيل هو.

منصور جيتوڻيڪ بنو اميه جو باقائدي گورنر نه هو، پر هن عباسي جي حڪومت کي عرب جي خلافت وٺڻ بعد ڪونه ٿي مڃيو. هن ابو مسلم ۽ عباسين جا ڪيترائي حملا هٽائي ڇڏيا، آخر خلافت جي حڪم تي موسيٰ بن ڪعب تميمي ويهه هزار فوج سان منصور تي حملي ڪرڻ لاءِ روانو ٿي ويو. هن پهرين پنهنجي قبيلن وارن کي پاڻ ڏانهن آمادهه ڪيو ۽ ائين منصور جي فوج کي ٽوڙي ڇڏيائين. منصوره جي ويجهو پهچي موسيٰ درياءُ پار ڪري وڌو. سخت لڙائي لڳي، منصور ڏاڍي بهادري ڏيکاري، پر موسيٰ جي سازش سبب آخر جند ڇڏايائين؛ هاڻي شهر وارن تي به سندس اعتبار ڪونه رهيو، ان ڪري اڪيلي سر وٺي ڀڳو، اڻ واقفيت سبب وڃي راجپوتانا جي ريگستان ۾ پيو، جت الائجي ڪٿي اُڃ ۽ بُک وگهي مري ويو (17). اهڙيءَ طرح منصور جا ٻار ٻچا، جيڪي منصوره شهر ۾ رهجي ويا هئا، اهي سندس اعتبار جوڳن ماڻهن همٿ ڪري، ٻيڙين ۾ چاڙهي وڃي گجرات کان ڪڍيا (18).

گورنر موسيٰ 134هه ۾ سنڌ تي قبضو ڪري، هت بهتر انتظام ڪيو ۽ منصوره جي مرمت ڪرائي ۽ منصوره جي مسجد کي وسيع ڪيو (19). موسيٰ کان پوءِ سندس پٽ عنيه سنڌ جو گورنر ٿيو، مگر هن خود مختيار ٿيڻ جا خواب لڌا، ان ڪري خليفي منصور عباسيءَ عمر بن حفص العتڪي کي سنڌ جو گورنر مقرر ڪري موڪليو. کيس بهادريءَ سبب ’هزارمرد‘ ڪري سڏيندا هئا. ان سان گڏ عقبه بن مسلم به مشير ڪري موڪليو ويو، هي ٻئي 141هه ۾ سنڌ ۾ پهتا (20). عمر بن حفص سان مقابلو ڪرڻ بدران عنيه منصوره کي مضبوط ڪرڻ لڳو، پر ان وچ ۾ منصوره جا ماڻهو عنيه جي ظلمن کان تنگ ٿي، عمر سان ملڻ لڳا. اڃا هو ديول ۾ ئي هو، ته عنيه اچي پيش پيو ۽ عمر منصوره ۾ ئي قبضو ڪري ورتو ۽ عنيه کي خليفي ڏانهن روانو ڪيائين، پر هو واٽ تي ڀڄي نڪتو ۽ مارجي ويو(21). عمر بن حفص العتڪي 142هه 151هه تائين سنڌ ۾ حڪمراني ڪئي ۽ منصوره ۾ رهيل هو(22). سندس ئي وقت ۾ حسني سادات عبدالله اشتر سنڌ ۾ آيو هو ۽ هن کي شهادت به سر زمين سنڌ ۾ نصيب ٿي ۽ منصوره ۾ ئي رهيو. بغداد جو جهاز به منصوره وٽ اچي لنگر انداز ٿيو، جنهن محمد بن ثقفه الزڪيه جي خبر ٻڌائي. گورنر هشام به منصوره ۾ رهندو هو ۽ ان وقت کيس مرڪزي شهر جي حيثت حاصل هئي (23). خليفي هارون الرشيد عباسيءَ جي وقت (170هه- 193هه) ۾ طيفور بن عبدالله بن منصور الحميري (174- 175هه) گورنر سنڌ مقرر ٿيو. هن جي وقت ۾ سنڌ جي عربن نزاري ۽ قحطياني جي وچ ۾ سخت گهرو ويڙهه شروع ٿي وئي. طيفور جيئن ته پاڻ به يمني هو، عربن سندس طرف ورتو، ان ڪري اختلاف اڃا به وڌي ويو ۽ اهو عربن ۾ هڪ اهڙو جهڳڙو ٿيو، جو دکندي دکندي هندستان کان اسپين تائين وڃي پهتو. خلافت جي ڪا به پرواهه نه ڪري، کلم کلا پاڻ ۾ وڙهڻ لڳا (24). عربن جي گهرو ويڙ وقت، خليفي هارون جي وقت ۾، عيسيٰ بن جعفر منصور کي سنڌ جو گورنر مقرر ڪيو ويو، جنهن وري محمد بن عدي ثعبلي کي قائم مقام گورنر مقرر ڪيو، پر هن جي نااهليءَ سبب قبيلن جا اختلاف وڌيڪ وڌي ويا. آخر چؤطرف شڪستون کائي، منصوره ۾ اچي پهتو (25). ڪن نااهل گورنرن جي مقرريءَ بعد هارون غور فڪر کان پوءِ 184هجريءَ ۾ اچي دائود بن يزيد بن حاتم مهلبيءَ کي سنڌ جي گورنر مقرر ڪيو، جنهن پهرين پنهنجي ڀاءُ مغيره کي نائب مقرر ڪري سنڌ موڪليو. ٻين وقت نزاري ماڻهو اٿي کڙا ٿيا، ايتريقدر جوش خروش سان بگڙيا، جو حڪومت دٻجي وئي ۽ هنن پاڻ ۾ ٺهراءُ ڪيو، ته ساري سنڌ کي چئن حصن ۾ ورهايو وڃي، هڪ حصي ۾ قريشن، ٻئي ۾ قيس قبيلو، ٽئي ۾ ربيع قبيلو ۽ چوٿين به ڪو نزاري قبيلو رهايو وڃي. عباسين لاءِ ڪابه زمين باقي نه ڇڏجي، کين سنڌ مان هڪالي ٻاهر ڪجي. ان رٿ کي خلافت قبول نٿي ڪري سگهي، پر نزاري اصل نه مڃين. مغيره جڏهن شهر منصوره جي ويجهو پهتو ته شهر وارن دروازا بند ڪري ڇڏيا. گهڻي ريڙهه پيڙهه بعد مغيره شهر وارن جي حڪمت عمليءَ سان دل وٺي، دروازا کولائي ورتا، پر جڏهن مغيره از روءِ انصاف نزارين کي دٻائڻ لڳو، ته هو پنهنجي طاقت جي زور تي بگڙي بيٺا. آخر لڙائيءَ ۾ شڪست کائي، مغيره منصوره کان ٻاهر نڪري، وڃي سنڌ جي ڪنهن ٻئي شهر ۾ رهيو. دائود هي خبرون ٻڌي، وڏي فوج تيار ڪري، سنڌ تي ڪاهي آيو. منصوره ۾ پهچڻ کان اڳ واٽ تي شهرن ۾ نزارين جي خوب مرمت ڪندو ويو. ۽ اچي منصوره جي ڀتين هيٺان تنبو کوڙيائين. شهر وارن دروازا بند ڪري ڇڏيا؛ شهر کان ٻاهر ٿيندڙ لڙاين ۾ نزارين جو ڪافي تعداد قتل ٿي ويو. منصوره کان ٻاهر جڏهن برابر 20 ڏينهن تائين قتل جي بازار گرم رهي، تڏهن زبردستيءَ شهر جا دروازا کولايا ويا ۽ نزارين کي خوب سزائون ڏنيون ويون، پر ايتري وڏي عام ڪوس ۽ رتو ڇاڻ کان پوءِ به نزارين جا حوصلا پست نه ٿيا. هنن فساد جي باهه کي وسامڻ نه ڏنو ۽ ڪيترن مهينن تائين برابر جنگ ۽ هنگاما جاري رهيا. اهو رنگ ڏسي دائود کي هيڪاري ڪاوڙ آئي ۽ هن پڪو پهه ڪيو ته جيئن به ٿي سگهندو، تيئن نزارين جي قوت کي هميشه لاءِ ٽوڙي ڇڏجي. هن پهريائين منصوره جي اندر نزارين جا محلا ۽ جايون بلڪل خاڪ ۾ ملائي ڇڏيون ۽ عام طرح هنن کي ماري ۽ جلاوطن ڪيو، تڏهن وڃي منصوره ۾ امن امان قائم ٿيو (26). هن گهرو ويڙهه نه رڳو عربن جي طاقت کي ڌڪ هنيو، بلڪ منصوره شهر جي زوال جي به ابتدا ٿي. خدا کي علم آهي، ته اهي ويران محلا وري وسيا يا نه؟ البت شهر ۾ ان وقت ڪا هندو آبادي هئي يا نه؟ جي هئي ته ان جو ڪردار ڇا رهيو؟ ان بابت اڃا تائين تاريخ  خاموش آهي. گورنر دائود 205هه ۾ منصوره ۾ وفات ڪئي (27). خليفي مامون عباسيءَ جي اخير حڪومت تائين منصوره جي حڪومت موسيٰ برمڪيءَ جي هٿ ۾ هئي، جنهن 221هه ۾ وفات ڪئي. هن پنهنجو جاءِ نشين پنهنجي فرزند عمران کي مقرر ڪيو ۽ خليفي معتصم باالله به عمران کي تسليم ڪري، حڪومت جو پروانو ڏياري موڪليو. هن جي وقت ۾ ميد قوم جي بغاوت ۽ جاٽ سرڪشي شروع ٿي. قريب هو، ته هو ميدن کي ڪچلڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃي ها، پر وري يماني ۽ نزاريءَ جي عربي قبيلن ۾ فساد ڦهلجي ويو. عمران يماني قبيلي جو طرفدار هو. هوڏانهن وري عمر بن عبدالعزيز هباري، جو هبارين اسود جي نسل مان هو ۽ پنهنجي جرات ۽ لياقت سبب نزارين جو سردار مڃيو ٿي ويو، سو فوج وٺي عمران جي مقابلي لاءِ نڪتو. نزاري فوج وٺي عمران تي اچتو اچي ڪڙڪيو، جو ميدن سان مقابلي ڪرڻ ۾ مصروف هو، هن اوچتي حملي سبب عمران مارجي ويو. عمر بن عبدالعزيز ٽن پيڙهين کان هندستان ۾ رهندڙ هو ۽ سندس ڏاڏو، حڪم بن عوانه ڪلبي سان گڏ سنڌ ۾ وارد ٿيو هو (28). حاصل مطلب ته حڪومت تي قبضي بعد هن جي استدعا تي عباسي خليفي به هن کي پروانه حڪومت ڏياري موڪليو. اهڙيءَ طرح سنڌ ۾ نيم خود مختيار عرب حڪومت قائم ٿي، توڙي جو ابتدا ۾ ڪجهه- ڏند چڪ به ٿيا. منصوره تي قبضي وقت هي پنهنجي وطن باتيه ۾ رهندا هئا، جو منصوره  کان ٿوري مفاصلي تي هو. اها خود مختياري اٽڪل 240هه ۾ ٿي (29). 270هه ۾ عمر بن عبدلعزيز هباري وفات ڪئي ۽ ان جو جاءِ نشين عبدالله بن عمر ٿيو، 279هه ۾ ابوحمه سميه  بغاوت ڪري منصوره تي قبضو ڪري ورتو، جو پنو ڪندهه قبيلي جو غلام جو (30). هن حصه جي والد جو ذڪر اڳ به تاريخ ۾ آيل آهي. ان مسئلي تي به تحقيق  جي ضرورت آهي، ته ڇو غلام حڪمران ٿي ويو آهي، آيا هن جو سميه سان ڪو تعلق هو ڇا؟

پر جلد ئي هبارين ٻيهر منصوره تي قبضو ڪري ورتو (39).

303هه ۾ عبدالله بن عمر وفات ڪئي. ان جو پٽ عمر بن عبدالله تخت تي ويٺو، جنهن جي ڪيفيت ابوالمنذر هئي. سندس وقت ۾ حڪومت وڌي، نظم و نسق سڌريو. مسعودي تاريخدان به هن جي وقت ۾ منصوره ۾ آيو. عمر بن عبدالله جي وفات جي تاريخ، ڊاڪٽر پٺاڻ جي چوڻ موجب پڪ نه آهي، جو ان بابت ڪابه تاريخي شاهدي نه آهي، البت عمر جي وفات بعد سندس پٽ محمد جو نالو لکي ٿو (32). جيڪڏهن مروجه وقت جيڪو اڪثر تاريخدان شمار ڪندا آهن 25- 30 سال جو اندازو ڪيو يندو آهي، ته ان موجب عمر بن عبدالله لڳ ڀڳ 333هه چيو ويندو.

محمد حڪومت ڪيترو وقت ڪئي، يا هباري گهراڻي جي حڪومت ڪڏهن ختم ٿي؟ ان جو ڪوبه صحيح انداز ڪونه ٿو ملي، سو به هڪ ڏورانهين ملڪ جو، ڀلي ڪيڏو به وڌو تاريخدان ڇو نه هجي، صحيح جواب نٿو ڏئي سگهي، ڇو ته ابن خلدون ٻڌائي ٿو ته محمود غزنويءَ سنڌ جي حڪومت هبارين کان ورتي (33). ٻيون تاريخون ان جي نفي ڪن ٿيون. 9 صدي هجريءَ جي مشهور عرب ۽ اصول تنقيد تاريخ جو ماهر علامه شمس الدين محمد بن عبدالرحمان السخاوي لکي ٿو ته: ”ابن خلدون متعلق اسان جو شيخ (ابن حجر) سندس ڪن ڳالهين کي مڃي ٿو، ڪن کي نٿو مڃي، هن جي تحقيق اها آهي ته ابن خلدون کي خبرن جو خاص طرح مشرق جي خبرن جو پورو پورو علم نه هو. اها ڳالهه هر ان شخص تي ظاهر آهي، جو ابن خلدون جي ڪلام تي نظر رکي ٿو (34). اڳتي هلي اهو به ظاهر ٿيندو ته ڇو؟

منصوره.

منصوره جو شهر نه رڳو سنڌ جي عربن جي حڪومت جو تختگاهه رهيو، بلڪ ايڏو ته مشهور ٿيو، جو حڪومت کي منصوره سڏيو ويندو هو: ان رياست جي وسعت ديبل کان الور تائين هئي، ان کان پري ملتان کان وڏي رياست هئي. شهر کي چار دروازا هئا: باب البحر؛ باب الطوران؛ باب سندان ۽ باب ملتان(35).

ابن حوقل 350هه ۾ سنڌ ۾ آيو هو. مسعودي 300هه ۾ سنڌ ۾ آيو هو، اهو لکي ٿو ته: منصوره جي حڪومت ۾ جي شهر ۽ ڳوٺ آباد آهن، انهن جو تعداد 3 لک آهي (36). هن رياست جي زراعت، خوشحالي ۽ علم ادب جو به ذڪر ڪيو آهي؛ پر ڊيگهه جي خوف کان ان ذڪر کي ڇڏيون ٿا.

منصوره جي تباهي.

افسوس، جو عربن جي تعلق ٽٽڻ سبب، تاريخ ۾ ته منصوره جو ذڪر ختم ٿي ويو، البت هبارين جي دور حڪومت جي شروع ۽ وچ ۾ سياحن ۽ جاگرافيدانن جو ڪجهه ذڪر ڪيل آهي. پوءِ ٿورو گهڻو ذڪر فقط غزنويءَ حڪمرانن جي سوڀن وسيلي ملي ٿو. 375هجري تائين منصوره جي حڪومت هبارين وٽ هئي، اهڙي شهادت بشاري مقدمي کان ملي ٿي. منصوره تي حملو سلطان محمود غزنويءَ سومناٿ فتح ڪندي گجرات مان موٽندي ڪيو. سلطان، ملتان مان 2 شوال 416هه 26 نومبر 1025ع ۾ جي جيسلمير جو ٿر وارو رستو وٺي نڪتو، ساڻس 000، 30 هزار باقائدي فوج ۽ سوين رضاڪار مجاهد هئا ۽ 000، 20 اٺ ته رڳو پاڻي کڻڻ لاءِ هئا (37). ڪڇ جي رستي موٽندي سومناٿ جي پوڄارين کي غلط رستو ڏسيو، جتان مشڪلات سان سنڌ ۾ پهتو (38).

عوافي ته اڃا به هڪ وڌيڪ دلچسپ حقيقت ٿو ٻڌائي، ته جڏهن سلطان محمود رڻ مان جند ڇڏائي ٻاهر نڪتو، ته هڪ ڳوٺ نظر آيس، جت هڪ علوي (اولاد امير) جو گهر هو، جنهن کان رستي جو ڏس پڇيائين، هو پوڙهو ۽ ضعيف هو؛ پر چيائين ته ٻئي ڳوٺ مان کيس ڏس ملي ويندو، جيڪي رستي جا چڱيءَ ريت واقف آهن. سلطان علوي ۽ سندس پٽ کي اٺ تي چاڙهي ٻئي ڳوٺ ۾ وٺي آيو، جتان سونهون کڻي اچي آباديءَ واري زمين تي پهتو (39). اها خبر نه آهي ته سلطان ڪٿان رڻ اُڪريو؛ پر پڪ سان علوي کيس يا ته رحمڪي بزار، وڳهه ڪوٽ وٽان يا وري ٿر جي سنڌ واري ڪناري کان مليو هوندو؛ پر ان وقت علوين جي هئڻ جو ثبوت پڪو آهي ۽ اهو به ثابت ٿو ٿئي، ته اهي منصوره کان به پري دوردراز شهرن ۾ رهندڙ هئا؛ علوي سنڌ ۾ ڳچ تعداد ۾ بلڪ منصوره جي شهر ۾ 3 صدي هجريءَ ۾ به رهندا هئا، انهن جو ذڪر ته مشهور تاريخدان مسعودي به ڪيو آهي:

منهنجي منصوره جي پهچڻ جي زماني ۾ ابوالمنذر عمر بن عبدالله بادشاهه هو، اتي هن جي وزير رياح ۽ سندس پٽن محمد ۽ علي کي ڏٺم ۽ هڪ ٻئي عرب سردار کي جو اتي جي بادشاهن مان هڪ بادشاهه هو، جنهن جو نالو حمزه هو ۽ حضرت علي بن ابي طالب جو گهڻو اولاد نظر آيو، جي عمر بن علي ۽ محمد بن علي جي نسل مان هئا (40). ان مان اهو ثابت ٿو ٿئي، ته اولاد علي سڄي سنڌ ۾ پکڙيل هئا. خود علوين جو ذڪر ڪندي مير علي شيرقانع ٺٽوي لکي ٿو ته:

جعفر لقب مويدالسماءِ (آسمان کان تاڪيد ڪيل) بن محمد بن عبدالله بن عمر بن علي عليہ اسلام سيدن مان پهريائين هن سر زمين (ملتان) ۾ تشريف فرما ٿي سڪونت اختيار ڪئي. چون ٿا ته هن پنجاهه پٽ ڇڏيا، جيڪي هندستان، ڪرمان ايران ڏانهن پکڙجي ويا، انهن مان عبدالحميد ملتان تي حڪومت ڪئي (41). پر هن صاحب جو ذڪر مولانا علامه عبدالحي وڌيڪ مستند نموني ڪيو آهي، هو لکي ٿو ته:

ابو عبدالله جعفر بن محمد عبدالله بن محمد بن عمرالطروف ابن حضرت علي القريشي الهاشمي شهر ملتان.

هي ذڪر جمال الدين احمد بن علي دائودي پنهنجي ڪتاب عمدة الطالب ۾ ڪيو آهي، ته کيس جڏهن حجاز ۾ خوف محسوس ٿيو، ته پنهنجي 13 نسبي همراهن سميت پهرين ته پنهنجي گهر ۾ لڪي ويٺو، پوءِ وجهه ڏسي ملتان پهتو؛ هن جي اچڻ تي شهر جا باشندا ڊڄي ويا ۽ ان جي طرفدارن جي چڱي حمايت ٺهي وئي ۽ آخر شهر تي قبضو ڪري ويٺا ۽ خود بادشاهه سڏائڻ لڳو. ان کان پوءِ ان جو اولاد در اولاد 364هه (944ع) تائين ملتان ئي قابض رهيو ان جي اولاد ۾ بقول ابن خداع 48 پٽ هئا، بقول تاريخ بيهقي 80 هئا، بقول شيخ مشرف آبادي 50/60 جي لڳ ڀڳ هئا، بقول ابوالحسن عمري 40/50 جي اندر هئا. ابواليقطان جو ان معاملي جو چڱو ڄاڻو هو، اهو سندن تعداد تمام گهڻو ٿو ٻڌائي، انهن ۾ بادشاهه به هئا، علماء به هئا، نساب به هئا، انهن ۾ اڪثر اسماعيلي عقيدي جا پوئلڳ هئا (42).

حوالا:

(1) ”عرب و هند ڪي ”تعلقات“ سيد سليمان ندوي ص: 335 حوالو المسالڪ والممالڪ ابن خردازبہ ص: 174.

(2) ”تاريخ سنڌ“ مصنف مولوي نور محمد نظاماڻي ص: 31-32 حوالو بلاذري.

(3) فتوح البلدان بلاذري مترجم سيد ابوالخير مودودي، جلد 2 ص 622- 629.

(4) Arab Kingdom of Al- Mansurah by Dr: M. Path an P 65 Reference of Al- Masudi Vol I. P. 142

(5) Mehran of Sindh and its Tributaries by H. G. Rererty, P 164 original Reference of Masudi.

(6) عرب و هند ڪي تعلقات، ص 336.

(7) Arab Kingdom of Al- Mansurah, P 71  بحواله اصخطري ص

(8) عرب و هند ڪي تعلقات، ص 38.

(9) Arab Kingdom of Al- Mansurah P 67-68.

(10) Arab Kingdom of Al-Mansurah P 70.بحواله ياقوت حموي ص 177

(11) ايڪ عرب سياح ڪي مشاهدات ڪا اردو ترجمه، ص 263.

(12) تاريخ سنڌ اعجازالحق قدوسي (اردو اڪادمي) ص 425.

(13) عرب و هند ڪي تعلقات، ص 307.

(14) تاريخ سنڌ جلد 2 ص 162- 163 بحواله ابن خلدون.

(15) Arab Kingdom of Al- Mansurah, P 211.

(16) تاريخ سنڌ مولوي نور محمد نظاماڻي، جلد 2 ص 46 کان 48 بحواله تاريخ يعقوبي.

(17) تاريخ سنڌ مولوي نظاماڻي جلد 2 ص 52 کان 54 بحواله يعقوبي، بلاذري.

(18) تاريخ سنڌ مولوي نظاماڻي ص 55 بحواله ڪامل ابن اثير.

(19) تاريخ سنڌ مولانا اعجاز الحق قدوسي جلد اول ص 258 بحواله تاريخ ابن اثير.

(20) تاريخ سنڌ مولانا ابو ظفر ندوي بحواله يعيوني ص، 448

(21) تاريخ سنڌ مولانا نظاماڻي جلد 2  بحواله يعقوبي ۽ ابن اٽير.

(22) تحفة الڪرام از سيد حسام الدين راشدي تعلقات ص  622.

(23) تاريخ سنڌ اعجازالحق قدوسي جلد 2 ص 266.

(24) تاريخ سنڌ مولانا نظاماڻي، جلد 2 ص 92 بحواله يعقوبي.

(25) تاريخ سنڌ مولانا نظاماڻي، 105 بحواله يعقوبي.

(26) تاريخ سنڌ مولانا نظاماڻي، جلد 2 ص 105- 109 بحواله يعقوبي.

(27) تحفة الڪرام حسام الدين راشدي تعليقات ص 662.

(28) تاريخ سنڌ مولانا نظاماڻي، جلد 2 ص 130 بحواله بلاذري

(29) تاريخ سنڌ اعجازالحق القدوسي جلد 2 ص 285 ۽ تعليقات تحفة الڪرام ص 663.

(30) Arab Kingdom of Al- Mansurah by Dr: Pathan P 91, Al- Baladhuri P 450.

(31) Arab Kingdom of Al- Mansurah by Dr: Pathan P 91.

(32) Arab Kingdom of Al- Mansurah P. 93.

(33) Arab Kingdom of Al- Mansurah, P 94.

(34) الاعلان بالتوبيح مترجم اردو ڊاڪٽر سيد محمد يوسف مرڪزي اردو بورڊ لاهور ص 328.

(35) تاريخ سنڌ اعجازالحق قدوسي حصه اول ص 95 بحواله ابن حوقل.

(36) عرب و هند ڪي تعلقات ص 346 بحواله مروج الذهب جلد 1، ص 378.

(37) Sultan Mahmod of Ghazna by Dr: Mohd Nasim, P 12o.

(38) Sultan Mahmod of Ghazna P 119 by Farkh F. 25A, A wfi f 179. Majmaul Ansab f 239 a, Tab nasri P 82, and Fatuhu`s Salain f 38. b.

(39) History of India by Elliot Repmled Vol: ii P 190.

بحواله جامع الحڪايات محمد عوافي 1232ع.

(40) عرب و هند ڪي تعلقات ص 343 بحواله الذهب مسودي جلد 1، ص 377.

(41) تاريخ تحفة الڪرام مطبوع ادبي بورڊ سنڌي ترجمه ص 288- 289.

(42) نزهته الخواطر اردو جلد اول مؤلف علامه سيد عبدالحي حسني، ص 109- 110. 

ڪابه ٻولي- پوءِ ڀلي کڻي اُها لکن جي آبادي ڳالهائيندي هجي، يا ڪروڙن ماڻهن جي ڳالهائڻ جو وسيلو هجي پر تيستائين گونگي ليکي ويندي، جيستائين اها قلم جي وٺِ ۾ نه آئي آهي.

-ظفر لشاري

(ٽماهي ’سرائڪي‘، ص 3 تان)

اسان وٽ ڪلاسيڪي چوڻي آهي، ته گند کي ڦلهوريو ته ڌپ ڪندو. هِن نئين دؤر ۾ اسين سچ کي لڪائڻ جي خلاف آهيون. اسين سڀ حقيقت پسند آهيون، پر ان سان گڏ مهذب پڻ آهيون. اسين سچ کي، حقيقت کي، ڪپڙا پهرائي پيش ڪندا آهيون.

- شوڪت حسين شورو

(’رُڃ ۽ پڙاڏو‘ تان.)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com