وري ڪاري ڪاپي کڻي ڳاڙهي روشنيءَ ۾ ڏسي چوڻ لڳو:
”ڪئين انهيءَ سڳي کي سلجهايان، ڪيئن اهو چڪندو ڦٽ
ڇٽايان، سو واجهائيندي ورهيه گذري ويا آهن ۽ مون
ڪجهه ڪين لکيو آهي.“ هن ڪاري ڪاپي انلارجر ۾ وڌي ۽
تصوير ٺاهي ڊيولپر ۾ وڌائين ۽ ان ۾ پيل ڪجهه
تصويرن مان هڪ تصوير ڪڍي چوڻ لڳو: ”يا کڻي ائين
چئجي ته اڀامي، خبر پوي ته ڇا ٿو نڪري.“ تصوير کي
ڏسي چوڻ لڳو: ”يا کڻي ائين چئجي ته جهُڙ ٺهيو بيٺو
آهي، بس گهُٽ ڇٽي به خبر پوي ته ڇا ٿيندو.“ هن ان
تصوير کي فڪسر ۾ ٻوڙيو ۽ هٿ اگهي وري تصويرن لاءِ
اڇو ڪارڊ ڦاڙڻ لڳو.
”ان وقت نورجهان گريجويٽ هئي، ماستري ڪندي هئي، هن
جي کلمک چهري جي اوٽ ۾ ڪڏهن ڪڏهن آئون ڪجهه ڏسي
وٺندو هوس ۽ منجهي پوندو هوس.“ ڪارين ڪاپين کي هيٺ
مٿي ڪندي چوڻ لڳو: ”مون کي ائين لڳندو هو جيئن
ڪنهن ڀٽڪيل راهيءَ کي منزل تي پهچي ڀُل جو احساس
ٿيو هجي، جيئن ڪنهن رڃ رليل کي سڃ پڙ پئي هجي،
ڪيترو عرصو ٿيو آهي جو مون کي ان متعلق ڪابه خبر
ڪانهي.“ هن هڪ ڪاري ڪاپي ڪڍي کيس ڏٺو، ”منهنجي ڀيڻ
جي هڪ ٻي ساهيڙي هوندي هئي، نالو ته شميم هئس پر
اسين کيس شمي سڏيندا هئاسين. بي. اي. پاس. ڏاڍي
سلڇڻي، اڌ وهي پٽي هليل، سندس پيءُ کي هن لاءِ ڪو
سٺو ڇوڪرو ڪونه ٿي لڌو.“
هو خاموش ٿي ويو تصوير ٺاهڻ ۾ جنبجي ويو. واندو ٿي
منهن مون ڏانهن ڪري چوڻ لڳو: ڪنو چڙهيو رکيو آهي.
”هڪ ڏينهن مون شمي کي چيو ته اسان ڪاليج جي ڇوڪرن
فيصلو ڪيو آهي ته پاڻ مان ڪجهه چونڊي انهن جو آچار
وجهنداسين، سال ڇهه ماهيءَ اهو آچار رجهندو ته
انهيءَ مان تنهنجي پيءُ جي پسند جا ڇوڪرا نڪري
ايندا ۽ پوءِ اسان انهن جون درخواستون تنهنجي پيءُ
ڏانهن موڪلينداسين. شمي انهيءَ تي مرڪي هئي، پر
انهيءَ مرڪ ۾ اهو سوز سمايل هو، جو منهنجي قلم کي
اڃا تائين اها طاقت نه آهي جو اکرن ۾ چٽي آڇيان.“
”پوءِ هوءَ ويچاري ته ان اوسيئڙي ۾ ئي ويٺي هوندي
ته ڪڏهن ٿو سندس پيءُ ڪو ڇوڪرو پسند ڪري.“
”سنڌ جي انهن هٿ ٺوڪين پيئرن جي عقل ۾ ڪا ڳالهه
ائي به آهي يا پنهنجن جا پرڪار اڃا ڀي ساڳياڙي
وارو معاملو جاري آهي.“ مون مرڪي کيس ڏسڻ چاهيو،
جو شايد ان هلڪي روشنيءَ ۾ نه ڏسي سگهيو هجي.
”يار، ان پوڙهي ڪامريڊ گدائيءَ جو ڇا حال آ؟ يار،
آهي ڏاڍو پيارو ماڻهو. مان جڏهن جيڪب آباد ۾ هوندو
هوس، ته ان جهونڙي سان چڱيون رهاڻيون ٿينديون
هيون، هاڻي ته گهڻو ضعيف به ٿي ويو هوندو، لکي به
ٿو يا نه.“
”ساڻيهه جا سينگار“ کان پوءِ سندس ڪلامن جو ٻيو
مجموعو ”پيالي تي پيالو“ ڇپيو اٿس، ڪڏهن ڪڏهن لکي
ٿو، ٻين گهڻن اديبن جيان هي به ويچارو پوين پساهن
۾ آهي، تازو سندس نئون مجموعو ’پکڙا ۽ پنهوار‘
ڇپيو آهي.“
”ڏيو جواب! اديب ائين پوين پساهن ۾ پيا آهن، اسان
جي سفيد پوشي اسان لاءِ قهر آهي، ظلم آهي، الله ٿو
ڄاڻي ڪڏهن ڪڏهن دل چوندي آهي، لڱئون لٽا لاهي،
ليڙون ليڙون ڪري پري اڇلائي ڇڏيان ۽ لنگوٽ ڪشي
نانگو جوڳي بڻجي نڪري پوان، وڃي ڪو جهر جهنگ
وسايان، ٻُوڙن جا ڪانا ڀڃي ڪلڪون ٺاهيان، وڻن جي
پنن کي ڪاغذ پنا بنايان ۽ ڪهاڻيون لکان.“ هو
جذباتي اندر ۾ اٿي وڃي صوفي تي ويٺو. ڪجهه دير
ويهي وري اٿيو ۽ اٿي هلڻ لڳو. ڪمري ۾ ڳاڙهي رنگ جي
تمام گهٽ روشنيءَ ۾ مون کي ڪوبه صحيح اندازو نه ٿي
سگهيو ته سندس من جي لوڇ سندس منهن تي ڪهڙِيون
ريکائون اڀاريون آهن، هن وري ڳالهائڻ شروع ڪيو:
”اياز قادري، رباني، جمال رند، خواجا سليم، تنوير
عباسي، مقبول صديقي، شمشير الحيدري ۽ ٻيا دوست ڇا
ڪري رهيا آهن؟“
”تنوير عباسي پنهنجي شاعريءَ جي اشاعت کان سواءِ
تحقيقي تصنيفن ڏانهن به لاڙو رکيو آهي، تازو شاهه
لطيف ڀٽائيءَ تي هڪ سٺي اسٽڊي ڏني اٿس. خيال اٿس
ته هڪ سال ۾ هڪ تحقيقي ڪتاب ضرور ڏيان پنهنجي
پڙهندڙن کي.“
”۽ هو، مولا تي ننگ رکيو هلندڙ شمشير؟“
”شمشير، ادب کان وڌ هاڻي ٽيليويزن کي وڌيڪ ٿو
Feed
ڪري“.
”سنڌي ادب سنگت جو ڪم ڇڏي ڏنائين ڇا؟“
”ان کي ته گهڻو عرصو ٿيو“.
”شمشير جو شعر آ؛ زندگيءَ جا سؤ سوال
ڪير ٿو پورا ڪري،
آهي ڪو مائيءَ جو لال
آهي ڪو حاتم جي همت جو مثال
موت ۾ ماڻي محبت جو وصال
زندگيءَ جا سؤ سوال
ڪير ٿو پورا ڪري.-
واهه ڙي واهه ڍول! ٽيليويزن کي فيڊ ڪرڻ جي بهاني
زندگيءَ جي سوالن سلجهائڻ کان منهن موڙي وئين“.
ٿورو خاموش ٿي چوڻ لڳو، ”ڪٿي انهن سوالن مان ڪنهن
هڪ جي جواب ۾ ته نه لڳو پيو آهي.“
”ٿي سگهي ٿو، پر اهو ته هڪ ڄاڻي شمشيرالحيدري پاڻ
۽ ٻيو سندس مولا پاڪ- ڪڏهن ڪڏهن مڌ پيئندي خماريل
ذهن تي سنڌي ادبي سنگت جا اڻ ميساريل نقش تري
ايندا اٿس ته جذباتي ٿي چوندو آهي، يار ڪڏهن
واندڪائي ملي ته سنگت جي تاريخ ضرور لکبي“.
”شمشير کي گهٽ ۾ گهٽ اهو ڪم ته ضرور ۽ جلد ڪرڻ
گهرجي. مان سمجهان ٿو اسان جا اديب توڙي شاعر ڪونه
ڪو سوال کڻي ان کي سلجهائڻ جي ڪوشش ۾ رڌل آهن“.
“نوان به گهڻائي ميدان ۾ لهي آيا آهن. شاعر توڙي
ڪهاڻيڪار جي حيثيت ۾ به ڳالهه تو واري ئي ٺهڪي ٿي
اچي هت ته ڪَتن به پيا ڪنبن به پيا- ڏڪندي ڏڪندي
انهن رازن کان پنهنجي پڙهندڙ ذريعي ٻين کي به
آگاهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، جيڪي سالن کان
سيني به سيني پهچندا رهيا آهن- جنهن لاءِ لڇن به
پيا، لوچين به پيا“.
”1960ع جي ئي ڳالهه آهي“. هن اهڙي انداز ۾ چيو ڄڻ
منهنجي بس ڪرڻ جي انتظار ۾ هو.
”جمال جا روح رهاڻ ۾ به اکر ڇپيا هئا. ته ڀائو آءٌ
لکي ڪونه ڄاڻان، ڪونه لکي ڄاڻان- منهنجو نالو
ميساري ڇڏيو؛ چوڻ جو مطلب هوس ته ڳڀي جي ڳولها ۾
گتل آهيان- ڳڀي جي ڳولها ۾ گتل آهيان، ساهه کڻڻ جي
سگهه ڪانهيم، مران ٿو، ائين کڻي سمجهيو ته مري ويو
آهيان. جمال پيو چوي ته سندس نالو ميساري ڇڏيون.
اديبن جي فهرست تان ليکڪن جي فهرست تان، ڪهاڻيڪارن
جي وچور مان. ليکي لال جي هي ٻيو شهيد ٿي پيو،
سائينداد سولنگي اڳي هڪ مثال هو“.
”تازو سنڌالاجي طرفان ڇپيل رسالي پرک ۾ سندس ڪهاڻي
ڇپيل آهي. شايد نئين اٿس، ڇو ته جمال ابڙي پنهنجي
انٽرويو ۾ به چيو هو ته مان ڪجهه مضمون لکان پيو ۽
پنهنجون يادگيريون ضرور لکندس، وڏي جذبي سان چيو
هئائين ته مان انساني ارتقا متعلق هڪڙو ناول لکڻ
ٿو چاهيان“.
”گاڏي کي گڙڪائڻ ڏکيو آهي پر هلائڻ سولو، هڪ دفعو
حرڪت ۾ آيو ته پوءِ سولو سڻائو ڊڪندو هلندو.
ڪراچيءَ جهڙو شهر- سفيد پوشي- جمال ويچارو ته
عيالدار ماڻهو آهي. مون جهڙي ڇڙي ڇانڊي کي هن سماج
ٻيڻو ڪري وڌو. ته جمال ۾ ٿوم گهڻي؟ هن کي ته نه
رڳو پنهنجي پنهنجي ٻارڙن جو به خيال ڪرڻو آهي. پر
ڀاءُ-“ هو ٽهلندي هڪ هنڌ بيهي رهيو- بيهي چوڻ لڳو،
”پر ڀاءُ، ادبي ٺيڪيدارن ڪو اسان کي ڪهاڙيون ته
ڪين هنيون آهن، جو اسان هاءِ گهوڙا پيا ڪريون. بس
رڳو سائينداد سولنگي سمهاري ڇڏيائون. جمال کي جهلي
ڇڏيائون ۽ حفيظ حرڪت کان رهجي وڃڻ کي اچي پهتو
آهي“.
“پر رڳو اهي ٻه ڄڻا ته نه آهن. گهڻائيءَ مائيءَ جا
لال جيئري ئي هيڏي هوڏي پکڙجي ويا آهن، جن جي وري
موٽي ملڻ جو امڪان ئي نظر نٿو اچي، گهڻا ته وري ڪا
Creative
شيءِ ڏيڻ کان ئي رهجي ويا آهن- جيڪي تو وانگر هاڻي
ڪڏهن به وڌيڪ نه لکي سگهندا“.
”مثال طور ڪير؟“
”ڀاءُ، پاڻ واري جيجي زينت چنا- -“
”هن وچ ۾ ڪاٽي چيو، ”جي-“
”تو وارو پيارو دوست ۽...“
”عالماڻيءَ لاءِ ٿو چوڻ چاهين ڇا“.
”اڃا ته ٻڌ، پنهنجو جهونو جوڳي گرامي...“
”بس پيارا، مان وڌيڪ ٻڌڻ لاءِ تيار ناهيان“. هو
وري هلڻ لڳو. هن جي قدمن جي چرپر مان محسوس پئي
ٿيو ته سخت بيچين ٿي ويو آهي.
”۽ جنهن شخص کي تو پنهنجي ڪهاڻين جي ارپنا ڪئي
هئي- سا به“.
”ثميره- هان- ثميره - -“ هن جي آواز مان معلوم ٿي
ٿيو ته ڄڻ ڪمري ۾ تمام گهڻا ماڻهو گڏجي ثميره- جو
نالو پڪاري رهيا هجن- هن وڌيڪ ڪجهه نه ڳالهايو.
ڪمري لڳ باٿ روم ۾ گهڙي ويو، اندران در بند ڪري
ڇڏيائين، شاور مان پاڻيءَ جي بڙڪي نڪرڻ جو آواز
ٿيو ۽ جنهن سان گڏ هلڪا سڏڪا ٻڌا، دٻيل گهُٽيل
سڏڪا. تمام گهڻي دير اندران شاور جي آواز ۾ سڏڪا
ٻڌندو رهيس، مون باٿ روم جو در کڙڪايو، پر حفيظ
اندران در نه کوليو. گهڻي گهڻي دير تائين اندران
سڏڪن جو آواز ايندو رهيو. نيٺ شاور جو آواز بند
ٿيو منهنجي تمام گهڻي ضد سبب هن در کوليو. مان وڌي
وڃي کيس ڀاڪر پائي ٻاهر وٺي آيس. بتي ٻاريم، سمورا
ڪپڙا اَلاهي ٿي چڪا هئس، مون ڪٻٽ مان سندس ٻيا
ڪپڙا ڪڍيا، سٿڻ ۾ اڳٺ وجهي کيس ڏيندي چيم: ”پيارا،
ڪپڙا بدلاءِ.“
هن هڪ نگاهه مون تي اڇلائي. سٿڻ منهنجن هٿن مان
وٺندي پنهجي منهن ڀڻڪڻ لڳو:
”سڪ سوز جو کڻ ڪو سمر، آهي زمانو درگذر،
اوکو گرامي آ سفر، گهم عشق جون گهايل گهٽيون.“
هو وري باٿ روم ۾ ويو ۽ جلدئي ڪپڙا تبديل ڪري ٻاهر
آيو- وڌي وڃي بيڊ تي ستو، مون وڌي سندس سيرانديءَ
کان کُلندڙ دري کولي، هلڪي مٺڙي ٿڌڙي هوا ڪمري ۾
گهڙي آئي. هن اکيون کڻي مون ڏانهن ڏٺو:
”دنيا جي مالڪ جي ٺاهيل بي بقا مورتين سان نيٺ
ڪهڙو ۽ ڪيترو لاڳاپو رکجي؟ ڪمبخت ڪر موڙي اٿنديون
مس ته ائين سنڀرڻ شروع ڪنديون ڄڻ آيون ئي من ۾
چوچڙي لڳائڻ، باهه بکائڻ ۽ وري وڃڻ لاءِ هيون.
انهن جي ڀيٽ ۾ اسان جي مورتين کي ڏس. جيئن مون
پنهنجي مورتن کي انڊلٺ جي رنگن سان رڱيو آهي.
منجهن هڪ رنگ ٻيو به وڌو اٿم جنهن جو نالو آهي
”بقا“. دنيا جي خالق جي تصويرن ۾ بقا جو رنگ آهي
ئي ڪين. هو به بت ٺاهي ٿو، آءُ به بت ٺاهيان ٿو.
هو به مصور آهي، آءُ به مصور آهيان. هو به خالق
آهي، آءُ به خالق آهيان. البت هن جا بت فاني،
منهنجا بت لافاني، هن جا بت پريشان، منهنجا بت
خندان. هن جا بت نياز ڪيش وارا، منهنجا بت بي
نياز. هن جا بت تندخو، منهنجا سادا سٻاجهڙا. ڏس
اسان ٻن بتن گرن جي ڪلا ۾ ڪيڏو نه فرق آهي. بقا ۽
فنا جي ٻن رنگن ڪيڏو نه هُل هُلاچو مچايو آهي،
صدين کان انسان ائين اُلجهندو رهيو آهي. فنا جو
رنگ هر شيءِ تي حاوي ۽ طاري آهي. انسان خود به
فاني آهي پر تنهن هوندي به بقا جو عڪس پيو لوچي،
ڇا تون ائين ٿو ڀانئين ته هنن مڙس مٿيرن جي وڌيڪ
نه لکڻ سان انهن جو جيڪي ڪجهه لکيل آهي اهو ڪنهن
ڪم جو ڪونهي؟ ڇا اهو ناس ڪرڻ گهرجي؟ جن لاءِ هنن
لکيو آهي، جيستائين ڪائنات جو وجود هوندو تيسين
باقي رهندو، تيسين سندس مورتين جي بقا جو رنگ پيو
ڦهلبو. پيارا، هيءَ دري بند ڪري ڇڏ،- سنڌڙيءَ جي
سڳنڌ ڀريون لوليون ڏيندڙ هوا من کي وڌيڪ بيقرار
پئي ڪري، ڪٿي وري ڳوڙهن جا بند نه ٽٽي پون. مون
اٿي دري بند ڪئي.
”پيارا، اسان به آهيون نانگ کاڌل، جيسين اوهان ڪو
منڊ هڻي ننڊ نه ڇڏائي آهي، تيسين ڊهيل يارن مان
گهڻي اميد ڪئين ٿا رکو؟ هاڻي اهو توهان جو فرض آهي
ته تند تنواريندا رهو. اهو منڊ اٿَوَ انهيءَ ڏنگ
جو. اڙي سائين، ڀٽ ڌڻي ته توهان لاءِ انهيءَ عمارت
تي قبضو ڪرڻ جو پروانو ڪڏهوڪو لکي ويو آهي. ڀانيان
ٿو انهيءَ پرواني ۾ جيڪي هن لکيو هو، سو وسري ويو
اٿَوَ. ٻڌ ته ياد اچئي:
’تتيءَ ٿڌيءَ ڪاهه، ناهي ويل ويهڻ جي- متان ٿئي
اونداهه، پير نه لهين پرينءَ جو.‘
باقي رهي پنڌ جي اڻانگائيءَ جي ڳالهه، سو ڀاءُ،
سسئيءَ جي سورن کان ته پنهنجا سور سرس آهن، پوءِ
به اسان اڃا تائين سهڻيءَ جيان ڪَچو گهڙو کڻي به
ڪونه ڪاهيو آهي- -“ هو وري سوچ ۾ گم ٿي ويو.
”اٿ ڙي حفيظ، اجايا اپديش ڏيڻ به چڱا ناهن.“ هو ٽپ
ڏيئي اوچتو اٿيو، جو منهنجو پڻ ڇرڪ نڪري ويو، ڄڻ
اجايو ٿي ڳالهايوسين. هو اٿي وري ڪارين ڪاپين کي
ڦولهڻ لڳو.
”حميد سنڌيءَ جو ڪهڙو حال آ؟“
”خوش باش ۽ ٺيڪ ٺاڪ آ.“
”يار، ان ماڻهو منهنجي آتم ڪهاڻيءَ ’سليا ڪنهن نه
سوال‘ کي چڱيءَ ريت نه ڇاپيو ڀلا وري ’روح رهاڻ‘
ڪڍڻ جو خيال ڪونه ٿو اچيس ڇا؟“
”نڪو وچ ۾ ظفر حسن ’ڌرتيءَ‘ نالي سان رسالو شروع
ڪيو هو، تنهن جا به ڇٺيءَ ڇهه ماهي ٻه- ٽي پرچا
شايع ڪري، هاڻي ته ادبي بورڊ ۾ سيڪريٽري آهي.“
”مهراڻ جو ’گرامي نمبر‘ به نڪتو هوندو؟“
”ها- -“
هو مون کي ڏسي مرڪڻ لڳو- - ”بهرحال سٺي ڳالهه آهي-
اسان کي ڪجهه نه ڪجهه ڪندو رهڻ ئي گهرجي.“ هو وڌي
اليڪٽرڪ بورڊ تائين آيو، ”اسين جيڪي زندگيءَ جي
سينڌ سنوارڻ جي دعوا ٿيا ڪريون، اسين جيڪي گلستان
کي گلاب جي لاليءَ سان سينگارڻ ٿا گهرون، اسين
جيڪي هر دل ۾ اميد ۽ امنگ جا راڳ ڳائڻ ٿا گهرون،
تن کي ڪٿي ٿو سونهي ته هڪ پل لاءِ به نراسائيءَ جو
راڳ ڳايون.“ ائين چئي هٿ وڌائي، بتي وسائي ڇڏي ۽
وڌي ويو ڊيولپر ڏانهن. ڳاڙهي بتي ٻاريائين، جنهن
سان اونداهيءَ ۾ ڳاڙهاڻ جو گهٽ روشن رنگ اڀري آيو.
”پيارا، صحيح ته ماحول خوشگوار نه آهي، صحيح ته هر
طرف خونخوار بگهڙن جا ولر اسان جي رت جا اُڃايا
پيا ڦرن، صحيح ته اسان جو پنڌ ڪنڊن جي پيچرن کان
آهي ۽ صحيح ته حيات، قيامت جي تصور کان به سخت پئي
ڀاسي، پر زهر پياڪ ته وهه ڏسي ويتر وهسندا آهن.“
هن ڪاري ڪاپي کڻي انلارجر ۾ وڌي: ”سقراط کان وٺي
اڄ تائين لشڪر ته ڏس مستن جو! ڪير هو جو پاڻ پيالو
گهري پيئي ها؟ ڪير هو جو پنهنجي خوشيءَ سان صليب
تي چڙهي ها؟ ڪير هو جو ستر ڄڻا ساڻ ڪري ڪربلا تي
پهچي ها؟ اڙي اهي مست اسان جي قبيلي جا ماڻهو هئا،
پنهنجو ساهه ڏئي زندگيءَ کي تازگي بخشي هئي.
مُرڪندا جهومندا ويا ۽ هي قافلو هلندو پيو هلي، ۽
اڃا تائين هوٽلن تي به چانهه جي ڪوپ مان چسڪيون
هڻندڙ نوجوان ڪنهن اهڙي مست جو اظهار ڪري رهيا
آهن.“ هن اڇو ڪارڊ ڦاڙي انلارجر ۾ وڌو ۽ ساڳيءَ
طرح عڪس بند ڪري، ڪارڊ ڊيولپر ۾ وجهي ڇڏيو:
”اڪيلائي، هيڻائي ۽ نراسائيءَ جي جذبن سان جهڙيءَ
ريت مون کي الجهڻو اٽڪڻو ٿو پوي، اهڙيءَ ريت اوهان
گهر ويٺلن کي نه پوندو هوندو؛ پر مون پنهنجي ماحول
کي پنهنجي پورهئي سان خوشگوار بڻائڻ لاءِ پنهنجي
هن ڪمري مان به هر شيءِ کي ڪڍي ٻاهر ڦٽو ڪيو آهي،
جيڪا ڪنهن به ريت اداسيءَ ۽ نراسائيءَ جو باعث
بڻجي.“
”ته ڀلا تو ڪنهن عورت جي تصوير ڇو ڪمري ۾ لڳائي
آهي؟
هن مون ڏانهن منهن ڦيرايو- ”بتي ٻاري ۽ وري ان
تصوير کي چتائي ڏس.“
مون وڌي وڃي بتي ٻاري ۽ ڀت تي لڳل تصوير ڏانهن
ڏٺم، ”ڪنهن ڪلاڪار عورت جي تصوير آهي، مون ڪنهن
ٻئي هنڌ اها تصوير ڪانه ڏٺي آهي، ڇا منهنجو خيال
درست آهي؟“
هن مون ڏانهن نهاريندي چيو، ”تنهنجو خيال درست
آهي.“ هو وڌي اچي صوفي تي ويٺو ۽ اتان ان تصوير کي
ڏسندي چوڻ لڳو: ”ڀاءُ- اسان جا ڪلاڪار، پنهنجي ڪلا
جي موٽ ۾ سِر جا سوالي ٿيندا هئا. سنڌ انهن
ڪلاڪارن جا گيت ڳائيندي هئي. انهن سرويچ، سوڍن ۽
راڻن جا گيت ڳائيندي هئي، ڀَلئي اڄ به ڳائيندي
آهي، پر پوءِ صديون ٿيون انهيءَ ڳالهه کي گذري.
هاڻي ته ريڊيو تان سُر مارئيءَ کان سواءِ ٻيو ڪو
ورلي ٻڌندا آهيون لٿي پٿي پنهنجي شيخياڻي سسئيءَ
جا پار ٻڌندا آهيون. راڳ جي ديوتا ٻيجل کي ۽ ان جي
ٻانهي راءِ ڏياچ کي ڪوئي ڪين ڳائي. الائجي گهڻيون
صديون ٿيون، سنڌ ۾ اهڙو ڪارو واءُ لڳو جو ڪلا ۽
آرٽ جون پاڙون پٽجي ويون. ڪٿي ڪو منصور لاهوتي لال
يا سرمست ٿي آيو ته ٻه گيت ڳائي ويو، نه ته ٿيو
ڀلو. هت عاشقن لاءِ عزازيل هجڻ جو مهڻو ٺهيو ٺهڪيو
رکيو آهي. ڪير دم هڻي؟ ڪير سر سهسائي؟ سر جو سر
سان ساٿ آهي ڀائو. راءُ سِر ڏيندو هو ته هر طرف
گيت هوندا هئا. ٻيجل جو سَر ٿو کڄي ته هر طرف مانُ
ٿيو وڃي، ڳائڻا مڱڻا ٿيو پون يا ڪوٺن تي ڪسب ڪمائڻ
لڳيو وڃن. ڪلا سان هيءَ ڪار دلوراءِ جي نگريءَ ۾
نه ٿئي ته ٻيو ڪٿي ٿئي؟ گيت سنگيت جو ذڪر انڪري
ڪري ويس جو مان توکي ٻڌائڻ ٿو چاهيان ته اها تصوير
مون پنهنجي ڪمري ۾ ڇالاءِ لڳائي آهي.“
”منهنجو مطلب هو ته هن تصوير کي ڏسي، هن جا گيت يا
هن جو آواز ٻڌي، تون اُداس نه ٿي ويندو هوندين؟“
”مان جذباتيت جو قائل ناهيان پيارا، پر سنڌ ۽ سنڌ
وارن جي اڪير ۾ الائجي ڪئين روئڻ به سکي ويو
آهيان. اڪبر هڪ ڪنڊي بڻي ڪاڪڙ جهليو بيٺي آهي.
نيڻن کي نير ڇلڪائڻ کان سواءِ اچي ڇا ٿو؟ رات جاڳڻ
کان پوءِ- باک ڦٽيءَ ويل هن محيط عمارت جي پوئتان
اُسرندڙ سج جو پهريون ڪرڻو منهنجي دريءَ مان ليئو
پائي، منهنجي ڪن ۾ سرگوشي ڪندو آهي، ڄڻ چوندو آهي
’اُٿ، گهڻو سُتين، صبح ٿيو اٿئي، اُٿ-‘ ۽ پوءِ آءٌ
اکيون پٽي دريءَ مان انهيءَ عظيم عمارت طرف نظر
ڪندو اهيان، منهنجي من ۾ انهيءَ تروري جي هلڪي
سرگوشي هڪ هلڪي ڪتڪاڙي ڪندي آهي ۽ جهيڻي جهيڻي مرڪ
منهنجي چپن تي ٽلڻ لڳندي آهي، انهيءَ وچ ۾ سج جا
ڳچ جيترا ترورا منهنجي دريءَ اندر لنگهي ايندا آهن
۽ مون کي وڪوڙي ويندا آهن، انهيءَ ننڍڙي تروري کي
آءٌ هوند ڪنهن سهاڳڻ جي پهريئي پٽ سان تشبيهه
ڏيان، جنهن جي ڏٺي، سهاڳڻ جو سينو زندگيءَ جي امرت
رس سان ڀرجي ايندو آهي ۽ هو ڳچ جيترا ترورا آءُ
هوند انهيءَ سهاڳڻ جا ٻيا ٻار چوان، جن کي حاصل
ڪري هو پنهنجي زندگي سڦل سمجهندي آهي، ۽ جن تي ناز
ڪري هو ڳاٽ مٿي ڪري هلندي آهي! ۽ پوءِ جڏهن هي ڍڳ
سارا ترورا مون کي وڪوڙي ويندا آهن، ته آءٌ ڪر
موڙي، هنڌ ڇڏي، اُٿي ويهندو آهيان، ان بعد ڏينهن
پنهنجي مشغولين سان وڪوڙي ويندو آهي- آءٌ زندگيءَ
جي جدوجهد لاءِ جنبي ويندو آهيان، تان جو شام جي
جهيڻي جهيڻي اوندهڙي منهنجي ڪمري کي ڪنوار جي اجرڪ
جيان ويڙهي ويندي آهي ۽ آءٌ بتي ٻاري پروانن سان
گڏ نيڻ ساڙڻ لڳي ويندي آهيان- تڏهن هيءَ چاندڪا-..
جنهن کي مان اڃا وساري نه سگهيو آهيان- ڇو ته هوءَ
مون کي ڏاڍا سهڻا مٺڙا سُر ڇيڙي هميشہ يادن جي
ايوانن ۾ وٺي ويندو آهي.“
”هيءَ تصوير انهيءَ چاندڪا جي ته ناهي، جنهن سان
تو پيار ڪيو هو، جنهن جي بيوفائيءَ تي تو ڪهاڻي به
لکي هئي؟“
”ها - - هيءَ اها چاندڪا آهي پيارا- جنهن، وقت
گذرڻ سان پنهنجي اندر ۾ عورت کي ڪَرَ موڙيندي
محسوس ڪيو، جنهن زندگي سنوارڻ لاءِ، مون کي ڇڏي،
ڪنهن ٻئي ساٿيءَ کي چونڊي ورتو- - جنهن منهنجي خطن
کي رڳو عقيدت جي گلن سان سينگاري سانڍي رکي ڇڏيو-
- جنهن منهنجي اندر جي اُڌمن کي هڪ عظيم آرٽسٽ جي
اونهي ويچار جو ئي نتيجو سمجهيو ۽ نيٺ اهو ڏينهن
به آيو، جڏهن چاندڪا جي محبت جي سهاري ٺاهيل ادب
جي بت ٽڪرا ٽڪرا ٿي اچي پٽَ ٿي پيو- - هن ڪنهن ٻئي
سان شادي ڪري ڇڏي... ۽ مان...“ هو وڌيڪ نه ٿي
ڳالهائي سگهيو- هن جي آواز مان ئي لڳو ٿي ته هو
وري يادن کي ساري جذباتي ٿيندو ٿي ويو-
”جيترو سوچين ٿو ۽ محسوس ڪرين ٿو، ان کي لکين ڇو
نٿو؟“ هن کي ٿورو موڊ ۾ ڏسي پڇيم.
”آءٌ خمارن غبارن جو رهواسي آهيان، مون کي ائين ٿو
محسوس ٿئي ڄڻ اندر ۾ بخار ڀرجي آيا اٿم ۽ آءٌ
ڪبوتر جيان فضا ۾ ڇولين تي ڇُلي رهيو آهيان.“ هن
مون ڏانهن مُنهن ڪري چيو، ”تو آڪاس ۾ ڪنهن ڪبوتر
کي هوا جي ڇولين تي ڇُلندي ڏٺو آهي؟ ڏٺو به آهي
الائجي ڪين؟ پر آءٌ ڏسي چڪو آهيان، انهيءَ ۾ ڪو شڪ
ڪونه آهي ته آءٌ هٿين خالي، پينو فقير آهيان- -
مون وٽ دنيا جو ڌن دولت ڪين آهي؛ پر تڏهن به
پنهنجي دنيا ۾ آءٌ پاڻ کي تونِگر سمجهندو آهيان،
ڪڏهن ڪنهن افساني جو ڪردار وجود ۾ اچڻ کان پِڙ ڪڍي
بيهندو آهي، ته آءٌ ائين جُهرڻ ڳرڻ لڳندو آهيان،
جيئن چيڪي مٽيءَ جي اوڏڪي ڀت ٻوڏ جي پاڻيءَ ۾- ۽-
پوءِ منهنجي روح جي انهيءَ رل مل مان منهنجي
افساني جو ڪردار ڪَر موڙي، آرس ڀڃي ائين اٿندو
آهي، جيئن ڪو سلو ڪنهن ڀلي زمين مان اسرندو هجي يا
ڪا نرتڪي نيهن مان اٿي جهومڻ ۽ ڳائڻ لڳي وڃي- ۽
جڏهن منهنجي افساني جو ڪردار اهڙو روپ ڌارڻ ڪندو
آهي، ته آءٌ سمجهندو آهيان ته خالق آهيان پنهنجي
ڪردار جو- -“
هو گهڙيءَ لاءِ چُپ ٿي ويو.اجايو سجايو ڪارين
ڪاپين کي اٿلائڻ پٿلائڻ لڳو، پر جلد ئي ڪو خيال
اچي ويس. ڊيولپر ۽ فڪر ۽ رڌل تصويرون ڪڍي، ان کي
صاف پاڻيءَ جي پاٽ مان ڌوئڻ لڳو. ڌوئي انهن کي
سڪائڻ لاءِ هٿ جي ٺاهيل هيٽر جي مٿان لسي پليٽ تي
فوٽو اُبتا ڪري رکيائين ۽ هيٽر اُبتا ڪري رکيائين
۽ هيٽر جو سئچ ان ڪري ڇڏيائين: ”پهرن جا پهر ڪنهن
دلبر جي چاهه چکيا تي چڙهي، کامندو پڄرندو رهيو
آهيان، پر انهيءَ جهوريءَ جهُرڻ جي لطف تي لال،
هوند ڪائنات قربان ڪري ڇڏيان. چانڊوڪي رات ۽ ساگر
جي ڪناري ڪنهن پرينءَ سان پرت ڀرين ڳالهڙين جو
تصور ائين محسوس ٿيندو آهي، ڄڻ پوري فضا تي بهار
ڇانيل آهي ۽ ڪو ديوانو پنهنجو تنبورو کڻي فضا ۾
گيت پيو پوکي، مڌر مٺڙيون راڳيڻيون...“ هيٽر جي
مٿان رکيل پليٽ تي ٽوال وجهڻ کان پوءِ چوڻ لڳو:
”مون گهڻي عرصي کان لکڻ ڇڏي ڏنو آهي، جنهن جا ٻيا
به ڪيترائي سبب آهن- - هونءَ ته مون ڏٺو، ته
منهنجا سڀئي ساٿي هٿ تي هٿ رکيو چُپ ڪري ويهي رهيا
آهن، تڏهن ئي مون قلم کنيو هو، مون ان وچ ۾ سنڌ
کان پري ٿي به گذاري ڏٺو ۽ ان پري هئڻ جا مون کي
اُڪير ۽ اُڪنڊ عطا ڪئي، تنهن جو نتيجو هيون ٻه-
چار ڪهاڻيون ۽ يادگيريون، مُٺ جيترين ساعتن جي
مهلت، جيڪا ڏاتار مون کي ڏني، تنهن ۾ مون کي
پنهنجي نقشن کي سينگارڻو هو، منجهن رنگ ڀرڻا هئا ۽
سڀ کان وڏي ڳالهه ته منجهن بقا جو الڀ رنگ ڀرڻو
هو.“
”ها چيو پئي ته هڪ اڌ ناول لکيو ٿي؟“
”ها يار، شايد اهو شيام وٽ آهي. مون جيڪب آباد
واري دؤر ۾ ڪنهن ڪلارڪ دوست تي پنهنجي لکڻين اتارڻ
جو ڪم رکيو هو، اهو دوست به هاڻي الائي ڪٿي آهي؟
اهو بوڪ به الائي ڪٿي رهجي ويو!“
”تو پنهنجن دوستن کي به ته سٺا سٺا خط لکيا آهن؟“
”پر اهي ادب ۾ ته شمار ڪري نٿا سگهجن لال، هونئن
مون حميد سنڌيءَ کي به خط لکيا هئا، جنهن وري ’روح
رهاڻ‘ ۾ ڇاپي پڙهندڙن تائين به پهچائي ڇڏيا.“
”اهو ته هن پاڻ چڱو ڪم ڪيو، ڀلا ادب متعلق تنهنجو
رايو ڇا آهي؟“
”منهنجي نظر کان ته ادب جي واکاڻ اها آهي ته ادب
انهن سمورين تحريرن جو نانءُ آهي، جي ڪنهن قوم جي
جذبن، اُمنگن، اُڌمن، خيالن، ويچارن، انڊيشن،
پريشانين، ڳڻتين ۽ ڏولائن تي ڪنهن نه ڪنهن پهلوءَ
کان روشني وجهن.“ هن هيٽر مٿان رکيل ٽوال کي ٿورو
مٿي ڪري ڏٺو ۽ وري ساڳيءَ طرح ٽوال کي ٺاهيو:
”اسان جا خيال ۽ ويچار، ارمان ۽ اڌما، انديشا ۽
پريشانيون پيدا ٿين ٿيون، ان موجودات سببان، جيڪي
اسان جي ماحول ۾ هر طرف پکڙيل آهن. انهيءَ ڪري
انهن جذبن ۽ ارمانن بابت ڳالهه ڪرڻ ويل ضروري آهي،
ته اسان پنهنجي ماحول جي موجودات بابت به ڳالهه
ڪريون.“
”۽ ڀلا ڪهاڻيءَ بابت تنهنجو ڇا خيال آ؟“
”لکندڙ جي دل ۾ بکندڙ باهه جو تجلو. ڪير آهي جو
اهو به چاهيندو، ته پنهنجي من جي پيڙا ڪنهن پرينءَ
کي به ڏيکاري، انهن کي به احساس ڏياري، ته هن مچ ۾
پڄرڻ ڇا هي؟ عام انسان کي ٿوري چهنڊڙي ٿي پائجي ته
دانهن ڪري ملڪ کڻي ٿو ڪٺو ڪري، جن جي اندر ۾ آنڌ
مانڌ جا طوفان هجن، جيڪي پل پل هئمليٽ جيان وجود ۽
فنا هڪ سوال آ پيارا، جو ورد ويٺا ڪن، سي ماٺ ڪري
ويهن، سا ته نهايت ڏکي ڳالهه آهي.“
”انهيءَ هوندي به تون نٿو لکين؟“
”تصوير جو ٻيو رخ به ٿيندو آ ڀاءُ - - ۽ اهو اهڙو
انوکو آهي، جو آءٌ نٿو ڀانيان ته ڪو توکي چڱيءَ
طرح ڏيکاري سگهندس. جڏهن دوست گهڻو زور ڀريندا آهن
۽ نه لکڻ لاءِ، مِهڻا ڏيندا آهن، ته دل ۾ جهير
پوندا آهن ۽ پوءِ مان روئي ويهندو آهيان. احساسن
جي شدت وڃي ٿي ڏينهون ڏينهن وڌندي ۽ آءٌ جيئن پوءِ
تيئن وڃان پيو نهوڙيو، اهڙيءَ حالت ۾ دردن جو
داستان کولي ويهڻ اڻ ٿيڻي پئي لڳو. اکر ڪڇڻ ڪين ٿو
پڄي، دوستن سان ياري پاڙڻ، هم سخنن سان رهاڻ ۾ رهڻ
۽ قربدارن جا احسان ياد ڪرڻ کان ڌار به زندگيءَ ۾
ڪي باب آهن، انسان انهن بابت به گهڻو ڪري ٿو، البت
انهن بابت ڪجهه چوڻ آکڻ جو معاملو ٻيو آهي، ’ڪڇان
ته ڪافر ٿيان، ماٺ ڪيان ته مشرڪ‘ واري ڳالهه پئي
لڳيم، ان ڪري ’مِٺي به ماٺ، مُٺي به ماٺ‘ ڪري،
چَپن چُنو لائي ڇڏيو اٿم.“
”۽ جي سڀني ان مصلحت کان ڪم وٺي، خاموش رهڻ ئي
مناسب ڄاتو ته نتيجي ۾ ...“
وچ ۾ منهنجي جملي کي ڪاٽي چوڻ لڳو: ”حالتون پلٽو
ضرور کائينديون. هڪ تروري مان ٻه ترورا پيدا ٿين
ٿيندا ۽ پوءِ جيجل سنڌڙي سدا سهاڳڻ جيان اوچو ڳاٽ
کڻي، انهن جي وچ ۾ جهومندي. اسان هونداسين يا نه
هونداسين، ڪا وڏي ڳالهه ڪانهي، سوال اهو آهي ته
سڀاڳو سمو اچڻو آهي ۽ ضرور ايندو، خوشين ڀريو اهو
سج اڀرڻو آهي ۽ ضرور اڀرندو، انهيءَ وچ ۾ رات جي
ٻاٽ ۾ سوجهرو ڪرڻ لاءِ اسان جيءُ جلائي جوت
ڪنداسين ۽ انهيءَ جهيڻي روشنيءَ جي آڌار تي ڪاڪ
جون منزلون لتاڙي هلنداسين- وڌندا هلنداسين، وڌندا
هلنداسين سونهري سهائن ڏينهن طرف. حالتون ضرور
پلٽو کائينديون، وري مون جهڙو ڌڻ کان ڏتڙيل ساٿي
اچي ڌڻ ۾ شامل ٿيندو، ته انسان جي سبيل ضرور
هلندي. مٽ مٽي ڪشڪول ڀري پيئنداسين پاڻ جيئڻ جا
ڍنگ اختيار ڪنداسين، جڳ کي جاڳ ڏينداسين_“ هن هٿ
وڌائي ٽوال هيٽر تان لاٿو. تصويرون سڪي ويون هيون،
جن مان هڪ هڪ ڪري لاهي، گڏ ڪري لفافي ۾ رکڻ لڳو.
”ها سچ، حفيظ، تو لاءِ گلڻ ڏاڍو پڇندو آهي؟“
”ڪهڙو گلڻ؟“
”اهو جيڪو ننڍي هوندي اسڪول جي ماستر جي ڀوَ کان
بيمار ٿي پيو
هو.“
”هوُ ڇا جنهن تي مون ڪهاڻي به لکي هئي’اما، مان
اسڪول نه ويندس. هن مُرڪي مون ڏانهن ڏٺو. ”يار،
هاڻ ته وڏو ٿي ويو هوندو؟“
”پر ويچار اڻ پڙهيل ئي رهجي ويو. تازو ڪنهن اسڪول
۾ پڙهندڙ دوست کان پنهنجي ننڍي هوندي واري آکاڻي
ٻڌي اٿس، تڏهن کان تولاءِ ڏاڍيون پڇائون ڪندو
آهي.“
”اسڪول جي ڪنهن دوست کان ڪيئن ٻڌي اٿس؟“
تو واري ڪهاڻي اسڪول جي ڪورس واري ڪتاب ۾ شامل ڪئي
اٿن.“
”ڪمال آ يار، مون اها ڪهاڻي تعليم کاتي تي تنقيد
ڪندي لکي آهي، اهڙن ظالم ماسترن جي خلاف لکي آهي
سا ڪهاڻي وري تعليم کاتي وارن پنهنجي شاگردن تي
لازمي قرار ڏني آهي، ڇا ڪا تعليمي ميدان ۾ ايڏي
وڏي تبديلي آئي آهي؟“
”نه ڪو. ساڳيو ئي ٻهراڙيءِ جو ماستر، ٻار تي آلي
لڪڻ جو وسڪارو.“
”۽ سبق پڙهائن ٿا ’امان، مان اسڪول نه ويندس،
جهڙا!“
هو وڌي ٽيبل ڏانهن ويو، جتان ڇڙي (Stick)
کنيائين،“ ”هل پيارا ته تنوير جي شعر وانگر
چانڊوڪيءِ ۾ هلي وهنجون.“
اسان اٿي ٻاهر آياسين. ٻاهر پٽ تي چانڊي پلٽي پئي
هئي. ٿڌڙي هوا ۾ اسان ٿورو اڳتي نڪري وياسين. وڻن
جي جھڳٽي ۾ هڪ ڪريل وڻ جو ٿڙ پيو هو، حفيظ وڌي
وڃي ان ٿڙ تي ويٺو.
”پهرن جا پهر ڪنهن دلبر جي چاهه چکيا تي چڙهي آءٌ
کامندو پڄرندو آهيان، پر انهيءَ جھوريءَ جھڄڻ جي
لطف تي لال، آءٌ هوند ڪائنات قربان ڪري ڇڏيان_
چانڊوڪيءَ رات ۾ ساگر جي ڪناري، ڪنهن پرينءَ سان
ڳالهڙي جو تصور ائين محسوس ٿيندو اٿم،
جيئن پوري فضا تي بهار ڇانيل آهي ۽ ڪو ديوانو
پنهنجو تنبورو کڻي فضا ۾ گيت پيو
پوکي.“ هن (Stick)
کي ٻنهي هٿن ۾ جھلي ڪلهن تي رکيو، جيئن ڪو ڳوٺاڻو
ڳڀرو مال چاريندو هجي.
اسين ٻئي جدا ٿي وياسين جيئن مينهوڙي تي، ان شام،
شفق جي سهائيءَ ۾ به ڀورا پکيئڙا ڌار ٿي ويا، وري
نه مليا. ڪٽورين اکيون جهڙِيون ڇاتيون، تنهن تي
جڙيءَ وهڙيءَ وارا ڇال، ڳالهائيندي هئي ته ڄڻ ڪنهن
رباب جي تارن کي ڇيڙي ڇڏي ڏنو هجي. آءٌ به تڏهن
ڏاڍو ارڏو هوندو هوس ۽ هوءَ سڀ سان
سينو ساهي، وير پرائي، مون ڀر ائين اچي بيهندي
هئي، ڄڻ ڪا جھنگلي هرڻي ولر جي سردار سان هجي.
تڏهن هڪ سرور، هڪ مست، هڪ نشو منهنجي چت تي چڙهي
ويندو هو ۽ آءٌ کيس ڳراٺڙي پائيندي ڪنهن گھڙيءَ
مِٺي وٺندو هئس، شرمائجي ڪنڌ هيٺ ڪري ڇال هڻندي
پري ڀڄي ويندي هئي.
قادر ڄڻ اسان ٻنهي کي گڏ رهڻ لاءِ جوڙيو هو، ڄڻ
اسان هڪ ٻئي لاءِ خلقيا ويا هئاسين، پوءِ هڪ ڏينهن
گھران رُسي ملٽري ۾ ڀرتي ٿي ويس، ائين جيئن ڪو
هنجهن جو جوڙو ڪن مجبورين سبب ڌار ٿيندو هجي ۽ ٻئي
دک کان ڪيهون ڪندا هجن. ان شام روئي موڪلايوسين،
مون کي پرديس وئي گهڻا ڏينهن ڪونه ٿيا هئا، جڏهن
مون کي سندس احوال پهتو ته مائٽ کيس پرڻائي رهيا
هئا ڪنهن ٻئي سان.“ پل اَپل جي مان.... ”مون موڪل
طلبي، پر موڪل جلد نه ملي. مان ڦٿڪندو رهيس ۽ پوءِ
مون کي اطلاع مليو ته سندس شادي ٿي وئي، سندس در
تي شرنائيون وڳيون، دهل وڳا، لاڏا ڳايا ويا، هوءَ
هلي وئي ان وٽ، جنهن کي قادر سندس لاءِ نه خلقيو
هو، جنهن چند ڏوڪڙن تي کيس خريد ڪيو هو، جنهن مايا
جي پَل تي منهنجي محبت جو مذاق اُڏايو هو،
نوڪريءَ جو سال پورو ٿيو ته ڳوٺ آيس، سانوڻ جي رت
هئي، پر هوءَ ساهري ويل هئي، تڏهن بادل نه برسيا
هئا، منهنجو من برسيو هو. موڪل پوري ٿي ۽ مان واپس
ويس . اهڙيءَ طرح هر سال سانوڻ سانگي موڪل تي ڳوٺ
ايندو هوس. هڪٻئي پٺيان چار اداس موڪلون اچي لنگهي
ويون. جنگ ختم ٿي ته مان به استعفيٰ ڏئي گهر وريس.
ڊسمبر جو مهينو هو، پهر سج جو لهي چڪو هو، مان کُڏ
تان هيٺ لٿس، ته هُن کي نل تي پاڻي ڀريندي ڏٺم.
هُن مون ڏانهن نهاريو، اکيون مليون، جهڪي ويون.
مون هن جي نيڻن ۾ ڏٺو، ته مون کي لڳو، جيڪي نيڻ
ڳالهه ڪٽورن مثل ڪشادا هئا، اڄ اونهين کوهين مثل
پيهيل ۽ اڌيارا هئا. هُن جا لَب، جيڪي گذريل ڏهاڙن
گلن مثل نازڪ، ننڍڙا ۽ سنهڙا هئا، اڄ سُڄي پونءِ
ڀريل ڳڙيءَ مثل ڪراهت پيدا ڪري رهيا هئا ۽ سندس
ڇاتيون، جيڪي ڪنهن وقت انار مثل گول ۽ سخت هيون،
پر اڄ ڪنهن سُئا مينهن جي اوهه مثل لڙڪي رهيون
هيون. آءٌ ڏانهس ڏسندو هيس. منهنجي ڪائنات منهنجي
آرزو، منهنجي محبت منهنجي سامهون هئي. اچتو هُن جا
ٻار به اچي نل تي سهڙيا، هوءَ مُنجهي پيئي، هڪ طرف
ٻارن جي ڌڻ اچي کيس ورايو هو، ۽ ٻئي طرف آءٌ هئس.
آءٌ، جنهن سان هُن جي ماضي جو حسين دؤر سلهاڙيل
هو- - ۽ پوءِ انهيءَ مونجهاري ۾ هوءَ ٻارن کي
اورانگهيندي، لتاڙيندي، منهن ورائي وڃڻ لڳي، ڄڻ
ڪنهن اوچتي ڌڪ لڳڻ ڪري هوءَ پنهنجي گُلرن جي وات
مان کير ڇڏائي ڊوڙندي هجي.“
هو ٿڙ تان اٿيو- ۽ اڳتي هلڻ لڳو، ڪجهه دير اسان چپ
پاپ هلندا رهياسين.
”تو منهنجي ڪهاڻي ’ٻه پاڇا‘ پڙهي آهي؟“
مون ڪنڌ سان هائو ڪئي، ۽ چيو، ”اها ڪهاڻي مون
تنهنجي پهرئين مجموعي ۾ شامل ڪئي آهي؛ پر پني جي
گهٽ هئڻ سبب ’سليا ڪنهن نه سوال‘ وانگر اها به
اسلم لغاريءَ وٽ رهجي وئي.“
”يار، سليا ڪنهن نه سوال، جيئن جو تيئن لکيل حميد
سنڌيءَ وٽ هوندءِ، ان کان وٺي اها ڇپائجان.“
”ناصر مورائيءَ ٻئي چيو ته حميد، تنهنجي اها ڪهاڻي
جيئن جو تيئن ئي ڇاپي آهي“.
”پر تون حميد کي چئجانءِ ته اصل ڪاپي ڏيڻ لاءِ.“
”اهي ته پنا ئي ڳري ويا هوندا هاڻي پيارا.“
”ٺهيو ادا-، ها-“ هُن منهن مون ڏانهن ڪندي چيو، ڄڻ
ڪجهه اوچتو ياد اچي ويو هجيس، ”تڏهن ته اصل ڏاڍو
مزو لڳو هو، جڏهن مون هزماسٽرس وائيس ڪهاڻي لکي
هئي“.
”ڇا ٿيو هو؟“
”پنهنجي افساني بابت آءٌ ان کان وڌيڪ ڇا چوان، ته
جيڪڏهن آءٌ هُن کي سٺو نه سمجهان ها، ته هوند ڇپجڻ
لاءِ ئي نه ڏيان هئا. اهو فيصلو ڪندي مون ڪيتري حد
تائين انصاف ڪيو آهي، سو پڙهندڙ ئي ٻڌائي سگهندا،
آءٌ ڇا چوان“، مون کي تنهن وقت جون ڳالهيون ياد
اچڻ لڳيون، جڏهن ’روح رهاڻ‘ ۾ اها ڪهاڻي ڇپي هئي ۽
ان کان پوءِ جيڪا تنقيد ٿي هئي، مون چيو، ”ها
حفيظ، اهو ڪهڙو بزرگ هو، جنهن هزماسٽرس وائيس لاءِ
لکيو هو، ته انهيءَ ۾ ڪو شڪ ڪين آهي ته حفيظ،
هزماسٽرس وائيس نهايت نيڪ نيتيءَ سان لکيو آهي ۽
افساني لکڻ جو مقصد نهايت ئي پاڪيزه آهي؛ پر هي
افسانو ڪنهن به صورت ۾ اهڙو نه آهي، جيڪو گهرن ۾
پڙدي ۾ رهندڙ مائرن، ڀينرن يا ڪنوارين ڌيئرن تائين
پهچي.“
-(پورٽريٽ جي آخري قسط ايندڙ پرچي ۾ پڙهندا)
پڙهندڙن وٽان
مهراڻ جي مواد کي مون ڌيان جون دريون کولي
پڙهيو... تون تجربي جي سچائين جو شاعر آهين ۽
تجربي ڪندڙ جي حيثيت ادب جي رڳن ۾ ڊوڙندڙ رت سمان
هوندي آهي. تون ۽ سحر وڏيون وڏيون ٻرانگهون
ڀريندي، هي اوچتو ننڍيون ننڍيون وکون ڇو کڻڻ لڳا
آهيو؟ منهنجي خيال ۾ اسان سنڌي ماڻهو انهيءَ مُئي
جيٽ ايج جي غفائن ۾ اڃا ته نه ڪري آهيون.
ڇا سحر جي سنجوڳ ۽ اوسيئڙو ۾ سيڪس ڳتيل آهي؟
ماکيءَ لاريا جسم ۾ پل پل ڪوڪي جي ٽنبجڻ جهڙين
سِٽن، گهٽ ۾ گهٽ منهنجو ڌيان ان سوچ طرف ڌِڪيو
آهي. بهرحال، اهي تجربا آهن. ضروري ڪامياب ٿئي.
سحر جو پهريون نظم وڻيو اٿم.
ڇا هٿ ۽ نراڙ جي ريکائن ۾ تنهنجو ويساهه آهي. جي
نه، ته تون انهن مان ڪڏهن مُڪتي پائيندين؟ تنهنجا
نظم ڏيان سان پڙهيا اٿم ۽ تنهنجي وائي جي هيءَ سِٽ
”اڄ ته سج مٿي مٿان، پيرن ڌر تتل“ اندر ۾ پيهي
ويئي اٿم. تنهنجي ترائيل به اظهار جي نواڻ سان
ٽمٽار آهن، خاص ڪري هيءَ سٽ ”وڻ جي ٿڙ جيان ساهه ۾
آهيان سوڙهو“ ته اڄ جي انسان جي اندر جو اولرو
اهي. اڄ جو انسان، جيڪو جنهن کي ضرورتون،
مجبوريون، سماجي قدر اڏوهيءَ جيان کائي رهيا آهن.
اڄ جو انسان، جيڪو پل پل ذهني گهوٽالن مان گذري
رهيو آهي. اڄ جو انسان جيڪو دوستن رشتن ناتن جي
کوکلائپ جي ٽياس تي ٽنگيل آهي. اڄ جو انسان جيڪو
مصلحتن جي ڄار ۾ ڦاٿل آهي ۽ اهو ئي جو پيڙيل انسان
تنهنجي هاڻوڪي شاعريءَ جو مرڪزي ڪردار آهي.
نور الهديٰ جو ’عبادت‘ سٺو نظم آهي. نور الهديٰ
داخليت جي شاعر آهي. هر خيال کي اندر جي حوالي سان
برميچي روپ رکيا ڏئي ٿي. سندس نظم ’عبادت‘ جو هڪ
بند ”منهنجي انگ انگ ۾ جرڪن ٿيون، تنهنجي هٿن جون
رکيائون“ جو مطلب گهڻي سوچڻ کان پوءِ به سمجهه ۾
نه آيو. نور الهديٰ پنهنجي نثر ۽ نظم ڪٿي ڪٿي، اڻ
حقيقت پسند ڏيکائي ڏئي ٿي. اُن جي ابتڙ ”بند چپن ۾
جهونگاريان پئي، تنهنجي نانءُ جا ست ئي سُر“ ڏاڍو
فطري ۽ اندر کي ڇهندڙ بند آهي. ۽ انهيءَ بند تي ئي
هي نظم ڀرپور تاثر ڇڏي ٿو. نور الهديٰ سماج ۾
ٿيندڙ هو بُرائيءَ کي نه، رڳو عورت جي پرماريت ۽
کيس درپيش مسئلن کي ئي اگهاڙي اک سان ڏسي ۽ بي
ڊپائيءَ ۽ فنڪاريءَ سان پيش ڪري ٿي. سندس ڪن
نظمن ۾ موضوعن
جي يڪرنگي ڪُکي ٿي. جيئن ’حوا‘ ۽ ’آدم جي
نانءُ‘ جهڙا مون سندس ٻيا نظم به ڪٿي پڙهيا آهن.
سندس هي ٻئي نظم به پنهنجي جاءِ تي بهترين نظم
آهن. بهرحال کيس ٻين موضوعن ڏانهن به ڌيان ڌرڻ
گهرجي. دنيا ۾ ٻيا به ڪيترائي اَڇُهيا مسئلا پکڙيا
پيا آهن.
تنوير جي ڪوتا مان سچ ته مون کي سندرتا، سڳنڌ ۽
سنگيت جا پڙاءُ ٻڌڻ ۾ ايندا آهن. سندس ڪوتا ۾ گهري
گمڀيرتا ۽ مڌرتا مون کي ڏاڍو موهيو آهي. سندس
شاعري جمالياتي ۽ انقلابي شاعريءَ جو ڏاڍو سهڻو
سنگم آهي. سندس نظمن کان سواءِ هي ٽيڙو ته بنهه
نئين شيءِ آهي: ”چهرو ڪاوڙيل، ۽ ڪالر تي ڪوٽ جي،
کلندڙ گل لڳل.“ شرجيل وٽ پنهنجو هڪ فلسفو آهي،
جيڪو سندس چتر، نظم ۽ نثر سان بکندو آهي. شرجيل،
جيڪو ذاتي زندگيءَ ۾ فرسٽريشن جي ڳالهه به ٻڌڻ
پسند نه ڪندو آهي، ڪچهريءَ ۽ بحثن ۾ فرسٽريڊ ۽
روحانيت پسند دوستن جي ذهنن تي ماديت جا هٿوڙا
وهائي، ساڻو ڪري وجهندو آهي، ’مهراڻ‘ ۾ سندس ٻئي
نظم ۾ اڻ لکي مايوسي ذهن جي چور دريءَ مان ٽپي
گهڙي آئي آهي. ”پري پري تائين ڪجهه ڪونهي، نه آواز
نه جسم، اڪيلو آهيان ڏاڍو.“ شرجيل جي نظم ۾
ڊرامائِت ڀرپور نموني سان موجود آهي. مان سمجهان
ٿو ته سندس نظمن جي اها ئي اهم خوبي آهي، جيڪا کيس
پنهنجو سرتن کان ڪجهه نئون، ڪجهه الڳ ڏيکاري ٿي،
تاج جويي جي ٻوليءَ ۾ تازگي آهي. سندس ڪوتا جي سٽن
۾ لفظن جي اها ئي اهم خوبي آهي جيڪا پنهنجي سندس
ڪوتا جي سٽن ۾ لفظ گلن وانگي پويل ۽ قافيا ڦٻيل
نظر ايندا آهن. سندس پاند ڪلاســيڪل صنفن، بيت،
وائي ۽ غزل سان ڳنڍيل آهي ۽ انهن ئي صنفن کي هو
سچائيءَ سان سينگاري رهيو آهي. ادل ڪجهه مهينن کان
لاڳيتو رديف قافين جي صليب تان لهي، ڇندن جون
قبرون ٽوڙي آزاد نظم لکي رهيو آهي. سندس آزاد نظم
مڪمل ننڍي ڪهاڻي هوندا آهن. سندس هي آزاد نظم
طبـقاتي تفاوت تي سٺي چٿر آهي. گل جو غزل نه بنهه
روايتي آهـي ۽ نه بنهه نئون. سندس غزلن ۾ سادگي
آهي. سندس ترائيل جي هيءَ سٽ ته وسرڻ جي ناهي:
”سُر رهيو آ ڪهڙي باقـي هاڻ سهڻ جي لاءِ.“ سارنگ
جا نظم، رسول جي دوهن، مختار جي ٽيڙوئن کان سواءِ
واجد جو نظم ’ڪنواري سـوچ‘ به وڻيو اٿم؛ ڇاڪاڻ ته
ان ۾ منهنجي پنهنجي ڳالهه آ.
اڄ جي نئين ڪهاڻي پراڻي ڪهاڻي کان پنهنجا پلاند
آجا ڪرائي، ڪئين وکون اڳيان وڌي آئي آهي. منهنجي
نظر ۾ پراڻي ۽ نئين ڪهاڻيءَ ۾ جيڪو اهم فرق آهي،
سو اهو ته پراڻي ڪهاڻي خارجي (Objective)
هئي ۽ نئين ڪهاڻي داخلي (Subjective)
آهي. جديد ڪهاڻيءَ جي داخلي ٿي وڃڻ جو سبب ظاهر
آهي، دنيا جون ڦرندڙ گهڙندڙ حالتون ان جو مکيه
ڪارڻ آهن، جتي ڪٿي ماڻهو بي چين آهي، شخصي تحفظ
ناهي، غيرسلامتي آهي.
اهو ئي مکيه سبب آهي، جو اڄ جي دور جو ڪهاڻيڪار
ٻاهرين دنيا جي کٽراڳ کان ڀڄي، من جي گهرائين ۾
لهي آيو
علي بابا، ماڻڪ، مشتاق، مدد ۽ ٻين جديد سنڌي
ڪهاڻيءَ کي اسٽائيل ۽ ٽيڪنڪ جي نواڻ بخشي آهي.
عليءَ کي پلاٽ جي ڪاڻ ڪڍڻي ڪانه ٿي پوي، جنهن
موضوع تي چاهي ڪهاڻي لکي سگهي ٿو. عليءَ وٽ موضوعن
جي رنگا رنگي آهي. شوڪت ڪيهر جي ڪهاڻين جا ڪردار
اڪثر مايوس چهرن وارا ماڻهو هوندا آهن. ڪيهر وٽ
ڪهاڻي جنمڻ جو ڏانءُ آهي. سندس هيءَ ڪهاڻي اڄ
نوجوانن جي بيوسيءَ جي ڪهاڻي آهي، جيڪو چاهيندي به
ڪجهه نٿو ڪري سگهجي، خودڪشي به نه! سندس هن
ڪهاڻيءَ تي هيمنگوي جي اسٽائيل جو اثر ڏسڻ ۾ اچي
ٿو، ۽ اهو سٺو آهي.
رزاق مهر هميشه چوڏس ڦهليل مسئلن تي ئي قلم کڻندو
آهي. جيتوڻيڪ سندس هن ڪهاڻيءَ جو پلاٽ گهڻو نئون
ناهي، پر رزاق ان کي سٺو نڀاهيو آهي. حميد سنڌي ۽
ظفر حسن جون ڪهاڻيون پڻ ساراهه جوڳيون آهن.
’ٽانڊاڻي جي لاٽ‘ سٺو سلسلو آهي. ان ۾ ٻيا ليکڪ به
حصو وٺي، پنهنجي تر جي وسريل شخصيتن تي لکن، ته
ڏاڍو چڱو.
ها، اسان وٽ ڪجهه وقت اڳ ڪردارن تي ڪهاڻيون لکيون
وينديون هيون. ادو عبدالرحمان، بلو دادا، پشو
پاشا، شيدو ڌاڙيل، ان جا بهترين مثال آهن. اسان جي
نون دوستن کي اُن ڏس ۾ به پاڻ موکڻ گهرجي ۽ پنهنجا
ڪردار خلقڻ گهرجن. عبدالجبار جوڻيجي جي ڪهاڻي
’پُتلي‘ ان ڏس ۾ چڱي ڪوشش آهي.
نصير مرزا
ٽنڊو ٺوڙهو، حيدرآباد سنڌ.
’مهراڻ‘ پسند آيو. تنهنجون ڪوششون ساراهه جوڳيون
آهن. ’مهراڻ‘ مڪمل پڙهي نه سگهيو آهيان، وچوواڙي
پڙهيو اٿم. سر ورق دل لڀائيندڙ آهي، آس اٿم ته سر
ورق ذريعي سنڌ ۽ سنڌي ثقافت کي وڌيڪ اجاگر ڪندو
ايندو، تازو ’مهراڻ‘ نئين نڪور ادب سان گڏ شيدائي،
گدائي، الطاف جو ماتم ڪندو نظر آيو (اسين ڪنهن جي
مري وڃڻ کان پوءِ ايترو ئي ڪندا آهيون)، باقي
اُنهن جي جزوي طرح تخليقي ادب سان تازي ڪرائڻ ۾
تنهنجو پيارو ۽ انوکو انداز نظر آيو. پر هو امر
آهن، اُنهن جي ٻاريل جوت جهيڻي ٿيڻي ناهي.
نظم جي حصي ۾ شيخ اياز جي ڏنل شاعري پڙهي ۽ پوري
ماڻي به اٿم. واين جون هي سِٽون دل ۾ پيهي ويون
آهن:
- - گونج ٻڌين ٿو گيت جي، جيئن ڪا ڪونج اُڏار.
-- اونداهي ۽ سوجهرو، رهتو جيئڻ جاٽ.
ــــــ
- - مون جي گُجرا پوئيا، منهنجي هٿان پاءِ.
ڏکَ به ڏاڙهونءَ گلڙا، ڌڪ به ڪهڙا ڌڪَ.
تنوير، رسول ميمڻ، تاج جويو ۽ ڪنول جي شاعري وڻي.
ميرمحمد پيرزادي جي نظم ’ان داتا‘ ۾ هي سٽون سڄي
نظم جي سونهن آهن.
اَن ڪڻي تان پاپ ٿين ٿا،
اَن ڪڻي تان پيار ٿين ٿا؛
اَن ڪڻي تي دنيا قائم،
اَن سان ئي وهنوار هلن ٿا.
نور الهديٰ شاهه واهه جو بي ڊپو لکندي اچي ٿي، سحر
جي هن پرچي واري شاعري ڪانه آئڙي. آزاد شاعريءَ جا
به ڪي ضابطا هوندا آهن تنهنجي ترائيل جون هي سٽون-
- جيڪي ڪنن ۾ دير تائين ٻُرن پيو- - پسند آيون:
- - مون مٿان رئندي سوين مينهن لنگهي ويا آهن،
- - ڄڻ ته ببلي مان بُکيا شينهن لنگهي ويا آهن.
ها. ٽنڪا جو ڪوبه سنڌي نالو گهڙڻ گهرجي، (جيئن
هائيڪا جو ٽيڙو).
ڪهاڻين ۾ علي بابا ۽ ڪيهر شوڪت جون ڪهاڻيون پڙهيم.
باقي ڪهاڻيون اڃا پڙهي نه سگهيو آهيان. علي بابا
جي ڪهاڻي چڱي آهي، پر ضرورت کان مٿي فيشن ائبل
لکڻي- - جيئن هُن جي تعارف ۾ چيل آهي ”نئون
فلاسافيڪل“ ٽوئسٽ ڏيڻ ٿو چاهي“. تـنـهـنڪـري وڌيـڪ
چـوڻـو ناهي. ڪيهر شوڪت حقيقت پسند ٿي ڪهاڻي سان
انصاف ڪيو آهي. تحقيقي ادب جو حصو گهڻو گهٽجي ويو
آهي (شايد يا مون کي ائين محسوس ٿئـي ٿـو) ائـين
نـه ٿـئي ته تحقيق (مضمون ۽ مقالا) وارو حصو
ماڳيـهن اٽي ۾ لـوڻ بـرابر ٿي وڃي ۽ مـهراڻ
Fiction
جي بلي ٿي وڃي. ”ٽانڊاڻي جي لاٽ“ کـي بـرقـرار رک.
’هـن پـرچي جـي ليـکڪ‘ جي عنوان سان ڏنل ليکــڪن
جي تعارف ۾ ڪي تعارف مضموني صورت ۾ آهن، ڪي ’خـود
بيـاني‘ صورت ۾. انهن جو ڪوبه هڪـڙو نـمـونـو رک
تـه بهـتر ٿيـنـدو. ’پڙهـندڙن وٽـان‘ ڪالم جو
هـجڻ تـمام ضـروري آهـي، ان ڪالـم ڪــڍي
ڇــڏڻ جي
حالت ۾ فقط ليکڪ پيدا ڪري سگهندين، باقي نقاد نه!
بشير سيتائي
ٽنڊوباگو، سنڌ.
1/78 جو ’مهراڻ‘، نئين روپ ۾ ڏاڍو پسند آيو.
جيڪڏهن توهان ڪوشش ڪئي، ته اڃا به ’مهراڻ‘ سونهن ۾
سرس ٿي سگهي ٿو ٽائيٽل تان فتاح جي ٺاهيل تصوير ۾
’مهراڻ‘ نالي کي ساڳي نيري رنگ سان لکڻ ڪري نالو
ڪميو فلج (Camou
flage)
ٿي ويو آهي. رسالي يا ڪتاب جو نالو هميشہ صاف،
سنئون سڌو ۽ چٽو هئڻ گهرجي.
تازو اسان کان وڇڙي ويل عظيم سنڌي اديبن ۽ شاعرن
گدائي، الطاف، مولائي ۽ چنا صاحب متعلق توهان جو
ايڊيٽوريل اسان سڀني جي جذبن جي ترجماني ڪري ٿو.
هنن لاءِ ڪجهه وڌيڪ صفحا مخصوص ڪيو ها، ته بهتر
هو.
’مهراڻ‘ مواد جي لحاظ کان سٺو سينگاريل آهي. شاعري
توڙي ڪهاڻين واري حصي ۾ نون
ليکڪن کي چڱي جاءِ ڏني وئي آهي، جيڪا هاڻي ’مهراڻ‘
جي پاليسي هئڻ گهرجي.
هر رسالي ۾ جيڪڏهن پرڏيهي شاعريءَ جا ڪجهه ترجما
ڏيو، ته اسان نون توڙي پراڻن شاعرن جي علم ۽ ڄاڻ ۾
واڌارو ٿيندو؛ ڇاڪاڻ ته اسان جي اڪثر سنڌي رسالن ۾
پرڏيهي ڪهاڻين جا ترجما ته ايندا رهن ٿا، پر
پرڏيهي شاعري ورلي ملي ٿي.
احمد خان ملڪاڻي،
دادو سنڌ.
’مهراڻ‘ پڙهيم، ۽ اوهان جنهن محنت سان رسالو
سنواريو آهي، ان لاءِ مبارڪن جا مستحق آهيو. اميد
ته اڳتي
به اهڙي محنت ڪري، پنهنجي ٻوليءَ جي خدمت ڪندا
رهندا.
مظهر جلباڻي
پريالوءِ، سنڌ.
’مهراڻ‘ پهريون ڀيريو منهن چڙهيو. توهان جنهن محنت
سان پرچو سينگاريو آهي، سا ساراهه جوڳي آهي.
’مهراڻ‘ معياري رسالو آهي. ڪهاڻين جي ڀاڱي ۾
سُريت، پُتلي، پُل تي ويٺل نوجوان، ٺوٺ ڌرتي،
پولار، تلاءُ - - چڱيون ڪهاڻيون آهن. انهن کان
سواءِ ’سر صدقو لڄن تان‘ به چڱي ڪهاڻي آهي.
شاعريءَ ۾ ته سڀ شاعر پنهنجو مٽ پاڻ آهن.
ابن لائق جوهائي.
’مهراڻ‘ پڙهيم، وڻيو. علي بابا جو ڊرامو ڏاڍو
متاثر ڪندڙ هو. اهڙا ڊراما رڳو علي بابا ئي لکي
سگهي ٿو. سندس انٽرويو شايع ڪندا.
ياسمين
خيرپور ميرس، سنڌ.
’مهراڻ‘ جو تازو پرچو پڙهيم، بيحد پسند آيو. اسان
کي نهايت خوشي ٿي آهي ته اوهان ’مهراڻ‘ کي اڃا به
بهتر بنائڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
- ساجد لعلپوري
جهانپور، سنڌ.
تازو ’مهراڻ‘ نظر مان گذريو. شاعري مجموعي طرح سان
سٺي هئي. انهن ۾ برڪت جي ’رات لڙي ويئي‘، الطاف جو
’مان پيئڻ ڇڏي ڏيان‘، اطهر منگيءَ جو ’ڀرم‘،
ناگپال جو ’مورکتا‘ ۽ ’جيون‘ ساراهه جوڳا آهن. نور
الهديٰ شاهه ۽ سحر امداد جي ڪوشش به ساراهڻ جوڳي
آهي. خاص ڪري نور الهدي جي ’عيادت‘، ’سُرٻاٽ‘ ۽
سحر جو (هن چيو هو: تون منهنجي راتين جو چنڊ) سٺا
هئا. اوهان چڱو لکيو (خاص نه). ڪهاڻيءَ واري حصي ۾
علي بابا جي ’ڪورڌ ۽ ٻه ماڻهو‘ کان سواءِ سمورو
حصو خالي ۽ ٻُسو پئي لڳو. اوهان کي ڪهاڻين جي
معيار کي اڃا بلند ڪرڻ گهرجي.
- مير ڪاظم ٽالپر
حيدرآباد.
’مهراڻ‘ سنڌين لاءِ ’مهراڻ‘ ئي آهي، جنهن جي تعريف
جي ڪا ضرورت ناهي. هر شاعر جا ٻه شعر ڏيو، اسپيس
نه ڇڏجي ته بهتر. منهنجي خيال ۾ ڇڏيل اسپيسز تي ٻه
شعر به اچي سگهيا ٿي. ’سُريت‘ سُريلي هئي. نئشنلزم
تي لکيو ته بهتر. ’پُل وارو جوان‘ پنڪين ۾ آهي.
حميد ۽ ظفر حسن جو ’تلاءُ‘ همت ڏيارڻ جو الارم
آهي. ’مهراڻ‘ لاءِ الهداد ٻوهئي جون تجويزون مناسب
آهن، جن تي عمل ڪرڻ سان ’مهراڻ‘ وڌيڪ ترقي ڪندو.
- ناصر علي ڪهيري (تلهاري)
حيدرآباد.
’مهراڻ‘ کي چڱيءَ طرح سان پڙهيم ۽ وڌ ۾ وڌ سڪون
نصيب ٿيو. هن ڪتاب کي جيترو ساراهجي، اوترو گهٽ
آهي. ٽائيٽل بهترين اٿس. ڪهاڻين ۾ حميد سنڌيءَ جي
”ٺوٺ ڌرتي“ ۽ ماهتاب محبوب جي ”سُريت“ بيحد پسند
آيون. شاعريءَ ۾ گدائي صاحب، امداد، ادل سومري ۽
وڇڙي ويل نوجوان انصاف عباسيءَ جي شاعري وڻي. مطلب
ته هلڻو هر انسان کي آهي؛ پر الطاف جي عمر اڃا وڃڻ
جي نه هئي ۽ الطاف اڃا ڪجهه سنڌ لاءِ ڪري ها. الله
تعاليٰ الطاف کي شل بهشت نصيب ڪري، آمين.
-قربان سنڌي
هالاڻي، سنڌ.
’مهراڻ‘ پڙهيم. ڏاڍو وڻيو. توهان جي محنت ’مهراڻ‘
کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا آهن. ٽائيٽل بهترين هو.
شاعريءَ ۾ ج. ع منگهاڻيءَ جي شاعري وڻي. راشد
مورائي، ادل سومرو، راهي چنا، عثمان ميمڻ، منظور
قريشي به پاڻ ملهايو آهي. ڪهاڻين ۾ قاضي خادم،
ڪيهر شوڪت، حميد سنڌي، ماهتاب محبوب، حليم بروهيءَ
جي مزاحيه ڪهاڻي ۽ نسيم احمد کرل جو مضمون وڻيو.
نون ڪهاڻيڪارن ۽ شاعرن جي همت افزائي ڪريو ته ڏاڍو
سٺو ٿيندو.
- علي نظير جان مورائي
مورو.
شاعريءَ ۾ شيخ اياز جون وايون، تاج بلوچ، ج. ع.
منگهاڻيءَ جي وائي، ادل سموري جي نظم، رسول ۽ اياز
گل جو غزل سحر ۽ امداد جا نظم وڻندڙ آهن. مطلب ته
شاعريءَ جي ڀاڱي کي بهترين ليکي سگهجي ٿو. ڪهاڻين
۾ علي بابا، ماهتاب محبوب، ڪيهر شوڪت قاضي خادم ۽
رزاق مهر جون ڪهاڻيون پڙهڻ وٽان آهن. عبدالجبار
جوڻيجي جي ڪهاڻي ’پُتلي‘ ۾ انساني احساسن ۽ جذبن
جي عڪاسي ڪئي ويئي آهي. ’هُو جي وڻ وندر جا‘ نسيم
کرل جي بهترين مضمونن مان هڪ آهي. علي بابا جو
ناٽڪ پڙهڻ کان پوءِ محسوس ٿيو، ته نئين نسل کي
ڪهڙي راءِ قائم ڪرڻ گهرجي. واقعي، هن ناٽڪ مان
سمجهان ٿو، علي بابا هڪ مڃيل ۽ عظيم ليکڪ آهي.
- ناز
ڪنڌ ڪوٽ.
تازو ’مهراڻ‘ پڙهيم. ’مهراڻ‘ کان اڳ، گهڻو اڳ،
اخبارن ذريعي اها منحوس خبر پئجي چڪي هئي ته...!
هڪ ڪويءَ جو موت! سو به وهي جو موت! جبلن به رُنو
هوندو! پر ڪير ٿو چئي، ته الطاف...؟ تون چوندين؟
نه، نه، ڪوئي به نه چوندو...! الطاف زندهه آهي،
ايستائين زندهه رهندو، جيستائين هن جا گيت زندهه
رهندا. الطاف پاڻ چوي ٿو:
اڃا ته الفت ونڊڻي آهه، وٺڻو آهه ٻيو به جنم.
الطاف سهڻا سُرها خواب ڏٺا ۽ پنهنجي راهه ڳولي
لڌي! هوُ انهيءَ راهه تي هليو ويو، اسان کان دوُر؛
ڪوهين دوُر.
جهوُر گدائي - - جوان جذبا:
”اي همسفرو، آواز ته ڏيو، چُپ ڇو آهيو، ڪجهه
ڳالهايو!“
چاچو گدائي، ويندي ويندي جوان جذبن کي للڪاريندو
ويو.
شيخ اياز جون وايون، تنوير عباسي- ”هاءِ حياتي“،
سحر امداد - - ”پوز“، امداد حسيني- - ”ڪارڻ
اڪارڻ“، ادل سومرو- -”ڌرتيءَ تي دوزخ“، اياز گل -
- ”ترائيل“، واجد- - ”ڪنواري سوچ“، منظور قريشي- -
”دوها“، مير محمد پيرزادو - - ”ان داتا“ رسول
ميمڻ- - ”رَت جي ريٽي رُت ۾“، نور الهديٰ شاهه- -
”آدم جي نانءُ“، تاج جويو- - ”ٽنڪا“، ۽ عثمان ميمڻ
جي شاعري وڻي. نسرين، جڏهن ته نئين ٿي ڏسڻ ۾ اچي،
پوءِ به خيال سٺا اٿس، پر زندگيءَ مان شايد مايوس
ٿي ڏسجي. منهنجي کيس صلاح آهي ته زندگيءَ مان
ايترو مايوس نه ٿئي.
ڪهاڻين ۾ علي بابا، قاضي خادم، ڪيهر شوڪت ۽ رزاق
مهر جون ڪهاڻيون سڀني کان اڳتي رهيون. عبدالجبار
جوڻيجي جي ڪهاڻي ”پُتلي“ ڏهه سال پراڻي ٿي لکيل
ڀائنجي. سمر سيٽ ماهم پنهنجي مضمون ۾ اميرن جا چڱا
ڇوڏا لاٿا آهن ۽ نجم عباسيءَ هن مضمون کي جهڙي
ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪيو آهي، اها ساراهه جوڳي آهي.
انور جي خط تي غور سان سوچبو ۽ عمل ڪريو، مهرباني.
-مقبول اختر
سکر، سنڌ.
’مهراڻ‘ مليو، مهرباني. توهان کي مبارڪ. هن ڀيري
’مهراڻ‘ آيو، ته معلوم ٿيو ته توهان تبديلي آڻيندا
ٿا وڃو. خوش فهميءَ کان مون کي ائين معلوم ٿيو، ته
توهان ڪجهه منهنجي گذارش ڏانهن به ڌيان ڏنو آهي.
شعر جي حصي ۾ توهان مهارت، تجربي ۽ صلاحيت جي
بنياد تي مواد کي مرتب ڪيو آهي. توهان ”فورم“ رڳو
شروع نه ڪيو آهي؛ پر پاڻ منهنجي گستاخ زبان (...ڪي
گستاخ زبانون اسان پالي وڏيون ڪيون آهن. اسان انهن
کي هٿ ڏنا آهن. وري ڪنهن جي نراڙ تي ائين به لکيل
ڪونه هو ته هي فرمانبرداريءَ ۾ ڄائو آهي ۽
فرمانبرداريءَ ۾ مرندو...) رسوا ڪرڻ لاءِ، اهو حصو
منهنجي خط سان آهي. هڪ اڌ مثال صلاحيت (رعنا حنيف
صديقي) جو به آهي. سر ورق نئون آهي: ’ڀُلي ڀُلي
ڀاڻ آئي، سا به نه چئبي ڀُلي‘. توهان هڪ برک ليکڪ
سان ملاقات ڪرائڻ لاءِ موزون ماڻهو هٿ ڪيو، جنهن
سومر سٽ ماهم سان ملاقات ڪرائي آهي. ان ريت ننڍڙو
ناٽڪ به ڏنو اٿوَ. آءٌ سمجهان ٿو ته فوري طور تي
جيڪو ضروري ۽ ممڪن هو، سو توهان ڏنو آهي؛ پر ڏسو
ڪابه اربع خطا نه ٿي آهي، ۽ ڪوبه آسمان نه ڪريو
آهي... ڀائپيءَ جو اهو تصور جنهن مطابق اسان کي
يقين آهي، ته اسان سڀ تنقيد جي لائق آهيون ۽ اسان
جو پهريون فرض آهي پنهنجو پاڻ کي سچ چوڻ، سو هر
حالت ۾ ڪارائتو آهي... جوان منصف مزاج، جيڪو
ڀائپيءَ ۽ خلوص جي سچي تصور کان واقف هوندو، سو
چاهيندو ته محبتن ۽ نفرتن جا بنياد دليل هجن ۽
يارانيءَ جو مقصد اصولن کي بڻايو وڃِي. ... محبتن
۽ نفرتن جو بنياد دليل کي سمجهي ڪجهه چيو ويو هجي،
ته اسان کي خوش ٿيڻ گهرجي، جو ان طرح اوندهه جي
طوفان جو رستو روڪي سگهبو.... توهان کي آفرين هجي.
پوري دؤر کي خبر آهي، ته توهان ايترو سٺو آهي، جو
شايد ٻيو ڪوبه سهي نه سگهي ۽ اها به پڪ آهي، ته
توهان کي تمام گهڻو هاڻي سهڻو پوندو، سو ڀلا توهان
ڪئين سمجهو ته ان حالت ۾ اسان صحتمند روايت کي ختم
ڪرڻ جي ڪا ڳالهه سوچي سگهنداسون!- - ’مهراڻ‘ جي
باري ۾ هڪ اڌ ٻي به ڳالهه ڪري سگهون ٿا: پروفيشنل
قسم جي تنقيد جي شروعات
به ڪري ٿا
سگهون. شعر، ڪهاڻيءَ يا ناٽڪ تي عملي تنقيد لکون
ته ڪر ڏاڍو چڱو....
- الهداد ٻوهيو
خيرپور ميرس، سنڌ.
ظفر حسن هڪ ڀيري چيو هو ”ليکڪن کي اجورو به ڏنو
ويندو“. تنهن تي ڪيترو عمل ٿا ڪريو؟ سرورق جي نواڻ
سٺو سوڻ آهي، پر ان تي ايڊيٽر جو نالو ائين ٿو
لڳي، ڄڻ ڊزائين فتاح جي نه امداد حسينيءَ جي ٺهيل
آهي. ٻيو ته تصوير ۾ کٽ ڏيکارڻ سان اُن جي (Depth)
ختم ٿي ويئي آهي. ٽيون ته ڪاري رنگ تي اڇي رنگ جو
استعمال (Source
of Light)
جي خيال کان نه، پر ٿڦي ڇڏڻ جي خيال کان وڌيڪ
اجاگر ڪري ٿو. شاعري تمام گهڻي مقدار ۾ ڏنل آهي،
جن سان ڪجهه شعر سُٺا آهن. رسول ميمڻ جا ٻئي نظم
توڙي خيال جي گهرائي رکن ٿا. منظر نگاريءَ کي
احساس جي اُٿل سان اثرائتو ڪري بيان ڪرڻ جو ڏانءُ
رسول ۾ گهڻو ۽ سٺو آهي. ”چپ چپن سان جڙ، پوءِ به
سانت ۾، سمايل هوندي رڙ.“ تمام ٽيڙو آهي. رسول جي
ٻئي نظم جي هڪ سٽ ”ڇا ڪؤنرا ڪؤنرا بادل ها- ڄڻ
ململ جو گهونگهٽ هيو.“ جي رديف تي نظر ثاني ڪرڻ
جوڳي آهي؛ ڇو ته شعر پڙهندي سٽ جي لفظن جون
ماترائون ليءِ جي مدرا تي آهستي، لانڍ ڏئي ۽
’گهونگهٽ‘ تي زور ڏيئي پڙهبو ته پورو پوندو، جيڪو
نظم جي سڄي موسيقيت کان ٿورو الڳ ٿو لڳي. منظور
قريشيءَ ’هڪ ميرانجهڙي سانجهي‘ نظم رچي، اونداهيءَ
۾ آڻيندڙ روشنيءَ جي تروري کي اُجهائڻ جو ذڪر ڪيو
آهي، جيڪو لاڙو ڏاڍو غير ترقي پسند آهي. هڪ ته ڇر
جو ڇنڊي جو ذڪر به مشاهدي ۽ ڄاڻ جي گهٽتائيءَ جو
باعث آهي؛ ٻيو ته سنڌيا جي ڀيٽ لاءِ آندل ڏيئو
اُجهائڻ جو خيال ڏيئي شاعر جيڪي چوڻ چاهي ٿو، سو
انساني تريءَ جي خلاف نظريو آهي، جنهن جي پٺڀرائي
گهٽ ۾ گهٽ منظور جهڙي سُڄاڻ کي نه ڪرڻ گهرجي.
عثمان ميمڻ جي طويل نظم ۾ سوچ ساگر جي ڇولين ۾
لفظن جو ڇوهه بي اختيار آهي. هن نظم کي مهراڻ لاءِ
عثمان ميمڻ پاڻ ڪاٽيو آهي يا توهان ايڊٽ ڪيو آهي؟
عنايت ميمڻ جي غزل جو هڪ بند ”قلم جو مُلهه ڪيو ٿا
ڪنهن لئه، سورنهن سالي ڇوري ناهي.“ ڏاڍو وڻندڙ ۽
نڪور آهي. مختيار ملڪ جو هڪ شعر سُٺو آهي. اڄڪلهه
شاعر ڏاڍا پيا پيدا ٿين! جا ڳالهه مون کي ڏاڍي
سرهائي ٿي ڏئي. رحيم بخش قمر جو جو شعر خيال جي
اعتبار کان ڏاڍو پراڻو آهي. هن شعر ۾ مارئي ڏاڍي
هيڻي، نٻل ۽ مايوس آهي، جا ڳالهه به تاريخي اعتبار
کان غلط آهي. ”اڄ جي شاعري“ جيون جي اڻکٽ سفر ۾
پير پائي چڪي آهي. هٿ تي هٿ ڌري ويهڻ ۽ مايوسيءَ
کي تياڳي، اڄوڪو شاعر عمل، جدوجهد ۽ زندگيءَ جي
حقيقت جو سبق ڏئي رهيو آهي.
مون سمجهيو ٿي ته اسان جا شاعر ڪتبا لکڻ ڇڏي
ڏيندا، پر منهنجي اميد اجائي نڪتي. سوچيان ٿو،
جڏهن ڪنهن کي پنهنجي مرڻ جي اڳواٽ ڪا خبر نه آهي،
ته بنا تاريخ ڏيڻ جي ڪتبو لکن ڇو ٿا، ته وصيعتون
به لکن ته ڪتبو چيڪي مٽيءَ جو ٺهيل هجي، ڇو ته
”آءٌ فلاڻو غريب شاعر آهيان.“ يا آوريءَ پڪل سر يا
سنگمرمر جي تري تي چٽسالي ڪرائي قبر تي لڳائجو، ڇو
ته ”آءٌ فلاڻو عجيب شاعر آهيان.“ مرڻ جي تاريخ
وصيت جو اعلان ڪري ڪتبو لکڻ وڌيڪ مناسب آهي. پوءِ
ڏسون ته ڪهڙو ٿو پنهنجو واعدو نڀاهي، ٻيءَ صورت ۾
اهڙا چرچا بند ٿيڻ گهرجن.
ماهتاب محبوب جي ڪهاڻيءَ ۾ رچناڪار، حقيقت کي
مڪالمن جي بيباڪيءَ سان پيش ڪيو آهي پر ڪهاڻيءَ جي
ٻئي صفحي کان پوءِ ۽ آخري صفحي کان اڳ تائين، هڪ
هنڌ بيٺل آهي، جنهن جو هڪ مثال اهو آهي ته ان
دوران شهباز جو هڪ ئي جملو مختلف نوع بدلائي
ورجائبو رهي ٿو. ڪهاڻيءَ ۾ ايمڻا کان سندس دائيءَ
جي چوڻ تي مهيني جو ٻار مکڻ سان ڳهرائي ڇڏڻ جو
ذڪر، اهڙيءَ سٺي ڪهاڻيءَ ۾ غير حقيقي ۽ گدلي ڳالهه
ٽنبڻ سان ان حصي ۾ ڪراهت جو عنصر اڀري ٿو اچي. نور
الهديٰ جو ’آدم جي ناءُ‘ ڏاڍو ڏکيو موضوع وڏيءَ
سُرت سان نڀايل آهي. ”حوا“ به سندس تُز ۽ چُڀندڙ
تخليق آهي. علي بابا جي ڪهاڻي وقتي ۽ سياسي ڪهاڻي
نه لکڻ جي جواب ۾ لکيل ٿي ڏسجي، جنهن ۾ عليءَ جي
اندر جي اونهائي بهرحال اوتجي آئي آهي. علي بابا
ادب جي ڪئنواس تي عقل ۽ احساس کي اقتصادي ۽ سماجي
بي ترتيبيءَ جيان نه هاري ٿو، نه هارڻ چاهي ٿو. هو
اُنهن بي ترتيب رنگن مان انهن جي چونڊ ڪري ٿو، جن
کي سنوارڻ جو ڀرپور ڏانءُ رکي ٿو. عليءِ جا قدر،
هڪ سٺي آرٽسٽ جيان، انفرادي، ذاتي، وقتي ۽ اندروني
سياست جي محدود قدرن کان گهڻو اوچا آهن. الطاف جو
’وصيت‘ نظم وقتائتي ۽ سندائتي ڌڪ جو اثر ڪري ويو
اٿم، ذهن کي ڌوڏي ڇڏڻ وارو شعر آ الطاف جو. حفيظ
شيخ کان پوءِ، مون سوچيو هو ته ثميره زرين جي ورڪس
کي گڏ ڪندس ۽ انهن تي ڪم ڪندس، پر هن يار جي اوچتي
وڇوڙي سبب ويچار ئي ٻِيا ويڙهي ويا اٿم. ڪيهر شوڪت
جي ڪهاڻيءَ ۾ وچولي هيٺين طبقي جي سماجي حالتن جي
صحيح عڪاسي ڪيل آهي. حساس سورمو پنهنجي اندر جي
دنيا سماجي ناهمواريءَ ۽ حالتن تحت پريشان آهي.
ڪردار کي جن مرحلن مان گذاريو ويو آهي، تن جي
حقيقت جو جائزو وٺندي، سوچڻو ٿو پوي: ’ذميواريءَ
جا جڪڙيل زنجير، آپگهات کان سواءِ ٻي ڪابه راهه
نه. بي حس ناتا، هڪٻئي تي آڌار.‘ ايڏي ساري وايو
منڊل جي ڪوڙهه خلاف سورمي کان ڪو ڌماڪيدار فيصلو
ڪرائي ٿو سگهجي، جنهن سان اجاين جذباتي ۽ رت جي ۽
روحاني رشتن جي قائل سماج جا ڪپاٽ کُلي وڃن، پر ان
لاءِ، اهڙي ڪردار کي، ان ڇڪتاڻ مان ٻاهر آڻڻ لاءِ
ليکڪن تي ئي ذميداريءَ عائد ٿئي ٿي. ’پولار‘ جي
ڪردارنگاريءَ تي ويچار جي وڏي گنجائش آهي. هن
ڪهاڻيءَ ۾ آرٽسٽ جا احساس سطحي انداز ۾ ظاهر ڪيا
ويا آهن.
Cancer
جي
Analysis
به غلط ڏنل آهي. ائسٽرالاجي، ڌُڪي بازي ۽ قياس
ارائيءَ جو علم نه آهي. ليکڪا گهـٽ ۾ گهـٽ عـام
رواجي
Horoscope
ئي پڙهي پوءِ اها ڪهاڻي لکي ها، ته به ڪجهه حقيقت
جي ويجهو پهچي سگهي ها. اهو ئي سبب آهي، جو پنهنجي
هڪ ڪردار ’عمر‘ کان ڪينسر تي چنڊ جي اثر کي لنوائي
ڇڏيو اٿس رزاق مهر جي ڪهاڻي ڏاڍي غمناڪ آهي.
ويچاري عورت ڪيڏيون مارون ٿي کائي، پر پوءِ به
آفيمي ظالم مڙس جي گهر ۾ ساهه ٿي ڏئي. اسان جي
ليکڪن کي سماج ۾ موجود انهن سببن تي به لکڻ گهرجي،
ته ڇو اهڙي مظلوم عورت احتجاج نٿي ڪري. نسيم کرل،
ڪهاڻيءَ جيان، مضمون به ڏاڍو ٺاهوڪو ٿو لکي. هي
سندس ٻيو مضمون آهي، جنهن کي مون چاهه سان پڙهيو
آهي. جيستائين مٿس ڪهاڻي جي آمد ٿئي. تيستن اهڙا
سٺا مضمون لکندو رهي ته واهه جا ڳالهه ٿيندي. باقي
غلام احمد ايل. بدويءَ جو مضمون اجايو ڇاپيو اَٿو،
ائين ئي جيئن قاضي خادم ۽ عبدالجبار جوڻيجي جون
ڪهاڻيون. ’ٻڍل‘ کي شاعر جي حيثيت ۾ پيش ڪرڻ بدران
کيس صوفي فقير، درويش ۽ بزرگ ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪيل
آهي. الائي ڇو، سنڌيءَ جا ڪيترائي ليکڪ، خاص ڪري
پنهنجن شاعرن کي صوفي، بزرگ، درويش، ۽ فقير ثابت
ڪرڻ ۾ پنهنجي قابليت ۽ شاعر جي وڏائي سمجهندا آهن،
جا ڳالهه مناسب نه آهي پوئتي
موٽائڻ،
فراريت ۽ مُدي خارج نظرين جا مضمون ’مهراڻ‘ جهڙي
عملي ادبي رسالي ۾ نه ڇپجڻ گهرجن. ’مهراڻ‘
جو اڳيون پرچو ’ٽماهي‘ هو، پر هن ڀيري وري به
’سماهي‘ آهي. لازمي آهي. ٻيو ته توهان پنهنجا شعر
ڏيڻ وقت اهو خيال ضرور رکو، ته توهان پاڻ ئي ان
پرچي جا ايڊيٽر به آهيو.
- بيدل مسرور
ڪراچي، سنڌ.
هن ڀيري ’مهراڻ‘ ظاهر ٿيڻ ۾ اڳي جيتري دير به
ڪانهي ۽ اڳيون پويون ڪسرون به پوريون ٿيل آهن. هن
ڀيري توهان جي محنت ’مهراڻ‘ مان بکي پئي.
ــ اياز گل
سکر، سنڌ.
’مهراڻ‘ جي ٽائيٽل ڪور ۾ چينج ته آهي، پر
تنهنجي’سوچ‘ ۽ فتاح جي ’فن‘ بابت ويچارڻ کان پوءِ
اها ايڏي انوکي ۽ نرالي ڪانه ٿي لڳي. دنيا وڃي چنڊ
تي پهتي آهي، پر سنڌ جو مظلوم عورت کي اڃا جنڊ
پيهندي ڏيکاريو پيو وڃي. ماضيءَ کي چهُٽي پوڻ چڱو
ناهي. تاريخ جو ڦيٿو ته اڳي ڦرندو آهي، پر اسان وٽ
رسا ٻڌي اُنهي کي زوريءَ پوئتي ڦيرايو وڃي. آخر
ڪيستائين.
فتاح اسان جي ساٿ جو سُرت ڀريو ساٿي آهي، جيڪو
هميشه تبديلي ۽ نواڻ جون ڳالهيون ڪندو آهي. پر
’مهراڻ‘ جي هن ٽائيٽل واريءَ تصوير ۾ هُن يار
پنهنجي فن سان انصاف ڪونه ڪيو آهي. تنهنجي اهڙي
قسم جي تصوير جي طلب ڪرڻ جي باوجود به هوُ چاهي
ها، ته پنهنجي ڪلا ۾ انوکا رنگ رچي ٿي سگهيو.
رڳو ’مهراڻ‘ نالو مٽائي لکڻ سان مقصد پورو ڪونه ٿو
ٿئي. سنڌ جي مارئيءَ جي مُک تان مُرڪ غائب آهي.
هوءَ ساڳين پوُرن ۽ سوُرن ۾ پئي جيون جالي. هاڻي
ائين ڪونه ٿيندو. اسان جي فنڪارن کي نئين دور جي
تقاضائن ۽ بين الاقوامي لِيول تي ٿيندڙ انقلابي
تبديلين ۾ عورتن جي ڪردار کي ذهن ۾ رکي، پنهنجي فن
۾ سنڌ جي عورت کي به ائين روپ سروپ ۾ ڏيکاري، کيس
احساس ڪمتريءَ جي ڌٻڻ مان ٻاهر ڪڍڻ گهرجي.
گذارش کي مٽائي ’سوچ – لوچ‘ ڪيو اٿئي، سُٺي ڳالهه
آهي؛ پر ان سان جذبن ۾ اُٿل پٿل پيدا ٿيڻ ۽ نيون
راهون نروار ٿيڻ کپن. ’مهراڻ‘ جي ايڊيٽوريل ۾ توکي
ائين جان ڇڏائڻ نه گهرجي.
شاعري، ڪهاڻيون ۽ مضمون ته ’مهراڻ‘ ۾ اڳ به ايندا
هئا، فرق اهو آهي، ته اڳ جديد فڪر کي اهميت ڪانه
ملندي هئي ( جيتوڻيڪ پنهنجيءَ جاءِ تي اهو وڏو فرق
آهي، جنهن لاءِ توکي کيرون لهڻيون) پر پوءِ به تون
انهيءَ ڪرسيءَ تي ويهي اڃا به گهڻو ڪجهه ڪري ٿو
سگهين. پنهنجي ڌرتيءَ، ٻوليءَ ۽ ليکڪ ساٿين لاءِ.
اسان توکي سمورين صلاحيتن کي، ڀرپور نموني استعمال
ڪرڻ گهرجي. اسان جو توسان مڪمل ساٿ آهي ۽ رهندو.
پنهنجي پتر جي پڄاڻي ’مهراڻ‘ ۾ ڇپيل حميد سنڌيءَ
جي ڪهاڻي ’ٺوٺ ڌرتي‘ جي هنن آخري سِٽن تي ٿو
ڪريان:
”چون ٿا جڏهن به ڌرتي ٺوٺ ٿي ويندي آهي، ته ڪونه
ڪو مست ان کي رت جو ريج ڏيندو آهي، ۽ الائجي ڪيترن
مستن جو هن ڌرتيءَ کي ريج ڏنل آهي، جو هاڻ ڪڏهن به
هت سوڪهڙ نه ٿيندي آهي، هميشہ جهڙ ڦڙ جون بهاريون
هونديون آهن ۽ اُتي جي مُند ڪنهن به کوٽي نه ٿيندي
آهي.“
- اطهر منگي
دادو، سنڌ.
سرورق جي تصوير ۾ مائي ڄڻ ته ٻوٿاڙيل ۽ ڊنل هئي.
جنڊ جو نمونو جهڙوڪر ڪنڀارن جو چڪ هجي. مڪڙي جنڊ
کان مٿي لڳل هئي، لوهي پٽيون جنڊ ۾، تس ڄڻ ته ڪنڙو
هجي. کٽ عام طرح پاسيري رکبي آهي، پر اُڀي ڏيکاريل
آهي، جيڪو پڻ غلط آهي. ٻهراڙيءَ ۾ دانگي ڪم آڻبي
آهي، هتي تئو ڏيکاريل آهي. سڄو سرورق سنڌ ۽ تهذيب
تي ڄڻ ٽوڪ هئي، ان بعد گدائي صاحب جو آخري نظم فقط
ان ڪري ڏنو ويو آهي، جو اُن ۾ امداد صاحب کي مدد
لاءِ پڪاريو ويو آهي. جڏهن ته مدد لاءِ الله پاڪ
کي پڪاريو آهي. ۽ اوهان پنهنجي ثنا کي سٺو سوڻ
سمجهي ڇاپي ڇڏيو. پنهنجي واکاڻ کان پاسو ڪريو.
شاعريءَ جي ڀاڱي ۾ گهڻا آزاد نظم ڏنل آهن. جيڪڏهن
نظم آزاد آهي، ته بحر وزن ڇا جا. ۽ سنڌ جي مشهور
شاعرن، خاص ڪري شاهه صاحب، سچل ۽ ٻين اُن کي ڇو نه
چيو؟ آزاد نظم ۽ نثر ۾ ڪهڙو فرق آهي. انهيءَ ڪري
ته شهري شاعرن جي ڇانگ آهي. اڃا تائين ’مهراڻ‘ تي
هڪ هٽي آهي. پڄنديءَ وارا شاعر ۽ اديب اڃا ڇانيل
آهن. هو مشهور هوندي به اُسرندڙ شاعر کي اڳتي وڌڻ
جو موقعو ڪين ٿا ڏين. هر پرچو سندن ئي مواد لاءِ
وقف ٿيل آهي. ’مهراڻ‘ هيل تائين جيڪي ڪتاب شايع
ڪيا آهن، اُهي سڀ وڏهن ماڻهن ۽ پئسي وارن اديبن ۽
شاعرن جا. غريبن ۽ نادارن لاءِ اڃا دروازو بند
آهي. ’مهراڻ‘ کي کپي، ته بي پهچ غريب اديبن جو
مواد گڏ ڪري ڇاپي. هر دفعي ڪنهن هڪ نئين شاعر جو
گهڻو مواد ڏنو وڃي ته بهتر ٿيندو. علي بابا،
ناگپال ۽ ٻيا، هندي ٻولي جا گهڻا الفاظ ڪم آڻي
سنڌي ٻولي ۾ هندي اکر ڪم آڻي پاڻ وڻائڻ، پاڻيءَ ۾
پٿر اُڇلائڻ جي برابر آهي. شرجيل: ’چاڪليٽ ڪريم‘
آخر ڪهڙي مصيبت آهي؟ ههڙا بيڪار نظم ’مهراڻ‘ ۾ ڇو
ٿا ڏنا وڃن. فقط سنگت نڀائڻ خاطر! سحر امداد، چار
اکر لکي، ’مهراڻ‘ جا ٻه قيمتي صفحا وڃائي ڇڏيا.
شوق اٿس ته انگريزيءَ ۾ شاعري ڪري. ’مهراڻ‘ ۾ بلڪل
سادو سلوڻو مواد هجي، جنهن کي هر ماڻهو آسانيءَ
سان پڙهي سگهي. امداد حسيني ’ڪٽنب ٽماڙ تي‘ لکي،
هڪ صفحو ضايع ڪري، اُسرندڙ اديبن جي اُرهه تي لَت
هنئي آهي. سواءِ چند شاعرن جي، باقي شاعري بيڪار
رهي. ماهتاب محبوب ’سُريت‘ لکي وڏي غلطي ڪئي آهي.
اديب پنهنجي لکڻي ۽ خيالن مان پرکيو ويندو آهي.
سندس دلي خيالن ۽ ذهني لاڙن جي به خبر پوي ٿي. هڪ
عورت کي اهڙي ڪهاڻي لکڻ نٿي جڳائي. عبدالجبار ۽
ڪيهر شوڪت ’مهراڻ‘ کي مَرڪايو آهي. حليم بروهيءَ
کي ته رڳو پاڻ سان جنگ آهه، بيڪار لکيو اٿس. ولي
محمد طاهر زادي بلڪل ٺيڪ ڪهاڻي لکي آهي. اهڙن
ماڻهن جي دم سان سنڌي ٻولي قائم آهي. علي بابا
’ڪارونجهر جي ڪور‘ ڊرامي واري ڪهاڻي ڪم آڻي ها، ته
بهتر. پويان ڪتابن جي فهرست ڏئي،
اسان اڀرن کي
خار نه ڏياريو. مجموعي طور مهراڻ ماٺو نه پر
سيلابي نظر آيو. منهنجو هي خط ايندڙ پرچي ۾ ڏنو
وڃي.
محمد عثمان سولنگي،
عمر آباد، ٿرپارڪر سنڌ.
’مهراڻ‘ 1/78 ڏسي، تنهنجي حوصلي کي ساراهڻ ري رهي
نٿو سگهجي. تو پنهنجي پاران ’مهراڻ‘ ۾ نئين رنگ
ڀرڻ جي پوري ڪوشش ڪئي آهي؛ پر رڳو ايڊيٽر ته ڪجهه
نٿو ڪري سگهي. ڪنهن به پرچي کي معياري بڻائڻ لاءِ
ايڊيٽرن کان وڌيڪ لکندڙ تي مدار آهي. تو سائين
الهداد ٻوهيي جي صلاحن تي وک وڌائڻ جو فيصلو ڪري
ڪارگر ڪم ڪيو آهي. هن پرچي جو سرورق نهايت سهڻو ۽
دل کي ڪشش ڪندڙ ڏيئي، سائين الهداد سان گڏوگڏ، تو
پڙهندڙن جي شوق ۾ پڻ واڌارو آندو آهي.
شاعريءَ ۾ اياز، تنوير، خاڪي ۽ تاج بيحد وڻيا.
ڪتبي واري دانهـن اڳ ئي پڙهي اٿم؛ پر وري به هن
پرچي ۾ نـثـار بـزمـيءَ جـو ڪـتبـو پـڙهـي، ادبـي
واڌاري تـي ارمـــان ٿـيڻ لڳو. چاچي گــدائيءَ جـي
شـاعـريءَ ڇا چئجي! سندس عــزيز شـايد کـيس مـري
ويـل ڄاڻن؛ پر آءٌ اها ڳالهه مڃڻ لاءِ تيار نه
آهيان. هو زندهه آهي ۽ زندهه رهندو. سندس شاعريءَ
جو اکر اکر سنڌي عوام جي روح جـــو آواز آهــي.
اهـــو مـاڻهو، جو عوام جي دلين ۾ جاءِ جوڙي ٿو
وڃي، سو ڄڻ ته موت کـــي مات ڪري چڪو، ان اڳيان
موت به مات کايو وڃي. ”پکڙا ۽ پنهوار“، اڳ به
پڙهيو هوم، پر اڄ ويرون وڌ نظر آيم.
”هو جي وڻ وندر جا“ ۾ نسيم کرل سٺي محنت ڪئي آهي.
اهو به چڱو جو ڪهاڻي ڇڏي شاعري تي نه ڪِريو آهي.
هتي تاريخي مواد جي وڌيڪ گهرج آهي.
آخر ۾ توکي ۽ لکندڙ ساٿين کي ڪجهه گذارشون:
(1) ڏسڻ ۾ ائين پيو اچي ته اسان جا دوست، جوت ۽
نئين ٽهيءَ جي نالي ۾ پنهنجون حد بنديون مقرر ڪيو
ويٺا آهن ۽ صرف ان مقرر ايراضيءَ ۾ ڦري رهيا آهن.
جيئن هڪ دوست چيو: اڄوڪي زندگيءَ جو سڀ کان وڌيڪ
اهم مسئلو ’جنس‘ آهي، ان ڪري پاڻ ’جنس‘ واري ويڙهه
۾ پنهنجون خدمتون پيش ڪرڻ گهرجن ۽ ان جي ئي مخلتف
پهلوئن تي لکڻ گهرجي. منهنجي خيال ۾ اهو منافقت ۽
وقت جي تقاضائن کان منهن موڙڻ جي برابر آهي.
(2) اهو کڻي مڃجي به ته اسان جو سماج اونداهو بڻجي
چڪو آهي ۽ هن سائنس ۽ ويڙهه ويڙهاند واري دور ۾
هتان جا ماڻهو سياسي، سماجي ۽ اقتصادي گهرجن کي
وساري چڪا آهن؛ پر ان جو اهو مطلب ته نه آهي ته هڪ
اڻڄاڻ ۽ غير واقف کڏ ۾ ڪِرندو هجي، ته ٻيو ان جي
حفاظت ڪرڻ بجاءِ ويتر کيس اوجهڙ ۾ اُڇلي. اديب ته
هونئن به قومي اهنجن عذابن گهٽائڻ ۾ سڀني کان اڳرو
هوندو آهي؛ پر هتي جو عجيب رواج پيو نظر اچي.
(3) اسان جي اديبن کي سڀ کان پهريان ۽ ٻئي نمبر تي
سماج جا مسئلا، جن جو سياسي ۽ اقتصادي مسئلن سان
گھاٽو ۽ گھرو واسطو آهي، انهن تي لکڻ گھرجي.
جيڪڏهن سڌو لکڻ جي همٿ نٿا ڪري سگھن، ته اُهڃاڻي
روپ ۾ لکڻ گهرجين؛ جيئن علي بابا جي ڪهاڻي
”ڳجهاڙو“ ڪجهه وقت اڳ شايع ٿي هئي. ڇا لکڻ گهرجي،
ڇا نه لکڻ گهرجي، تنهن کان يا تـه اديـب اڻـواقـف
آهن، يا هـو حقيقت کان لنوائڻ جي پيا ڪن، جا ڳالهه
ٺيڪ نه آهي.
ــ عبدالاحد آزاد
راڌڻ، سنڌ.
’مهراڻ‘ 1/1978ع ۾ سنڌيءَ جي تقريباً وڏن ليکڪن
جون ڪهاڻيون هيون جن اڳ جيان پاڻ وڻايو آهي، پر
ڪيهر شوڪت جو اصول وڏو قصو سمجهه ۾ نه آيو. ايڏي
ڊيگهه، سو به خشڪ لفظن ۾ (1) نسيم کرل جي مخصوص
لکڻيءَ مان جيڪا چاشني پرهندڙن کي ملندي آهي، اُها
هن جبل جهڙي مڙس کان وڌيڪ وڻندڙ آهي. ناٽڪ پنهنجو
مٽ پاڻ آهي.
ــ ممتاز عباسي لاڙڪاڻو، سنڌ.
هن سماج ۾ جتي نفسانفسيءَ جو عالم آهي، جتي ٻين جي
حقن ۽ مفادن کي لتاڙي، ترقيءَ جي چوٽين تي پهچڻ
واري کي عزت دار ۽ دولت جي ڊوڙ ۾ ٻين کي ٺونٺيون
هڻي ۽ ڌڪا ڏيئي ڪيرائڻ واري کي ڪامياب انسان
سمجهيو وڃي، اُتي مولائي شيدائي ۽ عبدالڪريم گدائي
جهڙن مولائي مڙسن جو رهڻ جو به معجزي کان گهٽ ڪين
هو. اهي پنهنجي فن جا عظيم انسان هن خود غرض سماج
۾ ٿڌي هوا جو جهوٽو هئا. لالچ ۽ لوڀ کان ڀڄندڙ،
اڀري سڀري تي راضي رهندڙ، غريبن جا دوست، ادب ۽
ٻولي جا عاشق ۽ قلندر طبيعت هئا. مولائي شيدائي
’جنت السنڌ‘ لکي، سنڌي ٻوليءَ تي وڏو احسان ڪيو
آهي. گدائي ماضي، حال مستقبل جو شاعر هو. سندس
پيغام انسانيت لاءِ هو. هن غريبن، مسڪينن، هارين ۽
مزدورن کي ڳايو. هن ڏينهن کي ڏينهن چيو ۽ رات کي
رات. اها حقيقت آهي ته قومن ۽ ملڪن ۾ وڏا ماڻهو
ڪڏهن ڪڏهن پيدا ٿيندا آهن. سندن حياتيءَ جو دور
تاريخي دور هوندو آهي، اهي تاريخ تي حاوي هوندا
آهن. گدائي مسڪين پر عظيم هو. سندس عظمت ظاهر آهي.
هن تقدير کي بدلائڻ لاءِ جدوجهد ڪئي. تقدير کي
بدلائڻ وارا عظيم ٿيندا آهن.
اسان مان گهڻن کي سندس وفات جي خبر به مهيني بعد
پيئي. اها آهي اسان جي بيوسي، لاتعلقي ۽ بيگناهي.
آخر اسان انسان جو قدر سڃاڻڻ ڪڏهن سکنداسين! اسين
’مهراڻ‘ مان ۽ سنڌي ادبي بورڊ مان اميد رکي سگهون
ٿا، ته هو گدائيءَ تي ڪجهه نه ڪجهه شايع ڪرائي.
’مهراڻ‘ جي رسالي به سندس شعر ڏيئي پنهنجي جند
ڇڏائي آهي. اسان کي ائين ڪرڻ سونهي ڪونه ٿو، پر
مرضي اوهان جي، دڪان به اوهان جا آهن، مالڪ به
آهيو، خريدار ڇا ڪندا؟ جيڪي ڏيندؤ، سو وٺندا.
هن ڀيري ’مهراڻ‘ سونهن ۽ سوڀيا ۾ سرس آهي. شعر ۽
مضمون تمام ڀلا آهن. ڪهاڻين ۾ علي بابا جي ’ڪروڌ ۽
ٻه ماڻهو‘ ۽ رزاق مهر جي ’مومل موءِ کان
پوءِ.....‘ تمام سٺيون آهن. علي بابا جو ناٽڪ
’ڪارونجهر جي ڪور‘ هن دفعي جي پرچي جي سونهن آهي.
اوهان جون ڪوششون ”مهراڻ“ کي بلندين تائين ضرور
پهچائينديون. اوهان اهڙِي ڪوشش ورتي ۽ وقت سر پرچو
ڪڍيو ته خريدار به چاهه. ۽ شوق مان وٺندا. هينئر
’مهراڻ‘ تمام گهڻو مقبول آهي. جي اوهان ’مهراڻ‘ کي
سنڌ جي چڱن شهرن ۾ پهچائڻ جي ڪوشش ڪريو، ته
ڪيترائي نوان خريدار پيدا ٿي پوندا.
ـــ صديق سنڌي
ڳوٺ قائم ٻٻر، سنڌ.
هتي سنجهوري ۾ سنڌي رسالن ملڻ لاءِ بندوبست ڪونهي.
مهرباني ڪري ’مهراڻ‘ هتي پهچائڻ لا بندوبست ڪندا.
ـــ سورٺ
سنجهورو، سنڌ
توهان جون ڪاوشون ۽ ليکڪن جو معياري لکڻيون، اهو
سڀ ڪجهه ساراهه جوڳو آهي. ’مهراڻ‘ ۾ اڃا به ڪو
نئون رنگ پيٽيو، ٽائيٽل کي قابل قدر بڻايو.
ـــــ شهناز ميمڻ
خيرپور ميرس، سنڌ.
’مهراڻ‘ سنڌي زبان جو معياري رسالو آهي، پر اڃا ان
۾ هڪ ڪمي آهي، سا آهي رسالي جي ’ڏسڻي‘ (Index).
پر جيئن ته پاڪستان ۾ ’ڏسڻي‘ ڏيڻ جو رواج ڪونه
آهي، ان ڪري توهان سان هيءَ شڪايت نه، پر عرض ٿو
ڪجي، ته جيڪڏهن رسالي جي هر جُلد جي آخري شماري ۾
’ڏسڻي‘ ڏني وڃي ته رسالي جي اهيمت ۾ اڃا وڌيڪ چار
چنڊ لڳي ويندا.
ـــــ لطف الله اُڄڻ
ڪراچي يونيورسٽي، سنڌ
’مهراڻ‘ جو تازو پرچو پڙهئم. بهترين ڇپائي ۽
بهترين مواد سان سندس سونهن ۽ چمڪ ۾ جيڪا دل
موهيندڙ ڳالهه هئي، سا شايد سنڌيءَ جي ڪنهن به
رسالي ۾ ڪونهي.
ــــ زاهده شيخ
لاڙڪاڻو.
منهنجي نظم ”سٽ“ ۾ تنهنجي ڦير گهير ٺيڪ ۽ جائز
لڳي؛ پر ٻين شعرن ۾ تنهنجي استادي قبول ڪرڻ جوڳي
نه آهي. شاعريءَ ۾ پاڻ کان سواءِ ذوالفقار سيال،
شيخ اياز، تاج جويو، بشير سيتائي، ادل سومرو ۽
ايس- نسرين گهڻو پسند آيا. علي بابا جي ڪهاڻي
”ڪروڌ ۽ ٻه ماڻهو“ ٻين ڪهاڻين جي ڀيٽ ۾ اتم آهي،
پر البر ڪامئو جي ناول ”The
Fall“
جي اولڙو منجهس چٽو نظر اچي ٿو؛ تڏهن به ماڻڪ ۽
مدد عليءَ جي ڪهاڻين کان هيءَ ڪهاڻي وڌيڪ وڻندڙ ۽
ڇڪيندڙ آهي.
Stream of Consciousness
ٽيڪنڪ تي لکيل سنڌي ڪهاڻين ۾ هن ڪهاڻي کي ڪامياب
ڪهاڻي چئي سگهجي ٿو. قاضي خادم جي ڪهاڻي نه ته
انٽليڪچوئلس جي ڪم آهي ۽ نه ئي ڪامريڊ حضرات جي.
اهڙي اجائي لٻاڙ ۽ فضول لفاظيءَ کي خبر نه آهي ته
’مهراڻ‘ ۾ ڪهڙي ناتي جڳهه ملي ويئي. ٻين ڪهاڻيڪارن
۾ ظفرحسن ۽ حميد سنڌيءَ جون ڪهاڻيون داد ڏيڻ
جوڳيون آهن؛ خاص ڪري اسٽائل ۽ پڄاڻي جي لحاظ کان
اهي ٻيئي ڪهاڻيون بنهه پياريون ٿيون لڳن.
ائسٽرالاجسٽ حليم بروهي هن ڀيري سچ پچ رڳو ڌُڪن
کان ڪم ورتو آهي. علي بابا جو ٽي. وي ناٽڪ
”ڪارونجهر جي ڪور“ سندس پنهنجي پيڙا جو پرتوو آهي.
ٽي. وي جا صاحب علي بابا کي گيٽ آئوٽ چئي سگهن ٿا،
پر سندس فن ۽ فنڪار کي هيسڻ ۽ لنوائڻ شايد سندن وس
۾ ڪونهي. جيتوڻيڪ ناٽڪ جو چڱيءَ طرح فني مشاهدو
’ڏسڻ‘ سان ئي ڪري سگهجي ٿو، پر تڏهن به اکرن ۾ پڻ
جسوڌن ۽ ڪارونجهر جي ازلي ناتي کي هر پڙهندڙ چٽيءَ
طرح محسوس ڪري سگهي ٿو. اها هڪ رئاريندڙ تصوير
آهي، جنهن کي انڌن کان سواءِ ٻيو هرڪو اکرن ۾ ڏسي
سگهي ٿو.
غلام احمد بدويءَ جو مضمون ڇاپڻ لاءِ ڇا توهان
جوابدار هئا؟ اهو ڪو خاص تحقيقي ۽ ڪم جهڙو مضمون
ڪونهي. ’مهراڻ ‘ ۾ اها کوٽ هاڻي چٽيءَ طرح محسوس
ٿي ٿئي. ’مهراڻ‘ ۾ ڪجهه ته فرق هجڻ گهرجي، جيڪڏهن
نه، ته پوءِ اڃا ڪجهه فلمي احوال به اچڻ کپي. نجم
عباسي ۽ نسيم کرل جا مضمون سٺا آهن.
فورم ۾ الهداد ٻوهئي جون رٿون ساراهڻ جوڳيون آهن.
هُن جديد ادبي لاڙن جو سٺو ۽ چڱو تجزيو ڪيو آهي،
جيڪو پڙهڻ ۽ سمجهڻ جوڳو آهي. ادب جي وڌندڙ ڪارج جو
ذڪر ڪندي هُن ”سفل زندگي“ جو ذڪر ڪيو آهي. خبر
ناهي اڇن وارن وارو اهو ليکڪ ٻوهئي کي ڇو گمراهه
ڪندڙ لڳو. ”سڦل زندگي“ مضمون خود سندس ٻڌايل اصولن
وٽان ناهي؟ معلوم ٿو ٿئي، ته يا ته ٻوهيو صاحب
لفظن جي اجائي ڌُٻڻ ۾ ڦاٿل آهي، يا هُو ليبل
بدلائي ٻيو ڪجهه ٿو چوڻ چاهي. جيڪڏهن اسان ادب جي
سماجي ڪارج جا قائل آهيون ۽ ادب بابت تاريخ
شناسيءَ
Charging Vatility
جهڙا لفظ استعمال ٿا ڪريون، ته پوءِ سنڌي اديبن ۾
اهو اڇن وارن وارو پوڙهو اسان سڀني کان انهيءَ ڏس
۾ اڳرو آهي ”سڦل زندگي“ آهي ڪهڙي شيءِ؟ اهو سوال
بلڪل ائين آهي، جيئن اياز جو هي شعر:
ڳنڌي وار ڪنهن لاءِ آئينءَ ڳهيلي!
چري چاڳ ڪهڙا، ڪٿي چاهه وارا.
ٻڌي، ڪير چوي، هن شعر ۾ قوم جي ڳالهه ڪونهي، زندگي
جي ڳالهه ڪونهي. اسان تي ظلم پيو ٿئي، ۽ شاعر کي
وارن جي ڳالهه ياد پيئي آهي!
ڪنول لهاڻو،
ٽنڊو باگو، سنڌ.
نسيم احمد کرل جو مضمون ”هُو جي وڻ وندر جا...“
پڙهيم. چڱو ٿيو ته هن ڀيري ’نسيم احمد‘ ڪري پڙهيم،
نه ته دل ۾ شڪ شهبا اٿندا هئا. هڪ دفعي جڏهن شيخ
عبدالحليم جوش سان ڳالهه ٻولهه ٿي، ته خبر پيئي
هئم، ته منهن ميهار جو ڇا هو.
پر هتي اپٽار هڪ ٻن ڳالهين جي ڪرڻي آهي. ص 189 تي
ايڊورڊ ستين جو ذڪر آهي. سن جي لحاظ سان ته ٺيڪ
آهي، مسزسمپسن جي خيال کان غلط آهي. شهنشاهيءَ کي
ٽي ڀتر ايڊورڊ اٺين هنيا هئا. مان تڏهن جواڻ جماڻ
هوس، پر 1906ع ۾ ڄائو به ڪونه هوس.
اهو برابر آهي ته مير فيض محمد ٻيو تخت تي جهڙو
ويٺو، تهڙو نه ويٺو؛ پر انهيءَ وقت هن کي پاگل ڪري
پاڳل خالي ۾ موڪلڻ جون تياريون ٿي رهيون هيون. ان
وقت اهو قصو ”سنڌ آبزرور“ ۾ شد مد سان روزانو
ايندو هو، ايڊيٽر مسٽر پنيا، مير صاحب جي فائدي ۾
گهڻي ئي پنا ڪارا ڪيا هئا.
مون کي هن ڪيس سان ڪجهه دلچسپي هئي، ڇاڪاڻ ته
منهنجي مامي خيرپور جي هئي ۽ هن جو ڀاءُ منگهارام
واڌ وائي ڪجهه وقت لاءِ اسٽيٽ جو وزير هو. هڪ دفعو
مان به خيرپور مان ٿي هن جي انڌي ماءُ کي گڏجي آيو
هوس. ڪراچيءَ ۾ برنس روڊ تي هن جي ڀاءُ جو مشهور
’راما اسٽور‘ هو ۽ آرام باغ جي سامهون فريئر رستي
تي راما اسٽور بلڊنگ اڃا به آهي.
مير فيض محمد بابت ڪيترائي الام هئا. هڪ، جيئن کرل
صاحب چيو آهي، ته مير جارج ذري تان گوليءَ جي منهن
۾ اچـڻ کان بچي ويو. اتفاقاً، مير جارج جي
تاجپوشيءِ تي مان به هوس صحافيءَ جي حيثيت ۾.
ـــ گرداس واڌواڻي
ڪراچي، سنڌ.
’مهراڻ‘ ۾ منهنجو تعارف مون کي وڻيو. باقي منهنجي
نظم کي جيڪو مڏيءَ سان ماريو اٿو، تنهن جو البت ڏک
اٿم.
’ٽماهي‘ ٿيڻ تي ايترو عجب ڪونه ٿيو، جيترو ’ٽماهي‘
مان ’سماهي‘ ٿيڻ تي ٿيو!
- ج. ع. منگهاڻي
ڪراچي، سنڌ
’مهراڻ‘ تمام زيبائتو ۽ معياري مواد کڻي هٿن ۾ ٿو
پهچي، جنهن لاءِ تنهنجي ڪوششن کي وڏو دخل آهي.
معياري ’مهراڻ‘ لاءِ دل جي گهَراين سان مبارڪباد
ٿو چوان. خاص طرح تنهنجا هڪ ٻه ايڊيٽوريل ڏاڍا
وڻيم. نظم جي حصي ۾ اڃا به وڌيڪ ڪوشش ڪجي، ته جيئن
هن صنف جي لکندڙن کي برابر نمائندگي ملي ۽ ڪنهن کي
به ڪو شڪايت جو موقعو نه ملي.
ــ عنايت بلوچ،
ڪراچي، سنڌ.
ٽماهي ’مهراڻ‘ معيار ۽ اديبن جي ذهني تربيت جي ڏس
۾ هڪ اداري وانگر نظر ايندو، جنهن صحتمند ۽ حقيقت
پسند ادب جي تخليق ۾ نهايت سنجيدگي ۽ خلوص سان
اديبن ۽ شاعرن جي همت افزائي ڪئي آهي. 1/1978ع جي
مهراڻ جي مواد جي ترتيب ۽ بيهڪ مان نواڻ پيئي بکي.
ائين ٿو معلوم ٿئي، ڄڻ تلاءُ جي بيٺل پاڻيءَ ۾ ڪي
لهرون اُڀريون آهن ۽ تحريڪ پيدا ٿيو آهي. وڇڙيل
اديبن جي ياد ۾ تاثراتي مضمون، ۽ سندن لکيتن جو
اتنخاب ڏنو ويو آهي. پروفيسر محبوب علي چنا،
مولائي شيدائي، عبدالڪريم گدائي ۽ انصاف جي
يادگيري نهايت دلسوزي ۽ بهترين ادبي انداز ۾ ڪئي
ويئي آهي. گدائي صاحب جو آخري اڻ پوري نظم ڏيئي
ڄڻ ته ان ڳالهه جو اعتراف ڪيو ويو آهي، ته مرحوم
آخري لمحن تائين زندگيءَ کي ادب ۾ منتقل ڪرڻ جو
فرض ادا ڪندو رهيو:
سالن کان جن سانگين ناهي سُک جو ساهه کنيو،
گل ڦل ۽ گلزار ٿئي تن ماروئڙن جو ماڳ.
ان شعر مان نه فقط ڀرپور تنقيدي شعور سان ماحول جي
عڪاسي ٿئي ٿي؛ پر شاعر پنهنجي امنگ جي اظهار سان
گڏ ڏس به ڏيندو هلي ٿو خوشگوار سماجي ڦيرو تڏهن
ايندو، جڏهن:
هر هڪ دل ۾ ٻاريون ساٿي، حب وِطن جي آڳ،
”سوچ- لوچ“ ۾ اديبن جي وڇوڙي تي نهايت دلسوز لهجي
۽ دلڪش ادبي عمارت ۾ اٿاهه ڏک جو اظهار ڪيو ويو
آهي، جنهن کان هر پڙهندڙ متاثر ٿئي ٿو.
’مهراڻ‘ جو تازو پرچو شعري نقطئه نگاهه کان اهم
آهي ۽ هڪ ئي نظر سان خيال، جذبي ۽ اسلوب جي نواڻ ۽
مجموعي ڪيفيت بابت اندازو لڳائي سگهجي ٿو.
تاج جويو، خاڪي جويو، ذوالفقار سيال، اسير ملاح ۽
بشير سيتائي، ايس، نسرين، برڪت بلوچ، راهي چنا،
مير محمد پيرزادو ۽ تهمينه مفتيءَ جا نظم شاعريءَ
کي نون خيالن ۽ اظهار جي دلڪش زاوين سان روشناس
ڪرائين ٿا.
شيخ اياز جون وايون، تنوير جو مختصر غزل، الطاف جو
نظم ’ڌيءَ جي وهانءَ تي‘، اياز گل جو غزل ۽
گدائيءَ جا نظم هن پرچي جي معيار ۾ اضافو ڪن ٿا.
ڪن ٿورن لکندڙن وانگر امداد حسيني جي نظم ۽ نثر ۾
هڪجهڙي دلڪشي، سوچ جي ساڳي گهرائي ۽ اسلوب جي ساڳي
نواڻ آهي، جنهن کيس نئين ادب ۾ ممتاز حيثيت ڏياري
آهي.
قاضي خادم جي ڪهاڻي ”پر هوا پڙهڻ ڪونه ڄاڻي“
معياري ۽ دلچسپ ڪهاڻي آهي، جنهن ۾ هڪ مختصر ملاقات
کي جنهن انداز ۾ وسيع پس منظر ۾ پيش ڪيو ويو آهي،
سو سوچ، فن ۽ اظهار جي سونهن ۽ سچائيءَ کان سواءِ
ممڪن نه آهي. ٽئڪسلا عجائب- گهر جي پس منظر ۽ باغ
جي گلن جي حوالي سان زندگيءَ جي لطيف جذبن ۽ سوچ
جي وهڪرن کي ڪٿي فلسفي سنجيدگي ۽ ڪٿي ڪنهن سياح
واري تفريحي انداز سان چٽيو ويو آهي. اسلوب جي
نواڻ“ ننڍن چُست ۽ خيال اڀاريندڙ جملن جي سٽاءَ
افساني کي دلچسپ ۽ اهم بڻايو آهي.
حليم بروهيءَ جي ڪهاڻي طنز ۽ مزاح جو شاهڪار آهي.
علي بابا جي ڪهاڻيءَ کان سندس ناٽڪ وڌيڪ بامقصد
آهي.
نسيم احمد کرل خيرپور جي تاريخ واقعن جي اظهار
لاءِ ڪهاڻي واري اسلوب کان ڪم وٺي افسانه نگار جي
تنقيدي شعور سان مضمون کي دلچسپ ۽ بامقصد بڻايو
آهي-
’مهراڻ‘ ۾ البت تنقيدي مضمونن ڏانهن ڌيان ڏيڻ
گهرجي، جيئن ذاتي پسند ۽ ناپسند کان مٿڀرو ٿي ادبي
تخليق کي پرکي سگهجي.
ــــ شيخ عبدالحليم جوش
(ريڊيو پاڪستان ڪراچيءَ جي ٿورن سان.)
تون هاڻي هڪ خاص طبقي جو شاعر ٿيندو وڃين. پرائو
محل ڏسي پنهنجا جهوپا ڊاهبا نه آهن. هيءِ لطيف
سائينءَ جي سر زمين اٿئي، شيڪسپيئر، شبلي ۽ ملٽن
جي سرزمين ناهي. ماروئڙن کي وساريندين ته قيامت
ڏينهن اسان سڀ توتي دانهينداسون.
سحر جي نظم تي: نينهن ماکيءَ لار جيان نه ڳڙندو
آهي. نينهن ڄاڱوري ٻير جي ڍينگهري آهي، عشق آڏيري
ول آهي، جا روح کي رهڙيندي ۽ روڙِن مان رت ٽيپا
ٽيپا ٿي وهندو آهي. جدت جو هروڀرو اهو مطلب ته
ڪونهي ته جهڻ ۾ آئيس ڪريم ملائي کائجي ۽ کارائجي.
ــ عاجز اَڄڻ،
پيرومل، سنڌ. |