انجم افشان هاليپوٽو
امڙ ايلسا قاضي
(تاثر)
امڙ ايلسا سان جندڙيءَ جو ٿورڙئي عرصو گذريو؛ اهو
به ننڍپڻ وارو زمانو. انهن املهه گهڙين جا چَٽ اڄ
به ذهن تي چٽيا پيا آهن. سندن گهر جو نقشو ڪجهه هن
ريت آهي گيٽ ٽپڻ سان، باغ ۾ پير پائبو هو ۽ پوءِ
کليل ايراضي هوندي هئي، وچ ۾ پراڻي طرز جو بنگلو
هو. بنگلي ۾ داخل ٿيڻ لاءِ ڌار ڌار ڏسن ۾ ڪجهه
دروازا هئا، پر گهڻو ڪري مکيه دروازو (main
gate)
جي سامهون ڪجهه ترڇائيءَ تي جيڪو دروازو هو، اهو
ئي ڪتب ايندو هو- جافرين لڳل ورانڊو ٽپي، ڊرائينگ
روم يا ڪانفرنس روم ۾ پير ڌربو هو؛ جتي علامه
سائينءَ سان ڪچهريون ٿينديون هيون ۽ حق جا طالب،
چنڊ جي چوڌاري تارن وانگر ميڙاڪو ڪيو ويٺا هوندا
هئا- ۽ علامه صاحب جن علم جي سمنڊ جيان پيا ڇُلندا
هئا.
ان ڪمري جي ڀر ۾ وڏو ڪمرو هو، جنهن کي هال چوڻ
وڌيڪ ٺيڪ ٿيندو. اتي امڙ ايلسا ويٺي هوندي هئي.
جنهن کي به ساڻن ملڻو هوندو هو، اهو انهيءَ هال ۾
هليو ويندو هو. اهو ڪمرو هڪ ئي وقت، ڊرائنگ روم،
اسٽڊي روم ۽ لائيبرريءَ جو ڏيک پيو ڏيندو هو.
ڪانفرنس روم جي دروازي وٽ بيهي، ان هال تي نهار
وجهان ٿي ته، منهنجي ذهن تي ڪجهه ان قسم جو چٽ ٿو
چٽجي: کاٻي پاسي تي، چمنيءَ مٿان هڪ وڏي تصوير
ٽنگيل آهي، اها تصوير مدر جي پينٽ ڪيل آهي، ڪنهن
عورت جو پورٽريٽ آهي جيڪا هٿ ۾ صوف جهليو ويٺي
آهي. ڪٻٽ رکيل آهن، جن ۾ ڪتاب ڍير ٿيا پيا آهن، پر
اهي ڍنگ سان سٿيل آهن. لائيبرريءَ وانگر... ميز
پيل آهي، جنهن تي ڪتاب هڪٻئي مٿان سٿيل آهن ۽ ائين
ٿو لڳي، ڄڻ ته ڪو پڙهندي پڙهندي هاڻ ئي اُٿي ويو
آهي ڪنهن ڪم سانگي ۽ ڄاڻ موٽي اچي پنهجي جاءِ
والاريندي ۽ کُليل اونڌي ڪتاب کي کڻي ٻيهر پڙهڻ ۾
جنبي ويندو- وري ڪٻٽن ۽ ڪتابن جو سلسلو آهي، پوءِ
چتر ۽ پورٽريٽ ٽنگيل آهن. هڪ چتر اسٽئنڊ تي رکيل
آهي. اهي سمورا چتر ايڏا ته سندر ۽ جاڳندا ٿا
ڀاسن، جو ڄڻ ته اکيون ڇنبي، چپ چورڻ لڳندا ۽ جنهن
عورت جي هٿ ۾ صوف آهي، سا صوف وارو هٿ مون ڏانهن
وڌائي چوندي: ’نينگري، اچي صوف کاءُ!‘ انهن تصويرن
کي ڏسي، سوچي به نه سگهندي هيس، ته اهي به ڪنهن
آرٽسٽ جي هٿ جو ڪرشمو آهن! ڇا ائين نٿو ٿي سگهي
ته، انهن تصويرن جو نماءُ ڪيو وڃي؟ ڇا ادب، آرٽ ۽
ڪلچر جي هام هڻڻ وارن ادارن کان ايترو به نٿو ڀڄي
ته، انهن رنگن ۽ ليڪن ۾ پيش ڪيل اعليٰ ۽ امر فن کي
نئين نسل آڏو پيش ڪن، جيئن آرٽسٽ کي مانُ ملي،
نئون نسل ڪجهه پرائي سگهي. يا انهن تصويرن جو ڪو
سهڻو البم ڇپائي سگهجي! لائبرري جو چاهه ۽ ڪتابن
کي پڙهڻ ۽ سهيڙڻ جو جذبو به، منهنجي لاشعور ۽ تحت
الشعور ۾ تڏهن کان جاڳيو، جڏهن علامه ۽ مدر جي
لائبرري ڏٺم- ڪتابن سان سٿيل ڪٻٽ، ميز تي ڪتابن جو
ڍير، جن کي پسي هروڀرو به اتي ويهي، ڪتابن پڙهڻ تي
من چاهي. تن ڏينهن عمر ننڍي هوندي هئي، سمجهه ۽
شعور گهٽ، پر ايترو سو ٿيو ته، ڪتابن لاءِ سڪ اندر
۾ ضرور جاڳي، سنڌي اردو ۽ اهڙا ڪتاب جيڪي سمجهه ۾
نه ايندا هئا (جيئن ريڊرس ڊائجسٽ) سي به سٿي کڻي
ڪٺا ڪيم، مڊل اسڪول واري ان زماني ۾، ٿورن ئي سالن
۾ ايترا ته ڪتاب ڪٺا ڪيم، جو شايد ان رفتار سان
ڪهاڻيڪارن ڪهاڻيون به نه لکيون هونديون! ائين مون
وٽ پنج سؤ ڪتابن جي لائيبرري ٺهي ويئي- هاڻ ڪاليج
۾ اچڻ کان پوءِ... ڪاليج جي لائيبرري ڏسي ڪنهن
سُڪل کوهه جو نقشو ذهن ۾ اڀري ايندو آهي، جنهن جي
پڳهه تي پياسا ته گهڻائي آهن، پر کوهه جي تري ۾
پاڻيءَ جا ڪجهه ڍُڪ ئي آهن- جنهن جو هڪ ڦڙو اُڃ ته
نٿو اُجهائي؛ پر هيڪاري پياس کي ڀڙڪايو ڇڏي! جڏهن
به شاگرد ساٿي’لائبرري‘اکر اُچاريندا آهن، تڏهن هڪ
جامع لائبرريءَ جو تصور ايندو آهي... جنهن ۾ ڪتاب
ئي ڪتاب هجن- هر طريقي جي طب جا ڪتاب، مشرقي توڙي
مغربي؛ جديد به ته قديم به... ٽيپ ۽ وڊيو تي لاٿل
ڪتاب- جتي پڙهجن به ڪتاب، ٻڌجن ۽ ڏسجن به ڪتاب؛ پر
جڏهن اکيون کڄنديون آهن، ته آڏو هوندي آهي: ڀڙڀانگ
لائبرري! جي رواجي ٽڪيٽ جا ڪتاب به اڻلڀ هوندا
آهن.
ڳالهه الاءِ ڪٿان کان ڪٿي وڃي رسي! ايل. ايم. سي.
سان مدر ايلسا جي دلي ڳانڍاپي جو ڪاٿو سندن خاص
طور تيL.M.C
لاءِ ٺاهيل مونوگرام مان لڳائي سگهجي ٿو؛ جنهن جي
سمجهاڻي علامه آءِ. آءِ. قاضيءَ جن هڪ تقريب ۾ ڏني
هئي. اهو مونوگرام نه ڄاڻ ڪهڙين مصلحتن جي ڪري
بدلائي، هاڻوڪو مونوگرام رکيو ويو....:
علامه آءِ. آءِ. قاضيءَ جيان ئي امڙ ايلسا ٻارن تي
گهڻو مهربان ۽ ٻاجهاري هوندي هئي. وٽن وڃڻ تي ٻارن
کي ڪڏهن به، هٻڪ ۽ هٽڪ نه ٿي. ٻار به اتي ايڏو بي
پرواهه ٿي ويندا هئا، جو ڪڏهن ڪڏهن نقصان به ٿي
پوندو هو: هڪ ڀيري عيد ڏهاڙي، امان جن مدر سان
ويٺل هئا، مدر کي پير جي ننهن ۾ ڌڪ لڳڻ ڪري ڏاڍو
سور هو، مان ۽ ادا سندن ڳالهه ٻولهه جي ڍنگ مان
مزو ماڻي رهيا هئاسين؛ سياري جي مند هئي ڪمري ۾Heater
پئي ٻريو، اوچتو ادا وٺي ڪانفرنس روم ڏي ڊوڙ پاتي،
ذري گهٽ هيٽر جي تار ۾ وچڙيو هو، پل لاءِ امان
پريشان ٿي ويئي؛ پر امڙ ايلسا جي چهري تي ٻاجهاري
مُرڪ تري آئي، چيائين: ”ٻار اسان وٽ اچي پيا ٺينگ
ٽپا ڏيندا آهن، هڪ ڀيري ڪنهن ٻار ٻرندڙ هيٽر
ڪيرائي وڌو، جنهنڪري غاليچي جو ڪجهه حصو سڙي ويو؛
پر شڪر جو ٻار کي ڪجهه به نه ٿيو.“اهائي ٻاجهاري
مُرڪ ڪجهه وڌيڪ ڦهلجي وئي.
امڙ ايلسا صوفي منش ۽ فطرت جيان سادي هئي. پاڻ ڏات
ڌڃياڻي هئي ۽ شاعري، مصوري ۽ ميوزڪ ڪمپوزيشن جهڙين
اعليٰ ۽ نازڪ نفيس تخليقي صنفن ۾ ڀڙ هئي. اسلام تي
پختو عقيدو رکندڙ هئي. رسول صلي الله عليہ وسلم جن
جي شان ۾ چيل سندس نعت، ٻنهي جهانن جي سردار لاءِ،
سندس اڪير جو واضح مثال آهي؛ پاڻ سڳورن جي زيارت
جو شرف به حاصل ٿيو هئس.
ٿڌو آسماني رنگ سندس پسند جو رنگ هو، ۽ سندس تربت
تي به چٽن گلن وارين سرن تي، اهو ئي رنگ ڪتب آيل
آهي. پاڻ جيئن ته فطري طور تي فنڪاراڻن گڻن سان
مالا مال هئي، ان ڪري سندس رهڻي ڪهڻي سادي هئي،
سندس شاعري ۽ مصوريءَ ۾ به قدرتي ڏيکن جو عڪس آهي
۽ گڏوگڏ انهن ۾ تصوف جو تمام گهرو فلسفو حل ٿيل
آهي. کيس هڪ بيحد سهڻو مصنوعي گلن جو گلدستو
سوکڙيءَ ۾ مليو هو، جيڪو سندس قبر تي ڪجهه وقت
رکيل هو، پر صحيح سار سنڀال نه لهڻ جي ڪري ڦِڪو
پئجي پنهنجي سونهن وڃائي ويٺو.
پاڻ پيار، ٻاجهه ۽ مامتا جهڙ املهه احساسن جو ساگر
هئي. هر ڪنهن جي ماءُ هئي ۽ هر ڪنهن جي استاد هئي.
موسيقيءَ جي ڄاڻو فيلسوف شاعره امڙ ايلسا، شاهه
سائينءَ جي بيتن کي روح جي گهراين سان، ساڳين سُرن
۾ ترجمو ڪري، اسان سنڌين تي هڪ وڏو ٿورو ڪيو آهي.
سندس وسيع النظري ۽ ڄاڻ جو ڪاٿو
Wisdom in verse
جي پنن اٿلائڻ سان لڳائي سگهجي ٿو. ڪتابن جا سر
ورق به پاڻ تخليق ڪيا هئائين.
اهڙي تنظيم اوس ٺهڻ کپي، جيڪا سنڌ جي لافاني
فيلسوفن، عالمن، دانشورن ۽ فنڪارن جي ڇڏيل مسودن،
ڪتابن، تصويرن، سازن ۽ فن جي ٻين املهه شاهڪارن کي
سهيڙي، انهن تي تخليق ڪري نئين نسل آڏو پيش ڪري،
کين سنئين دڳ لائي. اڄ جو نئون نسل پاڻ به سڃاڻڻ
چاهي ٿو، پر ڪيئن؟ اهو ته وڏائي ٻڌائي سگهندا. امڙ
ايلسا جي پينٽنگز جون پوسٽ ڪارڊ سائيز ڪاپيو ٺاهي،
دنيا جي ڪُنڊ ڪڙڇ ۾ ڦهلائڻ جي به ڪوشش ڪرڻ گهرجي.
آخري ڀيرو امڙ ايلسا ڏانهن تڏهن ويئي هيس، جڏهن
پاڻ سخت بيمار هئي- ۽ هال جي ڀرواري ڪمري ۾، پيلي
مُک ۽ ڏُٻري جسم سان بستري تي ليٽيل هئي. علامه
صاحب جن سخت نراس هئا. ڊاڪٽرن آسرو لاهي ڇڏيو هو.
هرڪو در وٽان ئي پوئتي موٽي رهيو هو. مون کي ائين
پئي ڀاسيو، ڄڻ هتي ڊزن کن ٻار رهندا هئا، جيڪي
ڀنڀورين پوئتان الاءِ ڪاڏي نڪري ويا هئا ۽ ٻهڪندڙ
گهر اُداس ۽ خاموش هو؛ گهڙيءَ گهڙيءَ دک جي ڌٻُڻ
جي گهرائين ۾ غرق ٿيندو پئي ويو- جتان نڪرڻ جا جتن
پئي ڪيائين؛ پر نراسائيءَ جي آڪٽوپس جون ڄنگهون ۽
ٻانهون پنهنجي گهيري کي ويون ٿي وڌيڪ سخت
ڪنديون...
شمس الدين عرساڻي
شنگهور شيدي
(خاڪو)
اڄ کان ٽيهه سال اڳ، هڪ شخص هالا شهر ۾ رهندو هو.
نالو هو ”شنگهور“. شيدي هو، ان ڪري هرڪو ’شنگهور
شيدي‘ سڏيندو هوس، هڪ غريب پورهيت ۽ ڏاڍو ويساهه
وسوڙل انسان هوندو هو. هڏ ڪاٺ جو مضبوط ۽ پنهنجي
ٻَل جي روز تي بار ڍوئيندو هو. اڍائي مڻي ڳوڻ کي
ڪَرائيءَ جي قوت سان اُڇلَ ڏئي کڻندو هو. سادو
کائيندو هو ۽ ٿلهو هنڊائيندو هو. هڪ مزور جي رهڻ
ڪهڻ ۾ ڀلا حسن ۽ آرائش جي هجڻ جو ڪهڙو ٿو سوال
پيدا ٿئي مزوريءَ کان پوءِ جتي اُڀري تِتي وهاڻي!
جهڙي هئي سندس رهڻي ڪهڻي سادي، تهڙي هئي وري سندس
گفتگو بناوٽ کان آجي! مصلحت سازي ۽ موقعي جي نزاڪت
سان ڳالهائڻ جو ڍنگ ته ڄاڻندو ئي ڪونه هو! جيڪي دل
۾ سو زبان تي. جهڙو هو رنگ جو ڪارو، تهڙو ئي دل جو
اُجرو. مزوري ۽ محنت سان تمام سچو هوندو هو، بلڪ
اُها رڳو ڪمائڻ خاطر نه ڪندو هو، پر هر ڪم محنت ۽
شوق سان ڪندو هو.
تڏهن چانهه پيئڻ جو هالن ۾ نئون نئون رواج پيو
هو. گهرن ۾ ماڻهو اڃا چانهه ڪونه واپرائيندا هئا.
وڏن شهرن ۾ هوٽلون وجود ۾ آيون ۽ ماڻهو چانهه فيشن
جي طور پيئڻ لڳا. ائين ڪندي هالن ۾ الله توهار اڃا
نئين نئين هوٽل مارڪيٽ ۾ کولي وئي. هوٽل جي ٻاهران
کٽولا پيا هوندا هئا. شام جي وقت شوقين اچي گڏ
ٿيندا هئا، ڪچهري به ڪندا هئا ته چانهه جو دور به
هلندو هو. هڪ ڀيري سج لٿي مهل ڪنهن ڪنڊ پاسي کان
شنگهور اچي ويهي رهيو. شنگهور کي ڏسي هر ڪنهن کي
چرچو ڀوڳ سُجهي ايندو هو. هونئن ئي وندر خاطر کيس
چوريو ويندو هو ته ڳالهائي. سندس سادي، بنا ور وڪڙ
واري گفتگوءَ کي ٻڌي هرڪو لطف اندوزو ٿيندو هو.
هڪڙي همراهه پڇيس ته:
”اڙي شنگهور، چانهه پيئندين؟“
”اڙي نه بابا نه، باهه ڏينس.“
”ڏاڏا! ڏاڍي چڱي اٿئي، اڄ کڻي چانهه جو ڍُڪڙو
پيءُ.“ ٻئي همراهه پٺڀرائي ڪيس: ”شنگهور، هن شيطان
کي موچڙو، اڄ ته کڻي چانهه پي ڏس.“
شنگهور کي جو ٻن- ٽن ڄڻن زور ڀريو، سو ورچي چوڻ
لڳو:
”اي آهي ڇا! جيڪو تيڪو ڏس، ته چانهه چانهه پيو
گهُري. ننڍڙا هوندا هئاسون، تپ تاءُ ٿيندو هو، ته
اسان آُٻ ڏيندي هئي، هينئر ڏس، ته هرڪو پريان تپيو
پيو اچي ڪاوڙ لاءِ راڙوراڙ لڳي پئي اٿن.“
شنگهور جي ڳالهه ٻڌي سڀني کلي ڏنو، پر ڳالهه سڀني
کي دل سان لڳي.
هڪ ڀيري شهر جو قاضي گذاري ويو. ماڻهو سندس ڪڙم
سان عذرخواهيءَ لاءِ پئي ويا. ايندي ويندي ڪيترا
ماڻهو، جن سان شنگهور منهن ۾ گڏيو هو، سي کيس
چوريندا هئا:
”اڙي شنگهور! تو مان اکين جو ديد صفا نڪري ويو
آهي. قاضي مرحوم جي پٽ سان هلي عذرخواهي ڪري اچ،
دل ۾ ڇا چوندو هيس.“
”اڙي شنگهور! اهڙو بي مهابو ڪڏهن کان ٿئين! قاضي
مرحوم ته کلمک ۽ يارويس هو توسان ته سدائين
کيڪربازي هوندي هيس.“
”ٻيلي چئو سچ ٿا؛ پر مون کي سمجهايو ته سهي، ته
عذرخواهيءَ مهل چئبو ڇا آهي؟“
”چئبو وري ڇا، قاضي ننڍي کي رڳو ائين چئبو، ته
سائين الله بي پرواهه بادشاهه آهي، صبر کانسواءِ
ٻي واٽ ناهي.“
شنگهور نيٺ عذرخواهيءَ لاءِ اچي پٿر تي ويٺو، جتي
ڪافي ماڻهو اڳيئي ويٺا هئا. هو قاضي صاحب ڏانهن
منهن ڪري چوڻ لڳو ”پڻهين بي پرواهه بادشاهه هو، پر
رب پاڪ به ڏاڍو آ، ادا هاڻي صبر ڪبو.“ شنگهور جا
ٻول ٻڌي، ماڻهن کِل روڪڻ لاءِ چپ کڻي ڀڪوڙيا. قاضي
مرحوم جي فرزند به چپن ۾ مشڪي ڏنو. ايتري ۾ تڏي تي
ويٺلن مان هڪ همراهه ڳالهه بدلائڻ لاءِ چيو:
”ڪجهه ڏينهن ٿيا ته مرحوم قاضي صاحب ساڻس گڏجاڻيءَ
وقت چڱو ڀلو هو...“
اڃا هن ايترو مس ڪڇيو ته شنگهور جو وچ ۾ ويٺو هو،
تنهن هڪدم چيو ته: ”هائو سائين بروبر، چوين سچ ٿو؛
اڃا ٽي- چار ڏهاڙا اڳ ۾ بازار ۾ ڏٺومانس، ته ٻارن
سان کشٽ لايو بيٺو هو.“ بس، شنگهور جو ايترو چوڻ ۽
ويٺل کل ۾ ڇٽڪي پيا. قاضي ننڍي به کڻي وات تي
رومال ڏنو.
محرم شريف جو مهينو هو، گھڻن ماڻهن ڪارا ڪپڙا ڪيا.
شنگهور ويچارو هونءَ هر سال ڪارا ڪپڙا ڪندو هو؛ پر
هن ان سال محرم جي ڏهين تاريخ ٿي وئي، پر هن سياهه
پوشي ڪانه ڪئي- ڪارو لباس ڪونه هوس، ڏوڪڙ ڪونه هوس
ته رڱائي، يا ته وري پورهئي کان فرصت ڪانه هيس. ان
تي ڪنهن سنگت واري ٽوڪ طور چيس: ”شنگهور، واهه جو
مومن آهينَ عاشوري جا ڪارا ڪپڙا به ڪونه ڪيا
اٿئي!“ شنگهور ڏاڍي سادگيءَ سان وراڻيو ”ادا چڱو،
تو ته ڍڪيا آهن، تون ڀلي ڍڪ، اسان جي امام دل ڪاري
ڪري ڇڏي آهي. تون ظاهر جو مومن آهين، آءٌ اندر جو
مومن آهيان. جي دل ڪاري هجي، پر ڪپڙا ڪارا نه ٿيا
ته ڀؤ ڪونهي.“ ماڻهو جي اتي ويٺا هئا، تن ۾ ٽهڪڙو
مچي ويو ۽ چيائونس ته:
”شنگهور، چوين ڇا ٿو! دل ته خدا شل ڪنهن جي به
ڪاري نه ڪري.“ ۽ ائين چئي وري کلڻ لڳا. شنگهور
ڪجهه پاڻ سنڀاليو ۽ چوڻ لڳو ته: ”ادا، مطبل ته (هو
مطلب کي هميشه مطبل چوندو هو، جو سندس تڪيه ڪلام
به هو) دل ۾ ڏک هجي، ٻيو ٻاهريون ڏيکاءُ ڪهڙي ڪم
جو؟“
هالن جا ماڻهو، اڪثر ڀٽ شاهه تي جمعي رات راڳ ٻڌڻ
لاءِ سَون جي تعداد ۾ ويندا هئا. شنگهور به پاڻ کي
شاهه جو جمعائي سڏيندو هو ۽ سئون جمعو ڪونه ڇڏيندو
هو. اچي چوڏهين وارو جمعو ته جمعي رات راڳ ٻڌڻ
لاءِ ويل هو. جڏهن موٽي هالن آيو، ته ڪنهن سنگتي
پڇيس ته: ”شنگهور ڏي خبر، ڀٽائيءَ تي ويو هئين؟“
جواب ڏنائين ته ”واهه، جمعو ڪيئن گُسائبو؟ سو به
سهائو!“ تڏهن وري دوست پڇيس ته: ”جمعو چڱو لڳو!“
وراڻيائين ته: ”ادا! خلق ٿي اچي گهڻي، راڳيندڙ
فقيرن جي ويجهو ته جاءِ ملي ڪانه. سو هن جمعي تي
سويل ساجهر هڪڙو تڏو وٺي، فقيرن جي پاٿاريءَ واري
جاءِ جي بنهه ويجهو پکيڙي، جاءِ والاري ڇڏيسين ۽
راڳ شروع ٿئي ئي ٿئي، تنهن کان اڳ وڃي پنهنجي تڏي
تي بي فرحتي ٿي ويهي رهياسين ۽ سڄي رات مزي سان
راڳ ٻڌوسين.“
اهو جواب جن ٻڌو، سي سڀ کلڻ لڳا.
”شنگهور! بي فرحتي ٿي ويٺين، ڪي فرحتي ٿي ويٺين؟“
”ميان، اوهين ته آهيو مولبي (مولوي)، فراتي ڳالهه
مڙئي ساڳي، جهڙي سَٺ تهڙيون ٽي ويهون.“
هالن نون ۾ ميونسپالٽيءَ جا ووٽ ٿيڻا هئا، شنگهور
جو نالو لسٽ ۾ ڪونه هو، سو هڪ اميدوار ڪوشش ڪري
ڪرايو ۽ کائنس واعدو به ورتائين، ته ووٽ مون کي
ڏيندين. شنگهور پڪو واعدو ڪيو. ووٽن جو وقت آيو.
شنگهور جي اميدوارن جو نشان ساهمي جو هو شنگهور کي
نقلي ووٽ پيپر ڏيکاري سمجهايائين ته:
”هيءُ آهي ساهميءَ جو نشان، هن جي ڀرسان آهي هيءُ
خالي خانو، ان نشان جي سامهون توکي منڌيئڙو ڪڍڻو
آهي.“ منڌيئڙو ڪڍي ڏيکاريائينس ۽ کائنس به منڌيئڙو
ڏياري پڪو ڪيائينس. ٻيا به ساڳي وارڊ ۾ ٻه- ٽي
اميدوار هئا، تن به شنگهور کي ڏاڍو ڪَڪَ ڪيو.
چوندو هو ته ”وونٽ ٿيا، جُٺ ٿي.“
آخر ووٽ ڏيڻ لاءِ پولنگ اسٽيشن تي ويو. بئلٽ پيپر
مليس ۽ بوٿ ۾ اندر موڪلي چيائونس، ته هن پينسل سان
نشان ڪڍجانءِ. شنگهور چيو ته ”هائو، هائو، مون کي
فلاڻي ساهمي ڏيکاري آهي.“ چيائونس ته ماٺ ماٺ!
اندر وڃ، پوءِ جنهن کي وڻيئي تنهن کي ووٽ ڏج.
شنگهور اندر ويو ۽ ڏاڍي دير لاتائين، ٻاهر ئي نه
نڪري. آخر چيائونس ته:
”شنگهور، هاڻ نڪر ٻاهر، جلدي ڪر، ووٽر سيڙيا بيٺا
آهن، لاچار نڪتو. سندس اميدوار به ڦري
آيس:”شنگهور، ڀائو ٻڌاءِ ڪٿي منڌيئڙو ڪڍئي؟“
شنگهور ڪاوڙيو بيٺو هو، سو چوڻ لڳو ته: ”ڪڍڻ ئي
ڪونه ڏنائون، ذر ذر چون ته نڪر ٻاهر جلد ڪر. مون
کان ته اڃا هڪڙو پُڙ نڪتو اٿئي، ٻيو ساهميءَ جو
پُڙ ٺاهيم پئي ته ڊوڙائي ڪڍيائون ٻاهر.“ هن جواب
تي ڪير جو کلي. اميدوار پاڻ کلي ڏنو، نه ته هڪ هڪ
ووٽ ڪيترو قيمتي هوندو اهي. شنگهور درويش کي ڪيترا
ئي اپديش ڪيائون، پر وريو ڪي به ڪين. ڪيڏا ڏينهن
شنگهور سان ”وونٽ“ جي باري ۾ چرچا هئا. چوندا هئس
ته: ”شنگهور تون منڌيئڙو ڪڍين ها، هتي ته هئي
ساهمي، سا ڪڍڻ ڏاڍي ڏکي هئي.“
شيدي ماڻهو نماڻا، نهٺا ۽ نياز نئڙت وارا هوندا
آهن، جا ڳالهه ڪنهن کان ڳجهي ڪانهي؛ پر شنگهور ۾
نياز نوڙت ڪجهه سرس هوندي هئي. ڪنهن به وڏيري، سيٺ
سيد يا ڪاموري وٽ ويندو هو، ته هيٺ ويهي رهندو هو.
ڪيتروئي چوندا هئس ته شنگهور مٿي ٿي ويهه، ته اصل
مٿي نه ويهندو ۽ پلٿي ڀڃي هيٺ پٽ تي يا تڏي تي
ويهي رهندو هو. هڪ ڀيري هو هالن پراڻن جي شيخن جي
بنگلي تي ڪنهن ڪم سان ويو دستور موجب هيٺ ويهي
رهيو. شيخ وڏي کيس ڏاڍو چيو ته:
”ابا آءٌ پير سيد ڪونه آهيان، مٿي منجيءَ تي ٿي
ويهه.“
پر شنگهور جواب ڏنو ته: ”نه سائين اوهان جهڙن ڪم
ذاتن جي اڳيان مٿي ويهڻ نه ٿو ٺهي، اسين پٽ تي
ويهڻ ۾ هريا پيا آهيون. اوهين حاڪم اسين غريب
مزور.“
جيڪي به ماڻهو اتي ويٺل هئا، سي کل ۾ کيرا ٿي ويا.
شيخ صاحب پاڻ ٽهڪن ۾ اچي پيو. شنگهور کان پڇيائين:
”شنگهور، اسان ڪم ذاتن وٽ مٿي نه ويهندين؟“ شنگهور
ڏاڍي معصوميت سان چيو ته: ”مري پوان ته به مٿي نه
ويهان. پوءِ ٻين ويٺلن ڏي منهن ڪري چيائين ته:
”آخر کِلو ڪڄاڙي تان ٿا خراب گفتو ڪڍيم ڇا، ڀلي
کلو غريبن تان يار!“
شنگهور مڙس ڏاڍو ڳرو هوندو هو. سندس ٽنگن جون
بُڪيوڻ نه هونديون هيون، پر ٿنڀ هوندا هئا. هلندو
هو ته زمين پئي ڌڏُندي هئي، ڪنهن جي مٿان ٽنگ
رکيائين ته چُري به نه سگهندو هو. پير سدائين
اُگهاڙا هوندا هئس، جُتي ته جليندي ڪانه هيس. پير
اهڙا ته سخت ٿي ويا هئس، جو نه اُس ۾ سڙندا هئس ۽
نه سيءَ ۾ ٺرندا هئا.
شنگهور هالن جي مارڪيٽ ۾ ايندو هو، ته گهڻو ڪري
يارل جي هوٽل تي پيل صندل ٿي اچي ويهندو هو. هڪ
دفعي يارل کي صندل ڪنهن ڪم لاءِ کپندو هو، سو
شنگهور کي چيائين ته: ”شنگهور هتان کٽولي تي ويهه
۽ صندل مون کي ڏي.“ شنگهور وراڻيو ته: ”پوءِ ڀلا
آءٌ اُٿي ٿو بيهان، کٽولي تي ويهندس ته ڀڄي پوندي،
تون ميمڻ ماڻهو، مون غريب تي سَتَو وري پئجي وڃي.“
يارل نه مڙيو ۽ چيائين ته: ”تنهنجي ويهڻ سان کٽولو
ڀڳو ته ٿُڪَ آهي کٽولي کي، تون ويهه، ڀلي ڀڄي.“
شنگهور چيو ته: ضد نه ڪر، منهنجو بار ڪونه سهندو.“
يارل ڏاڍ زور ڪيس. شنگهور لاچار هوريان هوريان
ويٺو ۽ کٽولي جون ٻئي ايسون چَٽُ ۽ شنگهور واڻ جي
جهوليءَ ۾. هاڻي شنگهور کي اُٿاري ڪير؟ هڪڙي هٿ
ڏنس، هٿ وٺي اُٿڻ جي ڪيائين ته اهو هٿ وارو يار به
مٿانس اچي پيو. هڪ قسم جو رؤنشو لڳي ويو. ان کان
پوءِ صندل شنگهور لاءِ رزروڊ هو ۽ کٽولي تي نه پاڻ
ويهندو هو ۽ نه وري ٻيو ڪو ويهڻ ئي ڏيندو هوس.
شنگهور ويچارو مسڪين پورهيت هو. ڏُڌُ ماني مَرڪ
هو. ڪڏهن ڪڏهن شادي مراديءَ جي دعوت، يارهينءَ يا
عرس جي دعوت ۾ پُلاءُ کائي ڍءُ ڪندو هو. هونئن
ڪنهن پاسي اک کڻي به ڪين نهاريندو هو. پنهنجي ڏُڌُ
مانيءَ ۾ خوش هوندو هو.
ڪجهه سالن کان هالن جو شهر چڱو وڌي ويو آهي ۽
مارڪيٽ ۾ رونق به اڳي کان گهڻي آهي؛ پر اڳي به
واپار جو مرڪز اهوئي هو ۽ ساڳيو چهچٽو هوندو هو.
هينئر کڻي پڪ سرا دڪان ۽ مضبوط دِڪان ٺهيل آهن ۽
اڳي ٿلهن تي هَٽَ پکيڙيندا هئا ۽ ڪچي اڏاوت جون
هوٽلون هونديون هيون. ان وقت به هالن جي مارڪيٽ ۾
شام جو ڪبابي ڪباب پچائيندا هئا ۽ پڪوڙائي پڪوڙا
تريندا هئا، کيرڻيءَ وارا کيرڻيءَ جون پياليون
وڪڻندا هئا ۽ ٻيا به ڪيترا گهورڙيا اچي سودو واپار
ڪندا هئا. حاجي عبدالشڪور ڪورما پُلاءُ، يعني ته
پساءُ جو ديڳڙو ڀري، اچي پاٿاري ڪري ويهندو هو ۽
ماڻهو ٻن آنن، چئن آنن ۽ اٺن آنن جو پُلاءُ وٺي
کائيندا هئا. پلاءُ جو ديڳڙو پنجن- ڇهن سيرن جيترو
هوندو هوس، جو خلاص ڪري ويندو هو. هڪ لڱا اڃا حاجي
عبدالشڪور اچي ديڳڙو لاٿو ته ڪنهن شنگهور کي چيو
ته: ”شنگهور، هيءُ ديڳڙو سڄو کائي ويندين؟“ جواب
ڏنائين ته ”ڇو نه؟“ هن چيس ته: ”يار شنگهور، جي نه
کاڌئي؟“ چيائين ته: ”هالن مان لڏي ويندس.“ ”اڙي
ڀورا، کُٽي ٿي کڻئي، سڄي ديڳڙي جو مُلهه تاوڻ پئجي
ويندءِ.“ هو نه مُڙيو، چيائين ته ”شنگهور هل، شرط
لڳي.“ حاجي عبدالشڪور جيڪي پئسا چيا، سي ادا ڪيا
ويا ۽ ديڳڙو ۽ پليٽون شنگهور جي اڳيان رکيون ويو.
شنگهور ٻيهر ديڳڙي تي نظر وڌي ۽ شرط واري کي
چيائين ته: ”ڀائو اڃا به مهل ڪانه وئي آهي، لاهي
ڇڏ شرط جو خيال.“ پر هن چيو ته: ”زبان زبان آهي،
کائي وئين ته توکي مُباح آهي.“ شنگهور پلٿي ماري
ويهي رهيو، تماشائي اچي مڙيا. بسم الله ڪري شروع
ڪيائين ۽ چيائين ته: ”هاڻي بيٺا ڏسو، ڪيترو به وقت
لڳيم، ديڳڙو خالي ڪري ڏيندس، پوءِ ته بس.“ ٿيو به
ائين. ڀلا هن پيلتن مڙس کي پنج- ڇهه سير ڪورمي
پُلاءُ جا ڪٿي ٿا بان ڪرائي سگهن؟ ٻه- ٽي ڪلاڪ لڳس
۽ ديڳڙو خالي ڪري، ڪفگير سان کڙڪايائين ۽ اُٿي کڙو
ٿيو. ڪنهن چيس ته: ”شنگهور، پاڻي ڪو پيتئي؟“
چيائين ته: ”پاڻيءَ جو شرط ڪونه هو، وڻيم هينئر
پيئان، وڻيم پوءِ پيئان، تنهن ۾ اوهان جو ڇا ويو!“
شيدي ملهه وڙهڻ جا به ڪوڏيا هوندا آهن. ڪيترائي
منجهائن ناميارا ملهه ٿي گذريا آهن. شنگهور به بدن
۾ جانٺو هوندو هو؛ پر ملهه کي اصل ويجهو نه ويندو
هو. جيڪڏهن ڪو هروڀرو کيس هوڪاريندو هو، ته چوندو
هو ته: ”ڀلا ٻَڌ سندر لهي اچي ميدان تِي. ملهه جا
انگ ته شنگهور کي ايندائي ڪونه هئا، سو سندري ۾ هٿ
وجهندي شرط، پنهنجي مقابل کي ڇڪي کڻي ڇاتيءَ سان
لڳائيندو هو ۽ وٺي زور ڏيندو هوس، ته ملهه جو ساهه
ٻوساٽجي ويندو هو ۽ وايون ولهڙيون ٿي وينديون هوس
۽ آواز به زبان مان ڪڍي نه سگهندو هو. ٻک مان کڻي
هٿ ڪڍندو هو، يعني ته آڻ مڃيندو هو ۽ شنگهور کڻي
ڇڏيندو هوس ته ڪجهه دير پٽ تي ويندي سهڪندو رهندو
هو. هڪ دفعي هڪ سيد شنگهور کي ڏاڍو تنگ ڪيو ته:
”مون سان ٻک وجهه ته ڏسان ته مون کي ڪئين ٿو
دسين؟“ پر شنگهور هٿ ٻڌي معافي گهري ته: ”قبلا مون
کي معاف ڪر، تون ڏاڍو آءٌ هيڻو.“ ان کان پوءِ ڀيري
ڀيري سان سيد جتي مليس، اُتي نه رڳو شنگهور کي
ملهه وڙهڻ لاءِ هوڪاري پر مٿس چٿرون به ڪري، ڪنهن
پڇيس ته: ”سيد کي ڇو نه ٿو وچڙين؟ روز ٿو توکي
هوڪاري“ شنگهور چيس ته: ”ادا، هو سيد آءٌ اُمتي.
سيد جي ذات بڇڙي، پَٽ تي ڪيرائي هيٺان ڪيانس ته
پَٽي منهنجو پاڙون پَٽي ڪڍي. ٻيلي مان غريب ڊڄان
ٿو.“ شنگهور جي ڳالهه تي ٽهڪڙو مچي ويو، ۽ چوڻ لڳا
ته: ”شنگهور اهو ته ساداتن کي ڳالهائين ٿو سيد جي
ذات ڀلي آهي ڪي بڇڙي؟“ وراڻيائين ته: ”ادا، جيئن
وڻيوَ تيئن سمجهو، سيد جي ذات بروبر ڀلي آهي، ڪير
نٿو مڃي. بڇڙي مان مطبل آهي زورائتي ذات. اويهن
پنهنجون معنائون ڪڍو ته ڀلي، اسين سيد جا غلام
آهيون. اسان جو وڏو ڏاڏو قنبر شيدي مولا عليءَ جو
غلام هو ۽ اسين به غلام آهيون.“
نچڻ ۽ ڳائڻ جا شيدي ڪوڏيا هوندا آهن. شيدي قوم
اڪثر اگوندرا رهندا آهن ۽ هر وقت کلمک ۽ خوش نظر
ايندا آهن. چرچي ڀوڳ سان سندن گهڻو واهپو هوندو
آهي. اهڙيءَ طرح شنگهور به ڳائڻ وڄائڻ ۾ گٿل ڪين
هو. دلو به ڄائيندو هو ۽ دلي بنا ڪن تي هٿ رکي
ڪافيون به ڳائيندو هو. هن هالن جي ڪن ماڻهن کي
سندس ڪافين جا ڪجهه بند اڃا به ياد آهن. اسان جي
سؤٽ مرحوم صلاح الدين کي ته سندس سڄيون سڄيون
ڪافيون ياد
هونديون هيون. هڪ ڪافي چوندو هو ته:
(1) مانيءَ لاءِ من ماندو آهي،
ديڳ ٻوڙ جي کارو مانين جو، ڇهن مڻن جو ڇاندو آ،
مانيءَ لاءِ من ماندو.....
ٻي هڪ ڪافي جا چوندو هو، ان جي پهرين مصرع هوندي
هئي:
(2) سهڻا جي سخت ٿيندين، ته ان مان تون ڇا وٽيندي؟
گهڻو ڪري شنگهور کي ڪير به ڳائڻ جي فرمائش ڪندو هو
ته اهي ڪافيون يا ته وري هيٺين ڪافي ڳائيندو هو:
(3) خوش چڱو ڀلو تازو تڪڙو،
ڀت کائين توڻي ماني- منهنجا جاني.
ساڳ سرنهن، ماني جوئر جي،
اٿئي ميهن جي مهماني، منهنجا جاني!
ڏونڪن جي ناچ ۾ شنگهور ڏاڍو هوشيار هوندو هو،
ڏونڪن جي ٺڪ ٺڪ تي:
نور نور سانڍو،
ماما ماما مار گدڙ کي،
گدڙ مئو پيو آ گس گهيڙَ تي،
ماما ماما مار گدڙ کي ڙي- ماما ماما مار گدڙ کي.
شنگهور جهڙي خوش طبع ويساهه وسوڙل معصوم جون
ڪيتريون ڳالهيون لڳي ڪيتريون لکجن. نهايت سچار
پورهيت هو. هڏ گٺل هئس، جتي هوندو هو ته ٻه هٿ
وجهي ڪم اُڪلائيندو هو. هن جي موجودگي خوشيءَ جو
ڪارڻ بڻبي هئي. ماڻهو سندس گفتار ۽ نقلن تان کلندا
هئا ۽ پاڻ به سدائين خوش راضي ڏسبو هو. ڪنهن کي به
پتو ناهي ته سندس جيءَ سان ڪهڙي تارَ لڳل هئي، ٻي
به ڪنهن شيءِ جي تات تانگهه هوس ڪين نه؟ ان جو سبب
اهو آهي، ته هن به سنڌ جي ٻين عام پورهيتن وانگر
ڪڏهن به پنهنجي غربت جي ڪڙين تي نه سوچيو هو. کيس
پنهنجو وجود رڳو ايترو ۽ اهڙو ئي نظر آيو ۽ ان کان
وڌيڪ سوچڻ سندس لاءِ محال هو. هو هر حال ۾ مست هو
۽ پنهنجي سادي فڪر ۾ خوش!
ائين شنگهور جهڙو کلمک انسان پاڻ کلندو ۽ ٻين کي
کلائيندو رهندو هو. جنهن به مارڪي يا مجلس ۾ هوندو
هو سا هر وقت کلن جي وڄٽ سان پئي گونجندي هئي،
جنهن به گهٽيءَ بازار مان لنگهندو هو ته ڪٿان نه
ڪٿان ٽهڪڙا پيا ڪَن تي پوندا. ائين کلندي کلائيندي
هي سداملوڪ پورهيت، اوچتو ماڻهن جي اکين کان اوجهل
ٿي ويو. ٿيو ائين جو هڪ ڏينهن نماشام مهل مارڪيٽ
ڪيڏانهن مَٽي، بازار ڏانهن تڪڙيون وکون کڻندو پئي
ويو. ڪنهن پڇيس ته: ”شنگهور مخدوم نوح سرور رح جي
درگاهه جي چائنٺ ٽپي اندر ٿيو. ڏيڍيءَ مان لنگهي
اندر ورانڊي تائين پهتو، ته هنئين ۾ ڪا اهڙي سُوٽَ
اُڀريس، جو اتي جو اتي سنئون ٿي ليٽي پيو ۽ سندس
روح جو پکيئڙو آڪاش ڏانهن پَر ڪري اُڏامي ويو.
- شال ڌڻي مٿس مهر ۽ ٻاجهه ڪري.
ترجمي جو ڀاڱو
ادبي
تخليق جو هڪ عظيم دور هميشہ ترجمي جو به عظيم
درو هوندو آهي
ڪڏهن ٻولين تي اهڙو وقت به ايندو آهي، جو ان ۾
کُوڙن جي بنديءَ جو ڇپجڻ به وڏي ڳالهه لکي ويندي
آهي. سنڌي ٻولي اهڙي وقت کي
ڪڏهوڪو
ٻرانگهي آئي آهي؛ پر سمورا خطرا اورانگهجي ويا
آهن، ائين ناهي. سنڌيءَ ۾ ”ترجمي“ جي
اڻاٺ هڪ خطرو به آهي، ته چئلنج به مهراڻ ۾ ترجمي
جو الڳ ڀاڱو ڏيئي اسين ان چئلنج کي قبول ڪري
رهيا آهيون. توهين ان ڏس ۾ ساٿ ڏيندؤ، اها پڪ
اٿم؛ ڇاڪاڻ ته ججهن کنئي ئي ڇپر کڄندو آهي.
ترجمي موڪلڻ سان گڏ هيٺين ڄاڻ موڪلڻ ضروري آهي:
لکندڙ، ايڊيٽر ۽ پبلشر جو نالو؛ ڪتاب ۽ ليک جو
نالو؛ ڪٿان ۽ ڪهڙي سال ڇپيو- - ۽ صفحن جا نمبر.
ترجمو اصل ٻوليءَ تان ڪيو وڃي يا انگريزيءَ تان.
- ايڊيٽر
بابا فريد رحه جا دوها
(پنجابي)
جند ڪنوار، موت گهوٽ، ويندوءِ نيٺ پرڻاءِ،
جوڙي سُرهو سڱ پوءِ، لُڇ پُڇ ڇاجي لاءِ.
جي ڄاڻان سڱ ڇڄِڻوَ، ٻڌان ڏاڍي ڳنڍ،
تون ئي هڪڙو سَچُ اَن، ٻيو سڀ مانڊيءَ منڊ.
فريدا! جي تو مَتِ ڪا، ڪارا ليک نه لک،
نائي نيڻ نهار تون، سُرت اهائي سِک.
ڏس فريدا! ڏس تون، کنڊ به وِههُ ٿي هاڻ،
سٻاجهڙي سائينءَ بنا، سور سليون ڪنهن ساڻ.
فريدا! نيڻ ٿڪي پيا، ٻڌي پچي پيا ڪَنَ،
”شاخن ٻُور ڦُلاربو، نوان موربا پَن!“
The couplets of BaBa FARID: English Translation
Maqbool Elahi, (P. No`s: 3,7,11)
ترجمو امداد حسيني
بلوچي شعر
رحم علي مري
نبي بخش کوسو
(رحم علي مري (اوڻيهن صدي). بلوچيءَ جي قومي شاعر
مير بجار خان مريءَ جو پٽ هو. رحم علي پنهنجي پيءُ
جي حياتيءَ ۾ ئي، ناليرو شاعر لکيو ويو. سندس
شاعري پرماريت خلاف للڪار ۽ آزاديءَ جي اُمنگن سان
ڀرپور آهي. زندگي ڀر اها آس رهيس ته سندس ڏيهه
ٻاهرين جي غلاميءَ مان آزاد ٿئي ۽ سندس مارو
سُڪاريا ٿين. هيءُ قبائلي شاعر هوندي به سردار
پرست ڪونهي. سندس پٽ جاڙو خان اڄ به مرين جو قومي
شاعر آهي. -ن. ب. ک)
ڪجهه ماڻهو
ماڻهون ته مڙيئي ماڻهو،
پر تن مان
ڪي کٽن مٿان
پير پساريو، مزا پيا ماڻينِ
ڪن وٽ نوڪر چاڪر آهن
۽ ڪي خوش مسرور آهن
۽ ڪي ڏک کان چُور آهن
۽ ڪي آڌيءَ رات جو
ڍوڍي جو اڌ به نٿا ڏسن
ڪن کي رکو ٽُڪر به نصيب نه آهي!
پشتو شعر
ارباب هدايت الله خان
نبي بخش کوسو
(ارباب هدايت الله خان، سرحد صوبي جي ارباب ڪٽنب
مان آهي. ايڊورڊ ڪاليج پشاور ۾ پڙهيو. پشتو ادب جي
سيد رسول رسا، فضل حق شيدا، محمد اشرف مفتون، شوڪت
الله خان اڪبر ۽ يونس خان خليل جي نئين شاعريءَ جي
اسڪول سان تعلق اٿس؛ ان اسڪول پشتو ادب کي تون
عالمي لاڙن سان سڃاڻ ڪرائي ۽ کين زلف ۽ عارض جي
دنيا مان ڪڍي، موضوعاتي ۽ حقيقت پسند ۽ مصوراڻي
شاعريءَ ڏانهن آندو. ارباب هدايت الله خان، پشتو
ادب کي سِڀ کان پهرين آزاد نظم سان سڃاڻ ڪرائي.
پشتو ادب ۾ سندس رتبو، سنڌ جي شمشيرالحيدريءَ وارو
آهي. -ن. ب. ک)
ستاري ڏانهن
اي عريان جوهر
تنهنجي روشني
ڪڏهن نه گهٽبي
توڙي رک ۾ ڇو نه لڪائي
ڪارنهن ڇو نه اُڏائي
اُها ڪارنهن سندس منهن ۾ پَسبي
تنهنجي جوڙَ
عجب جوڙَ
تنهنجا نيڻ
مينار روشنيءَ جا
تنهنجا ڳوڙها
ڪرڻا روشنيءَ سندا
ڪاش!
آءٌ به تارو هجان
۽ ان کي پسان
جيڪا تو ۾ پنهنجو مقدر پسي ٿي!
توفيق الحڪيم
ڪرامت
(مصري ڪهاڻي)
فجر جو آکيرن ۾ پکين جي لات شروع ٿيڻ کان اڳ عادت
مطابق پادريءَ جي اک کلي ويئي. هو اٿيو ۽ عبادت
ڪري ديول جي ڪمن ڪارين ۾ مصروف ٿي ويو. اهو پادري
اڀرندي ملڪ جو هڪ روحاني پيشوا هو اتي مذهبي اڳواڻ
هن جي وڏي عزت ڪندا هئا ۽ ماڻهو هن کي اکين ۾
جايون ڏيندا هئا.
پادريءَ جي گهر جي در وٽ هڪ ننڍڙو کجيءَ جو وڻ هو،
جيڪو هن پنهنجي هٿن سان پوکيو هو. هو هميشہ سج
اڀرڻ کان اڳ ان کي پاڻي ڏيندو هو. ۽ جڏهن آسمان
مان سج پنهنجي کجور جهڙي ڳاڙهي ڪني ڪڍي، ماڪ ڀنل
پتن تي پنهنجا ڪرڻا اڇلائي، مٿن پيل چانديءَ جهڙن
ڦڙن کي سونيءَ ڄار سان ڍڪندو هو، تڏهن هن جي ذهن ۾
سج جو خيال پيو ڊوڙندو هو.
جيئن ئي پادريءَ کجيءَ جي وڻ کي پاڻي ڏئي پورو
ڪيو ۽ واپس گهر ڏانهن ٿي ويو ته هن پنهنجي اڳيان
غمگين ۽ پريشان حال ماڻهن جي هڪ ميڙ کي ڏٺو. هڪ
ماڻهو همت ڪري ڏاڍي نئڙت سان پادريءَ کي عرض ڪيو:
’بابا! اسان کي بچاءِ. توکان سواءِ ڪير به اسان کي
بچائي نه سگهندو. منهنجي زال جا پويان پساهه آهن ۽
مرڻ کان اڳ هن اوهان جي آخري دعائن لاءِ التجا ڪئي
آهي؛
’مائي ڪٿي آهي، پُٽَ؟‘
’ڀر واري ڳوٺ ۾ آهي. سواري تيار بيٺي آهي. اوهان
هلو.‘ ان شخص ٻن گڏهن ڏانهن اشارو ڪندي چيو، جيڪي
سنجيا بيٺا هئا.
’پٽ، آءٌ خوشي سان هلندس.‘ پادريءَ وراڻيو. پر
ٿورو ترسو ته آءٌ ڪم مان واندو ٿي ڀائرن کي ٻڌائي
اچان.‘
’نه بابا وقت بنهه ڪونهي.‘ انهن ماڻهن هڪ آواز ٿي
چيو. مائيءَ جو ساهه پيو نڪري. اوهان دير ڪئي ته
هوءَ گذاري ويندي. تنهنڪري جيڪڏهن اسان تي مهرباني
ڪريو ۽ مرندڙ عورت تي رحم ڪريو ته هينئر ئي هليا
هلو. ڳوٺ ڪو پري ڪونهي. ٻنپهرن تائين اتان ٿي
واپس هت پهچي وينداسون.
’جيڪڏهن ڳوٺ ويجھو آهي ته پوءِ هڪدم هلو.‘ پادريءَ
جوشيلي انداز ۾ وراڻيو. هو ٻن گڏهن ڏانهن وڌيو ۽
ماڻهو هن جي پٺيان لڳا. هڪڙي گڏهه تي پادري چڙهي
ويٺو ته ٻئي گڏهه تي مائيءَ جو مڙس. اهڙيءَ ريت
اهو ننڍڙو قافلو تيزيءَ سان پنهنجيءَ منزل ڏانهن
روانو ٿي ويو.
هو ڪلاڪن جا ڪلاڪ هلندا رهيا ۽ پادري هر هر پئي
پڇيو ته ڪٿي هلڻو آهي. پر ماڻهو گڏهن تي چهبڪن جا
وسڪارا ڪندا‘ چوندا رهيا ته ڄاڻ ته پهتا سون.‘ تان
جو ٻپهر اچي ٿيا ۽ پري کان ڳوٺ نظر آيو. ڳوٺ تائين
ايندي ايندي ماڻهن ۽ ڪتن جا ميڙا ٿي ويا ۽ ماڻهن
جي گوڙ ۽ ڪتن جي باهوڙ ۾ پادري ڳوٺ جي هڪڙِي کليل
منهه ۾ اچي لٿو. ڳوٺاڻا پادريءَ کي هڪ وڏي لانڍيءَ
۾ وٺي ويا‘ جتي هڪڙي مائي سنئين سنَئين ٿي کٽ تي
پيئي هئي. مائيءَ جون اکيون ڇت ۾ کُتل هيون.
پادريءَ هن کي سڏ ڪيو‘پر هن ڪوبه جواب ڪونه ڏنو‘
ڇاڪاڻ ته هن جو ته ساهه پئي نڪتو. انهيءَ تي پادري
دعائون پڙهڻ لڳو. هن جيئن ئي دعا پڙهي پوري ڪئي ته
مائيءَ هڪ وڏو ساهه کنيو ۽ سڏڪا ڀري روئڻ لڳي.
پادريءَ کي پڪ ٿي ته مائي جا پويان پساهه آهن ۽
اجھو ٿو ساهه نڪريس. پر مائي پنهنجا پنبڻ ڇنڀيندي
اکيون کوليون ۽ ڪنڌ هيڏاهن هوڏانهن ڦيرائيندي
پڇيو: ’ آءٌ ڪٿي آهيان؟‘
’تون پنهنجي گهر ۾ آهين.‘ پادريءَ حيرت وچان جواب
ڏنو.
’مون کي ٿورو پاڻي ته پياريو.‘
’وارو ڪري پاڻيءَ جو گلاس ڀري اچو؛ مائيءَ جي
چوڌاري بيٺل مٽن مائٽن رڙيون ڪيون. ’اڙي وارو ڪري
دلو ئي کڻي اچو.‘
ڪيترا ئي ماڻهو هڪ ٻئي پٺيان ڊوڙي ويا ۽ جهٽ ۾
پاڻيءَ جو هڪ ڪوزو کڻي آيا. مائيءَ پاڻي پي ڍؤ ڪيو
۽ هڪ اوگرائي ڏيندي چيو:
’ڪو مانيءَ ڳڀو به آهي يا نه؟ مون کي ڏاڍي بُک لڳي
آهي!‘
اهو ٻڌي وري سڀئي هيڏانهن هوڏانهن ڀڳا ۽ مائيءَ جي
اڳيان کاڌي جو ڍير گڏ ٿي ويو. مائي به وئي کائيندي
۽ ڏسندي ئي ڏسندي سڀئي کاڌو کائي وئي. پوءِ هوءَ
کٽ تان اُٿي ۽ هڪ صحتمند ۽ تندرست عورت وانگر پسار
ڪرڻ لڳي. اهو ڏسي ماڻهو ادب ۽ تعظيم وچان پادريءَ
جي پيرن تي ڪِري پيا ۽ هن جا هٿ پير چمي، وڏي واڪ
چوڻ لڳا ته،
”سائين، تون ته ڪو ولي ٿو ڏسجين! تنهنجي دعائن هن
گهر کي روشن ڪيو آهي ۽ مُئل عورت کي جياريو آهي.
تنهنجي انهن مهربانين ۽ نوازشن جا ٿورا اسين ڪئين
مڃون؟“
”مون ته ڪجهه به ڪونه ڪيو آهي، جنهن لاءِ اوهان کي
منهنجا ٿورا مڃڻا پون يا مون کي ڪو انعام ڏيڻو
پوي.“ پادريءَ وراڻيو، جيڪو ان واقعي ڪري اڃا
تائين حيران بيٺو هو. ”اهي ته الله تعاليٰ جا
احسان آهن.“
”اوهان جيڪي وڻيوَ سو چئو.“ گهر جي مالڪ چيو. ”پر
اي خدا جا ولي، اها ته هڪ ڪرامت هئي، جيڪا خدا
تعاليٰ اوهان جي هٿان ڪرائي آهي. اوهان هن غريب
جهوپڙيءَ مان ويل خوشين کي موٽايو آهي، جنهن ڪري
اسان جي وڏي عزت ۽ مان ٿيو آهي. هاڻي مهرباني ڪري
اسان غريبن کي حال سارو پنهنجي خدمت ڪرڻ جو موقعو
ڏيو.“
گهر جي مالڪ هڪدم خُلاصي لانڍيءَ ۾ پنهنجي مهمان
جي رهڻ جو انتظام ڪرايو. ان کان پوءِ پادريءَ جڏهن
به واپس وڃڻ جي اجازت ٿي گهري ته گهر جي مالڪ پيرن
فقيرن جا قسم سُنهن کڻي ٿي چيو، ته جيستائين ٽي
ڏينهن پورا نه ٿيا آهن، تيستائين آءٌ پنهنجي
مانائتي مهمان کي واپس وڃڻ جي اجازت هرگز نه
ڏيندس. ڀلا اهو ٿي سگهي ٿو ته جنهن شخص منهنجي گهر
واريءَ کي موت جي منهن مان بچايو آهي، تنهن کي گهٽ
۾ گهٽ ٽن ڏينهن ۾ هن جي ڏاڍي خدمت چاڪري ڪئي.
مهمانيءَ جو وقت پورو ٿيو ته مالڪ سواريءَ جو
بندوبست ڪيو ۽ مهمان کي گهر ۾ پچايل نان، ڪڪڙيون ۽
کاڌي جون ٻيون شيون سوکڙي ڪري ڏنيون ۽ ديول جي
نذراني لاءِ سؤ روپئي جو نوٽ هن جي هٿ تي رکيو،
پوءِ گهر مان ٻاهر اچي، پادريءَ گڏهه تي لانگ مس
ورائي ئي چڙهيو ته هڪڙو ماڻهو کنگهندو سهڪندو آيو
۽ پادريءَ جي پيرن تي ڪِري پيو.
”بابا، تنهنجي ڪرامت جون ڳالهيون سڀني ڳوٺن ۾
پکڙجي ويون آهن. منهنجو چاچو مرڻينگهه حالت ۾ پيو
آهي. آءٌ هن جي پنهنجي پيءُ کان به وڌيڪ عزت ڪريان
ٿو. هن جي آخري خواهش آهي ته مرڻ کان اڳ اوهان هن
کي دعا ڪريو. مهرباني ڪري هن جي اها خواهش پوري
ڪريو.“
”پر ٻچا، آءٌ ته هاڻي پنهنجي گهر ٿو وڃان.“
پادريءَ بي يقينيءَ وچان وراڻيو ”سائين، هن ڪم ۾
اوهان کي دير ڪهڙي لڳندي. آءٌ اوهان کي ايستائين
ڪونه ڇڏيندس، جيستائين اوهين مون سان گڏجي منهنجي
چاچي وٽ نه هليا آهيو.“ ائين چئي اهو شخص گڏهه جو
لغام جهلي اڳتي وڌيو.
”پر تنهنجو چاچو رهي ڪٿي ٿو؟“ پادريءَ پڇيو.
”سائين، سڏ پنڌ تي گهر آهي، اجهو ٿا پهچون.“
پادريءَ لاچار کڻي ماٺ ڪئي. هڪ ڪلاڪ هلڻ کان پوءِ
نيٺ ٻئي ڳوٺ ۾ اچي پهتا اتي به ساڳي لانڍي نظر
آئي، جنهن ۾ هڪڙو شخص مرڻينگ حالت ۾ کٽ تي پيو هو
۽ هن جا مائٽ هن جي چوڌاري ٻڏتر ۾ بيٺا هئا. پادري
هن جي ويجهو ويو ۽ هٿ کڻي دعا پڙهي مس پوري ڪئي ته
اتي به معجزو ٿي ويو. اهو شخص هڪدم اٿي بيٺو ۽
مانيءَ ۽ پاڻيءَ جو پڇڻ لڳو. اهو حال ڏسي ماڻهن جا
وات ڦاٽي ويا ۽ هنن اتي جو اتي قسم سُنهن کڻندي
چيو ته هن نيڪ انسان جي مهماني ڪرڻ کان سواءِ هن
کي نه ڇڏبو- ۽ مهماني به پورن ٽن ڏينهن جي.
مهمانيءَ جو مدو طرحين طرحين جا طعام کائيندي،
عزتون ۽ مانَ وٺندي پورو ٿيو. پوءِ پادريءَ کي
سوکڙيون پاکڙيون ڏيئي ڳوٺ وارا هن کي ڳوٺ مان
اماڻڻ جي لاءِ روانا ٿيا ته هڪ ٽئين ڳوٺ جو رهاڪو
ڀڄندو آيو ۽ پادريءَ کي ٿوريءَ دير لاءِ پنهنجي
ڳوٺ هلي دعائون ڪرڻ لاءِ چيائين، ڇاڪاڻ ته هن جي
ڪرامتن جي خبر سڄي ملڪ ۾ پکڙجي ويئي هئي.
انهيءَ شخص کان جان ڇڏائڻ پادريءَ جي وس ۾ نه هئي،
جو هو به گڏهه جو لغام وٺي پنهنجي ڳوٺ ڏانهن هليو
۽ پادريءَ کي ڳوٺ ۾ وٺي آيو. اتي وري هڪ نوجوان
هو، جنهن جو هيٺيون ڌڙ سڪو پيو هو، پادريءَ اڃا هن
کي هٿ ئي مس لاتو، ته هو پيرن ڀر اٿي بيٺو ۽
چوڌاري بيٺل ٻارن، جوانن، ۽ ٻڍن جي خوشيءَ مان
هنيل نعرن ۾ هلڻ لڳو. سڀني ماڻهن قسم سُنهن کنيا
ته ان ڪرامت ڪندڙ نيڪ انسان جي مانائتي مهماني ڪرڻ
کان سواءِ کيس نه ڇڏبو. گهٽ ۾ گهٽ ٽي ڏينهن مهماني
جهلبي، جيئن ٻن ڳوٺن وارن ڪيو. مهمانيءَ جا اهي
ڏينهن پورا ٿيا، ته ماڻهو سوکڙيون پاکڙيون کڻي آيا
۽ پادريءَ وٽ اهي تحفا ايترا ته گڏ ٿي ويا، جو ذري
گهٽ سندس گڏهه جي چيلهه چٻي ٿي ٿِي، ٻين ڳوٺن جي
ڀيٽ ۾ هن ڳوٺ جي رهاڪن وڏي سخاوت به ڏيکاري ۽
پادريءَ کي نذراني جا ايترا ته پئسا ڏنا، جو هن وٽ
چار سؤ رپيا گڏ ٿي ويا. پادريءَ اها رقم هڪ
ڳوٿريءَ ۾ وجهي، پنهنجي اندرئين کيسي ۾ لڪائڻ
سوگهي ڪئي. پوءِ هو گڏهه تي سوار ٿيو ۽ پنهنجي
ميزبانن کي پنهنجي ڳوٺ تائين ڇڏي اچڻ لاءِ چيائين.
اهڙيءَ طرح گڏهه تي سوار پادري اڳيان هليو ۽ پٺيان
ڳوٺاڻا پنڌ روانا ٿيا.
”نه رڳو اسان جي ڌن دولت، پر اسان جي جند جان به
تولاءِ حاضر آهي.“ ڳوٺاڻن چيو. ”تون ته اسان لاءِ
هڪ املهه ماڻڪ آهن. جيستائين اسان توکي تنهنجي ڳوٺ
تائين نه پهچايو آهي، تيستائين اسين توکي اڪيلو
ڪونه ڇڏينداسون.
”منهنجي ڪري اوهان سڀني کي ڏاڍي تڪليف پهتي آهي.“
پادريءَ چيو، ”پر رستا سلامت ڪونهن. اوهان کي خبر
آهي ته هر هنڌ چورن ۽ ڦورن جا ٽولا پيا ڦرن.“
”سچ ٿا چؤ.“ ڳوٺاڻن وراڻيو. ”تازو هتي ڏينهن ڏٺي
جو، هنن ماڻهن کي زوريءَ ڀڄايو هو.“
”ان بديءَ کي ٻُنجي ڏيڻ لاءِ ته حڪومت به بيوس ٿي
پيئي آهي.“ پادريءَ چيو. ”مون کي ٻڌايو ويو آهي،
ته ماڻهن کي زوريءَ ڀڄائي ويندڙن جا اهي ٽولا،
ٻهراڙين ۾ لاريءَ جي رستن تي لڪي ويهندا آهن ۽
جڏهن مسافرن جي ڪا لاري اتان لنگهندي آهي، ته ان
کي بيهاري مسافرن کي ڏسندا آهن ۽ جيڪڏهن ڪي آسودا
۽ سکر ماڻهو نظر ايندا اٿن، ته انهن کي زوريءَ پاڻ
سان وٺي ويندا آهن، جيئن انهن جا مٽ مائٽ ڳرو ڀُنگ
ڏئي انهن جي جان ڇڏائين. ڪڏهن ڪڏهن ته انهن لارين
سان گڏ ويندڙ حفاظتي پوليس جي ماڻهن کي به زوريءَ
ڀڄائي ويندا آهن. مون اهو به ٻڌو آهي ته هڪ ڀيري
هڪڙي لاريءَ ۾ مسافرن سان گڏ به پوليس وارا به
هئا. ڦورن انهيءَ لاريءَ کي بيهاري، جن ماڻهن کي
ڦورن جهليو، انهن پوليس وارن کي مدد لاءِ سڏيو، پر
پوليس وارا ڦورن کان اهڙو ته ڊنا، جو هنن ماڻهن کي
چيائون ته ”وڃي پاڻ ۾ سمجهو، اسان کي ڇڏيو ته
ڀڄون.“ |