سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2-  1978ع

مضمون

صفحو :2

سليم ڳاڙهوي

دل

بخت دل ۽ ڀاڳ دل، مهر وارو ماڳ دل،

دل نه ڪو ويران جھنگ، دل جو سهڻو ساٿ سنگ،

پيار جو دل ۾ پساءُ، آءُ منهنجي دل ۾ آءُ!

 

دل عقيدت جو مڪان، دل صداقت جو جھان،

دل ديانت جو شجر، دل سخاوت جو ثمر،

دل جواهر جو جڙاءُ، آءُ منهنجي دل ۾ آءُ!

 

دل جي روحن سان رهاڻ، دل ڪرم ۽ قرب ڪاڻ،

دل دعا جو ساز آهه، دل دوا جو راز آهي،

دل سخا، سچ ۽ سڀاءُ، آءُ منهنجي دل ۾ آءُ!

 

دل ته ڪوئي سنگ ناهه، دل دغا جو دنگ ناهه،

دل حيا جو در، نگر، دل وفا جو گھاٽ گھر،

دل بشر جو ڀيد ڀاءُ، آءُ منهنجي دل ۾ آءُ!

دل سچائيءَ جي قريب، دل صفائيءَ جي قريب،

دل ڪسائيءَ کان پري، دل ڪچائيءَ کان پري،

دل سٺائيءَ جو سٽاءُ، آءُ منهنجي دل ۾ آءُ!

 

دل ذڪا ۽ دل خبر، دل صدا ۽ دل اثر،

دل ڪلي ۽ دل چمن، دل ضيا جي انجمن،

دل ڪثافت کي ڪٽاءُ، آءُ منهنجي دل ۾ آءُ!

 

دل شريعت جي دري، دل طريقت جي دري،

معرفت جي دل امين، دل حقيقت جي زمين،

دل سعادت جو سماءُ، آءُ منهنجي دل ۾ آءُ!

 

دل ۾ نازل رحمتون، دل کي حاصل حڪمتون،

دل محبت جو ڪنول، دل مروت جو عمل،

دل ۾ جنت جو لقاءُ، آءُ منهنجي دل ۾ آءُ!

 

دل جي دنيا خوب خوب، خوب دل محبوب خوب،

دل حرم، دل هيج آ، دل جي سهڻي سيج آ،

دل حلاوت جو هُڳاءُ، آءُ منهنجي دل ۾ آءُ!

 

دل بهارن جي جڳهه، دل نظارن جي جڳهه،

دل سحر، دل روشني، دل خوشي، دل زندگي،

دل نزاڪت جو نماءُ، آءُ منهنجي دل ۾ آءُ!

 

دل ته آ دارالسلام، دل محبت جو مقام،

دل ۾ گلزارن جي هير، دل سڪونت بي نظير،

دل ۾ ناهي تاب تاءُ، آءُ منهنجي دل ۾ آءُ!

 

آب دل، درياهه دل، ساهه دل، ويساهه دل،

دل هُما، دل بادشاهه شهر دل، دل شاهراهه،

دل مسافر، دل پڙاءُ، آءُ منهنجي دل ۾ آءُ!

 

ديپ دل، درپن به دل، دُر به دل، دامن به دل،

عشق کان آگاهه دل، حسن جي همراهه دل،

شمع دل ۽ دل شعاع، آءُ منهنجي دل ۾ آءُ!

 

نور دل ۽ دل سرور، حور دل ۽ دل قصور،

دل ۾ فردوسي فضا، دل ۾ فرحت جي هوا،

ڌوڙڪا ناهي ڌڪاءُ، آءُ منهنجي دل ۾ آءُ!

 

دل سندو دل سان دليل، من جو منزل سان دليل،

گيت دل سنگيت دل، جوت دل ۽ جيت دل،

دل ڪري دل جو تڳاءُ، آءُ منهنجي دل ۾ آءُ!

 

دل نظم ۽ دل نظير، دل اُڪنڊ ۽ دل اُڪير،

صاف دل اوصاف دل، امن دل، انصاف دل،

دل دَيا، ناهي دٻاءُ، آءُ منهنجي دل ۾ آءُ!

 

شيءِ عجائب آهه دل، نينهن ڌاران ناهه دل،

آس دل، ارمان دل، دين دل، ايمان دل،

دل دعا جو رک رکاءُ، آءُ منهنجي دل ۾ آءُ!

 

چنڊ دل، چانڊاڻ دل، باغ دل، سرهاڻ دل،

باغ ۾ پيهي ته ڏس! واس وٺ، ويهي ته ڏس!

سرس سچ، ناهي وڌاءُ، آءُ منهنجي دل ۾ آءُ!

 

سونهن جي سوغات دل، مهر جو محلات دل،

ڪير ٿو دل کي ڪَٿي، جا مڻن کان ٿي مٿي،

سا نه چئجي سير پاءُ، آءُ منهنجي دل ۾ آءُ!

 

موج دل، مهراڻ دل، ماڻڪن جو ماڻ دل،

فيض جو ڦهلاءُ  دل، پيار جو پڙلاءُ دل،

دل ئي مانجھي، دل ئي ناءُ، آءُ منهنجي دل ۾ آءُ!

 

دل خدائي واٽ آ، دل خدا جي لاٽ آ،

دل خدا جو آهه در، دل خدا جو آهه گھر،

بي مثالي بن بناءُ، آءُ منهنجي دل ۾ آءُ!

 

تاب دل، تنوير دل، نقش دل، تصوير دل،

رنگ دل، ۽ ڍنگ دل، چاهه دل، ۽ چنگ دل،

دل عمل ۽ دل اُپاءُ، آءُ منهنجي دل ۾ آءُ!

 

سُونهن دل، سينگار دل، پُور دل ۽ پيار دل،

دل جو بيحد آ بيان، دل جو اڻ کٽ داستان،

دل سمندر جو سماءُ، آءُ منهنجي دل ۾ آءُ!

 

تاج دل ۽ تخت دل، سنگ ناهي سخت دل،

موهه دل ۽ ماهه دل، روح دل ۽ راهه دل،

ڪر نه ڪوئي ڊپ ۽ ڊاءُ، آءُ منهنجي دل ۾ آءُ!

 

ساز دل، آواز دل، مرغ دل، پرواز دل،

برگ دل ۽ بار دل، باغ دل گلزار دل،

سير جو سُڻ ست ستاءُ، آءُ منهنجي دل ۾ آءُ!

 

حسن يوسف جو ڏسي، دل زليخا ٿي پئي،

هوت دل، سسئي به دل، مارئي، سهڻي به دل،

دل ٿي بازي، دل ٿي داءُ، آءُ منهنجي دل ۾ آءُ!

 

بوند، بادل، باد دل، آب سان آباد دل،

اوج آڻڻ واسطي، موج ماڻڻ واسطي،

رک رياضت سان لڳاءُ، آءُ منهنجي دل ۾ آءُ!

 

دل جي حد ناهي حساب، دل سراسر لاجواب،

دل وڏي ۽ دل وسيع، دل شفا ۽ دل شفيع،

دل پکي ۽ دل خلاءُ، آءُ منهنجي دل ۾ آءُ!

 

دوستيءَ جي واسطي، دلبريءَ جي واسطي،

مِهر جي محفل ۾ اچ، دل ۾ اچ ها دل ۾ اچ!

هي جڳهه سهڻو ٽڪاءُ، آءُ منهنجي دل ۾ آءُ!

 

دل ۾ دلبر اچ قريب، تون حبيب ۽ تون طبيب،

درد تون ۽ تون دوا، تنهنجي هٿ منهنجي شفا،

دل جو گھَرو آهه گھاءُ، آءُ منهنجي دل ۾ آءُ!

 

زندگاني هڪ سفر، زندگاني درگذر،

هي زمانو بي بقا، بي بقا ۽ بي وفا،

دل جي دنيا کي جٽاءُ، آءُ منهنجي دل ۾ آءُ!

 

پرت کان پاسو نه ڪر، وير ۾ واسو نه ڪر،

قرب جي ڪر ڪار تون، رحم سک، سيکار تون،

دل ڀلائن جو ڀراءُ، آءُ منهنجي دل ۾ آءُ!

 

نينهن کي نروار ڪر، پيار جو پرچار ڪر،

مهر سان ڇڏ من ڀري، ڪوڙ ڪچ کان ڀڄ پري،

ڪنهن ڏنو ڪنهن کي چتاءُ، آءُ منهنجي دل ۾ آءُ!

 

اچ پڙهڻ سڪ جو سبق، ياد ڪر سچ جو ورق،

قرب جو پڙهه تون ڪتاب، زندگي فاني جناب!

ڪر نه ڪوئي گُس گساءُ، آءُ منهنجي  دل ۾ آءُ!

 

اُس وَڌي، ڌرتي تَتي، ڄڻ ته ڪا دانگي تتي،

جام جھولا، عام لُک، سرس سُور ۽ سرس ڏک،

آدمن ٻاريو آلاءُ، آءُ منهنجي دل ۾ آءُ!

 

هر طرف ڇايو هراس، امن گم، انسان اداس،

زندگي بيتاب آ، --ساڙ جو سيلاب آ،

بندُ هڪ ۽ هڪ بچاءُ، آءُ منهنجي دل ۾ آءُ!

 

هي نصيحت ڪنهن ڪئي، هي هدايت ڪنهن ڪئي،

ٺاهه پنهنجي ٺاهه چال، پال دل ۽ رحم پال،

خار ڪا هرگز نه کاءُ، آءُ منهنجي دل ۾ آءُ!

 

عمر ڀل گذري وڃي، پر نه سچ وسري وڃي،

ڪار انساني ڪجي، ڇو نه قرباني ڪجي،

شوق، شوڪت جو ڇُهاءُ، آءُ منهنجي دل ۾ آءُ!

 

زندگي، زندهه ضمير، مهر سان من ڪر منير،

نور جي انعام لاءِ، پرهه جي پيغام لاءِ،

سِک سهائيءَ جو سٽاءُ، آءُ منهنجي دل ۾ آءُ!

 

ذوق ٿي ويندو ’سليم‘ نينهن ٿي ويندو نديم،

آب سان گڏ گِل ڪجي، ديد سان گڏ دل ڪجي،

ڇا ڪندي واري ۽ واءُ، آءُ منهنجي دل ۾ آءُ!

غلام

ڪافي

هلڻو اٿئي هُن پار

ٻيڙياتا، ڪر ڪا ترت تياري.

اوکي منزل پنڌ اڻائو

اڃا لڳئي پيو واءُ سِڻائو

وِيڻو ونجھ سنڀار،

هوش رکي ڪر تون هوشياري!

لهرون لُڙُ ڪُنَن جا ڪَڙڪا

دريا ڏئي ٿو دل کي دڙڪا

ڪِينَ هِنيُون تون هار،

ڇوڙ تون مڪڙي ڪر لهواري!

سِيرَ ۾ ڪَشتي ڏور ڪنارو

آهي ’غلام‘ کي تنهنجو سهارو

تار منجھان اچي تار،

سهڻل سائين ڪر پوئواري!

سوز هالائي

ڪافي

رات سُتي سانگين جا ولر ۽ وارا ساريم،

پنوهارن جا پکڙا، پَڊ ۽ پاڙا ساريم.

مال وندا ماروئڙا، ڦيرا ڏيو ڦر چارن،

ڏينهن تتي ڏوٿيڙا، انگن اُگھاڙا ساريم.

 

ويس وسڻ جا اوڍي، آگم آئيا  اُڀ تي،

رُڃ ۾ ريهون ڪندا، تڙ تڙ تاڙا ساريم.

 

مينهن موجون لائيون، ٿر بر ٿيون ٿڌڪارون،

ڀُونءِ ڀنل جي ڀر تي، مينهن وساڙا ساريم.

 

لال ليار لامن تان، چونڊيم چوٽ چڙهي،

پيرون پڪا، ڏٿ ڏونرا، گُگو گولاڙا ساريم.

 

منهنجي ليءَ مارن ها، پاند پُسائي ڇڏئا،

سرتين جا ساڻيهه ۾، روڄ ۽ راڙا ساريم.

 

’سوز‘ ۾ تن جي ڪاڻ سڙان، رت رويو روز رڙان،

سرتين سان سک جون راتيون، ڏک جا ڏيهاڙا ساريم.

وائي

اُس اندر ۾ اُڪنڊ اَلا، مِلي مارن سان، کِلي کير پيشان!

اُڀري، اُلٿا ڪيترا، چنڊن پويان چنڊ اَلا.

اُٿي آڌيءَ ويل جو، جيڏيون جوٽن جنڊ اَلا.

ساريان ويٺي سومرا، ويڙهيچن جا ونڊَ اَلا.

آخر لهندا اوچتا، مونجھارا ۽ مَنڊَ اَلا.

ثابت جيڪي سيلَ تي، تن تي ڏوههَ نه ڏنَڊَ اَلا.

امداد چانڊيو

وائي

هيڻو منهنجو هانءُ نه ٿيندو، هيءَ دل ڪانه مڃندي هارَ.

جيون وهه جو ڳنڍڙو بڻجي، توڙي ٿي پئي ماکيءَ لارَ.

ٿاٻو کائي ڪڏهن نه ڪريو، ٽوڙي ڇڏبا ڏانوڻ، ڄارَ.

زنجيرن جو ڇڻڪو هوندو، ڄڻ ڇوڙيندي وينگس وارَ.

وڻ تي ڏار ڪپين ٿو ويٺو، چوڪس ٿي تون اَلهڙ ڌنارَ.

چَپَ ڀِڪوڙي ويهان ڪيئن، ماس پٽن پيا ڏس پرمارَ.

در محمد پٺاڻ

وائي

رات انڌيري چمڪن تارا، ننڊ نهوڙيا ڌرتيءَ وارا.

گھگه انڌيرو گم ٿيا سارا، واٽون واهون، رستا چارا.

سهڻي نڪتي ساهڙ لئي آ، ويرن ڏئي ٿي وير ۾ وارا.

لاٽ اُجھاڻي روشن چهرا، پسجن ڪارنهن کان ڀي ڪارا.

ڪوڏ منجھارئون ڪلهين چايا، مانجھن مڙسن ڄارا کارا.

ڪاڪ جو مالڪ ڪين ڪي آيو، سور ته آيا گڏجي سارا.

بلبل کورواهي

...پيڙا اکر اکر ۾

دونهين منهنجي دلڙي، وجود ورهه وٿاڻ.

ڦلهوريان ڦلهار کي، پر ۾ ويٺو پاڻ.

ڏات ائين آ ڏيهه ۾، ٽاهڙ جيئن ٽهاڻ.

غزل

ميت هلي آ من مندر ۾، ڪيڏي آس اُڪنڊ اندر ۾.

موهت تنهنجي مرڪ  مٿي ٿي، پيار ڪيو مون پنهنجي پر ۾.

سڪ ۾ ساڃهه ئي نه رهي ڪا، رڃ رڳي آ راهه گذر ۾.

جندڙي ساري رُکي رُکي آ، پيار ملي ٿو پل پهر ۾.

قيد ڪئي ٿئي ڪهڙي ڪارڻ، ننڊ نماڻي نينهن نير ۾.

’بلبل‘ ڪيڏي پيڙا آهي، ڀائو، تنهنجي اکر اکر ۾.

نور گهلو

غزل

پاپ نگر ۾ مان وڻجارو، پيار لُٽائڻ آيو آهيان،

روڳن لوڪ رٺل روحن کي، مان ريجهائڻ آيو آهيان.

 

منهنجي جهوليءَ ۾ سندر سپنن جا گيت گلابي آهن،

دل جي سازن کي ڇيڙي، سي گيت سُڻائڻ آيو آهيان.

منهنجي کيسي ۾ ايٽم بم، زهر پڙيون ناهن اي لوڪو!

مون وٽ جيون جو نسخو آ، اُهو ٻڌائڻ آيو آهيان.

 

پورالو من پنهنجو آهي، هيءَ به گهڙيءَ جي آهي مستي،

پور پيو ڪو هليو ويندس، وَٽ ورهائڻ آيو آهيان.

 

’نور‘ مليون جي چاهه جون گهڙيون، تن کي ساهه سمائي مان،

نينهن نڪوري جي جڳ ۾ خوشبو ڦهلائڻ آيو آهيان.

مهيسر ”خادم“ رفيقي

غزل

تن سان ڪهڙا ليکا، سائين،

سڏيا جيڪي سِر جا، سائين.

 

هڪ هڪ پَل ۾ ساجن توکي،

ساريان سَوَ سَوَ ڀيرا، سائين.

 

ساهه سِڪي ۽ تَن ٿو تانگهي،

مون سان ايڏا ويڇا، سائين.

 

توبِن پيارا کامان، پڄران،

سانجهيءَ سور سوايا، سائين.

تنهنجي ڏسڻ سان پاڻهئي ٿيندا،

ميرا مُنهن ڀي اُجرا، سائين.

 

نينهن اسان جو نئون نڪورو،

بخت اسان جا نيارا، سائين.

 

توکي نذراني ۾ جاني،

سڪ جا ڏيندس سجدا، سائين.

 

پيار اسان جو دريا ڇوليون،

برهه ڏئي ٿو ڀڙڪا، سائين.

 

پنهنجي ڏکن جا ماڻهن کي مان،

حال ٻُڌايان ڪهڙا، سائين؟

 

توکي ”خادم“ ڪيئن وساري،

تنهنجا دل ۾ ديرا، سائين.

”شاد“ عباسي

ڪافي

مُحب ڪَيئي مستان!

محبت جي مَئي مونکي پياري!

جادو جانب اهڙو هڻي وئين،

اک ڇنڀ ۾ منهنجي دلڙي کڻي وئين،

هَڻي پنبڻين جا پيڪان،

ناز مان نرمل مونڏي نهاري!

 

’شاد‘ سان سهڻا ڪر نه جدائي،

ڪر ڪا ملڻ جي هاڻ ڀَلائي،

نِينهن ڪَيم نادان؛

جانب جڏيءَ کي وڃ تون جياري!

سدا حيات جلباڻي

جندڙي

جندڙي تات پرينءَ جي،

جندڙي لات پرينءَ جي،

جندڙي بات پرينءَ جي،

جندڙي ذات پرينءَ جي

۽

جندڙي رات پرينءَ جي.

جندڙي

سُرهو سور پرينءَ جو،

پيارو پور پرينءَ جو،

جندڙي نور پرينءَ جو.

جندڙي گهُورَ پرينءَ جي،

جندڙي نيڻ پرينءَ جا؛

ويڻ پرين جا.

 

جندڙي رُت آ ساوڻ جي،

جندڙي خبر پرينءَ جي آنوڻ جي.

جندڙي ڳجهڙي بات پرينءَ سان،

جندڙي پهرين رات پرينءَ سان.

 

جندڙي، موکيءَ پٽي،

ڄڻ ڪا مڌ جي مَٽي.

جندڙي وِههُ ڀريل وَٽي،

ٿُو کٽي، ٿُو کٽي.

 

جندڙي اُجرو اُجرو هنج،

جندڙي ڪارو ڪارو ڪانءُ؛

جندڙي ڀريل ٺريل ڪو گهڙو،

جندڙي ٺَلهو ٺَلهو ٿانءُ.

 

جندڙي سرءُ، سانوڻ، چيٽ؛

رڳو رڻ پٽ؛

سرنهن جو کيٽ.

 

جندڙي پريت،

ڪُريت؛

جندڙي پيار،

ڌڪار.

 

جندڙي ڏاڍ، ڏهڪاءُ،

ڪيس، ڪهڪاءُ.

 

جندڙي ڪو اونداهو دور،

جندڙي جيئن سج ڪڍي ڪَني؛

جيئن ور سان هجي ڪا وَني.

 

جندڙي چانڊوڪي رات،

جندڙي اونداهو ڏينهن؛

جندڙي پريت پراڻي،

نئون نئون نينهن. 

جندڙي ڏُڪر، سُڪر،

ان- داڻو؛

جندڙي ٻيجل جو چنگ،

سُر مومل راڻو؛

جندڙي ننڍي نيٽيءَ جو انگل،

مٺڙيءَ جو ماڻو؛

۽

چيچڙو، گهوٽن ليءَ گهاڻو.

جندڙي ويهه ويهه ويس وڳا،

جندڙي ڄڻ ڪا انگ اگهاڙي؛

جندڙي ڀاءُ جو ڀاڪر،

جندڙي اُڀي ڪهاڙي.

 

جندڙي پنهنجي جو پيار،

ڌارئي جو ڌڪ؛

ڦٽ تي مرهم،

ڇِتي ڪتي جو چڪ.

 

جندڙي سهڻي،

ساهڙ، سيرَ،

ايڏي نفرت جوڳي،

جيڏا ٺوڳي پيرَ.

 

جندڙي مينديءَ رتو هٿ،

ٻَٻر جو ڇوڏو؛

واريءَ جو پنڌ،

هندوري جو لوڏو؛

دلبر جي دوري،

۽ پرينءَ سان گڏ گوڏو.

 

جندڙي ڀِٽ ڌڻيءَ جو بيت،

دوهو ۽ درديلو گيت؛

جندڙي منهنجو مٺڙو ميت.

 

جندڙي ظالم جو زور،

مظلوم جي ڪِيڪَ؛

صراط- مستقيم،

ڏِنگي ليڪ.

رسول ميمڻ

پنهنجي رت جو رڱ

آکيرا-

گهرڙي جي جنم کان پوءِ

هو تپندڙ صحرائن

۽ اڇي برف جي ڪفن ۾ ويڙهيل

وادين جي حالتن موافق

ورهائبو ويو

پيغمبرن جي ڳوڙهن جيان

ڌرتيءَ تي

پر منهنجي قوم کي

وجود جي برقرار رکڻ جي جدوجھد ۽

آڪاش ۾ پرواز ڪرڻ جي خواهش ڪري

نڪري آيا سونهري پر

هو ڪندا آهن پرواز

پنهنجي دلين جھڙي شفاف

لڳندڙ هير ۾

لڏندڙ کيتن مان

پنهنجي چنهنبن ۾ کڻي

سونا روپا داڻا

موٽندا آهن شام جو

صدين کان

ڌرتيءَ جي دامن ۾ ٺهيل

ڪکائن آکيرن ڏانهن

چنڊ

اُڀ جي اداس وستين مان

ساڳيو روز چنڊ تڪي

هن جي ڦٽيل هيڊاڻ ڏسي

مونکي پئي ٿي مونجھ ٿئي

آخر ڪيسين؟

چنڊ پراڻو

ماضيءَ جي ائين ڌوڙ کڻي

ڌرتيءَ جي فضا ۾ ملي

منهنجو ساهه گھٽيندو رهندو

اڀري اڀ ۾ روز ائين

آخر ڪيسين ايندو رهندو؟

 

۽ منهنجو من

کاٻي پڄري

سوچٻي لوچٻي:

هڪ ڏينهن اُڀ ڏي لانگ ورائي

پرزا پاڻ ڪري

پهاڙ ساڻ مٿو ٽڪرائي

چنڊ تي پهچي چهڪ ڏجن

تارن جيترا تير هڻي

پنهنجي رت جو رڱ ڏجي

۽ هي هيڊو چنڊ

لال گلال ڪجي!

ڳولا

او پرين

جڏهن کان تون وڇڙيو آهين.

منهنجي رڙ

ڦٽي نڪتي آهي

اڀرندڙ سج جي

پهرين ڪرڻن جان

تنهنجي ڳولا ۾

مون کڙڪايا آهن

سوين دروازا

۽ کوليا آهن

هزارين گھاٽ ۽ گھٽيون

راهه ۾ ستل انسانن کي جاڳائي

پڇيو آهي تنهنجو

رستي ۾ آيل

قبرن کي کوٽي

ڳولي جيئرا ڪيا آهن مڙهه

غريبن جا

مظلومن ۽ پيڙيل انسانن جا

جيئرو ڪري

سڀ کان پڇيو آهي تنهنجو

۽ تنهنجي ئي پڇڻ لئي

مون جھنجھوڙيا آهن ڪلها

مزدورن جا

هارين جا

۽ آءٌ توکي

ائين ڳوليندو هليو ويندس

دنيا جي ٻيءَ ڪنڊ تائين!

ڪنول لهاڻو

غزل

مان جنم جنم جو جوڳي هان،

ٿو بين وڄايان بن بن ۾.

 

تون منهنجا سُر سنگيت ته ٻڌ،

گھنگھور گھٽائون گيتن ۾.

 

سقراط اسان  جو ساٿاري،

سرمد به سمايل آ مَن ۾.

 

ڏس، سورج منهنجي ساک ڏني،

ٿا ڪاوا چمڪن ڪرڻن ۾.

 

مان پريم نگر جو پانڌيئڙو،

ڇا منهنجو سکڻن سجدن ۾.

فيض پيرزادو

جھوني بڙ هيٺان

جھور جھريل هڪ پوڙهو

چهري جا گھَنج ڳڻي ويٺو

بک ڏُک ۽ ڏاڍ ڏمر جو ڏُتڙيل

ماڻهن کان ڏور- اڪيلي سر

وڻ سان ويٺو سور سلي.

اياز عالم

سنيها ۽ سوکڙيون

تون ۽ مان

هڪ ٻئي کان ڏور

ڏورانهن سامونڊي

ڪنارن جيان

پر سمونڊ جون ڇوليون

هڪ ٻئي پٺيان

ڄڻ سنيها رسائي رهيون آهن

۽ ڇڏي موٽن ٿيون

سنيهن سان

ڪي سوکڙيون

ڪوڏ ۽ سپيون

يادون

ايئن ڇڙوڇڙ

ڄڻ ته مالها جا مڻيا

ڇِڄي وکري ويل!

رسول بخش قريشي

محبت

ڄاڻي ٻجھي، سُڻي سمجھي

ڏسي وائسي

چپن کي نه چورڻ

گونگو بڻجي وڃڻ

گھرجن ۽ خواهشن

جذبن ۽ احساسن

خيالن ۽ اصولن کان منهن موڙڻ

بي حس ٿي وڃڻ

اهو آهي دنيا جو

سڀ کان وڏو

سڀ کان سهڻو

سڀ کان پيارو، نيارو، فريب

يعني: محبت!

ٽيڙو

اعتبار ڪج،

تاريخ جو ورجاءُ-

گڏهن پاتو گَج.

ناگپال

وڇوڙو

آءٌ ڇا لکان، دل جو درد

آءٌ ڇا لکان، جدائيءَ جو ڏنگ

آءٌ ڇا ڪڇان، پيڙا جا پڙلاوَ

آءٌ ڇا ڏسيان، گھڙيءَ گھڙيءَ جا گھاوَ

دنيا جي ڀاشا

اکرن جو سمورو علم ۽ اپيوگ

دل جو درد چئي نٿو سگھجي

لفظ جذبا ٿي نٿا سگھن

سنسار جي ڪا ٻولي

لوڇ ۽ تڙپ ٻڌائي نٿي سگھي

هنيانءَ جا وَڍَ

من جي مونجھ

روح جي رڙ

اندر جا اڌما

اکرن کان اُڪرجي نٿا سگھن

ڪا ڪوتا

تنهنجي جدائيءَ جو ڏنگ ڏيکاري نٿي سگھي

هي وڇوڙو، پيڙا جون بڙڇيون

ڪلپنائن جو ڪوس، آشائن جو انت،

دنيا جون ٻوليون، آهن اڻپوريون

لفظ ٽٽل

قلم ڀڳل


* Cell

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com