سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2-  1978ع

مضمون

صفحو :5

علي بابا

سينَ هنيائون سُڃّ ۾

هُو هاڪڙي جو صدين سُڪل پيٽ وٺيو، هلندو ٿو وڃي. سج- وڙاءِ سامين جي ساٿ پٺيان. ٿر جا سامي ڏسي، هو پنهنجو ماڳ وساري ويٺو آهي. هن کي ته اها به ڪل ڪانه پيئي، ته هن کي ڪهڙي دِشا، ڪهڙي مارڳ وڃڻو هو. بس، سامي ڏسي، مَن ڀنڀرجي ويس: ڪَنَ ڪٽ، ڪن چير ڪاپڙي! اهو به وسري ويس ته ڪهڙي ڪارج آيو هو. بس کڻي پيرا کنيائين، ته سامين جو سانگ ڏسجي؛ پر چوندا آهن ته سامين، جوڳين ۽ ڪاپڙين جو ٿر ٿانوءُ ڪٿي….!

ڏُڪاريل هاڪڙي جو وارياسي پيٽ مان، سامين پٺيان هلندي، هو ٽن ڪوهن کان به مٿي پنڌ پَٽي آيو آهي. چوڏس ڀِٽون ئي ڀٽون، بر بيگان آهي. لکين ڪروڙين سال اڳ، سمنڊ جون ڇڏيل وارياسون ڀِٽون. ٽي سال ساندهه اُٺي جون هوائون ئي ڪين هليون، تنهنڪري، ٿر بر بڻجي ويو آهي. ڏهرين ۾ ڪين ڏهرين مٿان، چوڙيلين جا ڇنل ڇَنا، منَهه ۽ چؤنرا ويڳاڻا بيران آهن ۽ پنڌ ۾ آهن، ڏُڪار کان لاڏاڻا ڪندڙ ماڻهو. ڪنڊن، ڪونڀٽن، ٿوهرن ۽ کارن کٻڙن کان سواءِ ٻيو سڀوڪي ڌوڙ آهي. ساٺيڪن جا مُنهن به لَٽجي ويا آهن. رکي رکي ڀٽن مان گرم باهه جهڙا واچوڙا ٿا اُٿن، ۽ ڏهريون کورن جيان ٻرنديون پيون نظر اچن. ڀٽن مان رت جي بانس پئي اچي ۽ آسمان ۾ آهن لامارا لامارا ڳِجهون ۽ سِرڻيون، جي اُڃ ۽ تئونس کان نِسَتِ ٿي ڪريل ٻڪرين، گائين ۽ رڍن مٿان پيون لامارن سان لهن. ڍور جي پساهه ڏيڻ کان چُهنبون اکين ۾. ڍورن جي ڦٿڪ ڦٿڪان ۽ ڳِجهن جي پَٽ پَٽان. سڄي ٿر ۾ راڙو آهي، ته ههڙو ڏُڪار ڪين آيو. سڄا سارا ٽي سال، ويچارن ٿرين ڪارو ڪڪر به ڪين پَسيو.

هُو دُور بيران ۾ نهاريندو، سامين جي جَٿي پٺيان هلندو، اُڃ کان، ڪُلهن سان لڙڪايل کَليءَ جي ڏؤنر کولي، پاڻيءَ جا ٻه گُلنڀ پي، وري ڏؤنر سان کَليءَ جو مُنهن سوگهو ٻَڌي ٿو. جهولي ۽ لَڪ کان سندس کَل آرايون،- آرايون ٿي، ڦلوڪڻا ٿي وئي آهي. رکي رکي آرايون ٽچڪنس ٿيون، ۽ ٽپهريءَ جو آڳ اَلاو سجُ ڄڻ ٽڪ ٻڌي بيهي ويو آهي. دوزخ ٺاهڻ لاءِ. ڄڻ ڪڏهن ٿڌو ڪين اُلهندو- ۽ سامين جي سفر جي به ڄڻ ڪِٿ پُڄاڻي ڪانهي. سامين پٺيان هلندي، هانوَ. ۾ سوٽون ٿيون اُڀرنس ”وطن...وطن...“ جن ماڻهن ڪاڻ هو وڻ وڻ پيو ووڙي، سي ڪو کيس  سڃاڻيندا؟ سندس ڪو آڌر ڀاءُ ڪندا؟ ماڳهين ڏمرندا، ته ميان ڏٺو ڇا ٿئي، جو پُٺ ئي ڪين ٿو ڇڏين! پنهنجون ڄايون نِپايون ڪين اٿئي ڇا؟  ماڻهو، ماڻهوءَ کان ڇرڪيل، هي ملڪ ٿيو، ڪين راڪاس، برڙباڪاس جو پيٽ؟ بس نهار ئي پهرين، سڄا ٽي ڪوهه وري ڪنهن ننڍڙي ٻار به مُڙي ڪين نهاريو، ته پٺيان ماڙهو رهجي ويو. ڪين ڇا؟ بس، پنهنجو گس، پنهنجو منهن... ٻين سان نڪو سڱ، نڪو سياڪو!

۽ سامي آهن ٻارين ٻچين. جُواڻ، پوڙها، ڪنواريون، ٻارڙيون، ٻارڙا ۽ جُواڻ سهڻا جوڙا، پراڻن ويس وڳن مٿان ته ڇا، پر گودڙين ۽ بُجڪن مٿان به ڀرتن  سچلين ڪوڏين جا جَڙاو... ڪُلهي ڦاٽل ڪنجرين سان عورتون، ڪارائيءَ کان ڪلهي تائين ٻانهين- ساڻ. گڏهن مٿان ڳوڻين ۽ گودڙين ۾ ارڙ، کير، گڊا ۽ اصيل- نانگ لڏيل ۽ هڪ نينگري....جهڙي کپريل بلا! اکين ۾ ايڏو ڪامڻ، ايڏي ڏيا، جو ڏسندڙ جادوءَ ۾ اچي وڃي. ٻور سامايل ماِمڻ، وڏن ڪامڻن آرهن ساڻ ۽ ٻاريتڙين کي پُٺن سان ٻار ٻڌل. تنجيل ٻار ..... رڻ ۽ رائي ۾ ڄاول، ماءُ جي نراڙ سان، اجرڪ جي جهولي ۾ ٻڌل.

جڏهن ٽپهريءَ جي پوئينءَ ويلا ۾، سامين، ڄارين جي هڪ جُهنڊ  هيٺان اچي ڊاٻو ڪيو، ته هُن جون مَتيون موڙهجي ويون ۽ اُڻ تِڻ اورا کورا لڳي ويس، ته هاڻ هو ڪيڏانهن وڃي؟ سامين لاءِ ته جيهو ڪر هن جو وجود ئي ڪينهي؛ پر پوءِ به هو نِرلڄ ٿي، ٿورو وٿيڪو سامهين هڪ ڪنڊيءَ جي هيٺان، ٿُڙ کي ٽيڪ ڏئي، ويهي ٿو وڃي-- ۽ کولڻ لڳي ٿو ٿيلهو، جنهن ۾ بسڪوٽن جو پُڙو آهي. اکيون جَٿي ۾ کّپايو نهاريندو ٿو رهي. ۽ سچ هڪ ڀِٽ جي اوڍر ۾ ڍري ٿو وڃي. ڏسڻ ۾ اچنس ٿيون رڳو سامين جون دونهيون، دودرا ۽ پاڇا، هر پاڇو چِٽو پَٽو ۽ پڌرو، پاڇو هوندي به اَنهريءَ جيان روشن.

الاهين دير کان پوءِ هڪ پاڇو ڏانهنس وڏي ٿو. هو ڏسي ٿو، اڇي ڏاڙهيءَ ساڻ هڪ گيڙوءَ رتو، ڪن چير ڪاپڙي سندس مٿان اچي بيهي ٿو. گنڀرتا سان ڏاڙهي کنهندي چوي ٿو:

”اچي، هي ٻاجهريءَ جي ماني ۽ هي ڳڙ ذرو ...... جيڪي اڳيان، سو پيش پِرَينِ ...“

پوڙهو اُٻاڻڪي منهن سان آيو هو ۽ اُٻاڻڪي منهن سان وڃڻ لڳو هو، پر الائي ڇا سوچيندي، وري، موٽي ٿو اچي، ۽ نج چانڊوڻيءَ رات ۾ سندس ٿيلهي، بوٽن ۽ جين جي پينٽ ۽ جاڪٽ ۾ نهاريندي ڀڻڪي ٿو:

”ڇو پُٽ، هن ڏُڪارين ڏِسائن ۾ ڪهڙو وندر پيو ووڙين؟“

”آئون… آئون اخبارون ڇاپيندو آهيان.“ هو منجهي ڪوڙ ٿو ڳالهائي.

”پوءِ ڏُڪارئي پاسي ڪوهه نٿو وڃين؟“

”سُڪار آهي ڪٿي؟ ۽ اوهان….. اوهان ڪيڏانهن پيا وڃو؟“

”اسان… اسان ته جُڳن کان اها ئي واٽ پيا وڃون… اِهي ئي پراڻا پنڌ، اِهي ئي پيرا…“ سامي اونهو ساهه ٿو ڀري، ۽ مٿاهنس گهري نهار سان نهاريندو، واپس وڃڻ ٿو لڳي، ڪجهه گام پري هلندو، دونهن ۽ دودرن ڏانهن، پاڇولو ٿيندو ٿو وڃي.

هو ساميءَ ۾ نهاريندو پري ٻاجهر جي اڌ مانيءَ مٿانهس رکيل ڳُڙ ۾ نهاري ٿو. ۽ وري پري سامين جي پَڙاوَ ۾ نهاريندو، ڳُڙ ماني کائيندو، سوچن جي ٻوڏار ۾ هليو ٿو وڃي.

”هان.... منهنجي ته تصور ۾ به ڪين هو ته ههڙي ڏُڪار ۾ به ڪو هيئن ٿيندو! هنن جون ريتيون ئي نراليون آهن. هتي، هن پِڙ تي ويٺي، ائين پيو وِسهيم، ڄڻ پراڻا وڃايل گم ٿي ويل ڪال ۽ سال وري موٽي آيا آهن. هتي، هن پرٿويءَ تي، سڀڪجهه پراڻو ۽ سچ آهي. نئون ۽ ڪوڙو رڳو مان آهيان، پنهنجن هنن ڪپڙن جيان، جي هتي جي جهولن کان مون کين نٿا بچائي سگهن.“

هو جاڪٽ ۽ گنجي لاهي، وڻ ۾ ٽنگي ٿو، ۽ ٿيلهي مان نئون نڪور اجرڪ ڪڍي، پَٽ تي وڇائي ٿو، اشانت مَن کي آسيس ڏيڻ لاءِ. پٺين اُگهاڙو، پاڻيءَ ڍُڪ پي، سيرانديءَ کان ٿيلهو ڪري، ليٽي ٿو پوي ۽ تارا تارا اُڀ ۾ اکيون اٽڪائي ٿو ڇڏي.

۽ جيئن جيئن رات وهامي ٿي، سورهينءَ سترهينءَ جي چنڊ رات، جرڪندي ٿي وڃي. ۽ واري سون روپو ٿي، روشن ٿيندي ٿي وڃي. پري پري برف جيان اڇيون ۽ ڌنڌليون ڀِٽون رات جو جهوليءَ ۾ به برفاني چوٽين جي ڏکاءُ ڏين. هونءَ به برپٽ ڪين وارياسي ۾ اکيون ڀنڀلجي وينديون آهن.... ڪڏهن ڪڏهن برپٽ ووڙيندي ائين به ڀاسندو آهي، ته سمونڊ ڇوليون پيو هڻي... ڪڏهن اوماس جي راتين ۾، چوڏس نانهن جهڙا ڏيک ڏسڻ ۾ ايندا آهن. هُو ڪنائي ٿو.... رات جو نوائيءَ ۾ پري ڪٿان ڪو قافلو پيو گذري، اُٺن جي چنگ چُڙن جا آواز نوائي وايو منڊل ۾ ڏور ڪٿان پڙاڏ جندا پيا وڃن. ڏکن ڏولاون جا گيت.

هُو ٿڪ کان چُور سمهي پوڻ ٿو چاهي؛ پر سندس من ۾ الائي ڪهڙا ڪهڙا اُڌما ايندا، کيس جاڳائيندا ٿا رهن ۽ سامي مُرليون وڄائيندا، دودرا دکايو، ڄڻ پرارنٿا پيا ڪن. هن کي ننڊ ڪانهي... ايستائين جو سامين جي سيٻن جا آواز به رات جي ماٺار ۾ لُڙهي ٿا وڃن ڏکڻ کان ايندڙ ٿڌڪار، ٽچڪيل جسم کي اَسيس پئي ڏئي. هُو پاسا ورائي ٿو، ننڊ لاءِ سوچي ٿو پنهنجي اڄ جي پاڳل پڻي لاءِ، ته هن کان هيءَ ڪهڙي حرڪت ٿي، هن کي ته پارڪر وڃڻو هو! آخر هن اُنهن سامين ۾ ڏٺو ڇا... ڇا اها ساري جاکوڙ ۽ ولوڙ ان ڇوڪريءَ کي ڏسڻ لاءِ..... توبهن! سهڻي ته ڪيڏي نه هئي، جهڙي ڪر ديو مالائي ڪهاڻين جي راڄڪماري. اکين ۾ ڪيڏا تيج تجلا ۽ اَهم ۽ الماس هئس! پر هنن سامين جو هيءُ ڪهڙو سانگ آهي، ڪجهه به ٿئي صبح جو آئون ساڻن گڏ وِچڙ ٿي ويندس، آخر ته هي ڪهڙو ويراڳ آهي؟ سندن ڪپڙا ڪيڏا نه ٽريڊيشنل آهن. سنڌ جي کوج لهڻ ڪيڏو نه اوکو ڪم آهي. شايد ئي پرٿويءَ تي سنڌ جهڙو پراسرار ملڪ هجي، رڳو اونهي اک سان سنڌ جي جاگرافيءَ ۽ رهڻي ڪهڻي ۽ بُگن کان هلندڙ ريتن رسمن کي ڏسڻو آهي. ڇا اها پراسرار ڳالهه ڪين هئي، ته اڄوڪي سنڌ ۾، جوڳين جي تاريخ ۾، برٽش دور کان وٺي اڄ تائين ڪو جوڳي ڪورٽ ۾ گهُربل ڪينهي.... ڪنهن وارتا ۾ به نه!

هِتان جا تارا هُتان وڃي ٿا نڪرن. چنڊ به الائي ڪيڏا سفر ڪري، ٻوڏار ۾ پيو وڃڻ جون ڪري، سامين جون دونهيون ڪڏهوڪيون اُجهامي رَکَ ٿي ويون؛ پر هن کي ننڊ ڪانهي- رات جيئن پوءِ ٽِلڪندي ٽمڪندي ٿي وڃي، هو اکيون ٻوٽيون پاسا ورائيندو ٿو رهي.

”تون..... ڪير آهين تون؟“ اچانڪ هو پنهنجي مٿان بيٺل پاڇو ڏسي ڊيهو ٿو ڀري.

”ٻڌاءِ، تو اسان جو پيڇو ڇو ڪيو؟“ پاڇي سمان نينگري سندس آڏو ڪاٺ جيان بيهو ٿي وڃي. تون ساڳيو کونهر وارو آهين نه، ٻڌاءِ...اکين ۾ ڇا ٿي چيئي؟“

”مان سيلاني آهيان، مان پنهنجي واٽ وٺيو پيو وڃان...“

”ڪوڙ، توکي منهنجي ڪامڻ ڪايا ورتو آهي؟“

”....  ..... ......“ هو نينگريءَ ۾ نهاريندو رهجي وڃي ٿو. اوچتو هڪ هڙ سندس اڳيان ڦهڪو اچي ٿي ڪري.

”ٻڌ تون مونک وڻيو آهين مونک ماڻڻ لاءِ هي وڳو پائي اڌوتي ٿي وڃ. ڊڄ نه، ٻڌاءِ ڪيڏو جگر اٿئي؟“

هو موڳاٽجي سامي نينگريءَ ۾ نهاريندو ٿو رهي. کيس سمجهه ۾ نٿو اچي، ته ڪهڙو جواب ڏئي.

”ٻڌاءِ نه، ڪيڏو جگر اٿئي، مونکي ماڻڻ لاءِ هي رُڃ جو سمنڊ جهاڳيندي؟ ٻڌاءِ، ڀٽن ۾ ويلا ۽ چِلا ڪڍندين؟ ڏس، مان تولا ڪيڏا سوڻ ساٺ ڪري آئي آهيان، سڄو لوڪ سُمهاري،“

هُو سامي نينگريءَ جي ڪاون ۽ ڪوڏين جڙيل پولڪا ۽ پڙي ۾ نهاري ٿو. چانڊوڪيءَ ۾ هوءَ ڄڻ ننڊ ولايت جي ديوي ٿي لڳي. راڄاڻ سونهن جو روپ ڏسي، نِڙي سُڪي ٺوٺ ٿيو وڃينس.

”تون ڳالهائين ڪوهه نٿو. ٻُڌاءِ منهنجي پريم، موهه ٽوهه ۾ ڪاپڙي ٿيندي؟ ڪَن چيرائيندين؟ مون کي تو ۾ پورو وشواس آهي- تو اجگر واري ڇَپَ ڇو هنئي آهي؟ هوءَ مٿي تان گندي ڍرڪائي، کيس پُٺ ڏئي ٿي بيهي.

”منهنجي پولڪا جا سڳا اڃا ڪنوارا ۽ اَڇوهيل آهن. توکي ڪهڙا ڊيڄوڙا پيا آهن! سامين سان سڱ ٿو ڪرين ته سامي ٿي، کولي ڇڏ منهنجي پولڪا جا ڌاڳا؛ ڌوئي ڇڏ منهنجو ۽ پنهنجو سارو تن من؛ ڪڍي ڇڏ سارو ڪينو.“ سامي نينگريءَ جي آواز ۾ کيپ ڀرجيو ٿا وڃن. هوءَ اَپڇرا جيئن کيس پُٺ ڏيو، جَواڻيءَ جي کپن ۽ خمارن ۾ ڄڻ وِٽڙجيو بيهي ٿي وڃي، ۽ هو ڪنهن خوفناڪ سوچن جي ٻوڏار مان نڪري، پٽ پيل چُني کڻي، هن جي سامهون اچي ٿو ۽ چُني ٻيهر ڏاڍي موهه سان سندس مٿي تي اوڍائي، کيس کاڏي کان آڱر ڏئي سندس منهن مٿي ٿو ڪري. تون ...... تون آپڇرائن کان وڌ سهڻي آهين، پر آءٌ تولاءِ دنيا تياڳي نٿو سگهان. تون غلط سمجهي آهين .... مون کي ڏاڍو ڏور وڃڻو آهي. پري پري، سُڪارن جي ڳولا ۾.

منهنجي انگ لاءِ تو وٽ ڪپڙا آهن، پر مون وٽ تولاءِ ڪجهه به ڪينهين. جنهن ڏينهن مان تولاءِ پٽ جا ڪپڙا وٺي آيس، اُن ڏينهن تنهنجا سمورا ڌاڳا کولي، توکي پنهنجي اندر ۾ سموئي ڇڏيندس. ساري ڀونءَ سامهون.... سمجهينءَ؟“

”نه.... ٻڌاءِ کونهر مٿان اهڙين اکين سان ڇو ڏٺو هيئي؟ ...ڇو؟ ڇا ماڻهو اَپي کان نڪري ويندو آهي؟“

”ها، شايد مان ڪنهن ڪامڻ ۾ اچي ويو هئيس. جادوءَ ۾.“

”ڪامڻ ۾؟ ... ڪوڙا جي جيءُ کي جادو لڳي ويو هيئي، ته پوءِ مون سان رُڃن ۾ ڀٽڪڻ جي شڪتي تو ۾ ڇو ڪانه جُڙي؟ چئه نه، تو ۾ اها شڪتي ڇو ڪانه جُڙي؟“ سامِڻ ڇوريءَ جي ڇَپرن ۾ لَڙڪ ڄڻ ڇم ڇم ڪندا ٿا اچن.

”شڪتي.... ها ڪانهين، آءُ ڪوهه ڄاڻان پنڌ ڪيچ جو!“

”پوءِ ميار متان رکي اٿئي، ته اک اڙائي، جوڳياڻي ڪچون ڪري وئي! الائي ڪيڏن اوسيئڙن کان پوءِ مون ورُ چونڊيو هو. اڳيا ورتي هئي. هاڻ... اڄ صبح جو سامي مونکي هيڪل ڏسي، ڪاريهر نانگ کان ڏنگرائي ڇڏيندا، ته مون ڪوڙو ورُ ڪيئن چونڊيو؟ منهنجي اکين ڪوڙ تي اَرو ڪيئن ڪيو؟ اَلا... منهنجي نيڻن ته مونک ڪڏهن به دوکو ڪين ڏنو، ڪڏهن ڪُلاپ ڪين ڪيو؟ اَلا ڪٿ وڃي اڙيون...“ هوءَ گڏَڪي گَڏڪي رنڀون ٿي دٻائي ۽ کن لاءِ هو سُن ۾ اچيو وڃي، ۽ کيس دلداري ڏيڻ لاءِ وڌي ٿو، سامِڻ ڇوريءَ کان ڇرڪ نڪريو وڃي:

”نه نه، متان ڇهيو ٿئي.... ٻڌاءِ، ڇو رُڃن ۾ اکيون اڙايئي، پريم جي سبن هنئي هيئي؟ جتان آيو آهين، ونءُ هليو.“

سامياڻي ڏهڪاوَ ڀريل نيڻن سان اندر جا ڄيرا ڇيرا پنهنجي اندر ۾ اوتيندي، بجڪو هن جي پيرن ۾ پيل ڇڏيو. سندس نيڻن ۾ وڏي ڦٿڪاٽ سان نهاريندي، اچانگ اوڇنگارن سان سَٽ ڏئي موٽ ٿي کائي. کن لاءِ هو ڄڻ سراپجي پنڊ پهڻ ٿيو وڃي. اچانڪ ڪو سانگ ساري هو پٺيانهس نهاريندي واڪو ٿو ڪري:

”ترس، نه پوري ڳال نه مهاڙ، ايڏو ڦوڙائو، گيڙوءَ رتو آهيان. جي نيڻن سان گڏ ٻانهن به وڌائي اٿئي، ته پوءِ مون کي به اروڙ جي ٻَنڌ ڀڃڻ ٿي اچي.“

هو سنياسين جيان پنهنجيءَ وڏي اجرڪ جو ٻانڌڻو ڳچيءَ سان ٻڌي ٿو. وڻن ۾ لٽڪيل پنهنجي ڪپڙن ڏانهن نهاري به نٿو. بس، رڳو بجڪو ۽ پاڻيءَ جي کَلي ۽ بسڪوٽ کڻي، پٺيري سانت ڀريل ماٺار ۾ بيهي ويل سامِڻ جي ڪلهي ۾ پاڻيءَ جي کَلي ۽ ٻانهن ۾ ٻانهن اڙايو ساڻس جٽ ٿيو هلڻ لڳي ٿو.

ٻه پاڇا وڃي رهيا آهن.... جوڳين جي دونهين ۽ دودرن ڏانهن، چِٽا پَٽا، ٻه روشن پاڇا اَنهريءَ جيان.

لفظ

گونگا، ٻوڙا ۽ انڌا هوندا آهن. انهن کي چوڻ، ٻڌڻ ۽ ڏسڻ جي سگهه عطا ڪرڻ ليکڪ جو ڪم آهي ۽ ائين هو ’سرجڻهار‘ جي رتبي کي رسي ٿو.

شوڪت حسين شورو

هڪ ڊنل ماڻهو

هو فوٽ پاٿ تي رکيل سيڪنڊ هئند ۽ ردي ڪتابن جي اسٽالن تي واري واري سان بيهندو ڪتاب جاچڻ لڳو. هڪڙي هنڌ هن کي ’گارڊ فادر‘ ناول نظر آيو. قيمت پڇيائين ويهه روپيا. هن حيرت مان اسٽال واري ڏانهن ڏٺو.

”دڪان تي هي ڪتاب اوهان کي چاليهه- پنجاهه رپين ۾ ملندو.“ اسٽال واري چيو ”اهو ته سٺي حالت ۾ هوندو. هن جي حالت خراب لڳي پيئي آهي.“

”اوهان جي مرضي. مشهور ناول آهي. هن تي فلم به ٺهي آهي، جنهن ۾ مارلن برانڊو ڪم ڪيو آهي. پاڪستان ۾ ان فلم تي بندش پيل آهي.“ اسٽال واري پنهنجي معلومات ظاهر ڪندي چيو. هن بنا ڪڇڻ جي ڪتاب اسٽال واري کي موٽائي ڏنو.

هو هلندو ٻئي اسٽال تي اچي بيٺو. ٿلهن نصاب جي ڪتابن ۾ هن نوبو ڪوف جو ناول ’لوليتا‘ پيل ڏٺو. پڪي جلد سان بهتر حالت ۾ هن قيمت پڇي. ڏهه رپيا.

”اٺ رپيا وٺ.“ هن چيو.

اسٽال واري بنا بحث جي ڪتاب ڏئي ڇڏيو. ’لولتيا‘ پڙهڻ جو هن کي گهڻي وقت کان شوق هو. اسٽال واري قيمت گهٽ نه ڪري ها ته به هو وٺي ها.

شام ٿي چڪي هئي. ڪراچيءَ ۾ رات جون روشنيون جڳ مڳ ٻرڻ لڳيون هيون. جارج هوٽل جي اڳيان فوٽ پاٿ تي تمام گهڻي رش هئي. ڪئسٽن جي زور زرو سان وڄڻ جو شور هو. هو ماڻهن جي پيهه ۾ پيسجندو هليو. سندس ساهه ٻوساٽجڻ لڳو. هو سب وي وٽان مڙي ڪئينس روڊ تي آيو. ڪپڙن جي دڪانن جي اڳيان لنگهندي هن کي خيال آيو ته هڪ نئين پتلون ۽ قميص جي لاءِ ڪپڙو وٺي. پگهار جا سمورا پئسا هن جي کيسي ۾ هئا. گذريل مهيني هن جيڪا پتلون ورتي ۽ قميص هئي اها به درزيءَ کان کڻڻي هئي. کيس نَون ڪپڙن خريد ڪرڻ جي ايتري گهڻي ضرورت  ڪانه هئي. هن پنهنجو ارادو بدلائي ڇڏيو. پوءِ سوچيائين ته ڪنهن سٺي هوٽل ۾ ويهي چانهه پيئي ۽ ’لوليتا‘ جا پنا اٿلائي پٿلائي. شام جو عذاب هن کي ڪئين به ڪري سهي گذارڻو هو. هن جي دل ويهڻ لڳي. هو پئراڊائز سئنيما وٽ روڊ ٽپڻ جي لاءِ اچي بيٺو. هڪ عورت به ٽريفڪ بند ٿيڻ جو انتظار ڪري رهي هئي. هن عورت ڏانهن ڏٺو. هوءَ 28-30 سالن جي لڳ ڀڳ هئي. رنگ سانورو هوس ۽ مهانڊو وڻندڙ عورت به هن ڏانهن نهاريو ۽ پوءِ ٽريفڪ کي ڏسڻ لڳي. ٽريفڪ بند ٿي ته هو روڊ ڪراس ڪري فوٽ پاٿ تي آيا. هلندي هلندي عورت وري به هڪ ڀيرو هن ڏانهن ڏٺو. هن کي تجربو ڪونه هو، تنهن هوندي به اندازو لڳايو ته هوءَ پرائيوٽ هئي ۽ گراهڪ جي تاڙ ۾ هئي. هن سوچيو ته ساڻس ڳالهائي ۽ معلوم ڪري ته هن جو اگهه ڪيترو آهي. پر جيڪڏهن هوءَ پرائيوٽ  نه هجي ۽ جيڪڏهن سندس ڳالهائڻ کي خراب سمجهي ته! هو ٻڏ تر ۾ پئجي ويو. کيسي ۾ پگهار جا سمورا پئسا هئا. هو خرچ ڪرڻ جهڙو هو، پر هن کي سمجهه ۾ نٿي آيو ته عورت سان ڳالهائي ڪيئن، ماڻهو نه چڱين ڀلين عورتن کي ڦاسائي ويندا آهن ۽ هو هڪ پرائيويٽ عورت سان به نٿي ڳالهائي سگهيو. هن پاڻ کي همت ڏياري. عورت هن ڏانهن آڏين نظرن سان ڏٺو ۽ هن سمجهيو ته عورت جي چپن تي هلڪي مرڪ هئي. هن سوچيو ته اوسي پاسي ۾ ڪو ماڻهو نه هجي ته پوءِ عورت سان ڳالهائي. عورت ڪنهن به پاسي مُڙڻ کان سواءِ سڌي سڌي هلندي رهي. ريڪس سئنيمان کان اڳتي نيٺ هن کي وجهه مليو. هن دل جهلي وک وڌائي ۽ عورت جي ويجهو اچي ڳيت ڏئي ”هلو“ چيائين. عورت هن ڏانهن ڏٺو ۽ مرڪي پئي.

”هلو،“ عورت وراڻيو. هن جي دل ٿورو وڌي.

”دل ۾ نه ڪريو ته ڪٿي ويهي چانهه پيئون،“ هن کي اهو جملو عجيب لڳو. پر هن کي سمجهه ۾ نٿي آيو ته پرائيوٽ عورت سان ڪئين ڳالهائبو آهي.

”ڀلي،“ عورت چيو.

”وليج هوٽل ۾ ويهون؟“  چرچ جي فوٽ پاٿ تي اچي هن پڇيو.

”اوهان جي مرضي، جتي به هلي ويهو.“

ٻيئي گڏ هلندا وليج هوٽل جي جهوپڙيءَ ۾ اچي ويٺا. ويٽر مينو کڻي آيو. مينو ڏسندي هن پڇيو، ”ڇا گهرائجي؟“

”جيڪي به گهرايو،“ عورت پنهنجائپ مان چيو. هن حيرت مان عورت کي ڏٺو ۽ کيس عجب لڳو، ڄڻ هوءَ سندس پراڻي واقف هئي ۽ هن سڀ سندس مرضيءَ تي ڇڏي ڏنو هو. هن ويٽر کي چڪن سئنڊوچز ۽ چانهه آڻڻ لاءِ چيو.

”جي؟“ هن شروعات ڪرڻ چاهي.

”جي! اوهان ٻڌايو؟“ عورت جون اکيون مرڪڻ لڳيون. هوءَ هڪ سنئين سڌي عورت هئي جنهن ۾ ڪابه غير معمولي ڳالهه ڪانه هئي. نه گهڻو ميڪ اپ ڪيل ۽ نه وري ڪپڙن لٽن ۾ فيشنبل لڳندڙ. هوءَ بلڪل گهرو عورتن جهڙي هئي. پر ڪا مجبوري هئي جنهن هن کي ان ڌنڌي ۾ آندو هو. هن سوچيو.

”توکي گهر وڃڻ جي جلدي ته ڪانهي؟“ هن پڇيو.

”نه. اهڙي خاص جلدي ته ڪانهي،“ عورت وراڻيو.

هن سوچيو ته کائنس پڇي ته تنهنجو گهر ڪٿي آهي، پر اها ڳالهه مناسب نه سمجهي اهڙي عورت پنهنجي گهر جو صحيح نه ٻڌائيندي ۽ پڇڻ مان فائدو به ڪهڙو. ڪجهه نه ڪجهه ڳالهائڻو ته ضروري هو. مسئلو اهو هو ته ڳالهائجي ڇا؟ ۽ هن کي عورت ڪجهه منجهيل پئي لڳي- اهو هن جو خيال هو!

”توکي ميڪ اپ ڪرڻ نه وڻندو آهي ڇا؟

”ڇو؟ آئون ميڪ اپ کان سواءِ سٺي نٿي لڳان ڇا؟“ عورت کلي چيو.

”سٺي ته لڳين ٿي،“ هن عورت جي اکين ۾ نهاريندي چيو.

”ها، تون بنا ميڪ اپ جي وڌيڪ سهڻي ٿي لڳين......“

 هو کلڻ لڳي. ”اهڙيون ڳالهيون نه ڪر جو آءٌ سچ پچ به پاڻ کي سمجهڻ لڳان.“

هو عورت کي ڏسندو رهيو. هن پنهنجي من کي ڪجهه ڳروڳرو محسوس ڪيو. هن چاهيو ته عورت جو منهن پنهنجين هٿن ۾ جهلي هن جي اکين ۾ ڏسندو رهي ۽ انهن ۾ پاڻ کي ڳولي.

”مون کي ائين ڇو ٿو ڏسين؟ آءٌ اهڙي سهڻي ته ناهيان.....“

”آءٌ تنهنجي اکين ۾ ڪجهه ڳوليان پيو.“

عورت کي حيرت لڳي.

”مون تنهنجي ڳالهه نه سمجهي....“

”سمجهڻ جي ضرورت به ڪهڙي آهي ٻن- ٽن ڪلاڪن جي لاءِ هڪٻئي کي سمجهي ڇا ڪنداسين!“ هو گنڀير ٿي ويو.

عجيب ماڻهو آهي. عورت سوچيو. پر هوءَ اها ڳالهه سمجهي نه سگهي ته کيس ڇو هن لاءِ همدردي محسوس ٿي رهي هئي.

ويٽر سئنڊوچز کڻي آيو هو. ٻئي کائڻ لڳا. پوءِ نيپڪن سان هٿ اگهندي عورت چيو ”پاڻ کي ڪٿي هلڻو آهي؟“

”ڇا مطلب؟

”ڪا جاءِ آهي يا هوٽل ۾ ڪمرو وٺڻو پوندو؟“

هو مطلب سمجهي ويو. ”ان جي ڪا ضرورت ڪانهي. پاڻ کي نه ڪنهن جاءِ تي هلڻو آهي ۽ نه هوٽل ڪمري ۾.“

عورت هن کي حيرت مان ڏسڻ لڳي.

”پوءِ تون مون کي وٺي ڇو آيو آهين؟“

”آءٌ توکي ان لاءِ نه  وٺي آيو آهيان،“ هن منهن ڦٽائي چيو. هن ڏٺو ته عورت جي منهن تي مايوسي اچي وئي.

هن کيسي مان پگهار وارا پئسا ڪڍي ٽيبل تي رکيا.

”ٻن- ٽن ڪلاڪن جي لاءِ تنهنجي جيتري في آهي، سا هنن مان کڻي وٺ.“

عورت کي ڪجهه به سمجهه ۾ نه آيو. هن کي اهو سڀ عجيب پئي لڳو. هن جو اهڙي ماڻهوءَ سان ڪڏهن به واسطو نه پيو هو. هن نوٽن ڏانهن ڏٺو ۽ اندازو لڳايو ته هزار کن هوندو. هن ماڻهوءَ ڏانهن ڏٺو، جيڪو بنا نهار جي کيس تڪي رهيو هو ۽ پاڻ الاجي ڪٿي هو، ويٽر آيو ۽ خالي پليٽون کڻي ويو. ٿوري دير ۾ چانهه کڻي آيو.

”نه، مون کي اهڙا پيسا نه کپن،“ نيٺ عورت ڪڇي.

”ڇو؟ آءٌ توکي هي پيسا خيرات ۾ ڪونه ٿو ڏيان. اهي تنهنجي ٻن- ٽن ڪلاڪن جي في آهن.“

”عجيب شخص آهين تون! مون کي سمجهه ۾ نٿو اچي ته تون هروڀرو ڇو مون کي پيسا ڏئي رهيو آهين. توکي مليو ڇا؟“

هن مُرڪي ڏٺو.

”توکي ڪهڙي خبر ته مون کي ڇا مليو. نه، تون اها ڳالهه واقعي سمجهي به نه سگهندينءَ. خير، ڳالهه وهنوار جي آهي. مون تنهنجو وقت ورتو آهي ۽ ان جو عيوضو مون کي ضرور ڀرڻ گهرجي. توکي جيترا مناسب سُجهن اوترا هن مان کڻ.“

”تو وٽ پيسا گهڻا آهن ڇا؟“ عورت چانهه ٺاهيندي چيو.

”گهڻا ته ڪونه آهن. آءٌ معمولي ملازم آهيان. هي منهنجي پگهار جا پيسا آهن.“

”۽ اهي پيسا تون ائين وڃائي ڇڏڻ ٿو چاهين؟“

”جيڪڏهن آءٌ هوٽل ۾ ڪمرو وٺان ها ۽ توکي اتي وٺي هلان ها ته پوءِ سمجهان ها ته مون پيسا وڃائي ڇڏيا، پر هي سڀ آءٌ پنهنجي خوشي سان ڪري رهيو آهيان. مون کي رڳو تنهنجو ساٿ کپي. آئون توسان ڳالهيون ڪرڻ ۽ توسان رستن تي گهمڻ چاهيان ٿو. ان کان وڌيڪ مون کي ڪجهه نه کپي“ هن جو آواز گنڀير ٿي ويو.

عورت اکيون هيٺ ڪري پنهنجن هٿن کي ڏسڻ لڳي.

”تون سمجهندي هوندينءَ ته آءٌ ڪو چريو آهيان.“ هن کلندي چيو.

”نه نه، اهڙي ڳالهه ته ڪانهي،“ عورت  کي پيشماني محسوس ٿي. ”چڱو، پيسا تون پاڻ وٽ رک، مون کي ڪجهه خريد ڪري ڏجانءِ.“

”ها، اهو به ٺيڪ آهي.“ عورت جو هٿ پنهنجي هٿ ۾ ورتو ۽ ان کي ڏسڻ لڳو. پوءِ هٿ کي مٿي کڻي ويجهو آندائين ۽ تريءَ تي پنهنجا چپ رکي ڇڏيائين. هو هر گذرندڙ پَل کي پيئندو رهيو. ويٽر هڪ ڀيرو وري آيو ۽ اندر جهاتي پائي هليو ويو.

”تون اهڙو ڇو آهين؟“ عورت ڀڻڪيو.

”اهڙو ڇا؟“

عورت سوچڻ لڳي ته هوءَ کيس پنهنجي ڳالهه ڪيئن سمجهائي. هوءَ چپ ٿي وئي. هو عورت جي ٻانهن تي ٿڌڙا ڪڍڻ لڳو.

”ٻڌ....“ عورت ڀڻڪار ڪيو.

”چئو؟“

عورت نه ڪڇي.

”ڇا ڳالهه آهي؟ چئين ڇو نٿي؟“ هن هٿ وڌائي عورت جي ٻل تي رکيو ۽ عورت جو ڪنڌ هن جي هٿ تي لڙي پيو.

”تنهنجي زال هوندي! تنهنجا ٻار هوندا!“ عورت هٻڪندي چيو.

”نه منهنجا ٻار آهن ۽ نه مون کي زال آهي.“

”تون بلڪل اڪيلو آهين!“ عورت حيرت مان چيو. ”تنهنجو ڪوبه ڪونهي.“

”منهنجو ڪوبه ڪونهي.“ هن سوچيو ته عورت کان پڇي، ’تون منهنجي ٿيندينءَ؟‘

پر هو چئي نه سگهيو. عورت کي شايد اها ڳالهه ٻڌي همدردي محسوس ٿي هئي. هن سندس هٿ کي هلڪو زور ڏنو.

هن چاهيو ته عورت کان نالو ۽ حال احوال پڇي، پر پوءِ هن اهو خيال بدلائي ڇڏيو. ان سان ڪوبه فرق نه پئي ها. هوءَ هڪ عورت هئي. سندس پاسي ۾ ويٺي هئي. ساڻس ڳالهائي رهي هئي ۽ اهو ئي هن لاءِ ڪافي هو. هوءَ ڪير هئي، اهو پڇي هو ڇا ڪري ها. کيس حاصل ڪجهه به نه ٿيڻو هو. اهي ئي ڪجهه گهڙيون، جيڪي هوءَ ساڻس گڏ هئي، سندس حاصلات هيون. انهن گهڙين کان اڳ ۽ انهن گهڙين کان پوءِ ٻنهي جو هڪٻئي سان ڪو به واسطو نه هو، ڪابه سڃاڻپ نه هئي. هن کي ڪنهن جي ساٿ جي ضرورت هئي. اهو ساٿ جيڪو هن کي ايڏي ساري اجهاڳ شهر ۾ نه ملي سگهيو هو، سو هن پئسن تي خريد ڪيو هو. بس، ان کان وڌيڪ کيس ڪجهه نه کپندو هو

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com