ممتاز مهر
ادب جون ٻه اهم تحريڪون: ڪلاسيڪيت ۽ رومانيت
برک نقاد ايڊمنڊ ولسن پنهنجي ڪتاب
AXELS CASTLE
۾ لکي ٿو: ”اسين هاڻي به ڪلاسيڪيت ۽ رومانيت کي
بحث هيٺ آڻيندا آهيون ۽ جڏهن اسان کي نوان ادبي
مسئلا درپيش هوندا آهن، تڏهن عام طور تي کين انهن
جي ئي روشني ۾ پرکيندا آهيون.“
ادب جي تاريخ ۾ ڪلاسيڪيت ۽ رومانيت ٻه اهم تحريڪون
ٿي گذريون آهن، جن جو اثر جديد ادب تي رهندو ٿو
اچي.
ڪلاسيڪي ادب:
هيءُ اهو ادب آهي، جيڪو پنهنجي اپديت ۽ آفاقيت،
گهَرائي، حسن ۽ صداقت جي ڪري زماني جو طوفانن ۽
انقلابن تي حاوي ٿي ويو هجي. حالتون بدلجن ٿيون،
پر اهڙي ادب جي عظمت ۾ ڪو فرق نٿو اچي. اهو ئي
ڪلاسيڪي ادب آهي جنهن کان لطف اندوز ٿيڻ لاءِ
مزاج، ذوق عمر، ٻوليءَ وغيرهه جا اختلاف به حائل
نٿا ٿين. هن قسم جي ادب تي قلم کڻڻ وقت نقاد به
ڏاڍي خبرداريءِ کان ڪم وٺندا آهن. سافوڪليز جا
ڊراما قديم ڪلاسيڪي ادب جا شاهڪار سمجهيا وڃن ٿا.
ڪلاسيڪي قدرن جا حامي رڳو اهڙين شين کي پسند ڪن
ٿا، جيڪي زماني جي ڪسوٽيءَ تي پوريون اچن ٿيون.
يعني هر اها شيءِ جنهن مختلف دورن ۾ عام قبوليت
حاصل ڪئي هجي، سا اڄ به اسان لاءِ قابل قبول هوندي
آهي. ڪلاسيڪي مزاج رکندڙ هئيت پرست آهن. هو نثر ۽
نظم ۾ تنظيم، تناسب ۽ توازن تي زور ڏيندا آهن ۽
اصول ۽ ڪردار لاءِ نموني (Type)
جي پابنديءَ کي لازمي سمجهندا آهن. فرانسيسي نقاد
بوالو (BOILEAU)
جو چوڻ آهي ته فقط اها شيءِ حسين آهي جنهن ۾ صداقت
هجي. آرٽ جو مقصد آهي خوشي ۽ مسرت جي تخليق ڪرڻ؛
فيصلو اهو ڪرڻو آهي، ته انسان جي فطرت جا اهي ڪهڙا
عنصر آهن، جيڪي دائمي ۽ ۽ عالمگير آهن. اديب جو
فرض آهي، ته هو صفائي، صحت، ترتيب، ضابطي ۽ نفاست
کي پيش نظر رکي؛ ڇاڪاڻ ته فطرت جي تقاضا اها ئي
آهي بوالو جي خيال موجب قديم ادب جي اڀياس سان،
ناپائيدار فرق سمجهي سگهون ٿا.
ڪلاسيڪي اصولن ۾ هئيت (Form)
کي خاص اهميت ڏني ويئي آهي. ڪلاسيڪي اثر هيٺ ليکڪ
جي اها ڪوشش هئي، ته هو جيڪي ڪجهه لکي، خاص طرز ۾
لکي ۽ هئيت جي اصولن جي پابندي ڪري.
ميٿيو آرنلڊ جيڪو ڪلاسيڪي نقطئه نظر جو حامي هو،
پلاٽ ۽ عمل (Action)
کي اوليت ڏئي ٿو ۽ موضوع لاءِ گنڀيرتا کي ضروري
سمجهي ٿو. سندس خيال هو ته رڳو اهي موضوع سٺا
هوندا آهن، جيڪي بنيادي انساني احساسن کي شديد
نموني ۾ متاثر ڪندا هجن. شاعر جو ڪم آهي، ته هو
گنڀير موضوعن کي گنڀير اسلوب (Style)
۾ پيش ڪري.
ڪلاسيڪي اصولن موجب ڏيکاءُ ۽ بناوٽ جي ضرورت
ڪانهي. سادگيءَ ۾ به حسن آهي. گهڻا خيال اهڙا
هوندا آهن جن ۾ صداقت ته هوندي آهي، پر جيئن ته
انهن کي حسن ۽ خوبيءَ سان پيش نٿو ڪيو وڃي، تنهنجي
ڪري پنهنجي اصلي جاءِ کان هيٺ ڪِريو پون. صداقت
لاءِ اهو به ضروري آهي، ته جنهن به نموني ۾ ڪنهن
خيال کي پيش ڪيو وڃي، اهو وڻندڙ، صحتمند ۽ حسن جي
زيورن سان سينگاريل هجي. هر تصور لاءِ تيز لفظن جي
چونڊ ضروري آهي، جن کي خاص ضابطي سان ادا ڪيو وڃي
۽ جنهن لاءِ اديب، فڪر، محنت ۽ رياضت ڪئي هجي.
روماني تحريڪ:
ٺوس ڪلاسيڪي قدرن ۽ ضابطن جي خلاف رد عمل جديد طرز
احساس جي ابتدا هئي. ارڙهن صديءِ جي عقليت پسندي ۽
رائج ڪلاسيڪي ضابطن جي سخت گيريءَ خلاف، انساني
جذبن ۽ احساسن جي حق ۾ رد عمل انهيءَ صديءَ ۾ ئي
شروع ٿيو. ارڙهين صديءَ جي شروعات ۾، عام تصور اهو
هو ته انسان جي امتيازي وصف سندس عقل آهي پر صدي
جي آخر ۾ اهو تصور عام ٿيو، ته انسان جي فطرتي
خاصيت سندس احساس آهن. ظاهر آهي، ته جيڪڏهن انسان
جي فطري ۽ امتيازي خاصيت سندس احساس آهن، ته پوءِ
فن ۽ ادب ۾ انهن جو اظهار فني ۽ ادبي ليکي ويندي.
مشهور انگريزي شاعر ورڊس ورٿ جو چوڻ آهي، ته شاعري
احساسن جي تاريخ يا سائنس آهي، سو اهو تصور ته ادب
۽ آرٽ ذات جو اظهار آهي، ارڙهين صديءَ ۾ شروع ٿيو
۽ ڪنهن نه ڪنهن شڪل ۾ اُڻويهين صديءَ کان ٿيندو
ويهين صديءَ تائين پهتو.
رومانيت (Romanticism)
فرد جي بغاوت هئي. ڪلاسيڪيت (Classicism)
کان هڪ باغيانه انحراف هو، جنهن جو اصولن اظهار تي
سخت پهرو لڳائي ڇڏيو هو. وائيٽ هيڊ (White
Head)
پنهنجي هڪ اهم تصنيف ’Science
and the Modern World‘
۾ لکي ٿو ته ”روماني تحريڪ ان ميڪانيڪي نظريي جي
خلاف رد عمل هئي، جنهن جو ڪارڻ صنعتي انقلاب هو.“
روماني فنڪار ۽ ليکڪ جي ويجهو ڪائنات مشينن کان
وڌيڪ پرسرار آهي ۽ منطقي جبريت (Logical
determinism)
جي طابع ڪانهي. ساڳيءَ طرح انسان جي داخلي زندگي
سادي ڪانهي، اها انيڪ الجهنن ۽ تصادمن سان ڀريل
آهي. انسان جو ذهن ايترو محدود ڪونهي، ان کي
ٿيورين ۾ قيد ڪيو وڃي. لاڪ جي تجربي فلسفي
Empircal Philosophy
۽ تجربي نفسيات (Empircal
Psychology)
جي اثر هيٺ ادب ۽ ادبي تنقيد هڪ نئين واٽ ورتي ۽
ذهن جي تجربي ڪرڻ جو لاڙو پيدا ٿيو.
عام طرح سان چيو ويندو آهي، ته ’رومانيت‘ ادب ۽
زندگيءَ جي فرسوده رسمن جي خلاف بغاوت هئي..
انفرادي احساسن ۽ سوچ جي هڪ سوڀ هئي؛ پر رومانيت
انهيءَ کان به وڌيڪ هڪ پيچيدو معاملو هو، ڇاڪاڻ ته
’رومانيت‘ جا ايترائي قسم آهن، جيترا روماني فردن
جا، پر انهن فردن ۾ ڪي هڪ جهڙيون وصفون هيون، انهن
وصفن جي ميلاپ جو ٻيو نالو روماني ذهنيت آهي.
انهي روماني ذهنيت جي تصور ۽ مفهوم کي سمجهڻ لاءِ
روسو (Rousseau)
کي اڪثر رومانيت جو روحاني ابو ڪوٺيو ويندو آهي.
روسو انفراديت بندي، آزادي، فطرت ۽ انسان سان محبت
۽ جذبي جي قدر افزائيءَ جو قائل هو. هو زندگي کي
لامحدود ۽ ممڪنات سان پُر سمجهندو هو، جنهن ۾ بي
انتها امڪان لڪل هئا. روسو جو چوڻ هو، ته جيڪڏهن
سماج جي تنظيم فطري اصولن موجب ڪئي وڃي، جنهن ۾
فرد جي آزادي برقرار رهي سگهي، ته فرد پنهنجي لڪل
امڪانن کي عملي جامو پهرائي سگهي ٿو ۽ اهڙيءَ طرح
سان سڄي انسانذات جي ترقي ممڪن ٿي سگهندي. روسو جو
چوڻ هو، ته آزاديءَ سان تخليق ڪيل ادب ئي جاندار
ٿي سگهي ٿو. هن جذبي کي عقل کان مٿاهون درجو ڏنو.
ڪن نقادن جو اهو ويچار آهي، ته رومانيت کي
ڪلاسيڪيت جو ضد چوڻ غلط آهي، اها اصل ۾ ان جي
تڪميل هئي. روماني اديبن گهڻن ئي ڪلاسيڪي روايتن
کي ڪونه ڇڏيو ۽ ڪڏهن به ماضيءَ کان پوريءَ طرح سان
بي تعلق ڪونه رهيا. ايترو چئي سگهجي ٿو ته روماني
تحريڪ ادب کي نون خيالن ۽ تصويرن کان واقف ڪيو،
جيڪي ڪلاسيڪي تصويرن کان مختلف هئا.
ذميدار ليکڪ سماج جو سجاڳ ضمير هوندو آهي. سماج کي
پنهنجي ضمير کي سڃاڻڻو پوندو، کيس ٻڌڻو پوندو، کيس
موٽ ڏيڻي پوندي، تيستائين ليکڪ انتظار ڪندو رهندو!
- ممتاز مهر
(س. ا. س پاران ڪراچيءَ 10- مئي 78 تي ساڻس مهايل
شام ۽ ڪيل تقرير مان. روزانه هلال پاڪستان، 13-
مئي 78، ص.5.)
بيدل مسرور (پورٽريٽ)
اولڙا اولڙا، زندگي اولڙا
تازو ’برسات ۾ جڏهن حفيظ شيخ بابت ڇپيل ٻي قسط
پڙهيم، تڏهن مون کي پڻ اها ضرورت محسوس ٿي، جنهن
جو ذڪر مضمون وٺڻ وقت تو به ڪيو هو. سو مان پاڻ
چاهيان ٿو، ته اِن
Study
”اولڙا اولڙا، زندگي اولڙا“ جي مهڙ ۾ ڪو وضاحتي
نوٽ ضروري آهي.
پهرين ڳالهه ته: هيءَ حفيظ جو ڇپيل ۽ اڻ ڇپيل مواد
جو اڀياس آهي، جنهن جي ٽيڪنڪ، اسٽڊيءَ جي چالو
ٽيڪنڪ کان گهڻو مختلف آهي. پراڻي خيال وارا محقق
ان کي پسند ڪن ٿا يا نه، ڪير به پسند ڪري ٿو يا
نه، اهو پوءِ جو مسئلو آهي. بهرحال، حفيظ جو ايترو
مواد مون کي هٿ اچي سگهيو آهي، تنهن جي پڙهڻ کان
پوءِ مون اها اسٽائيل اختيار ڪئي آهي. هن اسٽڊيءَ
۾ حفيظ جيڪي ڪجهه ڳالهائي ٿو، سو هن جي ئي ڇپيل ۽
اڻ ڇپيل مواد کان ورتل
آهي ب. م
ڪيتريءَ دير کان ڪمري ۾ خاموشي ڇانيل هئي. آخري
ڀيري هن وڏو ٽهڪ ڏنو هو، جنهن جو پڙلاءُ رکي رکي
منهنجي ڪنن ۾ ٿي ٻُريو. هو انلارجر جي ڀرسان لفافن
مان نيگيٽو ڪڍي ڏسندو ٿي ويو ۽ پوءِ، ڪجهه ڳالهائڻ
کان سواءِ اٿي ڪمري ۾ ٻرندڙ بلب جو سئچ آف ڪيائين.
ان ئي گهڙيءَ گهگ اونداهي ڦهلجي وئي، ائين جيئن هن
جي ٽهڪ کان پوءِ خاموشي. اونداهه ۾ منهنجو ساهه
ٻوساٽجڻ لڳو، ان اونداهه ۾ به مون کي لڳو ته هو
وڌي وڃي انلارجر جي ڀرسان ويٺو هو، جنهن احساس جي
پڪ تڏهن ٿي، جڏهن ڳاڙهي رنگ جي روشني، ڳوٺ جي
گهٽين ۾ شام جو بيٺل دونهين جيان، ڪمري جي ڪاراڻ
تي ڄمي وئي. پني ڦاڙڻ جو آواز ۽ منهنجي من ۾
اُداسيءَ جو اڀري اچڻ. مون وڏو ساهه کڻي چيو؟“
”نيٺ ايڏي ساري تڪليف پنهنجي سر ڪرڻ مان ڇا حاصل؟“
چئي ته ويٺس، پر مان ائين چئي- - کائنس ٺاهوڪي گار
جو انتظار ڪرڻ لڳس. هن جواب ڏنو، ماٺ جي ماحول ۾
انلارجر جو ڪڏهن ڪڏهن اڀرندڙ کڙڪو- ۽ مان پنهنجي
جواب جو منتظر.
”اڙي- - توکي خبر ناهي ته مان تصويرون به ٺاهي
ڄاڻان.“
”پر، اهي به- چار نيگيٽو ڪنهن دڪان تان به صاف
ڪرائي ٿي سگهئين.“
”ماٺ ڪري ويهه- - ۽...“
”۽ ڇا؟“
”ڀت ۾ لڳل تصوير مان ٻرندڙ گيت ويهي ٻڌ.“
مان ڪاراڻ مائل ڳاڙهي ڳوڙهي روشنيءَ ۾ کيس گهورڻ
لڳس. هو انلارجر ۾ ڪا نيگيٽو رکي، ان جو فوڪس ڪري
رهيو هو. هن ڦاڙيل اڇي ڪارڊ جو ٽڪر ان فوڪس تي
رکيو ۽ اڇي روشنيءَ جي مدد سان پازيٽو جي نه
ڏسجندڙ اُڪر جو يقين ڪري کيس ڊيولپر ۾ وڌو- - مون
کيس ٿورو واندو ڏسي چيو:
”منهنجو مطلب آهي ته پاڻ ويهي ڪا ڪچهري ڪريون.“
”ته هي ڇا- - - پيا.... “
”منهنجو مطلب آهي ته گهڻو وقت کان پوءِ مليا
آهيون، ته ڪجهه ڳالهيون ڪريون.“
”ڇا ڳالهايون؟ ڪهڙيون ڳالهيون ڪريون؟ ڳالهائڻ لاءِ
موضوع ئي ڪهڙا آهن پاڻ وٽ؟- پر مون کي ته ڪجهه
ڳالهائڻو ئي ڪونهي.“
”ڇو- - -؟“ مون کائنس وضاحت لاءِ پڇيو.
”ڇاڪاڻ ته يارن کي يقين ٿي ويو آهي ته حفيظ مري
ويو آهي.“
”ڪير ٿو چوي؟“
”وڏو ثبوت ته مدد علي سنڌيءَ ”اڳتي قدم“ جو ”حفيظ
نمبر“ شايع ڪيو آهي.“
”تنهنجو مطلب آهي ته هنن توکي مئل سمجهي، حفيظ
نمبر شايع ڪري ڏنو آهي.“
”ٻيو نه ته- - هتي جي ڪنهن اداري جو نالو ٻڌاءِ،
جنهن ڪنهن جيئري اديب يا شاعر جو نمبر ڪڍيو هجي.“
”ترس ٿورو غور ڪرڻ ڏي.“
”پئين نه منجهي.“
”نه، منجهيو ناهيان- مان دراصل تنهنجي ڳالهه تي
غور ڪري، جواب لاءِ ذهن تي زور ڏئي رهيو آهيان،
پنهنجن جا پرڪار آهن. ڪجهه بقول تنهنجي، پر مون کي
ياد اچي، سنڌي پبليڪيشن طرفان شيخ عبدالمجيد سنڌي،
غلام مصطفيٰ شاهه وغيره ۽ برسات وارن شيخ اياز
نمبر ڪڍيو آهي- سهڻي طرفان امرجليل ۽ نسيم کرل جا
نمبر نڪتا آهن.“
”انهن ٻن مثالن سان تون مون کي مطمئن ته نٿو ڪري
سگهين پيارا- - تون ئي ٻڌاءِ، جيڪو منهنجي ڪهاڻين
جو مجموعو، توکي پنهنجي خيال مطابق ڪڍڻو هو، سو
اسلم لغاريءَ جي سنڌي اڪيڊميءَ ڇو ڇاپايو؟ چڱو هل
اڳتي، ڇڏ ان ڳالهه کي، ان مجموعي جا پهريان چار
ورق کولي ڏس، ته توکي به يقين اچي ويندو، ته حفيظ
مري ويو آهي.“
”مان تنهنجي ڳالهه کي مڃان ٿو، پر اهي به ’اڳتي
قدم‘ ۾ تنهنجي ئي دوستن جي لکيل تاثرن تان ورتل
آهن، پر ان جي ابتڙ منهنجو پنهنجو خيال اهو هو ته
مان تنوير عباسيءَ کان تنهنجي شخصيت، دوستي ۽ ادبي
خدمت متعلق ڪجهه لکرايان.“
”پوءِ تنوير ڇا چيو؟“
”هن چيو ته مان حفيظ سان شايد پورو انصاف نه ڪري
سگهان.“ هن جو منهن مون ڏانهن هو، سندس پويان
ڳاڙهي روشنيءَ شماع پئي ڪيو، تنهنڪري مان سندس
صورت ڀاوَ پرکي نه سگهيس. ڪجهه دير جيئن جو تيئن
ويٺو رهيو. پوءِ هو مڙيو ڪارين ڪاپين کي ڦولهڻ
لڳو. ٿوري دير جي خاموشيءَ کان پوءِ چوڻ لڳو:
”ڪنهن جو مَڌ ڀريو آواز ٻڌين پيو؟“
”اون هون- - مون کي ته ڪجهه ٻڌ- - ٻڌ هوءَ ڳائي ٿي
پيارا- ڪجهه هن کي به ٻڌ.“
گهڙيءَ لاءِ مان به ساهه منجهائي ڪجهه ٻڌڻ جي ڪوشش
ڪئي. هو به چرپر ڪرڻ کان سواءِ ڪنڌي لاڙي ويٺو
رهيو، ڄڻ واقعي ڪو سريلو آواز ۽ سهڻا ٻول ٻڌي رهيو
هجي- -
جلد ئي وڏو ساهه کڻي پنهنجي منهن چوڻ لڳو:
”جڏهن روح جا ريلا سڪي ويندا آهن، تڏهن؛ نه تو تي
ميار آهي نه مون تي.“ هن جي آواز ۾ درد جو احساس
هو.
”ڇا پيو چوين؟“
هن ڪو جواب نه ڏنو. مون به وڌيڪ کائنس پڇڻ جي ڪوشش
ڪانه ڪئي، ڇو ته مون کي لڳو ٿي ته مان ساڻس ڪجهه
به ڳالهائيندس، ته جواب ۾ روئي پوندو ۽ مون کيس
روئارڻ نٿي چاهيو- - ڪجهه لمحن کان پوءِ ڪمري ۾
وري زندگيءَ جا آثار ڪنن تائين رسيا- هن ڪارين
ڪاپين مان هڪ پازيٽو تصوير ڪڍي مون ڏانهن وڌائيندي
چيو:
”هيءَ تصوير ڏس.“ سندس آواز اڃا به ڳورو هو. مان
اٿي وٽس ويس ۽ ان ڳاڙهي روشنيءَ ۾ تصوير کي ڏسندي
پڇيم:
”ڪنهن جي آ؟“
”ماڻهين جي.“ هن جي لهجي ۾ خار هئي.
”پر پيارا، منهنجي ماءُ ته مري وئي آ.“
”ته مان ڪڏهن ٿو چوانءِ ته جيئري آ.“
”پر هي نقش منهنجي ماءُ جا ته ناهن.“
”سڃاڻ نه- -“
”مان نٿو سڃاڻي سگهيانس.“
”تنهنجي پاڙي جي ٿي.“
”مون ڪانه ڏٺي آ.“
”ته تو ڏٺو ڇا؟“
”منهنجي عمر ئي ڇا هي جو مان ڪجهه ڏسڻ جي هام
هڻان.“
”هون-“ هن وڏو ساهه کنيو، مون ڏانهن نهاري وري چوڻ
لڳو: ”تصوير کي پنهنجي ئي هٿ ۾ رک- - ۽ کائنس پڇ -
- سڀڪجهه اها تصوير پاڻ ئي ٻڌائيندي توکي؟“
”پر پيارا- - تصوير به ڪڏهن ڪنهن سان ڳالهايو
آهي.“
”ها پيارا- - جيئرن جاڳندن ماڻهن جا وات سبيل
هوندا آهن، اکيون هوندي به منجهن ساڃاءِ نه هوندي
آهي، پڙهيل ڪڙهيل ذهنن تي به تالا لڳل هوندا آهن-
- ڪيئن هزارين انسان منهنجي ڪهاڻيءَ ’فقير رمندا
رهن ٿا‘ جي فقير جيان ڄمندا آهن ۽ هڪ ڏينهن فٽ پاٿ
تي مئل نظر ايندا آهن، اهي پنهنجي جيئري ڪجهه به
ٻڌائي نه سگهندا آهن- اهڙا انسان مرڻ کان پوءِ
ڪهاڻيون بڻجي ويندا آهن- ۽ جيڪي ماڻهو ڳالهائڻ
چاهيندا آهن، جيڪي ڪجهه ڪرڻ چاهيندا آهن، انهن سان
جيڪا جُٺ هيءُ ماحول ڪري ٿو، تنهن جي ڄاڻ ڪنهن کي
ناهي ڇا؟“
”پر مان هن تصوير کان ڇا پڇان؟“
”ڀُوڪ، پهرين ته اهو پڇينس ته تون آهين ڪير.“
”مون کي ته ڪا عورت ٿي لڳي- - جنهن کي نظر جي عينڪ
پئي آهي.“
”هن جي عينڪ جي شيشن مان هن جون واجهائيندڙ نگاهون
نٿو ڏسي سگهين ته ڏي مون کي واپس.“ هن مون کان
تصوير کسي ورتي.
”پوءِ مون کي ٻڌاءِ ته سهي ته آهي ڪير.“
”دل ته چوي ٿي ته لک سؤ گاريون ڏيان، پر هٿ ۾
جهليل هن عظيم عورت جي تصوير جي احترام کان ڪجهه
نٿو چوانءِ. وڃ، وڃي هوڏانهن ويهه.“ هن جي لهجي ۾
چڙ هئي، بيزاري هئي- - مان اٿيم ۽ کيس چيم:
”بتي ٻاريان؟“
”تنگ نه ڪر پيارا.“
ڪمري ۾ ساڳي خاموشي ڇائنجي وئي. تصوير هن جي هٿ ۾
هئي. ڪجهه منٽن کان پوءِ هو پنهنجي منهن ڀڻڪڻ لڳو.
”هيءَ روشن آهي پيارا-“ هن جي آواز ۾ سڏڪا شامل
هئا، ”هن ۽ منهنجون گهڻي ئي ڪڙيون ۽ مٺيون ڳالهيون
مشهور آهن-“ هڪ لمحي لاءِ هو چپ ٿي ويو- پوءِ چوڻ
لڳو: ”هڪ ڀيري عبدالحق عالماڻيءَ منهنجي ڀيڻ جي
سامهون هن جو نالو ورتو، ته منهنجي اندر مان ڪا
چيڪ اڀري وئي هئي، تنهن وقت منهنجي ڀيڻ مون کي چيو
هو، تون ته ڪو چريو آهين، مئلن سان به ڪي رشتا
ٿيندا آهن- - تڏهن عالماڻيءَ منهنجي اکين ۾ آلاڻ
ڏسي پنهنجي اکين ۾ چرپر محسوس ڪئي هئي، پر منهنجي
ڀيڻ چوڻ لڳي- اڙي تون ته سچ پچ بيوقوف آهين، حديث
۾ آهي ته مئل لاءِ ڏک ڪبو ته انهيءَ جي روح کي
تڪليف پهچندي تڏهن- تڏهن ئي ته شايد مون ائين چيو
هو، ته مئلن کي نٿو وساري سگهجي- جيئرن سان ڪو
سانگو نٿو رکي سگهجي- پوءِ به پيار ڇو آهي؟ اڪير
ڇو آهي؟ اوسيڙو ڇو آهي؟ اهو سڀ ڪجهه ڦرجي ڇو ڪونه
ٿو وڃي؟ لُٽجي ڇو نٿو وڃي؟ پابنديون- حدبنديون،
آخر توهان ماڻهو- ميرا من ۽ اُجرا چهرا کڻي
ڪيستائين مذهب جي نالي ۾ ڪوڙ پکيڙيندا رهندا؟ مون
کي ياد آهي ته منهنجي ڀيڻ چڙي چيو هو: ’سالا
ڪميونسٽ، توهان وڏا حرامي آهيو، روز محشر ۾ تو
جهڙا دوزخ جو ٻارڻ ٿيندا. تون اچين ٿو ته اسان جي
گهر ۾ رحمت جا فرشتا به پير ڪونه ٿا رکن‘ مان- ان
ڀيڻ جي گهران نڪري وڃڻ مناسب سمجهيو ۽ ويندي مون
ڀيڻ کي چيو هو، ته ”فرشتا ضرور ايندا تنهنجي گهر
۾، پر ڀاءُ بڻجي ڪونه ايندا.“ ائين چئي هو چپ ٿي
ويو. بي سبب ڪارين ڪاپين کي هيٺ مٿي ڪرڻ لڳو، چوڻ
لڳو ”مون پنهنجي ڀيڻ خديجه کي پنهنجي زندگي سنوارڻ
جي حق ۾ آزادي ڏئي ڇڏي هئي، جنهن جو مون پنهنجي
ڪهاڻيءَ ”ساگر جي لهرن تي“ ۾ ذڪر ڪيو آهي، پر تو
ٻڌو نه- ڀيڻون پنهنجي گهرن تڙن واريون ٿي وڃڻ کان
پوءِ، ڀائرن کي ڪيئن نه بيوقوف ۽ گهٽ سمجهڻ ٿيون
لڳن. ڏوهه انهن جو به ناهي. دراصل عبدالغفور
انصاري صحيح چوندو هو، ته يار، اسان ڪهڙي قسم جا
اديب آهيون، جو پنهنجي گهر ۾ ئي ڪو اديب پيدا نٿا
ڪري سگهون ته پوءِ هن سموري قوم کي پنهنجي تخيل
سان بدلائڻ جا اجايا خواب ڇو ڏسندا وتون- - ڏس
ڪيڏو نه زهريلو سچ چيو اٿس- - اهي اٿئي اسان جي
پنهنجي ماءُ جي پٺيان، ڄڻيل اولاد جو هڪ ٻئي سان
رشتو ۽ اُن جي اُبتڙ، هيءَ روشن، منهنجي وات چيل
ڀيڻ، جنهن جو مون سان واقعي مثالي ڀيڻ وارو پيار
هو، پر هي دنيا وارا- - جن اجايا سجايا بهتان،
روشن ۽ مون لاءِ گهڙيا هئا، پر مون انهن جو ڪڏهن
به اثر نه ورتو. تو منهنجي ”آخري باب“ ڪهاڻي پڙهي
آ؟“
”ها اها مون 1955 جي ’ماهنامي شاگرد’ تان اتاري به
رکي آهي.“
”اهو رسالو ڪٿان مليوءِ“
رشيد ڀٽيءَ وٽان.“
”يار، هڪڙو ٻيو دوست اٿئي، شيام ڪمار، ان وٽ
منهنجو ڪجهه اهڙو مواد رکيو اٿئي جيڪو مون وٽ به
ڪونهي، اهو ڪيئن به ڪري هٿ ڪر.“
”مون ان لاءِ شيام کي پاڻ به عرض ڪيو هو ۽ ٻه- ٽي
ڀيرا وٽس رشيد ڀٽيءَ کي به وٺي ويس، پر هن رڳو
ڳالهيون ڪري لنوائي ڇڏيو.“
”يار، ان وٽ منهنجون ڪجهه اڻ ڇپيل ڪهاڻيون اٿئي،
هڪڙي ته مون کي ياد آهي، ’زرينه‘ جي عنوان سان ۽
هڪ- اڌ، اڌ ۾ ڇڏيل ناول به وٽس آهي.“
”زرينه ڪهاڻي مون کانئس ورتي آهي ۽ هڪ ٻي ڪهاڻي به
ڏني هئائين، جيڪا به مون وٽ موجود آهي، جنهن جو
عنوان آهي ’اڄ پڻ اکڙين سڄڻ پنهنجا ساريا.‘“
هن غور سان مون کي پئي ٻڌو ۽ مون کي ائين لڳو، ڄڻ
مون کي اڃا ڪجهه چوڻو هو، مون ذهن تي زور ڏنو ته
ياد آيو، تڏهن مون کيس چيو: ”رشيد ڀٽيءَ پئي
ٻڌايو، ته هڪڙي ڪهاڻي هن ’نواءِ سنڌ‘ جي ’سنڌ
نمبر‘ ۾ شايع ڪئي هئي، تنهن ڪهاڻيءَ جي مون ڏاڍي
تلاش ڪئي آهي، پر اخبار جو اهو پرچو ڪٿان به هٿ
نٿو اچي. ٻين به ڪجهه ڪهاڻين لاءِ رشيد ڀٽيءَ ئي
پئي ٻڌايو، ته تنهنجون ٻه- ٽي ٻيون به گم ٿي ويل
ڪهاڻيون آهن.“
”ڪهڙين لاءِ ٿي چيائين؟“
”دراصل تنهنجي گڏ ڪيل لکڻين کي ڏسڻ کان پوءِ ئي هن
ڪجهه ڪهاڻين جا نالا ورتا، جن مان هڪڙي ته ’عيد جي
رات‘ هئي ۽ ٻي آهي ’زمانا‘.“
”اهي ٻئي ڪهاڻيون ته مون وٽ به ڪينهن- اڃا هڪڙي ٻي
ڌماڪيدار ڪهاڻي ’اوستو جاڙو‘ به گم آهي. مون کي
ياد آهي ته مون حميد سنڌيءَ ڏانهن روح رهاڻ لاءِ
موڪلي هئي.“
”پر حميد ته چوي ٿو ته اها ڪهاڻي موڪلڻ لاءِ لکي
هئي پر موڪلي ڪانه هئي.“
”الائي يار. گهڻو وقت گذري ويو آهي. وري به تون
حميد کان پڇي ته ڏسجان-
ها- يار ٻڌ ته“.
”چئهُ.“
”تو مون واري آخري ڪهاڻي جلدي ڇاپي ڇڏي.“
”ڪيئن؟“
”تن ڏينهن ۾ مون سليم چني کي چيو هو ته ان ۾
عبدالحق عالماڻيءَ جي ڪهاڻيءَ ٽڪاڻا ۽ ٽول جو ٿورو
ريفرنس طور ٽڪرو شامل ڪبو ۽ پوءِ ان جو ڪو عنوان
سوچي لکبو“.
”پر سائينجن به اهڙو ته کڻي ٽُٻ ڏنو جو في الحال
ته سڀني کي يقين ئي ڪرڻ پيو ته، تون واقعي مري ويو
آهين“.
ڳاڙهي روشني اصل ۾ هن جي وجود کان سواءِ جسم جي
ڪنهن به حصي کي خاص ڪري مُنهن کي اجاگر نٿي ڪيو ۽
مون محسوس ٿي ڪيو ته منهنجي ان جملي تي سندس چهري
تي ڪونه ڪو تاثر ضرور هو. هو مون ڏانهن ئي نهاري
رهيو هو. مون کي ائين ٿي لڳو ته سندس منهن تي
لازوال مرڪ هئي، ڄڻ هن اهو مانڊاڻ ڄاڻي واڻي منڊيو
هو، جيئن ڪو اداڪار اسٽيج تي هزارن ڏسندڙ جي اڳيان
پنهنجي ڪردار جي زبردست پرفارمنس ڪري پڄاڻيءَ جو
منظر ايڏي ته سچائيءَ سان ڪري جو ڏسندڙ پڻ ان جي
پڄاڻيءَ جي تاثر کي سچو ۽ صحيح سمجهي ڏک جو اظهار
ڪري، ۽ پوءِ پردو ڪري پوي ۽ اهو پنهنجي پڄاڻيءَ جو
رول، ڪري ويل اداڪار اٿي پنهنجي ڊرامي جي باقي ٽيم
سان وڃي ملي- ۽ پنهنجي پرفارمنس تي دل ئي دل ۾
مرڪندو رهي- ۽ مون کي لڳو ته هن به پنهنجي انجام
ڏسڻ لاءِ اهڙو ناٽڪ رچايو هجي- ۽ مون کي پڪ هئي ته
هو مرڪي رهيو هو. ڇاڪاڻ ته هن ڪجهه به نٿي ڳالهايو
يا ٿي سگهيو ٿي هو ڪجهه سوچي رهيو هجي. هن هڪ پل ۾
ڇا ڇا سوچي ورتو هوندو. سو هن ڪونه ٻڌايو ۽ مان
منتظر هئس ته هو ڪو جواب ڏيندو؛ پر ٿوري دير کان
پوءِ هڪ ٻي تصوير ٺاهڻ لڳو ان کي ڊيولپر ۾ وڌائين.
ڊيولپر ۾ تيار ٿي ويل تصوير کي ڏيکاريندي چوڻ لڳو:
”هيءَ به روشن اٿئي.“
ڳاڙهاڻ جي ڌنڌ ۾ مون تصوير ڏٺي، مرڪندڙ مک ۽ اکين
۾ مستقبل لاءِ اُمنگن جا اهڃاڻ، اَلي تصوير تان
پاڻيءَ جا ڦڙا پئي ڳڙيا- - هو تصوير ڏانهن ڏسي چوڻ
لڳو:
”آخري ڀيري هوءَ جڏهن بيمار ٿي اسپتال داخل ٿي
هئي؛ ته آءُ هميشه سندس آرام جو خيال ڪري، سندس
ڪمري ۾ وڃڻ کان ڪيٻائيندو هئس، پر جڏهن به ويندو
هئس ته اکين ئي اکين ۾ هڪٻئي تي پنهنجي پنهنجي
مجبوري ظاهر ڪري ڇڏيندا هئاسين.“ هن جي آواز ۾
گنڀيرتا هئي. ٿورو ترسي هن وري ڳالهائڻ شروع ڪيو-
- ”هڪ ڏينهن اسپتال ۾ روشن کي ڏسڻ لاءِ ويس، روشن
جي مونجهه جو خيال ڪري، اسحاق ڪمري جي دريءَ تان
پردو هٽائي ڇڏيو هو- آءُ ورانڊي ۾ ئي هئس ته
سامهون روشن ليٽيل نظر آيم، هن مون کي ڏسي ورتو
هو، ۽ در ۾ ئي اکيون وجهيو پئي رهي. آءُ ويجهو
پهتس ته اسان جون اکيون مليون، گهڙيءَ پل لاءِ،
پوءِ ڄڻ هن ٿڪجي اکيون هيٺ ڪري ورتيون.“
حفيظ، مون کان تصوير ورتي. هڪ نهار ان تي وجهي چوڻ
لڳو: ”ساڳي روشن، جنهن جي ٿڪل ۽ جهڪيل نگاهن مان
مون گهڻو ڪجهه محسوس ڪري ورتو هو، اڄ به ائين ٿو
لڳيم ته ڄڻ چوندي هجي، ’ادا ڏسين ٿو، مان ڪيترو نه
لُڇي پڇي آهيان، ڪيترو نه پاڻ پتوڙيو اٿم، پر هي
ڪمبخت موت مون کي نهوڙي نِيڻ تي ضد ڪيو بيٺو آهي.
ڏس مون چيو ڪين ٿي، ته مون ۾ طاقت ڪانه آهي.
زندگيءَ جي اجوڳ پورهئي منهنجو اندر ڪوري ڇڏيو
آهي، مان سڄي عمر گهاڻي جي ڏاند جيان ڳهندي رهي
آهيان ۽ ڏس، اڄ جڏهن مان مس مس انهيءَ لائق ٿي
آهيان، جو پاڻ جهڙن لاءِ ڪجهه ڪري سگهان ته موت
منهنجي چائنٺ تي بيٺو در ٿو کڙڪائي. ڏس، هن کي
روڪڻ لاءِ مون ڪيڏا نه وس ڪيا آهن، پر هي ڪمبخت پڻ
اميرن جو ساٿي ٿو نظر اچي. پورهيت پورهيا ڪري ڪري
سنئين ڳاٽ مس ٿئي، ته هي اچي هٿ وجهندس. ڏس، تون
پاڻ ڏس ۽ ٻين کي ٻڌائجان. انهن کي ٻڌائجان، جيڪي
مون وانگر سمجهن ٿا، ته پهرين پاڻ سنوين پرين
ٿيندا، تسين سندن اندر ڪورجي ويندو- تيسين موت اچي
در کڙڪائيندن. تيسين فنا اچي ڀاڪر ۾ ڀريندن. غريبن
لاءِ اميرن جي دنيا ۾ ڪا به جاءِ ڪانهي، اميري-
غريبي انسانيت جا ٻه فرقا آهن، ٻه مذهب آهن، ٻه
طبقا آهن. ادا، تون انهن منهنجي نوجوان ڀائرن ۽
ڀينرن کي چئجانءِ، جيڪي مون وانگر پاڻ پتوڙي رهيا
آهن. ها، کين چئجاءِ ته سُنهري سپنا بنائڻ ڇڏي
ڏين.“
ڳالهائيندي ڳالهائيندين سندس آواز ڳورو ٿي ويو.
مون سندس اکين ۾ چتائي ڏٺو، سندس سدا مُرڪندڙ اکين
۾ ڳوڙها ٿي جرڪيا. مون کيس رئارڻ نٿي چاهيو، تڏهن
کيس چيم:
”روئين ٿو ڇا؟“
”هي لڙڪ هميشه اکين ۾ لڙي ايندا آهن.“ اکين تي هٿ
ڦيرائيندي، بردباريءَ سان چوڻ لڳو: ”هي ڳوڙها اکين
۾ ئي ٿا اٽڪي پون، ڳلن تي ڳڙن ڪونه ٿا، انهن ڳوڙهن
کي پي وڃڻ جو ڏانءُ به اچي ويو اٿم. مان نؤد آهيان
پيارا، بابي جي مرڻ تي به مون نِير نه هاريا هئا،
پر هيءَ روشن، هميشہ مون کي اداس ڪري ڇڏيندي آهي.“
هن تصوير کي ساڳي پاٽ ۾ ترندي ڇڏي ڏنو، نگيٽو جي
وچ مان هڪڙي پازيٽو تصوير ڪڍي، ته مون ڏانهس هٿ
وڌائي پڇيو:
”اها ڪنهن جي تصوير آ؟“
تصوير وڌائي مون کي ڏنائين، مون ڏٺي، ”هيءُ ته
زينت چنا آهي.“
”منهنجي جيجي اٿئي.“
”مارئي رسالو ڪڍندي هئي نه؟“
”اميد جو هڪ نئون ترورو جاڳيو هو، جيجيءَ جڏهن
مارئي ڪڍيو هو. چوندا آهن، خوش نصيب آهي اهو وطن،
جنهن جون مائرون ساڻيهه جو احساس رکن. جيجي سنڌ جي
عظيم ڪهاڻيڪارن مان هڪ آهي. مون کائنس هڪ دفعي
پڇيو هو، ته ڇو مارئيءَ ۾ سندس ڪهاڻيون ڪين ٿيون
ڇپجن؟ جواب مليو، مصلحت انهيءَ ۾ آهي.“ هن مون کان
تصوير ورتي ۽ وڏو ساهه کڻي چوڻ لڳو:
”ڀاءُ منهنجا، جيڪڏهن جاڳيل جيجي مصلحتون سمجهائڻ
ويهي ۽ مارئيءَ تي محتسب جو راڄ رهي ته جنون ضرور
ڪا ٻي محفل ڳولهين. اسان کي وري مصلحت انهيءَ ۾
نظر آئي، ته مارئيءَ کان ڪنارو ڪري وڃون ۽ نيٺ
مارئيءَ جو هر پرچو گهر گرهستيءَ جي هڪ بليٽن ٿي
ويو. جنهن باهه جي بکڻ، جنهن جي مَچ جي اميد هئي،
سي مصلحت جي نذر ٿي ويا. جيجي مَرُ ڪجهه به چوي،
مان مارئيءَ مان مطمئن نه هوس. ٽن سالن کان به
وڌيڪ مصلحتن کي خيال ۾ رکي نڪرندي رهي، شل ٽي
مهينا جنون جي حوالي به ٿئي ها، الله ان کي به
ڪنهن طوفان سان آشنا ڪري ها، پر هيءَ دلوراءِ جي
نگري آهي ۽ جيجي منهنجي پنهنجي چوڻ پٽاندڙ هڪ
ڪمزور عورت آهي.“
”مارئي رسالي ۾ تنهنجي به ته ڪا شيءِ ڇپي هئي؟“
”ها، هڪ خط هو، جنهن جو عنوان هو ’ڪڏهن ڪڏهن
منهنجي دل ۾ خيال ايندو آ.‘“
”اردوءَ ۾ اهو ڳايل غزل هتي به ڏاڍو مشهور ٿيو
آهي، جنهن لاءِ هڪ ڀيري تنوير عباسيءَ به پئي
ٻڌايو ته تون گهڻو ڪري اها سٽ جهونگاريندو رهندو
هئين.“
هن هلڪو مرڪي، ڪنهن تصوير جي ڪاري ڪاپي کڻي
انلارجر ۾ وڌي ۽ ان جو فوڪس ڪري چوڻ لڳو:
”تنوير منهنجو سٺو دوست آهي، پر مونکي چيڙائيندو
ڏاڍو هو، مون سان مذاق به ڏاڍو ڪندو آهي.“ هن
تصوير کي ڪارڊ تي لاٿو ۽ ان کي ڊيولپر ۾ وڌائين.
ڪمري ۾ وري به گهڙي لاءِ خاموشي ڇائنجي ويئي.
”مارئيءَ ۾ جيڪو خط ڇپيو هو ان ۾ تو پنهنجي ڀيڻ جي
ڪجهه ساهيڙين جو ذڪر ڪيو هو، جنهن لاءِ تو لکيو هو
ته مان ان پڙهيل ڳڙهيل اڌوهيءَ جي ڪنواري عورت
نورجهان تي ڪهاڻي ضرور لکندس. پوءِ ته ڪهاڻي ڪڏهن
ٿو لکين؟“
”اڻ ميان انسان، روزاني زندگيءَ ۾ ڪلهي گس پيا
ڪنم. انهن جون پنهنجن جندڙيون آهن.“ هن وري ڪاري
ڪاپي کڻي انلارجر ۾ وڌي ۽ اڇو ڪارڊ ڦاڙي چوڻ لڳو،
”هر انسان کي پنهنجا پنهنجا سک آهن، پنهنجا پنهنجا
سور آهن، پنهنجون پنهنجون ڪهاڻيون اٿن.“ هن ڪارڊ
انلارجر ۾ وجهي مٿس ڪاري ڪاپيءَ جي اڪر لاءِ بتيءَ
جي مدد وٺي ان کي عڪس بند ڪيو. جنهن کي کڻي،
ڊيولپر ۾ اڇلائي چوڻ لڳو: ”سڀني تي نظر ٿو وجهان
ته ائين ٿو محسوس ٿئي ته هڪ لنبي ڪهاڻي آهي، جيڪا
ڪنهن منجهيل سڳي جيان ويڙهو ٿي پئي آهي. يا ڪو
ڊگهو وار ڪينئون آهي جو انساني هانوَ جي ڦٽ ۾
گهنڊيون هنيو ويٺو آهي ۽ پيو ان کي ڪوري.“ |