حيات جتوئي
هي ڇڙيون کجين جون يا تلوارون
هي سَرَ هوا ۾
ڪنهن جي پُٺِي اُگھاڙيءَ تي ٻه- هٿڙيون لٺيون
کنوڻ کنوي ٿي
يا ڪو چهبڪ ٿو چمڪي
ٻُڌ ته اُڀ ۾ ڇا ڇا ڪوڪٽ
تارو تارو لڙڪ جيان ٿو ٽمڪي.
عبدالعزيز رنگريز
ويل وچينءَ جي، لهندڙ سج،
رستي تي
ٽِلي پيو هنجن جو جوڙ
اڇا جھڙا کير
پريان هڪڙي تيز ٽرڪ
اِن جوڙي تان چڙهي وئي
چٿي وئي
۽ پٺيان ڇڏي وئي
رت جا ليڪا
پَرَ هوا ۾ هيڏي هوڏي اُڏمندا!
جوهر بروهي
فنڪار
اُڀرندڙ سج ساڻ
الزامن سندي
ڦاهي مٿي
چاڙهيو وڃي!
شاعر
جنهن جي
قلم جي نوڪ مان
اُڀرن ٿا ڪِرڻا نُورَ جا
ٻاٽ ڌرتيءَ جي مٿان
جو سير ماڻي عرش جو
پر؛
صبح جو
هُن جو وجود
دار جي زينت هجي!
سرڪش سنڌي
تون ۽ آءٌ
منهنجيءَ رت جون ڦِينگون آخر، تنهنجي منهن تي
ٿينديون ظاهر،
توکي قاتل ٺهرائينديون، تنهنجو ڳاٽ به
لهرائينديون،
منهنجو تڙڦڻ منهنجو ڦٿڪڻ، منهنجيون کُرڙيون
منهنجيون دُرڙيون،
تنهنجا تارا ٿِرڙائينديون، توکي قاتل سڏرائينديون!
چيريندڙ هي چنبا تنهنجا، ريٽا ريٽا ڳاڙها ڳاڙها،
منهنجي گھر ۾ منهنجي سِر تي، اُسري، اُڀري، اُلري
آيا،
منهنجي مارن جون هي اکڙيون، ڇوليون ڏيئي ٻوڏون
آڻي،
تنهنجيون ماڙيون ڊهرائينديون، توکي قاتل
سڏرائينديون!
تڙپندڙ هي لاشو منهنجو، ڌرتيءَ کي رڱ لائيندو پيو،
ويرم ٿوري آهي باقي، توکي ڀي تڙپائيندو پيو،
تربت جون هي ٻيئي ڪپرون، توکي پيئون ڌونڌاڙينديون،
مون کي پيئون سرچائينديون، توکي قاتل سڏرائينديون!
تنهنجي رت ٿي بانس اٿاري، ڳليءَ ڳليءَ ۾ بدبو
ٿيندي؛
منهنجي رتڙي گل اُڀاري، واسُ جو ڏيندي خوشبو
ٿيندي؛
ٻوٽو ٻوٽو ٻهڪي پوندو، مونجھو ماروُ مرڪي پوندو؛
مُکڙيون ديس کي مرڪائينديون، توکي قاتل
سڏرائينديون!
تنهنجو ڌڙ ڀي منهنجو ڌڙ ڀي، ٿوري ڌرتيءَ
والاريندا،
توکي ماڻهو ٿُوڪاريندا، مون ليءَ ويٺا ٻاڪاريندا،
اينديون جيڪي ديس ڌياڻيون، اکڙين آليون- نڌر
نماڻيون،
مون کي گلڙا پهرائينديون، توکي قاتل سڏرائينديون!
سونهري اکرن سان هوندس، تاريخن ۾ آءٌ سدائين،
تنهنجو نانءُ به نيٺ ته هوندو، ڇو جو تون هڪ ظالم
آهين،
صديون جيڪي اينديون وينديون، توکي لعنت ڏينديون
وينديون،
مون کي پيئون ساراهينديون، توکي قاتل سڏرائينديون!
الطاف عباسي
اَڻ کُٽ سفر
واٽ ويران، تنهنجو ساٿ سڄڻ
سڃ ۾ هيڪلو سفر مشڪل
بک ۽ اُڃ ۾ وک وڌي سگھندي؟
هت نه ماڻهوءَ جو ڏسجي ٿو پيرو
ڪو پکي ڀي ڏئي نٿو پيرو
رُڃ ۾ جانور جو ناهه نشان
جيستائين وڃي ٿي پنهنجي نظر
بس ڏسڻ ۾ اچي ٿو سارو بر
هيڪلو ۽ ڏکيو سفر اهڙو
همسفر ڀي ٿڪل ڪو مون جھڙو
تنهنجو مون ۾ جو اعتماد آهي
هن سفر جو اهو بنياد آهي
تو ۾ مون ۾ گھڻو فرق آهي
پر تو ليڪا ڇڏيا سڀئي ڊاهي
بُک لڳي ٿي ملي نٿو ڍوڍو
اُڃ لڳي سوال ناهي پاڻيءَ جو
پنڌ اٺئي پهر رهي جاري
ٿڪ پٽڻ جي نه ڪرڻي آ تياري
اِن سفر ۾ هجين تون مون سان گڏ
همسفر ٻئي کي ڇو ڪيان مان سڏ
ٻاٽ جي ويل ترورو آهين
ٽاڪ نٽهڻ جو ڇانورو آهين
بُک لڳي پيار ساڻ وندرائين
اُڃ لڳي اکڙين منجھان پيارين
ڌرتيءَ جو ڪڪر جو تون پاڇو
سرد راتين ۾ ترورو سج جو
منهنجي من ۾ ٿئي جي سوڪهڙو
ريج ڏين تون خوشيءَ جي لڙڪن جو
ٽهڪ منهنجا بهار جون مکڙيون
ٻول تنهنجا پکين جون ڄڻ لاتيون
هيڪلائيءَ جو ٿيڻ نه ڏين احساس
آس ئي آس تون سراپا آس!
ترائيل
واٽَ ويران، تنهنجو ساٿ سڄڻ!
پنڌ پنهنجو نه شل کُٽي ڪڏهن!
مون کان وسري ويو صفا ٿڪجڻ؛
واٽ ويران، تنهنجو ساٿ سڄڻ!
رُڃَ ۾ اُڃ سِکيم ريجھڻ،
ساٿ تنهنجو نه شل ٽُٽي ڪڏهن!
واٽَ ويران، تنهنجو ساٿ سڄڻ!
پنڌ تنهنجو نه شل کُٽي ڪڏهن!
بشير سيتائي
سارا ڪاڳر ڪارا ٿيل
انعام جي موت تي
چڱو ٿيو،
پُٽڙا-!!
مري وئين.
ڳوڙها ڳاڙي جِي پوندس.
وقت اهو ڀي زخم ڀري ڇڏيندو.
تولاءِ،
هي ضروري نه هيو،
ته تون ڀي مون وانگي؛
هن دنيا ۾-
ڏنجھ ڏکن جو ٺيڪو کڻين.
ماءُ
جيوَن جھڙي مايا ڏيئي،
ڪنچن جھڙي ڪيا ڏيئي؛
ڪنهن کي ماءُ پِٽيندي ناهي،
ها! ها! ماءُ پِٽيندي آهي.
جڏهن ڪوئي انڌو ٿئي ٿو؛
هُن جي ڪک ۾ ڪان هڻي ٿو!
دوها
جڏهن به ڪوئي وَرلاپي ٿو، ڀٽ ڌڻيءَ جي وائي،
تڏهن وڍي ٿو ويهي مون کي، ڄڻ ڪو جائي پائي.
جڏهن به ڪوئي آلغوزي تي، ڇيڙي ٿو هڪ لهرو،
آس پکيئڙو پڃرو ٽوڙي اُڏري پوي اُٻهرو.
جڏهن به ڪوئي راڳي آلاپي ٿو روڳي راڳ،
ان دم ڄڻ ته ڀَري ٿو منهنجي، انگ انگ ۾ آڳ.
غزل
چهرو، چهرو باب، کُليل،
ڇا ڇا پڙهندين ڙي پاڳل!
جيون موڙ تي جاچين ٿو،
هي سڀ دليون دونهاٽيل!
بادل وانگر ڀٽڪين ڪوهه؟
ڏاهو ٿي، گهر موٽي هل!
ٻاڪاري هِن ٻار سُتا،
زال گُوماٽيل، کٽ ڇڳل.
اڄ به ڪلهوڪا کوڙ ڪتاب،
سارا بستر تي پکڙيل.
جاڳي آهي ننڊ منجهان،
ذهن جي سيج تي سوچ ستل.
پين، پنا ۽ مسڪپڙي،
سارا ڪاڳر ڪارا ٿيل.
شاعر ويٺو جاڳين تون،
سارو هي سنسار سُتل!
نظم
اڄ گهمڻ جي لاءِ هلبو ڪين دوست!
رهڻ ڏي مون کي، ڇڏي ڏي، ضد نه ڪر؛
بند ڪمري ۾ آ يادن جو هُجوم؛
اڄ اڪيلائي اچي ٿي راس، يَرَ؛
مون کي منهنجي ذات جو آ احتياج،
دوستيءَ جو گهُر نه مون کان اڄ وِياج!
ٽهڪڙا، محفل، ڪهاڻيون، رس رهاڻ،
مان به جِيوَن ۾ ڀريان جيڪر مٺاڻ؛
پر اندر جي پِيڙ کي مان ڇا ڪريان،
ڇا ڪريان دل کي، جا هڪ دردن جي کاڻ؛
منهنجا ساٿي! اڄ مون کي غم کان نه روڪ،
مان رُڌل آهيان، مون کي ڪم کان نه روڪ.
داخلي دنيا به منهنجي آ وسيع،
محو آهيان اڄُ پنهنجي ذات ۾؛
اڄ سَلهاڙي سُور، لکندس گيت ڪجهه،
باهه پَلٽائي ڇڏيندس ڏات ۾؛
اڄ وري ڇيڙي شِڪسَته ساز کي،
ٿو ڪڍڻ چاهيان گهُٽيل آواز کي.
*
بشير
سيتائيءَ جو پهريون پٽ
|