سيڪشن: رسالا

ڪتاب:مهراڻ 04/ 2021ع

باب:

صفحو:8 

خليل کوسو

ٽنڊوالهيار

 

 

 

درسگاهه ولهار

جا ڪجهه طالب العلم

سونهاري سنڌ، درسگاهن ۽ درگاهن جو ديس پڻ آهي، درگاهن ۾ سُتل درويشن، پنهنجي پنهنجي دور ۾، روحاني رمزن سان، سُڪا وڻ ساوا ڪري ڇڏيا، مادرِ وطن سنڌ جا ويري به سندن معتقد ٿي پيا، تن جا مثال سنڌ جي تاريخ ۾ موجود آهن، ٻي طرف وري درسگاهن جي تاريخ کي جاچجي ته، انهن درسگاهن جا معلم،  صاحبِ شريعت سان گڏ صاحبِ ولايت به هئا، انهن پنهنجي علم جي معرفت ذريعي ڪيترين ئي اونداهين ۾ علم جا چراغ روشن ڪيا، ۽ ڪيتريون ئي ويران دليون آباد ڪيون، ماضيءَ ۾ اهڙين درسگاهن جو وڏو تعداد هو، تن درسگاهن ۾، ديني تعليم سان گڏ دنيوي تعليم پڻ ڏني ويندي هئي، اهڙي نموني سان ٽنڊي الهيار واري ولهار ۾ ڪلهوڙا دور ۾ قائم درسگاهه ولهار به هڪ آهي،  هن درسگاهه جو باني مخدوم ميان صابر ولهاري هو، جيڪو پنهنجي استاد محترم مخدوم ميان محمد امين ڊاسوڙي (ٽنڊي الهيار) واري جي حڪم جي بجا آوري ڪندي، ٽنڊي الهيار جي سرسبز و شاداب علائقي ولهار ۾ درسگاهه جو بنياد رکيو، مخدوم ميان صابر ولهاري جي علم و تقويٰ ۽ روحانيت جون پچارون پري پري تائين پکڙڻ لڳيون، ڪيترائي علم جا پياسا، هن چشمهءِ شرين جو چُڪو چکڻ لاءِ اچي گڏ ٿيا، ڪيترائي پتنگ ۽ پروانا هن علم جي شمع تي گهور ٿيڻ لڳا، ڪيترين ئي کي هن بحرِ بيقران مان معرفت جا موتي ملڻ لڳا، تنهنڪري هن درسگاهه جو چرچو، ڏيهان ڏيهه گونجڻ لڳو ۽ علم طالبن ۾ اضافو ٿيڻ لڳو، قال الله و قال رسول صلي الله عليـﮧ وآلـﮧ وسلم تنوار شروع ٿي وئي، لازمي انهن شاگردن جي حاضري جو دفتر موجود هوندو. ليڪن افسوس جو هيل تائين هن عظيم الشان درسگاهه جو علمي رڪارڊ ملي نه سگهيو آهي، پر مخدوم صابر ولهاري تي لکيل مختلف ڪتابن ۾ مختلف مضمون، قلمي نسخن ۽ مقامي روايتن جي آڌار تي درسگاهه ولهار جي ڪجهه طالب العلمن جا نالا ملي سگهيا آهن، انهن جو مختصر تعارف ڪجهه هن طرح آهن:

فتح محمد عرف فتن:

فتح محمد عرف فتن درسگاهه ولهار جي باني مخدوم صابر جي خاص مريدن ۽ شاگردن مان هو، مولانا وفائي لکي ٿو ته، سندس (مخدوم صابر جي) مريدن مان بزرگ درويش ’فتن‘ به صاحبِ ڪمال ٿي گذريو آهي، (1) سندس آخري آرامگاهه، درسگاهه ولهار جي موجوده پڊ کان چار ڪلوميٽر اولهه ديهه آراڙو ۾، پراڻي ناگناهه واهه جي ساڄي ڪناري تي آهي، سندس قبر تي ڪوبه ڪتبو وغيره ناهي، هڪ دفعو مرحوم خيرمحمد جروار (ڳوٺ عمر جروار ديهه نيلوفري) آئون پڻ فتن فقير واري قبرستان تي موجود هئس، مرحوم مير محمد جروار جي قبر جي کوٽائي دوران ٺڪر جي مس ڪُپڙي پڻ ملي، آسپاس چند قبرون ۽ ٺڪراٽ به نظر آئي، ڪجهه جاين جي پيڙهه جا نشان سارين جي جنڊين جا ڀڳل پُڙ به نظر آيا، مولانا وفائي جي لکت ۽ سندس آخري آرامگاهه وٽان مليل مس ڪُپڙي مان معلوم ٿئي ٿو ته فتن فقير درسگاهه ولهار جو شاگرد، مريد ۽ صاحبِ ڪمال شخص هو. گُمان آهي ته مخدوم ميان صابر ولهاري جي وصال (1135هه- 1722ع) کان پوءِ پنهنجي ماڳ اچي پنهنجي مدرسي جو بنياد رکيو، اهو مدرسو ڪيترو وقت هليو انهي جي خبر ناهي، اتي ذهن ۾ ٻه سوال اچن ٿا، هڪ ته فتن فقير ذات جو ڪير هو؟ سندس وفات ڪهڙي سن ۾ ٿي؟ فتن فقير جي ذات جي حوالي سان عرض آهي ته، فتي فقير جي آخري آرامگاهه جي ويجهو ڪنهن وقت ۾ ڳوٺ خيرمحمد جروار جو پراڻو پڊ هو، متان هي بزرگ جروار برادري جو فرد هجي، ان بابت جروار برادري جي سُڄاڻ نيڪ مرد رئيس فتح خان جروار ٻڌايو ته فتن فقير ذات جو جروار ناهي. (2) سندس وفات جي باري ۾ منهنجي ذاتي راءِ آهي ته فتن فقير پنهنجي استاد محترم مخدوم صابر ولهاري کان ڪم و بيش ويهه سال پوءِ يعني 1155هه/1742ع ۾ وفات ڪئي هوندي. کيس پنهنجي ئي خانقاهه جي احاطي ۾ دفن ڪيو ويو. ٻيو ته فتن فقير ذات جو ڪير هو، منهنجو خيال آهي ته هُو ذات جو اوٺو هو، ڇو ته هن خطي جا قديمي باشندا اوٺائي آهن، جيڪي ’ولهاري اوٺا‘ سڏجن ٿا. هينئر ولهار خطي ۾ چوڏهن، پندرهن ڳوٺ اوٺا برادري جا آهن، هينئر به ولهار خطي ۾ ڳوٺ فقير قاسم اوٺو عرف جمن فقير اوٺو ۾، حاجي فتح محمد اوٺو حال حيات موجود آهي، ڀلي کڻي موجوده حاجي فتح محمد، فتن فقير جي پيڙهي مان نه به کڻي هجي، پر برڪت خاطر سندس نالو رکيو ويو هجي.

مُلان حسين:

مُلان نالي شخص به درسگاهه ولهار جي ابتدائي شاگردن مان هو، طالب العلم مُلان حسين جو احوال مولانا وفائي به ڪيو آهي، شاهه لطيف ۽ مخدوم صابر ولهاري جي ملاقات واري تذڪري ۾ لکي ٿو ته، ”شاهه صاحب جو مخدوم صابر جو اڳ ۾ نالو ٻڌل هو، جڏهن مخدوم صاحب سان ڪچهري ٿي، ان وقت شاهه صاحب جي اکين ۾ تڪليف هئي، تڏهن شاهه صاحب اکين تان اڳڙي پري ڪندي فرمايو ته، اي منهنجون اکيون هي (مخدوم صابر) اهڙوئي آهي نه، جهڙو مون توهان کي چيو ٿي، مخدوم صاحب سان گڏ هڪ طالب العلم مُلان حسين ساڻ هو (3) مولانا وفائي جي تحرير مان ثابت ٿيو ته، مُلان حسين نالي شخص، درسگاهه ولهار جي ابتدائي شاگردن مان هو، ڪافي جستجو کان پوءِ به مُلان حسينيءَ جي باري ۾ ڪو احوال ملي نه سگهيو آهي.

شهيد عبدالرحيم گرهوڙي:

هن جلالي عالم، شهيد مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي کان ڪير واقف ڪونهي، سنڌ جو هي ڀلارو بزرگ به، درسگاهه ولهار جو شاگرد هو. مقالات قاسمي ۾ لکيل آهي ته ”ڳالهه ٿا ڪن ته گرهوڙي صاحب ننڍپڻ ۾، دائره ديهه شادي ۾ قرآن پاڪ جي تعليم وٺندو هو، سندس چاچو (ڳوٺان) آيو، جيڪو کيس واپس وٺي ويو، گرهوڙي صاحب ٻيهر ڳوٺان ڀڄي آيو، وري اتي ٻيهر پڙهڻ کي لڳي ويو، اها خبر مخدوم ولهاري وٽ وئي، جو هو اتي ئي قرآن پاڪ جي تعليم ڏيندو هو،(4) هاڻي پاڻ گرهوڙي صاحب جي مختصر سوانح حيات ۽ سندس خانداني لڏپلاڻ جي باري ۾ ڏسون ته ڪلام گرهوڙي وارو ڇا ٿو لکي، ”جيئن ته مڱريا مڱراء جو اولاد آهن، گرهوڙي صاحب جو خاندان مارواڙ کي ڇڏي راڻيپور آيو، بعد ۾ ميرپورخاص جي ڀر ۾، کڏڙي اچي رهيا، سندس والد جو گهر به کڏڙي ريلوي اسٽيشن جي ڀر ۾ هو، جتي هينئر ڳاڙها سيد ويٺل آهن، گرهوڙي ننڍپڻ ۾ اتي ئي رهيو، ظاهر علم به کڏڙي پهچڻ بعد حاصل ڪيائين.(5)

غلطيءَ جي نشاندهي:

ڪلام گرهوڙي ۾ جيڪا کڏڙو ريلوي اسٽيشن ڄاڻايل آهي، سا ريلوي اسٽيشن کڏڙو نه، پر جهلوري اسٽيشن آهي، ياد رهي ته ڳاڙها سيد (ڳوٺ ڀورل شاهه لڪياري) جهلوري کان 8-10 ڪلوميٽر اولهه پُراڻ ڍوري جي اوڀر پاسي ويٺل آهن. گرهوڙي صاحب جو جنم 1152-1770ع ۾ ٿيو، گرهوڙي صاحب ننڍي عمر ۾ ڳوٺ ڀورل شاهه عرف ڳاڙهن سيدن ۾ آيو، ڳوٺ ڀورل شاهه ۾ سيد نبي بخش عرف نبن شاهه جي آخري آرامگاهه موجود آهي، سندس قبر تي ڪوبه ڪتبو وغيره ناهي. سندس خانداني روايت مطابق، سيد نبن شاهه گرهوڙي صاحب وٽ پڙهيو، نبن شاهه جي درگاهه کان ڏکڻ چند قدمن تي جارين جي ويڙهه ۾، ڊٺل ڪچي ديوار جا نشان آهن، روايت مطابق اها مسجد گرهوڙي ڏانهن منسوب آهي. پر افسوس جو ڳوٺاڻن هن تاريخي مسجد جي سارسنڀال ته ڇا؟ پر جوڳي حفاظت به نه ڪري سگهيا آهن.

31- جنوري 2020ع تي ان مسجد سڳوري جي زيارت جو موقعو پڻ نصيب ٿيو، جنهن وقت ۾ گرهوڙي صاحب ڳوٺ ڀورل ۾ آيو ته ان وقت ٽنڊي الهيار واري درسگاهه ولهار جو اوج هو، مخدوم صابر ولهاري جو پوٽو، مخدوم ميان مقبول ولهاري، پنهنجي والد محترم مخدوم ميان معروف ولهاري (وفات: 1171هه/1757ع) کان پوءِ هن درسگاهه ۾ معلمي جا فرائض سرانجام ڏيڻ لڳو، گرهوڙي صاحب جو درسگاهه ولهار ۾ شروعاتي تعليم وٺڻ لاءِ مٿين ڳالهين مان ڪجهه ڪڙيون هن ريت به ملن ٿيون:

(الف) گرهوڙي صاحب ننڍي ڄمار ۾ ڳوٺ ڀورل شاهه لڳ جهلوري ۾ اچي رهيو.

(ب) گرهوڙي صاحب ظاهري علم ڳوٺ ڀورل شاهه ۾ پهچڻ بعد حاصل ڪيو.

(ت) ڀورل شاهه جي ڳوٺ کان درسگاهه ولهار اولهه طرف ڏهاڪو ڪلوميٽر تي آهي.

(ث) جڏهن گرهوڙي صاحب جي ننڍي عمر ۾ ظاهري علم پرائڻ جي ڳالهه اچي ٿي ته ان وقت درسگاهه ولهار جو اوج هو.

(ج) ضلعي ٽنڊي الهيار ۽ ضلعي ميرپورخاص جي سرحدي پٽي تي ٽنڊي الهيار جي حد ۾ ديهه مڱريا پڻ آهي، ديهه مڱريا، درسگاهه ولهار جي موجوده پڊ کان چند ڪلوميٽر اُتر پاسي آهي.

مٿيون چند ڳالهيون جڏهن اسان ذهن ۾ آڻينداسون، تڏهن يقين سان چئي سگهون ٿا ته وقت جو صاحبِ شريعت، ۽ ولايت جو صاحب علامه عبدالرحيم گرهوڙي پنهنجي شروعات تعليم ۽ ظاهري علم درسگاهه ولهاري جي معتبر عالم مخدوم ميان مقبول ولهاري کان حاصل ڪئي، جيتريقدر مولانا قاسمي جي تحرير ۾ ’دائر ديهه شادي‘ جو ذڪر آهي، ان لاءِ عرض آهي ته موجوده قديم ولهار جو قديم ۽ مرڪزي ڳوٺ شادي اوٺي جو هو، چون ٿا ته شادي اوٺو وڏو جاگيردار هو، سندس ڇهه هزار ايڪڙ ٻني هئي، اهو قديم ڳوٺ هاڻي ’شاديون ولهار‘ پيو سڏجي، شادي اوٺي پنهنجي نياڻي جو سڱ مخدوم ميان غلام محمد ولد مخدوم ميان صابر ولهاري کي ڏنو، بعد ۾ ولهاري مخدوم 1280هه/65-1864ع ۾ درسگاهه ولهار وارو پراڻو پڊ ڇڏي، اچي شادي اوٺي جي ڳوٺ ۾ آباد ٿيا، اهو ڳوٺ هاڻي ’شاديون ولهار‘ پيو سڏجي، موجوده ولهاري مخدومن مان مخدوم ميان علي محمد ولهاري (اڳوڻو چيئرمين ضلع ڪائونسل ٽنڊوالهيار) پنهنجي راڄ ڀاڳ ۾ عزت ۽ آبرو نگاهه سان ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو.

حافظ طاهر مڱريو:

درسگاهه ولهار ۾ جتي پرديسي شاگرد پڙهندا ها، اُتي مقامي شاگرد پڻ پڙهڻ لڳا، پر افسوس جو ڪيترن ئي مقامي شاگردن جا نالا ملي نه سگهيا آهن، خوشقسمتيءَ سان چند ڏينهن اڳ محترم محمد اسحاق مڱرئي ٻڌايو ته ”منهنجو وڏو ڏاڏو نالي حافظ طاهر مڱريو، درسگاهه ولهار ۾ پڙهيو هو، قرآن پاڪ پڻ اتي حِفظ ڪيائين، سندس آخري آرامگاهه پڻ اتي (ميين معروف جا قبا) آهي، جنهن ڳوٺ ۾ اسان رهون ٿا اهو ڳوٺ به طاهر مڱريو جي نالي سان ديهه نيلوفري جي نقشي ۾ موجد آهي.“ (6) حافظ طاهر مڱريو جي خاندان مان شاعر محمود مڱرئي پنهنجو خانداني شجرو هن طرح ٻڌايو.(7) محمود پٽ کٻڙ پٽ احمد پٽ حافظ طاهر ٻيو، پٽ تماچي، پٽ احمد پٽ حافظ طاهر اول.

درسگاهه ولهار جي ڪتبخاني مان قرآن پاڪ جو قلمي نسخو مليو آهي جنهن جي آخري پني تي، احمد ۽ تماچي مڱرئي جا نالا لکيل آهن، اهو قلمي نسخو، ديهه نيلوفري جي ڳوٺ سوڀارو مڱريو جي مسجد ۾ پيل هو، اتان کان اشاعت العلوم لائبريري مسڻ ۾ آيو، هاڻي اهو قيمتي قلمي نسخو گُم آهي. بهرحال حافظ طاهر مڱريو جو درسگاهه ولهار ۾ پڙهڻ لاءِ سندس خانداني روايت درسگاهه واري قلمي نسخي ۾ تماچي مڱرئي جي نالي سان سن 1279هه/63-1862ع لکيل سندس خاندان ۾ هينئر به حافظ طاهر جو هجڻ، اهي مٿيون ڳالهيون ثابت ٿيون ڪن ته، حافظ طاهر مڱريو اول درسگاهه ولهار جو شاگرد هو، هاڻي سوال هي ٿو پيدا ٿئي ته حافظ طاهر ڪهڙي ولهاري بزرگ وٽ تعليم حاصل ڪئي، ان وقت سال ڪهڙو هو، ان لاءِ عرض آهي ته قرآني قلمي نسخي ۾ تماچي مڱرئي جي نالي سان گڏ سن 1279هه/62-1862ع ملي ٿو، مٿي ذڪر ڪيل شجري مطابق تماچي حافظ طاهر جو پوٽو ٿئي، ان حساب سان حافظ طاهر، مخدوم ميان مقبول ولهاري جو شاگرد هو، مخدوم ميان مقبول ولهاري وڏي ڄمار ماڻي 1215هه/1802ع ۾ وفات ڪري ويو. حافظ طاهر جي قبر جي نشاندهي ڪرڻ کان سندس خاندان قاصر آهي، ۽ وفات جو سن به تحقيق طلب آهي.

حاجي شهمير ٽالپر:

حاجي شهمير ٽالپر جي حوالي سان ڪتابي احوال گهٽ ٿو ملي، سواءِ ڪتاب ”سڄڻ ڏٺو جن“ جلد ٻيو ۾ ڪجهه قدر ڄاڻ ملي ٿي، باقي ٻين ڪتابن ۾ جهڙوڪ: ڪلام گرهوڙي لواري جا لال، تحفة لواري وغيره ۾ سندس نالو ۽ حاجي شهمير جي روايت آهي ته بس ايترو لکيل آهي. اچو ته هن ڀلاري بزرگ جي مختصر سوانح حيات، صدري روايتن ۽ ڪتابي حوالن جي ذريعي حاصل ڪريون. حاجي شهمير ٽالپر ٽالپرن جي بهاراڻي پاڙي مان هو، جيئن حاجي شهمير ولد سليمان ولد رندو ولد بهار خان ۽ حاجي شهمير جي اولاد جو شجرو هن طرح آهي: خليفو غلام محمد ولد جعفر خان ولد حاجي شهمير خان. ياد رهي ته گرهوڙي ۽ سامي جي جنگ دوران سامي کي ڌڪ هڻي ماريندڙ مير رامڻ ٽالپر (مدفن گرهوڙ شريف) ولد مير جعفر ولد حاجي شهمير ٽالپر هو ۽ فارسي جي گُمنام ڪتاب ’مرغوب الاحباب‘ جو مؤلف خليفو نظر علي ولد الطاش ولد حاجي شهمير ٽالپر هو، حاجي شهمير ٽالپر ڪڏهن ۽ ڪٿي ڄائو؟ ان باري ۾ هيستائين ڪابه خبر چار ملي نه سگهي آهي، پر ڪتاب ’سڄڻ ڏٺو جن‘ ۾ لکيل آهي ته، حضرت خواجه شيخ حاجي شهمير ٽالپر خانپور (نزد رام جاڳو بچاء بند) مان لڏي اچي جهڏي گُدام تعلقي ڊگهڙي (جهڏو هاڻي تعلقو آهي) ۾ رهائش اختيار ڪئي، حاجي شهمير ڪڏهن وفات ڪئي؟ سندس مزار مبارڪ ڪٿي آهي؟ تنهن بابت معلومات ملي نه سگهي آهي.(8) حاجي شهمير ٽالپر گرهوڙي صاحب جو ساٿاري بلڪ پير ڀائي هو، بعد ۾ حاجي شهمير جو خاندان، اول شاهه گهُريو (پيرو لاشاري بدين) پوءِ تلهار پوءِ لواري شريف جي ويجهو ڳوٺ فضل محمد ٽالپر عرف اِنڍهلو ۾ اچي ويٺو.(9)

هي ته هو حاجي شهمير ٽالپر جو سوانحي خاڪو، جيڪو ڪتابي ۽ خانداني روايتن جي آڌار تي تحرير ڪيو ويو. آئون پاڻ کي خوشنصيب ٿو سمجهان ته سنڌ جي تاريخ علمي، ادبي ۽ روحاني خطي ولهار سان منهنجو تعلق آهي، تاريخ ۽ تحقيق جي جستجو، منهنجي مُحسن ۽ استاد مولانا عبدالڪريم لغاري جي دعائن جو ثمر آهي. ان حوالي سان درسگاهه ولهار عرف ميين معروف جا قبا بار بار ڏسڻ جو موقعو ملندو رهندو آهي، ان درسگاهه واري پڊ تان ڪيترائي ٽامي جا سِڪا، هڪ سرمي جي سرائي جنهن جي چوٽيءَ تي مور ٺهيل آهي، ميين معروف جي قبن جي مرمت دوران هڪ وضو وارو هنجهه ڪرو به مليو آهي، قبن کان اولهه ڪجهه فاصلي تي جهوني ڪنڊي جي وڻ ڀرسان پٿر جي تراشيل قبر آهي، جنهن جي سيرانديءَ ڪلمو طيبه ۽ پيرانديءَ کان فارسي ۾ هي عبارت آهي، ”مقبره حاجي شهمير ٽالپر تاريخ ماه شوال 11 سن 1200هه“ مٿي توهان حاجي شهمير ٽالپر جو سوانحي خاڪو اک مان ڪڍي آيا، هاڻي سوال هي ٿو پيدا ٿئي ته اهو ماڻهو اصل خانپور (رامجاڳو) جو حضرت سلطان الاولياء جو خاص مريد گرهوڙي صاحب جو پير ڀائي هجڻ سان گڏ پيارو دوست به هو، لواري شريف وارا بزرگ نقشبندي سلسلي جا هئا، ولهاري مخدوم پڻ نقشبندي هئا، پوءِ مذڪوره همراهه ولهاري بزرگن وٽ ڇو آيو؟ ۽ سندس آخري آرامگاهه هتي ڇو آهي؟ منهنجي خيال ۾ ان جا ٻه سبب ٿي سگهن ٿا:

(الف) حاجي شهمير نقشبندي هو، ولهاري بزرگ به نقشبندي هئا، شايد وڌيڪ فيضياب ٿيڻ لاءِ ولهار جا وڻ ڏٺائين.

(ب) يا حاجي شهمير علم جي تلاش ۾ درسگاهه ولهار ۾ آيو؟

پهرين سوال جي باري ۾ جواب عرض آهي ته لواري شريف خود نقشبندي سلسلي جو مرڪز هو، تنهنڪري حاجي شهمير ٽالپر پنهنجي مرشد حضرت سلطان الاولياء کي ڇڏي، ولهاري بزرگن وٽ ڪيئن ايندو؟ ٻي ڳالهه هيءَ ته درسگاهه ولهار جو پنهنجي وقت ۾ علمي چرچو ڏيها ڏيهه مشهور هو، آئون سمجهان ٿو ته حاجي شهمير وڌيڪ علم حاصل ڪرڻ لاءِ درسگاهه ولهار پهتو. درسگاهه جي عظيم استاد مخدوم  ميان مقبول ولهاري (وفات: 1215هه- .......... ) وٽ وڌيڪ علم پڙهيو ۽ 1200هه مطابق 1786ع ۾ وفات ڪري ويو. کيس اتي ئي دفن ڪيو ويو. حاجي شهمير ٽالپر درسگاهه ولهار ۾ پڙهيو يا نه؟ ان سان سنڌ جا اهلِ قلم مون سان متفق هجن يا نه، پر گرهوڙ صاحب جو درسگاهه ولهار ۾ پڙهڻ، گرهوڙي ۽ حاجي شهمير جو پير ڀائي هجڻ، ولهاري مخدوم ۽ حاجي شهمير ٻنهين جو نقشبندي سلسلي سان واڳيل هجڻ، انهن ڳالهين جون جڏهن ڪڙيون ملائبيون ته اسان کي فقط هي گس ملي ٿو ته حاجي شهمير ٽالپر درسگاهه ولهار جو شاگرد آهي.

حافظ صالح اوٺو:

اوٺا قبيلو سنڌ ۾ وڏي تعداد ۾ آباد آهي ۽ سماٽ جي زمري ۾ اچي ٿو، سنڌ ۾ اوٺا قبيلي جون ٻه شاخون مشهور آهن: هڪڙا ولهاري اوٺا ٻيا خطائي اوٺا. خطائي اوٺا سيوهڻ جي آسپاس رهن ٿا، ۽ ولهاري اوٺا، جيڪي ولهار ۾ رهڻ جي ڪري ولهاري سڏجن ٿا. جيئن ته ٽنڊي الهيار واري ولهار اوٺن جي ولهار سڏجي ٿي، جنهن ۾ اوٺن جا وڏا وڏا راڄ آهن. نائين صدي هجري جو بزرگ درويش صدر عرف ڳاڙهو صدر پڻ ذات جو اوٺو آهي، جنهنجو شمار حضرت غوث بهاءالدين جي خليفن ۾ ٿئي ٿو، مکڻ فقير اوٺو، سخي ڪاڻو اوٺو، شادي اوٺو (شاديون ولهار) شيرو اوٺو، موريو اوٺو، (هاڻي ڳوٺ صالح اوٺو) بزرگ حافظ فقير اوٺو (مدفن بڪيرا شريف) شاعر فقير قاسم اوٺو (مدفن بڪيرا شريف) ۽ ٻيا گُمنام اوٺا بزرگ بهرحال زيرموضوع آيل حافظ صالح اوٺو به درسگاهه ولهار جي شاگردي زمري ۾ اچي ٿو، درسگاهه ولهار ۾ پرديسي شاگردن سان گڏ مقامي شاگرد به پڙهيا، جن ۾ فتن فقير ۽ حافظ طاهر مڱرئي جو ذڪر ٿي چڪو آهي، باقي رهيو مسئلو حافظ صالح اوٺي جو درسگاهه ولهار ۾ پڙهڻ جو، سو ان لاءِ هيٺ ٻه ڳالهيون پيش ڪجن ٿيون:

(الف) درسگاهه ولهار جي ڪتبخاني ۾ مليل قرآني قلمي نسخي جي آخر ۾ لکيل آهي ته ”سويم بار جلد بندي شد از دست حافظ صالح اوته سڪنه ولهار تاريخ 12 ماه ذوالقعد 1306هه/1889.

(ب) ڳوٺ صالح اوٺو، اڄ به چمبڙ ويجهو موجود آهي، جيڪو اڳي موريو اوٺو سڏبو هو، پر موجوده اوٺن پنهنجي وڏڙن جي نالي کي برقرار رکندي، هن ڳوٺ جو نالو صالح اوٺو رکيو آهي، ان ڳالهه مان اسان بخوبي اندازو لڳائي سگهون ٿا ته، چمبڙ ويجهو ڳوٺ صالح اوٺو، ان حافظ صالح اوٺي ٻڌايو هجي جنهن جو نالي درسگاهه ولهار مان مليل قراني قلمي نسخي جي آخر ۾ لکيل آهي: حافظ صاحب جي نالي ڀرسان 1306هه رقم ٿيل آهي حافظ صالح واري جلد بندي جو 1306هه ۽ درسگاهه ولهار ٽنڊوالهيار جو اختتام 1280هه برابر 64-1863ع ۾ ٿيو، يعني 26 سال بعد ذڪر ڪيل قراني نسخي جي ٽيون دفعو جلدبندي ٿي، جيئن ته محمد صالح اوٺو قرآن پاڪ جو حافظ هو، ۽ قلمي لکت ۾ ”سڪنه ولهار“ لکيل آهي ته پوءِ لازمي هن قرآن پاڪ جو حفظ درسگاهه ولهار مان ئي ڪيو هوندو، ته پوءِ سندس ته پوءِ ولهاري بزرگن مان سندس استاد ڪهڙو هو؟ درسگاهه ولهار ۾ پڙهائيندڙ ولهاري استادن مان مخدوم ميان مقبول ولهاري جنهن 1215هه برابر 1793ع ۾ وفات ڪئي، درسگاهه ولهار جو اختتام 1280هه ۾ ٿيو، يعني درسگاهه ولهار جي اختتام کان 65 سال پهرين ميان مقبول جي وفات آهي، ۽ قرآن جي ٽئين دفعا جلدي مدرسي جي اختتام کان 26 سال پوءِ ٿي. ميان مقبول ۽ قرآني جلدي بندي ۾ 91 سال جو فرق آهي. مطلب اهو ٿيو ته حافظ صالح اوٺو، ميان مقبول ۽ مدرسي جي اختتام جي درميان جيڪي 35 سال هئا، انهن ڏينهن ۾ پڙهيو، بقول ڊاڪٽر بلوچ جي ته 1280 کان پوءِ به ڪجهه وقت مدرسي ۾ پڙهائي هلي، حافظ صالح جو استاد ڪهڙو هو، ان بابت ڪجهه به چئي نٿو سگهجي، حافظ صالح ڪهڙي سن ۾ وفات ڪئي، ڪٿي دفن ٿيل آهي. سندس خاندان مان هينئر ڪهڙا همراهه آهن ان بابت ڪابه حتمي ڳالهه نٿي ڪري سگهجي.

حوالا:

1.    

تذڪره مشاهير سنڌ، جلد ٽيون، مولانا دين محمد وفائي، ص 265، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو، سال 1986ع.

2.   

راوي رئيس فتح خان ولد نصير خان جروار پاڙو نصيراڻي عمر 95 سال وفات 2005ع ڳوٺ مٺو جروار ٽنڊوالهيار سندس وڏڙن جو پڊ ڳوٺ خيرمحمد جروار لڳ قبرستان فتح فقير.

3.   

لطف اللطيف، مولانا دين محمد وفائي، ص 63، وفائي پبليڪيشن ڪراچي.

4.   

مقالات قاسمي، مرتب: مظهرالدين سومرو، ص 635، آڪٽوبر 2000ع، نفيس پريس لچپت روڊ حيدرآباد.

5.   

ڪلام گرهوڙي، مرتب: علامه عمر بن محمددائودپوٽو، ڇپائيندڙ: ثقافت کاتو ڪراچي، 1986ع.

6.   

راوي محمد اسحاق ولد طاهر مڱريو (ٽيون) ساڻس مئي 2020ع ۾ ڪچهري ٿي.

7.   

محمود مڱريو اڻپڙهيل هوندي به لوڪ ادب جو بهترين شاعر هو، سندس ڪلام ورهاڱي کان اڳ جي واقعات تي مشتمل آهي، پاڻ سؤ سال جي ڄمار ۾ 7 جنوري 2004ع ۾ وفات ڪري ويو.

8.   

’سڄڻ ڏٺو جن‘، جلد ٻيو، مرتب: سائين بخش قبولائي جوڻيجو، ص 64، پاران حضرت سلطان الاولياء قدس سره اڪيڊمي ڏوڪري ضلعو لاڙڪاڻو.

9.   

راوي مهربان دوست ڊاڪٽر شرف الدين ٽالپر لواري شريف ساڻس 20 آڪٽوبر 2010ع تي لواري شريف ۾ ڪچهري ٿي.

 

ڪافيءَ جي زبان:

ڪافيءَ ۾ اهڙي زبان ڪم آڻڻ گهرجي، جيڪا پڙهيل، اڻپڙهيل، ننڍو، وڏو، پوڙهو ۽ پڪو توڙي عورت به ڳالهائيندي هجي؛ ڇو ته ڪافي آهي وارداتن، واقعن، سرگذشتن ۽ حقيقتن جي آرسي. بيان ۽ احوال اهڙي ته ڍنگ سان آڻڻ کپن، جو ٻڌندڙ هي محسوس ڪن ته سندن ڳالهيون ٿي رهيون آهن ۽ ساڻن ئي اهي حالتون لاڳو آهن. پر افسوس آهي جو پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ کان پوءِ تمام گهڻو ۽ تڪڙو ڌاريان لفظ، ڌاريان محاورا، ڌاريان خيال ۽ ڌاريان مثال ۽ مضمون، ڪافيءَ جي پاڪ ۽ صاف زمين ۾ ٽنبيا وڃن ٿا ۽ ڪافيءَ جي مضمونن کي ميرو ۽ گدلو ڪيو پيو وڃي. وڏي ڏک جي ڳالهه ته وري هيءَ آهي، جو انهيءَ قسم جون ڪافيون ريڊيو پاڪستان به نشر ڪري رهيو آهي، ۽ عام ماڻهو ان ڪلام کي سَند ڪري وٺي رهيا آهن.

اڄ به جيڪڏهن هيٺ لکيل ٻه – ٽي سِٽون ڪنهن محفل ۾ کڻي پڙهبيون ته
في الحال گهڻا ٻڌندڙ ته هَڪا ٻَڪا ٿي ويندا ۽ لغت ياد ڪرڻ لڳندا.

”اها پَڻِي جنهن ڀون جي هئي، تنهن تي وڃي هن تڪيو ڪيو، تون گريي ۽ بُڪاءِ سان پاڻ نه کاڻِ، آواٽَ ۽ اوايو مَ ٿي، نه ته ڀڻو مارڳ کان پري پيو رمندين.“

هن زماني ۾ شهري ماڻهو سنڌي ٻولي ڳالهائيندي، تقرير ڪندي يا شعر لکندي ٻين ٻولين جا لفظ وغيره عام جام پيا استعمال ڪندا آهن، جن جي ضرورت ئي ڪانه هوندي آهي. انهن صاحبن جي انهيءَ عمل جو مطلب هوندو آهي پنهنجي علميت ڏيکارڻ. پر حقيقت ۾ اهائي ته بيعلمي آهي:

مخدوم محمد زمان ”طالب الموليٰ“

رسالو مهراڻ 3-4/1969ع تان کنيل

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org