سوچ – لوچ
شڪرالحمدلله، ٽماهي ’مهراڻ‘ پنهنجي نئين دؤر ۾
تمام شاندار طريقي سان شايع ٿي رهيو آهي. هِن سفر
۾ سنڌ جي ڪنڊ ڪُڙڇ مان اسان کي ڪيترن ئي مهربان
محققن، تخليقڪارن ۽ شاعرن جو تعاون حاصل آهي. هن
سلسلي ۾ اسان کي ايڊيٽوريل بورڊ جي مهربان ميمبرن
سان گڏ چيئرمين مخدوم سعيدالزمان ’عاطف‘ صاحب جو
خصوصي تعاون ۽ رهنمائي پڻ حاصل آهي. ٽماهي ’مهراڻ‘
۾ ڪجهه عرصي کان ڪجهه سلسلا شروع ڪيا ويا آهن، جن
۾ لافاني ڪلام، لوڪ ادب ۽ ’مهراڻ‘ تي پڙهندڙن ۽
لکندڙن جون تجويزون شامل آهن. هنن سلسلن کي
پڙهندڙن پاران ساراهيو ويو آهي. ۽ معزز پڙهندڙ
’مهراڻ‘ کي باقاعدگيءَ سان پڙهي پنهنجون تجويزون
لکي موڪلين ٿا، جن کي شايع ڪرڻ سان گڏ انهن جي
اصلاحي تجويزن تي عمل ڪرڻ جي ڪوشش پڻ ڪيون ٿا.
معمور يوسفاڻي لائبريريءَ جو افتتاح:
تاريخ 9- نومبر 2021ع تي سنڌي ادبي بورڊ جي
چيئرمين مخدوم سعيدالزمان ’عاطف‘عمرڪوٽ لڳ لطيف
ننگر ۾ قائم ڪيل معمور يوسفاڻي لائبريريءَ جو
افتتاح ڪيو ۽ پنهنجي خطاب ۾ چيو ته لائبريريون
صحتمند معاشري جي علامت آهن، جنهن سان نوجوانن جي
لاءِ مطالعي ۽ تفريح جو موقعو فراهم ٿئي ٿو ۽ سماج
۾ منفي مشغولين جو بهترين نعم البدل آهن. تقريب جي
ميزبان ڊاڪٽر اسد ’جمال‘ پليءَ چيئرمين صاحب جي
آمد تي سندن ٿورا مڃيا.
بورڊ جي ملازمن سان گڏجاڻي:
تاريخ 16- نومبر 2021ع تي سنڌي ادبي بورڊ جي
چيئرمين مخدوم سعيدالزمان ’عاطف‘ هيڊ آفيس جي سڀني
شعبن جو دؤرو ڪيو، ۽ شعبن جي سربراهن ۽ سندن
ماتحتيءَ ۾ ڪم ڪندڙن ملازمن سان ڪم ڪار جي سلسلي ۾
تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي، ۽ ان کان پوءِ شعبن جي
سربراهن سان پڻ گڏجاڻي ڪري ڪم ڪار جي حوالي سان
معلومات حاصل ڪئي.
پَڳهه ڇوڙي پنڌ پيا:
ديدار شاهه ’ديدار‘ لڪياري
سيد
ديدار شاهه لڪياريءَ جي ولادت 5- آڪٽوبر 1945ع تي
(دونهائون شريف)، تعلقو ڊگهڙي ضلعي ميرپورخاص ۾
ٿي، سندس والد جو نالو سيد محمد شاهه هو، پاڻ سنڌ
جي مشهور لڪياري بزرگ مير موليڏنو شاهه لڪياريءَ
جي خاندان مان هئا.
سيد ديدار شاهه نه صرف سُٺو شاعر، پر علم دوست
شخصيت پڻ هو، پاڻ گهڻن ئي مشاعرن ۾ شرڪت ڪيائون ۽
ڪيترائي مشاعرا ۽ ادبي محفلون پنهنجي ڳوٺ منعقد
ڪيائون، سندن شاعري مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾ پڻ
شايع ٿيل آهي. وٽن سگهڙن جون ڪچهريون به اڪثر
ٿينديون هيون. پاڻ 28- سيپٽمبر 2021ع تي وفات
ڪيائون. سندن آخري آرامگاهه سندن نالي تي قائم ڳوٺ
۾ ميرپورخاص عمرڪوٽ روڊ تي بچاءُ بند لڳ آهي.
ميرزا فياض علي بيگ
ٽنڊو
آغا حيدرآباد جي علمي ۽ ادبي گھراڻي ميرزا خاندان
جو چشم و چراغ ۽ معروف شاعر ۽ ليکڪ ميرزا فياض علي
بيگ ’فياض‘ 71 سالن جي ڄمار ۾ انتقال ڪري ويو.
ميرزا فياض علي بيگ ولد ميرزا حامد علي بيگ 15-
آگسٽ 1950ع تي ٽنڊو آغا ۾ جنم ورتو. پاڻ انتهائي
خاموش طبيعت رکندڙ ۽ خوش مزاج شخصيت جو مالڪ هو.
خاندانيءَ اثر هيٺ سندن ننڍپڻ کان شعر و شاعريءَ
سان رغبت
رهي.
شاعريءَ
۾ سندن استاد ميرزا علي محمد بيگ ’مظفر‘ ۽ ڊاڪٽر
شيخ محمد ابراهيم ’خليل‘ هئا. سندن وفات بعد پاڻ
پنهنجي والد ميرزا حامد علي بيگ ۽ وڏي ڀاءُ ميرزا
فتح علي بيگ کان اصلاح وٺندو هو. شاعريءَ کانسواءَ
خطاطي ۽ مصوريءَ تي به خاصي دسترس رکندو هو. پاڻ
سٺو شاعر ۽ نثرنگار هو، سندن ڪيترائي
ڪلام ۽ مقالا ٽماهي
’مهراڻ‘
رسالي
جي صفحن جي زينت بڻيل آهن. سندن ڪلام جو مجموعو
’ڪُني منجھه
ڪڻا‘
سال 1993ع ۾ شايع ٿيو، جنهن جو مقدمو نالي واري
شاعر عبدالقيوم ’صائب‘ لکيو،
جڏهن ته سندن پنجاهه کان به مٿي ڪتاب اڻڇپيل آهن.
جن
۾
سندن وڏو ڪم آهي
’حيدرآباد
جي تاريخ‘.
جنهن ۾ پاڻ حيدرآباد جي خاندان، ماڳن ۽ مڪانن جو
ذڪر ڪيو آهي. حيدرآباد جي معروف شخصيت ميرزا فياض
علي بيگ 30- سيپٽمبر 2021ع تي اسان کان هميشه لاءِ
جدا ٿي ويو.
شوڪت حسين شورو
سنڌ جو ناميارو برک ڪهاڻيڪار، ڊراما نويس، شوڪت
حسين شورو 9- نومبر 2021ع تي لاڏاڻو ڪري ويو.
شوڪت حسين شوري جو جنم 4-
جولاءِ 1947ع ۾ اڳوڻي ٺٽي ضلعي تعلقي سجاول جي ڳوٺ
حاجي نورمحمد شوري ۾ ٿيو، 1968ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ
مان سنڌي ادب ۾ ماسٽرس ۾ ڊگري حاصل ڪئي. نوڪريءَ
جي سلسلي ۾ سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد ۾ ڪلارڪ ٿيو ۽
پوءِ بورڊ مان شايع ٿيندڙ ٻارڙن جي رسالي گُل ڦُل
جو ايڊيٽر مقرر ٿيو. سندس ڪهاڻين جا 4 مجموعا پڌرا
ٿي چڪا آهن. جن ۾ 1981ع ۾ گونگي ڌرتي ٻوڙو آڪاس،
1983ع ۾ ٽنگيل سپنا، 1989ع ۾ گم ٿيل پاڇو ۽ 2014ع
۾ سنڌي ادبي بورڊ مان رات جو رنگ شايع ٿي چڪا آهن.
پاڻ پاڪستان ٽيليويزن ڪراچي سينٽر تي اسسٽنٽ
اسڪرپٽ پروڊيوسر پڻ رهيو، ۽ ريڊيو تي پڻ ڪافي
ڊراما لکيائين، پي.ٽي.وي تي چار سنڌي ڊراما سيريل
ملڪيت، دلدل، باک، ۽ سونيتي ۽ اردوءَ ۾ پڻ سولو
پلي نشر ٿي چڪا آهن. سنڌ يونيورسٽيءَ جي اهم
اداري انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ ۾ ڊائريڪٽر رهيو ۽
2006ع ۾ اتان ئي رٽائرڊ ٿيو. شوڪت حسين شورو سنڌي
ادبي بورڊ ۽ سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي بورڊ آف
گورنرس جو ميمبر پڻ رهيو. 1984ع کان 2013ع تائين
سنڌي اديبن جي وفدن سان گڏ هندستان جا دورا پڻ
ڪيا، ڪيترائي ايوارڊ ۽ اعزاز حاصل ڪيائين.
سيف الله خالد يوسفاڻي
سيف
الله ’خالد‘ ولد محمد عمر ’معمور‘ يوسفاڻي پلي 4-
جون 1961ع تي ڳوٺ حاجي نبي بخش پلي (لطيف نگر)
ضلعي عمرڪوٽ ۾ پيدا ٿيو. پاڻ پيدائش کان وٺي پوري
زندگي پنهنجي چوگرد علم و ادب جو ماحول ۽ اديبن ۽
شاعرن جا ميڙ ۽ ميڙاڪا ڏٺائون. پنهنجي والد جي
صحبت ۾ سنڌي ’غزل‘ جي نمائنده شاعر طور اڀريا.
پاڻ سنڌ خواه پاڪستان سطح جي مشاعرن ۾ پنهنجي
شاعري تي سنڌي جي استاد شاعرن کان داد ورتائون.
کيس نظم تي به مَلڪو حاصل هو. ڪجهه اردو غزل به
لکيائين. سُٺو سُگهڙ شاعر به هو ته تمام سٺو
ڪمپيئر پڻ هو. ڪيترن مشاعرن ۽ ادبي ڪانفرنسن جي
ڪمپيئرنگ ڪيائين. تمام معياري مضمون ۽ مقالا پڻ
لکيائين، حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي رسالي جو
ڄاڻو هو ۽ کيس رسالي مان ڪيترائي بيت پڻ ياد هئا.
ڪچهرين جو ڪوڏيو هو. علمي ادبي ميڙاڪن خاص طرح جشن
’معمور‘ جي سڀني پروگرامن ۾ پنهنجي ڀاءُ ڊاڪٽر اسد
جمال پلي جو دستِ راست رهيو. مولانا ابوالڪلام
آزاد جي ڪتاب ’زندگي موت جي دروازي تي‘ سنڌي ۾
ترجمو ڪري ڇپايائين. سندس شاعري خواه مضمون ۽
مقالا گهڻي تعداد ۾ مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾ ڇپيل
آهن. پاڻ اربع ڏينهن 10- نومبر 2021ع تي هزارين
دوستن جي محفل مَتي ڇڏي وڃي پنهنجي مالڪ حقيقي سان
واصل بالله ٿيو.
رسول ميمڻ
24-
نومبر 2021ع تي ناميارو ڪهاڻيڪار، ناول نويس، رسول
ميمڻ لاڏاڻو ڪري ويو، پهرين جنوري 1956ع تي سکر ۾
جنم ورتل رسول ميمڻ پرائمري کان ڪاليج تائين تعليم
سکر شهر مان حاصل ڪئي، 1978ع م چانڊڪا ميڊيڪل
ڪاليج مان ايم.اي.بي.ايس جو امتحان پاس ڪيو، رسول
ميمڻ ننڍپڻ کان وٺي لکڻ شروع ڪيو، سندس پهريون شعر
1976ع ۾ ڇپيو ۽ سندس پهرين ڪهاڻي مارو پبليڪيشن
حيدرآباد ۾ شايع ٿي. هن وقت سندس ڪهاڻين ۽ ناولن
جا ڪتاب امن جي نالي، ڪافر ديوتا، چچريل زندگين جا
قافلا، ابابيل جي آخري اُڏام، فونو، سونو ڏند،
حليمان، قالو بلا، بخوبي، اوڻيهه عورتون ۽ ٻيا پڻ
ڇپيل آهن، سندس شاعريءَ جو مجموعو اوشا جي آشا ۽
دنيا جي مشهور شخصيتن بابت ترجمو ٿيل هڪ ڪتاب
’ماڻهو جيڪي مرڻا ناهن‘ پڻ ڇپيل آهن.
تعزيتي ميڙاڪو:
تاريخ 2- ڊسمبر 2021ع تي سنڌي ادبي بورڊ ۾ قائم
ڪيل مخدوم محمد الزمان طالب الموليٰ آڊيٽوريم ۾
بورڊ آف گورنرس جي موجوده ميمبر سيد حاڪم علي شاهه
بخاريءَ ۽ ناليواري ڪهاڻيڪار ۽ ڊراما نويس شوڪت
حسين شوري جي ياد ۾ تعزيتي ميڙاڪو ڪوٺايو ويو،
جنهن جي صدارت بورڊ آف گورنرس جي معزز ميمبر ڊاڪٽر
عبدالغفار سومرو ڪئي ۽ ناليواري اديبن: محترم
سرفراز راڄڙ، محترم تاج جويو، ڊاڪٽر اسد ’جمال‘
پلي، ڊاڪٽر قاضي خادم، محترم نياز پنهور، ڊاڪٽر
تهمينه مفتي، ڊاڪٽر نواب ڪاڪا، محترم نصير مرزا،
ڊاڪٽر ريحانه نظير ۽ محترم محبوب سنڌيءَ تعزيتي
ميڙاڪي کي خطاب ڪندي سندن زندگيءَ ۽ علمي، ادبي
خدمتن تي ڀيٽا پيش ڪئي.
بورڊ آف گورنرس جو اجلاس:
تاريخ 6- ڊسمبر 2021ع تي چيئرمين سنڌي ادبي بورڊ
مخدوم سعيدالزمان ’عاطف‘ جي صدارت هيٺ بورڊ آف
گورنرس جو اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ بورڊ جي تازو گذاري
ويل نامياري ڪهاڻيڪار، ڊراما نويس شوڪت حسين شورو
۽ نامياري اديب، شاعر
سيف الله خالد يوسفاڻي جي ايصال و ثواب لاءِ دعا
گهري وئي، اجلاس ۾ بورڊ جي مسئلن تي غور ويچار ڪيو
ويو.
ثمينه ميمڻ
ايڊيٽر ’مهراڻ‘
مغلن جي راڄ جو آخري عرصو ۽ ڪلهوڙن جو ابتدائي دور
سنڌي زبان لاءِ نوان نياپا، نوان موڙ، نيون
ڌارائون ۽ نوان ماپا کڻي آيو. هڪ طرف مخدوم
ابوالحسن، مخدوم ضياءالدين، مخدوم محمد هاشم ٺٽوي،
شاهه عنايت شهيد، مخدوم محمد معين ٺٽوي ۽ شاهه
لطيف سنڌي زبان ۾ نئون روح ڦوڪي ان کي تاحيات ۽
زندهه جاويد بنائي ڇڏيو. ڀٽائي صاحب جو سنڌ تي وڏو
احسان آهي. هن سنڌي زبان کي لازوال بنائيڇڏيو ۽
اهڙي عام فهم ٻوليءَ ۾ صوفياڻو پيغام ڏنو، جنهن نه
صرف سڄي سنڌ پر سنڌي زبان کي امر بنائي ڇڏيو آهي.
هونئن ته بيان العارفين ڪتاب مان ظاهر آهي ته
ارغونن ۽ ترخانن جي زماني ۾ به سنڌي زبان ڪنهن نه
ڪنهن طريقي سان نستعليق يا نسخ خط ۾ پيئي لکبي
هئي، پر نسخ خط ۾ پهريون پهريون معياري ڪتاب
”مقدمـﺔ الصلواة“ لکيو ويو هو، جو ”ابوالحسن جي
سنڌيءَ“ جي نالي سان سان مشهور ٿيو. ”مقدمـة
الصلواة“ جي لکڻ سان ٻن نصابي حيثيت ورتي، جنهن کي
سڄي سنڌ جي عالمن تسليم ڪيو ۽ ٻيو ته سنڌي زبان
لاءِ سنڌ جي سڀني مدرسن ۾ اصولي طور هڪ صورتخطي
منظور ڪئي ويئي. جيتوڻيڪ اهي بزرگ جيڪي نستعليق
رسم الخط تي هريل هئا، سي ان ئي رسم الخط ۾ پيا
لکندا هئا، پر سنڌ جي اڪثر عالمن جهڙوڪ: مخدوم
ضياءالدين ٺٽوي، مخدوم محمد هاشم ٺٽوي، مخدوم
عبدالله ۽ ٻين عالمن پنهنجن پنهنجن مدرسن ۾ رسم
الخط اختيار ڪيو.
ڊاڪٽر غلام علي الانا
رسالو مهراڻ 4/1984ع تان کنيل
شاهه لطف الله قادري
(1611ع –– 1679ع)
*
سي ئي سالڪ هليا، واٽون ويهه هلن،
ڪوڏان پيو قطاران پانڌي لئه پرين،
اوري ڪن نه آسرو، تاڻيو توڙ وڃن،
واري تت رهن، جن ريءَ پرين ڪين پسن.
حسن حبيبن جو پَسين جي هيڪار،
ته توکي سڀ ڄمار وڃي اڃ ورهين جي،
حسن حبيبن جو پَسين جي پيهي،
ته توکي سڀئي، ٻيون وڃن وسري.
حسن حبيبن جو جن ڏٺو جيئن برق،
سي پايو هڪ فرق، سدا پوڻن سڪڻا.
(ڪتاب: ’سنڌي شاعريءَ جو سفر‘ تان ورتل)
*
مخدوم عبدالرئوف ڀٽي
(1682ع –– 1752ع)
*
منارا مير مرسل جا ڏسان شل ڏيهه سڀ ڏوري،
هلي هالا مٽيان ميسا، انڙ پور کي ڇڏيان اوري.
مٽيارن جي محابي کان، گليون مانجهند ڇڏيان گهوري،
ڪوٽ ۽ ڪوٽڙي، کوکر، سونڊا سيريون ڇڏيان سوري.
ننگر بندر ۽ باگاڻا، ڪراچي کان وڃان ڪوري،
هلان جدي منجهان مڪي، ڪريان طواف سعي توڙي،
پيئان پاڻي سندو زم زم، ڇڏيان احرام ات ڇوڙي.
(ڪتاب: ’سنڌي شاعريءَ جو سفر‘ تان ورتل)
ڀائي چين راءِ ”سامي“
(1743ع –– 1850ع)
*
پرين جو پڙلاءُ، اچي پيو اکين تي،
جنهن جو روپ نه رنگ ڪو، نڪو پيءُ نه ماءُ.
*
ڀانئين ڀڃي ڇڏي، متان ڄاڻ وجهيئي ڄار ۾،
آهيون اسين جن جا، تنين وٽون اڏ،
پاڻ تنهين سان گڏ، تنهين جن جو نامن سان.
*
سارو جڳ انڌو ٿيو، مايا جي موهه ۾،
وجهي ويٺا پاڻ کي، بنا سمجهه سنڌو،
ڪو عاشق چڙهيو اڄ تي، ڄاڻي دوڙ
ڌنڌو،
واري کيت کنڌو، سامي مليو سروپ سان.
(ڪتاب: ’سنڌي شاعريءَ جو سفر‘ تان ورتل)
حاجي فقير پلي
(1733ع –– 1813ع)
*
ساراهيان سچو ڌڻي، جو ڪل تي آهي قدير،
ٻيو سوجهرو سنسار جو، مرسل ماهه منير،
ضامن ضعيفن جو آهي، دلبر دستگير،
اوکي ۾ اڙين کي، اچي ڏيندو سيد سڌير،
هيڻن جو ”حاجي“ چئي، آهي آسرو امير،
اندر منجهه اڪير، آهي آري ڄام جي.
(ڪتاب: ’تذڪره شعراء پلي‘ محمد اقبال پلي تان
ورتل)
هزهائينس مير شهداد خان ٽالپر ”حيدري“
(1822ع –– 1857ع)
ڪلام
حسن و جمال جو ٿيو سندم رشڪِ ماه ۾،
سو حسن سو جمال ناهي مهر و ماهه ۾.
زلفِ سيه جو عڪس اکين ۾ سمايو جڏهن،
عالم سياه ٿي ويو، منهنجي نگاه ۾.
پهلو مان راههِ عشق ۾ دل ويو کسي ڪوئي،
لٽجي ويس مان وعدهء اُلفت جي راهه ۾.
ايندو هو شوخ تنهنجي اڱڻ هڪڙي ڏينهن ضرور،
اي ”حيدري“ جي آهي اثر تنهنجي آهه ۾.
(ڪتاب: ’دُرناياب عرف يادِ رفتگان‘ تان ورتل)
*
حيدر بخش جتوئي
(1901ع –– 1970ع)
غزل
ساقي! پيار جام جهان بين ڀري ڀري،
خود بين مشائخن کان ڀڄي ٿيس پري پري.
مُلو سَڙي ٿو، بزم اسان جي ڏسي ڏسي،
سيني سندس ۾ ڪيني جي آتش ٻري ٻري.
ڪر واعظا، زبان ڊگهي ۽ بلند بند،
بيهوش تي اثر نه نصيحت ڪري ڪري.
ناحق وڃائي دين ٿا دنيا خراب ڪن،
کائي ويو رياءُ، سندن جان، هري هري.
”حيدر“ کي پهرين ڏينهن ملي نعمت عجيب،
هن بحر ۾ ٿو پِي پِي ٽُٻي ۽ تري تري.
(ڪتاب: ’سنڌي شاعريءَ جو سفر‘ تان ورتل)
نواب احمد خان”احمد“ لغاري
(1792ع – 1870ع)
ڪلام
ٿل: مومل وڏا ڀاڳ وو! جي تون اچين مينڌرا،
هي سر صدقو آهي اوهان تان،
چمان پيرين خاڪ.
سوڍا توکي سوال اهو ئي،
گهمون ڪنڌين ڪاڪ.
راتو رئان رت ڦڙا،
ڄاڻي ٿو ربّ پاڪ.
عرض سڻي ”احمد“ جو،
چانگي وارج واڳ.
(ڪتاب: ’دُرناياب عرف يادِ رفتگان‘ تان ورتل)
*
قاضي محمد بخش ”عاجز“
(وصال: 1918ع)
ڪلام
دوستو هي درد غم ڪنهن کي چوان،
دل سندو رنج و الم ڪنهن کي چوان.
يار ٿيو اغيار سان مائل وڃي،
هاءِ يارو هي ستم ڪنهن کي چوان.
دلبرا روزِ ازل کان تو سندو،
سوز سيني ۾ اٿم ڪنهن کي چوان.
وصل ڪاتب لاءِ منهنجي لوح ۾،
سوز ڪيو آهي رقم ڪنهن کي چوان.
”عاجز“ آهي يار جو جور و جفا،
هر گهڙي ۽ دمبدم ڪنهن کي چوان.
(ڪتاب: دُرناياب عرف يادِ رفتگان‘ تان ورتل)
سيد ذوالفقار راشدي
(1938ع – 1986ع)
ڪلام
چمڪي چمڪي ويئي وسامي هڪڙو ڀيرو لاٽ،
ڀٽڪي ڀٽڪي بيهي رهندين وري نه ملندئي واٽ.
ڀاڻ- مهل جا ڀلي ڀٽاري تنهن جو ڪهڙو خير،
سانجهي ساڻ ٿڙ ٿاڻءَ نه ٿي، جا پسي نه پو گهر گهاٽ.
اڄ سوڌو خيالن تي آهي اڪريل ڪا تصور ۾،
صبح سويرو نيڻ نشي ۾، ڏيک ڏين چمڪاٽ.
هيءَ پاڻي زهريلو گدلو، ناهي جوئي شِير،
گهر به ڪري ويئي فرهادن جي روحن منجهه اساٽ.
ڪهڙي ندي سانڍي سانده اوٻر اندر جا،
ڪهڙي ڪنڌي زور جهليندي ڦِٽا جڏهن ڪي ڦاٽ.
هيءُ سانتيڪي رڃ لڳي مي، هو هرڻن جي لونجھه،
ڏيا ڏياٽيون اکيون اڃاريون، سا منهن ڪاري ٻاٽ.
ڍٽ ڌڻي مومل جي ماڙي باقي هڪ ٻلانگهه،
هن اوکي پر ٿوڙي پنڌ ۾ ڪرندا ڪين ڪنواٽ
اوٿر ۽ انڌير اسان کي روڪيندو هڪ وار،
ليڪن پنڌ ته جاري رهندو وڄ ڏسيندي واٽ.
(ڪتاب: ’دُرناياب عرف يادِ رفتگان‘ تان ورتل)
*
علي محمد ”مجروح“
(1926ع – 1997ع)
غزل
ستم جيڪي دل تي ٿيا دوستو،
اسان کان ته وسري ويا دوستو.
هي واعظ، هي ناصح، هي شيخِ حرم،
سڀيئي پرکجي پيا دوستو.
اگر قصرِ سلطان ۾ ڪو بت ڀڳو،
اشارا اسان ڏي ٿيا دوستو.
هئا دشتِ غربت ۾ همسفر،
خدا ڄاڻي ڪيڏانهن ويا دوستو.
زماني سان اکيون ملائي هلو،
زمانا بدلجن پيا دوستو
(ڪتاب: ’سنڌي شاعريءَ جو سفر‘ تان ورتل)
*
استاد بخاري
(1930ع –– 1992ع)
غزل
صحبت تنهنجي کنڊ ۽ کير،
توتان صدقي ساهه سرير.
توسان گڏ چاندوڪي چاندي، توريءَ ڪِرڻو ڪِرڻو تير،
پيارا ماڻهو پِيرَ اسان جا، تون پِيرن جو آهين
پِيرُ.
پنهنجي سر جو تون ئي سائين، پاڻ نه ڄاڻون ٽِير
مَٽير.
پياسي دل کي پياريون ويٺا، پنهنجي نيڻن وارو نير،
کَٽَ، جان توکي ڦربو رهبو، تون ته قطب جان قائم
ڪِير.
رات رهي ڪر روح رهاڻ، ڳالهين جو هان مان به ڳهير،
پاڻ حقير، فقير ئي آهيون، ”استاد“ اهي عشق امير.
(ڪتاب: ’سنڌي شاعريءَ جو سفر‘ تان ورتل)
*
وفا ناٿن شاهي
(1944ع – 2005ع)
غزل
ڀيليو ڇو ٿا، گاهه ته ناهيان،
نرم سهي، بي ساهه ته ناهيان.
ايڏو ڇو ٿا ڇِرڪو مون کان،
مان دوزخ جي باهه ته ناهيان.
نيٺ خطا ٿي ويندي مون کان،
آدم هان، الله ته ناهيان.
قيد ٿيان سوني پڃري ۾،
واڻيي جو ويساهه ته ناهيان.
ڇو ٿا مون کي ڦاسي چاڙهيو،
ايڏو حق آگاهه ته ناهيان.
(ڪتاب: ’سنڌي شاعريءَ جو سفر‘ تان ورتل)
احمد خان ڪيريو
(1955ع-11-29 – 2007ع-8-25)
نئون دور آيو، نوان نينهن لايون،
پرين پيار ڀريو وري پيچ پايون.
نوان ساز آڻي، نوان راڳ ڇيڙيون،
نئين نينهن جا ڪي، نوان گيت ڳايون.
هلي آ ته هاڻي ملي پاڻ ۾ ٻئي،
وري گڏجي ڳايون، ورهه واريون وايون.
محبت ۾ جاني ڪبا ڪين آهن،
وڇوٽيون ۽ ويڇا، هي هاڃا ۽ هايون.
ڏسي حال هيڻو، ڪري ڪهل مون تي،
وري مون کي جانب، ڏنيون جيء ۾ جايون.
چئج ’شڪر الحمد‘ آگي جا ’احمد‘،
جي گذريون گهڙيون سي وري موٽي آيون.
(رسالو مهراڻ 4/1987ع)
عرفان مهدي
(1966ع – 1991ع)
ڪلام
هو جي مون سان ملندو ڪونه،
پوءِ به وسري سگهندو ڪونه.
هن لاءِ جيڪر مري وڃان ته به،
پڪ اٿم هو رئندو ڪونه.
ڪين ٺهي ٿو مون سان ليڪن،
ٻئي سان ڏسندو سهندو ڪونه.
شام سمي مون ڏانهن اچي جي،
سورج مون لاءِ لهندو ڪونه.
ڦاٽل منهنجي ڊائري کي هو،
هاڻي کولي پڙهندو ڪونه.
هن جون يادون جيون شڪتي،
”عرفي“ هاڻي مرندو ڪونه.
(ڪتاب: ’دُرناياب عرف يادِ رفتگان‘ تان ورتل)
ديدار شاهه ديدار
(1945ع – 2021ع)
نعت
تون حسن جو شاهنشاهه پرين،
ناهي تنهنجو مٽ والله پرين.
شل توکان پري هڪ پل نه هجان،
ڏيان تنهن جي در تي ساهه پرين.
سڀ تنهن جي جمال جي آهه طفيل،
گل ٻوٽا ۽ وڻ راهه پرين.
اونده جي پڄاڻي ٿي وئي،
تون اڀرئين بنجي ماهه پرين.
ڪجهه منهن مان ڪڇڻ بي ادبي آهه،
توکي آهي سڀ آگاهه پرين.
سي بيم و رجا کان بالاتر،
جي تنهن جو رکن ٿا چاهه پرين.
ڇا جن و پري ڇا حور و ملڪ،
توتي عاشق خود الله پرين.
سا ديد ڪريو ديدار طرف،
بي راهه وٺي سنئون راهه پرين.
(ڪتاب: ’ڪلام ديدار‘ تان ورتل)
بدر قريشي
(1941ع – 1990ع)
ڪلام
ڏس خون دل جو منهنجا ڳوڙها ٿئي پيو،
هر لفظ منهنجو هاڻي سڏڪا ٿئي پيو.
خاموش سڀ زبانون ڪڇي ڪو نٿو سگهي،
هن دور، رستا خيز ۾ ڇا ڇا ٿئي پيو.
آلين اکين سان راهه ۾ بيٺو آ بت بڻيو،
ڪهڙي طرح سان عرضِ تمّنا ٿئي پيو.
اعليٰ جي پڳ ٿي ڏينهن ڏٺي جو لهيو وڃي،
ادنيٰ ڏسو ته رات ۾ اعليٰ ٿئي پيو.
ڪجهه دير قافلي سان به هو ”بدر“ گڏ هليو،
هاڻي سفر تمام ئي تنها ٿئي پيو.
(ڪتاب: ’دُرناياب عرف يادِ رفتگان‘ تان ورتل)
اسان
مٿي
مختلف
رخن
کان
ڪلهوڙن
جي
دور ۾،
ننگر
ٺٽي
جو
هڪ
جائزو
پيش
ڪيو
آهي.
هتي
ڪجهه
وڌيڪ
واقعن
۽
مامرن
جو
تجزيو
پيش
ڪنداسين،
عام
طرح
ڪلهوڙا
حڪمرانن
کي
ٺٽي
جي
زوال
لاءِ
ذميدار
سڏيو
وڃي
ٿو،
ليڪن
تاريخي
حقيقتن
جي
روشنيءَ
۾
ائين
چوڻ
درست
ڪونهي،
جنهن
وقت
115هه
/1737ع ۾
ڪلهوڙن
کي
ٺٽو
صوبو
مليو،
ان
وقت
”خدا
آباد“
تختگاهه
طور
هڪ
مکيه
۽
اهميت
رکندڙ
شهر
هو.
ميان
نور
محمد
ٺٽي
بجاءِ
خدا
آباد
کي
تختگاهه
رهڻ
ڏنو.
هن
دور
۾
ٺٽي
جي
هڪ
صوبي
واري
درجي
کي
به
ڌڪ
لڳو ۽
ٺٽو
هڪ
مقامي
انتظامي
يونٽ
طور
نروار
ٿيو.
جتي
حاڪمن،
ناظمن
جي
مقرري
ڪئي،
جن
کي
مغل
صوبيدارن
جي
ڀيٽ
۾
گهٽ
اختيار
حاصل
هئا.
خدا
آباد
کان
پوءِ
ڪلهوڙن
محمد
آباد،
الهه
آباد،
مراد
آباد ۽
شاهه
پور
جهڙا
سرڪاري
مرڪز
وجود
۾
آندا.
ليڪن
آخرڪار
ميان
غلام
شاهه
سن
1182هه/1769ع
۾
”حيدرآباد“
جو
شهر
تعمير
ڪرايو،
جو
سنڌ
جو
تختگاهه
پڻ
بنيو.
هن
شهر
جي
وجود
۾
اچڻ
سان
ٺٽي
تي
منفي
اثر
پوڻ
شروع
ٿيا.
ان
هوندي
به
ڪلهوڙن
جي
حڪومت
۾
سول
ملازمن
جو
وڏو
انگ
ٺٽي
مان
ڀرتي
ڪيو
ويو،
جنهن
۾
ناظم،
قاضي،
روينيو
علمدار ۽
منشي
اچي
ويا
ٿي.
ڪجهه
عملدارن
جا
نالا
هن
طرح
ملن
ٿا
جن
جو
تعلق
ٺٽي
سان
هو:
شيخ
عزيز
الله،
شيخ
غلام
محمد،
شيخ
محمد
محفوظ،
شيخ
قمر
الدين،
محمد
حسين
(ناظم)،
مخدوم
عبداللطيف،
مخدوم
ابراهيم،
چتر
ڀوڄ
۽
شيوڪ
رام
عطارد
وغيره
(42).
جيئن
ته
ٺٽو
تختگاهه
نه
رهيو
هو،
ان
ڪري
ڪلهوڙن
هتي
ڪا
مستقل
تعمير
نه
ڪرائي،
جلوه
گاه
امامين
جو
ذڪر
مٿي
اچي
چڪو
آهي،
جنهن
کي
صاحبزادي
خداداد
خان
جي
حڪم
تي
ٺاهيو
ويو
هو.
ٺٽي
جو
ناظم
سلطان
سامٽيو
ٺٽي
۾
فوت
ٿيو.
هن
کي
مڪليءَ
تي
رضوي
ساداتن
جي
احاطي ۾
دفن
ڪيو
ويو.
سيد
حسام
الدين
راشدي
هن
جي
ڊٺل
رانڪ
جي
نشاندهي
ڪئي
آهي.
سيد
علي
ٺٽي
جي
مکيه
صوفين
۾
وڏي
اهميت
رکي
ٿو.
ڪزنس
لکي
ٿو
ته
جوکيا
هن
جا
مريد
هئا،
جن
عطر
خان
جي
دور
۾
ڏينهن
ڏٺي
جو
شهر
کي
ڦُريو
هو،
انهيءَ
قبيلي
هن
دور
۾
پنهنجي
مرشد
ي
مزار
تي
قبو
ٺهرايو
هو.
تعميرات
جي
حوالي
سان،
ٺٽي
اندر
ذڪر
هيٺ
دور
جو
ٻيو
ڪوبه
حوالو
ميسر
ڪونهي.
ڊاڪٽر غلام محمد لاکو
رسالو مهراڻ 2/2010ع تان کنيل |