پروفيسر ڊاڪٽر انور فگار هَڪڙو
شڪارپور
چِيهَه ڪَيو چَمڪارُ- داستانِ گُل
(محترم
گل محمد عمراڻي صاحب جي ڪتاب تي تبصرو)
سنڌ ۾
علمي- ادبي ۽ تاريخي مطالعي جو ذوق رکندڙ اڪثر ان
اوسيئڙي ۾ رهندا آهن ته ڪڏهن ٿو ڪو معياري ڪتاب
ڇپجي اچي؟! جڏهن به سندن دلچسپيءَ وارن عنوانن
موجب ڪو ڪتاب، ڪتاب گهرن تي ايندو ته سٽ ڏيئي خريد
ڪري، پڙهڻ لڳندا. ان مان ڪي خاص ڳالهيون پنهنجي
اهل ذوق احبابن سان اوري پيا سرها ٿيندا. اهڙن
انسانن سان سنڌ ۾ جيڪو مطالعي جو ماحول آراسته
آهي، سو شايد هرڪو محسوس ڪري سگهندو هوندو. منهنجي
سانڀر ۾ ڪتابن جا وڏا پاڙهو ته گهڻائي آيا آهن، پر
انهن مان جي هر وقت اندر جي اولين اوطاقن ۾ اوتارا
اڏي ويٺا انهن ۾ منهنجو محسن ۽ مربي مرهيات
پروفيسر ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو ۽ هر دلعزيز انسان
گل محمد عمراڻي (شال وڏي ڄمار ماڻي) ئي آهن. سندن
ذوقِ سليم سان ڪير همسري ڪري!
وسيع مطالعي مٿن جيڪي اثرات مرتب ڪيا، تن سان سندن
شخصيتن ۾ جيڪي اوصاف ۽ انقلاب آيا، انهن منجهن غير
معمولي اعتماد پيدا ڪرڻ سان گڏ، پنهنجي حتمي راءِ
جنهن ۾ ٻي ڪنهن ڳالهه جي گنجائش نه رهي ۽ اظهار
کان پوءِ پيش ايندڙ نتيجن سان دوبدو ٿيڻ جي پهاڙ
جيڏي همٿ پيدا ڪئي. سائين گل محمد عمراڻي کي آءٌ
پنهنجي ٻالجتيءَ کان ڪتابن ۾ مُنهن وجهندي ڏسندو
پيو اچان. خوب کان خوب پڙهڻ سان جڏهن کان سندس هٿ
قلم ڏانهن وڌيو، تڏهن کان قلم کليل ۽ تازو ئي
رهيو. ٿيو ائين آهي، جو هاڻي سندس پڙهندڙن جو حلقو
به چڱو ڀلو وسيع ٿي ويو آهي، جي هڪ مدت کان منتظر
هئا ته ڪڏهن ٿو پنهنجي قلم کي پنهنجو ئي موضوع
بڻائي؟ نيٺ فضائن ۾ سرٻاٽ ٿيو ته اجھو ”داستان
گُل“ عنقريب دستِ رس سان دست راس تائين دستياب
ٿئي. جيئن ئي موسم معتدل ٿي ۽ نومبر جا پهريان سج
ٿي کڙيا ۽ پڙهڻ جي خفتين جي پڙهڻ واري مُند مُنهن
ڪڍيو، تيئن ’داستان گُل‘ به دستياب ٿيو.
”داستانِ گُل“ گل محمد عمراڻيءَ جي سدا حيات ادب
جي جاودانيءَ جي ڄاڻ ۽ اثر جو نتيجو محسوس ٿيو.
’داستان‘ کي ابوبحر به سڏيو ويو آهي ۽ ان جي مختلف
معنائن مان احوال ۽ سَرگُذشت به معنائون آهن. لفظ
جو معقول استعمال ٻين کي متوجهه ڪري، ان جي ماهيت
۽ واهپي لاءِ آمادگيءَ جو اشارو آهي.
The strangers than fiction called ‘Dastan’ or
tale candidly truly encompasses my authentic
down to earth unpublished observation about the
complexities of human behavior based on my
varied literary readings and lifelong
experiences encountered and gathered science the
year of our lord 1965, the year I had
matriculated from Noor Muhammad High School in
science.
داستانِ گُل پنجاهه داستانن جو ابوبحر آهي. پهريان
ست داستان سنڌ يونيورسٽي، انگريزي ڊپارٽمينٽ، ان
جي اسرارن ۽ ’انگريزي ادب‘ تائين پنجاهه صفحن تي
مشتمل آهن. انهن داستانن ۾ پهريون ”ڪورو ڪاڳر“
عنوان سان آهي، جنهن ۾ سندس احساس قدرن جو درجو
اختيار ڪري بيٺا آهن. عمراڻي صاحب کان معافيءَ جي
اميد سان انهن کي لفظي اشارن ۾ پيش ڪرڻ جي جرئت
ڪريان ٿو، سمورا جملا يا فقرا داستان گُل جو تجسس
وڃائي ڇڏيندا.
آتم ڪٿا سنڌيءَ ۾ گهٽ لکي ويئي آهي. ڀارت وارا،
مرهٽي، گجراتي ۽ ٻين زبانن کان گهڻا واقف آهن ته
خود احتسابي به ڪري ڄاڻن. زندگيءَ تي ٿڌي ساهه سان
غور ڪري وهي کاتو کلي ٿو. ڪجهه واقعا سالم هوش و
حواس سان عرض
have changed my gender
پروفيسر امينه خميساڻي ۽ پروفيسر خالده سليم مرد
پروفيسرن کان گهڻو بهتر پڙهائينديون هيون. پروفيسر
چيو: مان ڊڪٽيشن ڪونه وٺندو آهيان، پوءِ نوٽ بوڪ
کولي ڊڪٽيٽ پئي ڪرايائين. جنرل جاويد حسن کي چوڻ:
It
is gathering dust.
اهي اهڙا سچ ڳالهايا ويا آهن، جن جهڙا سچ ڳالهائڻ
لاءِ سماج کي اعتماد سان گڏ نتيجن کان بي ڊپائيءَ
جي گهرج آهي.
اٺين داستان ”قصو سائين جي. ايم. سيد سان پهري
ملاقات جو“ سِري سان سُري ساڍن ٽن صفحن تي آخري
فقري ۾ وڃي عنوان جو ان وقت احاطو ڪري ٿو، جڏهن
داستان گو آرٽس فيڪلٽي بلڊنگ ۾ هجرت ڪري اچڻ واري
تاريخي داستان جو اهم دستاويز کولي، انگريزي شعبي
جي ڪٿا ۽ دبنگ پروفيسر سائين عبدالغني شيخ جي ذڪرِ
خير کان پوءِ هاسٽل جي ڪمري نمبر 42 ۾ مانجهاندي
کان پوءِ شامي شاگرد سان گپ شپ لاءِ ترسيل هو ته
اوچتو در کلي ٿو ۽ سائين جي. ايم. سيد اچي پَرڏيهي
شاگردن سان ڏيهي ٻوليءَ ۾ مخاطب ٿيو ته کيس
پرڏيهين سان پرڏيهيءَ ۾ پرچار ڪري. سيد صاحب جي
لاءِ چوي ٿو ته، ”انگريزي ٻوليءَ ۾ گفتگو واري
يادگار ڪچهري مون کي هميشه ياد رهندي. سائينءَ خوب
ڳالهايو، ڄڻ 1942ع وارو وقت موٽي آيو هو ۽ ڄڻ هو
محمد علي جناح سان مخاطب هجي!“ (ص-54)
داستان نائون، ڏهون ۽ يارهون ليکڪ جي ننڍڙيءَ
وهيءَ واري تعليمي داستان ۾ استاد حاجي احمد خان،
جنهن کيس ڦرهيءَ تي لکڻ سيکاريو، گويا پٽيون
پڙهايون، ”سيٺ ڪمال الدين پرائمري اسڪول“ سان
هاڃيڪار تاريخي اتياچار سبب ايس.ڪي رحيم اسڪول ۾
بدلجڻ، ٽنڊن جي ڄڀين، ڊاڪٽر قمر جهان مرزا جي
ٿيسز، 1990ع ۾ ٿيل پي.ايم.جي ميٽنگ، علامه
آءِ.آءِ.قاضيءَ جي پراڻي گهر، قاضي عبدالقيوم
اسڪول، مدرسة البنات، سائين محمد الياس ميمڻ،
ممتاز علي ميمڻ، استاد فتح محمد تنيي، فتح محمد
صاحب، محمد جمن، عبدالغفور ميمڻ، وڪٽورين طرز
تعمير جي نادر نموني جي اسڪولن ۽ سائين يعقوب جن
جي تفصيلي ۽ معطر مذڪور کان هلي نور محمد لاکير جي
قائم ڪيل هاءِ اسڪول جي 1959ع کان 65-1964ع وڃي
سائين محمد جمن ٽالپر جي پرڊڪشن تي پورا ٿين ٿا.“
داستان تيرهون، عبدالڪريم لوڌيءَ جي سار ۾ سنڌ جي
سموري سياسي ۽ سماجي تصوير ڪشي اهڙي حقيقت آهي،
جنهن تي واضح نموني ۾ لکڻ جي همٿ ته ڪنهن به ڪونه
ڪئي آهي.
داستان چوڏهون، پنڌرهون، سورهون، سترهون، ارڙهون،
اُڻويهون ۽ ويهون. آپا امينا خميساڻي، پهرين
انگريزي ڊرامي، ظفر حسن سان ملڻ، خود استاد ٿيڻ،
استاد واري زندگي جي ابتدا ۽ همعصر ۽ همدم استادن
۽ ڪئمپس ڪهاڻي: ٻه پُراسرار موت اهڙا گهڻ پاسائتا
داستان آهن، جي ميڊم خميساڻي جي خانداني ڄاڻ، الله
بخش نظاماڻي جهڙي مدبر تعليمدان، ڊاڪٽر اسد لاڙڪ،
محترم حسن علي عبدالرحمان جن جي پسمنظر ۾ ڪيل بيان
تاريخ جا اهڙا اوراق آهن، جي شال تواريخ جي هٿن
مان ”اڻ ڏٺل طوطن“ وانگر اڏري نه وڃن. اهي سڀئي
داستان محترم گل محمد عمراڻيءَ جي دل جي دفترن مان
ائين عيان ٿيا آهن، جيئن زيب النساء مخفي جي عاقل
خان سان ٿيل پُراسرار ملاقاتين جو ذڪر ديوان مخفي
جي مطالعي مان معلوم ڪري ٿو سگهجي. پُراسرار موت-
پروفيسر اشوڪ ڪمار، مهراڻ يونيورسٽيءَ جي
اليڪٽريڪل انجنيئرنگ جو ليڪچرار هو. 1974ع ۾ کيس
مانجهند جي ڀرسان ماريو ويو هو. ڏهه مهينا ويڏيءَ
جي وچ پيا ۽ سندس پتني پيرن ڳوري ٿي ته ور کان
وڇڙي. ٻيو پروفيسر حبيب الرحمان غوريءَ جي قتل جو
قصو ڪيو ويو آهي. مدد علي سنڌي، سائين ظفر حسن
شاهه، انور ۽ قربان پيرزادن جا حال احوال ايڏا ته
جاذب ۽ پرڪشش آهن، جو هن مختصر مضمون ۾ انهن کي
سمائڻ مشڪل آهي. مصنف کي ويس ڌاريءَ واري انعام
مان ريڊرس ”ڊائجسٽ جي انسائيڪلوپيڊڪ ڊڪشنري“
گهرائڻ جهڙي لاجواب عمل تي خوشيءَ جو احساس
پڙهندڙن کي ڪيئن ڏيارجي!؟ اهڙيءَ طرح ارڙهين
داستان ۾ وي سي جي سوال جي جواب م مئڪس بيئربوم جي
وضاحت ۽ اڳتي
War & Peace
جي مڪمل مطالعي ۽ ڪردارن جي نالن حفظ هئڻ واريون
دلچسپيءَ ۽ شوق جي ڳالهين جون ڳنڍيون جيئن کوليون
ويون آهن، تيئن انداز بيان سان سحر انگيز بڻايون
ويون آهن. تعليم جي حصول ۽ يونيورسٽيءَ جي انهن
داستانن کي جي اهي انسان ڏسن ها، جن ان اداري جي
بنياد لاءِ پاڻ پتوڙيو، سي ٺري پون، ها ۽ هوند چئي
ڏين ها ته ”اسان جو پورهيو سجايو ٿيو.“
”مان ۽ سئنيما جي جادونگري“ بيشڪ ان وقت جي فلمي
شوقينن ۽ اداڪارن جي اعترافي روين، دل ڏکائيندڙ
گانن موسيقارن توڙي گوين ۽ ڳائڻين جون ڳالهيون هر
ٽهيءَ جي محفلين جا موضوع هئا. ڊائريڪٽر وي
شانتارام، سهراب مودي، ڪاردار، محبوب، راجڪپور،
گرودت ۽ ڪمال امروهوي ڪيابات ماڻهو هئا. بيشڪ هو
هندستان جي بائسڪوپ جڳت جو ناقابل فراموش ڪردار
هو. ڪنهن ملڪه ۽ ڪوهه ڪاف جي پريءَ تي قيامت خيز
ڪتاب به لکيو هئائين. اهو ايڪوويهون داستان آهي.
ٻاويهون داستان ”پير صاحب پاڳاري شاهه مردان شاهه
سان ڪجهه يادگار ملاقاتون“ آهي. پير صاحب سان مصنف
جي پنجن ڇهن ملاقاتن جي مذڪور سان گڏ سندس همه گير
هستيءَ ۽ همعصر زماني جون حقيقتون پوڻن پنجن صفحن
تي ته آيل آهن، جي هر لحاظ کان حيرتناڪ ۽ اٽل چئي
سگهجن ٿيون. لاشڪ هو منفرد شخصيت جو مالڪ هو.
ٽيويهين داستان ۾ ”مادرِ علميءَ جو امن امان:
ڪالهه ۽ اڄ“ سمورو احوال انتظامي نڪته نگاهه کان
پيش ٿيل آهي. چوويهون ۽ پنجويهون داستان تاريخي
نڪته نگاهه کان گهڻي اهميت وارا آهن. اول ”هڪ محقق
۽ دوست، پروفيسر محمد عمر چنڊ: ياد ماضيءَ جو
ورجاءُ“ آهي. محمد عمر چنڊ سنڌ جو منفرد محقق ۽
مصنف آهي، جو مستقل طور هاڻي آڪلينڊ نيوزيلينڊ ۾
رهي ٿو. سندس حر تحريڪ تي ٿيل تحقيقي ڪم مثالي
آهي. مصنف سندس محنت ۽ حاصلات تي لکي قدرداني ڪئي
آهي. ان کانپوءِ ”قصو لئمبرڪ ڪميٽيءَ ۽ لئمبرڪ
ڪارنر جو“ آهي. جو اڳين داستان جو ڄڻ مڪمل مطالعو
آهي. هي ٻئي داستان لئمبرڪ پيپرز ۽ لئمبرڪ ڪميٽيءَ
متعلق وڏي روشني آهن. داستان 26 ”جڏهن عدالت سڳوري
ڏمرجي پئي“ ۾ مصنف قانون، قانوني ادارن لاءِ لارڊ
ميڪاولي جي
Minutes
ڪري اپکنڊ تي انگريزيءَ جي ٿاڦ ۽ ڍاڪا يونيورسٽي ۾
قائداعظم محمد علي جناح جي تقرير ۽ پنهنجي متعلق
دادو جي ايڊيشنل سيشن جج پاران چيف جسٽس کي شڪايت
جو وڏي ڄاڻ وارو باب آهي. ان جو تسلسل داستان 27:
”رٽائرڊ جسٽس ناصر اسلم زاهد جو انصاف“ آهي، جنهن
دانائيءَ سان معامله فهمي ڪري ورتي. داستان 28،
29، 30 ۽ 31 ۾ 1977ع جي هڪ اداس جولاءِ ۽ لاڙڪاڻو،
لاڙڪاڻي کان نوابشاهه واپسي، نوابشاهه ۽ 1977ع
واري مارشل لا نواب شاهه 1978ع وارو روهڙي ڪئنال
جو گهارو ۽ فوجي ردعمل. اهي داستان هن شاندار ڪتاب
جي غالبن ايڪويهن صفحن تي مشتمل آهن. جن ۾ پهرين
جولاءِ 1977ع تي لاڙڪاڻي ضلعي کي ڊويزن جي حيثيت
ملڻ سان گڏ شڪارپور کي ضلعي حيثيت حاصل ٿي. ان ڪري
مصنف زحل ۽ مريخ جي
Retrogression
جي نحس اثرات مرتب ٿيڻ ڪري وڃي گهُٽَ ۽ ٻوسٽ
واريون ڦڪيون زرد شامون بسر ڪيون. ان ئي پنجين
جولاءِ تي مارشل لا لڳڻ، قربان بگٽي سان چانهيون
نوش فرمائڻ ۽ سندس علميت جو اعتراف، شهر جي
خوشامدي، ابن الوقت ۽ موقعي پرست ماڻهن جون فوجن
سان ملاقاتيون، شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور
ڪئمپس مان يونيورسٽي ٿيڻ، خاموشيءَ سان وڃي
نوابشاهه جي منصب واري ڪرسي والارڻ، روهڙي ڪئنال ۾
120 فوٽ گهارو پوڻ، منظور پرواز شڪارپوري جو
انڊسٽريل ڊيولپمينٽ آفيسر ٿي اچڻ ۽ محترم قلي بخش
رند جي احوالن جو مزيدار مذڪور جي سحر سان قاريءَ
کي ڪتاب جڪڙي نه ڇڏي ته ياوه گوئيءَ لاءِ سزاوار!
داستان ٻٽيهون: ڊاڪٽر شيرين سومرو ڪيس يا اسڪينڊل؟
اهڙو مکيه داستان آهي، جنهن مان ڪو اقتباس ڏيڻ يا
ڪجهه لکڻ ان ڪري لازم ڪونه ٿو ڀانيان ته جيئن
پڙهيل ڪائنات پاڻ ان جا سوجهرا پسي. هن داستان جو
آخري فقرو داد ٿو لهڻي. ائين داستان ٽيٽيهين:
”منهنجي سانڀر جون ڪجهه يادگار فلمون ۽ ڪتاب“ ۾
ڪتابن، فلمن، قصن، واقعن، چلڊرين انسائيڪلوپيڊيا ۽
موسيقار خورشيد انور متعلق معلومات سان مڪمل ڪيل
واهه جو داستان آهي. 34 ۽ 35 ”سنڌ جي نامياري عالم
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ کي ساريندي“ ۽ ”سڄڻ ساڻ
سفر ۾“. ڊاڪٽر بلوچ جي همه گير شخصيت تي لکيل
انفرادي انداز جون اهڙيون تحريرون آهن، جي هڪ دور
جي سنڌي زبان جي ڪيل ترقيءَ ۾ ڊاڪٽر صاحب جي ڀاڱي
ڀائيواري ته آهي، پر ادارن، منتظمين جي روين،
جوڙيندڙ سان جوڙجڪ ۾ جولانيون ۽ درست تاريخ پيش
ڪرڻ جي مستند ڪوشش آهي. سنڌ يونيورسٽي جي
انسٽيٽيوٽ آف ايجوڪيشن جي نامور استاد ڊاڪٽر ادا
عبدالرحمان مغل متعلق سربستو احوال. داستان 36 ۾
ايڏو ته زبردست انداز سان بيان ڪيو ويو آهي، جو
ائين ڪو ٻيو نه ڳالهيون ڳڻي سگهي نه سليندي
سونهين! لاشڪ ادا عابد جي هستيءَ ۾ سچ ته ٽلٽي،
سيوهڻ ۽ شڪارپور جو مليل جليل اهڙو هڳاءُ هو، جو
چئي چپ ڪر! جيترو ڪجهه مون اڳ ڀائو غلام اصغر
سومري کان ٻڌو هيم، ان کان گهڻو وڌ هن ڪتاب ۾
پڙهيو اٿم. ڀائڙي محمود مغل لاءِ به دل سان ساڳيون
دعائون. شال شاد ۽ آباد رهي.
”منهنجي حيدرآباد“ داستان 37 جي ستن صفحن ۾ ستر
سالن جو اکين ڏٺو احوال، اختصار سان جامع آهي، جي
واقعي ”یہ
تو وہی
جگہ ہے،
گزرے
تھے
ہم جہاں
سے“
کان قصا کڻجن ۽ دل سان دفترن تي لهن، ته ڪتابن تي
ڪتاب لکجي وڃن. مصنف ان شهر ۾ ئي پنهنجو روحاني
پهرين، جنم ۾ انگريزن جو دور ڏٺو ۽ جئمز آئوٽرم تي
ٿيل حملو
Dejavu
واري ڪيفيت ۾ ڏٺو (سائين عمراڻي صاحب کان حجت جي
معافي ٿو گهران) شال کيس حيدرآباد تي لکڻ جو وري
موقعو ملي. داستان 38 (غلطيءَ سان 29) ”اعليٰ
حاڪمن سان روبرو سرڪاري ٽاڪرا ۽ تجربا“ ۾ وزيراعظم
ذوالفقار علي ڀٽي جو 1975ع ۾ حيدرآباد جي تاريخي
دوري، 85-1984ع ۾ ڪراچيءَ ۾ جنرل ضياءَ الحق سان
ملاقات ۽ 1997ع ۾ ميرپورخاص ۾ نواز شريف جي اچڻ ۽
پنجن ائٽمي ڌماڪن جو اعلان ڪرڻ، اتي جي حڪومتي
يادگيرين جون ڪارائتيون ڪڙيون آهن.
داستان 39 ”مان ۽ ميرپورخاص: خدمت ڪميٽيءَ جو
بحران ۽ هڪ نئون مناقشو: ببلي ڪيس“- هتي داستان
نواز شريف جي حڪومتي دور ۾ پيش آيل واقعن مان
”خدمت ڪميٽي“ جي خدمتن ۽ ببلي ڳائڻي ۽ ڊانسر جو
مجرو ڪرائڻ ڊي سي ميرپورخاص (جو ان وقت مقرر هو)
ڏانهن منسوب هو، تنهن تي پراڻي ميونسپل ميرپورخاص
ناڪي تي ٿيل فائرنگ متعلق جيڪو ممڻ متو، تنهن ۾ ته
وڏن عملدارن جي ملوث هئڻ ڪري ايوان لوڏي وڌا. ان
سموري واقعي کي مصنف سچائيءَ سان بيان ڪري، تجسس
ختم ڪيو آهي. داستان 40 ۽ 41 ”دادو جادو آهي“ ۽
”دادو جادو نه رهيو“. دادوءَ سان مصنف جي نسبت،
فيڊرل ڪانسٽيبلري جي جٿي جو نازل ٿيڻ، عوامي
ڏيکاءُ ڪرڻ ۽ ٽنڊي بهاول وارا 9 ڳوٺاڻا جي پوليس
ماريا هئا، تن جو تذڪرو موجود آهي. اڳتي دادوءَ ۾
رهندڙ شڪارپور جي محقق ۽ مؤرخ تاج صحرائي جنهن کي
هڪ قاموسي
Encyclopedic
شخصيت لکيو ويو آهي، سو سندس جامع علوم هستيءَ جو
اعتراف آهي. ان جي متعلق خاص ڳالهيون ۽ ڪن ٻين
واقعي بيانن جا داستان آهن. داستان 42 ۾ وري به
نواب شاهه ضلعي متعلق اڳ رهجي ويل ڳالهيون ڪيل
آهن. داستان 43 ”آسمان سے
گرا کھجور پہ اٹکا“،
”يڪ نه شد، دو شد“ به اتان جي ڪٿا ۽ ڪيرتن
(داستان) آهي.
داستان 45، 46 ۽ 47 ديس پرديس جي ساروڻين جا
واقعات بيان ڪيل آهن، جي داستان گُل جا سفرناما
چئي سگهجن ٿا. اسان جي معصوم صفت محسن مرحوم مظفر
سومري جي تذڪري به غمگين ڪري ڇڏيو. داستان 48 ۽ 49
”زندگيءَ جا ميلا ڪڏهن خوش: ڪڏهن غم“ ۽ ”انت بحر
دي ڪَل نه ڪائي“ اهڙا احساساتي اظهار آهن، جن کي
پڙهندڙ پاڻ پڙهي ڏسن، احساس آڏو عقل..... داستان
50 ”بلوچ بهادرن جي سنڌي نياڻينءَ لاءِ حب: ذاتي
مشاهدو“ هن داستان ۾ مصنف جي 01 فيبروري 2005ع ۾
ايڊمنسٽريٽو اسٽاف ڪاليج لاهور ۾ 21 گريڊ جي
پروموشن لاءِ تربيت حاصل ڪرڻ واري عرصي جي ڪهاڻي
آهي، جا سندس سرير ۾ موجود سچائيءَ جي اظهار جو
کيس ڪن همعصرن سچ ڳالهائڻ کان اجتناب اختيار ڪرڻ
جي هدايت به ڪئي، پر جنهن جون ظاهري ۽ باطني اکيون
نه فقط کليل هجن، پر روشن به رهن، تنهن جي من جو
مفتي به ته منصوري مڪتب جو معلم هوندو. ڇا هُو
حقيقت نه ٿو چوي ته، ”اسان جي اڪثريت گگدام ڪامورن
جي ڪلب آهي، جيڪا پنهنجي نَڪ تائين ڏسي سگهي ٿي.“
داستان گُل جي کاٻي پاسي بئڪ پيج کان سورهن صفحا
Epilogue
جا ۽ چار صفحا
The Last Dastan
جا انگريزي زبان ۾ شايع ٿيل آهن.
”داستان گُل“- گل محمد عمراڻي جي حياتيءَ جو احوال
ته آهي، جو ڪتاب جي سرورق کان محسوس ٿئي ٿو. البت
اهو داستان سنڌ جي هڪ دؤر جي اهڙي مستند تاريخ
آهي، جنهن جون ڪوڙين ڪايائون آهن، جن جي درسن سان
”لک تي ڏيا ٻرڻ“ جي ايتري سگهه موجود آهي، جيتري
خانصاب گامڻ خان جي ديپڪ راڳ ڳائڻ سان ديپن ٻرڻ ۾
هئي. هي نه ”آئين اڪبري“ آهي ۽ نه ”تزڪ بابري“، نه
”وقائع نادري“ نه ”همايون نامه“ نه ڪنهن انگريز جي
موڪليل رپورٽ. هي اهڙي اجري ۽ مضبوط آرسي آهي،
جنهن کي ڪو
شعوري طور به از قضاء ”آئينه چيني شڪست“ جي صورت ۾
ته نه ٿو آڻي سگهي، جي ڪوشش به ڪندو ته ان جي هر
حيثيت ائين ئي رهندي، جيئن پير رومي چيو آهي:
یک
حکایت
بشنو از تاریخ
گو
تابری
زین
راز سرپوشیدہ
بو
عظيم ماڻهن جي حياتي سيکاري ٿي ته اسين به پنهنجو
جيون سڦل ڪري سگهون ٿا. مصنف:
·
آتم ڪٿائون زندگين جي وسيع واٽن جا اهڙا فانوس
آهن، جن جي روشنيءَ سان واٽا واهو وڌندا، خوف ۽
خطرن کان محفوظ رهندا آهن.
·
آتم ڪٿا رڳو هڪ فرد جي ڪٿا جي نالي ۾ نهال نه آهي،
پر ان جي حياتيءَ واري زماني جي هر حرڪت جي حڪايت
آهي.
آخر ۾ مان ان خوشيءَ جو اظهار ڪريان ٿو ته ”داستان
گُل“ جي اشاعت منهنجي من موجي دوست اياز ابڙي جي
هٿان کيس ورثي ۾ مليل ”نئين دنيا ڪتاب گهر“
شڪارپور پاران ٿي آهي.
فضل الله ’فدا‘ چانڊيو
ڪُنري
”تحفـﺔ الادب“ مان ٽي ڳالهيون
(الف) ادب جي تاريخ:
ڪجهه محققن جو خيال آهي ته هي لفظ عربيءَ ۽ ٻين
سامي زبانن ۾، سميرن جي زبان مان آيو. قديم زماني
۾ سميري ڏکڻ عراق ۾ آباد هئا. سميرن وٽ هن لفظ جي
معنيٰ انسان هئي. سامي زبانن ۾ هي لفظ ادب مان،
اُدم ۽ ادم ۽ ان کان پوءِ آدم ٿي ويو. مگر عربن هن
لفظ کي اصلي حالت ۾ محفوظ رکيو. انهن هن لفظ کي،
آدميّت يعني ماڻهپو يا انسانيّت جي معنيٰ ۾
استعمال ڪيو. حضور اڪرم ﷺ ۽ اصحابن جي قول مطابق،
عربي زبان ۾ لفظ ادب بابت مشهور حديث آهي ته: ”اَدبِنْی
رَبْی
فَاَحسنَ تَادِیْبی“
منهنجي پروردگار منهنجي تربيت ڪئي ۽ سُٺي تربيت
ڪئي. لفظ ادب جي اصل تاريخ پهرين صدي هجري ۾ بني
اُميّه کان شروع ٿي. انهن جي ئي زماني ۾ هي لفظ
رائج ٿيو، انهي زماني ۾ هن لفظ جو استعمال سڀ کان
اول تعليم ۽ تربيت جي معنيٰ ٿيو. بني اميّه جي
زماني ۾ استادن جي هڪ اهڙي جماعت هئي، جيڪا اميرن
جي اولاد کي تعليم ۽ تربيت ڏيڻ لاءِ مقرر هئي، ان
استادن جي جماعت ۽ شاعريون ڪندڙن ۽ تاريخي واقعا
بيان ڪندڙن کي ”مـؤدّب“ چيو ويندو هو، ان جماعت
”مودّبين“ مان ڪجهه نالا هي آهن. ابومعبد الجهتي،
عامر الشعبي، هي ٻئي خليفه عبدالملڪ بن مروان جي
ڇوڪرن کي تعليم ڏيندا هئا، صالح بن ڪيسان، خليفه
عمر بن عبدالعزيز جي ڇوڪرن جو مودّب هو، جعد بن
درهم، خليفه مروان بن محمد جو مودّب هو، ان زماني
جي لکتن ۾ هر جڳهه لفظ ادب جو ذڪر ملي ٿو.
زياد بن ابيه پنهنجي خطبي ”البترا“ ۾ چوي ٿو ته ”فادعو
اللہ بالصلاح لائمتکم فانہم ساستکم الموّبون
امادللہ لاؤدّ بنکم غیر
ہٰذا الادب او لتستقمین“
توهان خدا تعاليٰ کان پنهنجن، آئمه، امامن اڳواڻن
لاءِ سُٺائي ۽ خير جي دعا ڪريو، ڇو ته هو توهان
لاءِ انتظام ڪرڻ وارا آهن. بخدا توهان کي هن ادب
جي طريقي کان سواءِ به ادب سيکاريندس، جيڪڏهن نه
ته توهان پنهنجو رويو درست ڪريو.
ڪنهن شاعر لفظ ادب کي پنهنجي شعر ۾ هن طرح استعمال
ڪيو آهي ”کداک
اُدّبت حتیٰ
صار من خلقی،
انی
وجدت ملاک الشیمتہ
الادبا“
منهنجي پرورش ۽ تربيت اهڙي طرح ڪئي ويئي آهي جو
ادب منهنجي حياتيءَ ۾ شامل آهي، ۽ مون پنهنجن
چڱائن ۽ مٺائن جو مدار ادب تي رکيو آهي. بني اُميه
جي زماني ۾ هن لفظ جو استعمال، اهڙن قسمن جي علمن
تي هوندو هو جن جو مذهب ۽ دينيات سان ڪو تعلق نه
هو، جيئن شاعري، ڪهاڻيون، حسب نسب، شرافت ۽ حسنِ
اخلاق، بعد ۾ جڏهن لغت جُڙي ته هي لفظ انهيءَ ۾
شامل ٿي ويو. عربي زبان جي ماهرن، ادب تي بحث ڪندي
لکيو آهي ته، ادب ٻن شين جو نالو آهي، هڪ تهذيبي
نفسي ۽ ٻيو شعر ۽ نثر جو علم، پهرين صدي هجري کان
اڄ تائين ادب جون اهي ئي معنائون ڪڍيون ويون آهن،
بني اُميّه جي زماني کان ئي اديب يا مودب، شاعر ۽
نثرنگار جي وچ ۾ فرق قائم ٿيو. جنهن ماڻهوءَ تي
ادب ۽ ان جي تعليم جو غلبو هوندو هو، ان کي اديب
چوندا هئا ۽ جنهن جو رجحان شاعريءَ طرف هوندو هو،
ان کي شاعر چوندا هئا.
ٻي صدي هجري جي پهرئين اڌ ۾ جڏهن عربي ۾ لغت، نحو
۽ صرف وجود ۾ آيا ته انهن نالن اصطلاحي شڪل اختيار
ڪئي ۽ هي علم، ادب تعليمي ۾ داخل ٿيا، ادب تعليمي
جو مفهوم وڏو ٿي ويو. لفظ ادب جو استعمال، نثر،
نظم، حسب نسب، اخبار، لغت، نحو ۽ صرف تي ٿيڻ لڳو،
مگر اها حالت گهڻو وقت قائم نه رهي سگهي. ٽين صدي
هجريءَ ۾ ادب وري پنهنجي انهيءَ مفهوم طرف موٽيو
جيڪو پهرين صدي هجري ۾ هو، يعني ادب فني ۽ تهذيب
نفسي جي معنيٰ ڏيڻ لڳو، هن تعريف ۾ شعر ۽ نثر ۽
انهن بابت ڄاڻ، حسب نسب، ڪهاڻيون وغيره کي شامل
ڪيو ويو، مگر ان ۾ نثري ۽ شعري فني تنقيد جو اضافو
ڪيو ويو، هن صدي ۾ ادب وڏي ترقي ڪئي. چوٿين صدي ۾
لغت، نحو ۽ صرف ادب کان جدا ٿي ويا، تنقيد ۽ بلاغت
ادب ۾ شامل رهيا. ادب ۾ تنقيدي ۽ فني بحث ٿيندا
رهيا، هن صديءَ ۾ جن ڪتابن هن فن کي فروغ ڏنو ۽
مستقل هڪ فن جو درجو ڏنو، انهن ۾ ’قدامه بن جعفر‘
متوفي 310 هجري جو نقد الشعر ۽ نقد النثر سرِفهرست
آهن. ”قدامه“ سڀ کان پهرين عربي قد جا اصول ٺاهيا،
ان کان پوءِ، ابو هلاڪ العسڪري متوفي 395هجري ان
جي نقشِ قدم جي پيروي ڪئي، ابوالفرح الاصحاني
متوفي 356هجري، ابنِ عبدريه متوفي 328هه جا نالا
به هن سلسلي ۾ ڳڻڻ جهڙا آهن. پنجين صدي ۾ علم ادب
گهڻي ترقي ڪئي، ان زماني ۾ ڪن عالمن، علم ادب جا
اَٺ قسم بيان ڪيا آهن. ڪن عالمن هن علم جا 12 قسم
بيان ڪيا آهن، اَٺ اصول ٻڌايا آهن، انهن ۾ لغت،
صرف، اشتقاق، نحو، معنيٰ، بيان عروض، قافيو، رسم
الخط، قرض الشعر، انشار، نثر، محاضرات وغيره.
ادب جي اصطلاحي تعريف:
ادب اصطلاحي اهوعلم آهي، جو انهيءَ جي جڄڻ ۽ انهي
جي حدن جو خيال رکڻ سان، مضمون جي لفظي ۽ ڪتابي
غلطين کان بچي سگهي ٿو. لفظن يا ڪتابن جي غلطين
سان جيڪا خرابي زبان جي محاورن جي حيثيت ۾ ٿيندي
آهي. هن علم جي ذريعي اهڙين غلطين کان بچي سگهجي
ٿو. هي علم ماڻهن کي مهذب ۽ شائسته بڻائي ٿو ۽
ناشائسته ڳالهين کان روڪي ٿو، اهڙي علم جو نالو
ادب رکيو ويو آهي.
ادب جي لغوي معنيٰ:
عربي زبان ۾ ادب جي لغوي معنيٰ آهي، دعوت ڏيڻ، سڏڻ
يا گهرائڻ، اهو کاڌو جنهن ڏانهن ماڻهن کي گهرايو
وڃي، ان کي ”مدعات“ ۽ مادبته چوندا آهن. اهو مواد
يا لٽريچر، جنهن سان اديب متادب ٿئي ٿو، ان کي ادب
ان لاءِ چون ٿا، جو اهو ماڻهن کي چڱائين طرف سڏي
ٿو ۽ برائين کان روڪي ٿو.
علم ادب جو موضوع:
هر علم جو ڪونه ڪو موضوع ٿيندو آهي، جنهن موضوع
کان بحث شروع ٿيندو آهي، جيئن علم طب جو موضوع جسم
آهي، ان لاءِ جو مرض هر جاندار جي جسم کي لڳندو
آهي، ۽ علاج سان ان جو تدارڪ ٿئي ٿو ۽ طب علاج
ٻڌائي ٿو. اهڙي طرح نحو جو موضوع جملو آهي، علم
نحو جملي جي سڀني لفظن تي بحث ڪري ٿو. ۽ علم نحو
جي ڄاڻ جملي کي درست ڪري ٿي، مگر ادب جو ڪوبه
موضوع ناهي، عالم ڪوبه موضوع مقرر ڪري نه سگهيا
آهن. ابن خلدون لکيو آهي ته علم ادب جو ڪوبه موضوع
ناهي. ڪجهه عالمن لکيو آهي ته هن علم جو موضوع
طبيعت يا فطرت آهي، طبيعت يا فطرت مان مراد داخلي
۽ خارجي اثرات آهن، جن سان انسان هن مادي دنيا ۾
وابسته ٿئي ٿو، داخلي ۽ خارجي عملن جي ترجماني جو
نالو طبيعت آهي يا فطرت آهي ۽ اهوئي ادب جو موضوع
آهي.
ادب جي لغوي، اصطلاحي ۽ تاريخي ماهيت:
ادب اظهار جو هڪ ڍنگ آهي جيڪو اديب جي احساس جي
نمائندگي به ڪري ٿو، ۽ حسن، ميٺاج ۽ رنگيني کي
اثراندازي جي طاقت به ڏي ٿو، ادب انساني نفس ۾
سٺائي، فڪرن ۽ خيالن ۾ روشني، احساسن ۾ نزاڪت ۽
زبان ۾ ميٺاج آڻي ٿو.
(ب) حضرت علي بن حسين رضه بن علي
رضه جو واقعو:
هشام بن عبدالملڪ سندس والد جي خلافت جي زماني ۾
حج لاءِ ويو ۽ ڪعبه پاڪ جي طواف کان پوءِ حجره
اسود کي چمڻ جي ڪوشش ڪيائين، پر تمام گهڻي رش سبب
چُمي نه ڏيئي سگهيو، ايتري ۾ حضرت علي رضه بن حسين
رضه بن علي رضه اچي ويا، جيڪي تمام حسين و جميل
هئا، پاڻ جڏهن حجره اسود جي ويجهو آيا ته سڀ ماڻهو
کيس جڳهه ڏيڻ لاءِ هڪ طرف ٿي ويا، پاڻ اطمينان سان
حجره اسود کي چميائون، هڪ شامي پڇيو هي ڪير آهي؟
ته هشام جواب ڏنو ته آءٌ کيس نٿو سڃاڻان، اهو
انڪري چيائين جو شامي متان سندس طرف نه ٿي وڃن اتي
ابوفراس ”فرزوق“ شاعر بيٺو هو، اُن جيڪي شعر چيا
اُهي هن طرح آهن ”سنڌي ۾ معنيٰ“.
”هي اهو شخص آهي جنهن کي بيت الله، حرم پاڪ سڃاڻي
ٿو، هي علي رضه آهي ۽ رسول الله ﷺ جن جو اولاد
آهي، هي الله جي بندن ۾ سڀني کان ڀلو آهي ۽ بهتر
شخص جو پٽ آهي، انهن جي نور سان ته قومون هدايت
وٺي رهيون آهن، هي صاف سٿرو، پاڪيزه، پرهيزگار ۽
سردار آهي. هي شخص عزت جي انهيءَ مقام تي آهي،
جنهن کي حاصل ڪرڻ لاءِ عربي ۽ عجمي عاجز آهن. ٿي
سگهي ٿو ته حجره اسود کي چمڻ بعد حطيم وارو رُڪن
کيس روڪي وٺي، ڇو ته هو ان جي هٿ کي سڃاڻي ٿو. هن
جي هٿ ۾ شاهي لڪير آهي، جنهن مان امام حسين رضه جي
خوشبوءِ اچي رهي آهي. هن جون حياء سڀ نظرون هميشه
هيٺ رهنديون آهن، ماڻهو هن جي پيشاني ڏي نهارڻ جي
جرئت نٿا ڪري سگهن، تڏهن نظرون هيٺ رکن ٿا، هي اهو
شخص آهي جنهن جي نانا جي ڪري نبيّن جي بزرگيءَ ۾
اضافو ٿيو، ان جي روشن پيشاني مان هدايت پکڙي رهي
آهي، هي حضرت فاطمه رضه جو پٽ آهي. تون نٿو
سڃاڻين، هن جي نانا تي نبيّن جي اچڻ جو سلسلو ختم
ٿيو، هي احسان جي ذريعي سڄي دنيا تي ڇانئجي ويا
آهن. هنن سان محبت رکڻ دين ۽ دشمني رکڻ ڪفر آهي.
هنن جي قربت نجات جو باعث ٿيندي، هر شيءِ ۾ الله
جي ذڪر بعد هنن جو ذڪر لازمي آهي. هنن کي بردباري
۽ بزرگيءَ سان نوازيو ويو آهي. انهن جي محبت جي
ذريعي بلائون ۽ مصيبتون دور ٿي وينديون آهن، جيڪو
ماڻهو خدا کي سڃاڻي ٿو، اهو هنن جي فضيلت کي به
سڃاڻي ٿو، سڀني گهراڻن هنن جي ذريعي دين حاصل ڪيو
آهي، جيڪڏهن تون هنن کي نٿو سڃاڻي ته خدا هنن کي
سڃاڻي ٿو. تنهنجو اِهو چوڻ ته هي ڪير آهي، هنن
لاءِ نقصانڪار ناهي، ڇو ته تون جنهن جو انڪار ڪري
رهيو آهين، عربي ۽ عجمي سڀ ان کي سڃاڻن ٿا.“ هي
شعر سڻي هشام کي غصو آيو، پوءِ مديني ۽ مڪي جي وچ
۾، عسفان مقام شاعر فرزوق کي قيد ڪيائين، جڏهن
حضرت علي رضه بن حسين رضه کي اطلاع مليو ته پاڻ
فرزوق ڏانهن ٻارنهن هزار درهم موڪليائين ۽ چيائين
ته فرزوق! جيڪڏهن مون وٽ وڌيڪ رقم هجي ها، ته اها
سڀ موڪليان ها، فرزوق چيو ته اي فرزندِ رسول ﷺ،
مون جيڪي چيو، اهو فقط الله ۽ ان جي رسول ﷺ جن کي
خوش ڪرڻ لاءِ چيو، ڪنهن دنيوي انعام لاءِ نه چيو.
حضرت امام علي رضه بن حسين رضه فرمايو ته اسان
اهلِ بيت جڏهن ڪو ڪم ڪرڻ چاهيندا آهيون، ته واپس
نه موٽندا آهيون، پوءِ فرزوق سندن هديو قبول ڪيو،
نيٺ هشام، شاعر فرزوق کي آزاد ڪيو.
(ج) حاتم جي موت بعد سخاوت جو انوکو واقعو:
حضرت ابوهريره جي آزاد ڪيل غلام
”محرز“ جو بيان آهي ته عبدالقيس قبيلي جو هڪ گروه
حاتم جي قبر وٽان گذريو، حاتم جي قبر جي ڀر ۾ ڊاٻو
ڪيائين، رات رهڻ لاءِ، انهن مان ابوالخيري نالي هڪ
ماڻهو، حاتم جي قبر کي ڌِڪو ڏيئي چيو، اُٿي اسان
کي کاڌو کاراءِ، اسان جي ميزباني ڪر، انهيءَ ٽولي
مان هڪ ماڻهو چيو، نڀاڳا مئل ماڻهوءَ مان ڪهڙي
ميزبانيءَ جي اميد اٿئي؟ هن جواب ڏنو ته قبيله
’طي‘ وارن جو خيال آهي ته اسان مان ڪنهن به حاتم
جي قبر جي ڀر ۾ ڊاٻو ناهي ڪيو، پر حاتم مرڻ کان
پوءِ به اسان جي مهماني ڪئي هئي، اهي ڳالهيون ڪري
سڀ سمهي رهيا، ايتري ۾ ابوالخيري رڙيون ڪري اُٿيو
۽ چيائين ته مون خواب ڏٺو آهي ته، حاتم منهنجي
اُٺڙي جي ٽنگ وڍي ڇڏي آهي، اوچتو ڏسن ته برابر
ابوالخيري جي اُٺڙي جي ٽنگ وڍي پئي آهي، پوءِ انهن
مان اُٺڙي ڪُهي سڀني گوشت کائي ڍءُ ڪيو، ۽ چيائون
ته، حاتم زندگيءَ ۾ به اسان جي مهماني ڪئي ۽ مرڻ
کان پوءِ اڄ وري مهماني ڪئي، پوءِ اهي ماڻهو
ابوالخيري کي پنهنجين سوارين تي سوار ڪري روانا ٿي
ويا، سامهون اوچتو هڪ ماڻهو آيو جيڪو اُٺ تي سوار
هو، انهي چيو ته اوهان مان ابوالخيري ڪير آهي،
ابوالخيري چيو اجهو آءٌ آهيان، ان سوار چيو ته هي
اُٺ وٺ، آءٌ حاتم جو پٽ آهيان. اڄ رات بابا حاتم
مون کي خواب ۾ آيو، چيائين ته مون هنن ماڻهن جي
مهماني ڪئي آهي ۽ اُها به هنن جي پنهنجي اُٺڙي سان
۽ مون کي حڪم ڪيو اٿس، ته جنهن جي اُٺڙي سان مون
مهماني ڪئي آهي انهيءَ نالي ابوالخيري کي اُٺ ڏيئي
اچ، حاتم جو پٽ ”عدي“ اُٺ ابوالخيري کي ڏيئي هليو
ويو.
پروانو سومرو
قاضي احمد
ڪتاب ’ڪڻا منجهه قرار‘ تي تبصرو
(سوچن جي سوجهري ۾ لکيل شعور جي
تاريخ)
هِن ڪتاب ۾ دولتپور شهر ۽ اسڪول جا سچائيءَ سان
ويچار ونڊيا ويا آهن. ائين زاهد سومري هڪ تاريخ
نويس جو ڪم ڪري ڏيکارڻ سان گڏ شهر ۽ اسڪول جي
تاريخ تي تحقيق لاءِ ٻين محققن واسطي به دروازا
کولي ڇڏيا آهن ۽ تاريخ جي واٽن تي وکون کڻڻ لاءِ
پڻ اُتساهيو آهي. جيئن ته تاريخ قومن لاءِ هڪ
آئيني جو ڪم ڏئي ٿي، تيئن زاهد سومري به حقيقتن کي
چٽو ڪري پيش ڪيو آهي، جنهن ۾ سڀئي ڪردار پنهنجو
پاڻ کي پسي سگهن ٿا ته پڙهندڙ به سندس ڪردار جون
ڪهاڻيون اڀياس ۾ آڻي سگهن ٿا. ڪتاب ۾ دولتپور شهر
کي مغلن يا ڪلهوڙن جي دور ۾ آباد ٿيڻ جو ڄاڻايو
ويو آهي ان لاءِ حوالا به ڏنا ويا آهن.
دولتپور شهر جي تاريخ سهيڙڻ کان پوءِ زاهد سومري
اسڪول جي تاريخ کي سانڍڻ ۽ سنڀالڻ جي پوري ڪوشش
ڪئي آهي ۽ اڳتي هلي هن ئي اسڪول جي پهرين ۽
بانيڪار استادن کي ياد ڪري کين امر ڪري ڇڏيو آهي،
جن ۾ محمد عيسي سومرو، محمد وارث ٻرڙو، قائم الدين
چنه ۽ محمد ادريس سومرو شامل آهن، جن نه فقط هن
اسڪول ۾ تدريسي عمل جي پيڙهه جو پٿر رکيو پر
پنهنجي پيشورانه صلاحيتن ذريعي اسڪول جي ترقي لاءِ
راهه پڻ هموار ڪئي. هي ان وقت جا اهي جفاڪش
ذميوار، مخلص ۽ قوم جا خيرخواهه استاد هئا، جيڪي
جتي به رهيا اتي انهن تعليم جي ترقيءَ لاءِ پاڻ
پتوڙيو. هي اهي استاد هئا جن ڦٽل اسڪولن ۾ به
پنهنجي محنت، ايمانداري ۽ سچائيءَ سان علم جا ڏيئا
روشن ڪيا ۽ انهن کي مثالي اسڪول بنايو. ڪيترن
اسڪولن کي پرائمريءَ کان ترقي ڏياري مڊل ۽ هاءِ
اسڪولن جي درجي تائين پهچائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا
ڪيو.
زاهد سومري ڪتاب جي باب پهرين ۾ اسڪول دولتپور جي
عروج ۽ زوال جو نهايت ئي باريڪ بينيءَ سان جائزي
وٺڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. اڳتي هلي هِن اسڪول مان
مئٽرڪ پاس ڪندڙ انهن ذهين ۽ باصلاحيت شاگردن کي به
ساريو آهي، جيڪي اڳتي هلي مختلف اعليٰ عهدن تي
فائز ٿيا جن پنهنجي وس ۽ وت آهر پنهنجي فرضن کي
ايمانداريءَ سان نڀايو ۽ پاڻ مڃايو ته ڪن وري علمي
ادبي دنيا ۾ خوب ترقي ماڻي. اهڙن ناميارن ۽
باصلاحيت شاگردن جي لسٽ مان ڊاڪٽر غلام محمد لاکي
صاحب جو نالو حوالي طور پيش ڪري سگهجي ٿو. ان
کانسواءِ زاهد سومري انهن محنتي، فرض شناس ۽
بهترين استادن کي به نروار ڪيو آهي جن پڻ دولتپور
اسڪول سان آخري دم تائين پنهنجو ناتو نڀايو ۽ هڪ
مثالي استاد جي حيثيت سان پنهنجي سڃاڻپ قائم
رکندي، دوستن کان وڇڙي ويا ۽ سندن اوچتي وڇوڙي سبب
دولتپور اسڪول جي تعليمي ۽ تدريسي عمل کي وڏو
جهٽڪو آيو. اهڙن باصلاحيت ۽ اندر جي اُجرن استادن
مان هڪ اسان جو پيارو دوستن نثار احمد ميمڻ به هئو
جنهن سان ڪجهه سال مون به گڏجي هاءِ اسڪول قاضي
احمد ۾ تدريسي خدمتون سرانجام ڏنيون. پاڻ منهنجي
هم خيال ۽ مخلص دوستن مان هڪ هئو.
زاهد سومري هن ڪتاب ۾ ڪيترن ئي استادن توڙي ننڍن
ملازمن جا خاڪا به خلوص ڀرئي پورهيي سان پيش ڪيا
آهن ۽ اها ڪوشش به ڪئي آهي ته جيئن کائنس ڪنهن
استاد يا ٻئي ڪنهن ملازم جو خاڪو رهجي نه وڃي جيڪي
هن تعليمي اداري سان واڳيل رهيا. زاهد سومري ڪتاب
جي صفحي نمبر 60 تي اهو به اعتراف ڪيو آهي ته ”هن
کان ضرور ڪجهه استادن ۽ شاگردن جا نالا ۽ ذڪر رهجي
به ويو هوندو پر هن ڪوشش ڪئي آهي ته گهڻي کان گهڻن
جو ذڪر ڪري سگهي.“
اسڪول ۾ انتظامي، تدريسي توڙي علمي سرگرمين کي
نڀائيندي جن به هيڊماسترن پنهنجو قيمتي وقت سجايو
ڪيو ۽ اسڪول جي سڌاري ۽ واڌاري لاءِ جاکوڙيو تن ۾
زاهد پنهنجي والد محترم سائينءَ جو به ذڪر آهي،
زاهد سندس ڪاوشن تي قلم کڻندي اهو به ٻُڌايو آهي
ته اسڪول جي قيام کان وٺي پنهنجي نوڪريءَ جي آخري
ايامن تائين سائين اسڪول جي علمي ۽ انتظامي
بهتريءَ لاءِ ڪوشان رهيو ۽ اداري کي پنهنجو
سمجهندو هو نه سرڪاري اسڪول. سندس اهڙي سيبتي سوچ
۽ بي داغ ڪردار جي ڪري اسڪول ڏينهون ڏينهن ترقي
ڪندو ويو ۽ تعليمي ماحول به جڙندو ويو.
مون جڏهن زاهد جي ڪتاب ”ڪڻا منجهه قرار“ ۾ موجود
استادن جا خاڪا اڀياس هيٺ آندا ته انهيءَ ويل
منهنجي ذهن ۾ علامه آءِ آءِ قاضي، علامه دائود
پوٽو، محمد ابراهيم جويو ۽ ايڇ ايم خواجه جهڙن
ڏاهن، محنتي، ذميوار استادن ۽ اعلي آدرشي منتظمين
جا خاڪا ڦرڻ لڳا انهن سان گڏوگڏ منهنجي پرائمريءَ
جي بااصول استاد قادر بخش لاکي صاحب، سيڪنڊري
تعليم جي محنتي ۽ مخلص استاد سائين غلام قنبر
لانگاهه ۽ پي ٽي سي ۾ پڙهائيندڙ حساس دل ماهر
تعليم سائين گل حسن تيوڻي صاحب جهڙن پيشي سان مخلص
تعليم ۽ تدريس جو اونو رکندڙ، شاگردن جي تعليمي
توڙي ڪردار جي سنوار جا ضامن رهندڙ ۽ سٻاجهڙن
استادن جا نه فقط نالا ذهن ۾ ترڻ لڳا، پر سندن دل
آويز تصويرون به اکين آڏو ڦرڻ لڳيون. ڪتاب پڙهندي
مون کي پنهنجو ننڍپڻ ته ياد آيو، پر پنهنجي اڻ
ڄاڻائيءَ جو به احساس ٿيو. اهڙن عظيم آدرشي ۽
مهربان استادن سميت ٻين منهنجي مهان استادن جون
محنتون ۽ شفقتون به ياد آيون جن جي محنت سان آئون
نه فقط انسان بنيس، پر هڪ استاد به ٿيس. سندن سوچ
۽ لوچ کي مشعلِ راهه بنائي علمي ۽ ادبي خدمتون
سرانجام ڏنيون.
زاهد سومري، هاءِ اسڪول جي جن استادن جا خاڪا
سهيڙيا آهن انهن ۾ کوڙ سارا ته منهنجا به استاد
رهيا آهن ڇو ته آئون به هن اسڪول جو ئي شاگرد رهيو
آهيان ۽ شاگردن جي حوالي سان زاهد منهنجو به ذڪر
ڇيڙيو آهي. زاهد سومري، خاڪا لکڻ مهل حقيقت جي
اظهار کان هرگز نه ڪيٻايو آهي. استادن جي چڱاين
توڙي لڱاين جي جا بجا تصويرڪشي ڪئي آهي. ياري باشي
واري گندي عمل کان پاڻ بچايو آهي ۽ نه ڪنهن جي دل
آزاري ڪرڻ جو ارادو ڪيو آهي. اهائي هڪ سٺي ليکڪ،
محقق ۽ تاريخ نويس جي خوبي به آهي ته مقصد پڻ.
زاهد کي جيئن نظر آيو آهي تيئن سڀني ڪردارن کي
عوام آڏو پيش ڪري سچائيءَ جي هام هنئي آهي. زاهد
کوڙ سارن استادن ۽ ملازمن کي ڪتاب ۾ ساريو ۽
سانڍيو آهي جيڪي پنهنجي پيشي ۽ قوم سان سچا به آهن
ته ذميوار به آهن. ڪن وري بنا متڀيد جي هِن
پيغمبري پيشي جو مانُ رکندا پيا اچن. ڪي وري
تعليمي ۽ تدريسي خدمتن سان گڏ هم نصابي سرگرمين
ذريعي به شاگردن جي ڪردار جي سنوار ۾ سرگردان آهن.
ائين هُو مستقبل جي معمارن جي تعليمي صلاحيتن جي
تعمير لاءِ جتن جاري رکيو پيا اچن. حقيقت ۾ زاهد
سومري پنهنجي تاريخي ڪردار کي ادا ڪندي، هن اسڪول
جي ٻين ننڍن ملازمن بابت به ويچار ونڊيا آهن. جيئن
زاهد هِن ئي اداري ۾ ڪم ڪندڙ ڪلارڪ رياض علي
لانگاهه جي ڪردار ۽ جذبن جي جنسار ڪئي آهي. اسان
جي سماج ۾ ڪلارڪن بابت منفي قسم جي راءِ جڙندي
آهي، پر زاهد سومري هن ڪلارڪ جو سهڻو سڀاءُ پيش
ڪري اسان جي سوچ کي سيري ڪجهه پرڀرو ڪري ڇڏيو آهي.
انسانيت جي جذبي سان سرشار ۽ حساس دل ڪلارڪ رياض
علي لانگاهه بابت زاهد جو قلم هن طرح لکي ٿو ته
”رياض علي لانگاهه انسانيت جي جذبي سان سرشار
غريب، مسڪينن ۽ بي پهچ مريضن جو مفت علاج ڪري ٿو
ڪنهن کي تڪليف ۾ ڏسي نٿو سگهي. هر ڪنهن کي مدد ڪرڻ
لاءِ هر وقت تيار رهندو آهي....... جيڪي مريض
ڊاڪٽرن جي فيس ڀرڻ لاءِ لاچار آهن. اهي رياض علي
لانگاهه وٽ مفت علاج ڪرائين ٿا. مفت ۾ علاج ۽
دوائن سان گڏ انهن کي چانهه پياري ٻه ٽوٽڪا ٻُڌائي
ٽهڪ ڏياري روانو ڪري ٿو.“
زاهد سومري پنهنجي ڪتاب ”ڪڻا منجهه قرار“ ۾ انهن
هيڊماسترن، استادن ۽ ٻين ملازمن کي به ياد ڪرڻ جي
ڪوشش ڪئي آهي جيڪي هن اداري ۾ پنهنجيون ذميواريون
پوريون ڪري ويا پر اهي اڄ هن جهان ۾ موجود ڪونه
آهن. اڄ انهن جون ڳالهيون ئي ڳائجن پيون. سندس
ڪردار، سوچ ۽ لوچ تي لکيو وڃي پيو ۽ اسڪول ۾ ٿيندڙ
هم نصابي سرگرمين کي به هن ڪتاب ۾ جاءِ ڏني آهي.
هن اهو ٻڌائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته اهڙين سرگرمين
ذريعي ٻار جي ڪردار جي تعمير ۽ ترقي يقيني بنائي
سگهجي ٿي. اهڙين سرگرمين سان ٻارن ۾ سهپ جو مادوم
محبت ۽ امن قائم رکڻ، فيصلي جي قوت، قانون جو
احترام، وڏن جوا دب ۽ احترام، سچ ڳالهائڻ ۽ ڪوڙ
کان ڪنارو ڪرڻ، جدوجهد ڪرڻ، مقابلي جي سگهه سارڻ ۽
سوڀ ماڻڻ واريون صلاحيتون پيدا ڪري سگهجن ٿيون.
اڄڪلهه اسڪولن ۾ اهڙين سرگرمين جو ڏڪار ڏسجي ٿو.
سنڌ جا ڪي آڱرين تي ڳڻڻ جيترا اسڪول آهن جن ۾
اهڙيون سرگرميون ڏسڻ ۾ اچن ٿيون.
منهنجي خيال ۾ زاهد سومري به صبح جو ننڍ مان اٿندي
۽ رات جو وري سمهڻ کان اڳ ۾ پنهنجو نور نچوئي،
قلمي پورهيو ڪري، ٿورڙي وقت ۾ هي ڪتاب قلمبند ڪيو
آهي جيڪو سچ پچ ته هڪ بهترين ڪتاب آهي ۽ وڏن اديبن
جي لکيل ڪتابن سان مقابلي جي سگهه رکي ٿو. زاهد
سومري جو لکيل هيءُ ڪتاب سوچن جي سوجهري ۾ شعور جي
تاريخ آهي جنهن جي روشنيءَ ۾ سڀئي ڪردار چٽا پٽا
نظر اچن ٿا.
نئون ڪتاب
ڪتاب:
گوهر آبدار (پهريون سرائيڪي ديوان)
مصنف:
علامه محمد هدايت علي نجفي تارڪ
ڇاپو
پهريون: آگسٽ 2021ع
قيمت:
-/150 رپيا
ڇپائيندڙ: علامه تارڪ اڪيڊمي جوڻاڻي شريف/وارهه
سجاد مهر
شڪارپور
بينا مسرور جي شاعريءَ جو ڪتاب:
تون ئي منهنجو محور آن
بينا مسرور جي ننڊ ۾ اٽڪيل خواب ساڀيا ماڻي آهي،
سندس روح ۾ ولين ڦٽي گونچ ڪڍيا آهن.
هونئن به خواب جڏهن نيڻن ۾ ندي ٿي وهن ته ساڀيا جي
پهرين چُمي پيار کي معراج جيان لڳندي آهي.
شاعر وٽ اندر ۾ جيڪي حسناڪيون قيد هونديون آهن سي
آڱرين جي آبشار مان وهڻ لاءِ وسيلا ڳولينديون آهن
۽ پوءِ جڏهن انهن کي روح مان وهڻ جو رستو ملندو
آهي ته بارش جي ڦڙن جيان اوڙڪون ڪري دل جي پڌر کي
سيرياب ڪري وينديون آهن....
بينا مسرور سنڌ واسين لاءِ ڪو نئون نالو ڪونهي هن
جي صلاحيتن کي اسڪرين تان اڌ دنيا ڏسي هن کي مڃتا
سان نوازيو آهي.
بينا لاءِ اها شهرت ڪافي آهي،
پر من اندر جي لوچَ ڪاڏي وڃي. جيڪا اندر جي طويل
خاموشيءَ کي مرڪن جي سُرٻاٽ سان ڪا سرگوشي ڪري
اتساهيندي چوندي آهي ته تو ۾ آرٽ سان گڏ لکڻ جو
ڏانءُ به آهي
سو بينا کي اُن اتساھ اٿاري لفظن جي روپ ۾ پني جي
پيٽ تي ڪي اکر اوتڻ جي سگھ بخشي ته هن اهي لفظ
فلائنگ ڪس جي صورت ۾ اسان ڏي هڪ مجموعي جي صورت
”تون
ئي منهنجو محور آن“
جي انداز ۾ اماڻيا آهن
لفظن جي ترورن ۾ غائب ٿي بينا پنهنجا خيالَ کڻي
آئي ۽ اچي پنهنجي ئي نظم جيان "هِل پارڪ واري ساڳي
بينچ" تي ويٺي..
سُڃاڻپ ملڻ کان پوءِ رُڳي شهرت به ڇسي لڳندي آهي.
پر بينا پنهنجي شهرت کي اسٽاپ نه ڏنو ۽ قلم قبيلي
وارن لاءِ قلم جي دنيا سان پنهنجو هڪ ٻيو تعارف
کڻي آئي. توڙي جو شاعريءَ وارو شعبو فنڪاريءَ واري
ڪوشش کان گهڻو جوکم وارو آهي. تڏهن به هن همت کان
ڪم وٺندي سادو، سُهڻو ۽ مختصر ئي سهي، پر مجموعو
اسان کي ارپي صاحبِ ڪتاب هجڻ جو اعزاز ماڻي ورتو
ڪالھ جڏهن اهو ڪتاب سوکڙي ٿي منهنجي اڱڻ تي آيو ته
مونکي لڳو،
آيا اڱڻ عجيبَ نصيب ڀلا.....
-
اهي اڱڻ چُمان يا عجيبَ چُمان
هڪ ئي نشست ۾ ڪتابُ پڙهي پورو ڪيم.
ڪا وٿي نه وڌم
ڀاءُ مرتضيٰ لغاريءَ
جي پبلشر نوٽ کان وٺي سانئڻ بينا مسرور جي پنهنجي
پاران واري نثر ۾ لکيل سٽن کان ويندي سائين بيدل
مسرور جي مهاڳَ تائين بينا جو هڪ نئون تعارف اکين
جي اسڪرين تي جهمريون پائڻ لڳو.
اندرِ سندس سٻاجهڙي شاعري پنهنجي پهرين پيارَ جي
اپٽار کان وٺي ڌرتيءَ جي درد تائين ڳوڙهو ڳوڙهو ٿي
ڪَيل ڳالهيون مونسان بي حجاب ٿي ڳالهائڻ لڳيون ۽
مان به، بي
ساختگيءَ سان لفظن جي چيچ ۾ هٿ وجهيو پني جي آخري
سرحد تائين وڃي پڳس.... وچ ۾ جيڪي احساس اوتيل ها
وک وک تن سان گڏ سگريٽ جيان دکندو ويس
بيدل سائين لکي ٿو،
’بينا
بزدل ناهي‘
مهاڳ ۾ لکيل اها ڳجهارت بينا جي نظم ئي ڀڃي وڌي
جنهن شاعراڻي لهجي ۾ چيو ته
زنجيرن ۾ جڪڙيل آهيان
ڪيئن ٽوڙيان
بهانا ته گهڻئي آهن
پر
سچي ڳالھ
”مان
بزدل آهيان.“
هاڻي ڪير چوي ته پنهل ڪوري آ
بينا جو شاعراڻو انداز دل لڀائيندڙ آهي سندس ڪتاب
۾ نظمن جو انگ جهجهو آهي جڏهن ته بحر وزن جي
زنجيرن کان آزاد بينا جا ڪجھ اسم وزن جي گهڻو
ويجهو به آهن
جيئن:
خيما کوڙي ڇڏيا.
رستا موڙي ڇڏيا
رشتا ٽوڙي ڇڏيا
وارَ ڇوڙي ڇڏيا.
مَٿيون سٽون فاعلن فاعلن جو نادر نمونو آهن
بينا شڪارپوري لهجي ۽ هتان جي شين کي به ٽربيوٽ
ڏيندي ڪيڏو نه خوبصورت خيال وقت جي گلدان ۾ پيوند
ڪيو آهي.
سڀني قافين ۾ سهڻو اظهار آهي.
176
صفحن تي آڌاريل بينا مسرور جي هن مجموعي
کي مُرڪ پبليڪيشن پاران ڇپائي پڌرو ڪيو ويو آهي، ۽
هن
جو خوبصورت ٽائيٽل ۽ سهڻي لي آئوٽ کي ڏسي جتي دل
گارڊن گارڊن ٿئي ٿي اتي ڪتاب ۾ موجود ڪيتريون ئي
پروف مسٽيڪ ڏسي ۽ هٿ سان ٺاهيل غلطيون پسي ائين ٿو
لڳي ته ڄڻ سهڻي چولي تي چتي لڳل هجي
منهنجي خيال ۾ مٺڙي جي هٿن جي زهر به مٺي لڳندي
آهي ان جو لهجو ئي زهر کان ڪڙو هجي ٿو... منهنجي
خيال ۾ اهو خيال هيئن هجڻ کپندو هو
مجموعي طور بينا جي شاعري ڌيان ڇڪائي ٿي ۽ پڙهندڙ
کي ڪٿي به بور نه ٿي ڪري.
هن وٽ جيڪي معصوم ۽ نازڪ احساس آهن ان کي پوپٽ جي
پرن جيان ڇهجي ٿو ته خيالن جا رنگ پنهنجي ذهن جي
آڱرين تي محسوس ڪري سگجهن ٿا.
مونکي ته سندس خيال جي ترڪش مان نڪتل هي تير صفا
ڇرڪائي چمائو ٿي ويو، جيڪو هن هائيڪي جي صورت ۾
پوکيو آهي
پروفيسر سيد اعجاز علي شاهه رضوي
حيدرآباد
چندر بدن و مهيار
(سيد ثابت علي
شاهه جي منظوم ڪيل اهم مثنوي)
شمس العلماء ميرزا قليچ بيگ پنهنجي دور ۾ سيد ثابت
علي شاهه ڪربلائيءَ جي ڪلام تي تحقيق ڪندي انڪشاف
ڪيو هو ته سيد صاحب جا سنڌي مرثيه 66 کان مٿي ۽
ڪيتريون ئي سنڌي توڙي فارسي زبان ۾ مثنويون آهن،
پر انهن مان ڪافي گردش زمانه جي ڪري ناياب ٿي
ويون. تازو سندن هڪ مثنوي بعنوان چندر بدن و مهيار
سامهون آئي آهي. هندوستان جي هڪ رومانوي داستان تي
مشتمل ۽ سندن انهيءَ پورهئي جو پتو سنڌي مرثيه تي
علمي ادبي تحقيق ڪندڙ شخصيت سيد عبدالحسين شاهه
موسوي جي ڪوشش سان پيو. هن صاحب فارسي ۾ مليل ان
مثنوي کي محترم علامه نبي بخش دانش شر جي حوالي
ڪري کيس التجا ڪئي ته ان داستان کي فارسي زبان مان
سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري. علامه صاحب ان ڪم ۾ وڏي محنت
ڪئي. سندس ڪيل مسودي جي تدوين ۽ تحقيق کي سيد ثابت
علي شاهه يادگار اڪيڊمي ميرن جا قبا حيدرآباد مان
شايع ڪيو ويو ۽ سنڌ جي ماڻهن جي هٿن تائين پهچايو
آهي، ان علمي ڪاوش جي ڪري هڪ طرف فارسي ادب ۾ اهم
اضافو ٿيو، ٻي طرف سنڌي ادب ۾ تحقيق ۽ ترجمي جي
صورت ۾ هڪ سهڻو واڌارو آيو.
هن داستان جي مهاڳ ۾ نبي بخش’دانش‘
صاحب لکيو آهي ته عرب سرزمين تي ليليٰ ۽ مجنون ۽
وري فارسي ۾ شيرين و فرهاد، برصغير ۾ سسئي پنهون،
سهڻي مهيوال، هير رانجها، چندر بدن و مهيار جهڙا
لوڪ داستان پنهنجي مخصوص شهرت جا مالڪ ٿي رهيا
آهن.
فردوسي وارو شاهنامو توڙي مير حسن علي ٽالپر مرحوم
جو شاهنامو پڻ سنڌ جي ٻين ڪيترن ئي سنڌي شاعرن جا
اهڙا منظوم ڪارناما ان ئي سلسلي جي ڪڙي آهن، اڳ
واري زماني ۾ انهن ادبي شاهپارن کي وڏي قدر جي
نگاهه سان ڏٺو ويندو هو، چندربدن و مهيار داستان
به ان اڳوڻي زماني جو ئي شاهڪار آهي.
پبلشر پنهنجي پاران ۾ ڄاڻائي ٿو ته سيد ثابت علي
شاهه ڪربلائي سنڌ جو اهڙو گران بها گوهر آهي جنهن
تاريخ سنڌ ۽ سنڌ جي فارسي توڙي سنڌي ادبيات جي
کيتر ۾ علم جي مختلف شعبن ۾ وقعيه خدمتون سرانجام
ڏنيون، شاهه صاحب عربي، فارسي، اردو ۽ سنڌي ٻولين
تي دسترس ۽ شاعري جي فن ۾ دستگاهه رکڻ ڪري سنڌي
مرثئي کي اعليٰ پايي تي رسائڻ سبب مرثيه گو شاعر
جي حيثيت سان مشهور ٿيو، پر هن جي ڇڏيل علمي ڪم تي
نظر وڃڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته هُو هڪ معتبر ۽
مستند مؤرخ، شاعر، فارسي غزل جو صاحب ديوان شاعر ۽
تاريخ گوئي ۾ پڻ ماهر هو. افسوس جو هن جي ٻين شعري
اصناف سخن ۾ جيڪي وقيع تصنيفون ڇڏي فارسي، اردو ۽
سنڌي ادبيات جا گهڙا ڀريا اهي زماني جي گردش جي
ڪري ناياب ٿي ويا. مرثيه گوئي هن جي ديگر علمي
ڪمالات تي حاوي ٿي ويئي، جنهن ڪري سندس ٻيون
ڪاوشون، علمي اڀياس، تحقيقي ڇنڊڇاڻ ۽ اشاعت کان
رهجي ويو. نتيجي ۾ اسان سندس ڪيتروئي علمي سرمايو
وڃائي ويٺاسين.
مذڪوره داستان جو مطالعو ڪندي معلوم ٿئي ٿو ته هڪ
ڏينهن هندوستان کان آيل هڪ داستان گو شاعر نالي
سيف الله مير ڪرم علي خان ٽالپر جي علمي محفل ۾
حاضر ٿي چندر بدن و مهيار اردو زبان ۾ بيان ڪيو.
مير صاحب کي اهو داستان تمام گهڻو وڻيو. هن پنهنجي
ان محفل ويٺل شاعر سيد ثابت علي شاهه ڪربلائيءَ تي
ذمو لڳايو ته هو ان کي فارسيءَ ۾ منظوم ڪري. شاهه
صاحب ان کي منظوم ڪيو جنهن جو مختصر بيان هن ريت
آهي:
هندوستان ڦٽه ننگر جي راجا جي هڪ حسين ۽ نهايت
ذهين ۽ عبادت گذاري ڌيءُ هئي. سندس نالو چندر بدن
هو. اها روزانو ڦٽه ننگر جي بت خاني ۾ ويندي هئي.
اهو بت خانو دراصل وڏو مندر هو ۽ هر بت جي آڏو
سوين مرد ۽ عورتون پوڄا ۾ رُڌل هونديون هيون. ان
بت خاني ۾ چندر بدن به پوڄا لاءِ ايندي هئي. هڪ
ڏينهن هڪ مصور ان بت خاني ۾ آيو ۽ چندر بدن کي ڏسي
بيهوش ٿي ويو، مگر سندس اکين ۾ ان چندر بدن جو عڪس
رهجي ويو. ان چندر بدن جي تصوير ٺاهي ۽ پنهنجي
علائقي ۾ هليو ويو. اتي سندس ملاقات هڪ تاجر مهيار
سان ٿي، ان تصوير کي ڏسي کانئس تصوير خريد ڪري
کانئس پتو پڇيو ۽ اُتي ويو ته حسين و جميل چندر
بدن کي ڏسي هوش وڃائي ويٺو. کيس پيرن تي ڪِري
پنهنجو چوڻ لڳو. چندر بدن اهو ڏسي کيس ڌڪاريو ۽
چيو ته اي بيوقوف تون ڪير آهين، هٽي پري ٿيءُ.
پنهنجي ناڪامي ۽ رسوائيءَ جي ڪري تاجر اڪيلي سر
جهنگ طرف مُنهن ڪيو ۽ چرين وانگر رُلندو رهيو.
سندس زبان تي چندر بدن جا لفظ هوندا هئا. هڪ دفعي
ڪنهن ٻي رياست جو هڪ حڪمران سان جهنگ ۾ مهيار سان
ملاقات ٿي. مهيار جي حال تي کيس رحم آيو. کيس پاڻ
سان وٺي پنهنجي حڪومت ۾ آيو ۽ سندس علاج ڪرايائين
مگر ڪوبه فائدو نه ٿيو. حاڪم کي هڪ ڏاهي ٻڌايو ته
هيءُ عشق جي ڪري بيمار آهي. بادشاهه ان کي ڪافي
دلاسا ڏنا، پر مهيار اهوئي لفظ چندر بدن پڪاريندو
رهيو. هڪ ڏينهن اُهو مصور بادشاهه وٽ آيو جنهن کيس
اڳ واري سموري حقيقت ٻڌائي. بادشاهه مصور ۽ مهيار
کي گڏ کڻي ان مندر وٽ آيا. چندر بدن ان وقت اتي
موجود هئي. ميهار کيس ڏسي خوشيءَ مان ديوانه وار
نچڻ ۽ ٽپڻ لڳو ۽ چندر بدن جي پيرن تي ڪِريو. چندر
بدن کيس چيو ته مان هڪ هندو ڇوڪري آهيان ۽ تون هڪ
مسلمان مرد، مهيار کيس چيو ته دنيا آخر فنا آهي نه
مان هميشه رهندس ۽ نه تون. مون سان ڪجهه گهڙيون
ڳالهاءِ. چندر بدن کيس چيو ته هاڻي تو گهڻي خواري
ڪئي. وڃ اڃايو لُڙ بکيڙو نه ڪر، شل مرين“ اهي لفظ
ٻڌڻ کان پوءِ مهيار سندس قدمن ۾ مري ويو ۽ چندر
بدن پڇتاءَ ۾ آئي.
پاڻ به صدمي ۾ مري وئي، ٻنهي کي گڏي دفنائي قبر تي
ڪتبا لڳايا ويا.
رفيق بلوچ
جوهي
گُلدان ۾ سجايل رنگ برنگي گُلَ
(شعري مجموعي ’جوهيءَ جا جَر ڦُل‘ جو تعارف)
گذريل ڏهن پندرهن سالن کان خاص طور تي سنڌي ادب ۾
شاعريءَ
جي حوالي سان هڪ نئون ٽرينڊ
Trend
متعارف
ٿيو آهي؛ اهو آهي شاعريءَ
جا گڏيل مجموعا شايع ڪرڻ جو.
مارو جمالي جو
’چوٽا
تيل چنبيليا‘،
ذوالفقار گاڏهي جو
’موکي
مٽ اپٽيا‘،
محبت ملاح جو
’لفظن
جا سڏڪا‘،
محبوب سنڌي جو
’ٽڙيا
ٽارئين گل‘،
احسن ابڙي جا سهيڙيل
’ٽاريءَ
ٽاريءَ
گل ٽڙي پيا‘
۽
’موتي
مڻيادار‘،
گل حسن ساگر ڪوريءَ
جو
’دونهان
جن دکائيا‘،
صدف حسينيءَ
جو
’هي
پانڌيئڙا پيار جا‘،
فياض منصور جو
’چوڏس
ميگھ ملهار‘،
وسيم آڪاش سيتائي جو
’ڏهر
منجھ ڏيئا‘
۽ گهايل لغاري ۽ زين کوسي طرفان گڏيل طور سهيڙيل
’وڻ
وڻ منجھان واس‘
کانپوءِ
زين کوسي جو ترتيب ڏنل نئون مجموعو
’جوهي
جا جرڦل‘
ان جو ثبوت آهي ته هيءُ
سلسلو ڪاميابي طرف وڃي رهيو آهي.
محترم زين کوسي جي ترتيب ڏنل هن مجموعي
جو
خوبصورت ٽائيٽل، جنهن ۾ جوهيءَ
جي جَر
مان هڪ هڪ ڪري گل چونڊيا ويا آهن. ڪتاب ۾ ڪاڇي ۾
واقع هيرڻ جي وڻ جي چوڏهينءَ
جي چانڊوڪي ۾ ايندڙ خوبصورت
جهلڪ جيان اُداس
لنڊ جا جماليات سان ڀرپور غزل، زين کوسي جون واس
سان ٽمٽار تخليقون، ميانوال تحريڪ ۾ شهادتون
ماڻيندڙن جي شهر/ڳوٺ
اٺ شھيد (محبت خان لنڊ) جي پرائمري استاد عبدالله
لنڊ جي فرزند پرائمري استاد مير بلوچ، سينيئر شاعر
وفا قابل جماليءَ
جو نوجوان ڀاءُ
ابراهيم جمالي، پنهنجي الڳ تخليقي دنيا آباد ڪندڙ
ماما عثمان کوسو، 15 سالن جي الهڙ وهيءَ
جو جوان رضا لغاري، سنڌي ادبي سنگت جو ڪارڪن ۽
عهديدار مرتضيٰ
جمالي، ڪراچي ۾ آباد جوهي واسي سليمان عرف درد علي
درد کوسو. جيئن هر گل جي پنهنجي خوشبوءِ
ٿئي تيئن هر ڪويءَ
جي رچنا ۾ منفرد رس ۽ چس.
ڪتاب جي شروعاتي صفحن ۾ عبدالحميد
’آس‘
ٻٻر جو لکيل مهاڳ ڄڻ هزارين ستارن واري آسمان ۾
اڪيلو چنڊ. سڀني کان روشن، سڀني کان چٽو.
بئڪ ٽائيٽل تي ناليواري محقق، ڪهاڻيڪار، ڊراما
نگار ۽ شاعر عزيز ڪنگراڻيءَ
جون سٽون.
هيءُ
شعري مجموعو هر طرح سان خريدڻ، پڙھڻ ۽ ساھ ۾ سانڍڻ
جهڙو آهي.
ضمير حسين مهيسر
ڪنڊيارو
ڪتاب: وڃايل ورثو- تاريخ جي تناظر ۾
ڪتاب ’وڃايل ورثو- تاريخ جي تناظر ۾‘ جو ليکڪ
شاهنواز مهيسر سنڌ ۽ وفاقي حڪومت ۾ ڪليدي انتظامي
عهدن تي رهيو آهي. هن ڪتاب جو ٻن سالن ۾ هي ٻيو
ڇاپو آهي. هي ڪتاب بنيادي طرح سان مهيسر ذات جي بڻ
بڻياد جي ڳولا واري هڪ تحقيق آهي. هن ڪتاب ۾ محقق
پس منظر عهد ميثاق کان وٺي سنڌ ۾ اسلامي دور
(712ع) تائين کڻي آيو آهي. مهيسر ذات بابت جيڪي به
نظريا يا ڏند ڪٿائون آهن انهن سمورن حوالن کي هن
ڪتاب ۾ نه رڳو بحث هيٺ آندو آهي، پر سنڌوماٿريءَ ۾
سنڌ ۽ پنجاب وارن مهيسرن جي ڳوٺن جي فهرست پڻ ڏني
آهي. مهيسر هڪ آڳاٽو سنڌو ماٿر جو لفظ آهي، جيڪو
تقدس ڀرئي معنيٰ وارو آهي. ان کين ’مهان سر‘
(منڇر) سان جوڙڻ لسانياتي لحاظ سان به مناسب نه
ٿيندو. هن جو لاڳاپو آڳاٽي سنڌ سان آهي. اهڙا اسم
۽ ذاتيون شاهه لطيف اصل بڻ بڻياد سان ڳائي
واکاڻايا آهن:
* مهيسر جي مَنڌ جي، هُت هَڏ هين وَهي هُوءَ.
* پوري مڙهه مهيس، ڪِنـﮧ تيرٿ ويا تڪڙا.
شاهه لطيف جي سيهوڳي بزرگ شاعر به هڪ خلق جو ذڪر
’مهيسري مخلوق‘ جي ٻٽي اسم سان ڪيو آهي. مَهيسري
مخلوق جي اُڀين دور درا، ان ريت مهيسر ذات جو نالو
ڪنهن الهامي هستيءَ سان سلهاڙيل سنڌ جي اساسي ادب
۾ موجود آهي ۽ رهندو.
هن ڪتاب ۾ ليکڪ پنهنجي وڏڙن ۽ هنن جي وڏن جي شجرن
کي به هٿ ڪري هن ڪتاب جي ترتيب ۾ آندو آهي، ان ريت
هي ڪتاب مهيسر ذات تي پهريون ڪتاب ليکيو ويندو.
ليکڪ هن ڪتاب جوڙڻ ۾ مهيسر ذات بابت ڀانيو ڪيل
ڳالهين کي بحث هيٺ آڻي ٿو ۽ انهن تي ڪا قطعي راءِ
ڏيڻ بدران هڪ عربي جملي ۾ پڙهندڙن تي فيصلو ڇڏي ڏي
ٿو. ان ريت هي ڪتاب هڪ وڏي تاريخي پس منظر کي ڇڏي
ڪري مهيسر ذات تي هڪ سٺو ماخذ ڪري سمجهيو وڃڻ
گهرجي.
نياز مسرور بدوي
شڪارپور
تحقيق ۽ تخليق جو سنگم ٽماهي ’مهراڻ‘ شايع ٿي ويو
ٽماهي ’مهراڻ‘ سنڌي ادب جو هڪ اهڙو رسالو آهي،
جنهن ۾ تحقيقي ۽ تخليقي ادب شايع ٿيندو رهي ٿو. هن
رسالي ۾ موجود مواد گھري مطالعي ۽ مشاهدي تي
آڌاريل هوندو آهي. هن ۾ اهڙا ڪيترائي مقالا شامل
هوندا آهن، جن کي محقق حضرات نهايت عرق ريزيءَ سان
ورهين جي رياضت کان پوءِ سرت وندن جي آڏو پيش ڪندي
سرهائي محسوس ڪندا آهن، کين اها پڪ هوندي آهي ته،
سندن مواد ضرور پڙهندڙن پارکن جي نظرن ۾ مقبوليت
حاصل ڪندو.
ڏٺو وڃي ته انهيءَ حقيقت ۾ ڪوبه وڌاءُ نه آهي ته،
ٽماهي ’مهراڻ‘ ۾ انتهائي مفيد ۽ ڪارائتو مواد شايع
ٿيندو آهي، جنهن جي پڙهڻ سان تمام گھڻي ادبي
معلومات سان گڏ، ڪافي نيون تحقيقي سچائيون پڻ
دليلن جي روشنيءَ ۾ نکري نروار ٿي آڏو اينديون
آهن.
ٽماهي ’مهراڻ‘ جو ٽيون شمارو يعني جولاءِ کان
سيپٽمبر 2021ع ڇپجي ويو آهي. هن شماري ۾ ايڊيٽر
ثمينه ميمڻ اداري ۾ ٿيل ادبي ۽ انتظامي ڪاررواين
بابت ڄاڻ ڏني آهي، ان کان علاوه ويجھڙائيءَ ۾ فوت
ٿي ويل اديبن تي ’پڳهه ڇوڙي پنڌ پيا‘ جي عنوان هيٺ
تاثر قلم بند ڪيا آهن، ان کان علاوه ٻه تاثر اسد
جمال پليءَ پڻ لکيا آهن.
تحقيقي مضمونن ۽ مقالن ۾ پهريون مضمون ’بخاري شريف
۽ ان جو شرحون‘ جي عنوان تحت مخدوم سليم الله
صديقي لکيو آهي. سندس مضمون ۾ حديث جي ڪتابن جي
ڄاڻ ڏيڻ سان گڏ صحيح بخاريءَ جي متن کي سمجھائڻ
لاءِ مٿس جيڪي شرحون لکيون ويون آهن، تن جو ذڪر
ڪيو آهي، انهيءَ دقيق ڪم ڪرڻ تي جَسَ جو حقدار
آهي.
ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو نهايت ئي علمي، ادبي ۽
تحقيقي شعور جو مالڪ آهي. سندس مقالي جو عنوان آهي
’فتحنامه يا چچنامه جي اصليت مقالو تمام گھڻو محنت
سان لکيل آهي، جيڪي مذڪوره ڪتاب ۾ مونجھارا آهن يا
لفظي مغالطا آهن تن کي درست ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
ان کان علاوه حجاج بن يوسف ۽ محمد بن قاسم جي وچ ۾
جيڪا خط و ڪتابت ٿي آهي، تنهن جو پڻ تفصيلي جائزو
ورتو آهي. ان کان علاوه ڪتاب جي عربي هجڻ بابت ٺوس
دليل پيش ڪيا آهن. منان آصف جي غلط مفروضن کي رد
ڏنو آهي.
’مولانا رومي ۽ اينميري شمل‘ اهو مضمون ڊاڪٽر محمد
جاويد لکيو آهي، جنهن جو ترجمو غلام محمد لاکي ڪيو
آهي. مضمون ۾ ڪافي اهڙيون ڳالهيون آهن جيڪي روميءَ
جي عظمت ۽ تصوف کي بيان ڪرڻ سان گڏ اينميري شمل جي
علميت کي ثابت ڪري ٿو. غلام محمد لاکي، ڊاڪٽر محمد
جاويد سان ڪن عيسوي سنن تي اختلاف رکيو آهي، جنهن
کي هن حاشين جي صورت ۾ درج ڪيو آهي.
ڊاڪٽر الطاف جوکيو جو دلپسند موضوع لسانيات آهي.
هن ڀيري ۾ سندس قلمي ڪاوش حاجي احمد ملاح جي
شاعريءَ جي خوبين کي نروار ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري
رهي آهي. سندس لکت ۾ اها ڳالهه ثابت ٿئي ٿي ته
حاجي احمد ملاح ٻوليءَ جو انتهائي ماهر هو، جنهن
پنهنجي ٻوليءَ جي مهارت کي پنهنجي شاعري ۾ ڪتب آڻي
سنڌي ٻوليءَ جي سونهن ۾ واڌارو ڪيو آهي. الطاف
جوکيي حاجي احمد جي شاعريءَ ۾ جيڪي اشتقاق ڪتب ٿيا
آهن، تن تي بحث ڪيو آهي، ۽ انهن جي خوبصورتيءَ کي
پاڙهڪن جي آڏو پيش ڪيو آهي.
ناسف علي شيراز تمام گھڻو پاڙهو آهي، سندس تحقيقي
ڪم تمام اعلى درجي جو آهي. جن ۾ ’فارسي
ڪتابن جا سنڌي ترجما‘،
’سنڌي
لغت نويسيءَ جي تاريخ ۽ ببليوگرافي‘،
’شاهه
جو رسالو معياري متن‘،
’قاضي
قادن جو رسالو (تحقيقي ۽ تنقيدي جائزو)‘،
۽ ٻيا به انيڪ تحقيقي مقالا ٽماهي مهراڻ ۾ شايع ٿي
چڪا آهن، جن کي مقبول عام حيثيت حاصل آهي. سندس
مضمون جو عنوان ’مخدوم عثمان المرونديءَ جي سوانح
حيات نئين تحقيق جي روشنيءَ ۾‘ پاڻ کي جيڪي ادبي
ڏکيائيون پيش آيون اٿس تن جو ذڪر ڪيو آهي ۽ ماضيءَ
۾ قلندر بابت جيڪي غلط ۽ بي بنياد روايتون ٻين
ڪتابن ۾ سَهو طور لکجي ويون آهن، تن کي صاف ڪيو
آهي. ان کان سواءِ جن جن ساهتڪارن قلندر شهباز جي
سوانح تي تحقيق ڪئي آهي، تن جو پڻ ذڪر ڪيو آهي.
قاضي غلام علي (مخدوم ابوالقاسم نقشبندي ٺٽوي)،
شاهد علي 'صوف' ابڙو (مخدوم محمد اسماعيل
پريالوي)، ڊاڪٽر انور فگار هڪڙو (پريت جا پيچ)،
زاهد ڪنڀار (سنڌ جو تاريخي قبرستان ــ آمري)،
ڊاڪٽر اسد جمال پلي (صوفي صديق محمد ’صادق‘ فقير
جي ڪلام جو فني جائزو)، حافظ حبيب سنڌي (ڪڪرالا جو
جاگرافيائي ۽ تاريخي پس منظر) ۽ پرفيسر ڊاڪٽر محمد
اشرف سمون (مولانا عبدالغفور سيتائي) جي عنوانن
هيٺ پنهنجو ڪاوشون پيش ڪيون آهن، جيڪي سڀ جو سڀ
ساراهڻ جوڳيون آهن محققن تمام گھڻي دلچسپيءَ سان
انهن فني پيچيدگين کي سهڻي پيرايي ۾ سمجھائڻ جي
ڪوشش ڪئي آهي سندن پورهيو سڦلائتو آهي.
شاعريءَ واري ڀاڱي ۾ شبير ”هاتف“، پير مجدد،
سرفراز راڄڙ، ادل سومرو، نياز پنهور، خليل عارف
سومرو، مايا ساگر اوڏ، روبينه ابڙو، اقبال شاهين،
نسرين الطاف، معمور يوسفاڻي ۽ ٻين ڪيترن جي شاعري
ٽماهي مهراڻ ۾ شامل آهي.
ڪهاڻين واري ڀاڱي ۾ رسول ميمڻ ’پنهنجو وجود پرايا
هٿ‘ ۾ ورهاڱي جي عذاب کي پورٽريٽ ڪيو آهي، ته ڪيئن
ان ورهاڱي ماڻهن جون زندگيون برباد ڪري ڇڏيون.
ڪهاڻي جو انجام درديلو آهي.
انهن محققن کان علاوه ڊاڪٽي نواز علي شوق، نصير
مرزا، استاد محسن علي شر، جمال مراد گبول،
عبدالخالق ’عبد‘ سائيناڻي، ذوالفقار علي هالار
سومرو، ڪهڪشان شاهه لڪياري، رکيل مورائي، غلام
زينب شر، ننگر چنا، بشير احمد ڪلهوڙو، سيف الله
خالد يوسفاڻي، عبدالرزاق ڪلهوڙو ۽ پرواني
سيوهاڻيءَ جو تخليقون، خط ۽ ڪتابن تي تبصرا ۽ تاثر
پڻ شامل آهن.
بانو محبوب جوکيو جي ڪهاڻيءَ ’بوندون بس نه ڪن‘ جي
اڻت مزاحيه انداز ۾ شروع ٿئي ٿي، ڪهائيءَ جا جملا
فصاحت ۽ سلاست سان ڀرپور آهن، پر ڪهاڻي جي پڄاڻي
خوشيءَ ۽ مايوسيءَ تي ٿئي ٿي.
بهادر ٽالپر جي مختصر ڪهاڻي ’وقت کي سنگھرون لڳي
ويون‘ ڪووڊ 19 جي پس منظر ۾ لکيل آهي. انهن ڪهاڻين
کان علاوه پرويز جي ڪهاڻي ’اسان کي به جڳ ۾ جاءِ
ٺاهڻي پوندي‘، مير سجاد اختر ٽالپر ’رت‘، محمد
قاسم ڪلوئي ’تصويرون‘، آدرش ٿهيم ’نيٺ مون اظهار
ڪري ڏنو‘ نهايت معياري ۽ تخليقي هيون، جن جي جيتري
به ساراهه ڪجي ٿوري آهي.
ان کان سواءِ مارڪيٽ ۾ آيل نون ڪتابن جا عڪس پڻ
شامل آهن.
ٽماهي مهراڻ ادب جو هڪ اهڙو درياهه آهي، جنهن جو
ڪم ئي ادب جي اڃارين کي سيراب ڪرڻ آهي، سندس
انهيءَ ڪرت جي ڪري ادب اُفق جا اڏامندڙ پکي هيٺ
لهي اچن ٿا ۽ پنهنجي اُڃ اجھائڻ لاءِ پنهنجون
تخليقون پيش ڪري، پنهنجي من کي تر و تازه ڪن ٿا.
سندن شموليت جي ڪري هن ٽماهي مهراڻ ۾ سدا تازگي
رهندي.
عبدالواسع ’عبد‘ سهندڙو
شڪارپور
مهراڻ جون موجون
مهراڻ جو جولاءِ- سيپٽمبر 2021ع جو پرچو منهنجي
هٿن ۾ آهي، جيڪو پنهنجي ليکي هڪ تاريخي دستاويز جي
حيثيت رکي ٿو. هن پرچي جي ٽائيٽل پيج تي گلن ڦلن
جي تصوير ڏنل آهي، جيڪا ڪجهه پرچن کان مهراڻ جي
پڪي روايت رهندي اچي ٿي. راقم جو ذاتي خيال آهي ته
ٽائيٽل پيج تي ڪا تاريخي يا ثقافتي تصوير ڏجي ته
اڃا به رسالي جي سونهن کي چار چنڊ لڳي سگهن ٿا.
ايڊيٽر ثمينه ميمڻ جو لکيل اداريو سوچ- لوچ جي
نالي سان قلم جي نوڪ مان نڪتل اظهار خيال آهي.
جنهن ۾ مرحيات اديبن لاءِ اظهار افسوس ڪيل آهي ان
سان گڏ بورڊ جي مختلف فيصلن بابت به آگاهي ڏنل
آهي.
مهراڻ جي سٽاءِ ’ڇوليون‘ جي عنوان تحت پهريون
موضوع ’لافاني ڪلام‘ جي پاڇي تحت مرحيات سنڌي
ڪلاسيڪي شاعرن جي شعر سخن کي نروار ڪيو ويو آهي.
’تحقيق‘ واري حصي ۾ پهريون مقالو ’بخاري شريف ۽ ان
جون شرحون ‘ (مخدوم سليم الله صديقي جو) لکيل آهي
جنهن جي پڙهڻ مان معلوم ٿئي ٿو ته مڪمل طرح اڃا
ڪجهه شرحن کي تذڪري ۾ نه آندو ويو آهي. ٻيو مقالو
بعنوان ’فتحنامه يا چچنامه جي اصليت‘ (ڊاڪٽر
عبدالغفار سومرو) جو لکيل آهي جنهن ۾ اهو بحث ٿيل
آهي ته اهي سرٻاٽ ۽ چوپچو ٻڌڻ ۾ اچن ٿا ته اهو
فتحنامو يا چچنامو اصلي آهي يا نقلي. هيءُ ڪتاب
سنڌ جي ڏاهري ۽ عرب دور کي احاطو ڪيل دستاويز آهي.
ان کان پوءِ ٽيون عنوان ’مولانا رومي ۽ اينميري
شمل‘ لکيل آهي (ڊاڪٽر محمد جاويد جو ۽ ترجمو ڪيل
غلام محمد لاکي جو) آهي. مولانا روميءَ تي شمل
صاحبه جيڪو تحقيقي ۽ تشريحي ڪم ڪيو آهي ان تي
ويچار ڪيل آهي. جرمن ڄائيءَ جو سنڌي ادب ۽ شعرو
سخن سان خاص دلي لڳاءُ رهيو آهي. ان کان پوءِ
چوٿون مقالو مولوي احمد ملاح جي شاعريءَ ۾ تجنيس
ااشتقاق- مرڪب جو جائزو (ڊاڪٽر الطاف جوکيو جو عام
قاري ته حرف تجنيسي کان ئي واقف آهي، پر جوکيو
صاحب تجنيس جا ٻيا به ڪي نمونا ٻڌايا، جيڪي گهڻن
جي ’نه ڪن نه جن‘ هئا، اسان جهڙن اڌ گابرو اديبن
کي ته اڃا به اهي پتڪڙا ۽ سنهڙا موضوع سمجهه ۾ ئي
نه ٿا اچن. پڙهڻ مهل ته عقل ۾ ويهي ٿو پر پوءِ
ائين ڊهي ٿو وڃي جيئن پاڻي تي ليڪو. جوکيو صاحب
وڏي جفاڪشي ۽ مٿاماري کان بعد اهڙو مقالو لکندو
اچي ٿو. پنجون مقالو ’مخدوم عثمان المروندي جي
سوانح حيات نئين تحقيق جي روشنيء ۾‘ (ناسف علي
شيراز جو) لکيل آهي. ڏندين آڱرين جهڙي ڳالهه آهي
ته موصوف صاحب ست سمنڊ پار آمريڪا مان اهو مقالو
لکي موڪليو آهي جنهن تي ناسف صاحب کي لک شابسون
هجن. ڪنن ٻڌي ڳالهه آهي ته دنيا ۾ اڍائي قلندر
آهن: اڌ قلندرياڻي رابعه بصري (عرب ۾) بوعلي شاهه
(هند ۾) ۽ لال شهباز (سنڌ ۾) پاڻ واري قلندر جي
حياتي جو احوال ’گاڏٻا جهرو‘ آهي ڪن هيئن لکي آهي
۽ ڪن وري هونئن لکيو آهي، ڪن عقيدت ۾ حد پار ڪئي
آهي ڪي وري ساڙ سڙيا حدس ۾ ليڪو لنگهي ويا آهن. ڪن
وري چيو ته قلندر ڀنگي ۽ چرسي هو. ناسف صاحب سڀني
جا ويچار اڳيان رکي گاڏٻاجهرکي تحقيق جي ڇڄ سان
وور ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. هيءُ مقالو پهرين قسط طور
هلايو ويو آهي ۽ اندازاً هن اٺ ڪاني تحقيق لاءِ 42
حوالا ۽ دليل ڪم آندا آهن. بهرحال ناسف ڇنڊڇاڻ ڪرڻ
۾ وسان نه گهٽايو آهي. ڇهون مقالو ’مخدوم
ابوالقاسم نقشبندي ٺٽوي‘ (قاضي غلام عليءَ جو لکيل
آهي جنهن ۾ قاضي صاحب مخدوم صاحب جي سوانح کي
مختصر قلمبند ڪيو آهي. ستون مقالو ’مخدوم محمد
اسماعيل پريالوي‘ (شاهد علي صوف ابڙو جو) لکيل
آهي. جنهن ۾ ابڙو صاحب پريالوي جي حيات جي باري ۾
مختلف روايتن کي محققانه انداز ۾ پرکيو ۽ پروڙيو
آهي. آخر ۾ ابڙي صاحب جي باري ۾ حسبي نسبي نقشا ۽
چارٽ ڏنا آهن. انهن نقشن ۽ چارٽن تي وڏي عرق ايزي
ٿيل آهي. ان کان پوءِ اٺون مقالو ’پريت جا پيج‘
(پروفيسر ڊاڪٽر انورفگار هڪڙو“ جو لکيل آهي، جنهن
۾ پڻ ڊنگ اديبن ۽ عالمن جي ادبي خطن کي موضوع
بنايو ويو آهي. هڪ آهي هند جو مرليڌر جيٽلي ۽ ٻيو
آهي سنڌ جو عبدالڪريم سنديلو. ٻئي صاحب لسانيات جا
ماهر هئا ۽ ٻنهي جي ياري باشي هئي جنهن ڪري وقت
بوقت خالص ادبي نوعيت جا هڪٻئي کي خط پٽ لکندا
رهندا هئا، پر هن مقالي ۾ صرف مرليڌر جي خطن کي
آندو ويو آهي ڇو جو اصل ۾ پريت جا پيچ هڪ ڪتاب
آهي، جيڪو سنديلي صاحب لکيو آهي جنهن ۾ جيٽلي جي
خطن جو متن ڏنل آهي. نائون مقالو ’سنڌ جو تاريخي
قبرستان- آمري‘ (زاهد ڪنڀار) جو لکيل آهي جنهن ۾
موصوف صاحب آمري جي دڙي جي باري ۾ لکيو آهي ۽
سرزمين تي وڃي اتان جا فوٽو به ڪڍيا آهن. هن دڙي
کي بچائڻ لاءِ انتظاميه کي جنجهوڙڻ جي ڪوشش ڪئي
آهي. ڏهون مقالو ’صوفي صديق محمد صادق فقير جي
ڪلام جو فني مطالعو‘ (ڊاڪٽر اسد جمال پلي) جو لکيل
آهي. ڊاڪٽر صاحب صوفي صديق جي شاعراڻا خوبين کي
چڱي ڀت نروار ڪيو آهي ۽ انهن جا چونڊ مثال به پيش
ڪيا آهن جيئن ڳالهه چڱي طرح سمجهه ۾ اچي ۽ صوفي
صاحب جي شاعري سگهه جو اندازو لڳائي سگهجي. يارهون
مقالو ’ڪڪرالاجو جاگرافيائي ۽ تاريخي پسمنظر‘
(حافظ حبيب سنڌي) جو لکيل آهي. جنهن ۾ ڪڪرالاجي
علائقي جو تاريخي پسمنظر پيش ڪيو آهي. باقائده
ڪتابن مان حوالا ڏنا آهن ۽ چپي چپي تي پنهنجا
ويچار به ونڊيا آهن. حافظ صاحب هڪ بزرگ ۽ عمررسيده
عالم آهي. موصوف صاحب لسانيات تي به هڪ ڪتاب لکيو
آهي. حافظ صاحب لاءِ اهو چئجي ٿو ته
Old is Gold،
آخري ۽ ٻارهون مقالو ’مولانا عبدا لغفور ستائي‘
(پروفيسر ڊاڪٽر محمد اشرف سمون جو) لکيل آهي. هن
مقالي ۾ سمي صاحب سيتاني جي حالات زندگي ۽ ادبي
ڪاوشن خاص طور تي صحافت جي حوالي سان لڪل گوشن کي
ظاهر ڪيو آهي.
مهراڻ جو ٻيو مک حصو ’شاعري‘ آهي جنهن ۾ شبير
هاتف، پيرمجدد، سرفراز راڄڙ، نياز پنهور، خادم
حسين ’مشتاق‘ سچاروي، ادل سومرو، خليل عارف سومرو،
جمال مراد گبول، گلبدن جاويد، مايا ساگر اوڏ،
روبينه ابڙو، بيتاب ناپر، امراقبال، اسد جمال پلي،
نسرين الطاف، بانو محبوب جوکيو، ارباب عادل چوهاڻ
۽ ٻين سهڻن ۽ سيبتن شاعرن جا تخيل شامل آهن. مهراڻ
جي شاعريءَ واري حصي ۾ شامل ٿيڻ لاءِ هرهڪ شاعر جي
دلي تمنا هوندي آهي ته ان جو اسم ضرور شامل ٿئي،
پر اڳيان به توريندڙ تکا آهن. جو چونڊي ۽ ڪٽ سٽ
ڪري سخنورن کي مهراڻ جي پنن تي پابند سلاسل ڪندا
آهن. هن شاعريءَ واري حصي ۾ غزل ته سڀ کان گهڻو ۽
عام عنوان آهي، پر شاعري جي ٻين صنفن کي جاءِ ڏنل
نظر اچي ٿي ۾ جنهن ۾ ڪافي، دعا، نثري نظم، نظم،
قطعات، وائي، گيت وغيره کي شامل ڪيو ويو آهي.
لوڪ ادب جي عنوان تي به ڪجهه شمارن کان وٺي هن صنف
کي شامل ڪيو ويو آهي. هن شماري ۾ چنيسر ڏوهٽ جا
بيت شامل آهن ۽ ان کان علاوه لوڪ ادب جي ’ڏهس‘
عنوان ۾ معمور يوسفاڻي جو مضمون ڏنو ويو آهي. گهڻي
وقت کان وٺي اها شڪايت رهندي پئي آئي ته مهراڻ ۾
لوڪ ادب کي وارو نه ٿو ملي. ان لاءِ هن شڪايت جو
ازالو ڪيو ويو آهي.
مهراڻ جو ٽيون مک ڀاڱو ڪهاڻين تي مشتمل آهي جنهن ۾
پهرين ڪهاڻي رسول ميمڻ جي ’پنهنجو وجود- پرايا هٿ‘
آهي جنهن ۾ هڪ ’ڀائي لوگ‘ جي ڪهاڻي آهي جنهن جو
ساهه ڪوڪي ۾ آهي. اڳي وڏڙا ڪهاڻيون ٻڌائيندا هئا
ته ڪنهن بادشاهه يا وزير جي ساهه جو سڳو ڪنهن طوطي
۾ رکيل هوندو هو. اهڙي طرح هن همراهه جو به جڏهن
جسم ۾ داخل ٿيل ڪوڪو نڪتو ته هن جي ساهه جو پکي به
ڀڙڪو ڏيئي اڏامي ويو. رسول ميمڻ هڪ برجستو
ڪهاڻيڪار آهي. سنڌي ادب ۾ هن جون ڪهاڻيون ڳڻائڻ
جهڙيون آهن. ٻي ڪهاڻي بانو محبوب جوکيو جي ’بوندون
بس نه ڪن‘ جي عنوان تحت آهي. جنهن ۾ هڪ ڇوڪريءَ جي
ڪهاڻي آهي جيڪا کيچلي قسم جي آهي پنهنجي سـؤٽ سان
کونس ڪندي آهي ۽ دل ۾ ان کي چاهيندي به آهي. هڪ
جاءِ تي ديڳڙي چٽڻ جي موقعي تي سنڌين جي وهم کي
ڏيکاريو ويو آهي ته جيڪو ڪني چٽيندو ان جي وهانءَ
تي مينهن وسندو. مينهن ته نه ٿو وسي باقي سوٽ جي
شادي، ٻئي آسودي گهر مان ٿيڻ ڪري هيروئن ’نيڻان‘
جا نيڻ ٽمي پون ٿا ۽ ڳوڙها ڳڙهي پون ٿا. معنيٰ ته
ديڳڙي چٽڻ واري ڳالهه سچ ثابت ٿي ته مينهن آسمان
مان ته ڪونه وٺو، پر ڪنهن جي لڙڪن جي برسات جل ٿل
هڪ ڪري ڇڏيو. بانو محبوب جي ڪهاڻيءَ اصطلاحن پهاڪن
۽ چوڻين جي اڪرٻورائي آهي. ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته نالي
جو ڪنهن شخص تي اثر چاليهين پتي جيترو ضرور ٿيندو
آهي. ان حساب سان مهتاب محبوب جو بانو محبوب تي
ضرور اثر آهي جو هي به محاوراتي ٻولي گهڻو ڪم آڻي
ٿي. يعني بانو محبوب مان مهتاب محبوب جون سڪون لهن
ٿيون. ٽين ڪهاڻي بهادر ٽالپر جي ’وقت کي سنگهرون
لڳي ويون‘ جي عنوان تحت آهي جنهن ۾ ڪرونا وبا جي
وقت ۾ ماڻهن جي حالتن کي وارتا ۾ آندو ويو آهي ۽
آخر ۾ اهو ڏيکاريل آهي ته هر مرندڙ شخص کي ڪرونا
جي کاتي ۾ هنيو ويندو آهي، جيڪو هڪ الميو آهي.
چوٿين ڪهاڻي پرويز جي ’اسان کي به جڳ ۾ جاءِ ٺاهڻي
پوندي‘ جي موضوع سان آهي جنهن ۾ اهو ڏيکاريل آهي
هڪ وڏ گهراڻي جي ڇوڪري هڪ مڱڻهار طوبرو ڇوڪري تي
اڪن ڇڪن ٿي پئي ٿي، پر اجائي سنڌي رسمن جي پنجوڙ ۾
ڦاٿل ڏيکاري وئي آهي. آخر اهي فرسوده قائم ڪيل
اصول پاڻ به ٽوڙي ٿي ۽ ٻين کي به آزاد ڪرڻ جي ڪوشش
ڪئي آهي. پرويز صاحب ڏيکاري ٿو ته اهڙي ڀلي ڪم تي
هن کي مبارڪون ملن ٿيون. پنجين ڪهاڻي مير سجاد
ٽالپر جي آهي جنهن جو عنوان ’رت‘ آهي. اسان ڀنگيءَ
کي نظر انداز ڪندا آهيون ۽ ان کي ڀرسان به بيهڻ نه
ڏيندا آهيون پر اهو به آخر انسان آهي جنهن کي به
هڪ دل ۽ احساس آهي. هڪ پنهنجي آفيسر جيڪو ڀنگي کان
نفرت ڪري ٿو پنهنجي پٽ جو حادثي واري صورت ۾
انهيءَ ڌڪاريل ڀنگي جي رت ڪم اچي ٿو. جنهن تي هن
جو منهن ڀت سان لڳي ٿو. نياز مسرور بدوي جي ڪهاڻي
’سليفي گرل‘ به شامل آهي جيڪا اڄ جي ٻه چاپڙيي جي
دور جي عڪاسي ڪندڙ ڪهاڻي آهي. جنهن ۾ منظرنگاري
ڀلي ٿيل آهي. هڪ ڪهاڻي محمد قاسم ڪلوئي جي
’تصويرون‘ جي عنوان سان جڙيل آهي. اختصارين جي
حساب سان هيءَ ڪهاڻي به هانوَ تي ڇنڊو هڻڻ جهڙي
آهي ته اسان جو ڀاءُ ڪلوئي صاحب سٺي محنت ڪري ٿو.
آدرش ٿهيم جي آخري ڪهاڻي ۽ ’نيٺ مون اظهار ڪري
ڏنو‘ جي عنوان سان شامل آهي ڀائو اڃا ڪهاڻي لکڻ جي
تجربي مان گذري رهيو آهي جنهن ۾ نکار اچڻ شروع ٿيو
آهي.
ان کان بعد بورڊ جي سڏايل اجلاسن جون عڪسي جهلڪيون
آهن. آخر ۾ ’متفرقه‘ جي عنوان سان ڪجهه مانورن
دوستن عالمن ۽ اديبن جا ليک شامل آهن. جنهن ۾
ڊاڪٽر نوازعلي شوق جو ’گربخشاڻي وارو شاهه جو
رسالو- ڀيرومل جي نظر ۾‘ لکيل آهي. گربخشاڻي اهو
پهريون سنڌي اديب آهي جنهن سڀ کان پهرين ڊاڪٽريٽ
يعني
ph.D
جي ڊگري ورتي ۽ ان کان علاوه پهريون عالم هو جنهن
شاهه ڀٽائيءَ جي ڪلام کي تنقيدي حوالي سان وڏي
معياري تارازي ۾ توري ڇنڊڇاڻ ڪئي. هن ڀٽائي صاحب
جي ڪلام کي سمجهڻ لاءِ الڳ سان هڪ مقدمه لطيفي
نالي ڪتاب لکيو. جنهن تي ان وقت جي ڀائيبندن هن تي
وڏا ڇوهه ڇنڊيا ۽ اخبارن رسالن ۾ ليک لکي وڏو ممڻ
مچايو هنيائون. جنهن سان ذري گهٽ ڀنڀور کي باهه
لڳي وئي هئي. جنهن ۾ هڪ ڀيرومل به هيو. ان حوالي
سان شوق صاحب وڏي ڀيٽا ڀيٽي ڪئي آهي. هن کان پوءِ
نصير مرزا جو ’نارائڻ شيام کي ڀيٽا‘ جي عنوان تحت
پنهنجا تاثرات پنهنجي مخصوص لهجي ۾ پيش ڪيا آهن.
هن کان پوءِ استاد محسن علي شر جو ’قائم الدين
فقير‘ جي عنوان ۾ فقير جي ڪلام مان چونڊ ڪلام ڏنو
آهي. هن کان پوءِ جمال مراد گبول جو ’مرزا علي
محمد عاجز ساڪرائي‘ جي عنوان تي عاجز جي حبات ۽
شاعري تي به ٻه اکر لکيل آهن. پوءِ عبدالخالق عبد
سائيناڻي جو ليک ’پرواز سروري‘ جي عنوان سان آهي.
جنهن ۾ هن سروري سلسلي جي هڪ ڀلوڙ شاعر جي حياتي ۽
ادبي خدمتن جي حوالي سان ڄاڻ ڏنل آهي. خاص طور تي
شاعري جي مختلف صنفن تي پرواز صاحب طبع آزمائي ڪئي
هئي ان جا مثال ڏنل آهن. هن کان بعد ذوالفقارعلي
هالار سومري جي ’ماڻهو مڻيادار حڪيم دين محمد اڪرم
ٻورڙائي‘ جي حوالي سان عنوان شامل آهي. جنهن ۾
حڪيم جي حياتيءَ جو احوال ۽ آخر ۾ شاعريءَ جو مثال
ڏنل آهي. ادي ڪهڪشان شاهه لڪياري جو بعنوان ’قلندر
شاهه هڪ گهڻ رخي شخصيت‘ ليک آهي. ادي ڪهڪشان قلندر
شاهه جي دختر نيڪ اختر آهي. جنهن پنهنجي والد
گراميءَ جي زندگيءَ ۽ ان جي ادبي خدمتن جي حوالي
سان پنهنجا تاثرات ادبي حوالي سان پيش ڪيا آهن.
ائين کڻي چئجي ته سائين قلندر شاهه صاحب جي هيءَ
دختر ادبي وارثياڻي آهي جنهن جي قلم ۾ تاثر جو
تاءُ نمايان نظر اچي ٿو. پنهنجي والد جي ادبي
حوالي سان لڪل پهلوئن کي به اسان اڳيان رکيو آهي.
اهڙيءَ طرح آخر ۾ نون ڪتابن تي تعارفي تبصرا ڏنل
آهن. جيڪي هن طرح آهن. وڃن سور سنڌا ڪريو. مصنف
محمد خان ابڙو مبصر (رکيل مورائي)، سنڌيءَ ۾ ڪالم
نويسيء جي ادبي اهميت ڊاڪٽر سعيد ميمڻ مبصر (غلام
زينب شر، آمري- تاريخ جون يادگيريون محمد يوسف
جويو (مبصر ننگر چنا) ڪليات حسيني، مرتب:
عبدالجبار عبد سومرو (مبصر بشير احمد ڪلهوڙو)-
حسين بن منصور حلاج. درمحمد ڀٽي (مبصر سيف الله
خالد يوسفاڻي) منهنجي جان ڪوڪو. نور راهوجو (مبصر
عبدالرزاق ڪلهوڙو) وغيره اهم آهن. جڏهن صفا آخر ۾
وري پروانو سيوهاڻي جو ’مهراڻ سان اڌ ملاقات‘ جي
عنوان ۾ پنهنجا تاثرات مهراڻ 4/2020 جي حوالي سان
تبصرو ڏنل آهي. جڏهن پڇ پڇاڙي ۾ وري نياز
مسروربدوي جو گذريل ٽماهي ’مهراڻ‘ 2/2021 تي
پنهنجا ادبي ويچار ڏنا آهن. اهڙيءَ طرح رسالي جي
بيڪ پيج تي ’همايون جو کوهه‘ جي نالي سان ڪجهه
سٽون لکيل آهن ان سان گڏوگڏ ان تاريخي کوهه جي
تصوير ڏنل آهي. جيڪڏهن تصوير رنگين ڪري ڏجي ها ته
ان ۾ وڌيڪ نکار اچي وڃي ها شايد ائين ٿيڻ ناممڪن
هو.
هن شماري ۾ ڪٿي ڪٿي پروف جون غلطيون به ٿيل آهن
مثال 1 طور صفحي نمبر 91 جي ڪالم 1 ۾ جملو -
اليگزينڊر رهيون وارو ماڳ ڪراچي جي اپسنڊ ۾ موجود
هو. (اپسمنڊ) مثال 2 صفحي نمبر 92 جي ڪالم 2 جو
جملو 9- اڳئين تاريخدانن صاحبن کي پنهن تحصيف
وتدقيق سان ثابت ڪري ڏيکاريو آهي. (پنهنجي) صفحي
نمبر 156 جي ڪالم جو جملو- چاچا کي شابس هجي ته
ڪڏهن به منهن نه گنجايو (گهنجايو) ساڳي صفحي تي
ڪالم 2 جو جملو- وڃڻ جو ڪهڙو سُتو پيو هيئنر
(سَتوهه) اهڙيء طرح ٻيون آڱرين تي ڳڻڻ جيتريون
پروفي غلطيون آهن جن مان ڪجهه صورتخطي يا املاء جي
حساب سان به آهن. جن تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي.
پوءِ به اهي غلطيون مهراڻ جي مک تي ڪو خاص تاثر نه
ٿيون ڇڏن.
بهرحال مهراڻ پنهنجو سفر جيڪو ارس پرس مني صديء جي
مفاصلي ئي محيط آهي. پنهنجي رفتار ۽ گفتار سان طيء
ڪيو آهي. اها ڳالهه ڪنهن معجزي کان گهٽ نه آهي جو
هيڏو ڪوهه ڪافي سفر ڊڳو پير پيران جيان جاري رکندو
ٿو اچي. سنڌي ادب جي واڌ ويجهه ۽ اوسر نيسر ۾
اڌواڌ حصو ڳنڍيندو ٿو اچي، جنهن کان ڪو به ماڻهو
انڪاري نه آهي. ڌڻيءَ دردعا آهي ته شال هن مهراڻ
کي ادبي حوالي سان ٽٻٽار رکندو اچي
(آمين).
اعظم ڀٽي
ٽنڊومحمد خان
نامياري اديب، دانشور، تعليمي ماهر، سپلا جي باني
پروفيسر لياقت عزيز سولنگيءَ جي ٽين ورسي تقريب جو
احوال
- آڪٽوبر 2021ع تي ٽنڊو محمد خان شهر ۾
سنڌي ادبي سنگت ٽنڊو محمد خان ۽ انجمن ترقي پسند
مصنفين ٽنڊو محمد خان پاران مهراڻ ادبي سٿ سنڌ ۽
محمد خان غني ادبي تنظيم جي سهڪار سان نامياري
اديب، دانشور، تعليمي ماهر، سماج سُڌارڪ،
سپلا جي باني پروفيسر لياقت عزيز سولنگي جي ٽين
ورسي
ملهائي وئي. تقريب کي صدارتي خطاب ڪندي سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي
جوائنٽ سيڪريٽري خاڪي جاني چيو ته پروفيسر لياقت
عزيز سولنگي جدجهد جي علامت هو، جنهن سنڌ ۽ سنڌ
واسين جي اجتماعي مسئلن خاص طور استادن جي حقن لاء
روڊن، رستن سميت مختلف فورمن تي هميشه آواز بُلند
ڪيو. هُو
بي ڊپو اديب، بهادر اڳواڻ ۽ باصلاحيت سماج سُڌارڪ
هو. هن جو ڪردار جدوجهد جو شاندار نمونو آهي، هن
سماج ۾ جاڳرتا ۽ علم جي ڦهلاءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. جنهن ڪري هن کي
لاتعداد تڪليفن سميت قيد و بند جون عقوبتون به
برداشت ڪرڻيون پيون. انجمن ترقي پسند مصنفين جي
مرڪزي اڳواڻ، ناول نگار منظور ٿهيم چيو ته پروفيسر
لياقت عزيز سولنگي سياسي، سماجي، علمي مسئلن ۾
سرواڻيءَ وارو ڪردار ادا ڪندڙ باشعور ۽ وطن دوست
فرد هو، جنهن علم ۽ ڏاهپ وسيلي هڪ اداري جيان ڪم
ڪري پنهنجي منفرد تاريخ جوڙي، جنهنڪري کيس اڄ به
خراج تحسين پيش ڪري، سندس عملي ڪردار کي ساراهيو
پيو وڃي. هن چيو لياقت عزيز سولنگي سائنسي علم جو
گهۡرجائو هو، ان حوالي سان هن ڳالهه جي اهم گهۡرج
آھي ته سندس نالي سان اڪيڊمي قائم ڪري، سائنسي
علمن جي ڄاڻ لاء سيمينار ۽ ورڪشاپ منعقد ڪرايا
وڃن. جنهن وسيلي جديد سائنسي بنيادن تي نئين نسل
جي آبياري ٿي سگهي. سپلا جي مرڪزي اڳواڻ پروفيسر
يعقوب چانڊيي ورسيءَ
تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته پروفيسر لياقت عزيز
سولنگي پنهنجي انفرادي ڪردار جي لحاظ کان تمام
محنتي
ماڻهو هو، هُو باضمير انسان دوست ۽ بي مثال استاد هو، جنهن سنڌ جي خرابي
وارين حالتن ۾ هميشه پنهنجو عملي ڪردار ادا ڪيو،
هن نه رڳو شاگردن جا مسئلا حل ڪيا، پر سنڌ جي استادن کي به حقن خاطر عملي
جدوجهد لاء هڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪيو ۽ جدوجهد جي
شاندار تاريخ رقم ڪئي. پرائمري ٽيچرس ايسوسيئيشن
(پ.ٽ.الف) جي مرڪزي اڳواڻ حاجي شفيع محمد سٺيي
چيو ته پروفيسر لياقت عزيز سولنگي سنڌ جي شعور ۽
ساڃاهه جي سۡڃاڻپ هو، جنهن جي ڪردار، شخصيت ۽
جدوجهد جي باب جي ڪا به پۡڄاڻي ناهي. سنڌي ادبي
سنگت جي مرڪزي خزانچي نعيم ملڪ چيو ته پروفيسر
لياقت عزيز سولنگي هميشه شعور جا پنڌ پُڄائي، ذهنن جي آبياري ڪئي. استاد
عبدالڪريم سومري چيو ته لياقت عزيز سولنگي هڪ
متحرڪ ۽ آدرشي انسان هو، جنهن هميشه متحرڪ رھڻ جو
پيغام ڏنو. سنڌي ادبي سنگت ٽنڊو محمد خان جي ضلعي
رابطه سيڪريٽري اعظم ڀٽي چيو ته لياقت سولنگي هڪ
ڀرپور عزم ۽ حوصلي جو نالو هو، جنهن پنهنجي
خودداري وسيلي سنڌ جي سياسي، سماجي، علمي، ادبي
سماج ۾ پنهنجي ڪردار کي هميشه زنده رکيو. تقريب کي
پروفيسر احمد علي ملاڻي، ڊاڪٽر جمال ناصر سولنگي،
اعجاز علي جسڪاڻي، آغا جان آغا، پيار علي جتوئي ۽
ٻين خطاب ڪيو. ورسي تقريب ۾ نامياري انقلابي شاعر
عاشق دادوي پنهنجي انقلابي شاعري پڙهي پروفيسر
لياقت عزيز سولنگي کي ڀيٽا پيش ڪري محفل ۾ نئون
روح ڦُوڪي
ڇڏيو. جڏهن ته راڳي سرور سخيراڻي، جان محمد لغاري،
ومل شرما ۽ غلام نبي خاصخيلي گيت جهونگاري تقريب
کي چارچنڊ لڳايا. ان کان اڳ سنڌي ادبي سنگت شاخ
ٽنڊو محمد خان پاران آيل مهمانن کي اجرڪون اوڍائي
سندن ڀرپور آجيان ڪئي وئي.
فتح حيدري
ڪراچي
ناليواري اديب ۽ شاعر شمشيرالحيدريءَ جي شاعريءَ
جي ڪتاب
تنهنجي نيڻن ۾ جو نهاري ويو!
جي رونمائي تقريب
ناليواري شاعر اديب دانشور شمشيرالحيدري جي شاعري
جي ڪتاب ”تنهنجي نيڻن ۾ جو نهاري ويو“ جي مهورتي
تقريب تاريخ 29- آڪٽوبر 2021ع تي آرٽس ڪائونسل
ڪراچيءَ ۾ منعقد ڪئي وئي، تقريب ۾ اديبن شاعرن،
ليکڪن ۽ ٻين شرڪت ڪئي. تقريب کي خطاب ڪندي سگا جي
چيئرمين رفيق احمد جعفري چيو ته شمشيرالحيدريءَ جي
پٽ سليم جعفري سنڌ ثقافت کاتي وارن کي شمشير جو
مواد ڪتاب ڇپرائڻ لاءِ ڏنو هو، پر اهو ڪتاب اڃا
تائين ناهي ڇپجي سگهيو، موجوده ثقافت جي
سيڪريٽريءَ عبدالرحيم سومرو کي چوندس
شمشيرالحيدريءَ جي ڪتاب تي نظرثاني ڪئي وڃي. شمشير
جو اڃان به جو تمام گهڻو مواد آهي جنهن کي شايع
ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين. سماج سڌارڪ ڊاڪٽر سليمان شيخ
چيو ته شمشير جي شاعري هجي يا هڪڙي سٽ لکيل هجي،
پر اها احساس سان ڀرپور آهي، ثقافت ۽ سياحت کاتي
جي سيڪريٽري عبدالرحيم سومري چيو ته
شمشيرالحيدريءَ کي ننڍپڻ کان ٻُڌندو پيو اچان،
هيءُ اسان جا هيروز آهن، اڄ جو نوجوان هن جي نقش
قدم تي هلي، شمشير جو ون يونٽ ۾ عظيم ڪردار هو.
پروفيسر سليم ميمڻ چيو ته شميرالحيدري سچو ۽ بي
باڪ شخصيت جو مالڪ هو، هُو هڪ ئي وقت ڪهاڻيڪار،
شاعر ۽ اديب هو. ناليواري اديب، دانشور مهتاب اڪبر
راشدي چيو ته شمشير سنڌ جو عاشق هو. هن جي سوچ ۾
تلخي نه هئي، پر طبعيت ۾ تلخي هئي، شاعر هدايت
بلوچ چيو ته شمشيرالحيدري ۽ تاجل بيوس جهڙن وڏن
شاعرن جهڙو مان شاعر نه آهيان، پر هي ٻئي منهنجي
گهر ايندا هئا، جيڪو منهنجي لاءِ اعزاز هوندو هو.
اديب تاج جويو چيو ته شمشيرالحيدري پنهنجن هم عصر
شاعرن ۾ پاڻ کي مڃرايو، پر شمشيرالحيدريءَ تي گهٽ
لکيو ويو، اُن سان انصاف گهٽ ڪيو ويو آهي.
شمشيرالحيدريءَ جي شاعري تي ايم.فل يا پي ايڇ.ڊي
ٿيڻ گهرجي. سينيئر صحافي ڊاڪٽر ايوب شيخ چيو ته
شمشيرالحيدريءَ سان جيئري آرٽس ڪائونسل ۾ ملهايل
شام يادگار هئي اهڙي شام جيئري ڪنهن به اديب ۽
شاعر سان ڪونه ملهائي وئي، روزاني مومل اخبار جي
چيف ايڊيٽر حسينه آزاد جتوئي، پنهنجي تقرير ۾ خطاب
ڪندي چيو ته سائين شمشيرالحيدريءَ مون وٽ ٻه سال
اخبار ۾ گڏجي ڪم ڪيو، سائين شمشيرالحيدريءَ جا
ايڊيٽوريل سهيڙيا آهن، جيڪي ويجهڙائيءَ ۾ ڪتابي
صورت ۾ مومل پبليڪيشن پاران ڇپرائي پڌرا ڪيا
ويندا ۽ وڌيڪ چيو ته شمشيرالحيدريءَ جي پهرين
ورسيءَ جي موقعي تي سنڌي ادبي بورڊ پاران ٽه ماهي
’مهراڻ‘ جو خاص نمبر شايع ڪيو ويو هو، ۽ ٻيو
ناليواري اديبه مهرالنساء لاڙڪ جو مرتب ڪيل ڪتاب
”شمشيرالحيدري- شخصيت ۽ فن“ ڇپائي پڌرو ڪيو ويو.
هن تقريب ۾ شمشيرالحيدريءَ جي نياڻي نسيم حيدريءَ
پڻ خطاب ڪيو ۽ چيو ته بابا جو تمام گهڻو مواد
سهيڙيل آهي، جنهن کي ثقافت کاتي وارن کي ڇپرائڻ
گهرجي. هن تقريب کي اشفاق ميمڻ، پيرل خان کوسو،
ولي محمد روشن ۽ مٺو مهيري پڻ خطاب ڪيو ۽ سنڌ جي
ناليوارن اديبن پروگرام ۾ وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.
صوبيه ميمڻ
ڪراچي
سنڌ جي نامياري ڪهاڻيڪاره، شاعره،
ڊرامه نويس ۽ ناول نويس
شبنم گل جي چئن ڪتابن جي آرٽس
ڪائونسل ڪراچيءَ ۾ ملهايل رونمائي تقريب
تاريخ 30- آڪٽوبر 2021ع تي سنڌ جي نامياري
ڪهاڻيڪاره، شاعره، ڊرامه نويس، ڪالم نويس، ناول
نويس سانئڻ شبنم گل جي چئن سنڌي ۽ اردو ڪتابن.
لهرن جو گيت (ريڊيو ۽ ٽي.وي ڊراما) خواب نگر
(سفرنامو) پياسي لهرين (ڪالم ۽ مضمون) تحت الشعور
کي طاقت (ڪالم ۽ مضمون) جي رونمائي تقريب ڪراچيءَ
جي آرٽس ڪائونسل ۾ قائم ٿيل حسينه معين هال ۾
ملهائي ويئي. ان تقريب جي ڳالهائڻ وارن ۾ محترمه
نورالهديٰ شاهه، محترمه زاهده حنا، ڊاڪٽر شير شاهه
سيد، سنڌ جي ڪلچر ۽ سياحت جو سيڪريٽري عبدالرحيم
سومرو، محترم تاج جويو، محترمه عفت نويد، ڊاڪٽر
شير مهراڻي، اديب ڊاڪٽر، مصطفيٰ سولنگي هئا. تقريب
جي شروعات ۾ سنڌ جي سوکڙي اجرڪ اسٽيج تي ويٺل خاص
مهمانن کي پارايا ويا ۽ مومل اخبار جي چيف ايڊيٽر
حسينه آزاد جتوئيءَ پڻ سانئڻ شبنم گل کي اجرڪ
پارايو.
هن تقريب جي آجياڻي ۾ ڊاڪٽر ايوب شيخ چيو ته شبنم
گل جا هيءُ چار ڪتاب مختلف موضوعن تي آهن، ۽ هوءَ
مستقل لکندي رهي ٿي. ڊاڪٽر ايوب آيل مهمانن جا پڻ
ٿورا مڃيا. ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ سولنگيءَ خطاب ڪندي
چيو ته شبنم گل جي ڊرامن واري ڪتاب ۾ سماج ۾ ٿيندڙ
اڻ برابريءَ ۽ رومانٽڪ پهلوئن کي اجاگر ڪيو ويو
آهي، شبنم جا هيءُ ڊراما فڪري جذبن ۽ موضوعن جي
حوالي سان ڀرپور لکيل آهن، جنهن لاءِ شبنم گُل کي
مبارڪون پيش ڪيان ٿو.
ناليواري اديب ڊاڪٽر شير مهراڻي خطاب ۾ چيو ته
محترمه شبنم گل ’تحت الشعور کي طاقت‘ اردو ۾ تمام
بهترين ڪتاب لکيو آهي، هيءُ ڪتاب هر ڪنهن کي پڙهڻ
گهرجي، ۽ هن جو سنڌيءَ ۾ پڻ ترجمو اچڻ کپي، آڊيو
پيغام ۾ سنڌي ادبي بورڊ مان شايع ٿيندڙ تحقيقي،
علمي ادبي دستاويز ٽماهي ’مهراڻ‘ جي ايڊيٽر ثمينه
ميمڻ چيو ته سنڌي ادب ۾ شاهڪار تخليقون ڏيندڙ
اديبن ۾ شبنم گل جو ڳاڻيٽو آهي، ائين چوڻ ۾ وڌاءُ
نه ٿيندو ته هوءَ سنڌي ادب ۾ ماضي ۽ حال جي پهرين
صف جي ليکڪن جو هڪ مضبوط تسلسل آهي، گهڻ پاسائين
شخصيت گهڻ موضوعاتي تخليقڪار شبنم گل سنڌي ادب جي
هر صنف تي قلم کنيو آهي. پنهنجي وڻندڙ سڀاءَ ۽
ذهانت سان زندگيءَ جون بيحد ڪاميابيءَ سان منزلون
طئي ڪيون آهن.
سندس ڪهاڻي اسان جي سماج ۾ اسان جي چوڌاري
گهُمندڙ، ڦرندڙ ۽ رڙهندڙ ڪردار آهن جن کي ڪهاڻين ۾
شبنم گل پنهنجو موضوع بڻايو آهي.
شبنم گل جون بيپناهه تخليقون ڪهاڻين جي شڪل ۾ ۽
اخباري ڪالم ڳُوڙهي مشاهدي ۽ تجزيي جو نچوڙ آهن،
سندس ڪالم اڃان به وڌيڪ دلچسپ انڪري به آهن جو
انهن اخبارن ۾ ايندڙ ٻوليءَ ساز گڏ ادبي ٻولي به
شامل آهي. هوءَ اسان جي بهترين دوست پڻ آهي ۽ نون
لکڻ وارن لاءِ اُتساهه ۽ رهنمائي جو ذريعو پڻ.
سندس گهر ۾ ٿيندڙ ادبي ويهڪن ۾ نون ليکڪن کي هڪ
پليٽ فارم پڻ مهيا ڪري ڏنو. ’سرتيون‘ رسالي جي
ايڊيٽر گلبدن جاويد مرزا پڻ وڊيو پيغام ۾ چيو ته
شبنم گل هميشه
’سرتيون‘ رسالي ۾ لکيو آهي ۽ سڀني جي حوصله افزائي
پڻ ڪندي رهي آهي، هوءَ بهترين نثر نويس شاعره،
استاد ۽ منتظم آهي.
ناليواري اديب محترم تاج جويو چيو ته شبنم گل سڀني
صنفن تي طبع آزمائي ڪئي آهي، هن جي قلم ۾ تبديلي
جي طاقت آهي. شبنم جي لکڻين کي پڙهي ذهن ۾ ڪئي
سوال جنم وٺن ٿا. ناليواري مصنف ۽ سماجي رهنما
ڊاڪٽر شير شاهه چيو ته شبنم نهايت سچائيءَ ۽
ايمانداريءَ سان لکيو آهي، آمريڪا وڃڻ مهل جهاز ۾
مون سفر دوران هيءُ ڪتاب پڙهيو ۽ سچ پڇو ته ڏاڍو
مزو آيو. شبنم هر موضوع تي قلم کنيو آهي ۽ خوب
کنيو آهي. برک ڪهاڻيڪار مهتاب محبوب پنهنجي آڊيو
پيغام ۾ چيو ته شبنم جو نالو کڻندي ئي شبنمي
احساسن سان جَڙيل هيرن جهڙا ماڪ ڦڙا ذهن جي ڪينواس
تي اُڀريو اچن. جيڪي يقيناً هن جي محبتن ڀري شخصيت
جو اڻ مٽ نشان آهن. مون هن جا ڪيترائي ڪتاب
ڪهاڻيون، ڪالم پڙهيا آهن ۽ جڏهن جڏهن به ساڻس ملڻ
ٿيو آهي ته مون سدائين هن سان پنهنجي پسند ۽ ان ۾
سمايل گهرائي ۽ دل ڇُهندڙ جذبن جو اظهار ڪيو آهي.
انساني نفسيات جذبات تي لکيل هن جي احساساتي لکڻين
خاص طور منهنجي دل ۾ هن جو گهڻو قدر ڪيو آهي، مون
کي هن جو نهٺائيءَ ڀريو ۽ مهذب اندازِ گفتگو بيحد
وڻندو آهي، شبنم گل پنهنجي نالي جي شگفتگيءَ جيان
مون کي سدائين هڪ سُلڇڻي، ڊيسينٽ ۽ گهري ليکڪا
لڳندي آهي. ريڊيو ڪمپيئرنگ کان ٽي.ويءَ تائين ۽
پوءِ سندس شاعري، ڪهاڻيون، ناول، مضمون، ڪالم ۽
هيءُ سفرنامو
’خواب نگر‘ بلاشڪ شبنم هر صنف ۾ پنهنجي جدا هڪ
سڃاڻپ پيدا ڪئي آهي، ۽ اهڙو طلسم هر ڪنهن جي حصي ۾
ڪو ورلي ملندو، مون هن جون تخليق ڪيل ذري گهٽ سڀ
صنفون پڙهيون آهن، جن کي پڙهندي محسوس ٿيندو آهي
ته هوءَ لفاظي تي يقين نه ٿي رکي، بلڪ اندر جا
جذبا هن لاءِ وڌيڪ اهم آهن.
سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي چيئرمين ڊاڪٽر محمد علي
مانجهيءَ پنهنجي خطاب ۾ چيو ته شبنم کي نثر سان گڏ
شاعريءَ تي به عبور حاصل آهي، هن جون لکڻيون
نوجوانن ۾ مقبول آهن. پروفيسر ناگپال پنهنجي وڊيو
پيغام ۾ چيو ته شبنم گل طبيب جيان سماج جو علاج
تجويز ڪيو آهي. اردو جي نامياري ليکڪا عفت نويد
چيو ته مون شبنم جي سوانح جو مطالعو ڪيو آهي ۽ هاڻ
سفرناما پڙهڻ ۾ تمام گهڻو مزو آيو آهي. شبنم نهايت
حساس ۽ ذميوار ليکڪا آهي.
سنڌ جي ثقافت ۽ سياحت جي سيڪريٽريءَ محترم
عبدالرحيم سومري پنهنجي خطاب ۾ چيو ته شبنم گل ۽
ان جي گهر واري اشتياق انصاري جون ادب جي حوالي
سان وڏيون خدمتون آهن، مان شبنم گل جي هنن چئن
ڪتابن ڇپجڻ تي انهن کي مبارڪون پيش ڪيان ٿو.
محترمه گوهر تاج ڊيٽرائٽ آمريڪا کان وڊيو پيغام ۾
چيو ته شبنم جي لکڻين ۾ فطرت ۽ ڌرتيءَ جا رنگ نظر
اچن ٿا، هن جي لهجي ۾ سنڌ ڌرتيءَ جي سادگي ۽ موسمن
جي خطري جهلڪ نظر اچي ٿي. هوءَ فطرت سان گڏوگڏ
انسان جي ذهن جي طاقت تي يقين رکي ٿي ۽ حالتن کي
بدلائڻ لاءِ هر وقت ڪوشان آهي.
هن موقعي تي شبنم گل سڀني شرڪت ڪندڙ خاص طرح
محترمه زاهده حنا جو شڪريو ادا ڪيو، جنهن طبيعت جي
ناساز هئڻ جي باوجود پروگرام ۾ شرڪت ڪئي. شبنم
پنهنجي خطاب ۾ چيو ته هن جو پڙهندڙن سان هڪ جُڙيل
رشتو آهي ۽ انهن پاران موٽ ملڻ ڪري مان مستقل
لکندي رهان ٿي، هن آرٽس ڪائونسل ڪراچيءَ پاران
ملهايل هن تقريب ڪندڙن جو شڪريو پڻ ادا ڪيو.
آخر ۾ نورالهديٰ شاهه پنهنجي خطاب ۾ چيو ته شبنم
کي ٽن زبانن اردو، سنڌي ۽ انگريزيءَ تي عبور حاصل
آهي. هن جو مطالعو وسيع آهي. هن جو بيان ڪرڻ جو
انداز لکڻين جي طرز، ناول نگارن جو آهي، جنهن لاءِ
هن کي ڌيان ڏيڻو آهي، آخر ۾ محترمه زاهده حنا چيو
ته شبنم گل جو سفرنامو مون کي هونئن به الاهي پسند
آهي، جو هيءُ سريلنڪا ۽ ٿائيلينڊ ملڪ تي لکيل هو،
خاص طرح تي جڏهن قرأت
العين حيدر جڏهن ’آگ کا دريا‘ ناول ۾ سيتاهرن جو
ذڪر ڪيو هو ته مون سريلنڪا ۾ اُهي جڳهيون ڏٺيون
مون کي سريلنڪا پسند آهي ۽ مان ڪيترائي ڀيرا وڃي
چڪي آهيان.
هن پروگرام ۾ محترمه فاطمه حسن، محترمه فهميده
حسين، محترمه انيس ميمڻ، پروفيسر سليم ميمڻ، شبنم
موتي، اي.بي لاشاري، انيس پنجاني، زرينه ميمڻ،
سهيمه پنهور، حسينه آزاد جتوئي، روما ميمڻ، صوبيه
ميمڻ، سنيتا گانڌي، هريش خوب چنداڻي، منير چانڊيو،
ڊاڪٽر نسيم، حسينه ساند، مشتاق شابراڻي، اشتياق
انصاري، عرصم انصاري، سيما ابڙو، آمنه ابڙو، رحمت
پيرزادو، سنڌو پيرزادو، ستار پيرزادو، ضياءُ ابڙو،
رشيد سومرو ۽ ٻين اديبن دوستن شرڪت ڪئي.
مير علي شاهه ڪاظمي
حيدرآباد
سنڌي ادبي بورڊ پاران
بورڊ آف گورنرس جي موجوده ميمبر سيد حاڪم علي
شاهه بخاريءَ ۽
ناليواري ڪهاڻيڪار ۽ ڊرامه نويس شوڪت حسين شوري
جي
ياد ۾
ڪوٺايل تعزيتي ميڙاڪو
سنڌي ٻولي ۽ ادب جي واڌ ويجهه لاءِ ڪم ڪندڙ سنڌ جي
قومي اداري سنڌي ادبي بورڊ طرفان بورڊ آف گورنرس جي ٻن معزز ميمبرن حاڪم علي شاهه بخاري ۽
شوڪت حسين شورو جي ياد ۾ تعزيتي ميڙاڪو ڪوٺايو
ويو. پروگرام جي صدارت نامياري عالم، محقق ۽ سنڌي
ادبي بورڊ جي بورڊ آف گورنرس جي ميمبر ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ڪئي، جڏهن ته سرفراز راڄڙ،
تاج جويو،
ڊاڪٽر اسد ’جمال‘ پلي،
نياز پنهور،
زيب سنڌي، ڊاڪٽر تهمينه مفتي، ڊاڪٽر قاضي خادم،
ڊاڪٽر ريحانه نظير، ڊاڪٽر نواب ڪاڪا، محبوب سنڌي
پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو. پروگرام جي ڪمپيئرنگ
نصير مرزا ڪئي. صدارتي تقرير ڪندي ڊاڪٽر عبدالغفار
سومرو چيو ته شوڪت حسين شورو سنڌ جو ناميارو
ڪهاڻيڪار هو، جنهن جو تازو وڇوڙو ٿيو آهي. هُو
سنڌي ادبي بورڊ جي بورڊ آف گورنرس جو ميمبر رهيو ۽
سنڌالاجي جو ڊائريڪٽر به رهيو ۽ گُل ڦُل رسالي جو
پهرين ايڊيٽر هئڻ جو اعزاز پڻ کيس حاصل آهي. شوڪت
شوري سنڌي ڪهاڻي کي نئون موڙ ڏنو ۽ کيس ماڊرن
ڪهاڻيڪار چيو وڃي ٿو. ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو چيو
ته شوڪت حسين شورو لاءِ مون کي اهو چوڻ ۾ ڪا به
هٻڪ محسوس نه ٿي ٿئي ته
’ڪو
ڪو ماڻهو موتيءَ داڻو‘،
شوڪت حسين شورو واقعي سنڌي ادب ۾ موتيءَ جو داڻو
هو. سنڌي ادبي بورڊ سندس ڪهاڻين جو مجموعو
’رات جو رنگ‘ 2009ع ۾ شايع ڪرايو. ٻيو ناميارو محقق ۽ تاريخ جو عالم سيد
حاڪم علي شاهه بخاري جنهن جو پڻ تازو وڇوڙو ٿيو
آهي. هُو سنڌي ادبي بورڊ جي موجوده بورڊ آف گورنرس
جو ميمبر هو. هُن ڪلهوڙا دؤر جي عمارت سازيءَ تي
انگريزي ۾ شاندار ڪتاب لکيو آهي. جيڪو سنڌ جي
تاريخدانن ۾ سندس نالي کي ياد رکڻ لاءِ ڪافي آهي ۽
هيءُ ڪتاب حوالي طور ڪتب ايندو. سنڌي ادبي
بورڊ جي چيئرمين جناب مخدوم سعيد الزمان عاطف صاحب
جن جي چوڻ تي سنڌ جي اهڙن لائق اديبن، محققن ۽
ڪهاڻيڪارن جن سنڌي ادب جي خدمت ڪئي ۽ وڏو نالو
ڇڏيو، تن کي ههڙن ڏينهن تي ياد ڪرڻ جي روايت قائم
ڪئي وئي آهي. سنڌي ادبي بورڊ جي بورڊ آف گورنرس جي ميمبرز سرفراز راڄڙ آجياڻو ڏيندي سڀني
آيل مهمانن جو شڪريو ادا ڪيو. هن چيو ته سنڌي ادبي
بورڊ مخدوم سعيد الزمان
’عاطف‘ جي سربراهيءَ ۾ جيڪو ڪم ڪري رهيو آهي، اهو سڀني جي اڳيان
آهي، پهريان سنڌي ادبي بورڊ اچبو هو ته هڪ کنڊر جو
ڏيک ڏيندو هو، پر هاڻي هيءُ ادارو هڪ جديد اداري جو ڏيک ڏيئي رهيو
آهي، سرفراز راڄڙ چيو ته سنڌي ادبي بورڊ جي گرانٽ
گهٽ هئڻ سبب اڃا ان حساب سان ڪم ڪرڻ ۾ ڏکيائون پيش
اچي رهيون آهن، ان لاءِ سنڌ حڪومت کي سنڌي ادبي
بورڊ جي گرانٽ گهٽ ۾ گهٽ 20 ڪروڙ رپيا ساليانو ڪرڻ
گهرجي. سرفراز راڄڙ سنڌ يونيورسٽيءَ جي وائيس
چانسلر کان مطالبو ڪيو ته سنڌي ادبي بورڊ جي آسپاس
واري زمين سنڌي ادبي بورڊ کي ڏني وڃي، ۽ سنڌ
يونيورسٽيءَ کي گهرجي ته مرحوم شوڪت حسين شورو جي
ادبي خدمتن تي شاگردن کان ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي
ڪرائي. سنڌي ادبي بورڊ جي بورڊ آف گورنرس ۽ نامياري اديب ڊاڪٽر اسد
’جمال‘ پلي چيو ته حاڪم علي شاهه بخاري نه
صرف سنڌي ادبي بورڊ جي بورڊ آف گورنرس
جو ميمبر پر هڪ وڏو محقق ۽ تاريخدان هئڻ سان گڏ،
موسيقيءَ جي شعبي جو به ماهر هو. ڊاڪٽر اسد
’جمال‘ پليءَ چيو مرحوم حاڪم علي شاهه بخاري، عثمان ميمڻ سان گڏجي ڪتاب
لکيا جيڪي
شاندار آهن. هن چيو ته حاڪم علي شاهه بخاري گهٽ
ڳالهائيندو
هو
۽ گهڻو ٻڌندو هو. سنڌ جي ناليواري ليکڪا ۽ اديب ڊاڪٽر
ريحانه نظير شوڪت حسين شورو جي ڪم تي ڳالهائيندي
چيو ته شوڪت حسين شورو جديد سنڌي ڪهاڻي ۽ ڊرامي جي بانيڪار ليکڪن ۾ شمار ٿئي ٿو. ناليواري
اديب، ليکڪ ۽ سنڌي ادبي سنگت ڪوٽڙي شاخ جي عهديدار
محبوب سنڌيءَ پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته
سيد
حاڪم شاھ بخاري سنڌڙي جو هڳاءُ هو. جنهن
جو نالو وٺندي سندس شخصيت جو معصوم خاڪو ذهن ۾ جڙي
ٿو، سو
عقل، ڏاهپ، دانشمندي، محنت ۽ عظمت جو اهڃاڻ آهي. هن عظيم
انسان جو روح بلاولي فڪر جو پوئلڳ هو انهي ڪري
سنڌيت جي عشق ۾ هن جون اکيون سدائين آجپي جا سپنا
پسندي سنڌو ماتا جو درشن ڪندي وڏي ڪشادي نظر جو
مالڪ بڻجي پيو هيون جو هي ڪنهن شيءِ
تي پنهنجون اکيون ڄمائيندو هو ته هن جاءِ،
هنڌ،
عمارت،
ماڳ،
مڪان،
دڙي يا قلعي جي تاريخ کي پرکي اصل حقيقت کي وائکو
ڪري رکندو هو.اهو ئي سبب هو جو هن آثار قديما جي
ماهر طور پنهنجي سڃاڻپ سنڌ ۽ سنڌ کان ٻاهر ڪرائي
ورتي هئي. سنڌ جي ناليواري اديب ۽ سنڌي ادبي سنگت
جي اڳوڻي سيڪريٽري تاج جويو
سيد
حاڪم علي شاهه بخاري ۽ شوڪت حسين شورو تي
ڳالهائيندي چيو ته سنڌ ۾ ٻه جوڙا سيد حسام الدين
راشدي ۽ علي محمد راشدي هئا ۽ دادو ضلعي جا ٻه
ڀائر ٻه عالم، شاعر استاد بخاري
۽ سندس ننڍو ڀاءُ
سيد حاڪم علي شاهه بخاري جنهن آثار قديمه جي
ماهر هئڻ سان گڏوگڏ انيڪ ڪتاب لکيا. ان علاوه
موسيقي ۽ هارمونيم وڄائڻ جو پڻ ماهر هو.
سيد
حاڪم علي شاهه استاد بخاريءَ وانگر شاعر ته نه هو پر شاعريءَ جي سڃاڻ ۽ وسيع ساڃاهه رکندو هو ، استاد
بخاري ۽
سيد
حاڪم علي شاهه بخاريءَ ڪيترن ئي ڊرامن ۾ اداڪاري به ڪئي ته هيرو
جو ڪردار به ادا ڪيو. تعزيتي ميڙاڪي ۾ زيب سنڌيءَ ڳالهائيندي چيو ته سنڌي ادبي بورڊ ۽ ان جي چيئرمين جو
ٿورائتو آهيان جن سنڌي ادب جي سڄڻن کي ياد ڪيو
آهي. زيب سنڌيءَ چيو ته ڪنهن به ليکڪ کي پنهنجي
لکڻين جي پاڻ تشريح نه ڪرڻ گهرجي، مون امداد
حسينيءَ کان به راءِ ورتي هئي، جنهن پڻ ان ڳالهه
جي تائيد ڪئي هئي. هن چيو ته مون شوڪت حسين شورو
سان گڏ ڪيترائي پروگرام اٽينڊ ڪيا، هڪ ئي وقت
اسٽيج تي گڏ ويٺاسين، اڄ به ايئن محسوس ٿي رهيو
آهي، ته ڄڻ شوڪت حسين شورو اسان سان گڏ اسٽيج تي
هجي، بس ٿوري دير لاءِ ٻاهر ويو آهي. ناليواري
اديب، شاعر ۽ صحافي نياز پنهور ڳالهائيندي چيو ته
ادا شوڪت حسين شورو منهنجو وڏو ڀاءُ هو، ان سان گڏ
وڏيون ڪچهريون ۽ گڏوگڏ ڪم به ڪيو، هن چيو ته سنڌي
ادبي بورڊ، سنڌالاجي، سنڌي لئينگويج اٿارٽي ۽ سنڌ
جا ٻيا ادارا سندس ڪم جا ساکي آهن. هن چيو ته شوڪت
حسين شورو قومپرست ته نه هو،
پر هُو قوم جو درد رکندڙ هو. شوڪت حسين شورو
خاموش طبع ۽ گهڻو ڪم ڪرڻ وارو ماڻهو هو. مرزا
قليچ بيگ چيئر جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر نواب ڪاڪا
ڳالهائيندي سيد حاڪم علي شاهه ۽ شوڪت حسين شورو جي
شخصيتن ۽ انهن جي فن، هيئت تي روشني وڌي ۽ چيو ته
سنڌ جي هنن ٻنهي شخصيتن بنا لوڀ لالچ جي خاموشيءَ
سان پنهنجي حصي جو ڪم ڪيو، سندن تخليقون نه صرف
ماضي،
پر حال ۽ مستقبل لاءِ به ناياب رهنديون. شوڪت حسين
شورو حقيقت نگار ڪهاڻيڪار هو. انهن جي تخليقن کي
دل سان پڙهڻ گهرجي، انهن جي تخليقن جي فني مهارتن
کي به ڏسڻ گهرجي ۽ رهنمائي حاصل ڪرڻ گهرجي. ان
موقعي تي ڊاڪٽر تهمينه مفتي ڳالهائيندي چيو ته سنڌ
جي سنڌي ٻوليءَ
جي مانَ وارو ليکڪ اسان کان جدا ٿي ويو آهي. سنڌي
ادب جي حوالي سان ڪيتريون ئي ڳالهيون ڪري سگهجن
ٿيون. هُو
60 ۽ 70 واري ڏهاڪي ۾ ڪهاڻيڪار ۽ ڊرامه جي حيثيت ۾
اسان جي سامهون آيو. هن هند ۽ سنڌ جي اديبن جي وچ
۾ پُل وارو ڪردار ادا ڪيو. ان موقعي تي علامه غلام
مصطفيٰ قاسمي چيئر جو ڊائريڪٽر، دانشور ۽ محقق
ڊاڪٽر
قاضي خادم ڳالهائيندي چيو ته شوڪت حسين
شوري جو ڪم نهايت منفرد آهي، هن جون ڪهاڻيون
علامتي انداز سان لکيل آهن. شوڪت شورو هند ۽ سنڌ
جي اديبن سان هميشه رابطي ۾ رهيو ۽ ادب جي مٽاسٽا
ڪئي. آئون ڪوشش ڪندس ته شوڪت حسين شوري تي پي.
ايڇ. ڊي لاءِ ڪو شاگرد تيار ڪيان. پروگرام ۾ سنڌ
جي اديبن، عالمن، اديبن، دانشورن، صحافين ۽ شاگردن
وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. شرڪت ڪندڙن ۾ ادريس جتوئي،
ڊاڪٽر فياض لطيف، شجاع مهيسر، نذير ناز، ڊاڪٽر
ممتاز ڀٽو، ثمينه ميمڻ، نجمه پنهور،
پروفيسر رشيده ڀٽي،
فهيم نوناري، مجدد قريشي، نذيران مجدد، حسين سارنگ، علي مرتضيٰ ڌاريجو، محمد ارشد بلوچ، مخدوم سليم
الله صديقي، شهاب صديقي ۽ ٻين شرڪت ڪئي. سرتيون
رسالي جي ايڊيٽر گلبدن جاويد مرزا تعزيتي ميڙاڪي
جي آرگنائيزنگ ڪميٽي جي چيئرپرسن طور فرائض
سرانجام ڏنا، ڪميٽي جي ميمبرن
۾
دبير مرزا،
مير علي شاهه، سليم پيرزادو، ڄام سپڙ
رونجهو، حافظ احمدالدين انڍڙ ۽ جاويد شاهه شامل
هئا.
|