يارمحمد چانڊيو
شڪارپور
آڳر تي چنڊ
اهو ئي چنڊ!
اهائي دلين کي موهيندڙ چانڊوڪي...!!
سڀ ڪجھ ساڳيو هو. بدليو هو ته وقت ۽ گذريون هيون ته ڪيئي اداس شامون...
ائين به ڪونهي ته فرح جي زندگيءَ جا سڀ پل اداسين جي ڇانورن ۾ گذريا هئا ... هن محبتن جي سيج به ماڻي هئي، پر
اهو سڀ ڪجھ ڄڻ کن پل جو خواب هو!!
گذرندڙ سانوڻ جي آخري چانڊوڪيءَ جي روشن چنڊ. ڌرتيءَ
کي انڌيري کان محفوظ بنايو هو، پر فرح اکيون ٻوٽي
گهر جي آڳر تي خيالن ۾ گُم سُم ستل هئي.
ائين به ڪونه هو ته ڪو هن کي چنڊ سان موھ نه هو. چنڊ جي راتين هن جي اکين ۾ محبت جا سپنا ٽانڪيا هئا،
پر سياري جي اونداهين هن کان سڀ ڪجھ ڇني ڇڏيو هو. هن وٽ نه ٽھڪ رهيا هئا ۽ نه ئي جوانيءَ
جو اهو موھ، جنهن ۾ عارب سان راتين جون راتيون
جاڳي ڳراٺڙيون پائي سڪون ماڻيندي هئي..!
سڪون ته
عارب کي به ملندو هو، جڏھن
سندس ٽھڪن سان فرح جون مرڪون به ماحول کي معطر ڪنديون هيون...!!
چنڊ جي اها ٿڌيري رات فرح کان ڪٿي ٿي وسري
سگهي، جڏهن عارب
سان
سرگوشيون ڪندي هن ڪڪرن ۾ لڪي ويل چنڊ کي پڪڙي ورتو
هو:
”عارب !“
”چئه !!“
”جُهڙ ڇو ٿيندو آھي ؟“
”اداس ڌرتيءَ
جو درد جڏهن آسمان نه ڏسي سگهندو آھي، تڏهن هُو ڪڪرن جي روپ ۾
مينهن وسائي ڌرتي جي اداسين کي دور ڪرڻ جي ڪوشش
ڪندو آھي!!“
”اڇا! “
”ها.“
”جڏهن چنڊ ڌرتي جو درد نه ٿو ڏسي سگهي، پوء
هڪ انسان ٻئي
انسان جي ڏک کي ڇو نٿو سمجهي؟؟“
” ڇو ته انسان جاهل ۽ بي صبرو آھي!“
”عارب ٻڌ ته...؟“ فرح جهٽ پل جي خاموشيءَ
کان پوءِ وري ڳالهايو هو ”مون کي هڪ ڳالھ ٻڌاءِ؟“
”پڇ!“
”اسان جو ڪورٽ ۾ شادي ڪرڻ وارو فيصلو ڪٿي غلط ته
نه هو؟!“
”فرح ان بابت اسان کي اڳ ۾ سوچڻ کپندو هو... هاڻي
اجايو سوچي ڇا ملندو؟؟“
”عارب!“ فرح عارب جي خاموشي پويان لڪل درد ۽ خوف
کي محسوس ڪندي کيس جنجهوڙڻ لڳي ھئي ”تون چوين ته
مان واپس وڃڻ لاءِ
تيار آھيان؟“
”ڪاڏي؟“
”بابا ۽ ادا محراب
جن ڏي!“
”ڇو؟؟“
”هنن جي هٿ ۾ ڪات ڪهاڙا آھن...!
مُڙن
ئي نه ٿا...!!“
”ڪات ڪهاڙن کي سامهون ڏسي به موت جي منهن ۾ وڃڻ ٿي
گهرين...؟“
”ھا!“
”ڇو؟؟“
”ڀاءُ، ڪراڙي ابي امان جو اڪيلو سهارو آھي!...
ان کي وڌيڪ ڏکئي امتحان ۾ وجهڻ نه ٿي گهران !!...“
”اهو ته ان وقت سوچين ها!...“
”ڪهڙي وقت!؟“
”جڏهن تون گهر ڇڏي منهنجي ڪڍ لڳي هُئينءَ !...“
”عارب تون
صحي
ٿو چوين ۔ ان وقت مان تنهنجي محبت ۾ ھوش وڃائي
ويٺي هيس!...
منهنجي نظر ۾ محبت ئي سڀ ڪجھ ھئي!...
مون کان غلطي ٿي وئي ...
مون کي ابي ۽ ڀائوءَ وارن جي غلط فيصلي اٻھرو قدم کڻايو
هو!!...“
”اهو به ته تنهنجو سڳو ماسات هو، جن سان
هنن توکي پرڻائڻ پئي گهريو... !“
”ها پر منهنجي دل هن سان شادي ڪرڻ نه ٿي گُهري
!“
”ڇو؟“
”ڇو ته هو مونکي ننڍپڻ کان تنگ ڪندو هو.“
”ڪيئن تنگ ڪندو هو؟“
”چوندو هو....“ فرح ايترو چوندي چُپ
ٿي وئي هئي.
”ڇا چوندو هو؟؟“ عارب فرح کان ٻيهر پڇي ورتو هو.
”هُو چوندو هو، مان هڪ شادي ڪرڻ کان پوء ٻئي
شادي به ڪندس...!
۽
فرح ان جي نوڪرياڻي ٿيندي!!...“
”مطلب پهاڄ جي ڊپ توکي مونسان ڪورٽ مئريج تي مجبور
ڪيو هو.“
”ها! “
”مون
سان محبت نه هيئي؟“
”ھئي!“
”باقي ؟“
”تنهنجي محبت ئي ته هن
کان
نفرت ڪرائي ... هن کان ڏور وڃڻ جو سوچڻ لاءِ
به تنهنجي محبت مجبور ڪيو هو... !!“
رات جا ڪيترائي پل عارب چنڊ جي روشنيءَ ۾ پيار جون ڳالهيون ڪندي ننڊاڻکو ٿيو هو
ته فرح کيس ڌونڌاڙيندي
اٿاريو هو.
”اٿ! ...ٿورو جاڳ!!... ننڊ لاءِ
سڄي رات پئي آھي ...!!!“
”ڇو؟“
”مون کي ڊپ ٿو ٿئي؟“
”ڇا کان ؟“
”اوندھ کان !....ڪٿي برسات نه پوي !!..“
”نه پوندي!...“ عارب اکيون کولي هن ڏي نهاريو هو. ”گهٻراء نه !...مان جو توسان گڏ آھيان !!...“
”ڀلا هڪ ڪم چوانءِ،
مڃيندين؟“
”حڪم ڪر فري!...
تنهنجي ڪھڙي ڳالھ نه مڃي اٿم !!“
” متان نه مڃين ؟“
”مڃيندس! “
”واعدو؟“
”مڙساڻو واعدو!“
”منهنجا اباڻا مونکي مارينِ،
ته
تون خاموش رهجانءِ!...ڪجھ نه ڪجانءِ
!!...“
”ڇو؟؟“
”اڪيلو ڀاءُ آھي.
خاندان رُلي
ويندو !“
” تنهنجو ڪير نالو کڻي! ...تون هاڻي انهن جي ناهين
...منهنجي عزت آھين ...تنهنجي سنڀال جو ذمو مون تي
آھي !! “
عارب جي ڳالهائيندي فرح چپ ٿي وئي هئي. مٿي آسمان طرف ڪڪرن ۾ لڪي ويل چنڊ کان
پوء چوڏس اوندھ پکڙجي وئي هئي.
اوندھ انڌوڪار جي ان سمي اوچتو ڪڪرن گجگوڙون شروع ڪيون هيون ۽ فرح سوڙھي
ٿي عارب ۾ لڪي وئي هئي !!
”ڊڄڻي ڇوڪري!“ عارب مٿس طنز ڪئي هئي
”هاڻي شينهن ڪُلھي چڙهي آھين،
اڃان به ڀئو ڇا جو...؟!“
انڌيري رات ۾ گم ٿي ويل چنڊ کي ڳولھيندي
فرح جو ساھه
ٻوساٽجڻ لڳو هو. سياري جي ڪڪرن اولھ جي هوا گهلندي وسڻ
شروع ڪيو هو ته گهر جي آڳر تي لوڙھي جا ڍينگهر
پکڙجي ويا هئا.
”فرح! تون ڪمري ۾ اندر هل.
مان لوڙھي کي سڌو ڪري اجهو ٿو موٽان!!...“
فرح
مينهن ۾ ڀڄڻ جي ڊپ کان ڪمري اندر ڊوڙي هئي ۽ عارب لوڙھي کي سڌو
ڪرڻ
لاءِ گهر کان ٻاهر نڪري آيو هو.
عارب
مينهن
۾ وکريل ڍينگهرن کي سڌو ڪندي
اوچتو کنوڻ جي چمڪاٽ تي ٻن
اوپرن ماڻھن کي پاڻ طرف ايندي ڏسي ڇرڪي پيو هو:
”ڪير آھيو؟“ عارب هٿ ۾ پڪڙيل بندوق کي رات جي
اوپرن ماڻهن طرف سڌو ڪندي هڪل ڪئي هئي ”ٻڌو
نه ٿا.... نه وڌو هيڏي...!
هٿ مٿي ڪيو ...اچيوَ ٿي سڌي!!...“
عارب جي هڪلن گونجندي
اوچتو فائرن جا آواز گونجي اٿيا هئا...
سڌين بندوقن جي ڏي وٺ قيامت برپا ڪئي هئي ... فرح رڙيون
ڪندي، هلندڙ جهيڙي ۾ ڪاهي پئي هئي ...فرح جو موڀي
ڀاءُ هڪ طرف رت ۾ لت پت هو ته ٻئي طرف عارب به گولين ۾ گهائجي
هوش وڃائي ويٺو هو.... !!
ان رات فرح ھڪ ئي وقت پنهنجي اڪيلي ڀاءُ ۽ عارب کي وڃائي زندگي جو وڏو درد ماڻيو
هو.
هوءَ پٿر جي مورتي بڻجي پيءُ ماءُ
جي اڱڻ موٽي آئي هئي.
هن لاءِ ڪجھ به نه بچيو هو...
نه ڀاءُ ۽ نه ئي جيون ساٿي....!
اهوئي چنڊ !
اها ئي ڌرتي کي خوبصورت ڪندڙ ۽ دلين کي
موهيندڙ چانڊوڪي !!...سڀ ڪجھ ساڳيو هو.
بدليو هو ته وقت ۽ گذريون هيون ته ڪيئي اداس شامون
...ائين به ڪونهي ته فرح جي زندگيءَ جا سڀ پل اداسين جي ڇانورن ۾ گذريا هئا ... هن محبتن جي سيج به ماڻي هئي، پر
اهو سڀ ڪجھ ڄڻ کن پل جو خواب هو...!!
امداد ڪانهيو
چنڊ جي پويان
اڃان ليٽيو مس هئس ته هُو رڙيون ڪندو اچي
پُهتو!، "فتوءَ... فتوءَ.... او فتوءَ.....!!".
آسيه ڇرڪ ڀري اُٿي ويھي رهي، هُن جي رڙ
هُئي جيڪا بند نه پئي ٿي ۽
ورانڊي
۾ گهڙي ڪمري جي در تي اچي بيٺو،
”فتوءَ.....
او فتوءَ
وارو ڪر يار ٻاهر نڪر!“
هن جي لڳاتار رڙين تي آسيه جو ٽيهڙ تپ لهي
پيو ۽ اُهو تپ مون کي چڙهي پيو!
ٿوري دير پهريان اُس ۾ گھر پهتو هئس، گرم
هوا هڻي ساڙي رک ڪري ورتو هو، دل ۾ دعائون گهرندو
پئي آيس،
”الله
ڪري بجلي هجي!“ ڪم ۽ ضرورت واري مهل اڪثر بجلي نه هوندي آهي، دل ۾ وڏو
کُٽڪو هو، کُٽڪي جي انتها اها هئي جو يقين هئم
لائٽ ڪونه هوندي، پر پگهر ۾ شل گهر پهتس ۽ ڇت ۾ پراڻي پنکي
کي ڦيريون پائيندي ڏٺم ته بُت ۾ ساھ پئجي ويو، کٽ
تي ويھڻ کان اڳ مون کُليل دريءَ جا طاق ورائي دري
بند ڪئي ته آسيه
ھڪل ڪئي،
”دري
ته بند نه ڪر! اُٻس ساھ ٿي ڪڍي!“
آسيه کي ٻڌو اڻ ٻڌو ڪري مون دري بند ڪري ورتي، جُتي لاهي پُراڻو
سپاٽو پائيندي چيم، "هيئنر بجلي آهي پنکو هلي ٿو،
کليل دريءَ مان ايندڙ روشني ڪمري ۾ گرمي وڌائي پئي.
آسيه ڦاٽل اکين سان مون کي نھارڻ لڳي،
”جڏهن کان مون مٿين ڪمائيءَ مان جهان ٺاهڻ شروع ڪيو آهي، تڏهن کان هر شئي منجهان آسيه کي ڌپ ئي اچي ٿي!“ سوچيندي مون قميص لاهي آسيه کي اڻ ڏٺو ڪندي در ڏانهن وڌيس، پر آسيه چپن ۾ ڪجھ چوندي خاموش ٿي وئي.
هُن سمجهيو مان ٻاهر ٿو وڃان، پر منهنجا هٿ کليل در جي طاقن ۾ پيا ته
هُن وري رڙ ڪئي،
”در
ڇو ٿو بند ڪرين!؟ گهُٽ ۾ ماريندي ڇا؟“
در بند ڪندي واپس وريس ته آسيه هيسيل اکين سان مون کي نھاريندي هڪدم
پنهنجي کٽ تي سوڙهي ٿي ليٽي پئي ۽ چِنگهندي
چوڻ لڳي،
”ماريءَ گرميءَ ڪيڏو ته زور رکيو آهي جو هڻي بيمار ڪري ڇڏيو اٿس! مٿي جو
سُور آهي جو جِند ئي نٿو ڇڏي!“
آسيه جو پِٽڪو مون جانچي ورتو ۽ پنهنجي کٽ ڏي ويندي مون چيو،
”اُلڪو نه ڪر مٿي جو سُور لهي پوندئي!“
”سِر نه کاءَ“، آسيه
ٻي ڀر پاسو ورائي سمهندي چيو،
”ماٺ
ڪري وڃي در کول ته هوا اچي ماڻهو گهڙي پل ڪو آرام
ڪري.“
”متان در کوليو اٿئي!“ پگهر اگهندي مون چيو،
”کليل در ۽ دريءَ مان روشني اچي ٿي، سوجهري
۾ ننڊ ئي ڪانه ايندي!“
مون کي خبر هئي آسيه مون کان لنوائي ٿي ۽ مهينن کان مون کيس
چڱيءَ طرح نهاريو به
نه آهي ۽ جڏهن کان مون رشوت وٺڻ شروع ڪئي آهي تڏهن
کان آسيه
به
مون کان پري رهڻ شروع ڪيو آهي! مان ليٽي پيس، پير
سڌا ڪندي آسيه کي نهاريم،
جنهن جو مُنهن ڀِت واري پاسي هو، ٿڌو ساھ ڀريندي
چيم،
”ٻاهر وڃين ته پاڻيءَ جو گلاس ڀريو اچجانءِ.“
”پاڻ وڃي پي! منهنجي مٿي ۾ سُور آهي“، آسيه چيو،
”مون
کان ڪونه ٿو پُڄي هن گرميءَ
۾ اٿان!“
مون کي ڏاڍي
ڪاوڙ
آئي،
دل ۾ آيو آسيه
کي
اُٿاري چوان،
”پاڻي ڏين ٿي يا...!“
مان اڃان سوچي رهيو هئس ته اڱڻ تان سڏ
ٻُڌم،
”فتوءَ...
فتوءَ.... او فتوءَ.....“
مون کي پڪ ٿي وئي آسيه پڪي مومنياڻي آهي، يا ڪا پهتل هستي واري
مائي آهي! هر ڀيري عين موقعي تي بچيو وڃي پير مرشد
زور اٿس!
”فتوءَ..... او فتوءَ وارو ڪر يار ٻاهر
نڪر!“
آواز ڪمري جي در تي پڄي چُڪو هو، منهنجي ٻرجي اٿڻ کان اڳ آسيه ڇرڪ ڀري ويهي رهي هئي. مون دل ۾ سڏڻ واري
کي پِٽيو ۽ اٿندي مري ويل وِک کڻندو اچي در جا
ٻيڪڙيل طاق کوليم، سامهون رڦندڙ صالح بيٺو هو.
”وارو ڪر يار قميص پاءِ
فتوءَ“،
صالح جيئن مون کي ڏٺو ته ڏڪندي چيائين،
”شبيرو
خودڪشي ٿو ڪري!“
”اُڪو ئي وڃي مري!“ مون ڪاوڙ منجهان چيو،
”مون ڪيترا ڀيرا توکي چيو آهي مون کي فتوءَ
نه سڏيندو ڪر!“
”پر يار فتوءَ......
“
”وري فتوءَ!؟“ گرمي سان گڏ منهنجي ڪاوڙ جي سطح وڌي وئي،
”اڙي مان فتح علي آهيان فتح علي! تون هي
روز روز مون کي فتوءَ سڏين ٿو! ماڻهو ڇا چوندا؟ اڄ
هي ڳوٺ وارا ٻڌن ٿا، سُڀاڻ ڪو منهنجو سنگتي ساٿي
ٻڌي ڇا سوچيندو؟ ڳوٺ ۾ منهنجي اها عزت آهي؟ آخرڪار
مان سرڪاري نوڪريءَ
۾ آهيان! چڱي اٿي ويٺي اٿم! اها تنهنجي عادت ته
مون کي بي عزتو ڪندي!“
صالح جي رڦڻي هڪدم بيهي وئي، ڪجھ سوچيندي
چيائين،
”مون
کان غلطي ٿي فتح علي! توکي نوڪري ملڻ کانپوءِ به
اها عادت وسري نٿي، پر يار هينئر دير نه ڪر شبيرو اصل ضد تي اڙيو آهي، ڪنهن جي
نه پيو مڃي چئي ٿو پاڻ ماريندس!“
مان صالح کي اڃان ڪاوڙ مان نهاري رهيو هئس
ته هُن منٿ ڪندي چيو،
”تون
ئي آهين جيڪو هُن کي ضد تان لاهي سگهين
ٿو! ٻيلي وارو ڪر مون سان هل! ڪٿي همراه لٽڪي نه
مري!“
مان واپس وريس ۽ قميص کڻندي آسيه کي ڏٺم،
جيڪا مرڪندي وري سُمهي رهي ۽ مان خار کائيندو ٻاهر
نڪري آيس.
جنهن مهل اسان شبيري جي گهر پهتاسين، ان
مهل سمورو گهر ٻاهر اڱڻ تي گڏ ٿيل هو ۽ شبيرو هڪ
هٿ ۾ کٽ جي واڏڻ ۽ ٻئي هٿ ۾ مُڏي ڇُري کنيو رڙيون
ڪري رهيو هو،
”ڪير
به منهنجي ويجهو نه اچي! نه ته مان دير ئي نه
ڪندس!“
شبيري جي زال حيرت گاڏڙ بي يقينيءَ واري انداز ۾ اڱڻ کان اندر گهر ۾ آئي وئي
پئي، سندس چهري مان ائين پئي لڳو جيئن ڄڻ کيس پڪ
هئي شبيرو ائين ڪري نه سگهندو، پر شبيري جي ماءُ پريشانيءَ ۾ شبيري کي منٿون ڪري رهي هئي،
”ائين نه ڪر پُٽ! مون پوڙهي ماءُ جي اڇن
وارن ڏي ڏس، مان مري ويندس، مون کي ائين نه مار!“
پوڙهيءَ جا ميارن ڀريا جملا بند ئي نه پيا ٿين، هُوءَ مسلسل سُڏڪي رهي هئي، ٻيا سڀ اُن ڇپري جي سامهون
ميڙ ٿيو بيٺا هئا جنهن ڇپري ۾ شبيرو مٿي اهڙي ڪا
جائي ڳولي رهيو هو جنهن ۾ رسو ٻڌي سگهجي.
جنهن مهل ڇپري جي ويجهو ٿيو هئس ان مهل
شبيري ڇپري جي لاٽڻ ۾ رسو اڇلي ورائي سُرڪڻ ٺاهي
ورتي هُئي، بيٺل سڀ ماڻهو ششدر ٿي ٻه وکون پوئتي
هٽي
ويا
هئا، مون تي نظر پوندي شبير ھڪل ڪئي،
”توکان
به رهيو نه ٿيو، پُڄي وئين!“
مون شبيري کي ڪوبه جواب نه ڏنو ۽ سُرندو
اڳتي وڌڻ لڳس، شبيري وري چيو، "هونئن ته سدائين
دير ڪري ڇڏيندو آهين! ڪڏهن به وقت سر توکان ڪٿي
پهچجي ڪونه ۽ اڄ وري اڳ ۾ اچي نڪتو آهين!؟“
”شبيرا... ڳالھ ٻُڌ......!“ مون چيو.
”خبردار! قدم اڳتي وڌايو اٿئي ته!“ شبيري مون کي ڌمڪي ڏني ۽ مان بيهي رهيس،
"”اڄ
ڪي گهڙيون دير ڪري اچين ها ته ڇا پئي ٿيو توکي؟“
”مان توکي روڪڻ نه آيو آهيان، ڀلي خودڪشي
ڪر! مان ته ڏسڻ آيو آهيان ڪيئن ٿو خودڪشي ڪرين!“ منهنجي ايتري چوڻ تي شبيري جي ماءُ وري رانڀاٽ شروع ڪري ڏنا
۽ شبيرو حيرت منجهان مون کي ڏسڻ لڳو.
”ها شبيرا.... مرڻ کان به ڪير ڪنهن کي روڪي
سگهي ٿو ڇا ڀلا!؟“
مون چيو،
”پاڻ
ٽِين دنيا جا ماڻهو هونئن به روز مرندا رهندا
آهيون جي هڪ ڀيرو يڪو مري پئون ته ڇا آهي!“
خوف جي لهر شبيري جي بُت ۾ ڊوڙي وئي. مون ڏٺو ڪنبڻيءَ جي لهر مان گذرندي شبيري پنهنجي پاڻ کي سنڀاليو ۽ ساھ
جائيتا ڪندي چوڻ لڳو،
”ڏس
فتوءَ.... تنهنجون اهي اٽڪلون مون تي نه هلنديون!
اڄ مان پاڻ کي ماري ئي رهندس! سُٺو اٿئي مونکان
پري ئي رھ!“
”مان پري ئي آهيان ڀئو نه ڪر!“ مون چيو،
”مان ته توکي خودڪشي جا فائدا ۽ آسان طريقا ٻڌائڻ ٿو چاهيان!“
”نه.....!“ شبيري رڙ ڪئي،
”تون
مون کي ڳالهين ۾ هِرکائين پيو،
پر مان تنهنجي ڳالهين ۾ اچڻ وارو ناهيان مون
کان پري رھ نه ته.....“
”سُرڪڻ سوڙهي آهي ۽ تنهنجو ڪنڌ ٿُلهو آهي!
۽ رسو به واڏڻ جو آهي ته جام ڪمزور پيو ڏسڻ ۾ اچي!
ترس ڪو واجھ هٿ ڪرڻو پوندو!“
”مُئا ماريا سڄڻ آهين ڪي دشمن!“
شبيري جي ماءُ مون کي پُٺ وارا ڌڪ پنهنجي
خالي هٿن سان هڻندي چيو،
”بچائڻ
آيو آهين يا مارڻ!؟ ڪهڙيون پيو صلاحون ڏئين منهنجي
ٻچي کي؟“
”مان سڃاڻان شبيري کي ائين ڪونه مڃيندو!“ پوڙهيءَ کي چيم،
”همراھ
اصل رهزن آهي اٽڪل سان راضي ڪرڻو پوندو!“
پر پوڙهي مون کي ساڳيا ڌڪ هڻندي پاراتا
ڏيندي رهي،
”تون
مون کي ڳالهين ۾ ڀُلائي نٿو سگھين مان اڄ پاڻ ماري
ئي رهندس!“
”پاڻ کي ڀلي مار پر ٻين کي ته نه مار!“ مون شبيري جي ماءُ، زال ۽ ننڍن ٻارن ڏي
اشارو ڪندي چيو،
”گهڙي
پل ته ترس جيسين ڪو پڪو بندوبست ڪجي!“
”مون سان بحث نه ڪر فتوءَ!“ شبيري چيو،
”عقل جي تقاضا آهي ته جاهلن کي مڃائڻ لاءِ دليل جي ضرورت نه
پوندي آهي، تو جهڙن سان عقل، علم، فهم جو بحث نٿو
ڪري سگهجي، تو جهڙا جاهل ان کي پاڻ سان مقابلو
سمجهندا آهن ۽ جاهلن سان مقابلو نه ڪبو آهي، پر جاهلن کان بچبو آهي! مون کان پري رھ!
خودڪشي ڪري مان پاڻ کي توکان بچايان پيو!“
مون کي پڪ ٿي وئي شبيرو هرگز ضد تان نه
لهندو، سڀ بحث بيڪار آهن! ڪجھ سوچيندي پوئتي وريس،
منهنجا واپس ٿيل قدم ڏسي شبيري جي ماءُ چيو،
”نڪر
منهنجي گهر مان نِڀاڳا..... منهنجي ٻچي کي موت
ڪنڌي پُڄائي ڇڏيو اٿئي اڃان به مرڻ جون صلاحون ٿو
ڏئين!“
پوڙهيءَ کي مون ڪجھ به نه چيو، پرڀرو ويندي پُٺيرو ئي مون پنهنجي
مخصوص سيننڍ چپن ۾ وڄائي ته پل ڀر ۾ شپڪي جي آواز
سان گڏ اتي بيٺل ميڙ ۾ هُل ٿي پيو، مُڙي پوئتي
ڇپري ڏي نهاريم، شبيري جا هٿ خالي هئا، مُڏي ڇُري
هُن اڇلائي ڇڏي هئي، رسيءَ
جي سُرڪڻ خالي لڙڪي رهي هئي ۽ شبيرو هيٺ اچي رهيو
هو.
مون کي خبر هئي اِها سينڍ ئي ڪم ڏيندي، ڇو
ته شبيرو ان کان واقف هو ۽ اها مون سدائين ڪنهن
راز واري سنيهي تي وڄائي ٿي!
سينڍ ٻڌي شبيري مرڻ کي ملتوي ڪيو، پر مان نه بيٺس ۽ اڳتي هلندو رهيس، شبيرو
هيٺ لهي، گڏ ٿيل ميڙ چيري ڊوڙي اچي مون تائين
پهتو،
”ٻُڌاءِ فتوءَ........ ڪهڙو راز ڀريو سنيهو آهي؟“
شبيري منهنجا ٻئي ڪُلها جهلي ورتا هئا،
مون هُن جي اکين ۾ ڏسندي چيو،
”خدا
جي مار پوئي مان فتوءَ ناهيان! ڇا ٿيو آهي توکي ۽
صالح کي فتوءَ فتوءَ جي رٽ لڳائي رکي اٿئو؟ مان
فتح علي آهيان فتح علي!“
”ها ميان فتح علي!“ شبيري چيو،
”پر ٻڌاءِ
نه سينڍ ڇو وڄائي اٿئي؟ راز ڇا آهي؟“
”راز اهو ئي آهي ڍنگ سان مر!“
”مرڻ! مرڻ هوندو آهي! موت ۾ ڍنگ جي ڪهڙي
ڳالھ آهي؟“
”ائين حرام ٿي نه مر!“ چيم،
”مر ڪنهن مقصد سان.“
”مقصد!؟“
”ها مقصد!“
”ڳالهيون تون به اهڙيون ٿو ڪرين فتوءَ جهڙو
مان فلسطين جي ليليٰ
خالد هجان يا چي گويريا.“
”وري فتوءَ؟؟“
”ها تون فتوءَ ئي آهين! فتح علي ناهين چاهي
ڪيڏي به رشوت کائي وڏي ڳِجھ ٿي پوين!“ شبيري چيو،
”سينڍ
نه هڻين ها ته مان هن مهل سُرڪڻ ۾ ئي هجان ها، مون
کي ڪهڙي خبر ايمان وڪڻڻ سان گڏ ڌوڪيباز به هاڻ ٿي
پيو آهين!“
ننڍيون وکون کڻندي اسان گهرن کان گهڻو
اڳتي نڪري آيا هئاسين، پرڀرو پڄي بيهندي مون شبيري
کي چتايو، ڪي پل سندس چهرو جانچيندو رهيم،
”شبيرا
تون بيوقوف آهين!، ڇو نٿو پنهنجو سوچين!؟“
چيم،
”ماڻهو
ڏس ڪٿان کان وڃي ڪٿي پهتا آهن.“
”اسان هتي روز مرون پيا بي وسين ۾!“ شبيري چيو،
”عالمن فاضلن جي هن ميڙ ۾ حڪمت ۽ دانش جون نصيحتون اسان جا
پيٽ ڀري نٿيون سگهن، نه ئي انگ ڍڪي سگهن ٿيون!
اسان کي نصيحتن جي نه مدد جي، تدارڪ جي، وسيلن جي
سهارن جي کپ آهي جاهل!“
”هرڪو بس واعظ ڪري ٿو!“ هُن چڙندي چيو ته مون پاسي واري کيسي ۾
هٿ هڻي ڪجھ پئسا ڪڍيا ۽ ويھ هزار ڳڻي شبيري جي هٿن
۾ ڏيندي چيم،
”هنن مان ڌنڌو شروع ڪر! ڏس ڪيئن ٿا چار چنڊ
لڳن.“
پنهنجي هٿن ۾ نوٽن کي اٿلائي پٿلائي ڏسندي
شبيري چيو،
”هن
دور ۾ چار چنڊ ويھ هزارن ۾ به لڳي سگهن ٿا ڇا!؟“
”شروعات هميشه هيٺين سطح کان ڪبي آهي!“ چيم،
”هنن مان گُٽڪا، سفينه،
2100 ۽ ٻيون اهڙيون پُڙيون کوڙ ساريون ملي ويندئي، وڃي اُهي وٺ ۽
کپائيءِ!
مهيني اڌ ۾ ڏس ڪٿي ٿو پُڄين!“
منهنجي ايترو چوندي شبيرو ڇرڪي ٻه قدم
پوئتي هٽيو، گُهورَ
ڪري مون کي ڏسڻ لڳو ته پڇيم،
”ڇا
ٿيو!؟“
”تون مون کي خودڪشيءَ کان بچائي ٻين سڀن کان خودڪشي ڪرائڻ پيو
چاهين!؟“
شبيري چيو،
”تنهنجي ڳالهين مان ڏسان پيو قوم خودڪشي ۾
مبتلا آهي ۽ تو جهڙا سڀ سُرڪڻ ٺاهڻ ۾ پورا آهن!“
”بيوقوف آهين تون ڄٽ!“ چيم،
”پنهنجو سوچ ۽ ڏس مالا مال ٿي ويندين!“
”قوم جي نسن ۾ زهر ڀري؟؟“ شبيري چيو،
”نه فتوءَ نه! مون کي مالا مال ناهي ٿيڻو! مان نسل برباد نٿو
ڪري سگهان.“
”اڙي توکي خبر آهي ڪيڏي کپت آهي انهن شين
جي هتي؟“
مون مُرڪي اک هڻندي چيو،
”شبيرا
ڦاهي کائي مرڻ کان ڀلو ناهي ڪجھ مال کائي مرجي!؟“
شبيرو اڃان ٻه قدم وڌيڪ پوئتي هٽيو ته
چيم،
”ها
شبيرا حرام ٿي مرڻ کان سئو ڀيرا ڀلو آهي ڍنگ سان
مرجي!، تو خودڪشي ڪرڻ پئي چاهي، اهي اٿئي پئسا ۽
ڍنگ سان وڃي پاڻ به خودڪشي ڪر ۽ ٻين کان به ڪراءِ.“
”لعنت آهي توتي فتوءَ!“ ايترو چوندي هُن سڀ پئسا اتي منهنجي پيرن
۾ اڇليا،
”ڪٿي
منهنجو ڪمزور رسو ۽ ڇُري گهر وارا مون کان لڪائي
نه ڇڏين!“
ايترو چوندي هُن پوئين پير ڊوڙڻ شروع ڪيو.
پويان بيٺي مون کي ائين محسوس ٿيو، جيئن
مان چنڊ جي پويان بيٺو هجان ۽ ھُن جي ڊوڙ ۾ ڪئي بي
اَنت خودڪشين جون سٿيون ڏسندو رهجي ويو هجان. |