شبنم گل
حيدرآباد
واسو
هوءَ ھڪ ڏينھن شام جو زھره کي دوا کارائي رھي ھئي
ته ھن گوريون اڇلائي ڇڏيون ۽ کٽ تان ڪنھن بازيگر
جيان قلابازيون کائيندي اچي پٽ تي پئي. پوءِ
ان ئي حالت ۾ بانبڙا پائيندي، در کولي وڃي گھٽيءَ
۾ ڦھڪو ڪيائين. ائين ٿي لڳو،
ڄڻ سندس جسم ۾ ڪنھن ماورائي طاقت اچي واسو ڪيو
ھجي. نازيه
کيس جھلڻ لاءِ
پويان ڊوڙي ته زھره وڙھندي، سندس منھن کي پنھنجي
نهن سان رھڙي ڇڏيو. نازيه پاڻ ڇڏائڻ لاءِ دانھون
ڪرڻ لڳي. سندس ڪيھن گھر ڀاتين جون وايون بتال ڪري
ڇڏيون ۽ گھر ۾ روڄ راڙو پئجي ويو. رضا ڊوڙندو ٻاھر
ڀڳو ۽ ڀيڻ نازيه کي، زھره جي خونخوار چنبن مان
زوريءَ ڪڍي پري ڪيائين.
اھڙو گوڙ سندن گهر ۾ اوچتو پيدا ٿي ويندو ھو، ڄڻ
ڪا غير مرئي طاقت حاوي ٿي وئي هجي!
ڪو ماڻهو پنھنجو ڳوٺ ڇڏي، ڪنھن وڏي شھر ۾ رھي ٿو ۽
اباڻي ڳوٺ کان پري آھي ته سندس مٽ
مائٽ کيس سک سان ويھڻ نه ڏيندا . اھي شھر، ڳوٺ
وارن مائٽن لاءِ ڄڻ مسافرخاني جو ڪم ڏيندا آھن.
مائٽ مطلب جا آھن، جيڪي سُکن
۾ گڏ، پر
ڏکن ۾ ائين ساٿ ڇڏي ويندا، جيئن اس ۾ پاڇو غائب
ٿيو وڃي. خاندان
۾ وري شل نه ڪو ڊاڪٽر ھجي، مٿان وري وڏو ڪھول ۽ ست
اٺ کن ڀينر ڀائر ھوندا ته پوءِ
ٻيڙا ئي پار !
رضا جي والد ڊاڪٽر علي احمد کي پنج ڀائر ۽ چار
ڀينر ھيون،
جيڪي ڳوٺ ۾ رھندا ھئا. ڊاڪٽر علي احمد بدين اسپتال
۾ ميڊيڪل آفيسر ھو، خاندان ۾ ڪابه ناچاقي ٿيندي
ھئي ته سڄو
خاندان علاج لاءِ علي احمد
ڏانھن ڪاھ ڪندو ھو، ان ڪري ڊاڪٽر جو گھر به اسپتال
جي جرنل وارڊ جو ڏيک پيو ڏيندو ھو . خاندان جي اھا
اچ وڃ ۽ اجائي مداخلت، سندن گھر جي خوشي ۽
خوشحاليءَ
تي راتاهي ھڻڻ برابر ھئي،
پر ڊاڪٽر پاڻ سادو ۽ ٻاجهارو انسان هو. خاندان جي
هر فرد کي پنھنجي ذميواري سمجهندو هو. اوکيءَ ويل
هر سڏ ڪنائڻ وارو هي شخص خاندان جي ڪجهه نوجوانن
کي سندن پڙهائيءَ ۾ به مدد ڪندو هو.
ڊاڪٽر جو وڏو پٽ رضا ڪاليج ۾ پھرين سال جو شاگرد
ھو. ھُو
مائٽن جي ان رويي کان سخت بي زار ھو پر پيءَ
آڏو ڪڇي نه ٿي سگھيو،
جيڪو مائٽن مٿان گھُور
پيو ويندو ھو . رضا ان خيال جو ھو ته مٽن مائٽن جو
خيال ضرور رکجي،
پر سندن ڄور بڻجي چنبڙي پوڻ واري رويي جي حوصله
شڪني ڪجي. پنھنجي ماءُ
جو احساس ٿيندو ھيس، جيڪا ساھرن جون خدمتون ڪندي
پنھنجي صحت وڃائي ويٺي ھئي.
ڪجهه ڏينھنِ
کان سندن گھر ۾ عجب مانڌاڻ ھلي رھيو ھو، جنھن جو
ڪارڻ ڊاڪٽر جي چوڏھن سالن جي ڀاڻيجي زھره ھئي،
جيڪا چڱي وقت کان بيمار ھئي،
پر پڦي صاحب خاتون اول پيرن فقيرن ۽ عاملن کا
ڦيڻا، ڌاڳا سڳا ڪرائي پوءِ ڀاءُ وٽ کڻائي آئي.
زھره جي حالت خراب ھئي. ھُو
عجيب ڳالھيون ڪندي ھئي. پنھنجي سامھون موجود ڪنھن
ماڻھوءَ سان پئي
ڳالھائيندي
ھئي، جيڪو ٻين کي نظر نه ايندو ھو. ڪڏھن وڏيون
اکيون گول گھمائي معنيٰ خيز انداز ۾ مرڪندي ھئي.
گھر ۾ ان غير موجود شخص جو ذڪر ٿيڻ لڳو. سڀ حيران
ھئا ته آخر ھُو
نظر ڇو نه ٿو اچي؟ پڦي صاحب خاتون جو خيال ھو ته
ڇوري رات جو کڏ تي وار ڇوڙي پئي گھمندي ھئي، اتان
ورتي آھي.
واسو ڪو عام نه
اٿس. پر ڪو ھڻ کڻ قسم جو جنِ لڳي ٿو. خيال ھيس ته
زهره کي شاھ يقيق يا گاجي شاھ کڻائي وڃي،
پر جيئن ته پاڻ ھلڻ کان ھلاڪ ھئي، انڪري پاسو
ورائي پئي نير وهائيندي ھئي. ھاڻ ڊاڪٽر جي گهر
ڀاتين کي ھڪ بدران ٻه مريض ڏسڻا پيا پون.
ٻئي ڏينھن سڄي آڪهه ڳوٺان اچي لٿي، پڦيءَ
کان پڇڻ .گھر ڀاتين جو رھندو سک ئي ڦٽي ويو .
ٻن پڦين ۽ ھڪ چاچي جو خاندان ٻارن ٻچن سان آيو ته
گھر ۾ مانڌاڻ مچي ويو. پڦي صاحب خاتون کي پير مان
سخت سٽ نڪرڻ ڪري، سندس ايڪسري ٿيا پوءِ جڏھن ھڏيءَ
جي ماھر ڊاڪٽر
پٽو چاڙھيس ته ڪجھ سامت ۾ آئي. اھڙيءَ ريت ھن
پنھنجي ڀيڻ
نعمت خاتونءَ
کي پاڻ سان رھايو، جيڪا ٽن ٻارن سميت ترسي پئي .
باقي مھمان ڳوٺ موٽي ويا. پڦي نعمت ۽ سندن ڌيئرون
مجال آھي جو ڪک ڀڃي ٻيڻو ڪن. سڄو ڪم ڪار ڊاڪٽر جي
گھرواري ۽ ڌيئرن جي مٿان اچي پيو. اھو مامرو ڪو ھڪ
ڀيرو ڪونه ٿيو ھو. سدائين سندن گھر مھمان خانو
بڻيو پيو ھوندو ھو .
”ادا ھاڻ ڇا ٿيندو منھنجا امتحان ويجھا آھن، آءٌ
ڪيئن پڙھنديس؟“ نازيه روئڻھارڪي ٿي وئي.
سندن ماءُ اندر داخل ٿي ته ٻئي
ڄڻا خاموش ٿي ويا.
”تون فڪر نه ڪر ڀيڻ ڪو حل ڪڍان ٿو“. رضا کيس آٿت
ڏني.
”امان آخر اھو تماشو اڃان گھڻا ڏينھن ھلندو؟“ رضا
ڏک سان چيو.
”الله سڻائي ڪندو باقي انسان ته مجبور آھي. جڏھن
رب ڪو پنھنجي ٻاجهه ڪري“. حميده جي
دل به
ڄڻ ميڻ جو ٺھيل ھئي.
پاڻ تڪليف کڻي به ٻئي کي سک ۽ سھولت ڏيندي ھئي.
”امان زھره کي ڪو جن ٻن ڪونھي، اھا ميڊيڪل ڪنڊيشن
آھي، کيس اسپتال ۾ داخل ڪرائڻو پوندو“. رضا، ماءُ
کي قائل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.
”نه ابا مان ڪيئن چونديس چوندا ته بي زار ٿي پئي
آھيان ۽ کين گھر مان تڙي ڪڍان
پئي.“
”امان اھو زھره جي زندگيءَ
جو سوال آھي نه ته ھوءَ مري ويندي.“ رضا هر ممڪن
ڪوشش ڪئي ماءُ کي قائل ڪرڻ جي.
”ابا وائي ته ڪا سڻائي ڪڍ ائين ته ھيانءُ
نه ڏار “ حميده
خوف ۾ ويڙهجي وئي.
”امان تون ھمت ڪري بابا سان ڳالهه ڪر، باقي معاملو
اسان سنڀالي وٺنداسين“ نازيه ماءُ کي قائل ڪرڻ جي
ڪوشش ڪئي.
”امان پڻھين پاڻ ڊاڪٽر آھي، ضرور ڪنھن سبب جي ڪري
ماٺ ويٺو آھي ٻيو
اهو ته هُو
تمام گهڻو مصروف پيو رهي،
صبح جو اسپتال ته شام جو وري ڪلينڪ تي هليو وڃي ٿو.
مائٽن جي به پورت ڪرڻي اٿس. رات جو واپس اچي
سانجهاندو ڪري وڃي سمھي رهندو آهي، ان ڪري ابا مون
کي موقعو ملي ته ڳالهه ڪيانس نه“.
ھڪ منجهند زھره جي رڙ تي گھر وارا ڊوڙندا ويا.
ھوءَ کٽ تي وٽجي سٽجي ڪيھون ڪري رھي ھئي.
”مان نه ڇڏينديس توکي ... ماري ڇڏينديس ...نه
ڇڏينديس .“ڪاريھر
وارا وراڪا هيس.
زھره کي ٻاھر وڃڻ کان روڪڻ لاءِ
نعمت جيئن
ئي جھلڻ جي ڪوشش ڪئي ته ھن جا
ھٿ سندس چوٽيءَ ۾ وڃي کتا.
”ياحسين گھوڙاڙي مان آھيان تنھنجي ماسي امڙ ٻچا
اکيون کول“. تڪليف جي اذيت وچان نعمت رڙ ڪئي.
پر زھره جھمر ھڻندي ماسيءَ جي وارن کي پٽڻ لڳي.
”فقير سائين مان تنھنجي ڊوھڻ ناھيان، مون تي رحم
ڪر . اڙي واھر ڪريو مون کي بچايو .“
”رضا------ رضا
جلدي اچ ٻچا ياحسين“ ماڻس
رضا کي سڏيو.
رضا ڊوڙي اچي زھره جا ھٿ وارن مان ڇڏيا. زھره، رضا
جي قميص ڦاڙي ڇڏي. رضا گھٻرائجي ويو.
”پيران پير دستگير بادشاھ پير ۔اڙي
او قلندر اڙين جا بندر، ڪا واھر ڪر، منھنجي
نياڻيءَ کي غيبات جي ان اثر کان بچاءِ“.
ڀر واري
ڪمري ۾ کٽ تي ستل صاحب خاتون تڪليف
وچان رڙ ڪئي.
ڊاڪٽر علي احمد جي گهر تي نحوستن جا پاڇا وڌڻ لڳا.
ھر ماڻھو پريشان ھو. سندن وايون بتال ھيون. هُو
ڄڻ ته ذھني مريض بڻجي پيا. صاحب خاتون ۽ نعمت سڄو
ڏينھن جنن جا قصا ڪري پيون ڀو ڏينديون ھيون. پيون
پيرن کي ستائينديون ھيون. حميده به وس ڪيا. قرآن
خواني، سوره بقره، سوره مزمل، آيت الڪرسي سڀ ڪجهه
پڙهائيندي رھي. ڪو ڏينھن اھڙو نه ھو جو ڀر واري
مسجد جو ملو دين محمد، ڇھن ڇوڪرن کي ساڻ ڪري قرآن
نه پڙھڻ اچي!
گهر ۾ ڪيترا ئي سنوڻ ساٺ ڪيائون. حميده کي جيڪو ڏس
مليو، ان تي عمل ڪندي رھي. اڇا بصر دروازن تي
رکيائين. ليما، ٿوم ۽ لوبان جو دونهون الڳ،
پر ڪو ضدي جن ھو، جو وڃڻ جو نالو ئي نه پي
ورتائين.
رضا گھڻو ئي سوچيو ته ڇا ڪري ڪيئن اھو مسئلو حل
ڪري. پيءُ
به زھره کي ڪو اسپتال داخل ڪرائڻ جو خيال نه
ڏيکاريو. رضا پنھنجي دوست سان فون تي رابطو ڪيو،
جنھن جو پيءُ
ايل.ايم.سي
۾ ڊاڪٽر ھو. تنھن چيس ته وارو ڪيو جلدي اسپتال
کڻائي اچوس، سيريس
ڪيس ٿو لڳي ۔
ٻئي ڏينھن صاحب خاتونءَ
گهر ۾ مانڌاڻ وڌو ته ھوءَ
ھر قيمت تي ڌيءَ
کي، نذير نالي عامل ڏانهن وٺي ويندي. آخر رضا پڦي
۽ زھره کي
ساڻ ڪري عامل وٽ پھتو۔ عامل
وٽ گهڻي رش ھئي. سندس ڏيک عجيب ھو. اڇي قميص ۽
گھير واري شلوار پھريل عامل جو روپ ئي نرالو ھو.
وارن م تيل، اکين ۾ سرمو ۽ چھري تي ھوشياري زهره
کي ڏسي رڙ ڪيائين.
”مار! نينگر گهڻي ورتل آھي.“ عامل رڙ ڪئي.
اھو
ٻڌي پڦي صاحب خاتون اوڇنگار ڏني.
”پريشان نه ٿيو مون وٽ ھر قسم جي جنن جو توڙ موجود
آھي.“ عامل هڪ اک بند ڪري، هوشياريءَ سان کيس آٿت
ڏيندي چيو.
ائين
چوندي زهره جي وارن ۾ ھٿ وجهي کيس زور سان ڌانڌولا ڏيڻ
لڳو. هوءَ رڙيون، ڪوڪون ڪرڻ لڳي. رضا جي دل کي
جهٻو آيو ته ھُو
اٿڻ لڳو،
پر صاحب خاتون ھٿ جهليندي اکين سان خاموش رھڻ جو
اشارو ڪيس. عالم، زهره جا ڄُنڊا
پٽي، کيس ٿڦون ھڻي، جھڙوڪ مرڻينگ ڪري ڇڏيو ۽ ھوءَ
بيھوش ٿي هيٺ ڪري پئي.
ٺيڪ ٿي ويندي فڪر نه ڪريو. ضدي جن آھي ائين نه
ويندو سواءِ
جوتن جي“. عامل سخت ڪاوڙ ۾ چيو.
عالم ڪاري ٻڪري سان گڏ، سوڌي سامان جي لسٽ ڏيندي،
حڪمنامو جاري ڪيو ته جلد اھي شيون کيس پھچايون وڃن
نه ته جنات جو قھر نينگر کي ماري ڇڏيندو. اهو ٻڌي
رضا جي منھن جو پنو لهي ويو. سو ھن پئسن جي چٽي
ڀريندي جند ڇڏائي .
واپس آيا ته زهره جي طبيعت سخت خراب ٿي وئي. وري
اسپتال وٺي ويس جتي ڊرپ لڳس. ٻه ڏينهن غش رھي.
گهر وارن کي ڪجهه خاطري ٿي ته غيبات پويان پير ڪيا
آھن.
گهر ۾ خوف وارو ماحول ھو. شام جو گهر ۾ لڳل نم ۽
سرينھن جي وڻن جا پاڇا آسيب جو ڏيک ڏيندا ھئا. تيز
ھوائن جي آڌار تي پنن جا آواز رڙين
جھڙا لڳڻ لڳا. شايد ماحول به انسان جي اندر جو
اولڙو ٿئي ٿو. سندس سوچ به حالتن جي رخ تي سفر ڪرڻ
لڳي ٿي .
زھره جي حالت ڏينھون ڏينھن بگڙڻ لڳي. پڦي صاحب
خاتون ۽ پڦيءَ
نعمت، مٿو مٿي سان ملائي، ڪو پروگرام ٺاھي رھيون
ھيون. پوءِ ڳالهه کُلي
ته ھُو
زھره کي سعدي موساڻي وٺي وڃڻ جا سانباھا ڪري رھيون
آھن. اول ته رضا انڪار ڪيو،
پر پوءِ ڪجهه سوچي حامي ڀريائين. ھُو
پڦين ۽ زهره کي وٺي نڪتو. حيدرآباد پھتا ته زهره
کي اڀ ساھيءَ
اچي ورايو. ھن گاڏي ڌوڪيندي، اچي
سول اسپتال ۾ بيھاري. اطلاع ملڻ بعد ڊاڪٽر علي
احمد به اچي پھتو.
”خير ته آهي نه پٽ“ علي احمد پريشانيءَ سان پڇيو.
”بابا سائين زهره جي طبيعت رستي ۾ بگڙي وئي ان ڪري
کيس اسپتال وٺي آيس“. رضا روئڻھارڪي آواز ۾ چيو.
پڦي صاحب خاتونءَ کي بار بار ڏندڻ پئي پيا ۽ هُو
ان صورتحال کان سخت پريشان هو.
”پٽ الله رحم ڪندو. اهو سٺو ٿيو جو مون کي بروقت
اطلاع ڏنو.“
ڊاڪٽر علي احمد پٽ جي ڪلھي تي هٿ رکيو.
”ادا ڪا واهر ڪريو منھنجي نياڻيءَ جي.“
صاحب خاتون سڏڪا ڀري روئڻ لڳي. ڊاڪٽر علي احمد ڀيڻ
کي ڀاڪر پائي آٿت ڏني.
”ادي صاحب خاتون حوصلو ڪر منھنجي ڀيڻ، الله چڱي
ڪندو“.
ڊاڪٽر علي احمد جيئن ته پاڻ ڊاڪٽر هو، انڪري
اسپتال جا سمورا ڊاڪٽر حرڪت ۾ اچي ويا نه ته عام
مريضن کي ڊاڪٽر پڇن ئي ڪونه! سمورا ٽيسٽ وغيره ڪرڻ
کان پوءِ کيس اندر
وٺي ويا.
ڊاڪٽر چڪاس ڪري وارڊ ۾ داخل ڪيو، ڊاڪٽر زھره جي
زندگي بچائڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳا. شام جو جڏھن کيس
ڪمري ۾ آندائون ته ھوءَ بيھوش
ھئي.
جيڪڏھن ڇوڪريءَ
کي اسپتال نه
کڻي اچو ھا ته اڄ سندس زندگيء جي آخري رات ھجي ھا.
هن کي جن وغيره ڪونه هو، سندس ڪرنگهي ۾ پاڻي ڀرجي
ويو ھو“. اسپتال جي ڊاڪٽر
کين آگاهه ڪندي چيو.
”اوهه منھنجا خدا!“ رضا کان بي اختيار ڇرڪ نڪري
ويو.
انور ابڙو
ڪراچي
وڍيل وَل
ساجن ڪراچي شهر جي هڪ ڳوٺ ۾ رهي ٿو، جتي هن پنهنجي
گهر ۾ شهر ۽ ٻهراڙيءَ جو ڪلچر، ٻئي رکيا آهن. سندس
گهرواري روشنيءَ پنهنجي گهر جي صحن جي هڪ ڪُنڊ ۾
هڪ ننڍڙي ٻاري ٺاهي، اُن ۾ ڪجهه ڀاڄين جا ٻج ڇَٽيا
آهن. انهن جي ڀرسان هڪ ڪُڪِڙ، هڪ کڙهيل ڪُڪڙُ، پنج
چوزا ۽ ٻه طوطا؛ ٻن پڃرن ۾، الڳ لڳ بند ڪيل آهن.
گهر جي ڀتين سان لڳل ڪجهه خوبصورت وليون وڌي ڀتين
کي وڪوڙي ويون آهن.
اهي وليون ساجن، اڄ کان ٻارهن سال اڳ ۾ تڏهن
پوکيون هيون، جڏهن هن نئون گهر ٺهرايو هو. گهر
ٺهرائڻ کان اڳ ۾ ئي هن طئي ڪيو هو ته هُو پنهنجي
نئين گهر ۾ وڻ ضرور لڳائيندو. هاڻي جڏهن انهن وڻن
۾ ماکيءَ جو مانارو آهي، ڳيرين جا آکيرا آهن ۽
جهرڪيون به انهن جي لامن تي ويهي چين چين .... ڪن
ٿيون ته ساجن ۽ سندس ٻارن کي چينُ ملي پوي ٿو.
هينئر صبح جو وقت آهي ۽ جهرڪيون فرش تي ڪِريل
ٻاجهريءَ جا داڻا چُڳي رهيون آهن. ساجن جا ٻئي پٽ:
ارمان ۽ امانُ اسڪول ويا آهن. ڪم واري ڇوڪري ۽
ساجن جي گهرواري روشني
رڌڻي
۾ آهن. ساجن نئين آندل سُهانجڙي جي ٻوٽي ۽ رابيل
جي لڳايل نئين چَڪيءَ کي پاڻي ڏيئي رهيو آهي.
جهرڪيون هاڻي هن سان هِري مِري ويون آهن، تنهنڪري
اُهي وڏيون چالاڪ، سَرليون ۽ خبردار هوندي به،
اڏامن نه ٿيون. ساجن وارن وٽ جيڪا ديسي ڪڪڙ آهي،
سا سندس ڀيڻ صبيحه پنهنجي ڀائٽي ارمان کي تڏهن ڏني
هئي، جڏهن هي سندس پٽ عصمت جي شاديءَ تي ڳوٺ ويا
هئا. هاڻي هي روز پنهنجي ڪڪڙ جا ديسي آنا کائيندا
آهن. ارادو ته هِنن جو مينهنِ ڌارڻ جو به آهي، پر
اُن کي ٻَڌڻ لاءِ اڃا وٽن جاءِ ناهي. نه ته هي
هاڻي هن وڏي شهر مان ملندڙ ملاوٽ وارو کيرُ پيئڻ
نٿا چاهين. اَنُ ته هي پنهنجي زمينن جو کائيندا
آهن، جيڪو ساجن جو ننڍو ڀاءُ سرفراز کين ڳوٺان
موڪليندو آهي.
ساجن جڏهن ننڍي هوندي پنهنجي ڳوٺ ۾ هوندو هئو،
تڏهن به وڻن سان سندس پيار هئو. پنهنجي ٻَنين تان
نمن، ٻَٻرُ ۽ ٽالهيءَ جون ڪيتريون ئي چڪيون کڻي
اچي هِن پنهنجي اوطاق ۽ گهر ۾ لڳايون هيون. اُنهن
کي وڌندو ۽ وڏو ٿيندو ڏسي هي ڏاڍو خوش ٿيندو هئو.
اُن وقت کيس اها خبر نه هئي ته ماحوليات ڪا وڏي
خطري ۾ آهي ۽ ماحولياتي آلودگيءَ سبب دنيا ۾ تپت
وڌي رهي آهي، جنهن ڪري سموري ڪائنات خطري ۾ آهي.
هن کي ته بس وڻن ٻوٽن سان پيار هئو. هي اُنهن سان
مِلي، ويهي ڄڻ ته رهاڻيون ڪندو هئو. وڻن جي ساوڪ ۽
گلن جي خوشبوءِ ڄڻ ته هن سان ڳالهائيندا هئا. اهي
بي زبانا وڻ ٻوٽا هن جا اهڙا دوست هئا، جو جيڪڏهن
روز انهن کي نه ڏسندو ۽ انهن کي پاڻي نه ڏيندو هو
ته، کيس ائين لڳندو هئو، ڄڻ هِن پاڻ به ڪجهه ناهي
کاڌو پيتو.
ساجن جو وڻن ٻوٽن سان اهو ننڍپڻ وارو پيار هِن جي
پنجاهه جي ڏهي ۾ هلندڙ عمر ۾ به ختم ناهي ٿيو، ۽
اِهو اڃا وڌيڪ مضبوط، اِهو ڄاڻي به ٿيو آهي ته،
دنيا ۾ گهٽجندڙ وڻڪاريءَ سبب دنيا جو قدرتي ماحول
ڊانواڊول ٿي ويو آهي. تڏهن ئي هن گلن ٻوٽن ۽ وڻن
سان پنهنجي ٻارن وانگر پيار ڪرڻ شروع ڪيو آهي.
ساجن جي گهر ۾ لڳل نم جو وڻ گهڻو وڌي ويو آهي،
جنهنڪري هڪ ڏينهن سندس گهرواري روشنيءَ چيو ته،
اهو ڇانگرايون ٿا. روشني ان لاءِ پنهنجي ڀاءُ عطا
محمد کي چيو ته هُو
اهو کين ڇانگي ڏئي. عطا محمد اول ان ۾ ويٺل ماکي
لاٿي. پوءِ وڻ کي ڇانگيو. ساجن اڃا آفيس مان نه
آيو هو. اهو شام جو وقت هو. ان وقت ساجن جي سالي-
حاجران به اچي وئي. اُن وري گهر جي دروازي جي
ڀرسان لڳل هڪ ٻي وَلِ ڏانهن اشارو ڪري پنهنجي ڀاءُ
عطا محمد کي چيو ته: ”ادا، اها به ننڍي ڪري ڇڏ.
هِتي اچون ٿا ته در ٽَپندي ئي اها مُنهن ۾ ٿي اچي
لڳي.“ عطا محمد ان ول کي به ايترو ته ننڍو ڪيو جو
رڳو اُن جي پاڙ وڃي بچايائين.
ساجن جيئن ئي سج لٿي مهل گهر آيو ته گهر ۾ داخل
ٿيندي ئي ول نه ڏسي، کيس پريشاني وٺي وئي. هن
سامان رکندي ئي، پاڙ تائين ڪَٽيل ول ڏسي روشنيءَ
کان پڇيو: ”اوهان هيءَ ول ڇو وڍرائي ڇڏي؟“
”ادي حاجران آئي هئي، اُن چيو ته اها اکين ۾ ٿي لڳي، انڪري
اها ننڍي ڪرائي ڇڏي،“ هُن جواب ڏنو.
”جڏهن اسان، گهر جي ڀاتين کي اِن مان ڪا تڪليف نه هئي ته،
هوءَ جيڪا ڇَٽي ڇهه ماهيءَ ٿي اچي، اُن کي اِن مان
ڪهڙي تڪليف هئي؟“
ساجن جي غصي ڀريل سوال جو روشنيءَ ڪو جواب نه ڏنو ته،
هن ول جي ڀرسان وڃي، اُن کي ڏسندي ائين محسوس ڪيو،
ڄڻ ڪنهن اها ول نه، پر سندس ڄنگهون ٻانهون ۽ ڌڙ
ڪپي وڌو هجي. هو پنهنجو درد پيئڻ جي ڪوشش ڪندو اچي
کٽ تي ويٺو، پر سندس چهري تي اُها خوشي نه هئي،
جيڪا هونئن هر روز آفيس مان گهر پهچندي، گهر ڀاتين
سان ملندي کيس ٿيندي آهي.
ان دوران سندس پُٽَ، ارمان ۽ امانُ به ٽيوشن تان
موٽي آيا، جن ڊوڙي اچي پيءُ کي هميشه جيان ڀاڪر
پاتو ۽ جڏهن انهن کي پنهنجي پيءُ جي ڀاڪر ۾
گرمجوشي محسوس نه ٿي ته وڏي پٽ ارمان کانئس پڇيو:
”بابا، ڇو پريشان آهيو؟“
”بس ائين ئي بابا،“ ساجن وراڻيو.
”نه بابا، ڪا ڳالهه ضرور آهي،“ ارمان ڪتابن وارو ٿيلهو کٽ تي
رکندي چيو، ڇو
ته هُو سندس هر موڊ کي چڱي طرح
سڃاڻي.
”امان سان بابا جو جهيڙو ٿيو هوندو،“ امانَ چيو.
”ها، بابا؟“ ارمان ساجن کان پڇيو.
”نه، بابا، اهڙي ڳالهه ناهي.“
”ته پوءِ ڪهڙي ڳالهه آهي؟“ ارمان بيٺي ئي کانئس پڇيو.
”يار، هُو ڏسين ٿو، سڄي وَل
ڪَٽرائي ڇَڏينِ. ڪيڏي نه سهڻي لڳندي هئي دروازي ۽
ڀت جي مٿان اها؟“ ساجن ڏک ۽ هلڪي ڪاوڙ وچان چيو.
”ڪنهن ڪٽرائي؟“ ارمانَ
ول ڏانهن ڏسندي سوال ڪيو.
”تنهنجي
جيجي امان؟“ ساجن وراڻيو.
ارمانَ
پنهنجي ماءُ ڏانهن سواليه نظرن سان نهاريو ته اُن
کيس چيو: ”بس پٽ، ڪٽجي وئي. هاڻي ڇا ٿا ڪري
سگهون؟“
ارمانَ
ماءُ ڏانهن مُڙندي چيو: ”امان....بس ڪٽجي
وئي؟....اها ڪهڙي ڳالهه ٿي؟ اوهان کي خبر نه هئي
ته بابا جو هنن وڻن ۽ ٻوٽن ۾ ساهه آهي ۽ ان کان
پڇڻ بنا ئي اوهان اها ڪٽرائي ڇڏي؟“
”ڀلا هاڻي ڇا ٿو ڪري سگهجي. جيڪو ٿيڻو هو سو ٿي ويو،“ ماڻهس
چيو.
ارمانَ
پيءُ ڏانهن مُڙي اُن جي ڳچيءَ ۾ ٻانهون وجهندي
چيو: ”بابا، بس.. هاڻي ڪاوڙ ختم ڪيو. ڪجهه ڏينهن ۾
وري اها ڦُٽي ايندي. پوءِ اسان اها ڪنهن کي به ڪپڻ
نه ڏينداسين..... هاڻي مان پاڻ اِن جي حفاظت
ڪندس.“
ساجن جي چهري تي مُرڪ اچي وئي ۽ چيائين: ”مون اِهو
ئي چاهيو پئي پٽ، ته اوهان ۾ هِنن گلن ٻوٽن ۽ وڻن
جي حفاظت ڪرڻ جو احساس پيدا ٿئي.“
ان تي روشني ۽ ارمانَ سان گڏ امانُ به مرڪي پيو.
بهادر ٽالپر
بدين
دستڪ....!
هونئن به آءٌ ٻاهرئين دروازي ڏانهن اجايو سجايو نه
ويندو هوس..... ڏينهن ته ڏينهن....... پر رات جو
به دير دير تائين دروازو بنان ڪُنڍيءَ جي هوندو
هو...... پر اُن شام پڄاڻان گهاٽي انڌيري ۾ مون کي
وڏي شڪ اچي ورايو ته اڄ منهنجي دروازي تي ڪانه ڪا
دستڪ مون کي اوڏانهن گهلڻ جي ڪوشش ڪندي.... پر آءٌ
پاڻ وڃڻ بجاءِ پنهنجي پٽ کي روانو ڪري ڇڏيندس....
۽ پويان آءٌ اٽڪلون پيو هڻندس..... ته در تي
فلاڻو..... ڪي فلاڻو هوندو.......
اوچتو مون کي منهنجي پٽ ٻڌايو ته: سندس ڪنن سان
برسات جهڙو ڪو واڪو ٽڪرائي رهيو آهي.... آءٌ ٻنهي
ڪنن کان ڪجهه ڳرو هوس.... پر اهو واڪو صاف ٻڌجي
رهيو هو..... ايتري ۾ بارش به شروع ٿي وئي.... ته
ٻاهرئين دروازي کي ڪنڍو ڏنو ويو..... بارش بيهڻ جو
نالو نه وٺي رهي هئي.... ۽ جيئن پوءِ
تيئن وڌندي ٿي وئي.... تيستائين دروازي تي ڪنهن
دستڪ ڏئي....... وڏي آواز ۾ پڪاريو او ادا... او
ڀائو.... آهي ڪو گهر ۾....!! مون پنهنجي پٽ کي چيو
ته؛ هُو گپ چڪ ۾ خيال سان وڃي ٻاهر ڏسي..... ته
ڪير ٿو دستڪ ڏئي....؟! منهنجو پٽ اوڏانهن ويو.....
دروازو کولي ڏٺائين..... هڪ همراه بارش جي ٿڌڪار ۾
ڏڪي رهيو هو..... ۽ کانئس اندر داخل ٿيڻ جي اجازت
گهري رهيو هو...... اهو شخص منهنجي پٽ کي مون جهڙو
ئي لڳو...... هُو ڊڄندي ڊڄندي دروازو بند ڪري
ڊوڙيو مون ڏانهن ....! ”بابا.... بابا..... مون کي
ڊپ ٿو ٿئي...... مون کي لڪايو!“ آءٌ هن کي لڪائي
ئي رهيو هوس..... ته سڀ ڪجهه گم ڏٺم..... نه ته
گهر هو..... نه ئي منهنجو ڪو ڇوڪرو.. نه ئي
دروازو.... ۽ نه ئي ڪا دستڪ...!!!
مير سجاد اختر ٽالپر
ٽنڊو جان محمد
جوڀن
ورائي ڏيو
درياءَ بادشاهه سان مهاڻن جو لاڳاپو ائين هو جيئن
ماءُ پُٽ جو، مهاڻا، درياءَ بادشاهه جي انگل آرن
کي ائين ڀاسيندا هئا ڄڻ ماءُ پنهنجن ٻچن کي سندن
ارڏاين تي ٿورڙي سزا ڏئي ۽ وري پوءِ پيار منجهان
کوڙ ساري روزي ڏئي، اهو رشتو ايڏو ته جٽادار ۽
مضبوط هو جو هڪٻئي ۾ سمايل ٿي لڳو، ڪَلوءَ جو
ڪُٽنب به درياءُ دادلي جي ڀاڪُر ۾ ئي سمهندو هو،
هُنن جو رهڻ، کائڻ، سمهڻ، خوشي رنج، مُرڪ ۽ لڙڪ سڀ
درياءَ دادلي جي پيٽ سان هو، هيءُ ڪٽنب صدين
پُڄاڻان، ٻيڙين ۾ رهندا آيا پئي ڄڻ هي جَر جا ڪي
جيوڙا هجن، هنن جون ريتون رسمون ۽ گيت سنگيت
درياءُ دادلي سان ڳنڍيل هئا، ڪڏهن درياءُ دادلو
گنج ته ڪڏهن صفا رنج..... پر ڪيئي سال پُڄاڻان،
درياءُ دادلو پنهنجو پيٽ ڄڻ سُڪائي ويو هو، هِنن
جي اڳيان ڪيئي مُهاڻن جا ڪٽنب درياءُ دادلي کان
رُسي، لڏي وڃي ٻين هنڌن تي ويٺا هئا ۽ ٻين ڌنڌن ۾
وڃي لڳا هئا، پر ڪَلوءَ کي الائي ڪهڙي مٿي ۾ ڦيري
هئي جو درياءُ دادلي جي اُڏامندڙ واريءَ تي به
پنهنجي ٻيڙيءَ سميت رهيو پيو هو.
”ڪَلو ڇو اچي مٿو ڦريو اٿئي، پاڻ ته بُک مرندين،
پر پنهنجين زائفائن کي به بُک ماريندين، ڇڏ درياءُ
جي پچر، هاڻ هي دروازن ۾ بند ٿي ويو آهي ڪجهه ڪونه
ڏيندئي....!“
مُهاڻن جي پريي مڙس ڌڱاڻي، ڪَلوءَ کي سمجهائيندي
چيو.
ڪَلو ڪنڌ هيٺ ڪيو، درياءُ بادشاهه جي پيٽ تي پيل
واريءَ ۾ ڪک سان ليڪا پائي، الائي ڪهڙين سوچن ۾
گُم هو سو پريي مڙس جي ڳالهه کي ڄڻ ٻُڌو اڻ ٻُڌو
ڪري ڇڏيو.
پريي مڙس، ڪَلوءَ جي ڪُلهن تي هٿ رکندي چيو:
”ڏاهو ٿي، ڪجهه عقل ڪر، جتي ٻيا سڀ مهاڻا ويٺا آهن
تون هلي اُتي رهو، ڀلائي ڀي انهيءَ ۾ اٿئي ميان.“
ڪَلوءَ اکيون مٿي ڪري، پريي مڙس ڏانهن نهاريو ۽
وراڻيو:
”چاچا سائين، ڪو ٻچو پنهنجي ماءُ کي ڇڏيندو آهي
ڇا..... (ٿوري ساهي) ڪالهه جڏهن هن پنهنجي پيٽ مان
اسان هزارن جو پيٽ پئي ڀريو، تڏهن ته ڪو لڏي وڃي
ٻي هنڌ نه ويٺو، اڄ جڏهن درياءُ دادلي کي اسان جي
گهُرج آهي ته اسان خودغرض اولاد جيان بڻجي هن کي
ڇڏي وڃي پنهنجو سوچيون..... ائين مون کان ڪونه
ٿيندو چاچا....“
۽ ڪَلوءَ جي اکين مان لُڙڪ لَڙي نڪتا.
پريي مڙس، هڪ وڏو ٿڌو ساهه ڀريندي چيو:
”ابل وکت وکت جي ڳالهه آهي، هاڻي نه اُهي سانوڻيون
رهيون آهن ۽ نه ئي وري اهي درياءُ دادلي جو
مستيون، سڀ ڪجهه وکت بدلائي ڇڏيو آهي ۽ اسان به ڪي
خوشيءَ سان ويا آهيون ڇا؟ بس هن نڀاڳي پيٽ کي ته
ڀرڻو آهي ڪي نه....؟
ڪَلوءَ اُٿندي چيو: ”چاچا ڌڱاڻا، نه اهي سانوڻيون
ويون آهن ۽ ڪو وکت بدليو آهي، جي بدليا آهن ته
پنهنجن جا رويا بدليا آهن، پنهنجن جون محبتون
بدليون آهن، پنهنجن جا لهجا ۽ انداز بدليا آهن
تنهنڪري ائين درياءُ دادلي سان وڇڙڻ ڪو چڱو سنوڻ
ڪونهي ۽ آءٌ نڪو ڇڏيان هن پيٽ کي....“
۽ پنهنجي گهر ڏانهن قدم وڌائي ڇڏيائين، ڌڱاڻو هن
کي رَمندو ڏسي، ائين محسوس ڪرڻ لڳو ڄڻ ڪَلوءَ سان
گڏ درياءُ دادلو به هن تي مياري ٿيو بيٺو آهي.
درياءُ دادلي جي پاڻيءَ کي وئي ڪيئي سال اچي ٿيا
هئا، پر تڏهن به ڪٿان نه ڪٿان پاڻي چوئو اچي ويندو
هو. ڪَلوءَ جي روزگار لاءِ اهو ڪافي هو جو ڪَلوءَ
درياءُ دادلي کي نه ڇڏيو هو ته درياءُ دادلي به
ڪَلوءَ کي بُک ڪونه ماريو هو.
روز جيان هيءُ پنهنجو گاڏڙو گهلي حيدرآباد شهر جي
وچ ۾ وڃي بيٺو. دريائي مڇيءَ جي گهٽتائي سبب هن جي
مڇي جلد وڪامجي ويئي، رب جا شڪرانا ڀري وڃڻ جي
تياري ۾ هو ته ڪيترن ئي ماڻهن جو ميڙ هن طرف اچي
رهيو هو، جيڪي سنڌو درياءُ ۾ پاڻي ڇڏڻ، ايڪو سسٽم
بچائڻ، سمنڊ ۾ پاڻي ڇوڙڻ ۽ مٿان ڊيم جي اڏاوت جي
خلاف نعرا هڻي رهيا هئا. ڪَلوءَ جي نظر اُن نوجوان
پروفيسر تي پئي، جيڪو آئي ڏينهن هن کان ته مڇي
وٺندو هو، پر اڪثر درياءُ دادلي جي باري ۾ پڇندو
هو، هيءُ اهو لقاءُ ڏسي جيئن گهر واپس آيو هو ته
سانجهي ٽاڻي گهر کان نڪري درياءُ دادلي جي واريءَ
تي ڪنڌ هيٺيان هٿ ڏيئي ليٽي، آسمان تي چمڪندڙ چنڊ
ڏانهن هڪ ٽِڪ نهارڻ لڳو، جنهن کي ڪنهن ڪنهن وقت ڪو
رولو ڪڪر ساعت گهڙيءَ لاءِ لِڪائي گذري ٿي ويو. هن
جي سوچ جو محور اُهو هجوم هو، جيڪو هن کي ڏينهن جو
مليو هو ”هي ته اسان مُهاڻن جو مسئلو آهي پوءِ هي
ڇو پيا رڙيون ڪن، هنن کي ڪهڙو فائدو!؟ هُو ڪاليج
وارو ماستر، هُن کي ته سرڪار پگهار به ڏئي ٿي، هُن
جي ته روزيءَ تي لت ڪونهي پوءِ هُو ڇو هُنن سان گڏ
هو!؟ ڪَلوءَ جي ذهن ۾ سوالن جون ڀريون هيون، پر
جواب هٿ نه پئي آيس، ائين ئي هُو درياءُ دادلي جي
ٿڌي واريءَ تي ڳپل وقت ليٽيو رهيو.
”ڇا پيو سوچين....؟“
سندس گهر واري نيامت، مڙسهنس کي ائين ڪافي دير
ليٽي ڏٺو ته ننڍڙي نورل کي سمهاري، هن وٽ ايندي
چيو.
ڪَلوءَ چنڊ تان نظرون هٽائي، نيامت ڏانهن نهاري
چيو: ”مُنجهي پيو آهيان ته جن کي درياءُ دادلي
لاءِ جهيڙو ڪرڻ گهرجي سي لِڪي وڃي ڪُنڊ ۾ ويٺا آهن
۽ جن جو درياءُ دادلي سان سڌي طرح واسطو ڪونهي سي
هن لاءِ جهيڙيندا وتن!!
نيامت جيڪا هئي ته اڻ پڙهيل، پر سماج جي بي رحمين
هن کي گهڻو ڪجهه سيکاري ڇڏيو هو، تنهن موٽ ۾ چيو:
”سائين، درياءُ بادشاهه رڳي اسان جي روزيءَ جو سبب
ڪونهي، پر اُن جي پاڻيءَ مان لکن جي اُڃ اُجهامي
ٿي.“
ڪَلوءَ نيامت مان اکيون ڪڍي، وري چنڊ ڏانهن
نهاريندي چيو:
”نيامي، درياءُ دادلو وري جوڀن ۾ ايندو ڪي
نه....!“
نيامت جيڪا پاڻ سڄي گهر جي ڪِرت ڪري ٿڪي ٽُٽي پئي
هئي سا وڏي آهه ڀريندي وراڻي:
”الائي.....!“
”پوءِ نيامي.....!“
نيامت، مُڙس جي لٿل منهن کي ڏسي، گهٻرائجي ويئي،
هُن ڏٺو ته ڪَلوءَ جو منهن هيترن ڏينهنِ کان اڄ
صفا اُجهاميل پئي لڳو ڄڻ هُو ڪجهه ئي دير ۾ ٽُٽي
ڀُري پوندو، نيامت مُنجهي پئي ته ڪَلوءَ کي ڪهڙو
جواب ڏي سو ٻيو ڪو جواب سُجهيس ڪونه، چيائين:
”الله مٺڙو چڱائي ڪندو، شام کان هتي ليٽيو پيو
آهين آڌي رات ٿي آهي اُٿ گهر هلون.“
ڪَلوءَ، نيامت کي ڏٺو جنهن جي ڪاراٺڙي مُنهن تي،
اڻڀن وارن جون چَڳون، هن جي سڳي مان ڇنائي نڪتيون
هيون سي هر هر اٽڪلون ڪري رهيون هيون، اُن ٿڪل
منهن کي ڏسي، ڪَلو وڌيڪ ڪُڇيو ڪونه ۽ زال سان گڏ
گهر هليو آيو.
پرڀات ڌاري، هن اُن چوئيل پاڻي ۾ لڳايل پنهنجي رَڇ
کي ڪڍيو ۽ پنهنجي روزيءَ جيتري مڇي ڏسي، درياءُ
دادلي جي آندل اُن چوئيل پاڻي کي ٻُڪ ۾ کڻي
پنهنجين اکين تي لائي، چُمي وري درياءُ دادلي ۾
ڇڏي ڏنائين.
اڄ بازار ۾ اُهوئي نوجوان پروفيسر هن کان مڇي وٺڻ
لاءِ آيو ته اُن کي ڏسي هن جي ذهن ۾ تيزيءَ سان
راتوڪا سوال اُڀرڻ لڳا.
”سائين هڪڙي ڳالهه پُڇان، ناراض ته نه ٿيندئو
نه...!“ ڪَلوءَ هٻڪي هٻڪي اُن نوجوان پروفيسر کان
پڇيو.
”ها بابا..... ڇو نه.... ٻڌاءِ ڇا ٿو پڇڻ
چاهين....؟“
پروفيسر، مڇيءَ وارو شاپر هٿ ۾ جهليندي چيو:
ڪَلو وڏي اُميد سان چيو: ”سائين، درياءُ ۾ پاڻي
ڪڏهن ايندو...؟“
پروفيسر جيڪو پنهنجي پينٽ جي کيسي مان وائليٽ ڪڍي
رهيو هو، ڪَلوءَ جو سوال ٻڌي، ڄڻ ڇِرڪي پيو،
وراڻيو:
”الله بهتر ڪندو بابا....“
ڪَلوءَ کي هُن جي جواب مان تسلي ڪونه ٿي وري سوال
کي ورائي پڇيائين:
”سائين اڳي درياءُ دادلو ڌڌڪا ڏيئي وهندو هو، اسان
جا وڏڙا چوندا هئا ته هيءُ زورآور درياءُ آهي هن
سان هروڀرو مهاڏو نه اٽڪائجو، پر سائين اسين جيئن
سانڀر ۾ آيا آهيون اسان ته ائين ڪونه ڏٺو
آهي...... پاڻي الائي ڪيڏانهن ويو....!“
پروفيسر هُن جي ڳالهه غور سان ٻڌڻ کان پوءِ
وراڻيو:
”بابا سنڌو واقعي بادشاهه درياءُ آهي جي ائين نه
هجي ها ته مٺڙو لطيف ائين ڪو چوي ها ته ”دهشت دم
درياءُ ۾، جت جايون جانارن“ تنهنجا ۽ منهنجا وڏڙا
ڪوڙ ڪينَ نه چون ٿا، پر هاڻي درياءُ بادشاهه کي
مٿي بند ڏيئي ڇڏيا اٿن، سڄو پاڻي هاڻي اُتي ٿو گڏ
ٿئي ۽ هيٺ پاڻي پنهنجي مرضيءَ سان ٿا ڇڏين.“
ڪَلوءَ اها ڳالهه ٻڌي حيرت وچان وراڻيو:
”پوءِ سائين، هاڻي درياءُ دادلو وهندو ئي
ڪونه...!!“
نوجوان پروفيسر يقين ڌياني ڏيندي چيو:
”وهندو.... ضرور وهندو..... ڪالهه ڪونه ڏٺئي ته هر
طبقي فڪر جا ماڻهو درياءُ بادشاهه جي پاڻيءَ لاءِ
پئي دانهيان.“
ڪَلوءَ هائوڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻيندي چيو:
”هائو بروبر سائين.“
پروفيسر ڳالهه کي وڌائيندي چيو:
”هن سومر تي سڀئي گڏجي ڪراچي ۾ گڏ ٿينداسين، بين
الاقوامي اداري کي سنڌو درياءُ جو پاڻي ورائڻ لاءِ
ياداشت نامو پيش ڪنداسين.“
ڪَلوءَ وراڻيو:
”سائين آئون به انهي ۾ هلي سگهان ٿو يا نه؟“
نوجوان پروفيسر، مُرڪندي وراڻيو:
”ڇو نه..... هي مسئلو صرف اسان انسانن جو ڪونهي هي
ڪُل جيو جو مسئلو آهي مڇين جو، پکين، وڻن ٽڻن،
جيتن جيتامڙن ويندي هن صاف سٿري واءُ جو به مسئلو
آهي.“
ڪَلوءَ جوش مان وراڻيو:
”بس سائين پوءِ آءٌ به هلندس، انهي بينا لقامي جي
اڳيان دانهيندس ته منهنجي درياءُ دادلي سان ڪهڙا
ڪهڙا ويڌن واهايا اٿن.“
اڄ هُو جيئن گهر آيو ته ڏاڍو خوش هو. سندس
گهرواري هُن کان خوش ٿيڻ جو سبب پڇندي وراڻي:
”اڄ ته ڏاڍا سرها پيا ڏسجو سائين.... ڇا ڳالهه
آهي؟“
ڪَلوءَ پنهنجي ننڍڙي نورل کي هنج ۾ ويهاريندي
وراڻيو:
”هن سومر تي درياءُ دادلي جي پاڻيءَ لاءِ ڪرانچي
۾، ڪو بين القامي اداري ۾ دانهن ڏيڻ وڃون پيا.“
نيامت کي هن جي ڳالهه قطعي سمجهه ۾ ڪانه آئي،
وراڻي:
”چئين ڇا پيو.....؟ اهو بين القامي وري ڇا
آهي...؟“
ڪَلوءَ ننڍڙي نورل جي وارن ۾ آڱريون ڦيريندي چيو:
”الائي.... خبر مون کي به ڪونهي، پر هُن ماستر پئي
ڳالهه ڪئي ته وڏو ڪو ادارو آهي.... نيامي ڇا ڀي
هجي اسان کي پنهنجي درياءُ دادلي جو پاڻي کپي
بس....“
نيامت به دُعا جا هٿڙا کڻي وراڻي:
”مٺڙو الله ڪو سَڻائي ڪري، من ڪو پاڻي وري
اچي....“
ڪَلوءَ اهي ٻه ڏينهن الله الله ڪري گذاريا، سومر
تي هُو به هنن همراهن سان گڏ ڪراچي بيٺل هو
جيڏانهن نظر ڪري ماڻهو ئي ماڻهو هئا. مرد ته مرد
پر زائفائون به کوڙ ساريون هيون. ٿوري ئي دير ۾
اهو عوام جو ريلو اقوامِ متحده جي آفيس ڏانهن روان
دوان هو ته اوچتو هڪ ئي وقت ۾ ڪيترن ئي گولين جي
بوڇاڙ انهي انساني ميڙ کي چيريندي اڳتي وڌندي
ويئي، سڄي ميڙ ۾ افراتفري پئجي ويئي، ڪلاڪ اڌ ۾ ڪي
ماڻهو زمين تي رت هاڻا ٿيا پيا هئا ته ڪن گهٽين ۽
گلين ۾ وڃي جان بچائي ته ڪن جو وجود وچ روڊ تي
کُليل اکين سان سڌو روڊ تي پيل هو، ڄڻ آسمان واري
کي چوندو هجي ته ”اسان ته صرف پنهنجي درياءَ جو
پاڻي ٿي گهريو، اُن جي ايڏي وڏي سزا......!“ |