قاضي مقصود
مٽياري
شهيد خلافت آخوند محمد رحيم مٽياروي
(ننڍي کنڊ
۾ خلافت تحريڪ جو پهريون شهيد)
ننڍي کنڊ ۾ خلافت تحريڪ هلڻ جو مختصر جائزو: پهرين
مهاڀاري لڙائيءَ جي نتيجي ۾ اتحادين کي حاصل ٿيندڙ
سرسي کان پوءِ دنيا ۾ ڪيتريون ئي تبديليون آيون.
جن جا تجزيا محققن مختلف انداز ۾ پيش ڪيا آهن.
جرمنيءَ جو ٽٽڻ، روسي ڪميونزم جو سگهارو ٿي دنيا ۾
پکڙجڻ، توڙي دنيا جو ٻن وڏن بلاڪن ۾ ورهائجي وڃڻ
ان ئي جنگ جي ثمرات ۾ شامل آهن. ترڪي ان وقت جي
وڏي طاقت ۽ اسلامي دنيا جي خلافت جو مرڪز هئي.
جيئن ته ترڪي يورپ ۾ اسلام ڦهلائڻ جو موجب بڻجي
رهي هئي، تنهنڪري يورپي قومن جي ترڪيءَ سان چپقلش
هلندي رهندي هئي. ان ڪري ئي جڏهن جنگ ڇڙي ته ان
وقت جي عثماني خليفي عبدالرشيد (1909ع کان 1918ع
تائين) جرمنيءَ جو ساٿ ڏنو. جنگ ختم ٿيڻ کان پوءِ
اتحادين آئيندي جي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ پيش
بنديءَ طور انهن طاقتن کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ شروع ڪري ڏنو.
هڪ طرف يورپ تي ترڪيءَ جي اثر جو خاتمو ڪرڻ شروع
ڪيو ويو، ٻئي پاسي خلافت واري مرڪزي حيثيت کي ختم
ڪرڻ لاءِ انگريزن طرفان مڪي جي گورنر شريف حسين کي
خليفي طور مڃرائڻ جي لاءِ سرگرميون شروع ڪيون
ويون. ان سلسلي ۾ هندستان ۾ مولوي عبدالحق حقاني ۽
سنڌ ۾ فيض الڪريم کي فتوائن وٺڻ ۽ راءِ عامه کي
شريف حسين جي حق ۾ ڪرڻ تي لڳايو ويو. ڪجهه ئي وقت
۾ مسلمان عالم انهن ڪاررواين جي اصليت کي سمجهي
ويا ته انهن جو مقصد مسلمانن کي عالمي سطح تي
ڪمزور بنائڻو آهي. مٿان وري انهن کي اهو به موقعو
مليو ته پاڻ تي مڙهيل ڌارين حڪومت خلاف هڪ وڏي
گروهه کي منظم ڪيو وڃي. تنهنڪري هتي هي ترقي پسند
مسلمانن ترڪيءَ جي خلافت عثمانيه جي حق ۾ هڪ ڊگهي
تحريڪ هلائي انگريزن خلاف پنهنجي جدوجهد کي نئون
رخ ڏنو. اها تحريڪ پهرين جنگ عظيم جي ختم ٿيندي ئي
1919ع ۾ شروع ٿي. 23 نومبر 1919ع تي دهليءَ ۾
پهرين خلافت ڪانفرنس ٿي، ان جي ڪجهه مهينن گذرڻ
بعد 19 مئي 1920ع تي مرڪزي ڪميٽيءَ جو اجلاس
بمبئيءَ ۾ ٿيو، جنهن ۾ عدم تعاون جي تحريڪ شروع
ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. تحريڪ هلندي 9 سيپٽمبر
1922ع تي ترڪيءَ جي سلطان عبدالوحيد ترڪيءَ تي
ڪمال اَتاترڪ جي حامي فوجن جي قبضي کان پوءِ ڀڄي
ويو ۽ لڪندي ڇپندي 17 نومبر 1922ع تي وڃي برطانيه
جي ملايا ۾ بيٺل جنگي جهاز تي پناهه ورتائين.
کانئس پوءِ سلطان عبدالمجيد خليفو ٿيو، پر 30 مارچ
تي ڪمال عطا ترڪ سندس تختو اونڌو ڪيو.
ان کان پوءِ خلافت جو مڪمل خاتمو اچي ويو. جنهن جي
ڪري ننڍي کنڊ جي مسلمانن جي هلايل خلافت تحريڪ کي
به ناڪام ٿي ختم ٿيڻو پيو، پر اها ناڪامي مڪمل نه
هئي، بلڪ ان جي حاصلات آخرڪار ورهاڱي جي صورت ۾
ظاهر ٿي.
سنڌ ۾ خلافت تحريڪ جي سرگرمين جو مختصر جائزو:
خلافت تحريڪ جو سنڌ ۾ تمام اهم ڪردار رهيو. هن
سلسلي ۾ سنڌ ۾ ڪافي مواد ڇپيل آهي. ڊاڪٽر محمد
لائق زرداريءَ ’سنڌ جي سياسي جدوجهد‘ ۾ هن سڄي
تحريڪ جو ڀرپور جائزو ورتو آهي. جناب پير غلام
رسول سرهندي صاحب پڻ پنهنجين تصنيفن ۾ ڪافي مواد
ڏنو آهي. ان سلسلي ۾ مون به هڪ ڪتاب لکيو آهي،
جنهن ۾ ڪجهه قدر نئين انداز ۾ سهيڙيل ۽ ڪجهه قدر
نئون مواد شامل ڪيو ويو آهي. اهو ڪتاب مهراڻ
اڪيڊمي شڪارپور پاران 2016ع ۾ ’پير غلام مجدد
سرهندي‘ جي نالي سان ڇپيل آهي.
خلافت تحريڪ جون سنڌ ۾ اٽڪل 180 سب ڪميٽيون هيون،
جن مان هڪڙي مٽياريءَ ۾ به هئي. ان سب ڪميٽيءَ جو
اڳواڻ سيد علي اڪبر شاهه هو. جڏهن ته سيڪريٽري
الهڏنو ميمڻ هو. ان کان علاوه پير آغا محمد عمر
جان سرهنديؒ ضلعي ڪميٽيءَ جو ميمبر هو(1). جڏهن ته
هتي جا ٻيا به ڪيترائي عالم تحريڪ جا سرگرم ميمبر
هئا. هتي اهو چوڻ بجا ٿيندو ته پير آقاغلام مجددؒ
جي شخصيت جي ڪري مٽياري، سنڌ ۾ خلافت تحريڪ جو
مرڪز بڻجي وئي هئي. هن بزرگ سياستدان جي ڪتاب تي
’مهراڻ‘ 2/ 2021ع ۾ منهنجو لکيل تفصيلي مضمون پڻ
ڇپيو ويو آهي. هتي خلافت تحريڪ جي حوالي سان خاص
طور ’آخوند محمد رحيم مٽياروي‘ جي شهادت جو اهم
واقعو بيان ڪيو وڃي ٿو. جنهن جو ذڪر ڇپيل ماخذن ۾
نهايت مختصر طور تي ڪيو ويو آهي، جڏهن ته هيءُ
واقعو خلافت تحريڪ جي حوالي سان نهايت اهم واقعو
رهيو آهي.
آخوند محمد رحيم جي شهادت: 23 نومبر 1919ع تي
دهليءَ ۾ پهرين خلافت ڪانفرنس ٿي. ان جي ڪجهه
مهينن گذرڻ بعد 19 مئي 1920ع تي مرڪزي ڪميٽيءَ جو
اجلاس بمبئيءَ ۾ ٿيو، جنهن ۾ عدم تعاون جي تحريڪ
شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. انگريزن پاران ان جي
ٽوڙ لاءِ امن ڪميٽيون قائم ڪيون ويون. اهڙي ئي هڪ
امن ڪميٽيءَ جي گڏجاڻي تعلقي هالا جي هندو
مختيارڪار جي اڳواڻيءَ ۾ مٽياريءَ جي ڊاڪ بنگلي تي
سڏائي وئي، جنهن سلسلي ۾ مٽياريءَ ۾ پيرغلام مجددؒ
جي قيادت ۾ هڪ جلوس نڪتو، جنهن ۾ مٽياريءَ جون
وڏيون وڏيون هستيون شامل هيون، جنهن تي پوليس گولي
هلائي. خلافت تحريڪ جي ڪارڪنن تي سڌي گولي هلائڻ
جو سڄي هندستان ۾ اهو پهريون واقعو هو. پوليس جي
گوليءَ سان تحريڪ جو سرگرم ۽ نوجوان ڪارڪن آخوند
قاضي محمد رحيم ولد عبدالستار شهيد ٿي پيو ۽
ڪيترائي ماڻهو زخمي پڻ ٿيا. جن ۾ سيد پير الهيار
شاهه صاحب سجاده نشين درگاهه سخي هاشم شاهه، سيد
محمد نعيم شاهه باقيل پوٽه، آخوند عبدالله پيش
امام جامع مسجد مٽياري ۽ ٻيا ڪافي ماڻهو شامل هئا.
حاجي دوست محمد ميمڻ، جيڪو تڏهن 15، 16 سالن جو
نوجوان هو، ۽ ان جلوس ۾ شامل هو، تنهن ٻڌايو ته
اها گولي سندس ڪَن وٽان لنگهي وڃي آخوند محمد رحيم
کي لڳي، جنهن ۾ پاڻ شهيد ٿيو ۽ خود حاجي دوست محمد
پڻ ڇيرو لڳڻ سان زخمي ٿي پيو. اها ڳالهه مقامي
ليکڪ محبوب علي سمي، حاجي صاحب جي حياتيءَ ۾ مٿس
لکيل هڪ مضمون ۾ حاجي دوست محمد جي حوالي سان هن
طرح لکي آهي ته ”........ ان وقت جي هندو مئجسٽريٽ
جي حڪم تي پوليس، جلوس تي گولي هلائي، جنهن ۾
آخوند قاضي محمد رحيم نالي هڪ نوجوان شهيد ٿي ويو.
حاجي صاحب جي چوڻ موجب ته انگريز سپاهيءَ جي اها
گولي سندس ڪلهي کان گسي وڃي آخوند محمد رحيم کي
لڳي هئي“.(2)
ان دور ۾ ڪنهن ماڻهوءَ جو ائين مارجي وڃڻ وڏي
ڳالهه هئي. اهو شهيد آخوند محمد رحيم ننڍي کنڊ ۾
خلافت تحريڪ جو پهريون شهيد هو. ان جي شهادت تي
سڄي هندستان ۾ غائبانه جنازي نماز پڙهي وئي.
پيرعلي محمد راشدي، پير آقا غلام مجدد سرهندي جي
ذڪر ۾ نالو وٺڻ کان سواءِ آخوند محمد رحيم جي
شهادت جو ذڪر ڪندي لکي ٿو ته ”..... پير مجدد خود
انگريزن جي مٿي وڃائڻ لاءِ لٺ کڻي ٻاهر نڪري پيو.
پوليس فائرنگ ۾ جان جي پهرين قرباني سندس ڳوٺ
مٽيارين ۾ پيش ٿي. انهن ڏينهن ۾ هڪڙي انسان جو مرڻ
به وڏي ڳالهه هوندي هئي.“(3)
مٽياريءَ سان تعلق رکندڙ آخوند گهراڻي جي مشهور
علمي ادبي شخصيت آخوند فضل صديق، جيڪو پاڻ به
قادرالڪلام شاعر هو. سندس شاعري مهراڻ (شاعر نمبر)
۾ به ڇپيل آهي. سندس رومانوي ۽ نعتيه شاعريءَ جي
ٻن قلمي مجموعن جا نقل مون وٽ موجود آهن. ان کان
سواءِ سندس خاندان جي باري ۾ مفصل يادگيرين تي
مشتمل هڪ ڪتاب ’ڪچڪول‘
پڻ موجود آهي، جنهن ۾ هن مٽياريءَ جي تاريخ جي اهم
واقعن جو به ذڪر ڪيو آهي. آخوند فضل صديق هن سڄي
واقعي جو به اکين ڏٺو احوال پنهنجي ڪتاب ۾ ڪيو
آهي، جنهن جو ڪجهه حصو هتي پيش ڪجي ٿو: ”مونکي
مٽيارن ۾ هڪ اهڙي امن سڀا ياد آهي، جا لکان ٿو.
شايد 1920ع جي ڳالهه آهي ته هڪ ڏينهن تعلقي هالا
جو مختيارڪار جو هندو هو، سو مٽيارن ۾ ڊسٽرڪٽ
بنگلي تي منزل انداز ٿيو ۽ سڄي شهر جي زميندارن ۽
معززن کي شام جي وقت امن سڀا ۾ اچڻ جي دعوت
موڪليائين ۽ عام طرح پڙهو به گهمارايو. شام 5 بجه
بعد اسان شاگردن کي به ماستر قطارن ۾ اتي وٺي
هليا. مون اتي پهچڻ بعد ڏٺو ته بنگلي ٻاهران ميدان
۾ گلم غاليچا وڇايل هئا ۽ انهن تي چاليهه يا
پنجاهه کن ڪرسيون به پيل سجايل رکيون هيون؛ جن تي
فقط هڪ مختيارڪار ۽ ٻين لاڳو ڀر وارن ڪرسين تي سڄي
شهر يا اوس پاس مان فقط ٽي ماڻهو ويٺل هئا“
............... اڳتي لکي ٿو ته ”وري بنگلي کي
سامهون مين روڊ جي اڀرندي طرف خلافتين ۽ عام ماڻهن
جا هشام هزارن جي تعداد ۾ گڏ ٿي ويا، جن جي اڳواڻي
جناب پير غلام مجدد عرف حاجي پيرزادو صاحب سرهندي
ڪري رهيو هو ۽ اتان الله اڪبر جا نعرا ۽ تقريرن جا
آواز اچي رهيا هئا. هيڏانهن امن سڀا ۾ ويٺلن چئني
ڄڻن ڪجهه ٿورن لفظن ۾ لکيل تقريرون پڙهيون ۽
مختيارڪار خطرو محسوس ڪري جلد مٺائي ورهائي. عين
ان وقت ڪن خلافتين پٿراءُ شروع ڪيو. امن سڀا ۾
ويٺل بلڪل حراسان نظر اچي رهيا هئا، پر پٿراءُ ٿيڻ
سان مختيارڪار پهريائين هوائي فائر ۽ يڪدم سڌيون
گوليون پوليس کي هلائڻ جو حڪم ڏنو. نتيجي ۾ خلافتي
هجوم مان ڪيترا ماڻهو زخمي ٿيا، پر هڪ ماڻهو
مٽيارن جو ميان محمد رحيم سونارو(4) اتي ئي شهيد
ٿي ويو ۽ ماڻهو سندس لاش کڻي شهر ڏانهن هليا
ويا“............ اڳتي لکي ٿو ته ”اها سڄي رات
ماڻهو جاڳندا ۽ حراسان ڦرندا رهيا ۽ جيئن ته
سونارن جو پاڙو جامع مسجد سان لاڳو آهي، سو سڄي
رات جامع مسجد ماڻهن سان ڀري پئي هئي، جتي عام
ماڻهن سان گڏ شهر جا معزز ۽ خود جناب پير حاجي
پيرزادو صاحب (پير آقا غلام مجدد) به موجود هو ۽
رات وچ ۾ غسل پاڻي ۽ ڪفن جو ڪم مڪمل ڪيو ويو. صبح
جو جنازي نماز ۾ مدفوني ڪئي وئي. هزارها ماڻهو
شريڪ ٿيا. هيءَ حقيقت آهي ته تحريڪ آزاديءَ جو
مٽيارن مان هيءُ شخص شهيد ٿيو، پر افسوس اڄ تائين
ڪنهن به سندس ورسي نه ملهائي ۽ نه کيس ٻارهي ڏينهن
تي وري ڪنهن ياد ڪيو.“(5)
ان موقعي جي نسبت سان ڪنهن نامعلوم شاعر هڪ شعر به
چيو، جيڪو هيٺ ڏجي ٿو.
مٽيارن ۾ جا بيدي ٿي، اوهان کي ڇا وئي وسري،
فرنگين ڪيترا ڦٽيام ڪريو ماتم سڀئي گڏجي.
’عاصي‘ علي محمد نالي هڪ ٻئي شاعر، جنهن جو تعلق
مناري واري مسجد سان رهيو، تنهن پنهنجي شاعريءَ ۾
نالو وٺي آخوند محمد رحيم جو ذڪر ڪيو آهي، جيڪو هن
ريت آهي:
اسان کي دين تان مرڻو آهي افضل شهادت جو
وجهي زنجير پيرن ۾ ايذائيندين ته ڇا ٿيندو
”ميان محمد رحيم“ ٿيو وڃي داخل ته جنت ۾
سي اهڙا لک هر هر جي ڪهائيندين ته ڇا ٿيندو(6).
آخوند محمد رحيم جي جنازي نماز مشهور عالم دين ۽
مٽياري شهر جي قاضي، مولوي قاضي لعل محمد پڙهائي.
آخوند محمد رحيم جي تربت مٽياريءَ جي سيد شهمير
قبرستان ۾ عباسي آخوندن جي قبرن سان گڏ آهي، جن
سان هن خاندان جو گهرو مائٽاڻو تعلق آڳاٽي وقت کان
هلندو اچي. شهادت وقت آخوند محمد رحيم جي عمر 23
سال هئي. سندس شادي ٿيل هئي، پر اولاد نه هئس.
جيئن مٿي ٻڌايو ويو آهي ته آخوند محمد رحيم جي
شهادت خلافت تحريڪ جي سلسلي ۾ سڄي هندستان
۾ پهرين قرباني هئي، ان ڪري سڄي هندستان ۾ سندس
غائباڻي جنازي نماز پڙهائي وئي ۽ انگريزن جي
خلاف نفرت جي شديد لهر اٿي پئي ۽ تفتيش جو مطالبو
ڪيو ويو. هن موقعي تي انگريز اهلڪارن به وسان نه
گهٽايو. شهيد جي باري ۾ خطرناڪ حد تائين پروپيگنڊه
مهم هلائي وئي. شهيد جي دڪان جا تالا ڀڃي ماڻهن جو
پيل سون چورايو ويو. تفتيش جي نالي ۾ سندس ڀاءُ ۽
خاندان وارن کي هراسان ڪيو ويو. خلافتين جي احتجاج
تي جيڪا سرڪاري تفتيشي ڪميٽي مقرر ڪئي وئي، تنهن
ٽن ڏينهن تائين ماڻهن کان بيان ورتا ۽ پوءِ ان
رپورٽ کي سرخ فيتو لڳائي عوام کان لڪايو ويو.(7)
ڪجهه وقت کان پوءِ خلافت تحريڪ هلندي تحريڪ جي
اڳواڻ جي خالقڏنه هال ڪيس ڪراچي جي سلسلي ۾ ٻه
سالا سزا واري دور ۾ جڏهن مولانا محمدعلي ”جوهر“ ۽
مولانا شوڪت علي جي والده بي امان مٽياريءَ ۾ آئي
ته پاڻ سموري وفد سان گڏ ان جڳهه تي به وئي، جتي
گولي هلي هئي ۽ شهادت ٿي هئي. اهو واقعو مين بس
اسٽاپ تي پراڻي مختيارڪار آفيس جي سامهون باقيل
پوٽه محلي ۾ داخل ٿيندڙ گهٽيءَ وٽ ٿيو هو.
هيءُ واقعو 1920ع ۾ ٿي گذريو آهي، جنهن جا حوالا
ڇپيل ۽ اڻ ڇپيل ماخذن ۾ موجود آهن. هيءُ واقعو
ورهاڱي تائين ماڻهن جي زبان تي عام هوندو هو. پوءِ
اکين ڏٺي نسل جي ختم ٿيڻ تائين محدود ٿيندو ويو.
تحريري طور تي پهريون مليل مواد ان دور جي شاعرن
جو لکيل آهي، جن آخوند محمد رحيم جي شهادت جو ذڪر
پنهنجي شاعريءَ ۾ ڪيو آهي، جيڪا ان دور جي مروج
دستور مطابق ننڍڙن ڪتابڙن جي صورت ۾ شايع ٿيل آهي.
ان کان پوءِ علي محمد راشدي ’اهي ڏينهن اهي شينهن‘
۾ نالي وٺڻ بنا پير غلام مجدد سرهنديءَ جي بيان ۾
سندس به ذڪر ڪيو آهي. ڊاڪٽر محمد لائق زرداري
صاحب، ’سنڌ جي سياسي جدوجهد‘ نالي ڪتاب ۾ خلافت
تحريڪ جي حوالي سان ڪافي جزوي شيون به ڏنيون آهن،
پر راشدي صاحب جو حوالو سندس نظر مان رهجي ويل ٿو
ڏسجي. وفات کان ٻه سال اڳ فون تي رابطو ڪرڻ تي پاڻ
ان قسم جي معلومات کان ناواقفيت جو اظهار ڪيو
هئائين. هن مواد ۾ آخوند فضل صديق جي تحرير ۾
موجود اکين ڏٺو احوال توڙي حاجي دوست محمد جو اکين
ڏٺو بيان نهايت ڪارائتو آهي. مٽياريءَ جي پير
صاحبان مان ويجهي دور ۾ جناب پير غلام رسول سرهندي
صاحبؒ بن پير غلام مجدد سرهنديؒ مٽياروي (ولادت
1916ع وفات 1991ع)، جنهن جو شمار اهل دانش ۽ اهل
قلم ۾ رهيو آهي، پاڻ هن واقعي جو ذڪر پڻ ڪيو
اٿن(8). ان کان علاوه مٽياريءَ جو وڏي عمر جو مصنف
پروفيسر غلام محمد ميمڻ، جنهن جي پيدائش 1930ع تي
ٿي، پاڻ ’بيداري‘ رسالي ۾ ’اهي ڏينهن، اهي ماڻهو‘
جي نالي سان ڇپجندڙ پنهنجين يادگيرين ۾ آخوند محمد
رحيم جو ذڪر ڪيو(9).“ هن واقعي جي حوالي سان هڪ
تصوير جو ذڪر اچي ٿو، جنهن ۾ واقعي واري هنڌ شهيد
جي لاش جي مٿان پير غلام مجدد سرهنديؒ ۽ آخوند
محمد رحيم جو ڀاءُ محمد عالم سوڳوار حالت ۾ بيٺل
آهن. اها تصوير ان دور جي ڪنهن رسالي ۾ ڇپيل آهي.
جيئن ته هيءُ واقعو نه رڳو خلافت تحريڪ جي حوالي
سان اهم آهي؛ بلڪ انگريز دور ۾ سنڌ جي سياسي
جدوجهد جي حوالي سان به وڏي اهميت جو حامل آهي.
سنڌ ۾ ان دور جون اخبارون ۽ رسالا عام ماڻهن ۽
ادارن وٽ دستياب نه هئڻ ڪري اسان جي تاريخ جا ڪافي
واقعا اڃا تائين لڪل آهن. ان ڪري ئي هن واقعي جو
ذڪر ۽ واقعو ٿيڻ جي تاريخ سنڌ ۾ خلافت تحريڪ تي
ڪيل تحقيق ۾ نه اچي سگهيو آهي. ويندي ڊاڪٽر درمحمد
پٺاڻ جي ويب سائٽ تي به وڏي محنت سان خلافت تحريڪ
جي ڪرانالا جي ترتيب ڏئي رکيل آهي، پر مواد ميسر
نه هئڻ ڪري هن واقعي کان ٿورو اڳ تاريخ وار واقعن
جو سلسلو ختم ٿيو وڃي.
هتي سنڌ جي تاريخ تي ڪم ڪندڙ محققن کي گذارش ٿي
ڪجي ته 1920ع ۾ خلافت تحريڪ جي ڪارگذرين جي حوالي
سان هن وقت تائين هندستان جي ڪيترن ئي هنڌن تي
ٿيندڙ ننڍن ننڍن واقعن بابت مواد انٽرنيٽ تي اچي
چڪو آهي. جنهن کي ڏسندي ضرورت محسوس ٿئي ٿي ته سنڌ
۾ ٿيندڙ واقعن جي ترتيب درست ڪرڻ لاءِ سنڌي، اردو
۽ انگريزيءَ ۾ موجود مواد جي ڇنڊڇاڻ ڪري هن واقعي
جي تاريخ ڳولهي وڃي ته جيئن سنڌ جي سياسي جدوجهد
جي وچ جو هڪ خال پوريءَ طرح ڀرجي سگهي.
حوالا:
نئون ڪتاب
ڪتاب:
آڙين آڌار
شاعر:
خطائي ٿيٻو
ڇاپو
پهريون: 2021ع
ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي سنگت شاخ بودر فارم (عمرڪوٽ)
عاجز ڪريم پوري
دڙو
’ماڃر‘ خطو تاريخ جي آئيني ۾....
سنڌ جي سرزمين کي طبعي لحاظ کان جن ڀاڱن ۾ ورهايو
ويو آهي تن ۾ سرو، وچولو، ڪوهستان، ريگستان ۽ لاڙ
پَٽ وارا علائقا اچي وڃن ٿا. تهڙي طرح لاڙ پَٽ کي
به جن خطن ۾ تقسيم ڪيو ويو آهي. اُنهن ۾ ماڃر،
کارو، ميدان، ڪَسو، لوڻ ۽ جبل وارا علائقا شامل
آهن. جن مان ’ماڃر‘
خطو پنهنجي هڪ علحده تاريخي حيثيت ٿو رکي!
ابوالفضل مغل دورِ حڪومت جي سرڪار ٺٽي جي سورهن
پرڳڻن مان ’ماڃر‘ کي پندرهون نمبر پرڳڻو ڪري ظاهر
ڪيو آهي ۽ ’ماڃر‘ لفظ بابت اهو لکيو ويو آهي ته
ماڃر دراوڙي ٻوليءَ جو هڪ لفظ آهي، جيڪو اصل ۾
’ماڱر‘ آهي. جنهن جي معنيٰ ’ڄار رکندڙ يعني
مهاڻو‘. ڀيرومل مهرچند آڏواڻي صاحب پنهنجي ڪتاب
’سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ‘ ۾ لکي ٿو ته آڳاٽي زماني ۾
هن علائقي اندر دراوڙ قوم آباد هئي، جن مان هتي ٻه
ذاتيون، اوڏ ۽ ماڱر آباد هئا. سجاول وارو سارو
پاسو سنڌونديءَ جي پاڻيءَ هيٺ ٻُڏو پيو هوندو هو،
انهيءَ سموري ايراضيءَ ۾ ماڱر ذات جا مهاڻا رهائش
پذير هئا، جيڪي مڇي ماري پيا پيٽ گذر ڪندا هئا.
’ماڱر‘ لفظ جي بدلجڻ بابت لکي ٿو ته سجاول پاسي
ماڱر بدران، عام طور چون ’ماڃر‘
يعني ’ڱ‘ حرف کي مٽي ’ڃ‘ ڪيو اٿن. نه ته لفظ ساڳيو
ئي دراوڙي ٻوليءَ جو آهي، جنهن جي بنيادي معنيٰ
’ڄار رکندڙ مهاڻو آهي، اهي ماڃر يا ماڱر ذات وارا
هن پاسي گهڻا آهن، جو اڄ به سڄو سجاول وارو پاسو
سندن ذات جي نالي پٺيان ’ماڃر‘ ٿو سڏجي، سجاول ۾
’ماڃر‘ نالي هڪ ڍنڍ پڻ موجود آهي، انهن آڳاٽن
مهاڻن جون نسل اڄ تائين سجاول واري پاسي ۾ رهي ٿو
۽ سندن ڳوٺ به سندن ذات جي ڪري ’ماڃر‘
سڏجي ٿو. حالانڪ صحيح سنڌي لفظ ’ماڃر‘ آهي، جيڪو
مڃر مان نڪتل آهي، مڃر واري لفظ کي حضرت شاهه
عبداللطيف ڀٽائيؒ
پنهنجي ڪلام، سُر ڪاموڏ ۽ سُر ديسي ۾ ڪيترا دفعا
ڳايو آهي، جيئن پاڻ فرمائي ٿو:
ڏاگها ڪيم ڏور، اڃا آرياڻي اڳي ٿيو،
موڙي مَڃر ٽاريون، چانگا ٿا چَرو،
آن تان حرف هَرو، موريان ئي معاف ٿيو.
ٻي هنڌ سُر ڪاموڏ ۾ فرمائي ٿو:
هيٺ جَرُ، مٿي مڃر، پاسي ۾ وڻ راهه،
اچي وڃي وچ ۾ تماچيءَ جو ساءُ،
لڳي اُتر واءَ، ڪينجهر هندورو ٿئي!
ڏٺو وڃي ته ’ماڃر‘ لفظ ’مَڃر‘ تان ورتل ڀانئجي،
جنهن جي لفظي معني ’ڪنڊيءَ جي وڻن جو ٻُور‘. جيڪو
اُٺن جو پسنديده کاڌو آهي ۽ اهي وڻ ماڃر ۾ لاتعداد
آهن، جيئن شاهدي طور لطيف سائين سُر ڏهر ۾ ڪنڊيءَ
وڻ سان مخاطب ٿي چئي ٿو:
جان تو هُئڙو سور، ڪنڊا! ڍور ڌڻين جو،
مٿي لامُن ٻُور، موري مَڃر نه ڪرئين.
اصطلاحي لحاظ کان ماڃر مان مراد آهي ڍنڍن ۽ ڍورن
وارو علائقو جتي ڍنڍون به جام هجن ۽ وڻ، ٽِڻ ٻوٽا
به بي انداز هجن!
جڏهن ته ماڃر وارو سارو علائقو ڍنڍن ۽ ڍورن تي ئي
مشتمل آهي، انهيءَ لحاظ کان ماڃر وارو خطو، سدائين
سرسبز ۽ شاداب رهيو آهي، ممڪن آهي ته شاهه صاحب
واري دور ۾ ڪينجهر ڍنڍ وارو سارو پاسو ’ماڃر‘ ۾ ئي
هجي! هتي شاهه سائينءَ جو هڪ ٻيو بيت به لفظ ماڃر
جي عڪاسي ٿو ڪري:
هيٺ جَر، مٿي مَڃر، ڪنڌيءَ ڪونر ترن،
ورئي واهوند، ڪينجهر کٿوري ٿئي!
يا اڃا شاهه صاحب پنهنجي هڪ ٻئي بيت (سر ڪاموڏ) ۾
چوي ٿو ته:
تون سَمو، آئون گندري، مون ۾ عيبن جُوءِ،
پَسي راڻين روءِ، متان ماڱر مٽيئن!
هتي شاهه سائينءَ پنهنجي هن بيت ۾ لفظ ’ماڱر‘ ڪتب
آندو آهي، جيڪو لفظ ماڱر ذات جي نشاندهي ٿو ڪري،
ڏٺو وڃي ته هتي ماڃر يا ذات جا مهاڻا وڏي تعداد ۾
رهندا پيا اچن.
هتي رانٽن ۽ سورجن جي وچ ۾ ’ماڃريا‘
واهه جو هڪ ڦِٽل وهڪرو، هن وقت به ثبوت طور موجود
آهي. ’ماڃريا‘ دراصل ملاح قوم جو هڪ پاڙو يا اوڙڪ
جو نالو آهي.
ڏٺو وڃي ته شاهه عبداللطيف ڀٽائيؒ جي انهن ڄاڻايل
بيتن ۾ ’ماڃر‘ خطي جي تمام وڏي عڪاسي ڪيل آهي،
انهيءَ بنياد تحت، آئون بنا هٻڪ جي ائين چوندس ته
’ماڃر‘ لفظ، مَڃر تان ورتل آهي، پوءِ ڀلي ماڱر هجي
يا ماڃَر.... پر اصطلاحي لحاظ کان ماڃَر مان مراد
آهي، اُهو سرسبز خطو، جتي ڍنڍون ۽ ڍورا به کوڙ هجن
ته وڻ، ٽڻ ٻوٽا به بيشمار هجن. اهي سڀ خوبصورت
منظر، ماڃر خطي ۾ اسان کي جت ڪٿ نمايان نظر ٿا
اچن. ظاهر آهي ته جتي ڍنڍون ۽ ڍورا هوندا، اُتي
’ڄارو‘ رکندڙ مهاڻا به ضرور ملندا. پوءِ اُهي
’ماڱر‘ ذات جا مهاڻا هجن يا ’ماڃريا‘ ذات جا ملاح
هجن. ڳالهه مڙيئي ساڳي آهي. لاڙ جي ادبي ۽ ثقافتي
تاريخ ۾ محترم ڊاڪٽر خواجه غلام علي الانا صاحب جي
ڪيل تحقيق موجب، اهو ڄاڻايل آهي ته مغلن جي دورِ
حڪومت ۾ هيءُ لاڙ وارو ڀاڱو، ڌار ڌار سرڪارن ۾
ورهايل هو، جهڙوڪ هڪ ٺٽو سرڪار ۽ ٻيو چاچڪان
سرڪار. پر ٺٽو سرڪار ۾ هيٺيان پرڳڻا هوندا هئا. جن
۾: (1) بندر لاهري (2) بَٺورو (3) بهرام پور (4)
بوري (5) جَڪَر (6) جارا (ڄارُ) (7) دَرڪ (درگ)
(8) ذڪري (وڪري) (9) رَتنا (10) سانڪور (ساڪرو)
(11) سَرسي ڄام (12) ڪَرهَر (13) مَلجه (14) ماڃر
(15) نظام پور.
انهيءَ مان اهو معلوم ٿيو ته ’ماڃر‘ ڪنهن زماني ۾
خود هڪ پرڳڻو هو، جيڪو پوءِ وقت جي ڦيرين گهيرين
ڪري ٽُٽي اچي ڪن ڪوهن تي باقي رهيو آهي، بلڪل ائين
جيئن ٺٽو شهر پنهنجي اُها اصلي سونهن، صورت وڃائي
چڪو آهي، ممڪن آهي ته دراوڙي قوم واري زماني ۾
’ماڃر‘ کي مغلن جي دور جيئان خود رياستي حيثيت
حاصل هجي! سجاول جي تاريخ ۾ سائين عزيز جعفراڻي
صاحب لکي ٿو ته هن وقت، ماڃر وارو خطو ضلعو سجاول
جي ٽن تعلقن هڪ سجاول ٻيو ميرپوربٺورو، ۽ ٽيون
جاتي تعلقن جي چند ديهن تي مشتمل آهي، ۽ سجاول
سندس مرڪزي شهر آهي. تعلقي سجاول جي هيٺاهين يا
ڍنڍن واري ايراضيءَ جيڪا تعلقي جي اوڀر ۾ واقع
آهي، سا هن ڀاڱي ۾ اچي وڃي ٿي. هن ۾ هيٺيون ديهون
شامل آهن، ديهه ڄار، ديهه ميرانخور، ديهه مرادپور،
ديهه ڇاڱاڻي، ديهه ميرانپور، ديهه وانگارو، ديهه
رپڙ گُجو، ديهه گَپ، ديهه پنيلڌو سمون، ديهه آباد،
ديهه منڊر، ديهه مور، ديهه آباد پانچو، ديهه نودو
ٻارڻ، ديهه کاريون، ديهه واسو شاهه، ديهه چئوبندي،
ديهه ڏمڀرو، ديهه جهول ڪيٽ، ديهه گُل بحر، ديهه
ڏندو، ديهه ڪريم پور وغيره. هن ڀاڱي ۾ ساريون،
ڪمند ۽ تيلي ٻجن کان علاوه ميوا ۽ ڀاڄيون پڻ
اُپايون وڃن ٿيون. هيءُ علائقو هن وقت، تقريباً
سٺ، ستر ڪلوميٽرن تي باقي وڃي بچيو آهي. محترم
سائين حافظ حبيب سنڌي صاحب پنهنجي هڪ تاريخي ڪتاب
’ماڃر، ڪڪرالي ۽ کاري جي ٻولي‘ ۾ ماڃر جي حد هن
طرح بيان ڪئي آهي ته ماڃر وارو علائقو ڊيگهه ۾
تعلقي ميرپوربٺوڙو جي اُلهندين ديهن کان شروع ٿي،
تعلقي جاتيءَ جي اولهه طرف وارين ديهن تي ختم ٿو
ٿئي، جڏهن ته ويڪر ۾ جاتي تعلقي جي اُترئين طرف
وارين ديهن کي اورانگهي، اُتر ۽ درياءَ سنڌ جي
کاٻي ڪپ تي ختم ٿئي ٿو. آئون سائين حافظ حبيب سنڌي
صاحب جي ڪيل هن تحقيق سان سؤ سيڪڙو متفق آهيان،
حقيقت ۾ ماڃر خطي جي صحيح حد، تعلقي ميرپوربٺوري
جي اُترئين ديهن يعني ديهه پڪو مولچند ۽ ديهه کير
سَر کان شروع ٿي، تعلقي جاتيءَ جي اُلهندي ديهن
يعني ديهه باديپور تپو بادي پور تي ختم ٿي ٿئي.
جنهن دوران درياءَ سنڌ جو سارو کاٻو پاسو تعلقي
شاهبندر جي سرحدي حدن تائين ماڃر خطي ۾ ٿو اچي.
هتي هنن ديهن ۾ گهڻي ڀاڱي وڏيون ڍنڍون، ڍورا ۽
دريائن جا ڦِٽل وهڪرا (ڇڇ ۽ ڪوريون) آهن، جن ۾
بيهه، مڇي، پَن، پاٻوڙا، ڏيرُ، لوڙهيون ۽ پکي بنهه
گهڻي تعداد ۾ ملن ٿا. هتي جيڪي ڍنڍون ماڃر خطي جي
سونهن ۾ چار چنڊ چٽيو بيٺيون آهن، اُنهن ۾ ٿنهين
ڍنڍ، گَپ، رانئين، تيلاڻ، فلڪ، اَڇ، مڇول، آباد،
کاهي، نباد، ولهار، ڏاڏواهه، ونگار، اڪڊمي، رپڙ،
هنج تل، مور، ٽيماڻي، ٺري ڍنڍ ۽ ٻيون ڍنڍون اچي
وڃن ٿيون، جيئن ته هي اُهي ڍنڍون آهن جتي شڪار
خاطر، سعودي عرب جا حڪمران، عرب امارات توڙي دُبئي
جا حاڪم جهڙوڪ: شيخ زيد بن سلطان النهيان، سڪندر
مرزا ۽ ٻيا سابق صدر پاڪستان محمد ايوب خان سان
گڏجي اچي سائيبريا کان ڪَهي آيل پرديسي پکين جو
شڪار ڪري لُطف اندوز ٿيندا هئا ۽ ٻيا به ڪئين ننڍا
توڙي وڏا سردار شڪار جي خيال سان ماڃر جي شڪار
گاهن تي هلي ايندا هئا، ياد رهي ته هي اُهي ڍنڍون
آهن، جيڪي شڪارگاهن طور هتان جي مقامي وڏيرن،
رئيسن ۽ پيرن جون خاص رَکون هونديون هيون، قائدِ
عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو صاحب پنهنجي دورِ
حڪومت ۾ انهن وڏين ڍنڍن جي وچان، وڏيون سِم ناليون
کوٽائي، اُهي ڍانڍي زمينون آباديءَ لائق بنايون.
انهيءَ کان اڳ ۾ ماڃر جي سڀني ڇنڊڻين جا ڇوڙ يا ته
پڃاري واهه ۾ ٿيندا هئا يا ته وڏين ڍنڍن ۾ هوندا
هئا. ها، البت اُن کان پوءِ نيون کوٽايل سِم
ناليون جن ۾ ديهه واليشاهه تعلقو سجاول مان
واليشاهه سِم نالي (جيڪا اڳ ۾ ناگڻ ڍورو جي نالي
سان مشهور هئي) ۽ ديهه گَپ تعلقو سجاول مان نڪتل
سِم ناليون سيد غلام شاهه سِم نالي ۾ وڃيو ڇوڙ ڪن
۽ ٻيون به ننڍيون توڙي وڏيون سِم ناليون سڀ اچيو
غلام شاهه سِم ۾ پون ۽ غلام شاهه سِم سڌو وڃيو
سمنڊ ۾ پوي. اهڙي طرح اهي مذڪوره ڍنڍون به هاڻي
پنهنجي اُها رونق ۽ سونهن بلڪل وڃائي چڪيون آهن،
پر تنهن هوندي به ڪافي ڍنڍون ۽ ڍورا اڄ به پنهنجي
انهيءَ اصلي حالت ۾ موجود آهن. گذريل صديءَ جي
آخري ڏهاڪي يعني 1988ع جي ٻوڏ کان پوءِ هِتان جي
ماڻهن کي اچي مڇي جي تلائن جو شوق جاڳيو، نتيجي ۾
اڄ هرڪو ماڻهو پنهنجي زمين ۾ تلاءُ لڳايو ويٺو
آهي، انهن تلائن ۾ مڇين کان علاوه بيهه ۽ پاٻوڙا
پڻ جام ٿيندا آهن، جيڪي ماڃر جي خاص سوغات ۾ ليکيا
وڃن ٿا.
تاريخ گواهه آهي ته درياءَ سنڌ هر دور ۾ پنهنجا
رُخ (وهڪرا) بدلايا آهن، اهڙو هڪ وهڪرو ماڃر مان
به هو، جيڪو جاتي، سجاول ۽ شاهبندر مان ٿيندو عربي
سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندو هو. ڪنهن زماني ۾ شهر ميرپوربٺوري
وٽان به هڪ درياءَ وهندو هو. (شايد هيءُ اوهو
گونگڙو ڦاٽ يا درياءَ آهي). جيڪو ٺري ڍنڍ ۽ سَمڪي
ڪُن مان لنگهڻ ڪري مقامي ماڻهو کيس ’ٺري درياءَ‘
جي نالي سان سڏيندا هئا ۽ مٿس جيڪو بندر ٻڌايل هو،
اُن کي علي بندر جو نالو ڏنل هو، جيڪو اڄ به ’علي
بندر‘ جي نالي سان مشهور آهي، جنهن جا آثار اڄ به
شهر ميرپوربٺوري جي اولهه طرف چٽا موجود آهن. ڏٺو
وڃي ته هيءُ اُهو درياءُ آهي، جيڪو ديهه پنيلڌو
سمون، ديهه تيلاڻ، ديهه گَپ، آمڙا، موٽئي جي مياڻ
ديهه آباد ٽيهاڻي ۽ ديهه کاريون کان ٿيندو سڌو وڃي
’ڪارو گونگڙو‘ ۾ ڇوڙ ڪندو هو ۽ ڪارو گونگڙو وري
وڃي سمنڊ ۾ پوندو هو، هتي هن درياءَ جي ٻنهي ڪنڌين
تي ڪئين مياڻيون ۽ تڙ هوندا هئا، پر هن وقت هتي هڪ
موٽئي جي مياڻ، موٽئي جو گجو ۽ ريجي مياڻ اڄ به
موجود آهن، جيڪي انهيءَ ڦِٽل درياءَ جي وهڪري جي
گواهي ڏئي رهيا آهن.
هِتان جي ڍنڍن ۽ ڍورن ۾ جيڪي مڇيون ملن ٿيون،
اُنهن ۾ ڏنڀرو، موراکو، ڪُرڙو، ٿيرو، گندڻ،
سيڱاري، رَڙو، چِٽو، مُنڍي، ڄرڪو، کڳو، گوج، چُڳا،
ديو ۽ ڍنڱڻو شامل آهن.
ماڃر جي مڙني ڍنڍن ۾ سائبيريا (روس) کان ڪَهي آيل
پرديسي پکين جي به هڪ ڊگهي قطار آهي، جيڪي خاص ڪري
سياري واري موسم ۾ هنن ڍنڍن ۾ راڻي پاڻيءَ جي لحاظ
کان لهن ٿا، جن ۾ نيرڳي، آڙي، شيخلو، ٻُهار، هنجر،
ٿرانڊو، چيهه ۽ پيا پکي اچي وڃن ٿا. ٻي پاسي ڍانڍي
ديسي پکين ۾ ڪانيئرو، سانهن، ڪونگ، کنڀو، ڪُڪي،
ٽوٻر، ٽوهو، ٻَڳو، ٽهايو، هاڙهي ۽ لاکي ڄاڃي اچي
وڃن ٿا.
ماڃر جي ڍنڍن، ڍورن ۽ ٻنين ۾ پڻ ڪيترن قسمن جا
ساوا گاهه ٿيندا آهن، جن ۾ مُڱرال، ٽوپ، ٻرٽ،
پُواڻي، منڌيئڙو، لُلر، لِچڻ، ٻيڪون، سوراٺي،
واهو، چيڻو، موٿَم پن، ڏيرُ، لنوارو، ڏنگڻي،
سانئون، ڊڀ، ڪَل، ڪلوري، لهانڊو، ڇٻر، ڊامڻ، نڙ،
اوئن ديسي ناڙو، ڏِنوئي، سانوڻي، کيهه، ٻُڪن، سَر
۽ ڪانهن وغيره اچن ٿا. فصلن وارن گاهن ۾ مڪئي،
جوار، ٻاجهر، مٽر، برسيم، لوسڻ، جنتر، اڪڙي، اُڙد،
سارين جا پن ۽ ڪمند جا پن يا ٻوٽا وغيره سُڪل گاهه
۾ سارين جو پلال ڪڻڪ ۽ جَوَن جو بُهُه شامل آهي.
هتي ماڃر جي مسڪين ماڻهن جي گذر جو خاص ذريعو
ڍنڍون، ڍورا، ڇڇ، ڪوريون، درياءَ ۽ سم نالا ۽ وڏا
واهه آهن. جن مان هُو مڇي، پَلي، بيهه، پن،
پاٻوڙي، ڏير، ڪُم، ڪوڻڀن، لوڙهين ۽ پکين تي پيا
پنهنجو پيٽ گذر ڪندا آهن. انهيءَ کان علاوه ڍنڍن
مان ملندڙ بي انداز پن ۽ ڏير مان تڏا، توريون ٺاهي
پيا پنهنجو وقت ڪڍندا آهن، انهيءَ کان علاوه ورن،
وڪڙن، واهن ۽ ٻنن تي قدرتي طور ڦُٽندڙ بي انداز
سَر ۽ ڪانهن پڻ مسڪين ماڻهن جو جياپو بنجندا آهن،
جن مان پکا ۽ ٽُئا ٺاهي وڪڻي پيا پنهنجو پيٽ گذر
ڪندا آهن، ماڃر جا ماڻهو پنهنجا گهر گهاٽ به گهڻي
ڀاڱي ڪانن ۽ بانٺ جو اڏيندا آهن، جن مٿان ٽُئا ۽
پکا وجهي مٽيءَ سان راڳي ڇڏيندا آهن. پوءِ ڀلي تن
مٿان مينهن جون اورڪون وسي وڃن پر منجهانئن ڦُڙو
به هيٺ نه ٽِمندو آهي، ڪن ماڻهن جا گهر ته ماڳهين
ڪچي مٽيءَ جا ٺهيل هوندا آهن، جن کي گنب جا گهر
چوندا آهن.
ماڃر جون ساريون زمينون گهڻي ڀاڱي وارياسيون ۽
لٽاسيون آهن، پر ڍانڍي زمينون گهڻو ڪري چيڪيون
آهن، جن ۾ زرخيزي زياده ٿئي ٿي ۽ منجهن پيداواري
صلاحيت به سڀ کان وڌيڪ هوندي آهي، هِتان جي آبهوا
سمنڊ نزديڪ هئڻ ڪري بنهه گهميل ۽ متوازن رهي آهي،
البت سياري واريءَ موسم ۾ ٿوري گهڻي سردي ضرور
ٿيندي آهي، ماڃر جا ماڻهو ڏاڍا مهمان نواز، محبتي
۽ يار ويس طبيعت جا مالڪ هوندا آهن، جيڪي ڪس رس
کائي به توڙ نڀائيندا آهن.
هڪ انگريز ڊيل هوسٽ جي لکت موجب پُراڻ، ڦٽو، نارو،
گوني، پڃاري ۽ بگهاڙ واهه سڀ قدرتي ڦاٽ هئا، جيڪي
لاڙ پَٽ واري علائقي کي آباد ڪندا هئا، جن مان
پڃاري ڦاٽ کي ويهين صديءَ جي شروع ۾ هڪ واهه ڪري
کوٽايو ويو آهي، جنهن کان پوءِ هن واهه جو منهن،
ٻنون شهر وٽان هٽائي، ڄام شورو وٽان ڪيو ويو آهي.
پر ان کان اڳ، هن واهه جي حيثيت هڪ ڦاٽ جي هئي
جيڪو شهر ٻنون تعلقي ميرپوربٺورو لڳ پڃارن جي ڳوٺ
وٽان قدرتي طور تي درياءَ سنڌ مان نڪتل هو، انهيءَ
ڪري شايد مٿس پڃاري نالو پئجي ويو آهي، جو اڄ به
اُتي پڃارا ذات جا ماڻهو وڏي انگ ۾ آباد آهن. ڏٺو
وڃي ته هن علائقي کي اڄڪلهه هڪ پڃاري واهه ۽ ٻيو
پڃاريءَ مان نڪتل دڙو بئراج واهه (جنهن کي نئچل
شاخ ۽ ستاهه واهه به چيو ٿو وڃي)، سيراب ڪندا ٿا
رهن، انهن مان وري ڪئين ننڍيون ننڍيون شاخون نڪري
ماڃر ۽ کاري وارن علائقن کي سيراب ۽ شاداب بنائين
ٿيون. جن ۾ ڇوٽا پڃاري، محموده واهه، گهاڙي شاخ،
سونهري، نصير واهه، ڇهه هٿو ننڍو، ڇهه هٿو وڏو،
گهاڙي واهه، راڄ واهه، شور واهه، مير واهه، سعيده
واهه، خالصا واهه، وڏي گونگڙي، ننڍي گونگڙي، کيرال
نالي، گنج بحر، گهوٽارو واهه، پٺاڻ واهه، شاخ ڪوٽ
عالمون، شاخ واليشاهه، سوڍا شاخ، شاخ ڪريم پور ۽
ٻيون شاخون شامل آهن.
هتي ماڃر خطي جو مرڪزي شهر سجاول آهي پر ٻيا به
ننڍا توڙي وڏا شهر جهڙوڪ: دڙو، ٻنون، لائق پور،
ابڙال، موالي موري، ڊڀ موري، ڪوٽ عالمون، ٻيلو
شهر، ٻُڍو ٽالپر، نورو ٻارڻ، ڳوٺ ڄار، سعيدپور،
آمڙا، مريد کوسو، دڙي موري، شاهنواز لغاري ۽
واريالو اچي وڃن ٿا. هن علائقي جي ڪُل آبادي لڳ ڀڳ
چئن لکن جي برابر ٿيندي.
هتي جيڪي ذاتيون دائمً مقيم آهن، اُنهن ۾ زياده تر
اڪثريت ملاحن (ميربحر) ذات جي آهي، جن جو گذر سفر
ئي بيهه، مڇي، پن، پاٻوڙو، ڏير، لوڙهين ۽ پکين تي
آهي، جن ۾ ماڃريا، مانڌريا، ڍاڍريا، مڇولائي،
پارهيڙي، هٿيار، ڇولائي، پارائي، تارڙا، ڪونجڙا،
گندرا، روپائي، موڙيا، اوڀاڙا، ٻاگهل، ٻَگائي،
شاعر، ملاڻا، ڪهرائي ڊگرائي، ٽانڊاڻي، تيتري،
ڪانپائي وغيره شامل آهن.
جيڪي سڀ ملاح قوم جون نِکون ۽ پاڙا آهن، انهن کان
علاوه، هتي ٻيون به سوين ذاتيون آباد آهن جن ۾
سيد، پير، مخدوم، قريشي، سوڍا، سميجا، شورا، شودا،
سَما، سومرا، سهتا، سرواڻ، سولنگي، عباسي، ميمڻ،
لغاري، ٻارڻ، سورجا، رانٽا، ڀُٽا، خواجه، پالاري،
جاکرا، اوٺا، ابڙا، پنوهر، مگسي، جلباڻي، جمالي،
جماري، کٽي، ڀان، ڪانڌڙا، ڪيڙانا، منهاجا، دوها،
جتوئي، مڱريا، ڪُنڀر، لوهار، شيدي، ساند، سيال،
ڀٽي، خاصخيلي، ماڇي، سوها، درس، چانڊيا، جانوري،
ناريجا، ڳنڀير، ٻجورا، ٻارچ، ولڙا، واڻيا،
مينگهواڙ، جوڳي ۽ ڀنگي وغيره وغيره اچي وڃن ٿيون.
ماڃر خطي جي ماڻهن جو عام لهجو ته لاڙي ۽ ماڃرڪو
آهي پر ساڃاهه وند طبقو (لکيل پڙهيل) گهڻو ڪري
نصابي (معياري) ٻولي ڳالهائي ٿو. هتي جن مهان
ماڻهن جنم ورتو آهي. انهن ۾ پروفيسر عبدالرحيم
ڏيٿو صاحب، سيد غلام مصطفيٰ شاهه، ساقي سجاولي،
سرويچ سجاولي، محمد خان مجيدي، عزيز جعفراڻي،
پروفيسر قلندر شاهه لڪياري، پروفيسر عبدالغفور
ميمڻ، يوسف سنڌي، سراج الحق ميمڻ، عبدالحئي پليجو،
ڊاڪٽر غلام علي الانا، شمس جعفراڻي، ڌڻي بخش ناقص،
عبدالڪريم شورو، شوڪت حسين شورو، مشتاق شورو، مريم
مجيدي، ارشاد ساگر، محمد قاسم ميمڻ ٻيلائي،
عبدالڪريم کٽي، محمد عثمان شاعر، حبيب الله سانگي
سجاولي، سانول سجاولي، محمد ٻارڻ، سورج سجاولي،
اياز امر شيخ، واحد سوز ملاح، مشتاق سعيد، محمد
خان مخمور، عبد سنڌي، حسن تنوير، پير محمد عالم
قريشي، منگهارام عاجز، گل حسن گهائل، ڊاڪٽر اسلم
آزاد، سائينداد نوحاڻي، اياز کتري، مشتاق ڪاملاڻي،
اسد مهراڻوي، سڄڻ سرائي، نورمحمد نيازي، حسن سارنگ
ٻارڻ، رمضان راهي، حسين عامر، فريد گل شاعر، حنيف
ملاح، حڪيم نورمحمد کتري، بزرگ صوفي شاعر محمد
يوسف ڀٽو، ڊاڪٽر موتي پرڪاش، محمد عثمان ’پروان‘
سمون، محمد اسماعيل زرگر، فقير عبدالغفور الستي
(ع.غ.سنڌي)، راز نواز ٻارڻ، پرويز ميمڻ، ڊاڪٽر رجب
علي ضيا، سيد اڪبر، عاجز ڪريم پوري، سردار احمد
خان ڀٽي، نثار علي ميمڻ بلڙائي، خانچند پرواز
دڙائي، سيف ٻنوي، حسام سومرو، عبدالغفور ڌماچ، سيد
عالم شاهه، حسين بخش مگسي، محمد يوسف ڀٽو جونيئر،
محمد امين لاکائي سومرو، غلام محمد ڀٽو، علي محمد
ڀٽو، نغم لاکائي، عرس اوٺو، محمد خان ملهار سنڌي،
حاجي خان تبسم، غلام رسول پرهياڙ، محمد يوسف مست،
ثناگر حسيني، مير ٽڳڙ، عبدالڪريم سومرو، حسن محمود
ڀٽي، محمد اسماعيل درس، ڪريم بخش پياسي، مقبول
ميمڻ، ڍولڻ جاني کوکر، منصور چوهان جن جا نالا
قابل ذڪر آهن.
ماڃر جي مٽيءَ کي جيڪڏهن ولين ۽ درويشن جو خطو
چئون ته ڪوبه وڌاءُ نه ٿيندو، هتي جيڪي مشهور و
معروف ولي الله ٿي گذريا آهن انهن ۾ سيد محمود
شاهه آرياڻي (شيرازي)، سيد ميران احمد شاهه
شيرازي، شاهه نصر، سيد جلال شاهه بخاري، سيد مراد
شاهه شيرازي، سيد مصري شاهه، سيد پير ڦل شاهه، شيخ
ابوطالب رهاڻ، مُلون احمد، سيد مالهيو، مهندار
پير، سخي بادشاهه، سيد شاهه عُذر، سيد ڪمال شاهه،
سيد احمد شاهه، درس فقير، سيد ٻانگو شاهه، شاهه
فتح، شاهه جلال شاهه، سيد اسماعيل شاهه بخاري، سيد
جمن شاهه، سيد نانگو شاهه، سيد عثمان شاهه، سيد
حاجي هاشم شاهه، پير ٻُڍو، سيد اسماعيل شاهه
شيرازي، حاجي بلاول، سيد مسڪين شاهه، سيد آگيڏنو
شاهه، سيد حاجي هاشم شاهه، سيد مينهن ڏنو شاهه،
شاهه ابراهيم، حاجي راهو، مائي نياڻي، عبدالمالڪ
قريشي بابا ۽ موريو فقير وارن جون خانقاهون سر
فهرست آهن. جيڪي ٻين علائقن کان تبليغ خاطر هتي
اچي رهيا ۽ هتي جي دم ڌڻيءَ حوالي ڪيائون، جن جو
فيض ۽ ڪرامتون اڄ به جاري آهن ۽ مٿن هر سال سندن
ورسيءَ وارن ڏهاڙن تي ميلا لڳندا آهن، انهن درويشن
کان علاوه، تازو هن جهان مان وفات ڪري ويل پنهنجي
وقت جو هڪ ناميارو ڪمال ولي الله، سائين فقير،
حاجي عبدالخالق عباسي (دڙي وارو) جي خانقاهه پڻ
روحانيت جو مرڪز رهي آهي.
ماڃر خطي جي سونهن توڙي سوڀيا ۾ هن خطي جي جهنگلات
(ٻيلن) به گهڻو نکار آندو آهي، جن ۾ ٻيلو پناهه،
ٻيلو هنديراڻي، ٻيلو کڏي، ٻيلو جوراڙ، ٻيلو کير
سَر، ٻيلو پڪو مولچند، ٻيلو سورجاڻي، ٻيلو ڪچو
سورجاڻي، ٻيلو علي بحر ۽ ڪيٽيءَ جا ٻيا گهڻا مشهور
آهن، ڪو زمانو هو ته هنن ٻيلن ۾ هرڻ، ڦاڙها ۽ ٻيا
جانور ٻڪرين جيئان پيا چرندا ۽ ڦرندا هئا، پر هاڻي
انهن ٻيلي ۾ ڪو گدڙ يا بگهڙ به نظر نٿو اچي.
اها هڪ حقيقت آهي ته ماڃر خطي جا ماڻهو گهڻو ڪري
ڳاڙهن چانورن جي اَٽي جي ماني ۽ ڳاڙهن چانورن جو
اُونگو يا خشڪو ڀَت سياري توڙي اونهاري لَسي يا
کير سان خوشي وچان کائيندا آهن، پر اوچتو وٽن
مهمان مَهي لنگهي آيو ته اُن جي اڳيان به اُهو آڻي
رکندا آهن. ڪو وقت هو ته هتي جيڪي شاديون مراديون
ٿينديون هيون ته انهن ۾ اڪثر ڪري ڳاڙهن چانورن ۾
گوشت ڀت تيار ڪيو ويندو هو. جنهن کي ماڃر جا ماڻهو
’گنڀ ڀَت‘ چوندا آهن. جيڪو کائڻ ۾ ڏاڍو لذيذ ۽
مزيدار هوندو آهي. اهو گنب ڀَت اڄ به درگاهن تي
لنگر طور کارايو ويندو آهي. جڏهن ته اهي ٽئي ائٽم
ماڃر خطي جو خاص تحفو سمجهيا ويندا آهن، هتي
چانورن جي فصل کان علاوه، سورج مکيءَ جو فصل به
گهڻي تعداد ۾ پوکيو ٿو وڃي، پر سبزيءَ جي ڪري ته
سڄي سنڌ ۾ گهڻو مشهور آهي، ماڃر خطي جي زرخيز مٽي
ميوات جي لحاظ کان به سنڌ جي ٻين ضلعن جيئان بنهه
شاهوڪار رهي آهي، هتي انبن، زيتونن، ناريلن، ليمن،
چڪوئن، نارنگين ۽ ڪيلن جا تمام وڏا باغ آهن، انهن
کان علاوه فاروا، کجيون، ليار، ٻير، پيرون، آمرا،
کاٽونبا، ڄمون ٻور، ڇانهيون ۽ گِدرا پڻ گهڻي تعداد
۾ ٿيندا ۽ پوکيا ويندا آهن، هتان جا اڪثر ماڻهو
گهڻي ڀاڱي ٻني ٻاري جو ڪم (هارپو) ڪندا آهن۽ ڏاڍا
محنت ڪش هوندا آهن، ساڳئي وقت تعليمي لحاظ کان به
هن علائقي جي ماڻهن پنهنجي وسهان ڪونه گهٽايو آهي،
جو اڄ دنيا جي هر مهذب ملڪ ۾ ماڃر جا ماڻهو وڏن
وڏن منصبن تي فائز رهي، پنهنجي قوم ۽ ملڪ جي
نمائندگي ڪري رهيا آهن، جن تي اسان کي وڏو ناز ۽
فخر آهي.
مددي ڪتاب:
1.
شاهه جو رسالو، سُر ديسي، مرتب: غلام محمد شهواڻي،
ص 502، ڇاپو سال 61-1960ع
2.
ساڳيو، سُر ڪاموڏ ۽ ڏهر، مرتب: ڪلياڻ آڏواڻي، ص
286، 291، 447، مڪتبه اسحاقيه جهونا مارڪيٽ ڪراچي
2.
3.
آئين اڪبري، جلد اول، مصنف: ابوالفضل، مطبوعه سنگ
ميل پبليڪيشن لاهور، ص 1052، 1051
4.
سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ، مصنف: ديوان ڀيرومل مهرچند
آڏواڻي، ص 124، 1956ع، ص ا.ب، حيدرآباد.
5.
لاڙ جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ، مصنف: خواجه غلام علي
الانا، ص 379، ص 3، مطبوعه سنڌالاجي ڄام شورو،
ڇاپو پهريون 1977ع
6.
سجاول جي سماجي ثقافتي ۽ سياسي تاريخ، مصنف: عزيز
جعفراڻي، ص 86، 87، 50، محمد بن قاسم لائبريري
سجاول، 2009ع
7.
ماڃر، ڪڪرالي ۽ کاري جي ٻولي، مصنف: حافظ حبيب
سنڌي، ص 13، 12، سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
حيدرآباد 1994ع
8.
سنڌ ۾ واهن جو نظام، مصنف: ڊيل هوسٽ جرنل آف سنڌ
هسٽوريڪل سوسائٽي ڪراچي جلد ٽيون، آگسٽ 1937ع، ص
15، 14. |