سيڪشن: رسالا

ڪتاب:مهراڻ 04/ 2021ع

باب:

صفحو:10 

جمال‘ مراد گبول

ميرپور- ساڪرو

 

 

 

حقيقت حال منهنجي جي، اوڙي پاڙي دُنيا کان پُڇ،

مِٽن ۽ مائٽن مان تون، وڃي ڪنهن بي رِيا کان پُڇ.

حياتي وَئي سڄي گذري، سُکن کي ڪون ٿا سنڀرون،

مگر هن دل جي حالت ڀَل، تون پاڳل بينوا کان پُڇ.

غريبيءَ ۽ يتيميءَ جي، پُڇو ٿا ڪيفيت ڪهڙي،

ڏُکن سورن سنديون ڳالهيون، اسان جي ابتدا کان پُڇ.

ڌِڪا ٿاٻا آئون کائي، جوانيءَ تي جڏهن پُهتس،

نچايو نينهن اُن ڏينهن کان، تون سُهڻن جي سزا کان پُڇ.

رکيو جن وير آ ڪينو، ڏري دل ٿي ڏَهيون تن جي،

عداوت جن به ڪئي آهي، اُنهن جي اِنتها کان پُڇ.

حُسن جوڀن جواني وئي، اچي پيريءَ ڏنو پاسو،

سمورا راز ننڍپڻ جا، اُهي تون دلربا کان پُڇ.

طبيعت ۾ آ ڳراڻ آهي، رَهان مايوس ٿو اڪثر،

سُڪونِ قلب ناهي ڪو، تون ماهِر طب نما کان پُڇ.

ڄمڻ سان ئي ستارن جي، رهيو زير اثر آهيان،

ڪيو ڄڻ سحر ڪنهن آهي، نجوميءَ آشنا کان پُڇ.

مريخ و مشتري، زهره، قمر ڪمزور آ طالع،

زُحل، نپچونِ، يُورانس، عطارد جي عطا  کان پُڇ.

فقط هڪ حڪم کان غافل، پري ٿيا باغِ جنت کان،

جڏهن غلطي ڪري ويٺا، تڏهن آدم حوا کان پُڇ.

’جمال‘ آهي عُمر ساري، ڪيو آ پيار پاڪيزه،

اسين عاشق رڳو آهيون، ڀلي اَرض و سما کان پُڇ.

 

فضل الله ’فدا‘ چانڊيو

ڪُنري

 

 

 

 

غزل

چـــوڏھــيـن رات جــا چــنڊ اڀــريــن ته ٿــو،

اڱــڻ ھــن جــي اڳيـان ھــاڻــي گــذريــن ته ٿــو.

حــســن ھــن جــي' جــي مــونکــي خــبــر چــار ڏي،

ڪــيــر وڌ آ ٻــنـھــي مــان تـون ٽـڪرين ته ٿــو.

مــحــو مــنــزل صــفــا مــاٺ ڪــيــو پيــو وڃــيـن،

شــرمــنـدو ٿــي جــلد اوري اســرين ته ٿــو.

تـــون ھــن رات ۾ ڀــي مقــابل نه  ٿيئيـن،

ڀــل تــون ســيـنگارجــي ڪــيڏو سنبــرين ته  ٿــو.

مستقبــل ۾ تـنـھـنجـي مـلوڪــائــي تــان،

ھــو کــلـندو جو اڄ رات اجــرين ته ٿــو.

غزل

تنهنجي مونسان نه ٿيندي وفا خبر هئي،

هن عشق جي ڇا ٿيندي انتها خبر هئي

 

خبر هوندي به توسان پي نڀايم،

تون مونکي ڇڏي ويندي بيوفا خبر هئي.

 

مان خوب هيس تنهنجو واقفِ ماضي،

تون سنگدل آهين صفا خبر هئي.

 

اشڪ واڳونُ جا اکڙين مان ڳاڙيئي،

لڙڪن م لڪل هئي دغا خبر هئي.

 

تو ڪيترن کي ائين ڪٺو هو اڳ م،

هن تر ۾ هيءَ جا بجا خبر هئي.

 

تو ڇو ڏني هئي دل هُن کي،

توکي ته چانڊيا فدا خبر هئي.

 

الله بچايو مشتاق آريسر

ميرپورخاص

 

 

 

 

 

 

منظوم خراج عقيدت بحضور مظفر حسين جوش

حمد مالڪ جو پڙهون، قدرت سان جوڙيا جنهن جهان،

ٻاجهه وارو، مهر ڀريو ۽ گهڻو مهربان.

 

سڀ نبي هئا سونهن وارا، شان وارا محترم،

خاتم النبين جو آهي مِڙن کان اعليٰ شان.

 

جيڪي عاشق ٿيا نبيصه جا، تن جو رتبو ٿيو وڏو،

اولياء، عالم ۽ شاعر ٿيا نبيصه جا نعت خوان.

 

ٿيو مظفر جوش پڻ عشق نبوّت جو اسير،

زندگي ساري محمّدصه جو رهيو سو مدح خوانِ.

 

سنڌ جي علم و ادب جي خوب خدمت جنهن ڪئي،

ٿيو جميعت شاعرن جي، جو سدائين پاسبان.

 

جي خليلي فيض مان، پوري طرح ٿيا فيضياب،

تن مان نالو جوش جو سڀ کان اولّ ٿيو عيان.

 

جوش جي شعرن مان مليو، قومي وحدت جو سبق،

جنهن بنايو پيار جو مرڪز سدا پاڪ آستان.

 

سال رحلت عيسوي هاتف کان پڇيم جوش جو،

ٿيو اشارو ”اڄ مظفر جوش“ مليو ”شان سان.“

1533

462 =1995ع

مجلس ذاڪر  ڏٺي ’مشتاق‘ بيشڪ جوش سان،

ڪاش اهڙيون محفلون، اهڙا ڏسون ڪي ڪاروان.

 

منظور علي شاه لڪياري

ٽنڊو جان محمد

 

 

 

 

 

غزل

ملائي ماه لقاءَ اکڙيون جي ڀڃ ڊاهه ڪن ته ڀل پيون ڪن،

عجب اسرار وارا ڪي ڦٽي ڦٽ ڪن ته ڀل پيون ڪن.

الر آڪڙ به تن جي آ سراپا ناز محبوبي،

دلين تي ديد دوناليون جي دڙٻٽ ڪن ته ڀل پيون ڪن.

ڪرن رخسار تي ڪاڪل هجت اهڙي رکن هئه هئه،

انهن کي ناز مان نرگس جي هٽ هٽ ڪن ته ڀل پيون ڪن.

رکان ٿو التجا البت اوهان وٽ ايتري سهڻا،

ڏيان ٿو دل مٺا دلبر ڪٽي ڪٽ ڪن ته ڀل پيون ڪن.

ايها نظر ڪرم مون تي اگر ٿيندي رهي جاني،

اکيون منهنجون تنهنجي واٽن تي وٽ وٽ ڪن ته ڀل پيون ڪن.

ملي ’منظور‘ سان سهڻا ملاهج يار ڪا ياري،

مٺا محبت ۾ سي اکڙيون هڻي پٽ  ڪن ته ڀل پيون ڪن.

غزل

ڪراريون قرب وارن جون اکيون قتلام ڪن پيون ڪن،

هلائي ڪان دهشت جا دلين تي دام ڪن پيون ڪن.

نگاهون ناز نخري سان گهمائين گهور جا گهوڙا،

هڻي ڪي تير اکڙين جا وڏا ڪي مام  ڪن پيون ڪن.

سٽا سٽ ڪن ته سٽڪي سان وڃي سٽجو جگر جيرو،

هزارين هيريل دلڙيون وٺيو گودام ڪن پيون ڪن.

چکائي چاه سنديون چاشون ڏکائن ڏور کان اهڙو،

ڪرائي وِڄ جيئن ڪڙڪي روحن کي رام ڪن پيون ڪن.

مٺا ’منظور‘ مئي خاني اندر مستان پيو ڏسجي،

پيارڻ لاءِ وري ساقي اکيون ڪو جام ڪن پيون ڪن.

 

اورنگزيب عاجز

 

 

 

 

 

اي شاعر!

اي شاعر تون اَهنجن تي لک،

مارن جي ڪجهه سنهجن تي لک.

اڄ زلفن مان نڪري ٿورو،

بيوس لڙڪن ۽ ڏکڙن تي لک.

ڇڏ باهه بخمل گوري بدن کي،

تون انگ اُگهاڙن جسمن تي لک.

ڇو روزي ناهي هر ڪو بکيو؟

سنڌ جي قبضن دنگن تي لک.

ڪا مومل هتڙي روز ڪُسي ٿي،

ريتن رسمن ۽ ظلمن تي لک.

وري امڙ جي آ اجڙي جهولي،

سنڌ جي شهيدن جوڌن تي لک.

ڇو مالڪ هوندي نوڪر جهڙي،

سنڌين جي تن حالتن تي لک.

هي هيڏا هاڃا ڌرتيءَ هوندي،

رت جي رنڱيل رستن تي لک.

ويو کنڀجي آ جوڌو جن جو،

ڀِنن ڀينر ڀائن مائن تي لک.

زيب سُتا هن جي چادر پائي،

تن جي  ’عاجز‘ اسمن تي لک.

 

امين ڀٽو

ڪراچي

 

 

 

 

نظم

اکيون خانه بدوشڻ  جون

ازل کان  ئي اڃاريون هن

قبيلي   جا   سڀئي  خيما

ٻرن     فانوس   وانگر  ٿا

انهن  ۾    زندگي     ڀي آ

انهن     ۾ تازگي      ڀي آ

انهن جا نيڻ     ڪجلاسر

ڪهڻ جي   رمز رکندا هن

اٺن جي    لوڏ جو   نقشو

نمن جي    ڇانو   جهڙو  آ

اهي سڀ مشڪ بيدن جان

حسينائون  هلن ٿيون جي

وجهن ٿيون ونگ پيرن ۾

انهن جي خامشي ڀي ڪا

بلا جو     معجزو      آھي

اهي ڪافر     ڪرڻ ڄاڻن

انهن    جا رات     ۾ خيما

ائين     لڳندا     پيا   آھن

مئي   صحرا  ۾    ھاريل آ

ستارا      لڙکڙائن       ٿا

ڏئي پيو چنڊ ڄڻ چوڪي

هي    لاڏائو     مسافر  اک

اسان    ۾ ھجر   پوکي ٿي

اسان خانه    بدوشي جي

چڙھي وينداسين نيزي تي

اکيون خانه بدوشڻ جون

ازل کان ئي   اڃاريون هن

 

نُور نبي ناچيز

ٽنڊوالهيار

 

 

 

 

غزل

ڏسي ناز تنهنجا سندي سُڌ وڃايُم،

پَسڻ ڪاڻ توکي پرين پنڌ پڇايُم.

هو ڏاڍو ڏکيو ڪو لڳو روڳ اهڙو،

ڇڏي ڏيهه پنهنجو پرين پَر وسايُم.

وفا جي سفر ۾ جفائن جا جهولا،

سوين سور سيڪي ٿي مَن ۾ پَچايُم.

تنهنجا ناز هينئڙو نچوڙي هليا ويا،

کلي ناز سي سڀ ٿي سيني لڳايُم.

تتي ريت تن کي ڪري سينو صحرا،

رڻن ۾ ٿي راهي ٿي توکي ريجهايُم.

تتي ڀونءِ وانگي ٿي ٽِڙڪيون اُڪيرون،

اکين جي سرابن ۾ اُڃ ٿي اُجهايُم.

ڪري پنهنجي ’ناچيز‘ قربان هستي،

ڏئي رت جگر جو وفا کي نڀايُم.

 

غزل

عشق جا سڌڙيا سمورا ٿا ملن سنسار ۾،

واٽ تان وريو وڃن، ڏکڙا ڏسيو چئوڌار ۾.

باک جي پهراڻ ۾ روئي ڍڪيو رخ رات ٿي،

پرهه ڦُٽندي نير ڳاڙيا برهه جي بازار ۾.

عشق گهاڻي پيڙهيا سِر ڪي ته سوري چاڙهيا،

ڪو ته سانگن سِر سنواري عشق جي اِسرار ۾.

ساڻ ويهي ٿا نڀائڻ جي به جيڪي بات ڪن،

ٿا رکن تفريق ڪيڏي فعل ۾ گُفتار ۾.

عشق جي اظهار جي ڪا انتها ڪوئي پَسي،

ڪير ٿو ڳاٽو ڪٽائي عشق جي اِظهار ۾.

عشق آڙاهن اُجاڙيا ڪئين اَجها آسن سندا،

ڪو ٻُڏي ’ناچيز‘ ڏيکاري ته اِن منجهڌار ۾.

سيف الله خالد يوسفاڻي

عمرڪوٽ

 

 

 

 

غزل

نگاهِه ناز جو انبور گهرجي،

جگر کي عشق جو ناسور گهرجي.

 

مريضِ تشنهءِ چشم عنب کي،

وصالِ دختر انگور گهرجي.

 

طلب ٿي زهر کي سقراط  جي آ،

وري سوليءَ کي ٿو منصور گهرجي.

 

اسين خود خيال صحرا جا نِواسي،

نه تنهنجي شهر جو دستور گهرجي.

 

جلايون ٿا ڪکائون آشيانو،

انڌاري رات کي ٿو نُور گهرجي.

 

نگاهه فتنه سازِ دل شڪن کي،

جگر منهنجو ٿور چڪنا چُور گهرجي.

 

اسان جو داستان غم ٻڌڻ لئه،

دلين کي حوصلو ڀرپور گهرجي.

 

اڏاري ڇڏ هوا ۾ ڪاڪلن کي،

نه خوشبو کي رهڻ محصور گهرجي.

 

نويدِ وصل جي آهي ضرورت،

لهڻ هي ورهه جو وهلور گهرجي.

 

ڀري ڏي جام نيڻ جي منجهاران،

رهڻ ماحول کي مخمور گهرجي.

 

صعوبت کي شفا سمجهي سهڻ سک،

نه ڪي ڏک ۾ رهڻ رنجور گهرجي.

 

هلڻ جو  وقت آيو ’سيف‘ آهي،

ڀرڻ ٻيڙي جو هاڻي پور گهرجي.

 

نم ناز

ٽنڊو جان محمد

 

 

 

 

غزل

جهان تنهنجو ۾ ڇو مولا، بغاوت پئي وڃي وڌندي،

عزيزن ۽ رفيقن ۾، حقارت پئي وڃي وڌندي.

 

مٽن مائٽن ۽ سيڻن ۾، دُکي پئي باهه نفرت جي،

رڳو اڄ ڪلهه جي ماڻهن ۾، عداوت پئي وڃي وڌندي.

 

سچائي ۽ وفائي جو، صفا نالو بچيو ناهي،

رڳو مطلب جي آ دنيا، ۽ نفرت پئي وڃي وڌندي.

 

ڀري بازار مان سچ جو، وڃي ٿو قافلو لُٽجي،

هتي چورن جو آ ديرو، مصيبت پئي وڃي وڌندي.

 

هلي ابليس پئو ڪاهي، کڻي ٽانڊا پنهنجي هٿ ۾،

بچايو يار دامن کي، غلاظت پئي وڃي وڌندي.

 

لُچي لوفر، ٻٽاڪي کي، ملي ٿو مانَ دنيا ۾،

سچائي ٿي ٻُڏي هرهر، ملامت پئي وڃي وڌندي.

 

نه سکرن ۽ سياڻن جو قدر ڪو آ، زماني ۾،

چُغل خورن ۽ چمچن جي، حمايت پئي وڃي وڌندي.

 

ڦٽي ويا راڄ ۽ پاڙا، ٿيون ڳوٺن منجهان ڍاڻيون،

ڪري انصاف اڄ موذي، خيانت پئي وڃي وڌندي.

 

مِلي آ چور کي چوڪي، چمن جو هاڻ ڇا ٿيندو،

هِتي دستور آ اهڙو، شڪايت پئي وڃي وڌندي.

 

مري ويو ماڻهپو آهي، ٿين لاشن مٿي سودا،

جهڙو ماڻهو، تهڙو ناڻو، تجارت پئي وڃي وڌندي.

 

تقدس ’ناز‘ رشتن جو، پنهنجي اڄ خون ۾ ناهي،

ٻري پئي باهه گهر گهر ۾، ڪدورت پئي وڃي وڌندي.

 

قائم الدين قائم ماڇي

لطيف ننگر

 

 

 

 

ڪافي

نماڻي نظر سان، سهڻا سٽي وئين،

رهيس يار روئندو، تون خوش ٿي کٽي وئين.

ڦٽي ننڊ نيڻن، سوا توکان ساجن،

خطا ڪهڙي ٿي جو، قرب کي ڪٽي وئين.

اک ساڻ اک ملائي، ديدن جا دام پائي،

پلڪ ۾ پيارا، تون دل کي ڦٽي وئين.

ڪر ڪا ’قائم‘ سان، واعدي وفائي،

ڏيئي پيار پيارا، منهڙو مٽي وئين.

 

ڪافي

ڪيئي يار قابو کڻين نازڪ نگاهون،

جاڳيو عشق جانب تَرڪُ ٿيون تمنائون.

کڻين نيڻ نازڪ نهارين جڏهين ٿو،

چشمن کي چوري ڪرين تائب تڏهين ٿو،

ڪري بند پنبڻيون سهڻا ڏين سزائون.

اکين ۾ اوهان جي سدا شور آهن

هڻن ڏنگ ڏاڍا ضدي زور آهن،

اثر ڪن نه ڪوئي هاڻ دلبر دوائون.

وڻين ٿو واه واه دلبر دلارا،

ڏسڻ ڏهاڙي آهيون ساجن سڪارا،

ڪري وار وارن کي ’قائم‘ ڪٺائون.

اُداس لُنڊ

  جوهي

غزل

روز خطرن ۾ هي جان آهي،

عشق آهي يا زندان آهي.

ڳالهه آهي نڀائڻ جي يارو،

نينهن لائڻ ته آسان آهي.

ڪشتي ڪيئن ڪو نه لُڏندي ڀلا پو،

تار پاڻي ۽ ٻيو طوفان آهي.

تون نه آهين ته ائن هان اڱڻ تي،

ڄڻ پيو خالي گلدان آهي.

ظلم ڪشمير سان ڏس ٿئي پيو،

چپ ڇو عرب ايران آهي.

ساري گهر ڌيءَ پٽن سوڌي توتان،

سنڌ هي جان قربان آهي.

سچ چوندس کڻي ان جي عيوض،

زندگي ڀر پيو نقصان آهي.

غزل

پيار جو ڪو راڳ ڇيڙجي،

جڳ ۾ پيار کي پکيڙجي.

ڍير تي ڦاٽل لٽي جئان،

درد ۾ دل ٿي لِويڙجي.

جي سبڻ نٿو پڄي ته پو،

ڪين ڪنهن جو من اُڍيڙجي.

تو سوا مان ان پٿر مثل،

راهه ۾ جو پيو ٿو ٿيڙجي.

خواب خواب درد گڏ ڪري،

شاعري ۾ ٿو سهيڙجي.

سنڌ جي حقن جي گهُر ڪجي،

پنهنجي قوم لاءِ جهيڙجي.

روزِ غم اُداس جا ڏسي،

روح روز ٿو اکيڙجي.

 

مير مختيار ٽالپر

ماتلي

 

 

 

 

 

غزل

اسان بي حَسي جي وطن ۾ رهون پيا،

غمن ساڻ لانئون لهون پيا لهون پيا.

ڪيڏي ماڻهپي جي ڪندي يار ڳولا،

سمنڊ ۾ ٻڏون پيا، جبل تان ڊهون پيا.

اسان جي عقل جي، عجب آ ڪهاڻي،

خود لئه مرون پيا، ٻين لئه جيئون پيا.

نڪي جَس گهُرجي، نڪي گهُرجي واهه واهه،

اَمڙ سنڌ تنهنجي حقن لئه وڙهون پيا.

غيرن تي ميارون، رکڻ ئي اجايون،

اوهان خود سڌاريو، پنهنجن کي چئون پيا.

هميشه نه هلندو، ويندو نيٺ گذري،

ڏکن جو زمانو، سکن ڏي وڌون پيا.

’مختيار‘ ماٺ ناهي ڪئي، مير سنڌ جي،

ظلم تي سِتم تي حُسن تي لکون پيا.

غزل

دل جا ته درد جانا، ڪنهن رات کان پڇين ها،

تولئه لڇي گذاريم، پرڀات کان پڇين ها.

مرڪون کسين ها توڙي، صدمن جا ڏين ها لشڪر،

پهرين اسان جي پيارا، حالات کان پڇين ها.

توسان ڪندي وفائون، هيءَ زندگي کپي وئي،

نيڻن مان ڍوليا ٽِميل، برسات کان پڇين ها.

تنهنجون ته يادون، مون لئه انمول آ خزانو،

توتي لکيو مون ڇا ڇا، سو ڏات کان پڇين ها.

’مختيار مير‘ توکي چاهيو ۽ توکي پوڄيو!

هن دل جو حال دلبر، عبادت کان پڇين ها.

 

خطائي ٿيٻو

ٻوڏار فارم- عمرڪوٽ

 

 

 

 

 

غزل

ڏسائن سوجهرا آڇيا ڳچيءَ ڳانن سان ڏاڍي ٿي،

وطن جي وارثي جاڳي ڀٽن ڀانن سان ڏاڍي ٿي.

خليل الله خدا جي تان ڏنا پئي باغ ۾ ڦيرا،

اُٿيون آڙاهه مان ڄڀيون ڪکن ڪانن سان ڏاڍي ٿي.

نقادن جي نگاهن ۾ پسند پنهنجي لڪل آهي،

رڳو واهه واهه جا ڪڙڪا سخن دانن سان ڏاڍي ٿي.

ڀريائون سون جا خچر انهي جو ڪوبه ڏک ناهي،

اڃا دانهي پئي مڪلي ڪتبخانن سان ڏاڍي ٿي.

’خطائي‘ مان ۽ ماپا زماني جا الڳ آهن،

صنم خنجر ڪڍي بيٺو ثنا خوانن سان ڏاڍي ٿي.

غزل

دل جي آڪاش جا چنڊ تارا تون اچ،

ڪونه ٿا ٻيا وڻن هي نظارا تون اچ.

آفتن ۾ کپن ٿيون دلي آٿتون،

مسڪرائي گهڙي کن پيارا تون اچ.

نيڻ سيلابجي توسواءِ اُٿيا،

درد جا چاڙهه ڪن پيا ڪنارا تون اچ.

ڪير ڇا ٿو ڪري ڪير ڇا ٿو چوي،

تو اڳيان مان رکان سور سارا تون اچ.

خواب ۾ جاڳ ۾ پيو ’خطائي‘ ڪري،

مرحبا مرحبا جيءَ جيئارا تون اچ.

 

منٺار علي هوت

جهڏو

 

 

 

 

 

غزل

درد دوري جو ويو دلبر وڪوڙي دل سڄي،

ناز سان نرمل ٿو، نازڪ نهوڙي دل سڄي.

روز شب راهون ڏسان پانڌي پڇان روهين رندين،

ورهه ۾ آهي وڍي ويتر وڇوڙي دل سڄي.

ساهه سالن کان سڪي لهه سگهو ساجن سماءَ،

آ فراقن جي سڄڻ فڪرات ڦوڙي دل سڄي.

ويئي جا نڪري هٿن مان ڪيئن وري واپس اِها،

ويو کسي مون کان کڻي محبوب موڙي دل سڄي.

هوت آ تنهنجو هميشه منهن نه مٽ ’منٺار‘ تون،

نينهن ۾ نرمل نمائي وڃ، نه ٽوڙي دل سڄي.

غزل

کڻي يادگيريون وريو آ ڊسمبر،

چڪيا چاڪ نئين سر چريو آ ڊسمبر.

وڇوڙيل ورهن جا مليا جن سان موٽي،

اُنهن لاءِ ڀاڳن ڀريو آ ڊسمبر.

هئا گڏ هميشه پرين سي پري ٿيا،

هينئون سي ئي ساري ڳريو آ ڊسمبر.

هلي آ حياتي، الئه ڪيسين آهي،

ڏکن ڏيل منهنجو ڏريو آ ڊسمبر.

ملڻ لاءِ موسم ڀلي آهي مٺڙا،

صفا برف جهڙو ٺريو آ ڊسمبر.

سوا تو نه ’منٺار‘ ساعت سري آ،

تنهنجو هوت ري ڪيئن سريو آ ڊسمبر.

 

نيازمند بلڙائي

بلڙي شاهه ڪريم

 

نعت شريف

مرحبا صد مرحبا منٺار آيو مصطفيٰ،

ڪل نبين جو پيشوا پڳدار آيو مصطفيٰ.

سبز گنبذ کي ڏسي اکڙيون ٺرن ۽ دل ٺري،

درد ٿي سڀ ويا ختم دلدار آيو مصطفيٰ.

نور نِرمل سان ويو، ڪٽجي ڪُفر سارو سڄو،

عاجزن اڀرن سندو، سردار آيو مصطفيٰ.

جن، ملڪ، حوريون، پريون، حيران ٿيا حضرت ڏسي،

رحمت للعالمين، مهندار آيو مصطفيٰ.

’نيازمند‘ تون نياز سان، صلوات پڙهه سيّد مٿي،

عاصين جو آسرو آڌار آيو مصطفيٰ.

قطعه

خاموشي بس خاموشي آهي،

ويهي ڪنهن سان سور سليان مان،

هي ڪارو ڪاري دهشتگردي،

ڪنهن وٽ دانهيان حال سڻايان مان.

---

ڪير سڻي ۽ ڪير ٻُڌي اڄڪلهه؟

هرڪا طاقت حاڪم وٽ آ،

مسڪينن تي مار مدامي آهه،

ظلمي ڏنڊو ظالم وٽ آ.

---

طاقت، همت، جُرئت سان جئي،

دهشتگردي روڪڻ گهرجي،

ڏنڊن، ڏاٽن، ڪُهاڙين سان،

جنگ جدل سان جوٽڻ گهرجي.

 

’مصروف‘ محمد حسن چانڊيو

 ڪنري

 

 

 

 

 

گيت

گذاريان رات ٿو تنھا  ستارن سان ڪري ڳالھيون،

ڪنول ٿو جيئن ڪينجھر جي ڪنارن سان ڪري ڳالهيون.

سمنڊ تي گڏ گھمياسين ٻئي  اھو  به ڪو زمانو ھو،

ديواني مان ھيئس ھن  جي ۽ ھو منھنجو  ديوانو ھو،

گلابن  ٿي ڏٺو مرڪي بھارن سان ڪري ڳالهيون.

رسي توکان ويس ٿي مان سري پل ڀي نٿي تنهنجي،

اي دلبر  دور مون کان  دل ٺري پل  ڀي نٿي  تنهنجي،

روئي ڏيندو ھُئين نياپا ھزارن سان ڪري ڳالهيون.

چورائي  نظرون ماڻهن کان ھُئين  مرڪي مون ڏي ڏسندو،

مٺا  محبوب  ملنداسين چپن ۾ ھئين  مونکي  چوندو،

ھئا  واعدا وچن ٿيندا اشارن سان  ڪري  ڳالهيون.

مٺا  مصروف آ رھندو تنهنجي يادن جي گھيري ۾،

سواِ  تو  روشني  ناھي   وڇوڙي   جي  انڌيري  ۾،

پرين بس سرد لڙڪن جي قطارن سان ڪري ڳالهيون.

غزل

درد تنهنجي دربدر ڪيا آھيون،

تڏهن ته بي دخل شھر ڪيا آھيون.

توکان مون کي وفا ملي نه سھي،

عشق تنهنجي معتبر ڪيا آھيون.

جھومي نيڻن جي ڪيف ۾ پيو جيون،

سندء ساگر ته پر ڪيا آھيون.

ڪجهه  مان نه ھئس عشق کان اڳ۾،

پيار تنهنجي ڪارگر ڪيا آھيون.

 هجر هاڻي ٿو ھانوء کي ڏاري،

آب نيڻن  جي تربتر ڪيا آھيون.

سمجهي پاگل ٿا ھڻن ٻار پٿر مون کي،

سڪ تنهنجي گھر کان بي گھر ڪيا آھيون. 

ھاڻي  فقيري جي واٽ ٿئون ورتي،

ڪنهن ته دنيا کان بي خبر ڪيا آھيون.

غمي سلطنت جو شھنشاھ آھيان مصروف‘،

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org