سيڪشن: رسالا

ڪتاب:مهراڻ 04/ 2021ع

باب:

صفحو:11 

نصرالله’ناصر‘ جوڻيجو

نم شريف

ياخدا

 

يا خدا ڪر مصطفيٰ جي اقتدا مونکي نصيبُ،

احمد مختيار جي راه هدا مونکي نصيبُ.

درد دل ۾ آ سدائين سيّد ابرار جو،

پيروي مُرسل مٺي جي ڪر سدا مونکي نصيبُ.

ڪهل چشمن ۾ ڪيان مان مُرسل جو سدا،

واسطي خواجه حسن(1) جي ڪر خدا مونکي نصيبُ.

عشق مونکي ڏي خدا تون سيَّد سرڪار جو،

شاهه آغا(2) واسطي تون ڪر مدا مونکي نصيبُ.

جان ڏيان ايمان سان ڪلمون چئي مون لااِلـــــٰھ،

واسطي تون چار يار ڪر خدا مونکي نصيبُ.

قبر محشر ۾ ڪوبه غم نه ڏي ’ناصر‘ کي،

زيارت روضي نبي، ڪر دم بدم مونکي نصيبُ.

عشق

هو بُوستان عشق جو، هڪ باغبان مست،

بره جي بتان جو، هڪ رازدان مست.

عشق آ  نعمت خدائي، جو وڃي مچي رچي،

ڇا بيان ان جو ڪيان، مان داستان مست.

عشق اعليٰ شان آهي، ناهه ڪنهنکي ڪا پروڙ،

عشق دم دم ٿو ڪري، ڪي قمرجان مست.

عشق آدم کي هيو، جنهن ڪيو مَلڪن سَجدو،

عشق جي منزل جو هو، هڪ پسلبان مست.

عشق آ رمز خُدائي، ڇا خبر ’ناصر‘ توکي،

هو عشق جي اِسرار جو، هڪ ببلان مست.


 

(1) تاج الاولياء حضرت آغا محمد حسن جان سرهندي رحمته الله عليھ

(2) قطب الاقطاب حضرت آغا عبدالله جان عرف شاه آغا سرهندي رحمته الله عليھ درگاه ٽنڊوسائينداد حيدرآباد

 

مخلص چانڊيو

دڙيلو

 

 

 

 

غزل

جڏهن مون وٽ مٺو محبوب هو مهمان ٿي ويندو،

غريباڻي ڪکن تي ڪو وڏو احسان ٿي ويندو.

اسان جون التجائون ۽ اوهان جا ڏاڍ ڏاڍايون،

نٿو سرچين ته سُهڻا سور مان سرطان ٿي ويندو.

وچن مون آ ڪيو تو سان هميشه گڏ گذارڻ جو،

رکندين دل جي دلبر تون ته هي دربان ٿي ويندو.

ڪريان سڏ سؤ نه سڏ ڏين ٿو ڏيان ٿو ساهه سُڏڪن ۾،

هلي آ پيو هڻان هچڪيون هيئون حيران ٿي ويندو.

ٻڌايان حال دل جو جي، ڪرين ڪو قياس ’مخلص‘ تي،

مرڻ جي مهل جي ملندين مُئل جو مان ٿي ويندو.

غزل

ڪڏهين ڪنهن بيوفا سان دل نه لائين ها ته بهتر هو،

مٿو ڪياڙي تون سينڊل کان بچائين ها ته بهتر هو.

اڇن ۾ تو کَري ناتو رکيو آهي ندورين سان،

ڄُنڊا پنهنجا نه پيريءَ ۾ پٽائين ها ته بهتر هو.

ڪُٽيائون ۽ ٻيون توسان، ڪيائون ويڌنون ڪيئي،

اُنهيءَ کان پوءِ نه تون اُن جو چوائين ها ته بهتر هو.

جڏهن تُنهنجي مٿان حشري سدائين آ اها ’قائم‘،

انهيءَ کان ٻير ۾ ڦاهو ٻڌائين ها ته بهتر هو.

لڳي مجبور ’مخلص‘ ٿي، ڪرائي پر به تون اهڙي،

نه صورت جي يتيمانه اپنائين ها ته بهتر هو.

 

نذر عباس

غزل

بي وڙا اهڙا ٿياسين، عنايتون وسري ويون،

رغبتِ ابليس اهڙي، عبادتون وسري ويون.

ماڻهپي جي مُند وئي، وئي شناسائي لڏي،

پيٽ بڇڙي جي پٺيان، سي عادتون وسري ويون.

ها وري واپس اچن! ڏينهن اُلفت، چاهه جا،

دل لُٽيءَ کي يار سڀ، راحتون وسري ويون.

آ عجب هيءُ مامرو، هن وبائي دور ۾،

دشمني وسري ڀلي پر، چاهتون وسري ويون.

ڌوڙ ڀڪليا، پيٽ بکيا، انگ اگهاڙا ٻارڙا،

لڪ لڪوٽيون، رانديون، سياحتون وسري ويون.

ٿئي اميري حال ۾، هرڪو چاهي ٿو گذر،

ٿورڙي ڏُٿَ سان ڪيل، قناعتون وسري ويون.

ڪنهن پڇيو اڄ ڇو ڀلا، ٿين نٿا ڪي معجزا؟

مون چيو ڀائو سچيون سي رياضتون وسري ويون.

اڄ ڀڄي پيو ڏور هرڪو، هڪ ٻئي کان ڪيترو،

ميڙ، ميلا، همرچا، سڀ دعوتون وسري ويون.

مَٽجندڙ هي رنگ جيون جا، ڏسي ’عباس‘ کان،

ڇِرڪ نڪتا، لڙڪ لڙيا، راحتون وسري ويون.

غزل

وقت کي ڏيئي لاڪ ڊائون، دل قرنطينه ڪجي،

پيار جهڙي ها مگر، ڪابه غلطي نا ڪجي.

جا بُجا رکجن وٿيون، ڀل سماجي پاڻ ۾،

هڪ ٻئي جي لاءِ ليڪن، دل سوڙهي نا ڪجي.

هوشمندي ساڻ هردم، فيصلا نازڪ ڪجن،

خوامخواهه لهرن حوالي، دل جي ڪَشتي نا ڪجي.

خود بچون ٻين کي بچايون، حالتن جي وار کان،

پر جيئڻ جي جنگ ۾، ڪائي جلدي نا ڪجي.

هي گهڙيون ڏکيون سکيون، نيٺ گذري وينديون،

صبر سان ’عباس‘ ڪڏهين، دل شڪستي نا ڪجي.

 

مرتضيٰ جمالي

جوهي

 

 

 

 

غزل

جي توکي صنم ڏسان ئي نه ٿو،

مان به شاعري لکان ئي نه ٿو.

جي اچين ٿي رلجي ڏات سان،

لکندي لکندي پو ٿڪان ئي نه ٿو.

تنهنجي ڦوٽو سان گفتگو ليڪن،

تو اڳيان ڪجهه ڪُڇان ئي نه ٿو.

سچ چوندو ٿو رهان سدا،

ڇو ته دار کان ڊڄان ئي نه ٿو.

گهڻگهرو هان سنڌ جو ’مرتضيٰ‘،

ڪک به سنڌ تي سهان ئي نه ٿو.

غزل

يار جيڪر نظر اچي ويندو،

شاعري ۾ اثر اچي ويندو.

گهٽ ملي مزوري مگر ڪجي ته سهي،

ڪجهه ته گهر جو وکر اچي ويندو.

منهنجو ڀٽڪڻ ٿيندو سجايو جي،

هٿ اگر دلبر جو گهر اچي ويندو.

آ ٿڙي پير ۾ لڳي ڪوڏر،

ڇا خبر ڪو، پٿر اچي ويندو.

تون نه ناراض ٿي امان مون کان،

ڀاڳ منهنجي کي در اچي ويندو.

 

ولي محمد وفا هوت

چرواڻ

 

 

 

 

غزل

ڪڏهن ڪرم فرما، ستمگر ڪڏهن تون،

مسيحا ڪڏهن بت مندر ڪڏهن تون.

ڪڏهن تنگ نظري، جي حد ڪانه آهي،

پرين دل جو دريا، سمندر ڪڏهن تون.

نگاهن جي مئي لئي ڪڏهن ٿو سڪائين،

پيارين ٿو پيمانا، هر هر  ڪڏهن تون.

کڻي اک نماڻي، ڪڏهن ٿو جيارين،

اُلارين اکين ساڻ، خنجر  ڪڏهن تون.

’وفا‘ تون لڳين ٿو ڪڏهن ماکي جهڙو،

لڳين ٿر جو مون کي، ٿو ٿوهر ڪڏهن تون.

غزل

هاءِ ڪيسين، دشمني توسان ڪجي.

هاڻ جيون! دوستي توسان ڪجي.

ايتري پياري لڳين ٿي، دل چوي،

جانِ جانان، عاشقي توسان ڪجي.

لوڪ کان لڪڻو پوي ٿو ها مگر،

راز دل جو ظاهري، توسان ڪجي.

هونئن ته ڪيڏيون دل لڳيون مون هن ڪيون،

دل چوي ٿي، آخري توسان ڪجي.

رنجشون ساريون ختم ٿيون هن مٺي،

هاڻ ڪهڙي، بي رخي توسان ڪجي.

ڀرم سارا دل جا ٽوڙي تو ڇڏيا،

چئو ’وفا‘ ڪهڙي وري توسان ڪجي.

 

بابُو جوڻيجو

ڳڙهي ياسين

 

 

 

 

 

غزل

اک ملائي ٿي،

دل لڳائي ٿي.

پيار جا مون سان،

پيچ پائي ٿي.

گيت پيار سندا،

پئي ڳائي ٿي.

پاڻ ملون شل ٻئي،

رب کي ٻاڏائي ٿي.

ڏيئا پيار جا،

دل ۾ جلائي ٿي.

صبح شام ’بابو‘ جا،

رستا واجهائي ٿي.

غزل

هُوءَ ڪيڏي سُٺي آ،

ماکي کان به مٺي آ.

اڇي اڇي کير جيان،

چنڊ کان به چٽي آ.

تعريف هن جي ڇا ڪيان،

ساري لوڪ کان سُٺي آ.

وسري ڪانه ٿي مون کان،

جڏهن کان مون ڏٺي آ.

رُسندي به نه آ مون سان،

ڪندي ڪانه ڪا ڪٽي آ.

 

فراخ جانوري

لاڙڪاڻو

 

 

 

 

غزل

محبت جو سفر آ ۽ دڳن ۾ ڌر تتيون آهن،

نه اُڀ تي ڪو ڪڪر  آ ۽ دڳن ۾ ڌر تتيون آهن.

 

مسلسل ڀوڳنائون هن نه ڪاٿي ڪي پناهون هن،

نه ساٿي ڪو ثمر آ ۽ دڳن ۾ ڌر تتيون آهن.

 

رڳو رائو، رڃون آهن ۽ جنمن جون اُڃون آهن،

نه برسيو ڪو ڪڪر آ ۽ دڳن ۾ ڌر تتيون آهن.

 

کڻي جوڳين جيان خطرا پيا نانگن سان جهيڙيون ٿا،

بلائن سان ٽڪر آ ۽ دڳن ۾ ڌر تتيون آهن.

 

اسان خانه بدوش جي ڀلا منزل به ڪهڙي آ،

حياتي دربدر آ ۽ دڳن ۾ ڌر تتيون آهن.

 

نه جنهن جي ڪا پڄاڻي آ اسانجو درد ساڻي آ،

اهوئي راهبر آ ۽ دڳن ۾ ڌر تتيون آهن.

 

گرم جهولا جياپي جو حصو آهن قصو آهن،

نه ڪاٿي ڪو شجر آ ۽ دڳن ۾ ڌر تتيون آهن.

 

لتاڙي پلصراتن کي هلي هن پار پڄندا سي،

ارادو هي امر آ ۽ دڳن ۾ ڌر تتيون آهن.

 

رُتون ويري ’فراخ‘ آهن هوائو سُنب گهوڙن جا،

پرين پل پل پٿر آ ۽ دڳن ۾ ڌر تتيون آهن.

 

بيتاب ناپر

شڪارپور

 

 

 

 

 

غزل

خواب ڪنهن جي، جو چور ناهيان مان،

سمنڊُ هوندي به شُور ناهيان مان.

ظلم برداشت روز ڪيان تنهنجو،

آدمي آهيان، ڍورُ ناهيان مان.

پيرَ هن پُلصراط تي منهنجا،

پنهنجي مقدر کان، زور ناهيان مان.

باغ ۾ زندگي نه آ منهنجي،

تو جيئان ڇو ته مورُ ناهيان مان.

تون ته بارات ۾ نچين، ڳائين!

ها، خوشين وارو دور ناهيان مان.

ڄڻ لُڇي آسمان ٿو مون ۾،

چينُ، سُک ۽ سُرور ناهيان مان.

روز دهليز مان ڌوئان تنهنجي،

روزُ تنهنجو مزورُ ناهيان مان.

غزل

ها، مان اڪثر جُهرندو آهيان، جيئرن تي،

تنهنجو روڄ سدائين آ تصويرن تي.

قبرن مان آواز ڪنن تي پهتئي ڇا؟

پهتي آهين پيرين اگهاڙي پيرَن تي.

نعرو شاه عنايت وارو هنيو آ مون،

هاڻي پُختي بيهجان ۽ پنهنجي پيرَن تي.

تنهنجا نيڻ سدائين زوراور مليا،

سامهون آياسين ته اُٿيا تيرَن تي.

تنهنجا بزدل ڪالهه ڀڄي ويا جنگ منجهان،

مون وارن جو خُون لڳل آ شمشيرُن تي.

ڪاش! هجي ها، بالي زنده دنيا ۾،

حاوي ٿئي ها، مڙين اميرن، ميرَن تي.

عالمَ ۾ تون اعليٰ ظرف کي رکندو ڪر!

اَنس سڃاتو ويندو آ تدبيرَن تي.

 

ياسين ڪنڀر

پنوعاقل

 

 

 

 

اَميرؤ! غريبن جي واهر ڪريو،

اٿو بي وسيلن جي واهر ڪريو.

 

جوانو اٿو پهلوانؤ اٿو،

سمورن ضعيفن جي واهر ڪريو.

 

رهن جيڪي پاڙي ۾ بيواهه ٿيون،

انهن ۽ يتيمن جي واهر ڪريو.

 

سڪن ٿا جي مسڪين ويلي جي لئه،

فهيمؤ! فقيرن جي واهر ڪريو.

 

اٿو سيٺ راشن ڏيو خلق ۾،

عزيزن قريبن جي واهر ڪريو.

 

پراون ۽ پنهنجن جي پارت اٿو،

حبيبؤ! حبيبن جي واهر ڪريو.

 

اُٿو سرندي پڄنديءَ وارا سڀئي،

وڏيرؤ! ننڍيرن جي واهر ڪريو.

 

ڪرونا ٽري ويندي صدقات سان،

مزورن مريضن جي واهر ڪريو.

 

’ڪنڀر‘ لاڪ ڊائون جي مُند ۾،

هميشه ئي هيڻن جي واهر ڪريو.

 

دانيال رنگريز

بٺورو

 

 

 

 

 

نثري نظم

ڪينجهر  جي شام!

هڪڙو سورج ڌيمي ڌيمي

لهي پيو هاڻي

هڪڙو سورج لٿوئي نه آهي!

هڪڙي شام اُٿي پئي هاڻي

جنهن ۾ ڪينجهر جَرڪي پئي

هڪڙو نيرڳ پکين جو ٽولو

جيڪو اچي لٿو آ هاڻي

جن جي پرن ۾

اَن مِٽُ شڪليون

تارن وانگر چمڪن پيون

جن مان هڪڙي شڪل

ڪينجهر جي آهي

جيڪا صدين کان جهڪي ئي نه آهي

هڪڙي هير لڳي پئي هاڻي

جنهن ۾ کيپَ خُمار به آهن

جنهن ۾ روح جي راحت به آهي

جنهن پل هيءَ هير گهُلي ٿي

ڪينجهر ساري مَست لڳي ٿي

هڪڙي سونهن نوري جي آهي

جيڪا صدين تائين رهندي

۽ هڪڙو ڄام تماچي آهي

جيڪو صدين کان سُتوئي نه آهي

هڪڙي تاريخ اڃان پئي لکجي

جنهن ۾:

ڪينجهر، نوري ۽ تماچي آهن

هڪڙي ڪينجهر جي شام آهي

جيڪا اڃا اُجهي ئي نه آهي

جنهن ۾ سهڻا منظر آهن

جيڪي صدين کان روشن آهن!

هڪڙو سورج ڌيمي ڌيمي لهي پيو هاڻي!

هڪڙو سورج لٿوئي نه آهي!

 

سليم رضا

ٽنڊوجان محمد

 

 

 

 

 

غزل

رنگ ڇا وکريا سندءِ آغوش جا،

پير ٿڙندي مون ڏٺا پوءِ هوش جا.

 

پوپٽن جون حسرتون جاڳي پيون،

ٿيا جڏهن جلوا جوان گل پوش جا.

 

مون جڏهن توکي ڏٺو هو گهاٽ تي،

چين کسيا پوءِ دل سنتوش جا.

 

مئي ڪدو بند ٿيو ته اک مان پي اُٿيو،

وصل وارا ٿي ويا مئي نوش جا.

 

سونهن ٽوڙي سرحدون آئي هلي،

روپ مون تو ۾ ڏٺا گوگوش جا.

 

هِت ڪُڇڻ ڀي ڏوهه جي آهي ’رضا‘!

حق غصب ڇو ٿا ٿين خاموش جا.

 

 

محمد قاسم ڪلوئي

ٽنڊو جان محمد

 

 

 

 

 

غزل

تنهنجي خوشبو يار هوا ۾،

موتئي جيئن مهڪار هوا ۾.

چئني پاسي ٿي وئي خوشبو،

کوليا جي تو وار هوا ۾.

ڌيري ڌيري پير کنيا تو،

ٿي وئي آ، ڇمڪار هوا ۾.

تنهنجي مست نگاهن آندو

ڪيڏو آهه خمار هوا ۾.

ڪٿ پيو ڳولين ’قاسم‘ سائين،

صورت جي سرڪار هوا ۾.

غزل

وقت مون سان وفائي ڪئي سا ڪئي،

چنڊ تارن سُهائي ڪئي سا ڪئي.

درد کي چئو وڃي ٻي گهٽي ۾ گهُمي،

ننڊ مون سان دَغائي ڪئي سا ڪئي.

آسرن جي سفر تي هلياسين گهڻا،

رهبرن رهنمائي ڪئي سا ڪئي.

بس اميدن جي چڪر اندر ڦاسجي،

دل وفا آ اَجائي  ڪئي سا ڪئي.

ها اڃا زندگي جو ڏيئو ٿو ٻري،

هُن اجايو ٻيائي ڪئي سا ڪئي.

هو گُلن جي جهلي خوشبو ٿو هلي،

مون ڪنڊن سان ڀَلائي ڪئي سا ڪئي.

ڪا چڱائي ته ’قاسم‘ نه پيئي قول،

جيتري ڀي چڱائي  ڪئي سا ڪئي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org