مير محمّد خاصخيلي
ڊينگاڻ ڀرڳڙي
آبِ حيات جي تلاش
جمال هڪ غريب ماڻهو هو. اُهو نُورڪوٽ ڳوٺڙي ۾
رهندو هو. هن جو هِن دنيا ۾ ڪوبه مٽ مائٽ ڪونه هو.
اُنهيءَ جي هڪ ڪمزور جهوپڙي هئي، جنهن ۾ هُو رهندو
هو. هن جي زال ڇهه سال اڳ گذاري وئي هئي. هن جي
گهر ۾ هڪ وڏو پٿر پيل هو. هيءُ پٿر ڪجهه ههڙي قسم
جو بڻيل هو؛ جو ڳوٺ وارا اُن کي ڏسي ڪري حيران
ٿيندا هئا، ۽ ڪنهن جي به سمجهه ۾ اڄ تائين هيءَ
ڳالهه ڪانه آئي هئي ته هن پٿر جو آخر راز ڇا آهي؟
هن ڳوٺڙي ۾ هر سال چوڏهين مئي تي هڪ ٻار گُم ٿي
ويندو هو. ۽ ڳوٺ وارا اُنهي عذاب کان پريشان هئا،
اُن حادثي ۾ پوئين سال جمال جو اڪيلو ڇوڪرو به
غائب ٿي چڪو هو.
حامد ۽ ڪاشف، اُنهيءَ ڳوٺ ۾، اُنهن ڏينهن ۾ پنهنجي
مامي وٽ گرميءَ جون موڪلون گذارڻ لاءِ آيل هئا،
اُتي اچي کين هن واقعي جو پتو پيو.
اڄ تيريهن مئي آهي ڪاشف، ڪنهن سوچ ۾ گُم لهجي ۾
چيو: ”پوءِ ڇا ٿيو؟“ حامد، لاپرواهيءَ جي انداز ۾
چيو: ”سڀاڻي چوڏهين مئي آهي.“
ڪاشف، ڄڻ ياد ڏياريندي چيو:
”چوڏهين مئي آهي ته پوءِ ڇا ڪريان؟“
حامد وري اُنهي ئي انداز ۾ چيو: ”توکي شايد ياد
ڪونهي ته مامي اسان کي چوڏهين مئي جي باري ۾ هڪ
واقعو ٻڌايو هو.“
ڪاشف البيلي انداز ۾ ئي چيو: ”ها يار! مون کي ياد
اچي ويو.“ حامد دلچسپي وٺندي چيو: ”آءٌ چاهيان ٿو
ته سڀاڻي، اُن بَلا کي ڏسان، جيڪا ٻارن کي کڻي وڃي
ٿي، ڪاشف وڏي مسرت وچان چيو. اِهي ڳالهيون ڪندي
ڪندي ٻئي سُمهي پيا. صبح جو سجاڳ ٿي ٻنهي فجر جي
نماز پڙهي، وهنجي سهنجي نيرن کائڻ ويٺا. نيرن کائڻ
کان پوءِ ٻئي ڳوٺ جو چڪر لڳائيندا رهيا، پر اُنهن
کي ڪائي ڪٿي بَلا سَلا نظر ڪانه آئي. آخرڪار رات
ٿي وئي. رات جا ٻارنهن وڳا ته ڪنهن حامد جو پير
پڪڙي ورتو، ۽ هوا ۾ آهستي آهستي کڄڻ لڳو. ”ڪاشف!
مون کي ڪوئي مٿي کڻي وڃي رهيو آهي.“ حامد ڏڪندڙ ۽
لرزندڙ نڙيءَ مان گهُٽيلو آواز ڪڍندي چيو.
ڪاشف، فوراً بلب ٻارڻ جي لاءِ سوئچ دٻايو، ليڪن
لائن اڳيئي ڪٽجي چڪي هئي. هن فوراً پنهنجي پيل
ٽارچ ڪڍي ورتي. هن ٽارچ جي روشنيءَ ۾، اوڏانهن
ڏٺو، جتان کان حامد جو آواز آيو هو، هن ڏٺو ته هڪ
وڏو پکي آهي، جيڪو حامد کي پنهنجي پيرن ۾ پڪڙي مٿي
کڻي وڃي رهيو آهي، ڪاشف ڊوڙيو ۽ ٽپي ڪري پکيءَ جي
پير کي پڪڙي ورتو. ليڪن پکيءَ جي پيرن ۾، نه ڄاڻي
ڇا هو، جو هُو ٻئي بيهوش ٿي ويا، پکي ٻنهي کي
پنهنجي چنبن ۾ پڪڙي هڪ طرف هليو ويو. جڏهن اُنهن
کي هوش آيو ته هنن ڏٺو ته هُو ٻئي ٻَڌا پيا آهن ۽
هرطرف مشينون لڳيون پيون آهن. ايتري ۾ دروازو
کُليو ۽ نقاب پوش اندر آيو، هن چيو ته: ”اڄ اوهان
جو وارو آهي، اڄ ست ڇوڪرا پورا ٿي ويندا. مون پنجن
ڇوڪرن جي ريڙهه جي هڏي کي، هنن مشينن ۾ فِٽ ڪري،
اُنهن جو خون ڪڍي ورتو آهي، اوهان ٻنهي جي ريڙهه
جي هڏيءَ جو خون ڪڍي وٺان ته پورن ستن ڇوڪرن جو
خون گڏ ٿي ويندو ۽ اُن کان پوءِ آبِ حيات ٺهي
ويندو. اُن کي پي ڪري پوءِ آءٌ هميشه زنده رهندس ۽
آهستي آهستي سڄي دنيا تي قبضو ڪري وٺندس، ڇو ته اڄ
کان پوءِ مون کي ڪوبه ماري مات ڪري نه سگهندو. ها،
ها، ها.....“
اِهو چئي، هن هڪ زوردار ٽهڪ ڏنو، اُن کان پوءِ
انهن جي ويجهو آيو ۽ انهن ٻنهي جا هٿ پير کولي،
اُنهن جا هٿ پڪڙي هڪ مشين جي طرف وٺي وڃڻ لڳو.
اُنهيءَ گهڙيءَ جو انهن کي انتظار هو. ٻنهي هڪ
زوردار جهٽڪو هنيو ۽ پنهنجا هٿ ڇڏائي ورتا ۽ ٻنهي
پٺيان کان کيس پنهنجن مٿن سان ٽڪر هنيو، اِهو
سڀڪجهه اهڙي ته تيزي سان ٿيو جو ’نقاب پوش‘ پاڻ کي
سنڀالي ئي ڪونه سگهيو، هُو مُنهن ڀَر فرش تي ڪِرڻ
وارو هو، ان کان پهرين جو هُو پاڻ سنڀالي وٺي،
ايتري ۾ حامد ڀر ۾ پيل لٺ، هن جي مٿي تي زور سان
واهي ڪڍي. ’نقاب پوش‘ بيهوش ٿي ويو. ٻنهي هن کي
کنيو ۽ اُنهيءَ ئي دروازي کان ٻاهر آيا، جنهن
دروازي مان نقاب پوش اندر آيو هو، ٻاهر هڪ چاڙهي
مٿئين طرف وڃي رهي هئي.
”حامد! تون هِتي بيهه، آءٌ هاڻي ئي اندران ٿي اچان
ٿو.“ اِهو چئي ڪري ڪاشف ٻيهر اندر هليو ويو، ٿوري
دير کان پوءِ ڪاشف واپس آيو، اُهي ٻئي نقاب پوش کي
کڻي چاڙهيءَ جي ذريعي مٿي پهتا. مٿي پهچي ٻئي
حيران رهجي ويا، ڇو ته هيءُ گهر اُنهن لاءِ نئون ۽
اوپرو ڪونه هو. ٻئي ٻاهر آيا ۽ ڳوٺ وارن کي ڪَٺو
ڪيائون. پوءِ ڪاشف چوڻ لڳو ته: ”هڪ بلا ڇهن سالن
کان هر سال چوڏهين مئي تي هڪ ٻار کي کڻي ويندي
هئي، ڪنهن کي ئي خبر ڪانه هئي ته اُها بلا ڇا آهي؟
اُها بلا هيءُ نقاب پوش آهي، هيءُ پنهنجي مشيني
پکيءَ کي گهر ويٺي ڪنٽرول ڪري ٻارن کي کڻي ويندو
هو. هن ڪالهه رات اسان ٻنهي کي کڻائي ورتو، هن
پکيءَ جي پيرن ۾ ننڍا ننڍا ڪنڊا نڪري ايندا آهن،
جنهن ۾ بيهوشيءَ جي دوا لڳل هوندي آهي. هُو ٻار کي
بيهوش ڪري پنهنجي چنبن ۾ پڪڙي کڻي ويندو هو.
اِهوئي سبب هُو جو ٻار رَڙ ئي ڪونه ڪري سگهندو هو.
هُن پنهنجي ٻارن کي اڳ ۾ ئي کڻائي ورتو هو. اسان
ٻنهي کي ملائي ڪري پورا سَت ٿي وڃن ها. هِن ڪٿي
پڙهيو هو ته ستن ٻارن جي ريڙهه جي هڏيءَ جو خون
ڪڍي، اُن ۾ چند قسم جي جَڙين ٻوٽين ملائڻ سان آبِ
حيات ٺهي ويندو. اُنهيءَ ڪري هيءُ به آبِ حيات
ٺاهڻ جي چڪر ۾ پئجي ويل هو؛ ليڪن اڄ اسان هن کي
قابو ڪري ورتو ۽ هن کي هتي وٺي آيا آهيون، جڏهن
آءٌ هِن جي چهري تان نقاب هٽائيندس ته اوهان سڀئي
حيران ٿي ويندؤ.“
اِهو چئي ڪري ڪاشف ان بلا جي منهن تان نقاب لاٿو
ته سڄو ڳوٺ سڪتي جي عالم ۾ اچي ويو؛ ڇو ته اُتي
جمال خان کي نقاب پاتل هو. ڪاشف وري چوڻ شروع ڪيو.
”دراصل ڇهه سال اڳ هن جي زال فوت ٿي ويئي هئي. هن
ڪنهن ڪتاب ۾ آبِ حيات جي متعلق پڙهيو هو. هيءُ
تمام وڏو سائنسدان آهي، جنهن جو ڳوٺ ۾ ڪنهن کي علم
ڪونه هو. هِن پنهنجي زال جي مرڻ کان هڪ سال اڳ هڪ
مشيني پکي ٺاهي ورتو هو. هِن وقت اهو پکي سندس گهر
۾ موجود آهي. ۽ اُتي اُهو وڏو پٿر آهي، جنهن جي
پٺئين پاسي هڪ بٽڻ آهي، جنهن کي دٻائڻ سان ڪيئي
ٻيا بٽڻ نمودار ٿين ٿا. اُنهن ئي بٽڻن جي ذريعي
پکيءَ کي ڪنٽرول ڪيو ويندو آهي، هاڻي اهو پکي اسان
جي گهڻن ئي ڪمن ۾ ايندو. هِن جڏهن اُن پکيءَ کي
ٺاهيو هو، اُنهيءَ وقت کيس معلوم ڪونه هو ته هيءُ
پکي ڪهڙي استعمال ۾ ايندو. زال جي مرڻ کان پوءِ
هِن اُهو ڪتاب پڙهيو، جنهن ۾ آبِ حيات جي متعلق
ڳالهيون درج هيون ۽ پوءِ اُن ڪاروائيءَ ۾ لڳي ويو،
هينئر پوئين سال چوڏهين مئي جي رات پنهنجي پٽ کي
پنهنجي ڪنهن عزيز وٽ موڪلي ڇڏيو ۽ ڳوٺ ۾ مشهور
ڪيائين ته هن جي پُٽ کي به بَلا کڻي ويئي آهي.
اهڙي طرح هن تي ڪوئي شڪ ڪونه ڪري سگهندو هو، ۽ هُو
جنهن مشين جي ذريعي، پکيءَ کي ڪنٽرول ڪندو هو، اُن
۾ ڪاري رنگ جو هڪ بٽڻ لڳل آهي، جنهن کي دٻائڻ سان،
اُهو پٿر پنهنجي جڳهه کان سِرڪي ويندو هو ۽ هيٺيان
کان چاڙهي نظر ايندي آهي، جيڪا تهه خاني تائين
ويندي آهي. اِها آهي اُن جي ساري ڪهاڻي.“
ڪاشف ٿوري دير جي لاءِ رُڪيو، پر پوءِ وري چوڻ
شروع ڪيائين ”اوهين ماڻهو يقيناً حيران ٿيندؤ ته
مون هيتري ساري معلومات ڪيئن هٿ آئي. اها ڄاڻ مون
کي ان وقت ملي جڏهن تهه خاني ۾ مون کي هوش آيو،
منهنجي نظر ميز تي رکيل هڪ ڊائريءَ تي پئي، جيڪا
هن بي خياليءَ ۾ ڇڏي ڏني هئي. اڃان آءٌ اُن جي
باري ۾ سوچي ئي رهيو هئس ته هيءَ ڊائري ڪهڙي قسم
جي ڊائري آهي؛ ته ايتري ۾ جمال خان اچي ويو ۽ اسان
اُن تي قبضو ڪري قابو ڪري ورتو، اُن کي بيهوش ڪري،
اسان اُن کي وٺي ٻاهر آياسين ته هڪ چاڙهي مٿي جي
طرف وڃي رهي هئي. مون حامد کي اُتي ئي ڇڏيو ۽ خود
ٻيهر اندر وڃي، ڊائري پڙهڻ لڳس ته ڊائريءَ مان مون
کي سڄو راز معلوم ٿيو. اسان ماڻهو مٿي آياسين ته
پٿر ۾ لڳل بٽڻ ڏٺاسين. پاسي ۾ ئي پيل اُهو وڏو پٿر
پيل ڏٺوسين؛ ليڪن مون ڊائريءَ ۾ سڀڪجهه پڙهي ورتو
هو. اُنهي ڪري مون کي حيرت ڪانه ٿي، البت گهر ڏسي
ڪري ضرور حيرت ٿي، ڇو ته هيءُ گهر جمال خان جو هو.
منهنجي خيال ۾ هيءَ ڊائري جمال خان جي خلاف تمام
واضح ۽ ٺوس ثبوت آهي.“ جڏهن ڪاشف پنهنجو آخري جملو
چئي رهيو هو، ته اُنهي وقت جمال خان کي هوش اچي
ويو هو. هن پنهنجي چوڌاري ايترو وڏو مجمع ڏٺو ته
گهٻرائجي ڀڄڻ چاهيو مگر ڳوٺ وارن، هِن جون مَشڪون
ڪشي ورتيون، ڪنهن وڃي پوليس کي اطلاع ڏنو، ته
فوراً ئي پوليس، پنهنجي پوري فورس سان اچي پهتي؛ ۽
جمال خان جي هٿن ۾ هٿڪڙيون هنيون؛ ۽ اُن جي گهر تي
قبضو ڪري ورتو، ۽ اُهو پکي حڪومت جي حوالي ڪيو
ويو، پوليس ڪاشف ۽ حامد کي شاباس ڏني ۽ کيس انعام
ڏنو. تقريباً هڪ مهيني بعد، جمال خان کي عدالت
سڳوريءَ قتل جي ڏوهه ۾ ڦاهي ڏني ۽ ڪاشف ۽ حامد
ٻنهي کي بهادريءَ جي سَنَد سان نوازيو ويو.
نئون ڪتاب
ڪتاب:
اجالو رهڻ ڏيو
ليکڪ:
نواز علي نواز انڙ
موضوع: شاعري
ڇاپو
پهريون: جولاءِ 2019ع
قيمت:
-/250 رپيا
ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي سنگت، شاخ قاضي احمد
ڊاڪٽر رضا چانڊيو
ٽنڊو ڄام
پـــريــــن
تون آخر پنهنجي پاڻ کي سمجهين ڇا ٿو؟!
رڳو دنيا توتي اچي کُٽي آهي؟!
دنيا ۾ بس رڳو هڪڙو تون ئي ڊاڪٽر آهين.
تون مريض نه ڏسندين ته ملڪ مري ويندو....ائين
نه....!
هڪ ڏينهن ڪلينڪ بند ڪندين ته آسمان ڪِري پوندو....
اڄ زاهده کي ڪاوڙ ڪجهه وڌيڪ هئي پنهنجائپ جتائڻ
لاءِ چوڻ لڳي.... گهٽ ۾ گهٽ هڪڙو ڏينهن ته پاڻ
لاءِ به ڪڍ.... ڪجهه گهم ڦِر.... ڪجهه وقت دوستن ۽
گهر وارن کي ڏي.... سڄو ڏينهن مريضن ۾.... دست،
اُلٽي، کنگهه، بخار، توکي ڪيئن ٿو مزو اچي....
ڪيئن ٿو جيئين....!! شابس هجي توکي....، هيءَ ڪهڙي
زندگي آهي تنهنجي....
زاهده ڊاڪٽر جي پراڻي مريضه آهي، ۽ انٽر تائين
ڪلاس فيصلو پڻ! ٻن ٽن ڏينهن جي وقفي کان پوءِ
ڪلينڪ جو چڪر ضرور لڳائيندي آهي. بظاهر کيس ڪابه
تڪليف ڪانهي، پر ڊاڪٽر جو ڪلاڪ کن مٿو ضرور
کائيندي آهي. اڃان به ڪوشش ڪندي آهي ته وڌيڪ ٽائيم
وٺان. وڌيڪ ويهڻ لاءِ در تي بيٺل پٽيوالي ڪريم کي
لڪ ڇپ ۾ 100-50 روپيا خرچي ضرور ڏيندي آهي ته جيئن
ٻيا مريض اندر نه ڇڏي! اها ڳالهه اسٽاف ۾ مشهور
آهي ته زاهده جو ڊاڪٽر سان ڪو چڪر ضرور آهي! هڪ
ڏينهن سندن شادي ٿي ويندي.
هونئن ته ڊاڪٽر ڪنهن جي به ناهي ٻڌندو، پر زاهده
جي آڏو هميشه چپ ٿي ويندو آهي، الائي زاهده ڊاڪٽر
تي ڪهڙو جادو ڪيو آهي.
ڊاڪٽر جيئن مريض جي دوا لکي زاهده ڏي ڏٺو ته هوءَ
چيلهه تي ٻئي هٿ رکي ڏک ۽ ڪاوڙ مان کيس چِتائي ڏسي
رهي هئي.... سندس هيٺيون چپ ڏندن ۾ ڦڙڪي رهيو هو ۽
اکين مان آب جاري هو.... خير ته آهي. ڊاڪٽر زاهده
کي پريشان ۽ روئندو ڏسي پڇا ڪئي....
ڪريم ٻڌايو ته توهان جي طبيعت ٺيڪ ڪانهي!
پوءِ توهان آرام ڇو نٿا ڪيو، خدا نه ڪري اوهان کي
ڪجهه ٿي پوي.
زاهده جي اکين مان ڳوڙها ائين وهڻ لڳا ڄڻ درياءَ
بادشاهه جو بند ڀڄي پيو هجي! نيٺ ڇا ٿيو اوهان کي؟
سُڏڪندي پڇيائين....
مٿي ۾ سور آهي ۽ هلڪو بخار.... ٻيو مڙئي خير آهي.
بس رات سمهي ناهيان سگهيو.... ڪالهه جيئن
’پرينءَ‘ کان ٿي آيو آهيان.... مزي ۾ ڪونه
آهيان.... ڊاڪٽر کيس سموري ڪهاڻي ٻڌائي ڇڏي. تون
اسان کي پنهنجو سمجهين ته عرض ڪريون. اسان جي ته
تو وٽ ٽڪي جي به حيثيت ڪانهي....
اسان کي خبر آهي پر ڇا ڪريون مجبور آهيون.... نه
توکي ڪجهه چئي ٿا سگهون نه تو سواءِ رهي ٿا سگهون،
تون اکيون کولين ته توکي پتو پوي آسپاس ڏسين،
محسوس ڪرين ته خبر پونئي.... ته تنهنجي اُداس ٿيڻ
تي ڪيترا اُداس آهن! زاهده روئندي ۽ چوندي رهي.
مڃان ٿي ته تنهنجو پيار سچو آهي.... سڀني لاءِ
مثال آهي پر ان جو مطلب اهو به ڪونهي ته ماڻهو خود
کي رولي ڇڏي.... هڪڙي ماڻهو خاطر ڪيئي رلي وڃن....
ماءُ، پيءُ، سنگت ساٿ سڀ تولاءِ پريشان آهن ۽ تون
آهين جو....
ڪريم تڪڙو در کولي ٻڌايو ته سائين ايمرجنسي آهي.
نوجوان ڇوڪري آهي، هوش ۾ ڪانهي، ارشد هڪ منٽ جو
چئي هليو ويو.
ڊاڪٽر ارشد، انسان دوست، وفادار، گهڻن جو همدرد ۽
محبتي ماڻهو آهي، ڪلينڪ هميشه دوستن ۽ مريضن سان
ڀريل هوندي اٿس. سڀني سان سٺو هلڻ وارو، ڪنهن جي
لاءِ به من ۾ ٻيائي نٿو رکي، درگذر ۽ هيٺاهينءَ جي
ڪري هر ڪو کيس پيو جيءَ ۾ جايون ڏيندو آهي. الله
جو ڏنو سڀڪجهه اٿس، جي ڪا کوٽ اٿس ته اها سندس
’پرينءَ‘ جي!!
سندس ’پرين‘ به پرين هو.... سندس ڪلاس فيلو هئي
نالو هئس ’امبر‘ پر پيار مان کيس ’پرين‘
چوندو هو، سندس پيار مثال جيان هو. ٻئي هڪٻئي لاءِ
ليلان مجنون جيان هئا. جيئن هڪٻئي کي چوندا هئا،
ائين ئي اوس ڪري ڏيکاريندا هئا. ايتري تائين جو
جڏهن ڪٿي ملڻ جو پروگرام هوندو هئن ته هڪ منٽ به
دير جو سوال ئي پيدا ٿي نٿو سگهي. هڪٻئي کي اڪثر
ائين چوندا هئا ته ”جي ساهه هوندو ته“ ضرور
ملنداسين.
اچ پيار ڪريون پرديسي
هميشه گڏجي ڳائيندا هئا، مڱڻي کان هڪ هفتو پوءِ،
ارشد سان ملڻ لاءِ جيئن ئي سندس ’پرين‘ من ۾ خوشي
جا آئيندي جا خواب کڻي گهران نڪتي ته سندس جو
ايڪسيڊنٽ ٿي پيو ۽ ويچاري وڃي رب کي رسي! ارشد خود
کي شوٽ ڪري رهيو هو ته سندس ماءُ اچي ڀلارو اڳيان
ڏنس. مُڙي ته ويو پر ’پرينءَ‘ کان هڪ پل به پري ٿي
نه سگهيو.... گهڻن حيلا هلايا، پر کيس ڪوبه کٽي نه
سگهيو.
اڄ ان واقعي کي 10 سال ٿي ويا آهن، پر اڄ به
ڪلينڊر تي نشان هڻي پنهنجي پرينءَ سان ساڳي جاءِ
تي وڃي اکيون ٻوٽي ڪچهري ڪندو آهي ۽ وچن واعدا
ورجائيندو آهي.... رات جو دير تائين سندس خط
پڙهندو آهي ۽ جواب لکندو آهي فوٽو چمندو آهي ۽
رئندو رهندو آهي....
ارشد ايندي شرط بيل هڻي ڪريم کي چانهه لاءِ چيو.
زاهده جيڪا اٻاڻڪي آفيس ۾ اڪيلي ويٺي هئي، ڪرسيون
ڇڏي اچي ڊاڪٽر جي ڀر ۾ رکيل اسٽول تي ويهي رهي
”گهڻا مريض هئا ڇا؟“ ڊاڪٽر کي دير سان اچڻ جو
احساس ڏيارڻ لاءِ چيائين! ۽ پنهنجون اکيون ڊاڪٽر
جي اکين ۾ ائين کپائي ڇڏيائين جيئن ڪو شڪاري شڪار
وقت نشانو چُٽيندو آهي. ٻنهي کي خبر تڏهن ٻئي جڏهن
ڪريم چانهه اچي ٽيبل تي رکي. ٻنهي کان ذري گهٽ
ڇِرڪ نڪري ويو. ٻنهي پريان مرڪي هڪٻئي ڏانهن
ڏٺو.... ۽ پوءِ ٽهڪ ڏئي کِلڻ لڳا.
ڪٿي هُئين ڊاڪٽر صاحب!
بس اتي ئي ’پرينءَ‘ وٽ. اڄ تنهنجين اکين ۾ ان کي
پئي ڳوليم. ارشد چانهه جو ڍُڪ ڀريندي چيو.... ۽
تون.... مان اتي هئس جتي تون ڪونه هئين!! تنهنجي
ڳولا تنهنجون ڳالهيون مون کي پل پل پور تنهنجي
پيار جا. ”واهه اها ته ڳجهارت ٿي وئي، ارشد ٽهڪ
ڏئي کِلڻ لڳو....“
ارشد هڪ ڳالهه چوانءِ! اڄ انڪار نه ڪجانءِ.
پر شرط اهو آهي ته اُبتي سُبتي ڳالهه نه هجي! اڄ
مون کي اتي وٺي هلندين جتي ’پرينءَ‘ سان ملندو
آهين!
نه!
ڇو!!
بس منع ٿيل آهي پرينءَ جي.
ٻي ڪهڙي ڪهڙي ڳالهه منع ڪئي هئائين! زاهده ڏک واري
ڪيفيت سان لُڇندي پڇيو.
هر ڳالهه توکي ٻڌائڻ ضروري ڪونهي!!
ڊسپينسر اندر ايندي چيو سائين ڇوڪري هوش ۾ اچي وئي
آهي ۽ دانهون پئي ڪري، چوي ٿي مون کي زهر جي سُئي
هڻو مان جيئرو رهڻ نٿي چاهيان! ٺيڪ آهي توهان کيس
واليم-10 جي انجيڪشن آهسته آهسته ڏيو، ٺيڪ ٿي
ويندي ۽ آءٌ کيس وري ڏسان ٿو ۽ ڊسپينسر هليو
ويو....
پيار واقعي وڏو نالو آهي، پر ماڻهو نيچ ٿي پيا
آهن، ڌوڪيباز، خبر اٿئي هن ويچاريءَ سان ”ڪهڙو
ويڌن آهي“ ساڻس سان پيار جا وچن واعدا ڪرڻ وارو
وري ٻئي هنڌ وڃي گهوٽ ٿيو. ”شال غرق ٿئي“ ٻنهي
جهڙوڪر گڏجي چيو.
پوءِ ان لاءِ ڇو ٿي پاڻ ماري چري، مري ماڻهو ان
لاءِ جتي قدر به هجي!
چوين ته سچ ٿي. ارشد ڳالهه کي وزن وٺرائڻ لاءِ
چيو.
ارشد.
جي.
هاڻ پوڙهو پيو ٿين.
رڳو آءٌ پيو ٿيان ۽ تون.
آءٌ پوڙهي ڪان هئس، مون کي ته تو پوڙهو ڪيو آهي!
پوڙها ته يار پرينءَ جي وينديءَ ئي ٿي ويا هئاسين.
ارشد جون اکيون ڀرجي آيون. ڳوڙها لڪائڻ خاطر اُٿي
باٿ روم ۾ هليو ويو. زاهده لاءِ اها ڪا نئين ڳالهه
نه هئي ارشد جڏهن به ڏکارو ٿيندو هو هميشه پنهنجي
منهن اڪثر باٿ روم ۾ دل کولي رئندو هو ۽ پوءِ منهن
ڌوئي اکيون سُڄائي وري فريش ٿي اچي ويهندو هو.
ڊاڪٽر ڪُرسيءَ تان ٽوال کڻي منهن اُگهيو ۽ بيل
وڄائي بس ڪيائين ته ڪريم اڳيان اچي بيٺو....
سر حڪم.
مريضه ڪيئن آهي؟
سائين آرام ۾ آهي، هاڻي ٺيڪ آهي، ته پوءِ پاڻ هلون
ٿا.
زاهده گاڏي ته آندي اٿئي نه، مون کي موڙ وٽ لاهي
ڇڏجان، موڙ وٽ ڇو؟ جتي چوندو!
زاهده اڄ گاڏي پاڻ نٿي هلي يا تو ۾ حرڪت آهي!!
حرڪت تو ۾ آهي. باقي مان ۽ گاڏي ٻئي ٺيڪ آهيون مٿي
۾ سائين جن کي سور آهي. ۽ ٻئي کِلڻ لڳا.
ايڏانهن ڪيڏانهن، ڊاڪٽر ٻئي طرف گاڏيءَ کي موڙيندي
چيو. زاهده گاڏي اچي سنڌڙي ريسٽورنٽ وٽ بيهاري، اڄ
منهنجي ماني کاءُ.... منهنجي دل ٿي چوي، زاهده
جهڙوڪر زبردستي کيس هوٽل اندر وٺي آئي.... ويٽر
آيو.... آرڊر وٺي هليو ويو.... زاهده آهستي سان
پنهنجو هٿ ارشد جي هٿ مٿان جيئن ئي رکيو، ارشد جهٽ
۾ هٿ پري ڪري ڇڏيو.
ڇو؟ منهنجو هٿ آهي، وڇونءَ جو ڏنگ ته ڪونهي.
اهڙي ڳالهه ڪونهي، مون کي جهل ٿيل آهي، ’پرينءَ‘
جي چڱو ڀلا هينئن ڪر شادي ڪري ڇڏ!
ڪنهن سان شادي ڪريان، اڇي مٿي ۾ ڪنهن کي نانگ
کائيندو.
ڏس ڪا اڇي مٿي واري، زاهده پاڻ ڏانهن آڱر کڻي، دل
جي ڳالهه ڪري ڇڏي.
ناممڪن ارشد سنجيده ٿي ويو ۽ چوڻ لڳو، ڏس زاهده
مون اڳ به توکي چيو هو ته مان صرف ان لاءِ توکي
پنهنجو سمجهندو آهيان، دل جون ڳالهيون توسان ڪندو
آهيان، جو تون منهنجي پرينءَ جي دوست آهين، ڪوبه
ڪم ڪار هجي مان حاضر آهيان، پرينءَ جي دوست لاءِ
جان به حاضر آهي، پرينءَ جي پيار جو قسم آهي
منهنجو پرينءَ سان واعدو ٿيل آهي، مان ڪنهن سان به
شادي نه ڪندس. ڪنهن به عورت کي دل جي چائنٺ
اورانگهڻ نه ڏيندس. سندس يادن ۾ جيئندس ۽ سندس ياد
۾ مرندس تون پرينءَ جي دوست ٿي رهه. پرين ٿيڻ جي
ڪوشش نه ڪر!
ارشد تڪڙو هوٽل مان نڪري ويو....
زاهده جي اکين مان ڳوڙها وڏڦڙي مينهن جيان وسندا
رهيا، پري تائين دريءَ مان کيس ويندو ڏسندي رهي،
کيس ائين لڳو ڄڻ پرينءَ ڏانهن ويندو هجي!
غلام رسول پرهياڙ
ميرپوربٺورو
ننڍيون ڪهاڻيون
(1) لُڙڪ
پرفيوم مان واسيل، ڪاٽن جا ڪپڙا پهريل، هڪ ڳڀرو
نوجوان وڏي حُب مان وڌي اچي مون سان مليو. چيائين،
”سائين، آءٌ توهان جون ڪهاڻيون پڙهندو آهيان، واهه
واهه ڏاڍو سٺو ٿا لکو، اسان کي به ڪا واٽ ڏسو ته
ڪهاڻي لکون.“
چيومانس: ”منهنجي اکين ۾ ڏس.“
هن ڪجهه دير چِتائي منهنجي اکين ۾ ڏٺو، پوءِ
اُٻهرائپ مان رڙ ڪري چيائين، ”اڙي توهان جي اکين ۾
ته لُڙڪ.“
”هاءُ، جڏهن تنهنجين اکين مان به لُڙڪ وهندا ته
تون ڪهاڻي لکي سگهندين.“
*
(2) ڪُتو
هُن بيمار شخص اخبار ۾ هڪ نوجوان ڇوڪريءَ جي تصوير
ڏٺي، جيڪا بيحد خوبصورت هئي. کيس اهڙا ڪپڙا پهريل
هئا جنهن مان سندس اگهاڙيون ٽنگون ڏسڻ ۾ پئي آيون.
سندس سٿرن تي ڪُتو ويٺل هو. ان تصوير جي هيٺان خبر
لکيل هئي ته هن بيمار ڪُتي جي علاج جو ذمو لنڊن
واسي ماڊل اسڪالر ليٽ کنيو آهي. ڪُتي جي علاج تي
هر هفتي هڪ لک روپيا خرچ ايندو. ڇوڪريءَ جو چوڻ
آهي ته علاج ڪيترو به مهانگو هجي پر کيس پرواهه نه
آهي، آءٌ چاهيان ٿي ته ڪُتو جلد ٺيڪ ٿي وڃي.
اها خبر پڙهي ان بيمار ماڻهوءَ جي دل ۾ حسرت پيدا
ٿي ته، ”ڪاش! اهو ڪُتو آءٌ هجان ها.“
(3) ڦاپُوڙي
رنگ جي ڪاري، ڳالهائڻ جي هڙڪ، ننڍي هوندي ڇوڪرن
وارا ڪپڙا پائيندي هئي، مهانڊو به ڇوڪرن جهڙو هئس.
چوندي هئي، ”آءٌ ڇوڪرو آهيان.“ نالو هئس ڦاپوڙي.
ها البت وڏي ٿي ته ڇوڪرين وانگر ڪن ۽ نڪ به
ٽوپايائين ۽ وار به رکرايائين. ماڻس جُٺ ڪري زنانا
ڪپڙا پهرايس. اسان جي ڳوٺ ۾ چوڏهن- پندرهن سالن
جون ڇوڪريون گهرن ۾ ويهيو رهن پر هوءَ اوتري عمر
کي پهتي پرهيز ۾ ڪونه ويٺي. پنهنجي پوڙهي پيءُ
هاشم جو سهارو بڻي. هاشم کي پُٽ جو اولاد ڪونه
ٿيو، باقي پنج نياڻيون ٿيس. ڦاپوڙي سڀني کان ننڍي
هئي. پيءُ جو به سڀ کان وڌيڪ مٿس خيال هو. هيج مان
سڏيندو ئي پُٽ هئس.
ڦاپوڙي به پيءُ تان گهور گهور پئي ويندي هئي. کيس
ٻنيءَ جي ڪم ۾ هٿ ونڊائيندي، ڀيڻان ڏيندي، مال جو
گاهه ڪندي، ڍڳا کولي اچي واهه تي پاڻي پياريندي.
پاڻي پياريندي ڍڳن کي چوندي ”ڇي باڇي.“
ان ڏينهن سارين جو کرو بٽائي هو. پڻس کي هاريپ
واري حصي مان ڪجهه داڻا مليا. هو اَن جي ڀري کنيو
سهڪندو گهر پئي آيو. ڦاپوڙي کي پيءَ جي اچڻ جي خبر
پئجي وئي. هوءَ تِکي تِکي ڀڄندي آئي. اڌ پنڌ تي
اچي پڻس کان ڀري وٺي پاڻ کنيائين، ۽ خوشي مان واپس
تيز تيز قدمن سان گهر ڏي وڃڻ لڳي. ٿڪاوٽ ۾ چُور
ٿيل هاشم تان وزن لٿو ته سامت ۾ اچي ويو. هن
شوڪارو ڀري ڪپڙن تان لٽ مٽي ڇنڊي ۽ پوءِ اکيون
اُگهڻ لڳو.
سنڌ ۾ سماع: تاريخ مان معلوم ٿئي ٿو ته، حضرت
قلندر شهباز جي آمد وقت ملتان ۾ سماع جو رواج
موجود هو. ان زماني ۾ هندستان جي بادشاهه بلبن جو
پٽ شهزادو محمد ملتان جو گورنر هو، هو عالمن،
فاضلن ۽ صوفي بزرگن جي ڏاڍي عزت ڪندو هو، وٽس سماع
جون محفلون ٿينديون هيون. اهڙي هڪ محفل ۾ حضرت
قلندر شهباز، حضرت صدرالدين بن غوث بهاؤالدين
زڪريا ملتاني ۽ ٻيا درويش به موجود هئا. پُراثر
شعر ٻڌڻ سان انهن درويشن تي عجيب ڪيفيت طاري ٿي
ويئي، ۽ هو وجد ۾ اچي سڀ نچڻ لڳا. شهزادو سيني تي
هٿ ٻڌي سندن سامهون بيٺو رهيو، ۽ زار زار رئندو
رهيو. سنڌ ۾ به ان زماني ۾ سماع جون محفلون
ٿينديون هونديون؛ ڇاڪاڻ ته سنڌ ۾ انهن ڏينهن ۾
سهروردي سلسلي جو تمام گهڻو اثر هو. ان جو هڪ
تاريخي ثبوت به ملي ٿو. تذڪرن ۾ آيو آهي، ته سنڌ
جي ڀٽي سهروردي بزرگ مخدوم احمد هالائيءَ جو
انتقال ئي نيرن ڪوٽ جي هڪ سماع جي محفلن ۾ سماع
ٻڌندي ٿيو. اهو واقعو سنه 939هه/1528ع ۾ ٿيو. ان
مان ثابت ٿئي ٿو ته، سنڌي سهروردي سلسلي جي بزرگن
۽ انهن جي پوئلڳن ۾ سماع جو رواج موجود هو.
ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي
رسالو
مهراڻ 4/1984ع تان کنيل) |