ڊاڪٽر الطاف جوکيو
محرابپور
مولوي احمد ملاح جي شاعريءَ ۾ ’تجنيس اشتقاق-
مُشتَق‘ جو جائزو
The Study of ‘Etymological
Homogeneity’ in Molvi Ahmed’s Poetry
·
جائزي جو پس منظر
مولوي احمد ملاح جتي سنڌي ٻوليءَ جي لفظن استعمال
ڪرڻ جو ماهر هو، اتي عربي ۽ فارسيءَ جو به ڪمال جو
ڄاڻو هو. مولوي صاحب عربيءَ جا اهڙا لفظ به ڪم
آندا آهن، جن تي اڃا سوڌو ڪافي عالم ان جي معنى
ڄاڻڻ تي فڪرمند آهن. تازو اسسٽنٽ پروفيسر ضرار
رستماڻيءَ هڪ لفظ ’رَبِيب‘ جي معنى پئي معلوم ڪئي،
مون کيس عرض ڪيو ته اهو لفظ عام استعمال ۾ ناهي،
ليڪن لفظ جو گهاڙيٽو ’فَعِيل‘ جي وزن تي آهي، جيڪو
عربيءَ ۾ صفت مبالغو ڄاتو ويندو آهي، ان لحاظ کان
’رَبُّ‘ (رَبۡ+بُ) لفظ، فعيل جي وزن تي، صفت
مبالغو آهي ۽ ’وڌيڪ پالڻھار‘ جي معنى لاءِ ڪم
ايندو. ڏٺو وڃي ته لفظ ’ربيب‘ لغتن ۾ به موجود نه
هوندو، ليڪن مولوي صاحب عربي صرف جو ڄاڻو هو، جنھن
سبب صاحب موصوف، ڄاڻايل لفظ عربي صرف جي اصول موجب
ڪم آندو آهي.
لفظ ’اشتقاق‘ عربي ٻوليءَ جي ’اِفتِعال‘ مصدر جي وزن تي آهي ۽
ان جي لغوي معنى آهي: ٽوڙڻ، چيرڻ، ٽڪرا ٽڪرا ڪرڻ؛
ان جو ڌاتو ’شَقَّ‘ (شَقۡ + قَ) آهي، جنھن جي معنى
آهي: هن ٽوڙيو، هن ڀاڱا ڪيا. رسول اللهﷺ جو آڱر
سان چنڊ کي ٻه اڌ ڪرڻ وارو عام واقعو ’شق القمر‘
سڀ ڄاڻن ٿا.
اهڙن لفظن کي ڄاڻڻ جو طريقو اهو ئي هوندو آهي ته
ان جو اشتقاق ڪجي. عام طور اهو ئي تصور ڪيو ويندو
آهي ته اشتقاق جي معنى يا مراد آهي، لفظن کي اڌو
اڌ ڪرڻ. جڏهن شاگردن کان معلوم ڪيو ويندو آهي ته
’مخدوم‘ جو اشتقاق ڇا ٿيندو؟ ته جواب ملندو: ’مخ‘
+ ’دوم‘. لفظن جي حصن جي معنى؟ چوندا ته معنى جي
خبر ناهي. اصل ۾ ان جو طريقو اهو ٿيندو آهي ته
جيڪڏهن عربي لفظ آهي ته ان کي ان ٻوليءَ جي ئي
اصولن ۾ ڏسڻو پوندو. لفظ ’مخدوم‘، مفعول جي وزن تي
آهي ۽ ان جو بنياد/ سي حرفي/ مادو ’خَدَمَ‘ (هن
خدمت ڪئي) ٿيندو. ساڳئي نموني فاعل جي وزن تي
’خادم‘ ٿيندو، جمع جي وزن ’فُعّال‘ موجب ’خدّام‘،
’فُعَلاء‘ جي وزن تي ’خُدَماء‘ ۽ ’فاعِلون‘ جي وزن
تي ’خادِمُون‘ ٿيندو. مخدوم جو جمع، ’مَفعولُون‘
جي وزن تي ’مخدومُون‘ ٿيندو. ساڳئي مادي مان اسم،
فِعلَت جي وزن تي ’خدمت‘ ٿيندو، ان جو جمع ’خدمات‘
ٿيندو. هاڻي اهم ڳالهه ڏٺي وڃي ته عربي صرف/ لفظ،
وزن تي جڙندا آهن، ان ڪارڻ مختلف وزنن وارا لفظ
’خادم، خدّام، خدماء، خادمون، مخدوم، مخدومُون
وغيره جو بنياد/ مادو ’خَدَمَ‘ آهي. عربي لغت ۾
اهڙن لفظن ڳولهڻ جو ڍنگ اهوئي هوندو آهي ته ڄاڻايل
لفظن جو بنياد/ مادو/ سي حرفي ڪڍي پوءِ لغت ۾
پھرئين اکر جي رديف ۾ ڏسڻو پوندو. ٻي صورت ۾ لفظ
’مخدوم‘ به لغت مان نه لڀندو. ان لاءِ ’مخدوم‘ جو
مادو ڪڍي، پوءِ لفظ ڏسڻو پوندو آهي. لفظ کي ٽوڙي،
بنياد ڪڍڻ واري عمل کي ’اشتقاق‘ چئبو آهي.
اهو ته ٿيو عربي لفظن جو معاملو ائين ئي فارسي ۽
سنڌي ٻوليءَ جي لفظن جو اهڙو ميڙ جيڪو ڪنهن هڪ
مادي/ مصدر/ بنياد مان جڙيل هجي ته اهي پڻ تجنيس
مشتق ۾ شامل ٿيندا.
سنڌي ٻوليءَ ۾ اصطلاح/
Term
’اشتقاق‘ ۾ لفظن جا ٽي گروهه شامل سمجهيا ويندا
آهن: مرڪب لفظ، مرتب لفظ ۽ بنياد/ ڌاتو لفظ.
·
مرڪب لفظ عربي:
سيد الشھداء = (سيد = سردار + شھداء = فعلاء جي
وزن تي جمع- گواهي ڏيندڙَ) شھيدن جو سردار- الله
جي راهه ۾ قتل ٿيندڙن جو امير- حق جي گواهي ڏيندڙن
جو پيشوا.
مرڪب لفظ سنڌي: اڳڪٿي = (اڳ = پھريان- منڍ + ڪٿڻ =
اندازو ڪرڻ- ويچار ڪرڻ) ايندڙ واقعي جي خبر-
پيشنگوئي.
·
مرتب لفظ عربي:
بسم اللہ = (بِ = حرف جر- سان + اسم = نالو + الله
= ڌڻي تعالى) الله جي نالي سان.
مرتب لفظ سنڌي: سُلڇڻو = (سُ = سٺو + لڇڻ = نشان-
عادت) سٺن لڇڻن وارو. (ڀيرومل، 1985: 238)
·
ڌاتو لفظ عربي:
مخلوق = مفعول (خَلَقَ = هن پيدا ڪيو) پيدا ڪيل
جيءُ. (ڀيرومل،
1985: 247)
ڌاتو لفظ سنڌي: لکندڙ = اسم فاعل (لِکُ = لکڻ جو
امر) لکڻ جو ڪم ڪندڙ.
اهو اشتقاق جو خاڪو درسي آهي، جيڪو اسڪولن ۽ ڪاليج
جي (نائين ۽ ٻارهين) درجن ۾ پڙهايو ويندو آهي.
انهن ٽنهي قسمن (مرڪب، مرتب ۽ ڌاتوءَ) کي جڏهن
صنايع بدايع ۾ ڏٺو ويندو آهي ته ’تجنيس مرڪب‘ الڳ
سان هڪ تجنيس موجود آهي، جنھن جا پيراميٽر پڻ مقرر
ٿيل آهن. ’مرتب لفظ‘ سان ڪٿي تجنيس جو اشارو نه ٿو
ملي، البت ان کي، هڪ شعر ۾ ڪم آندل هم جنس لفظن جي
حوالي سان، الڳ تجنيس جو نالو ڏئي سگهجي ٿو. جڏهن
ته صنايع بدايع ۾ ’ڌاتو لفظ‘ لاءِ ’اشتقاق‘ جو
اصطلاح ڪم آندو ويو آهي.
حقيقت ۾ ’تجنيس مرڪب‘، ’تجنيس مرتب‘ ۽ ’تجنيس
مُشتَق‘، اصطلاح ’اشتقاق‘ جا جز آهن. هتي ’اشتقاق‘
جي حوالي سان ’تجنيس مُشتَق‘ تي مرڪوز رهجي ٿو.
مرزا قليچ بيگ ان کي ’صنعت اشتقاق‘ جو نالو ڏيندي،
لکي ٿو: ”هن کي ’اقتصاب‘ به چوندا آهن، ڪي هن کي
تجنيس جي قسم مان ڄاڻندا آهن. هن ۾ اهڙا لفظ ڪم
ايندا آهن، جي هڪڙي اصل مان متشق (درست لفظ
مُشتَق آهي) هوندا آهن، يا هڪڙيءَ جنس جا هجن.
مثال:
’طالب‘ کي ’طلب‘ دل جي ’مطلوب‘ نه ٿئي واصل،
نه ته وات جي ’طلبڻ‘ سان ’مطلب‘ نه ٿئي حاصل...“
(قليچ، 2016: 102)
مرزا صاحب وچٿري ڳالهه ڪري ٿو، يعني هن اصطلاح کي
’صنعت‘ ڪوٺي ٿو ۽ ’تجنيس‘ جي هجڻ کي به رد نه ٿو
ڪري. حقيقت ۾ ’تجنيس‘ جو اصطلاح تڏهن ڪم آندو
ويندو آهي، جڏهن هڪ کان وڌيڪ لفظ، ساڳي جنس جي
دائري ۾ ايندا هجن. مرزا صاحب جي ڏنل مثال ۾
’طالب‘، ’طلب‘، ’مطلوب‘ ’طلبڻ‘ ۽ ’مطلب‘ جا لفظ
ساڳي جنس يعني هڪ ئي ڌاتو/ اصل/ مادي مان جڙيل
آهن، جنھن سبب ان کي ’تجنيس‘ ۾ شامل ڪري سگهجي ٿو.
ياد رهي ته ’تجنيس‘ اصطلاح جو تعلق ’لفظن جي
گهاڙيٽي‘ سان هوندو آهي، جڏهن ته ’صنعت‘ جو تعلق
’لفظن جي معنوي حيثيت‘ سان رهندو آهي.
صنايع بدايع جي دائري اندر ’تجنيس اشتقاق‘ ۾ صرف
اهڙن لفظن جو اڀياس ڪيو ويندو آهي، جيڪي ’مُشتَق‘
هجن. يعني جڏهن انهن لفظن جو اشتقاق ڪيو وڃي ته
ڌاتو/ اصل/ مادو ساڳيو هجي.
لفظ ’مشتَق‘ بابت جامع سنڌي لغات ۾ هن ريت ڏنل
آهي:
·
مُشتَقُ:
ذ. (ع. شَقَّ = چيريل) ڪنهن لفظ مان چيرجي نڪتل
لفظ (جو انهيءَ لفظ جي مصدر يا اصل لفظ مان هجي)-
بنيادي لفظ- اشتقاق ڌاتو- ساڌتُ- اصل- بنياد-
مادو. (بلوچ، 1988: 2657)
’تجنيس مشتق‘ مان مراد اهڙا ساڳئي مادي/ بنياد جا
مختلف وزنن وارا لفظ آهن، جيڪي مختلف صيغن لاءِ ڪم
آندل هجن. ان اصطلاح جو اشتقاق هيٺين ريت ڪجي ٿو:
·
تجنيس مُشتَق جو اشتقاق
تجنيس مُشتَق: [ تجنيس- تَفعِيل- مصدر (جَنّسَ = هو پچي راس
ٿيو) جنسوار ڪرڻ، جنسي ترتيب ڏيڻ + مُشتَقّ-
مُفتعَل- اسم مفعول (شَقَّ = هن ڦاڙيو/ چيريو-
شقَّقَ = چيرڻ، ٽوڙڻ،ڏارڻ، ڦاڙڻ، ڀاڱا ڪرڻ) چيريل-
ڪنهن لفظ مان چيرجي نڪتل- بنيادي لفظ]
صنايع بدايع
موجب ڪنهن شعر ۾ ساڳئي مادي/ ڌاتو/ بنياد مان
جڙيل، مختلف وزنن وارا لفظ، جن جو استعمال مختلف
وزنن ۾ هجي، جيئن:
’طالب کي مطلوب جي هر وقت رهي ٿي
طلب‘
مولوي صاحب جي شاعريءَ جي جملي جي جوڙجڪ سنڌي
ٻوليءَ ۾ آهي، ليڪن لفظن جو استعمال مختلف ٻولين
(هندي، عربي يا فارسي) مان ڪيل هوندا اٿس. هيٺ
تجنيس اشتقاق جي دائري ۾ عربي، فارسي ۽ سنڌي
ٻوليءَ جا چند مثال پيش ڪجن ٿا:
·
تجنيس اشتقاق جي دائري ۾ عربي لفظ:
عَرض ڪَر الله اڳيان، آلِ اَشرف واسطي،
رحمدل رحمان کان، گهُر رحم رَف رَف واسطي،
ڪر مديني لڳ مدد، مَڪي مُشرف واسطي،
ڪر مِنٿ مالڪ کي مون لئي، مُحبَ مُصحف واسطي،
واسطي مُصحف مُنوَر، يا رسول الله رسيج.
(ڪليات احمد- جلد پھريون، 2017: 151)
’اَشرف‘
(اَفعل) ۽ ’مُشرف‘ (مُفعَل) ساڳئي مادي ’شرف‘ مان
جڙيل آهن.
ڪو اَمن اِيمان جو، ايندو زمانو
اوڏڙو؟
ڇا چوي ’احمد‘ اکر، والله اَعلم جي بجاءِ.
(ڪليات احمد- جلد ٻيون، 2017: 509)
’اَمن‘
(فَعَل) ۽ ’اِيمان‘ (اِفعال) ساڳئي مادي (امن) مان
جڙيل لفظ آهن.
’احمد‘ اميد چُوندو، پريان جي پيش پُوندو،
ٻيو در حرام هوندو، هڪ حَرم حَرم
البت.
(ڪليات احمد- ڀاڱو ٻيون، 2017: 128)
’حرام‘ ۽
’حرم‘ هڪ ئي مادي جا لفظ آهن.
مسلماني حڪومت ٿِي، مسلماني حُڪم
ناهن،
عقيدو انگريزن جي، عبث اَحڪام ۾ ڪيسين.
(ڪليات احمد- جلد پھريون، 2017: 339)
’حڪومت‘
(فُعلولت)، ’حڪم‘ (فُعل) ۽ ’احڪام‘ (اَفعال) ساڳئي
مٿئين مادي مان جڙيل ڪم آندل آهن.
ناهه بلڪل بي ڪَمن مان، بيگ بَنڻو بي گمان،
هر طرح حِڪمت حُڪومت، حُڪم مُحڪم
۾ ڏسان.
(ڪليات احمد- جلد پھريون، 2017: 357)
’حڪومت‘
(فُعُولت)، ’حُڪم‘ (فُعل) ۽ ’مُحڪَم‘ (مُفعَل)
ساڳئي مادي (حڪم) مان جڙيل لفظ آهن.
کُلي درٻار جو در يارَ، مون تي،
ته خدمت ۾ رهان خادم خدم
خاص.
(ڪليات احمد- جلد ٻيون، 2017: 309)
’خدمت‘
(فِعلَت)، ’خادم‘ (فاعل) ۽ ’خدم‘ (فَعل) ساڳئي
مادي (خدم) جا لفظ آهن.
ربّ
تون، ٻيا راب، رابت، ڪي رَبيبت،
ڪي رَبيب،
پوءِ ڪٿي دانهيون تو ڌاران، انت خيرُ الفاتحين.
(ڪليات احمد- جلد پھريون، 2017: 269)
’ربّ، رابّ،
رابّت، ربيبت، ربيب‘ هڪ ئي لفظ ’ربّ‘ مان جڙيل
آهن.
’ري‘ رسيلا رحم وارا، رحمتي راحم
رحيم،
راهه ۾ ڪَن رهبري، رهوار رهبر چار يار.
(ڪليات احمد- جلد پھريون، 2017: 281)
’رحم،
رحمتي، راحم ۽ رحيم‘ هڪ ئي لفظ ’رحم‘ مان جڙيل
آهن.
اسان کي عيش عشرت عيب ’احمد‘،
فقيرن
جو فخر فاقي فقر سان.
(ڪليات احمد- جلد ٻيون، 2017: 377)
’فقير
(فَعِيل) ۽ فقر (فَعل)‘ هڪ ئي لفظ مان جڙيل آهن.
ان سبب اهڙن لفظن جي استعمال کي ’تجنيس اشتقاق
چئجي ٿو.
’سين‘ سالم با سلامت، سَلم
جا ساقي سليم،
سرفراز و سَر زمين، سردار سروَر چار يار.
(ڪليات احمد- ڀاڱو پھريون، 2017: 281)
’سالم‘
(فاعل)، ’سلامت‘ (فعالت)، ’سَلم‘ (فَعل) ۽ ’سَليم‘
(فعيل) ساڳئي مادي ’سلم‘ مان جڙيل آهن.
ٿو لِکان هيءُ حال هِيڻو، هاشمي حضرت طرف،
شاهه شافعَ، ڪَر شفاعت، آهه شاهي تو
شَرف،
مِيرَ، ميرايُن سندو، آهيان مڃيندڙ مُعترف،
هڙ هٿان هاري ويُم، هاڻي حياء ڪڇندي حرف،
ٻيا به ڪَئين مون گوڙ گوندر، يا رسول الله رسيج.
(ڪليات احمد- ڀاڱو پھريون، 2017: 147)
’شافع‘
(فاعل) ۽ ’شفاعت‘ (فعالت) ساڳئي مادي ’شفع‘ مان
جڙيل آهن.
’شِين‘ شاهي شرف شاهن، شهنشاه چارئي شهيد،
شُڪر
تي شَرقين، شَوڪتدار شاڪر چار يار.
(ڪليات احمد- ڀاڱو پھريون، 2017: 282)
’شُڪر‘
(فعل) ۽ ’شاڪر‘ (فاعل) ساڳئي مادي ’شڪر‘ مان جڙيل
آهن.
عِلم عالَم ۾ گهڻو، عالِم گهڻا
عالَم اندر،
پر سچائيءَ جو سبق، سردار سروَرَ، تنهنجي هٿ.
(ڪليات احمد- ڀاڱو ٻيون، 2017: 149)
’عِلم‘
(فعل) ۽ ’عالِم‘ (فاعل) ساڳئي مادي ’علم‘ مان جڙيل
آهن.
مَوج يا محراب اَبرو، اِنڊلٺ يا عِيد چنڊ،
يا قتل لئي ڪا ڪري، قاتل ڪٽاري پوش
پوش.
(ڪليات احمد- ڀاڱو ٻيون، 2017: 305)
’قتل‘
(فَعۡلُ) ۽ ’قاتل‘ (فاعل) ساڳئي مادي (قتل) مان
جڙيل لفظ آهن.
قَلب ۾ قُرب ڪان ماريو قَريب،
ڦَٽي ڪَيس ڦوڙاءِ فاني فدا.
(ڪليات احمد- ڀاڱو ٻيون، 2017: 46)
’قُرب‘
(فُعل)، قَريب (فَعِيل) ساڳئي مادي مان جڙيل ڪم
آندل آهن.
عشق ’احمدَ‘ عمر ساري، نت رُئاڙيم رت ڦُڙا،
مُحب
۽ محبت گڏيم، ميثاق کان مغرور ٻئي.
(ڪليات احمد- ڀاڱو ٻيون، 2017: 583)
’مُحبّ‘
(مُفعِل) ۽ ’محبت‘ (مُفعل) ساڳئي مادي ’حبّ‘ مان
جڙيل آهن.
مٺا مَحبوبَ، محبت کي، نه مُحبن
سان مَٽي وڃجي،
جشن جوڙي ڪجي جاني، نه جهٽ پٽ جيءُ جهٽي وڃجي.
(ڪليات احمد- ڀاڱو ٻيون، 2017: 523)
’محبوب،
محبت ۽ محب‘ هڪ ئي مادي/ ڌاتو/ بنياد ’حبّ‘ (حبب)
مان ورتل آهي. ڄاڻايل ٽنهي لفظن کي ڏسي، چئبو ته
هن شعر ۾ تجنيس اشتقاق ڪم آندي وئي آهي.
اي مٺا محبوبَ، محبت، منهنجي تنهنجي
پاڻ ۾،
مَر سِڪي سڀ لوڪ، صحبت منهنجي تنهنجي پاڻ ۾.
(ڪليات احمد- ڀاڱو ٻيون، 2017: 353)
’محبوب‘
(مفعول) ۽ ’محبت‘ (مُفعل) ساڳئي مادي ’حبّ‘ مان
جڙيل آهن.
مليا معشوق ۽ عاشق، عبث آهي ادا،
ثالث،
لهي وڃ چنڊ چوڏهينءَ جا، نه گهرجي سج سدا ثالث.
(ڪليات احمد- ڀاڱو ٻيون، 2017: 169)
’معشوق‘
(مفعول) ۽ ’عاشق‘ (فاعل) ساڳئي مادي (عشق) مان
جڙيل لفظ آهن.
هر نظر تو ڏانهن، مَنظور نظرَ،
مَن منتظر،
ساهه ساري، سَير تو لئي مون سَويرا سورڙيا.
(ڪليات احمد- ڀاڱو ٻيون، 2017: 96)
’منظور‘
(مفعول)، ’نظر‘ (فَعَل)، ’منتظر‘ (مُفتعِل) ساڳئي
مادي (نظر) مان جڙيل لفظ آهن.
’في‘ فتح ۽ فاتحه لڳ، فتح ڏي فتّاحَ تون،
ڏي فَلڪ جيڏي فَلڪ، يا فالقُ الاصباحَ تون،
مُلڪ ساري جي رَکين، مالڪ مٺا، مِفتاح تون،
ڦُوڪ آزاديءَ جو آگا، اَگهن ۾ ارواح تون،
ڪڍ غلاميءَ مان غني غُفرانَ هندستان کي.
(ڪليات احمد- ڀاڱو پھريون، 2017: 278)
’فتح‘
(فعل)، فاتحه ’فاعله‘، فتّاح (فعّال)، مِفتاح
(مِفعال) ساڳئي مادي ’فتح‘ مان جڙيل لفظ آهن.
تون نظر ۾ نازنين، تون نازڪن ۾ بي نظير،
حسن تنهنجي کان هجن، حُورُون حيران سڀ.
(ڪليات احمد- ڀاڱو ٻيون، 2017: 115)
’نظر‘
(فَعل) ۽ ’نظير‘ (فعيل) ساڳئي مادي (نظر) مان ورتل
آهن.
·
تجنيس اشتقاق
(مُشتَق)
جي دائري ۾ سنڌي لفظ:
عام طور اهو ئي تصور ڪيو ويندو آهي ته جڏهن اصطلاح
(Term)
اشتقاق ورتو ويندو ته ان جو اطلاق صرف عربي لفظن
سان ٿيندو! پر ائين ناهي. سنڌي ٻوليءَ جي جيڪڏهن
هڪ مصدر کڻبي ته ان مان کوڙ ساٿرا لفظ ڦٽي نڪرن
ٿا. فرض ڪريو ته ’ڏي‘ امر ۽ ’ڏيڻ‘ مصدر مان رڳو
زمان حال،
واحد متڪلم جي لاڳاپي واري فارميٽ جا لفظ ’ڏيان،
ڏيانءِ، ڏيانوَ، ڏيانس، ڏيانن‘ ڪافي ٿي وڃن ٿا.
’ڳاڙهو- ڳاڙهاڻ- ڳاڙهسِرو- ڳاڙهپ وغيره‘ پڻ ساڳئي
مادي وارا لفظ آهن.
ان لحاظ کان سنڌي ٻوليءَ جي هڪ ئي ڌاتو/ مادي مان
جڙيل ٻيا لفظ هڪ ئي سٽر ۾ ڪم آڻبا ته ان اهڙي حرفت
آهر لفظن کي ’مُشتَق‘ واري دائري ۾ سمجهي ’تجنيس
اشتقاق‘ ۾ شامل ڪري سگهبو.
مِل
مِٺا، ڪهڙي به مُل تي، جيئن ملين تيئن مِل
مٺا،
سِرُ، ڪِ گهَر، گوهر، ڪ گُل تي، جيئن ملين تيئن
مِل مٺا.
(ڪليات احمد- ڀاڱو ٻيون، 2017: 36)
مٿئين شعر ۾
’مِلُ‘ (امر) ۽ مِلين (زمان مضارع) ساڳئي امر جا
مُشتَق آهن.
وير ڪنهن وريامَ، آڻي، مون کي نِيو ان
منجهه نِڪُونج،
جت جهازن مان جهٽيو، ٿا نِين باگو بحر جا.
(ڪليات احمد- ڀاڱو ٻيون، 2017: 41)
مٿئين شعر ۾
’نِيو‘ (زمان ماضي) ۽ نِين (زمان حال- جمع جي حالت
۾) ساڳئي مصدر ’نيڻ‘ جا مُشتَق آهن.
انتهائي اختصار کان ڪم وٺندي، مولوي صاحب جا ٻه
غزل ڏجن ٿا، جنھن ۾ هڪ ئي امر جا ’ٽي لفظ‘ مُشتَق
ملن ٿا.
گهور گهورُون جي به گهورين، گهوريو
گهوريندو وَت،
ڦور ڦُل جيڪي به ڦورين، ڦوريو
ڦوريندو وَت.
مرحبا، محبوب آيو، هر محلي محفلون،
اور جو احوال اورين، اوريو اوريندو وَت.
ڪوهه ديسيون دُور ڳولين، دوست دلبر دل اندر،
ڏور سمجهيو ڏيهه ڏورين، ڏوريو ڏوريندو وَت.
ڪنهن به مهڻي تي، نه مَن مُهڻو مَٽي مُنهڙو مُدام،
ڀَل ڀتر بدخواههَ، ڀورين ڀوريو ڀوريندو
وَت.
برهه خود بَروو بَڻايس، بت بچائي ڇا ڪريان،
مَر ڪُلهن تان ماس ڪورين، ڪوريو ڪوريندو
وَت.
هٿ حياتيءَ تان کنيو مون، حسن ڏسندي هوش گم،
تون تراريون، تير تورين، توريو توريندو
وَت.
تنهنجو توسان آهه، تنهن هوندي به تون، تو کان
پَري،
جيءُ جهڄڻ جهوريءَ ۾ جهورين، جهوريو جهوريندو
وَت.
ڄاڻ وَهراڙو وهاڻيان، اڳ وَڪوڙي واٽ تي،
چست چانگي چور، چورين، چوريو چوريندو وَت.
دير جيئن جيئن خَير تيئن، ’احمد‘ اوَس ايندا عجيب،
وَر سويرا سَير سورين، سوريو سوريندو وَت.
(ڪليات احمد- ڀاڱو ٻيون، 2017: 144)
مٿئين غزل جي بندن ۾ ’گهورين، گهوريو ۽ گهوريندو‘
ساڳئي امُر: ’گهورِ‘ ۽ مصدر ’گهورڻ‘ مان، ’ڦورين،
ڦوريو ۽ ڦوريندو‘ ساڳئي امر: ’ڦورِ‘ ۽ مصدر
’ڦورِڻ‘ مان،’اورِين، اورِيو ۽ اورِيندو‘ مصدر
’اورڻ‘ مان، ’ڏورين، ڏوريو ۽ ڏوريندو‘ ساڳئي امر:
’ڏورِ‘ ۽ مصدر ’ڏورڻ‘ مان، ’ڀورين، ڀوريو ۽
ڀوريندو‘ ساڳئي امر: ’ڀورِ‘ ۽ مصدر ’ڀورڻ‘ مان،
’ڪورين، ڪوريو ۽ ڪوريندو‘ ساڳئي امر: ’ڪورِ‘ ۽
مصدر ’ڪورڻ‘ مان، ’تورين، توريو ۽ توريندو‘ ساڳئي
امر: ’تورِ‘ ۽ مصدر ’تورڻ‘ مان، ’جهورين، جهوريو ۽
جهوريندو‘ ساڳئي امر: ’جهورِ‘ ۽ مصدر ’جهورڻ‘ مان،
’چورين، چوريو ۽ چوريندو‘ ساڳئي امر: ’چورِ‘ ۽
مصدر ’چورڻ‘ مان، ’سورين، سوريو ۽ سوريندو‘ ساڳئي
امر: ’سورِ‘ ۽ مصدر ’سورڻ‘ مان آهي. ڄاڻايل لفظن
جو جيڪڏهن اشتقاق ڪبو ته انهن لفظن جو ڌاتو/ بنياد
’امر‘ يا ’مصدر‘ بيهندي. امر يا مصدر مان جڙيل ٻين
لفظن جي صورتن کي مُشتَق سڏبو آهي.
ڄاڻايل لفظن: ’گهورين، گهوريو ۽ گهوريندو‘ جو ڇيد
هن انداز ۾ ڪري سگهجي ٿو:
·
گهورين:
گهورِ (امر) اِ > اِينْ (زمان حال- ضمير حاضر واحد
جي، ضميري فعل واري پڇاڙي) = گهورينْ.
·
گهوريو: گهورِ (امر)
اِ > اِ + يو = ماريو (زمان ماضي- ضمير حاضر واحد
جي [۽ پڻ ضمير غائب واحد مذڪر/ مؤنث] ضميري فعل
واري پڇاڙي) = گهوريو.
·
گهورِيندو: گهورِ (امر)
اِ > اِيند + او (زمان مستقبل- ضمير حاضر واحد
مذڪر [۽ پڻ ضمير غائب واحد مذڪر] جي پڇاڙي) =
گهورِيندو.
ساڳئي انداز ۽ ڪارب ۾ هڪ ٻيو غزل پڻ اچي ٿو:
مورَ، مُورت ۾ ٿو مارين، ماريو
ماريندو وَت،
ڊيل جيئن وِک ڍولَ، ڍارين، ڍاريو
ڍاريندو وَت.
مورَ، مُرڪڻ مان نه ٿيو، مَرهم مَرض منهنجي جو
مُور،
بلڪ ٻُرڪيو لوڻ ٻارين، ٻاريو ٻاريندو وَت.
تنهنجو هٿ ٺاري هنئين کي، هٿ هٽائين ڇو حبيبَ،
هَڻ ته ٺَپ دلٺارَ ٺارين، ٺاريو ٺاريندو
وت.
چنڊ چوڏهين، سج ڏسڻ سين، سج لٿي تائين به سج،
دوستَ، تون دم ڌار ڌارين، ڌاريو ڌاريندو
وَت.
تو مٿان تُنڪا ملن، تن منهنجي تَن ۾ تُن ڪيا،
تو نه چئين گهايل ٿو گهارين، گهاريو گهاريندو
وَت.
چيلهه چابُڪ، نرم نازڪ، لوڏ لَک جي لاڏلا،
وار جيئن هَر وار وارين، واريو واريندو
وَت.
دوست چيو ديدار ملندئي، دير دُوريءَ بعد دَم،
شرط سارڻ جو ٿو سارين، ساريو ساريندو وَت.
پنج يا پنجاهه ڪوهن، پرت کي پورا ٻه پير،
پرهه سنئون پيغام پارين، پاريو پاريندو
وَت.
آب ’احمد‘ جي اکين ۾، اڄ ڏسي آکيو عجيب،
هِير تي هيرا ٿو هارين، هاريو هاريندو وت.
(ڪليات احمد- ڀاڱو ٻيون، 2017: 139)
مٿئين غزل جي بندن ۾ ’مارين، ماريو ۽ ماريندو‘
ساڳئي امُر: ’مارِ‘ ۽ مصدر ’مارڻ‘ مان، ’ڍارين،
ڍاريو ڍاريندو‘ ساڳئي امر: ’ڍارِ‘ ۽ مصدر ’ڍارڻ‘
مان،’ٻارين، ٻاريو ۽ ٻاريندو‘ امر: ’ٻارِ‘، مصدر
’ٻارڻ‘ مان، ’ٺارين، ٺاريو ٺاريندو‘ ساڳئي امر:
’ڍارِ‘ ۽ مصدر ’ڍارڻ‘ مان، ’ڌار، ڌارين، ڌاريو ۽
ڌاريندو‘ ساڳئي امر: ’ڍارِ‘ ۽ مصدر ’ڍارڻ‘ مان،
’گهارين، گهاريو ۽ گهاريندو‘ ساڳئي امر: ’گهارِ‘ ۽
مصدر ’گهارڻ‘ مان، ’وارين، واريو ۽ واريندو‘ ساڳئي
امر: ’وارِ‘ ۽ مصدر ’وارڻ‘ مان، ’سارين، ساريو ۽
ساريندو‘ ساڳئي امر: ’سارِ‘ ۽ مصدر ’سارڻ‘ مان،
’پارين، پاريو ۽ پاريندو‘ ساڳئي امر: ’پارِ‘ ۽
مصدر ’پارڻ‘ مان، ’هارين، هاريو ۽ هاريندو‘ ساڳئي
امر: ’هارِ‘ ۽ مصدر ’هارڻ‘ مان آهي. ڄاڻايل لفظن
جو جيڪڏهن اشتقاق ڪبو ته انهن لفظن جو بنياد ’امر‘
يا ’مصدر‘ بيهندي. اهڙا لفظ جيڪي هڪ مصدر مان
جڙندا هجن تن کي مُشتَق سڏبو.
ڄاڻايل لفظن: ’مارين، ماريو ۽ ماريندو‘ جو ڇيد هن
انداز ۾ ڪري سگهجي ٿو:
مارين: مارِ
(امر) اِ > اِينْ (زمان حال- ضمير حاضر واحد جي،
ضميري فعل واري پڇاڙي) = مارينْ.
ماريو: مارِ
(امر) اِ > اِ + يو = ماريو (زمان ماضي- ضمير
حاضر واحد جي [۽ پڻ ضمير غائب واحد مذڪر/ مؤنث]
ضميري فعل واري پڇاڙي) = ماريو.
مارِيندو:
مارِ (امر) اِ > اِيند + او (زمان مستقبل- ضمير
حاضر واحد مذڪر [۽ پڻ ضمير غائب واحد مذڪر] جي
پڇاڙي) = مارِيندو.
·
حاصل مطلب/ نتيجو
هتي مولوي احمد ملاح جي شاعريءَ ۾ اهڙن مُشتَق
لفظن جو اڀياس ڪيو ويو، جيڪي هڪ ئي شعر ۾ ڪم آندا
ويا آهن. ’مُشتَق‘ لفظن کي اشتقاق واري دائري ۾
آڻڻ بعد ان حرفت کي ’تجنيس اشتقاق‘ چئبو. اصولي
طور ڪنهن شعر ۾، ڀيٽ جي صورت ۾، ساڳي جنس وارا لفظ
ڪم آندا ويا هجن ته ان کي ’تجنيس‘ واري اصطلاح ۾
آڻبو.
·
’تجنيس‘ جي حرفت جو تعلق هم جنس ’لفظن جي گهاڙيٽي‘
سان هوندو آهي، جڏهن ته صنعت جو تعلق لفظن جي معنى
سان هوندو آهي. ان سبب ڄاڻايل اڀياس موجب هن حرفت
کي ’صنعت اشتقاق‘ بجاءِ ’تجنيس اشتقاق/ مشتق‘ ۾
سمجهڻ گهرجي.
·
درسي لحاظ کان اشتقاق جا ٽي نمونا ٿين ٿا: مرڪب،
مرتب ۽ ڌاتو/ بنياد. هتي صرف ڌاتو/ بنياد ورتل يا
بنياد مان ورتل واري نموني کي ’تجنيس مشتق‘ تصور
ڪيو ويو آهي.
·
اشتقاق مان مراد ڪنهن لفظ کي ٽوڙي بنياد/ ڌاتو/
اصل معلوم ڪرڻ هوندو آهي. ڪنهن شعر يا شعر جي سٽر
۾ ساڳئي بنياد مان جڙيل مُشتَق لفظ ڪم آندل هوندا
ته ان کي ’تجنيس مشتق‘ ۾ شامل ڪيو ويندو.
·
مولوي احمد ملاح جيئن ته عربي، فارسي ۽ سنڌي ٻولين
جو ماهر هيو، ان سبب هن جي شاعريءَ ۾ مختلف ٻولين
جا لفظ مختلف وزنن/ صيغن ۾ ملن ٿا. هتي سندس شاعري
مان ’تجنيس مشتق‘ جي حوالي سان صرف ’عربي ۽ سنڌي‘
مُشتَق لفظن جو اڀياس ڪيو ويو آهي. مُشتَق لفظن جي
حوالي سان عربي لفظن کي وڌيڪ اهميت ڏني وئي آهي.
·
حوالا/ ذريعا
×
بلوچ، نبي بخش، ڊاڪٽر (1988) جامع سنڌي لغات. جلد: 5. ڄام
شورو: سنڌي ادبي بورڊ.
×
آڏواڻي، ڀيرومل، مهرچند
[1925] 1985. وڏو سنڌي وياڪرڻ. ڄام شورو:
انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي.
×
رستماڻي ضرار، پروفيسر
(2017) ڪليات احمد (مولوي احمد ملاح) ڀاڱو پھريون
۽ ٻيون. ڪنڊيارو: روشني پبليڪيشن.
×
مرزا، قليچ بيگ
(2016) علم عَروض. ڄام شورو: مرزا قليچ بيگ چيئر،
سنڌ يونيورسٽي. |