رسول بخش تميمي
جاتي
تميم- ٿهيم قبيلو تاريخ جي آئيني ۾
سونهاري سنڌ جي سرزمين سڄي عالم ۾ ڀاڳوند ۽ ڀلاري
ڀونءِ آهي، جنهن کي ختم المرسلين جناب محمُد
مصطفيٰ ﷺ جن پڻ ساريو آهي. هيءَ ڌرتي ايتري ئي
قديم آهي جيتري مشرقِ وسط ۽ يمن ۽ باقي خطهءِ
زمين. وري سنڌ کي خاص سوکڙي يعني سنڌوندي پڻ حاصل
ٿي. توريت جي روايت ۽ سيد سليمان ندوي جي تحرير
مطابق جنت مان چار دريا، نيل، فرات، جيحون ۽ سيحون
نڪتا آهن. بعض محققين جو خيال آهي ته سيحون اهو
ساڳيو سنڌو درياءَ آهي(1).
قرآن جي گواهي آهي ته آدم عليہ السلام ثاني، جناب
نوح عليہ السلام جو نسل دنيا ۾ پکڙيو سندن فرزندن
يافت، سام ۽ حام جي نسل مان دنيا جون سموريون
قومون، قبيلا وجود ۾ آيا آهن. دنيا ۾ صحيفن، زبور،
توريت، انجيل ۽ قرآن حڪيم کان قديم ۽ سچا ڪتاب ڪي
به ناهن.
قرآن ۽ بائيبل جي ارشادات مطابق جناب نوح عليہ
السلام جو مسڪن سرزمين عراق هو(2). جتي طوفان نوح
عليہ السلام کان پوءِ ٻيهر انساني نسل وڌيو
ويجهيو دنيا جي مختلف حصن طرف لڏپلاڻ ٿي، تاريخي
روايتن موجب سام ابوالعرب، يافت ابوالحرم ۽ حام
ابوالحبش آهي. ڪجهه تاريخن ۾ روايت آئي آهي ته
سام، عرب، فارس، ۽ روم، يافت، ترڪ، صقاليه ۽ حام
قبطي، سوڊاني، بربر جو جدامجد آهي، جنهن تي گهڻن
محققن، مؤرخن ۽ عالمن اتفاق ڪيو آهي.(3)
جناب ابراهيم عليہ السلام سام جي پشت مان، جنهن کي
جناب اسماعيل عليہ السلام ۽ جناب اسحٰق عليہ
السلام ٿيا. جناب اسماعيل عليہ السلام کي علماء
انساب، بائيبل ۾ درج ذڪر ۽ علامه شبلي نعماني جي
تحقيق مطابق ٻارنهن فرزند ٿيا(4). سندن فرزند مان
قيداد جي اوڻيتاليهين پشت مان عدنان ٿيو، جنهن
فرزند معد، معد کي نزار، نزار کي مضر ۽ مضر کي
الياس نالي فرزند ٿيو جنهن کي ست فرزند (1) اِتميم
(2) صبّه (3) مُزينه (4) خُزاعه (جنهن جو ٻيو نالو
مِدرڪ هو، ان جي پشت مان جناب محمّد ﷺ جن هئا) (5)
اَسلم، (6) عُڪل ۽ (7) تيم، جنهن جي پشت مان جناب
ابوبڪر صديق رضه هئا.
ترجمو: جناب ابوهريره رضه، روايت ڪن ٿا ته مون
آقاءِ محمد ﷺ جن کان ٽي ڳالهيون ٻڌيون. پاڻ سڳورن
ﷺ فرمايو ته بني تميم، دجال لاءِ سخت مخالف هوندا،
جڏهن هو دجال نڪرندو، بني تميم جي هڪ عورت، مڪرمه
بي بي عائشه سانئڻ رضه وٽ قيد هئي، پاڻ سڳورن ﷺ
فرمايو ته ان کي آزاد ڪري ڇڏ، بني تميم حضرت
اسماعيل عليہ السلام جو اولاد آهن. جڏهن ٻين قبيلن
جي زڪوات سان گڏ بني تميم جي زڪوات آئي ته پاڻ
سڳورن فرمايو ته اها منهنجي قوم جي زڪوات آهي.
تاريخ تميم (عربيءَ ۾) جي مصنف احمد جدع پنهنجي
تحقيق ۾ لکيو آهي ته تميم عرب جي وڏن قبيلن مان هڪ
آهي.(6) ابن حزم پنهنجي تصنيف ’الجمهره‘ ۾ تميم
قبيلي جي باري ۾ لکيو آهي ته تميم، عرب جي وڏن
قاعدن مان هڪ وڏو قاعدو آهي(7) بصره کان عمان
تائين سندن سرداري هئي، جيڪا ظهورِ اسلام تائين
هلي. ظهورِاسلام کان پوءِ بني تميم به دائره اسلام
۾ آيا، ۽ گهڻن اصحابِ رسول ﷺ جو اعزاز ماڻيو. جن ۾
جناب طلحه بن عبيدالله تميمي رضه، جناب خباب بن
الارت رضه، جناب واقد بن عبدالله جناب تعقاع رضه
بن عمرو، جناب عاصم بن عمرو رضه، جناب سواد بن
مالڪ تميمي رضه وغيره. گهڻائي تميم شاعر ۽ عالم
فاضل ٿي گذريا آهن جن ۾، ابوحرزه جرير، فرزدق
حُربن يزيد، مسعود بن حجاج، ابراهيم بن اڌهم،
ابراهيم بن الاغلب وغيره شامل آهن. شيخ عبدالواحد
بن عبدالعزيز رحه، شيخ السلام محمد بن عبدالوهاب
هن وقت رياست قطر جا حڪمران تميمي قبيلي سان تعلق
رکن ٿا.
سنڌ ۾ تميم قبيلي جو اچڻ غازي محمد بن قاسم سان سن
93هه ۾ ٿيو. ان کان اڳ قاتل ۽ مفرور محمد علافي
پنج سؤ ماڻهن سان سنڌ اچي لڪو هو. پر ان کان اڳ به
صدين کان عرب برصغير هند- سنڌ، انڊونيشيا، چين ۽
سريلنڪا واپار سانگي ايندا ويندا هئا، جن ۾ عرب
قبيلي بنو تميم جا افراد به شامل هئا. ان جو ثبوت
اِهو آهي جو اڄ به مذڪوره ملڪن ۾ تميم قبيلي جا
افراد آباد آهن. البت سنڌ ۽ موجوده پاڪستان ۽
هندستان ۾ آباد تميم جيڪي هاڻي بگڙيل تلفظ سبب
ٿهيم سڏجن ٿا.
سنڌ ۾ جنهن وقت عرب آيا، ان وقت سنڌي ٻولي ڳالهائي
ويندي هئي ۽ عربن جي ٻولي عربي هئي، هاڻي سنڌ ۾
ٻئي زبانون گڊمڊ هلڻ لڳيون. ظاهر آهي جيڪا حڪمرانن
جي ٻولي هوندي آهي، عوام به اُها ٻولي ڳالهائي ٿو.
تميم قبيلي جو مجاعه تميمي سنڌ جو حاڪم مقرر ٿيو.
هلال بن احوز تميمي، عبدالله بن سويد تميمي، خزيم
بن عبدالملڪ تميمي، قاضي احمد بن محمد تميمي
منصوري ناميارا منتظم ۽ محدث گذريا. مسعود تميمي،
عتبه بن سلميٰ تميمي، خريم بن عبدالملڪ، جنيد بن
عبدالرحمٰن، هلال بن احوزمازني تميمي، مغلس بن سري
عبدي تميمي، موسيٰ بن ڪعب تميمي، عينيه بن موسيٰ
تميمي معبد بن خليل تميمي، محمد بن معبد تميمي سنڌ
جا حاڪم رهيا، عربن جي تقريباً ٽي سؤ ساله حڪومت
بعد سومرا سنڌ جا حاڪم بنيا. جيڪي پڻ عرب هئا.
انهيءَ عرصي دوران گهڻا الفاظ ۽ نالا عربي ۽ سنڌي
اُچارن سبب بگڙيا. ابتدا ۾ سومرن جي ٻولي عربي
هئي، ليڪن مقامي ٻولي سنڌي پڻ ڳالهائي پئي ويئي.
انهيءَ سبب لفظ تميم بگڙي ٿهيم ٿي ويو. جيڪو اڄ
تائين به انهي قبيلي جا افراد ڪٿي تميم ته ڪٿي ٿهم
سڏائين ٿا انهيءَ بگاڙ جي تصديق مير علي شير قانع
ٺٽوي پنهنجي تاريخي ڪتاب ’تحفة الڪرام‘ ۾ مرزا
قليچ بيگ پنهنجي ڪتاب ’قديم سنڌ‘ ۾ قاضي اطهر
مبارڪپوري پنهنجي ڪتاب ’خلافت اُميه ۽ هندستان ۾‘
شيخ صادق علي انصاري پنهنجي ڪتاب ’سنڌ- بلوچستان ۾
مسلم قبيلا ۾‘، بين الاقوامي اسڪالر ڊاڪٽر نبي بخش
خان بلوچ پنهنجي ’مقالن‘ ۾، ’انسائيڪلوپيڊيا
سنڌيا‘، ’تاريخ معصومي‘ کان علاوه ’تاريخ تميم‘،
مصنف احمد جدع ۽ ڊاڪٽر ارشاد احمد ’تاريخ چنيوٽ‘،
جسٽس رٽائرڊ عبدالرزاق ٿهيم ’سنڌ ۾ عرب نسل‘ ۾ پڻ
ڪئي آهي.
تميم- ٿهيم قبيلو عرب ۾ نامور رهيو ته برصغير ۾ پڻ
ناموري حاصل ڪئي آهي. پاڪستان جي سڀني صوبن ۾
علاوه هندستان ۾ بمبئي، صوبه گجرات ۾ گهڻي تعداد ۾
وسندڙ آهي. امير ڪبير رهڻ سان گڏ معمولاتِ زندگيءَ
جي سڀني شعبن سان لاڳاپيل آهي. پوئيين دؤر ۾ هن
قبيلي جون ڪجهه رياستون پڻ رهيو، مثلاً ماٿيلو،
مگر ڀين ۽ بوهي جي علائقن ۾ هن قبيلي جي سرڪرده
اشخاصن جو صوبيداريون رهيو. منصوره جي حڪمرانن ۾
ٿهيم قبيلو حڪمرانن ۽ سرڪرده ماڻهن ۾ شمار ۾ هو.
دولهه دريا خان پل لڳ دمدو علائقي ۾ ننڍڙي رياست
قائم هئي. هندستان جي موجوده صوبه گجرات جي ڳوٺ
بالاگام ۾ پڻ ننڍڙي رياست ۽ ننڍو بحري بندر وجود ۾
هو، ٻنيءَ جي علائقي ۾ رئيس ڀيڳارو ٿهيم کي ننڍڙي
رياست ڪڇ جي حڪمران پاران عطا ڪيل هئي. غازي محمد
بن قاسم پاران جنيد بن عبدالرحمٰن کي چنيوٽ رياست
سونپي ويئي. چنيوٽ جا ٿهيم جنيد جي پشت مان آهن.
ان خاندان ۾ هڪ شخص نواب سعدالله خان پيدا ٿيو،
جيڪو شهنشاهه هندستان شهاب الدين شاهجهان جو
وزيراعظم ٿيو.
نواب سعدالله خان ٿهيم:
نواب سعدالله خان ولد امير بخش ٿهيم، 10 صفر 1000
هجري ۾ چنيوٽ لڳ ڳوٺ پتراڪي موجوده صوبه پنجاب،
پاڪستان ۾ ڄائو. سعدالله خان ابتدائي تعليم ۽
تربيت شاهه برهان کان حاصل ڪئي، تنهن بعد ميان
سنڌي جي خانقاه مان فيض ۽ علم حاصل ڪرڻ بعد
سيالڪوٽ ۾ علامه ڪمالدين جي درسگاهه ۾ علم ڪلام،
حديث، تفسير منطق وغيره جي تعليم حاصل ڪئي، نواب
سعدالله خان ۽ حضرت مجدد الف ثاني احمد سرهندي هڪ
ئي درسگاهه جا شاگرد هئا. نواب سعدالله خان کي
شاهجهان پاران اول نواب جو لقب ۽ ٻيا کوڙ انعامات
سان نوازيو ويو، بعد ۾ 20 رجب 1055هه مطابق پهرين
سيپٽمبر 1645ع تي وزيراعظم، هندستان جي اعليٰ ترين
منصب سان نوازيو ويو، نواب صاحب فهم و فراست،
دانشمندي ۽ قابليت سان نوازيل هو. وزيراعظم جي
عهدي تي فائز ٿيڻ بعد ڪيترائي قابل ذڪر ڪم ڪرايا.
تاج محل، قلعه آگره، موتي مسجد شاهجهان آباد، لال
قلع دهلي، تخت طاؤس، جامع مسجد دهلي، ديوان خاص،
شالامار باغ جي اڏاوتن ۾ معاونت کان علاوه پاڻ
ذاتي طور به اڏاوتون ڪرايون جن ۾ شاهي مسجد چنيوٽ،
حويلي ميان خان، پٿرن واري حويلي، موچي دروازو
لاهور، حويلي سعدالله خان دهلي، آگري ۽ مِٿرا جي
درميان درياءَ جهرنا جي ڪپ تي هڪ شهر سعدآباد ۽ هڪ
مسجد سعدالله خان، مقبره شاهه برهان الدين- چنيوٽ.
نواب صاحب وڏو عالم هو، هن ڪجهه تحريرون ڇڏيون، جن
۾ تفسير سورة فاتحه، رساله تخت طاؤس، ديوان
سعدالله خان، بادشاهه نامه ۽ سعدالله خان سوانح
وغيره
نواب صاحب نوربيگم سان نڪاح ڪيو، جنهن کيس چار پٽ
لطف الله خان، حفظ الله خان عرف ميان خان، عنايت
الله خان، خسرو محمد بديع ۽ هڪ نياڻي زينت بيگم.
هن نامور شخص 22 جمادي الآخر 1067هه بمطابق 7
اپريل 1656ع بروز آچر تي فاني جهان کي وداع ڪيو.
نواب حفظ الله خان ٿهيم-تميم:
نواب حفظ الله خان ولد نواب سعدالله خان ٿهيم،
ننگر ٺٽي ۽ سيوستان جو حاڪم مقرر ڪيو ويو، هي شخص
درياءَ، عالم، شاعر هو، وڏو عاشقِ رسول ﷺ هو. ۽
سندن يوم ولادت تي عام کاڌي جو بندوبست ڪندو هو.
هٿ پاڻ خود ڌوئاريندو هو.، سيوستان لڳ درياءَ تي
پل جوڙائڻ جي نگراني ڪندي، سخت گرميءَ سبب 1112هه
تي رحلت ڪيائين.
مير سيد غلام علي آزاد بلگرامي
’يدبيضا‘ ۾ سندس تاريخ وفات قرآن حڪيم جي هن آيت
مان ڪڍي آهي:
فَلَهُمْ جَنّٰتُ الْمَاْوٰي ۡ نُزُلًۢا
بِمَا
كَانُوْا
يَعْمَلُوْنَ
ننگر ٺٽي ۾ رهڻ لاءِ نواب هڪ ڪوٽ جوڙايو هو.
دلاور خان، صاحب خان ۽ جلال خان:
روايت مطابق شاهه بيگ ارغون سان وڙهندي شهيد ٿيا.
ميرپورماٿيلو جي علائقي تي سندس وڏن کان حڪمراني
هئي. رتوديرو ۽ شڪارپور رستي تي سندن مقبرا خسته
حالت ۾ موجود آهن.
رئيس ڀيڳارو متوفي 1865هه:
رياست ڪڇ ۾ هڪ ننڍي رياست جو حاڪم هو، جيڪا اڄ به
سندس نالي سان سڏجي ٿي، سندس خاندان جا گهڻا ماڻهو
قيام پذير آهن، ڪجهه افراد لڏي پاڪستان ۾ اچي آباد
ٿيا آهن.
احمد بخش ٿهيم:
نواب احمد بخش ولد محمد عبدالله خان ٿهيم، ڳوٺ
سالار واهڻ ضلع خانيوال پنجاب جو رهاڪو هو، نواب
احمد بخش پنجاب اسيمبليءَ جو ميمبر رهيو، پنهنجي
علائقي ۽ برادري جي قابل قدر خدمت ڪئي، سندس پوٽو
ملڪ ساجد رضا ايڊيوڪيٽ پڻ پنجاب اسيمبليءَ جو
ميمبر رهي چڪو آهي.
جسٽس (رٽائرڊ) عبدالرزاق ٿهيم:
عبدالرزاق ولد عبدالڪريم ٿهيم، 18 آڪٽوبر 1927ع تي
ڳوٺ شيرانپور تعلقي ڳڙهي خيرو ضلعي جيڪب آباد سنڌ
۾ ڄائو. هن صاحب ايم.اي، ايل.ايل.بي جا امتحان
پاس، اول وڪالت شروع ڪئي. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ جج مقرر
ٿيو. وفاقي شريعت ڪورٽ جو جج، ٻه وارا وفاقي سروس
ٽربيونل جو چيئرمين، جنهن جو درجو وفاقي وزير جو
هو. سينيٽر چونڊيو ويو. وفاقي وزير، مجلس شوريٰ جو
ڊپٽي چيئرمين رهيو. اقوامِ متحده ۾ پاڪستاني وفد
جو ريگيولر ميمبر، ڪامن ويلٿ اجلاسن ۾ نمائندو ۽
سفارتي وفدن ۾ نمائندو رهيو. پاڪستان ۾ سرڪاري نيم
سرڪاري ريگيولر ۽ اعزازي عهدن تي رهيو.
هسٽري آف عرب قبيله (انگريزي)، عرب ان سنڌ
(انگريزي)، يادگيريون (انگريزي)، جج ۽ انصاف
(انگريزي)، سنڌ ۾ عرب نسل تميم عرف ٿهيم کين ڪافي
اعزاز عطا ٿيا. تمغهِ امتياز، تمغهِ جنگ، امير آف
قطر پاران ميڊل، علامه اقبال صدارتي گولڊ ميڊل
وغيره. هن سيپٽمبر 2010ع تي وفات ڪئي.
خانصاحب فقير محمد خان ٿهيم:
خانصاحب فقير محمد خان ولد مير خان ٿهيم 1910ع ۾
اباڻي ڳوٺ لڳ منصوره ۾ ڄائو، سندس تعلق منصوره جي
تميم حڪمران خاندان سان هو. هن صاحب ابتدائي تعليم
حاصل ڪرڻ بعد آبائي پيشي زمينداريءَ سان وابسته
رهيو، کيس تقريباً اڍائي هزار ايڪڙن جي زمينداري
هئي. خانصاحب، پنهنجي قبيلي کي هڪ پليٽ فارم تي
آڻڻ لاءِ انتهائي سرگرم ڪردار ادا ڪيو. پير صاحب
پاڳاري ۽ خانبهادر غلام محمد وساڻ سان رفاقت سبب
سماجي ۽ عوامي ڪمن ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي.
هن صاحب 1980ع ۾ وفات ڪئي.
رئيس عبدالسلام ٿهيم:
رئيس عبدالسلام ولد گل محمد ٿهيم، 1 جنوري 1949ع
تي ڳوٺ طيب ٿهيم لڳ شهدادپور ۾ ڄائو، پيپلز
پارٽيءَ سان لاڳاپيل هو، ٻه ڀيرا صوبائي ڪابينه ۾
وزير رهيو، 2011ع ۾ وفات ڪيائين.
حوالا:
(1)
مولانا مودودي، سيرت سرور عالم
(2)
علامه شبلي نعماني، سيرت النبي ﷺ
(3)
غلام علي آزاد بلگرامي، تمدن عرب
(4)
احمد جرع، تاريخ تميم
(5)
سيد سليمان ندوي، عرب ۽ هند جا تعلقات
(6)
ابن خلدون، تاريخ ابن خلدون
(7)
مخدوم محمد هاشم ٺٽوي، نورالمبين
(8)
قاضي اطهر مبارڪپوري، عرب و هند عهد رسالت ۾
(9)
شيخ صادق انصاري، سنڌ بلوچستان ۾ رهندڙ مسلم
قبيلا.
(10)
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلو، تاريخ سنڌ، مقالا
(11)
عبدالرزاق ٿهيم، سنڌ ۾ عرب نسل تميم عرف ٿهيم.
(12)
ڊاڪٽر ارشاد احمد ٿهيم، تاره
(13)
نجي الله عباسي، انوارِ ڪريمي
(14)
رسول بخش تميمي، سراج السالڪين
(15)
مرزا قليچ بيگ، قديم سنڌ، ان جا ماڻهو
(16)
مير علي شير قانع ٺٽوي، تحفة الڪرام
(17)
احمد حسين، ترجمهِ عبدالرحمٰن طاهر سورتي، تاريخ
ادب عربي
(18)
فلپ هٽي، تاريخ
(19)
انسائيڪلوپيڊيا سنڌيا
ڊاڪٽر بلوچ، مهاڳ، سراج السالڪين.
رسول بخش
گچيرائي
گچيرو-
شريف
مخدوم قاضي غلام محمد گچيرائي بن
مخدوم محمد پريل قريشي ملتاني رحمة
الله عليھ
سنڌ جي وچولي حصي جي ساهت جو
سرواڻ:
مخدوم قاضي غلام محمد (بگائي)
گچيرائي پنهنجي وقت جا جيد ۽ يگانا عالم
مخدوم قاضي غلام محمد (بگائي)
گچيرائي پنهنجي وقت جا جيد ۽ يگانا عالم، اديب،
ٻوليءَ جا ماهر، شاعر، مصنف، مفسر قرآن، محدث،
فقير، اهل الله ۽ صوفي بزرگ ٿي گذريا آهن. ليڪن
کين تاريخ جي ورقن ۾ نهايت مختصر ياد ڪيو ويو آهي
مٿن وقتائتي قلم نه کڻڻ جي ڪري سندن دين اسلام ۽
سنڌي ٻولي ۽ ادب لاءِ ڪيل ڪاوشون گهڻي قدر ضايع ٿي
ويون.
11 صدي هجري ۾ مخدوم محمد پريل
قريشي، ملتان ۽ اچ شريف کان سنڌ ۾ آيا ۽ گچيري
پراڻي ۾ مخدوم هنڱوري رحمت الله عليہ جن جي درگاهه
تي حاضري ڀري ۽ مخدوم هنڱوري رحمت الله عليه جن جي
خاندان جي بزرگن جي توسط سان گچيري جي ڏکڻ ۾ اٽڪل
هڪ ميل جي فاضلي تي مخدوم محمد پريل جن ٻگهين مان
شادي ڪري پنهنجا گهر اڏي ويٺا جيڪي اڳتي هلي ’ڳوٺ
ميان محمد پريل جا گهر‘ جي نالي سان مشهور ٿيا.
مخدوم محمد پريل قريشي جن واپس اچي
مخدوم هنڱوري رحه جن جي درگاه تي خيرات في سبيل
الله ڪري الله پاڪ کان اولاد لاءِ دعا گهري. الله
پاڪ کين فرزند عطا ڪرڻ فرمايو جنهن جو اسم مبارڪ
غلام محمد رکيو ويو ۽ مخدوم محمد پريل جن مخدوم
هنڱوري رحه جن تي ونڊ (خير) ڏئي آيا اهو سلسلو اڄ
تائين جاري آهي ۽ قاضي صاحب جن جي خاندان ۾ نرينو
اولاد ٿيڻ تي سُکا ڏئي ايندا آهن.(2)
مخدوم قاضي غلام محمد جن جو جنم
1078 هجريءَ ۾ گچيري پراڻي لڳ ’ڳوٺ ميان محمد پريل
جا گهر‘ ۾ ٿيو جنهن جا نشان اڄ به ظاهر آهن ۽ هڪ
دڙي جي صورت ۾ آهن ۽ ان سان ساڳي جاءِ تي سندن
مدرسي ۽ مسجد شريف جا نشان اڄ تائين موجود آهن ۽
مسجد جي اڏاوت دوران حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي
رحه جن مخدوم غلام محمد گچيرائي جن جي ديني علوم ۾
قابليت ۽ مهارت وغيره ٻُڌي ’ڳوٺ ميان محمد پريل جا
گهر‘ ۾ آيا ۽ اڏجندڙ مسجد شريف جي ڪم ۾ حصو وٺندي
تگاري کنئي هئي. ان جاءِ تي مخدوم صاحب جن جي ڪجهه
زمين ۽ ان کي آباد ڪرڻ لاءِ کوهه پڻ هوندو هو. اهو
کوهه چند سال اڳ سندن موجوده سجاد نشين قاضي مير
حسن صاحب جن لٽائي ڇڏيو ۽ ان جي ڀر ۾ ٽيوب ويل
هڻايو آهي، جنهن تي مخدوم صاحب جن جي زمين آباد
ٿيندي آهي. مخدوم غلام محمد گچيرائي کي ميرعلي شير
قانع غلطي وچان کين بگن جي ڳوٺ کي سندن ولادت جي
جاءِ ڄاڻائي کين بگائي لکيو آهي، جيڪا غلطي ميمڻ
عبدالمجيد سنڌي مرحوم ۽ ٻيا اڄ تائين ڪندا اچن ٿا
،جڏهن ته مخدوم قاضي غلام محمد گچيرائيءَ جو تعلق
گچيري شهر سان ئي آهي ان کانسواءِ مخدوم صاحب ڪنهن
به لکت وغيره تي پاڻ کي بگائي نه لکيو آهي بلڪ
مخدوم غلام محمد جن جي پوٽي مخدوم فيض محمد قاضي
(همعصر قاضي احمد دمائي 1117هه- 1223هه) جن کي
قاضي احمد جن هڪ خط ۾ مخدوم قاضي فيض محمد گچيرائي
ڪري لکيو آهي.(3)
مخدوم قاضي غلام محمد گچيرائي جن
جي ظاهري علوم ۽ باطني فيض جي درسگاهه ۽ درگاهه:
مخدوم صاحب جن مخدوم ابوالحسن(1)
سنڌي وٽان ظاهري علوم جي دستار فضيلت حاصل ڪرڻ بعد
ڪجهه وقت مدرسي ۾ رهيا ۽ پوءِ گچيري لڳ پنهنجي
رهائشگاهه (ميان محمد پريل جا گهر) تي اچي ديني
درسگاهه قائم ڪئي. ان درسگاهه ۽ مسجد شريف جا نشان
اڄ تائين به موجود آهن جنهن جي اتر- ڏکڻ واري
ديوار 33 فوٽ ۽ اولهه- اوڀر واري ديوار 37 فوٽ
آهي. هن درسگاهه ۾ سنڌ جي مختلف علائقن جا طالبعلم
اچي قرآن پاڪ، تفسير، حديث، فقهه ۽ ٻين ديني علوم
جي تعليم حاصل ڪري ويندا هئا، جن جي رهائش ۽ کاڌي
پيتي جو پڻ اعليٰ بندوبست ٿيل هو. هن ديني درسگاهه
مان ڪيترائي عالم ۽ حافظ دستار فضيلت حاصل ڪري سنڌ
۽ هند ۾ دين اسلام جي شمع کي جاري ۽ ساري رکندا
آيا ۽ رکندا اچن ٿا. مخدوم صاحب جن نهايت پرهيزگار
۽ پورا خائف خدا ۽ خشوع و خضوع وارا ڪامل ۽ عامل
بزرگ ٿي گذريا آهن. پاڻ سچا عاشق رسول هئا حضور
نبي ڪريم ﷺ جن جي سڪ ۾ روئندا هئا، ۽ عشق رسول ﷺ ۾
مولود، غزل ۽ معجزا ٺاهيندا هئا، جيڪي سڄي سنڌ ۾
مدح خوان ڳائيندا رهندا هئا.
موجوده دور جي يگاني عالم حضرت
مولانا محمد ادريس ڏاهري دامت برڪاتهم العاليه جن
فرمايو: ”ادا رسول بخش آءٌ لاڙڪاڻي جي هڪ شهر
ميروخان ۾ تقرير ڪرڻ ويس ۽ اتان جي درگاهه پير
حامد حضوري جن جا سجادهه نشين حضرت پير احمد بخش
صاحب جن تي جڏهن نظر پيم ته حيران ٿي ويس ۽ تقرير
بعد کين عرض ڪيم ته سائين توهان کي هي فيض ڪٿان
مليو آهي بزرگ فرمايو ته مولوي صاحب اسان جو
خاندان 12 صدي هجري کان گچيري جي بزرگ مخدوم غلام
محمد گچيرائي رحمت الله عليه جن جو مريد ۽ خادم
پئي رهيو آهي ۽ جيڪي ڪجهه اسان وٽ آهي سو مرشد
مخدوم غلام محمد گچيرائي جن جي عنايت آهي.
اهڙي طرح سنڌ جي وچولي حصي جي سنڌي
ٻولي جيڪا آسان ۽ اعليٰ قسم جي ٻولي آهي سا نه صرف
ساهتي علائقي، سنڌ جي وچولي حصي بلڪ پوري سنڌ لاءِ
آسان ۽ سڌريل ٻوليءَ جي لحاظ کان فخر جو باعث آهي
جنهن جو باني اڳواڻ ۽ سرواڻ مخدوم قاضي غلام محمد
گچيرائي کي سڏجي ته ڪو وڌاءُ نه ٿيندو، جنهن جو
حوالو تاريخ تحفة الڪرام ۾ ڄاڻايل آهي مخدوم صاحب
جن جي نثر خواه نظم اڄ به عام ماڻهو چڱي طرح ۽
آسانيءَ سان پڙهي ۽ سمجهي سگهي ٿو.(2)
سلوڪ ۾ مخدوم قاضي غلام محمد
گچيرائي جن پهريان نقشبندي سلسلي ۾ مخدوم
ابوالقاسم نقشبنديءَ جي مريدن ۾ شامل ٿيو ان بعد
مخدوم ميان محمد ابوالمساڪين جي خلفاء ۾ شامل رهي
تصوف ۾ ڪماليت حاصل ڪيائون تنهن کان پوءِ خواجه
محمد زمان لنواري واري بزرگ کان پڻ فيض حاصل
ڪيائون ۽ خلافت جو خرقو ڍڪيائون(3) ۽ خواجه صاحب
جن جي پنجن وڏن خليفن مان پاڻ هڪ هئا، جن ۾ مخدوم
عبدالرحيم گرهوڙي، مخدوم قاضي غلام محمد گچيرائي،
حاجي محمد صالح کڙائي، حاجي ابو الطالب اگهمي،
حافظ هدايت الله شامل آهن. مخدوم غلام محمد
گچيرائي جن نهايت بلند پائي جا عالم صوفي با صفا ۽
ڪامل ولي الله هئا. سندن اڄ ڏينهن تائين سنڌ جي
مختلف ضلعن ۾ هزارين معتقد آهن. سندن ڪماليت جي
اها پهچ هئي جو هڪ ڀيري ماه رمضان مهيني ۾ رات جو
برسات ڏاڍي پئي ۽ حويليءَ ۾ اَسر جو سحري تيار ڪرڻ
لاءِ ڪاٺيون نه هيون ته مخدوم صاحب پنهنجي خاص
خدمتگار روشن فقير کي فرمايو ته فقير اَسر جو سحري
تيار ڪرڻ لاءِ ڪاٺيون نه آهن. فقير وراڻيو ته
سائين بندوبست ڪري ٿا وٺون ۽ ان وقت ئي روشن فقير
ڪاٺين جي ڳولا ۾ نڪتو ۽ نيٺ ڳوليندي ڳوليندي سڪل
ڪاٺيون هٿ ڪيائين ۽ ٻوريءَ ۾ بند ڪري اڌ رات جو در
تي اچي ڪاٺين جي ڀري اڇلي ته ڪاٺين جي آواز تي
مخدوم صاحب جن سجاڳ ٿيا ۽ پاڻ فرمايائون ته ڪير
آهي؟ ته فقير وراڻيو ته مرشد سائين روشن فقير
آهيان ۽ سڪل ڪاٺيون هٿ ڪري آيو آهيان ان تي غلام
محمد گچيرائي فرمايو ته ”روشن فقير تون ۽ تنهنجو
سڄو خاندان سدائين روشن رهندو“ قاضي صاحب جن جي
دعا سان روشن فقير ڪامل بزرگ بنجي ويو. اڄ پندرهين
صديءَ ۾ به سندن درگاهه ميرو خان (ضلعو لاڙڪاڻو) ۾
علم ۽ فيض جو مرڪز آهي، جيڪا درگاه حامد حضوري جي
نالي سان مشهور آهي قاضي غلام محمد گچيرائي جن جي
ديني علوم ۽ عربي ٻوليءَ تي ايتري گرفت ۽ دسترس
هئي، جو سندن 8 سجاده نشين قاضي رسول بخش گچيرائي
جيڪي پندرهن سال اڳ 110 سالن جي عمر ۾ وصال ڪري
ويا، تنهن مون (راقم) سان ڳالهه ڪئي ته هڪ ڀيري
مخدوم محمد هاشم ٺٽوي جن پنهنجي هڪ خليفي کي مخدوم
قاضي غلام محمد ڏي موڪليو ته وڃي هڪ عربي ڪتاب
جيڪو تمام ڏکيو هو سو وڃي قاضي صاحب جن کي پهچاءِ
۽ کين عرض ڪجانءِ ته اهو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري ڏين.
خليفو صاحب هڪ ڏينهن اچي قاضي صاحب جن وٽ پهتو ۽
کين اهو عربي ڪتاب ڏنو ۽ خليفي، مخدوم صاحب جن کي
عرض ڪيو ته سائين مخدوم محمد هاشم ٺٽوي جن فرمايو
آهي ته هي ڪتاب ٽن مهينن ۾ ترجمو ڪري ڏجو. خليفو
رات رهيو ۽ صبح جو نيرن پاڻي ڪري قاضي صاحب کان
موڪلايائون ته قاضي صاحب جن کيس ڪتاب واري ڳوٿري
واپس ڪئي ته خليفي عرض ڪيو ته يا حضرتا! مهرباني
ڪيو مخدوم هاشم ٺٽويءَ هن ڪتاب جي ترجمي لاءِ عرض
ڪيو ان ڪري توهان ترجمو ڪيو ۽ ٽن مهينن بعد آءُ
کڻڻ ايندس. تنهن تي مخدوم صاحب جن خليفي کي فرمايو
ته: بابا ڪتاب جو ترجمو مون (مخدوم قاضي غلام محمد
گچيرائي) رات سارو ڪري ڇڏيو خليفو تعجب ۾ پئجي ويو
۽ کولي ڏٺائين ته واقعي عربي ڪتاب سان گڏ ان جو
ترجمو پڻ موجود هو. اها هئي مخدوم صاحب جن جي علمي
۽ روحاني طاقت!
مخدوم قاضي غلام محمد گچيرائي جن
نهايت اعليٰ پائي جا شاعر هئا، سندن شاعريءَ جو
ڪافي تعداد عشق رسول پاڪ ﷺ ۾ چيل آهي، سندن
شاعريءَ جي ٻولي نهايت عام فهم آهي، جيڪا ميرعلي
شير قانع تاريخ تحفة الڪرام ۾ مخدوم غلام محمد
بگائي جي سنڌي (اصل ۾ مخدوم غلام محمد قاضي جن جي
سنڌي) ڄاڻائي آهي. قاضي صاحب جن سنڌي ٻوليءَ ۾
مولود سڀ کان پهريان ٺاهڻ ۽ چوڻ جي ابتدا ڪئي سندن
مولود سڄي سنڌ ۾ ڳايا وڃن ٿا ۽ مشهور آهن پاڻ
ڪيترا ئي معجزا منظوم ڪيا اٿن. جن ۾ پاڻ سڳورن جن
جي ولادت، شادي وارو معجزو حضور پاڪ جن جي سيرت
مبارڪ وغيره ۽ ٻين واقعن تي چيل طويل نظم پڻ پاڻ
لکيائون، جيڪي ڪلمات جي نالي سان مشهور آهن مخدوم
صاحب جن جو ڪجهه ڪلام نموني طور هيٺ عرض رکجي ٿو.
ابر عنايت، ڪڪر ڪرامت، سمنڊ سخاوت،
امن علامت،
ماه ملاحت، سونهن صلابت، وهه
وصالت، ڏنس ڏاتارا.
سو هادي هدايت، والي ولايت، ابر
عنايت، ڪنز قناعت،
ڪندو شِفاعت، ڏينهن قيامت، مٿي
مڙني مومنا.
سو حامي همت، امين است، مهر ملت
قوي قوت،
اعليٰ عظمت، ماهه ملاحت، صبح
صباحت، هادي هر ويرا.
سي مڱر منڌا، اجهامندا، ڪين ٻرندا،
موذي مرندا،
راهب رمندا، ڪاهه نه ڪندا، اپر
اونداها.
سي ٻول ڀڄندا، ورهين ويندا، چڪيا
چڙهندا،
واوَ ورندا، سکن سندا، ٿيندي نعمت،
نصيبا.
سي بت ڀڄندا، ڪوٽ ڪرندا، حيضي
هڄندا،
موذي مرندا، ڪافر ڪرندا، مڙئي
ماتاما.
سو دين وڌندو، ڪفر ڪڍندو، پاپ نه
پوندو، ظلم زد ٿيندو،
ڪوڙ ڪرندو، حق هلندو، ويندي بالڪل
بدعتا.(4)
مناقبو نبي ڪريم ﷺ جن جو ديو وارو
چيل مخدوم غلام محمد قاضي (آخري حصو)
هاڻي اُمتي حضرت نبي ڪريم جو مونکي
ڪري مولا
قادر رب قبول ڪيا سندم سوالا
جيءَ گهريا جانيئڙا مون کي مولي
ملايا
اوجاڳا اکين جا منهنجا سڀئي صاب
پيا
هاڻي حضرت هاشمي توتي آندم ايمانا
پرين توتي ٿو پڙهان ڪلمون ڪريما
سو مرد مسلمان ٿيو آندئي ايمانا
داور اهڙي ديو سان قادر ڪرم ڪيا
ايڏيون ڪرم ڪرامتون آهن نبيءَ نور
سندا
سو ڪيئن ڇڏيندو امتي پيغمبر پنهنجا
تن کي تک تار مون ڪاريندو احمدا
مرسل سندي مدح کان ماٺ مور نه
جڳاءِ
چوي غلام محمدي نالي غلاما
ڪلام سان قبول پوي منهنجا مدح
مقبولا
هجان حاضر حضور ۾ منجهه مجلس محمدا
جيري من جاني ڏسان جنهن تان جان
فدا
ڪلمي ساڻ ڪريم جي شل پڄنم پساها
ويندا سي ايمان سين ڪلمو چون
مها(5)
لا اِلہ الا الله محمد رسول الله
نعتيه غزل
ٿلهه: رکو هيڻي تي هٿ هر هر، ٿئي
رحمت يا رسول الله!
ڪري ٻيو ڪير تو ري هت، حمايت يا
رسول الله
1- هيڻي هن حال منهنجي جي، سيد!
سُڌ توکي سڀ آهي
چوڻ چارو نه مون آ ڪو، حڪايت يا
رسول الله!
2- ٿئي آڌر ارادت جي، پسان تو مير
محمد کي!
ڪريان خدمت، ٿئي حاصل، هدايت يا
رسول الله!
3- نه اٿم تقويٰ نمازن جي، نفل،
فرضن عبادت جي
رکان اميد رحمت جي، عنايت يا رسول
الله!
4- ”غلام محمد“جو غم لاهي، خرابيون
۽ خطائون سڀ
ٿئي شافع! وري منهنجي، شفاعت يا
رسول الله!(6)
مخدوم غلام محمد گچيرائي حضور پاڪ
جن جي ولادت، صورت ۽ سيرت پاڪ جو ذڪر ڪندي چون ٿا
ته:
سي سونهن سائي پٽ سين، مٿس ٻهڳڻ
ٻاروتا
ويڙهيو ورنهن جنهن ۾، منجهس برجن
پاڪيزا
تان ڀي تنهن پاڻيءَ ۾، ٿي چڪيا
چئاڪا
ملاحت جي ماهه جا، ٿي ڳاڙيا قطرا
ڪارا
سو ايڏو قرب ڪري جو، ايڏي عظمت
عظيما
تنهن جي تعظيم جو، لهي ڪير ڪرارا
سو رب جايون جنات ڏنس، ايڏو اڪراما
موليٰ محبت تنهن سين، ڪئي وڻن وير
وتا
سو محبوب مطلوب رب جو، ڌئل دوست
خدا
کين لهندو خبرون، اڻاسين اڳواڻا
اڙين آهي آسرو، هيڻن حڪاتيا
منهن محمد مير جو، ڪر چند چوڏهينءَ
ماهه
اپر آئيني کان اجرو، گهڻو پرتوي
چمڪي چانڊاڻا
جيئن جوت ڏئي جهڪا مٿي نوري نراڙا
ڪنڍا ڀرون ڪمان جيئن ٻئي پنبڻيون
مستانا
اکيون ري سرمي سرور جون، ڪيفي قدرت
ڪمالا
سرجني سياهيءَ مان راتيون يڪ رنگ
رضا
ڪڍي وڃن خمارسين شعلا شوق سندا
سينو معدن محب جو ارهه مصدر
معررفتا
بازون قوت ڪوپن جون، زينت زمانا
ابر سغاوت اڳريون، هٿ ڪڪر ڪرامت جا
سدا سانوڻ مينهن جيئن، وسن وير
وتا.(7)
مخدوم غلام محمد جن جو چيل، الف
اشباع تي هڪ معجزو
تڏهن حضرت هٿ کڻي چيو اي سائين
سٻاجها
اي موليٰ مينهن وساءِ، ڪر راحم
رحمتا
ته سکيو پوي ساٿڙو، ڪنهن منهن
قافلا
مند نه مينهن، مهر جا وسيا وسڪارا
جهڪا جهڙ لائيا، رڻ ۾ ٿيا ريلا
ابر امارا ڪيو، ٿا وسن وڏڦڙا
وڃن ميگهه ملهاريا، ٿيا سرها
ساٿيڙا
جر هاريندو وترو، آيو اتر ڏانهان
جي ڏر ڏين گهڻو، سي ريل ريجاڻا
ٿاڌل ٿي ٿرن برن ۾، ويو تابش تاء
پاڪيزا پٽن تي، ڀڄي چيز پيا
ڏجهو لٿو ڏوٿئين، جتي بسري بک مئا
هلندو ويو قافلو، مٿي منزل
مڪانا.(8)
ڪلهوڙن جي دور ۾ وائي ۽ رزميه
شاعريءَ جو پڻ رواج پيو. مثال لاءِ مخدوم
عبدالرحمٰن کهڙن واري شهادت جو واقعو منظوم ملي
ٿو، جيڪو مخدوم غلام محمد قاضي گچيرائي جن جو چيل
آهي. مخدوم صاحب جي ڪلام ۾ سيرت نگاري ۽ ڪردار
نگاريءَ جا نهايت اعليٰ نمونا ملن ٿا البت ايترو
آهي، ته مخدوم صاحب تي پنهنجي تهذيب ۽ تمدن، رهڻي
ڪهڻي ۽ ريتن رسمن جو اثر غالب آهي. هن بزرگ پاڻ
سڳورن ﷺ جي ولادت باسعادت، حسن ۽ جمال ۽ شاديءَ جو
ذڪر ڪندي سنڌ جي ثقافتي اهڃاڻن، ريتن رسمن ۽ رهڻي
ڪهڻيءَ کي سموهڻ ۽ سمائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. قصيده
برده شريف جي شرح ۾ به اهو ئي اسلوب بيان اختيار
ڪيو اٿن يعني هن پاڻ پنهنجي ماحول جي پس منظر ۽
پنهنجي روايتن، تمثيلن ۽ اهڃاڻن کي سامهون رکي،
مدحيه ۽ نعتيه ڪلام چيو آهي.
مخدوم عبدالرحمٰن الشهيد جي شهادت
تي مخدوم غلام محمد قاضيءَ جو چيل نظم جو اقتباس
هيٺ ڏجن ٿا:
ڇا کي غازي غربا مومن
ماراياءِ،
انهيءَ عيوض ۾ اهو
ڪوٺي هوند ڪهاءِ،
ڇت ڇنئي ترهو ٽٽي ٻيڙي
ٻوڙاياءِ،
پارون پيغمبر پاڪ جي
اوڀالا اينداءِ،
ويئي حڪومت هٿ مان،
پاپي پٽ مرنداء،
نورو! هتئون نڪري ڳهلا
ڳالهه وياء،
اَبرو اسلام جي ڪوڙهيا
ڪوه ڪڍيا،
مشعل مومنن جا قاضي
ڪوه ڪٺاء
جهڙي ڪئي جهان ۾ آڏي
سا اينديا،
هيڏي ڦر نه ڦُٻنداء،
جي ڀيلارا ڀانياء،
ظالم! زور زيان سان
سنڌ ساري سڪاياء،
سگها زنجير ظلم جا جا
ڳٽ ڳانا ڳل پوندياء،
شاديون شڪرانا ڪيو،
خير خداء،
چوي غلام محمدي نالي
غلاما، |
|
ثابت شرع جنهن تي
ڪاريو قصاصا.
ولاتزر وازره الاخريٰ
پير پرجهي پاءَ
شال نه هوندي سرخرو،
ڪوڙهيا ڪان پيا!
شافيءَ جي شرع جيڏي
جاڙ ڪياءَ
ڊنين ڊاءَ ته رب جي
سوريا سڃ ڪياء
جي ٿي شمع شرح جا
ٻريا، سي ڪيئن اجهاياء!
هُل حاويلي ڇڏيئي، سڃي
ٿيئي سراء!
ڪاتي پوندءِ قهر جي،
ٻنڀا ڪا ٻرندياء!
اچي ڪڙڪي قهر جا گهوڙا
گهر پوندياء
مارو مڱر ظلم جي ٻارڻ
ٻارياء
اصفهان ۽ ايران جا
گهوڙا گهر اينداء
اڄ يا سڀهن مرندين
پاپي ڏينهن پناء
ماريو مفسد، مومنو!
ويهو جڙي جاءِ بجاءِ.
ويندا جي ايمان سان جي
ڪلمو چون سدا.(9) |
هيءُ نظم مخدوم قاضي غلام محمد جمع
جي ڏينهن خداآباد وڃي ميان جي مسجد ۾ سندس روبرو
چئي جنهن کان ميان ڏاڍو پشيمان ٿيو ۽ ارمان
ڪيائين، ليڪن تير اڳ ۾ ئي ڇُٽي چڪو هو تنهن کي
موٽائڻ سندس وس کان ٻاهر هو.
قصيده برده جو ترجمو ۽ شرح لکيل
مخدوم غلام محمد قاضي
قصده برده جو هي پهريون ترجمو ۽
شرح آهي جيڪا قاضي صاحب لکي. مخدوم قاضي صاحب جي
هن ترجمي مطعلق مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي لکيو آهي
ته ”منهنجي نظر ۾ هن کان وڌيڪ شرح سنڌيءَ ۾ ٻي
ڪابه نه ٿي سگهي آهي. هيءَ شرح سڀني ترجمن ۽ شرحن
کان نهايت مستند ۽ محققانا لکيل آهي. ”قصيده برده
جي ترجمي ۽ شرح ۾ مخدوم غلام محمد قاضي جو عشق
رسول جو جذبو به ڪارفرما آهي، ته سندس علم ۽ فضل
جو اظهار به ملي ٿو. هن بيتن جي قصيدي جو لفظي
ترجمو نه ڪيو آهي، پر هر بيت جي هيٺيان پهريان ان
بيت جي معنيٰ سمجهائي اٿس، ۽ ان کان پوءِ ان جي
وضاحت ۾ ڪافي ڪجهه لکيو اٿس، مفهوم ۽ مقصد
سمجهائيندي قرآن شريف جون آيتون، حديثون ۽ عالمن ۽
بزرگن جا قول به آندا اٿس. انهيءَ ڪري سندس هي نظم
به ترجمو نه ٿو لڳي، پر هڪ تخليقي شاهڪار نظر اچي
ٿو.
قصيده شريف جي بيتن جي شرح کان اڳ
۾ ديباچو ڏنو اٿس، ان ۾ الله تعاليٰ جي هيڪڙائي
بيان ڪندي، واحد جي واکاڻ جي هدايت ڪئي اٿس ۽
معرفت حقيقي جو ڏس ڏنو اٿس. ديباچي ۾ تصوف جو رنگ
غالب نظر اچي ٿو، ۽ وجودي فڪر جي جهلڪ نظر اچي ٿي.
مذڪوره نظم، معجزن مولودن ۽ قصيده
برده جي منظوم شرح کانسواءِ مخدوم صاحب جو هڪ نظم
ڪائنات جي تخليق بابت به مليو آهي، جنهن ۾ هن قديم
روايتن موجب ڪائنات جي تخليق جو بيان آندو آهي ان
کانسواءِ پاڻ ڪريم جن جو وفات نامو به لکيو اٿن.
مخدوم صاحب جن جو وصال
مخدوم صاحب جن جڏهن ميان نورمحمد
ڪلهوڙي کي نظم ٻڌايو ۽ خدا آباد واري مسجد کان
واپس اچي رهيا هئا ته گچيري پتڻ وٽ، ملاح، نور
محمد ڪلهوڙي جي چُرچ تي ٻيڙيءَ کي اونڌو ڪيو ۽
مخدوم صاحب گچيري پتڻ جي ڀر ۾ تار پاڻيءَ ۾ هليو
ويو ۽ پاڻيءَ ۾ ٻڏي شهيد ٿي ويو ڊاڪٽر نبي بخش
بلوچ پڻ لکيو آهي ته مخدوم کهڙن واري شهادت وقت
سنڌ جو واحد عالم مخدوم غلام محمد گچيرائي (بگائي)
هو، جنهن ان وقت جي حاڪم نورمحمد ڪلهوڙي کي سندس
موجودگيءَ ۾ حق جو ڪلمو چوڻ فرمايو ۽ نديو ۽ پٽيو.
اهڙي طرح سان مقامي بزرگن جي روايت ۽ ڊاڪٽر نبي
بخش بلوچ جي حوالي مطابق ان وقت ئي يعني 1145 هجري
۾ مخدوم صاحب جن شهادت ماڻي. ان حساب سان مخدوم
غلام محمد قاضي جن قصيده برده جو ترجمو ميمڻ
عبدالمجيد سنڌيءَ جي لکت مطابق جيڪو ان 1182
هجريءَ ۾ لکيو آهي سو صحيح نه آهي بلڪ قصيده برده
جو ترجمو 1142 هجريءَ ۾ مخدوم صاحب جن منظوم ترجمو
ڪيائون. سندن ساليانو عرس مبارڪ 16 ذوالحج تي سندن
خاندان ۽ مخدوم هنڱورو هسٽاريڪل سوسائٽي جي طرفان
گچيري ۾ ملهايو ويندو آهي.(10)
حوالا:
(1)
مخدوم ميون ابوالحسن سنڌي جنهن
پهريان سنڌي الف-ب ٺاهي ڪتاب ’مقدمة الصلواة‘
لکيو، ولادت 1070هه وفات 1165هه، ڏسو صراط رسالو
’مخدوم محمد هاشم ٺٽوي نمبر‘. مضمون ’مخدوم محمد
هاشم ٺٽوي جي دور جا علمي مرڪز، از: رسول بخش
ٻگهيو گچيرائي.
(2)
تحفة الڪرام، مترجم: امير احمد
کهڙائي
(3)
راوي: قاضي رسول بخش قريشي سجاده
نشين اٺون.
(4)
سنڌي منظوم شرح، مخدوم غلام محمد
بگائي (گچيرائي) مرتب: ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، ص
26-27
(5)
مناقبا، مرتب: ڊاڪٽر نبي بخش خان
بلوچ، سنڌي ادبي بورڊ ڪراچي، حيدرآباد، 1960ع
(6)
بياض حمد و نعت، ڊاڪٽر ميمڻ
عبدالمجيد سنڌي جو نعتيه ڪتاب 1400هه
(7)
سنڌي شرح منظوم ترجمه: مخدوم غلام
محمد بگائي (گچيرائي) مرتب: ميمڻ عبدالمجيد سنڌي،
ص 27-28
(8)
نعتيه ڪلام
...................................... ص 27-28
(9)
مهراڻ رسالو سوانح نمبر 1957ع
(10)
گچيرو پتڻ جا راوي: موسو پاتڻي ۽
محمد يوسف مهر جت پتڻ تان ماڻهو جي سواري کڻندڙ.
مخدوم قاضي غلام محمد گچيرائي
(بگائي) جن جو آبائي مقام رهائش جتي هن وقت پوين
جون مزارون آهن.
مسجد شريف غلام محمد گچيرائي رحه
12 صدي هجري جي وچ ۾ جنهن مسجد تي شاهه عبداللطيف
ڀٽائي تغاري کنئي هئي
مخدوم قاضي غلام محمد گچيرائي جو
شاگرد: شاهه محمود (دوئم) نقوي- جهانيان مرزا ۽
مقبره شاهپور جهانيان شهر ۾ نيشنل هاءِ.وي جي
اولهه ۾، ۽ سنڌ ۾ جهانيان خاندان جو وڏو (پيڙهي جي
لحاظ کان) بزرگ جنهن جو سنڌ وارا سيد جهانيان
اولاد آهن ان جو مقبره |