سيڪشن: رسالا

ڪتاب:مهراڻ 02/ 2021ع

باب:

صفحو:14 

شبير  ’هاتف‘

ڪراچي

 

 

 

نه محبت ڪريون نه پيار ڪريون،

پوءِ جيڻ لاءِ ڪهڙي ڪار ڪريون.

 

جي جيڻ لاءِ ڪو بهانو کپي،

بس محبت ڪريون پيار  ڪريون.

 

اچ ته هڪ ٻئي کي ڏيئي ڏوراپا،

اچ رُسون، پرچون ۽ پيار ڪريون.

 

اچ اي جانِ بهار جانِ جان،

زندگي رشڪِ نوبهار ڪريون.

 

مُرڪ سان موڪلايو هڪٻئي کان،

۽ وڇوڙي کي خوشگوار ڪريون.

 

عشق ۾ پهريون وفا جو اصول،

بي وفا تي به اعتبار ڪريون.

 

نيٺ ڏيندو محبتن جو جواب،

بس هي اظهار بار بار ڪريون.

 

هي جنون ۽ رڳو گريبان ڇو!

دامنِ دل به تار تار ڪريون.

 

سر ته هڪ آهي جي هزار هجن،

توتان قربان بار بار ڪريون.

 

وقت ايندو ته ايندي موسمِ گل،

”بي سبب ڇو ته انتظار ڪريون.“

 

هرڪو ڪم پنهنجي وقت تي ٿيندو،

”بي سبب ڇو ته انتظار ڪريون.“

 

نه اجايون توقعات رکون،

نه ئي يارن کي شرمسار ڪريون.

 

ڪنهن جي اڳيان جهليون نه دستِ طلب،

ڪنهن سڄڻ کي نه زير بار ڪريون.

 

تو وٽان آيو جام موٽائي،

پاڻ کي ڇو گنهگار ڪريون.

 

حسن وارن جي هِت هُجي اچ وڃ،

دل محبت جي رهگذار ڪريون.

 

گر طلبگار عدل جا آهيون،

رشتو منصف سان استوار ڪريون.

 

هُن سوا ڪِئن مشاعرو ٿيندو،

ٿورو ’هاتف‘ جو انتظار ڪريون.

 

امداد حُسيني

ڪراچي

 

 

 

 

اَلا هُو نه آيو!

گيت

نومبر به گذريو ڊسمبر به آيو

اَلا هُو نه آيو!

وڻن ۾ اُتر واءُ واڄو وڄايو-

اَلا هُو نه آيو!

ڪُلهن تي وري واسِيل

وار هُن لاءِ ڇوڙي ڇڏيا مون

گلن سان وري سيج کي مون سجايو-

اَلا هُو نه آيو!

انهي تي کڻي پاڻ کي مون وڇايو-

اَلا هُو نه آيو!

سَکيون سڀ ٻَکيون

مکڙيون گُل ٿيون آءُ

هيڪل اَڀاڳي

مٿان مون کي طعنن ۽ تُنڪن تپايو-

اَلا هُو نه آيو!

وٺي وِلَهه لاڏاڻ مچ کي مچايو

اَلا هُو نه آيو!

چپن تي مُساڳ ۽ اکين ۾ ڪجل

سينڌ سندُور پاتم

سنجها جو سُنڳنڌت ڏيو مون جلايو-

اَلا هُو نه آيو!

پرهه جو هوا ڦُوڪ سان سو وسايو-

اَلا هُو نه آيو!

هڪ سوال

هر آويءَ لاءِ سَويءَ لاءِ

لکي سگهجي ٿو

نانءُ جنهن تنهن جو

کڻي سگهجي ٿو

ڳالهه هِن هُن جي ڪري سگهجي ٿي

توکي سوچي به نه ٿو سگهجي ڇا؟!

 

ستارو!

آسمان تي

سڀن کان

اڪيلو پري

هڪ ستارو ٿو چمڪي

ڪنهن جي قسمت جيان

پر

اُها تنهنجي ۽ منهنجي

قسمت ڪٿي!

نياز پنهور

ڄام شورو

 

 

 

 

 

غزل

 

هي هڪڙو آچر ڇو ٿو ٿئي؟

۽ ننڍڙو ويتر ڇو ٿو ٿئي؟

 

جنهن هٿ ۾ گل هجڻ گهرجن،

تنهن هٿ ۾ پٿر ڇو ٿو ٿئي؟

 

ڀل موت اچي هڪ وار اچي،

هي ٻيهر ٽيهر ڇو ٿو ٿئي؟

 

جو هٿ چمڻ مون چاهيو هو،

سو خنجر خنجر ڇو ٿو ٿئي؟

 

جو لڙڪ سڄو ڏينهن ضبط رهيو،

سو رات جو ساگر ڇو ٿو ٿئي؟

 

جنهن وقت وڃي ٿي تنهن لمحي،

هي موت جو منظر ڇو ٿو ٿئي؟

 

غزل

هڪ خط رکي ڄڻ ته تکي ڌار رکي وئي،

هوءَ ڇوڪري ويندي ويندي تلوار رکي وئي.

 

سنجها جو آئي صبح تائين جسم سميٽي،

ڀاڪر ۾ منهنجي ڪاڻ پنهنجي سار رکي وئي.

 

ويهان ته سندس ٽهڪ جا موتي ٿا ٽهوڪن،

سمهان ته سڄي رات لاءِ ويچار رکي وئي.

 

ڪئي ٽهڪ هوائن ۾ ڇڏي مهڪ ڪري وئي،

ڪجهه خواب پلاندن ۾ ٻڌي ڌار رکي وئي.

 

هو خوف، وري لڙڪ، مٿان موت جو منظر،

ڀاسي ٿو نئين صبح جي اخبار رکي وئي.

 

هٿڙن جا اشارا وري ڳوڙهن جون ميارون،

چپ چاپ، اکين سان سڀئي اظهار رکي وئي.

 

اڌ پاڻ کڻي ها ته سندس قرب ٿئي ها،

غم ڪونه کنيائين، رڳو انبار رکي وئي.

 

ادل سومرو

سکر

 

 

 

 

 

بيتَ

 

روشن جڳ جهان، اونداهي ۾ جهوپڙيون،

معجزن جا منتظر، سادا هي انسان،

دلاسن جا دان، سکڻا مِلن ٿا تن کي.

*

ناهه رڳي اخبار، دانهن آهي دور جي،

سماجي ساڃاهه جا، ڏيکاري ٿي پارَ،

ڪين آهي ڌار، عوامي آواز کان.

*

هيء جا حيدرآباد، ڪيڏي اڳ ۾ شاد هئي،

هاڻ ويچاري ٿي لڳي، نماڻي ناشاد،

داد نه ڪو فرياد، ڪنهن اُجاڙيو ان کي.

*

سَکڻي سمجهاڻي، دم دلاسا، خبرون،

نڪو بجليءَ آسرو، نه پيئڻ جو پاڻي،

ساڳي آکاڻي، آهه سموري ديس جي.

*

مِٽيءَ مان ڄڻ ڊَڀُ، موت آهي تيئن ڦٽو،

ويا ڀرجي ايڌي جا، سردخانا سڀُ،

دارون آ اَڻلڀ، درد وڃن ٿا وڌندا.

*

سوچن ٿا ڀوتار، هوائن جي ڦيري تي،

آهن سجدن ۾ گهڻا، ڪامور ڪمدار،

ڪٿان هي وسڪار، آهي ڪِري اوچتو.

*

خواهشن جو پنڌ، ڪٿي کُٽي ڪين ٿو،

ڪا جي پوري ٿي ٿئي، ٻي کڻي ٿي ڪنڌ،

هڪڙو هجي هنڌ، ته پهچي اچي آدمي.

پير غلام مجدد سرهندي

مٽياري

 

 

 

 

نعت

 

وسيلو بي وسيلن جو سچو سرڪار آيو آ

گنھگارن جي آٿت ۽ وڏو آڌار آيو آ.

 

ھوائن گيت ڳايا ڀونء سجدا ڪيا اٿي ھر ھر،

سوا لک انبيائن جو سچو سردار آيو آ

 

اھو جنھن ڪل جھانن کي حيات_ جاودان بخشي،

زمين تي آسمانن کان اھو سينگار آيو آ.

 

خدا پنھنجي خدائي جنھن جي لئي ظاھر ڪئي سو ئي،

اٻوجھن آسوندن جو ننگي ننگدار آيو آ.

 

ڪفر جي ڪوٽ ۾ واڙيل ھئي انسانيت ساري،

ڏسو ماڻھن کي جاڳائڻ  ھلي مهندار آيو آ.

 

رسول الله جي محبت کان سوا اسلام ڪھڙو آ،

ڀلائڻ مومنن کي ڏس ڀلي بدڪار آيو آ.

 

ستارا جھلملائن پيا ھوائون گيت ڳائن پيون

امڙ جي گود ۾ سھڻو پرين پڳدار آيو آ.

 

لڏي ويا قيصرو ڪسرا اجھي وئي باھ دوزخ جي،

ڪرم فرمائي ڌرتيء تي حقيقي پيار آيو آ

 

انھيء محبوب ھستيء تي درود آھي سلام آھي

ڪرڻ جبريل جنھنجو ڪئين دفعا ديدار آيو آ

 

ڳرھ پائي ڳچيءَ ۾ ۽ ٻڌي هٿڙا، جهڪائي سِرُ،

مجدد ڏوھ بخشائڻ تنھنجي دربار آيو آ.

 

بشير احمد شاد

لاڙڪاڻو

 

 

 

 

نظم

 

اسان مرون ته مقدس ٿئي لهو پنهنجو.

اسان جي همتن ۽ ڪاوشن کي داد ڏيو،

اسان ڀنور ۾ سفينن جا سڙهه ٿا ڇوڙي ڇڏيون.

اسان اُٿون ته پهاڙن جيان ڪَرَ کڻي بيهون،

اسان وڌون ته طوفانن جا رُخَ به موڙي ڇڏيون.

اسان ڪِرون ته دشمن تي بجلي بڻجي ڪِرون،

اسان وَسون ته بيابان کي به لوڙهي ڇڏيون.

اسان ٽپون ته ڪيئي دشت و دريا پار پئون،

اسان ٽُٽون ته ٿا باطل جا خوابَ ٽوڙي ڇڏيون.

اسان مَرون ته مقدس ٿئي لهو پنهنجو،

اسان جيئون ته عَلَمَ عظمتن جا کوڙي ڇڏيون.

 

غزل

 

ڌاريا پنهنجا سڏبا ناهن،

کوٽا سِڪا مٽبا ناهن.

سياڻا ماڻهو ساڳيءَ ڏرِ تان،

هر هر ويٺا ڏنگبا ناهن.

هردم حق ڇِني وٺبا هن،

سين هڻي سي گهربا ناهن.

نازڪ ناتا ڌرتيءَ وارا،

اهڙا ناتا ڇنبا ناهن.

پنهنجا آخر پنهنجا آهن،

پنهنجا عضوا ڪَٽبا ناهن.

جن سان جيءُ جُڙي ويندو آ،

تن سان ويڇا رکبا ناهن.

دل جا هن دستور نرالا،

ڪاغذ تي سي لکبا ناهن.

’شادَ‘ سرير ۾ سانڍي رکجان،

سورَ سڀن سان سلبا ناهن.

 

جمال‘ مراد گبول

ميرپور- ساڪرو

 

 

 

 

نعت

 

اَچي رس يارسول الله، رهي ناهي مسلماني،

ڏسي ڪم تنهنجي اُمت جا، لڳي هينئڙي کي حيراني.

حيا وارا ٿيا هيڻا، وڌي وئي بي حيائي آ،

عدل انصاف ڪو ڪونهي، ناهي قانون قُرآني.

گُهمن جيئن جانور جهنگ ۾، لڳي بي پردگي تيئن آ،

حيا جو آ رهيو نالو، سمورا فعل حيواني.

غريبن ۽ يتيمن جو، تون واهر ۽ وسيلو ٿي،

ڪرم فرمائي تون پنهنجو، اچي ڪر تن جي آساني.

قتل انسان جو ائين آ، ڪُهن جيئن ڍور ڪاسائي،

درنده پنهنجي دهشت سان، وَهائن خون انساني.

مرن مُنڪر منافق سڀ، نه مُلحد ڪو بچي جا بر،

سڙي کامي پچي پڄرن، جي ڪن ٿا شوم شيطاني.

پُڄي وڃ تون پرين پيارا، دَجالي دور آيو آ،

اچي ويو وقت ڄڻ اهي، هي فرعوني ۽ هاماني.

سڙي وئي مسجد ”اقصيٰ“ اُهو ڏک آ اڃان دل ۾،

يهودي اڄ بنائن ٿا، وري ’هيڪل‘ سليماني.

چوي دل ٿي سمورا سڀ، هلون ’ڪشمير‘ ڏي ڪاهي،

ڏني ڏس!! ڪيڏي تن آهي، ٻچن ٻارن جي قُرباني.

ٻُڪي ڏي ٻاجهه جي تون ڪا، اسان تي رحم ڪر راڻا،

اندر جي کول اک آقا، پَسائي راز روحاني.

ڏهاڙي ڏُک وڃن وڌندا، مدد ڪر مير مُرسل تون،

ڏکن جا ڏور ڪر ڏينهڙا، پري ڪر تون پريشاني.

’جمال‘ آه بيٺو در تي، ٻڌي ٻانهون اوهان جي آ،

سواليءَ کي نه ڇڏ خالي، اُنهيءَ جي ڪر نگهباني.

 

الله بچايو مشتاق آريسر

 ميرپورخاص

 

 

 

 

 

غزل

 

جيڪي وڏڙن اڳي چيون آهن،

آزمايل حقيقتون آهن.

هرڪو ڏاڍي جو ٿو وٺي پاسو،

بي ڪسن لاءِ مصيبتون آهن.

وقت جا يار سڌڙيا سڀئي،

عاشقن لاءِ صعوبتون آهن.

يار، اغيار، ٿيو وڃن جلدي،

خوب ماڻهن جون عادتون آهن.

پيار ۾ هڪ خلوص، هوندو هو،

اُن ۾ به اڄ ملاوتون آهن.

نيٺ مئه خوار، سڀ خفا ٿي پيا،

سي نه مئه جون، لطافتون آهن.

بس محبّت ئي پائدار آهي،

جنهن ۾ ازلي، صداقتون آهن.

دل ۾ سمجهيم، ته حق چئي ڇڏيم،

هاڻي سڀ سُک جون ساعتون آهن.

هن چيو بي نياز ٿي، ’مشتاق‘،

هي ته جهونيون روايتون آهن.

 

غزل

اڃان تون گهار ڪي گهڙيون، اڃان هي دل ڀري ناهي،

سوا تنهنجي ڪڏهين سهڻا، ڪا ساعت هڪ سري ناهي.

 

جڏهين ڪو پيار جو ناتو، ٿئي طرفين کان پختو،

ته اهڙين حالتن ۾ ڪا، رکڻ دوري چڱي ناهي.

 

ڀلي پيو ڪو ڪري نفرت، مٿانهون پيار ئي آهي.

سدائين پيار سان رهجي، جدائي ڪا ڀلي ناهي.

 

نه ڪا نفرت مان هڙ حاصل، پيارن سان پيار رَهه،

حياتي زهر ٿي پوندئي، جي ياري دل گهري ناهي.

 

سچي نيت سان يَڪ سُو ٿي، ڌڻي جي تون عبارت ڪر،

جي رغبت غير ڏي ٿي پوءِ، عبادت بندگي ناهي.

 

اِهو تون ياد رک مٺڙا، عقل ۽ عشق گڏ ناهن،

سچو جي پيار سان ناهين، ته ٿيندي دلبري ناهي.

 

تڪيو جي پيار جون راهون، ته يارو ياد هي رکجو،

هي رستو خارزار آهي ۽ اڳتي ڪا گهٽي ناهي.

 

نه سولو پوئتي موٽڻ، قدم اڳتي کڻڻ مُشڪل،

مگر دل چاهه ۾ ڪڏهين، ڳري ناهي، ٿڪي ناهي.

 

ملي ’مشتاق‘ کي ’مشتاق‘ جي مصرع محبت سان،

محبت جيڪڏهن ناهي، ته گويا زندگي ناهي.

 

خليل عارف سومرو

جوهي

 

 

 

 

 

 

غزل

 

جَر جي ڦوٽي جهڙو آهيان،

واءُ جي جُهوٽي جهڙو آهيان.

اڪثر برف جيئان هوندو هان،

بعضي شعلي جهڙو آهيان.

دنيا پَٿر ٿي بَرسائي،

۽ مان شيشي جهڙو آهيان.

دنيا جي هيڏي گولي تي،

مان هڪ ٽٻڪي جهڙو آهيان.

ڪنهن پل نِم جي گهاٽي ڇانءُ ۽،

ڪنهن پل تڙڪي جهڙو آهيان.

مُنهنجي ڪوتا آئينو آ،

سَچ جي جلوي جهڙو آهيان.

جيون جي فوٽو ۾ آءٌ،

خالي رستي جهڙو آهيان.

جنهن به وَليءَ جي تُربت آهي،

اُنجي ڪَتبي جهڙو آهيان.

عاشق آهيان، پاڳل آهيان،

دل جي جذبي جهڙو آهيان.

’عارف‘ هيءَ حقيقت آهي،

هڪڙي سَپني جهڙو آهيان.

سيف الله خالد يوسفاڻي

 لطيف نگر

 

 

 

 

 

غزل

 

ڏک، سور، درد، هجر، رڳو ڪج روا ڏنو،

۽ ڪج-شبيرگيءَ ۾ ٻيو ڇا نه ڇا ڏنو.

اي ناشڪِ وفا، تو ڪڏهن سوچيو به آ،

مون عشق ۾ فنا ٿي، آ توکي بقا ڏنو.

دل منهنجي رهگذارِ سمومِ ڪرب رهي،

غم هجر ۽ فراق جو، غم آشنا ڏنو.

مون کي صبر سهپ جي جن آ سزا ڏني،

هر حال ۾ مون تن کي، حرفِ دعا ڏنو.

ڪنهن ساڻ ڪا گِلا نه شڪايت ڪئي ڪڏهن،

مون کي صبر ڪرڻ جو هنر آ خدا ڏنو.

هڪ تون ته منهنجي حال کي، سمجهڻ جي ڪر سڄڻ،

مون تنهنجي هٿ ۾ پنهنجو پلئه يار آ ڏنو.

خودداريءَ مزاج آ، سُخره وجود ڪيو،

مون کي اهو مقام آ، منهنجي اَنا ڏنو.

مون روغنِ جگر سان، درخشان ڏيئا ڪيا،

دل جي لهو سان تن کي، دوامِ جلا ڏنو.

تنهنجي گهٽي جڏهن کان، مطاف وفا بَڻي،

وِک وِک ڪنڊن جي سيج مٿي خسته پا ڏنو.

خود رفته اهل حسن ۽ آشفته سر اسان،

ڪيڏو نه ڪرب آهي، انهيءَ ماجرا ڏنو.

گذري حياتي ’سيف‘ بيابان ۾ ڀٽڪندي،

دوکو قدم قدم تي رڳو ناخدا ڏنو.

 

غلام حسين’مشتاق‘سچاروي

حيدرآباد

 

 

 

 

غزل

 

پياريون تنهن جون پيارا يادگيريون،

ٿيون نيڻن نظارا يادگيريون.

 

سڄن ڪر ياد پنهنجا عهد و پيمان،

ڀُلائين ڇو ڀَلارا يادگيريون.

 

محبّت ۾ ڇڏيم سڀ ڪجهه لُٽائي،

سندم سرمايا سارا يادگيريون.

 

مصيبتون مشڪلاتون آيون ليڪن،

ٿيون منهن جو سهارا يادگيريون.

 

هيس موجن جي وچ ۾ سير اندر،

سمنڊن جا ڪنارا يادگيريون.

 

اکر اُلفت جا آهن نقش دل تي،

ٿيا دل جا اوتارا يادگيريون.

 

جدائي ۾ به جِيءَ جکڙي رکن ٿيون،

بلاشڪ منڊ ڍارا يادگيريون.

 

وسارڻ سان نٿيون ’مشتاق‘ وسرن،

ڏين هر هر اشارا يادگيريون.

 

جوهر بروهي

فريدآباد

 

 

 

 

نعت

 

تنهنجي حسن جي هاڪ هَلي ملڪين،

تنهنجو اسان جو امام بڻيو،

تنهنجي عشق ۾ جيڪو ورتل،

اهو جڳ ۾ روشن نام بڻيو.

تنهنجي پيار جي سُرڪي پيتي جن،

ٿيا پوري حياتي مَست مَگن،

تنهنجي خوشبو سان جو مَهڪيو آ،

ٻيو عيش انهيءَ لئه حرام بڻيو.

تنهنجي زلف مان رات کي رنگ مليو،

تنهنجي مُک مان مُرڪي صبح بڻيو،

تنهنجي مُرڪَ مان چنڊ ستارا کِڙيا،

تنهنجي صدقي سارو نظام بڻيو.

تنهنجي نيڪ نگاهه مان نور وَسي،

جو توکي ڏسي ٻيو ڪين پَسي،

تنهنجي صحبت سون بڻائي ٿي،

توکان ڏور رهيو ناڪام بڻيو.

تنهنجو قدم مبارڪ جاٿي پيو،

هيو پٿر مگر ٿي پَشم ويو،

اهو شاهن جو به شاهه بڻيو،

تنهنجي در تي اَچي جو غلام بڻيو.

تنهنجو شهر به آهي ساک مثل،

تنهنجو سچو گُفتو باک مثل،

ڪا هڪڙي ادا هجي ڳالهه ڪجي،

تنهنجو انگ انگ آ گلفام بڻيو.

تنهنجي گَنج مان ڪن گُذران لکين،

ڇا جِنَ مَلَڪ انسان لکين،

ڪا ذات نه آ ڪا ڏات نه آ،

پر ’جوهر‘ تو در سام بڻيو.

 

استاد محسن علي شر

خيرپورميرس

 

 

 

 

 

ڪافي

 

محب ماڻن ساڻ مشتاقن کي مارڻ ناروا،

دل کسي دلدار دلبر دُور گهارڻ ناروا.

 

چاهه مؤن چشمان کڻي مُرڪي دلڙي لُٽي دلبر وئين،

پوءِ وجهي گهُنڊ گهور مان نازڪ نهارڻ ناروا.

 

اصل کؤن تنهنجو آهيان در سندو دربان مان،

سام جو سهڻل پيو تنهن کي ڌڪارڻ ناروا.

 

عشق تنهنجي جا اندر ۾ مچ مدامي ٿا ٻرن،

جا سڙيل سڪ سوز جي تنهن کي ساڙڻ ناروا.

 

ديد تنهنجي جون دَوناليون دل اندر دم دم لڳن،

اکين کي عادت اها ساجن سيکارڻ ناروا.

 

محب ماندو سڪ سوز ۾ ٿو رهي ’محسن‘ سدا،

جو پيو تنهنجي پناري تنهن کي وسارڻ ناروا.

 

قاضي منظر حيات

حيدرآباد

 

 

 

 

 

 

گهَراين سان چاهڻ واري!

مون کي اُڀ رَسائڻ واري!

 

دِل دَيول جو خاموشيءَ سان،

پُوڄا گهِنڊُ وَڄائڻ واري!

 

ٿَر ڌرتيءَ جيان آنءُ اُساٽيل،

مَوهَه جو مِينهن وَسائڻ واري!

 

سانوڻ رُت جي سَانجهي آهيان،

بَاکَ بَسنتي ڀَانئڻ واري!

 

کِلندي ڳالهه چئي وئي آهِين،

عُمر سڄي اِيذائڻ واري!

 

ڪيئن مان تنهنجي ياد وساريان،

چاهت- چڻنگ دُکائڻ واري!

 

ٿَڪجي ڇالئه چيچ ڇَڏايئه،

دل جي ديپَ وسائڻ واري!

 

جيءَ سان جُڙيل ياد آ تُنهنجي،

سَپنن ۾ سَرچائڻ واري!

 

نيٺ ته مون ڏي موٽي اِيندينءَ،

مَن ’منظر‘ مَهڪائڻ واري!

صدرالدين صدر هنڱورو

شاهڪپور-جاتي

 

 

 

 

 

غزل

 

جيئن ٿو حُسن پَسائي جلوا نوان نوان،

تيئن ٿا اچن چپن تي نغما نوان نوان.

 

هي سَير شام صبح و پردي بنا پيارا،

گهايَل ته پوءِ گَس تي گڏبا نوان نوان.

 

ڇالاءِ ڪات اڏيون ڪهڙا ڪاسائي پُڇبا،

ڪاريون اکيون ته وڍبا ڪَٽبا نوان نوان.

 

هر شيءِ آهي وقت سان گذريو وڃي ته پوءِ بس،

جوڀن آهي ته جانب جذبا نوان نوان.

 

ڪارو لباس چشمو ڳاڙهي حنا هٿن تي،

چوڪن مٿي چريا پوءِ ڏِسبا نوان نوان.

 

سانوڻ وٺو ته واهه واهه بر کي حُسن وسائي،

پاسي ڪنا پکا پوءِ اَڏبا نوان نوان.

 

ماڻن ۽ ناز کان پوءِ مُرڪي چوي ٻڌايو،

راڻي جي عرض اڳيان رکبا نوان نوان.

 

عابد نياز ميمڻ

شڪارپور

 

 

 

 

 

غزل

 

لڳي جا چوٽ سمجهي ٿي، دراوڙ دل جي ويراني،

لڇي ٿي هاءِ ڀٽڪي ٿي، دراوڙ دل جي ويراني.

 

ڪڏهن ڪنهن موج مستي ۾، ڪڏهن ڳوڙها اکين ۾ ٿس،

ڪڏهن ڪنهن جاءِ نه مهڪي ٿي، دراوڙ دل جي ويراني.

 

ڏسي لاچار بحرن کي ڏسي مايوس بَر ڀَر کي،

سدا سورن ۾ سهڪي ٿي، دراوڙ دل جي ويراني.

 

دراوڙ دلجي ويراني کڻي، ڪي بار اهنجن ٿا،

مگر پوءِ ڀي نه ٿڪجي ٿي، دراوڙ دل جي ويراني.

 

گهڻي ڪوشش ڪئي ’عابد‘ ٿئي ڪو دور ويرانو،

مگر دل تان نه مٽجي ٿي، دراوڙ دل جي ويراني.

 

دين محمد سُجاڳ پلي

لطيف نگر

 

 

 

 

نعت شريف

 

محسنِ انسان، تنهنجي شان تان قربان جان،

صاحبِ قرآن، تنهنجي شان تان قربان جان.

 

تون کڻي ڪفران لئه اعلان آئين موت جو،

فيض ور فرقان، تنهنجي شان تان قربان جان.

 

تو سندي اعلان سان، حيران اڄ ڀي ٿو رهي،

دربدر ڪفران، تنهنجي شان تان قربان جان.

 

ٿو ملي سبحان کان پوءِ سمورن کان وڏو،

شاهه تنهنجو شان، تنهنجي شان تان قربان جان.

 

چنڊ سج سهڻو لڳي، تنهنجي ڪري سهڻو لڳي،

باغ هر بستان، تنهنجي شان تان قربان جان.

 

شان کي قرآن ۾ فرقان ۾ بالا بلند،

ٿو سڏي سبحان، تنهنجي شان تان قربان جان.

 

راهه تُنهنجي تي ملي الله جي طرفان وڏو،

مرتبو ۽ مانُ، تنهنجي شان تان قربان جان.

 

ٿو ڪري ايمان وارو هر ننڍو توڙي وڏو،

هر گدا سلطان، تنهنجي شان تان قربان جان.

 

جامِ جنت جامَ واري، نام تنهنجي ۾ ’سجاڳ‘،

ٿيو مگن مستان، تنهنجي شان تان قربان جان.

 

زاهد ڪنڀار

ٽنڊو جان محمد

 

 

 

 

 

نعت

 

مُحابي پاڪ پنجتن دي، سڄڻ سردار دي صدقي،

خطاوان معاف ڪل ٿيسن، مِٺي منٺار دي صدقي.

 

يقين مُحڪم اسان دا هي، ڏيهاڙي روز محشر دي،

سفر آسان سڀ ٿيسن، سخي ڏاتار دي صدقي.

 

اُهو والي هَنئي ڪوثر، چُڪي دي ڳالهه ڪانهي ڪا،

مٽيان پي مٽ محبت ديان، اَکيان دي ٺار دي صدقي.

 

صفا ڪر صاف سيني ڪون، وفا ڪر تون وفا ٿيسي،

خدا جنهن ڪون بنايا هي، اُنهين پڳدار دي صدقي.

 

اٻوجهن ۽ غريبن تي، خدا ’زاهد‘ ڪرم ڪر سي،

ٻُڌا تون لوڪ ساري ڪون، اُنهين وينجهار دي صدقي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org