قاضي مقصود احمد
مٽياري
پير آقا غلام مجدد سرهندي رحه
(سوانح ۽ سياسي سرگرميون)
نسب نامه حضرت آغا صاحب سرهندي مجدّدي معصومي
فاروقي رحه :
حضرت آغا عبدالرحيم رحه بن حضرت ضياءُ الحق شھيد
ڪابلي بن شاهه غلام نبي بن شاھه غلام حسن بن شاھه
غلام محمد بن شاھه غلام معصوم ثاني بن شيخ محمد
صبغت اللھ بن شيخ محمد معصوم اول بن امام رباني
شيخ احمد مجدّد الف ثاني رحه مخدوم الشيخ عبدالاحد
بن شيخ زين العابدين بن شيخ عبدالحي بن شيخ محمد
بن شيخ حبيب اللھ بن شيخ امام رفيع الدين بن شيخ
نورالدين بن شيخ نصيرالدين ثاني بن شيخ سليمان
ثاني بن شيخ يوسف الثاني بن شيخ اسحاق ثاني بن شيخ
عبداللھ بن شيخ شعيب بن شيخ احمد بن شيخ يوسف اول
بن خواجه شھاب الدين مشھور به فرخشاھه ڪابلي بن
خواجه نصيرالدين اول بن خواجه محمود بن خواجه
سليمان اول بن خواجه مسعود بن خواجه عبداللھ واعظ
اصغر بن عبداللھ واعظ اڪبر بن خواجه ابوالفتح بن
خواجه اسحاق اول بن خواجه ابراھيم بن حضرت
ناصرالدين (مشھور به سالم) بن حضرت عبداللھ رضه بن
حضرت عمر الفاروق ابن الخطاب رضه.
حضرت آغا صاحب رحه جن جا اَٺ فرزند هئا، جن جا نالا هن ريت آهن.
پهريون خواجه عبدالحليم عرف حاجي آغا، ٻيو فضل
قيوم عرف فدا مجدّد (جيڪو قنڌار لڏي ويو ۽ هاڻي
سندس اولاد اڏيرو لال اسٽيشن ويجهو پير ڳوٺ ۾
پنهنجي ٻنيءَ تي يا ڪراچيءَ ۾ رهي پيو)، ٽيون حاجي
محمد عظيم (لاولد)، چوٿون آقا محمد علي، پنجون
احمد علي عرف منو جان، ڇهون پير شير
علي (لاولد)، ستون پير غلام علي (لاولد)، اٺون پير
فتح علي، جيڪو ملير ۾ پير سرهندي ڳوٺ ۾ مدفون آهي.
انھن مان وڏو فرزند آغا عبدالحليم کانئن پوءِ سندن
گادي نشين ٿيو. پير آغا عبدالحليم جان سرهندي صاحب
ئي پنهنجي والد جي مزار تي مقبرو اڏرايو، جيڪو
1319هه ۾ جڙي راس ٿيو.
1331هه
۾ سندن وفات ٿي. جنھن کان پوءِ سندن فرزند جناب
پير آقا غلام مجدّد سرهندي رحه درگاهه مجدّديه
سرهنديه مٽياريءَ جي گادي سنڀالي.
پير آقا عبدالله غلام مجدّد سرھندي رحه:
ويھين صديءَ جي سنڌ، پاڪستان توڙي ننڍي کنڊ جي اهم
مذهبي ۽ سياسي شخصيت حضرت پير آقا غلام مجدّد
سرهندي رحه جي ولادت 6 رجب المجرب 1300ھه بمطابق
13 مئي 1883ع تي شھر مٽياري ۾ ٿي. سندن پيدائش مھل
سندن والد آغا عبدالحليم ۽ ڏاڏو حضرت آغا
عبدالرحيم رحه ٺٽي ۾ ھو. جيئن ئي کين اطلاع مليو،
ھڪدم مٽياريءَ ۾ ھليا آيا ۽ ستين ڏينهن سندن عقيقو
ڪرايائون. سندن نالو عبدالله غلام مجدّد رکيو ويو
۽ سندن جد بزرگوار حضرت آغا عبدالرحيم رحه کين
پيرزاده جي لقب سان سرفراز ڪندي چيو ته ”اين
پيرزاده ھمه ست”(يعني ھي سڀني جو پيرزادو آھي).
پاڻ، قرآن مجيد جي تعليم مٽياري جي مشھور عالم
قاضي عبدالرحمان بن قاضي عبدالحڪيم بن قاضي
عبدالرحمان کان حاصل ڪئي، جيڪو سندن والد جو به
استاد هو. فارسي زبان جي تعليم مٽياري جي مشھور
عالم قاضي عنايت الله ”بيراگي” کان حاصل ڪيائون.
عربي تعليم لاءِ مولانا حسن الله پاٽائيءَ کي خاص
طور تي درگاهه شريف مٽياري تي گھرايو ويو. جيڪو
ڪافي سالن تائين مٽياري ۾ مقيم رهي پير صاحب کي
درس نظامي جي تعليم ڏيندو رهيو. تعليم حاصل ڪرڻ
واري عرصي دوران جڏھن پاڻ 14 سالن جا ھئا، تڏھن
آچر رات 24 جمادي الاول 1314ھه 92 سالن جي ڄمار ۾
سندن مشفق ڏاڏي حضرت آغا عبدالرحيم قدس سره جن جي
رحلت ٿي ۽ سندن والد محترم جناب پير عبدالحليم جان
سرهندي صاحب سجاده نشين درگاھه مجدّديه سرھنديه
مٽياري بڻيو. پير آقا غلام مجدّد سرهندي رحه جو
حافظو ڏاڍو تيز ھو. ان جو ھڪ مثال ھن طرح آھي جو
پڙھائيءَ واري عرصي دوران مولوي حسن الله پاٽائي
ذاتي مصروفيتن ڪري پڙھائڻ اڌ ۾ ڇڏي ھليو ويو ھو.
تنھنڪري سندن والد مٽياريءَ جي مشھور عالم ۽ قاضي
القضات قاضي لعل محمد کي پڙھائڻ لاءِ عرض رکيو.
قاضي صاحب کانئن سوال پڇيا ته انھن جا جواب صحيح
ڏنائون، البته ھڪ اڌ سوال رھجي ويو. جڏھن قاضي
صاحب پاڻ کين اھا عبارت پڙھي ٻڌائي ته پير صاحب
چيو ته اھا ته مون کي ياد ھئي، پوءِ ھڪدم اھا پڙھي
ٻڌايائون. تنھن تي قاضي صاحب چيو ته ھيءَ عبارت
کين ياد نه ھئي، بلڪه منهنجي ٻڌائڻ بعد ياد ڪئي
اٿس. ھن جو حافظو ڏاڍو تيز آھي. بهتر آھي ته سندس
پراڻي استاد کي ٻيھر گھرائي ھن جي ٻانھن سندس
حوالي ڪئي وڃي. تنھن کان پوءِ علامـﺔ الزمان مخدوم
حسن اللھ پاٽائي رح کي ٻيھر مٽياري گھرايو ويو.
خود علامه حسن الله پاٽائي اڪثر کين چوندو ھو ته
توکي ته ڪنھن جي شاگرديءَ جي ضرورت ئي ڪانهي. پر
جيئن ته دنيا جو دستور ائين آھي، ان ڪري ئي آئون
توکي پڙھايان پيو. پير صاحب 1322ھه ۾ فارغ التحصيل
ٿيو ۽ 12 جمادالثاني 1322ھه تي کين دستار فضيلت
ٻڌائي وئي. سندن دستاربنديءَ جي موقعي تي ٽي سو
عالم موجود ھئا.
تصوف جي طريقت جو بيان:
حضرت آقا غلام مجدّد المعروف حاجي پيرزاده رحه جن
جو تصوف جي نقشبنديه، قادريه، چشتيه، سھرورديه،
ڪبرويه، مداريه، قلندريه اويسيه جي سلسلن ۾ پنهنجي
والد کان ذڪر ورتل هو.
پهريون حج ۽ اتي ڪيل ذڪر لائق سرگرميون: پير صاحب
1323 ھه مطابق 1904ع ۾ پھريون ڀيرو حج تي ويا ۽
پوءِ ڪجھه عرصو حجاز ۾ ئي رھي پيا. ان عرصي دوران
اتي جي مشھور محدث سيد علي وتريءَ کان شاگرديءَ جو
شرف حاصل ڪيائون. هن واقعي جي يادگيريءَ طور سائين
جن جا فرزند ارجمند جناب پير غلام رسول سرهندي
صاحب رحه جن لکن ٿا ته ”جنھن وقت آئون کيس مليس
ته منهنجي هٿ چمڻ تي پاڻ منهنجي پيشانيءَ تي بوسو
ڏنائون. جڏهن ويهي حالي احوالي ٿياسون ته وري
دوباره اٿي ٻيو بوسو ڏنائون ۽ فرمايائون ته پھريون
بوسو عربي دستور هو، ان موافق کيڪاريو هو ۽ ٻيو
دفعو توهان جو ننڍي عمر ۾ ڀلي ملڪ ۽ ڀلائيءَ ڏانھن
منھن هجڻ خاطر مون چمي ڏني آهي. جڏهن تڪميل احاديث
ٿي ته منهنجي ضيافت ڪيائون ۽ ٻيهر کارڪون ۽ کير
گڏي رڌرائي فرمايائون ته اها ضيافت پيغمبر ﷺ جن،
حضرت سيدنا عمر فاروق رضي الله عنه جن جي ڪئي هئي.
آئون اها سنت بجا ٿو آڻيان.“
پير سائين غلام رسول رحه جي روايت مطابق مديني ۾
ان رهائش دوران جناب پير آقا غلام مجدّد رحه جن،
شيخ عبدالحق مهاجر مڪي رحه جي تلميذي سلسلي ۾ پڻ
داخل ٿيا.(1)
هن موقعي تي علم و ادب ۽ ڪتابن سان سندن دلچسپيءَ
جو هڪ واقعو ڄاڻائڻ ضروري سمجهه ۾ اچي ٿو ته
”بمبئي جو هڪڙو سيٺ، جيڪو ڇاڇه والد جي نالي سان
مشھور هو، انهيءَ کين امانت طور رقم ڏني ته
بمبئيءَ ۾ منهنجي ڀاءُ کي رسايو. ان کان اجازت
ورتائون ته اهي پئسا في الحال پنھنجي تصرف ۾ آڻي
پوءِ ڳوٺ پھچي تنھنجي ڀاءُ کي پهچائيندس. هن اجازت
ڏني، جنھن تي پاڻ عربي زبان ۾ لکيل اسي هزار روپين
جا ڪتاب خريد ڪري پاڻ سان آندا. پوءِ هتان مٽيارين
مان اها رقم مالڪ کي رسائي وئي“.(2)
جناب پير آقا غلام مجدّد رحه جي شادي خانه آبادي:
سندن شادي والد جي حياتيءَ ۾ ئي 27 رجب المرجب
1329ھه تي پوري شان مان سان ٿي. ان سلسلي ۾ عجيب
واقعو اھو آھي ته سندن شاديءَ جا ڏينهن ٻڌجڻ مھل
سندن والد وٽ موڙيءَ جي نالي ۾ ھڪڙو روپيو ۽ ھڪڙو
ٽڪو رکيل نه ھو، پر جڏھن مھل آئي ته دوستن، مائٽن،
مريدن ۽ معتقدن سڄو بار پنهنجي ڪلهي تي کڻي ورتو ۽
ھن شاديءَ کي تاريخي شادي بنائي ڇڏيائون.
والد جي وفات ۽ پڳداري:
جناب پير عبدالحليم سرھندي رحه جي وفات 1331ھه ۾
ٿي. جنھن کان پوءِ 27 صفر 1331ھه تي کين سجاده
نشينيءَ جي دستار ٻڌائي وئي.
خلافت تحريڪ ۽ پير آقا غلام مجدّد رحه:
23 نومبر 1919ع تي دھليءَ ۾ پھرين خلافت ڪانفرنس
ٿي، ان جي ڪجھه مھينن گذرڻ بعد 19 مئي 1920ع تي
مرڪزي ڪميٽيءَ جو اجلاس بمبئيءَ ۾ ٿيو، جنھن ۾ عدم
تعاون جي تحريڪ شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. تحريڪ
ھلندي 9 سيپٽمبر 1922ع تي ترڪيءَ جي سلطان
عبدالوحيد ترڪيءَ تي ڪمال عطا ترڪ جي حامي فوجن جي
قبضي کان پوءِ ڀڄي ويو ۽ لڪندي ڇپندي 17 نومبر
1922ع تي وڃي برطانيه جي ملايا ۾ بيٺل جنگي جھاز
تي پناھه ورتائين. کانئس پوءِ سلطان عبدالمجيد
خليفو ٿيو. پر 30 مارچ تي ڪمال عطا ترڪ سندس تختو
اونڌو ڪيو.(3)
ان کان پوءِ خلافت جو مڪمل خاتمو اچي ويو. جنھن جي
ڪري ننڍي کنڊ جي مسلمانن جي ھلايل خلافت تحريڪ کي
به ناڪام ٿي ختم ٿيڻو پيو.
خلافت تحريڪ جون سنڌ ۾ اٽڪل 180 سب
ڪميٽيون ھيون، جن مان ھڪڙي مٽياريءَ ۾ به ھئي. ان
سب ڪميٽيءَ جو اڳواڻ سيد علي اڪبر شاھه ھو. جڏھن
ته سيڪريٽري الھڏنو ميمڻ ھو. ان کان علاوه پير آغا
محمد عمر جان سرھندي رحه ضلعي ڪميٽيءَ جو ميمبر
ھو(4). جڏھن ته ھتي جا ٻيا به ڪيترائي عالم تحريڪ
جا سرگرم ميمبر ھئا. ھتي اھو چوڻ بجا ٿيندو ته پير
آقا غلام مجدّد رحه جي شخصيت ڪري مٽياري، سنڌ ۾
خلافت تحريڪ جو مرڪز بڻجي وئي ھئي.
ھڪ غلط فھمي جو ازالو: اڄ جي دور جا ڪي محقق چون
ٿا ته پير غلام مجدّد سرھندي پھرين خلافت تحريڪ جي
حق ۾ نه ھو. ان جو ثبوت اھو آھي ته مڪي جي گورنر
شريف حسين جي خلافت جي حق ۾ نڪتل فيض الڪريم جي
فتويٰ تي پير غلام مجدّد سرھنديءَ به صحيح ڪئي
ھئي. ھتي اھو واضح ٿي وڃڻ گهرجي ته پير صاحب
پنهنجي سياست جي شروعات ئي اسلام جي جذبي سان
سرشار ٿي خلافت تحريڪ جي پليٽ فارم تان جدوجھد جو
آغاز ڪرڻ سان ڪئي. حقيقت اھا آھي ته اھا دستخط پير
غلام مجدّد سرھندي مٽيارويءَ جي نه، بلڪه پير غلام
مجدّد سرھندي بن ضياءِ معصوم جان سرھندي
شڪارپوريءَ جي ھئي، جيڪو 1320ع ۾ ڄائو. يعني پاڻ
پير غلام مجدّد مٽيارويءَ کان ويھه سال ننڍو ھو.
ھيءُ بزرگ واعظ اسلام طور مشھور رھيو. ھن بزرگ جي
وفات 1390ھه/1970ع ۾ ٿي ۽ سندس آخري آرامگاھه
ماتلي ضلع بدين ۾ آھي. جي.ايم.سيد پنهنجي آتم ڪٿا
۾ چٽيءَ طرح ھن بزرگ جو نالو فتويٰ تي صحيح ڪندڙن
۾ ڄاڻايو آھي(5).
اھا حقيقت آھي ته جوانيءَ جي ڏينهن ۾ پير صاحب
گهمڻ ڦرڻ ۽ دوستيون ياريون رکڻ جا شوقين ھوندو ھو.
ڪيترا ئي انگريز عملدار ۽ مقامي آفيسر سندس
واسطيدار ھوندا ھئا. پر سندس مذھبي رجحان شروع
واري دور ۾ به پڌرا پيا ھئا. ان جو اندازو ھن
ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته سنڌ ۾ 1912ع ۾ انجمن
ھلال احمر جي تنظيم ڪاري حاجي عبدالله ھارون ۽ مير
ايوب خان ڪئي ھئي. پير غلام مجدّد سرھندي ان وقت
ننڍي عمر جو هو. ان دور ۾ به پير غلام مجدّد جي
ڪوششن سان انجمن لاءِ ٻارھن ھزار روپيا گڏ ڪيا
ويا.(6)
مولانا عبيدالله سنڌيءَ 1913ع ۾ انجمن خدامِ ڪعبه
جو بنياد رکيو. سارا ڊي ايف انصاري، ”سنڌ جا پير ۽
برطانوي راڄ“ ۾ لکي ٿي ته پير صاحب جي ڪوششن جي
ڪري حيدرآباد کان 25 ڪلوميٽر پري مٽياريءَ ۾ ٻين
شھرن ۽ ڳوٺن جي شاخن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ماڻهو ميمبر
ٿيا“.(7)
خلافت تحريڪ ۾ شموليت کان پھرين پاڻ انھن دوستين
يارين تان به ھٿ کڻي ڇڏيائون. سندن خاندان کي
سرڪار پاران خانقاھه جي خرچ پکي لاءِ نندي شھر لڳ
سدا واھه تي ڪجهه زمين مليل ھئي. جڏھن خلافت تحريڪ
شروع ٿي ۽ پاڻ حڪومت جي مخالفت ۾ فتوائون صادر
ڪيائون ۽ انگريزي فوج ۾ نه ڀرتي ٿيڻ جي فتويٰ تي
دستخط ڪيائون، تڏھن اھا زمين پاڻمرادو ڇڏي ڏنائون.
ان دور ۾ وڏن گهراڻن کي حفاظت لاءِ بندوقون رکڻ جو
پروانو ڏنو ويندو ھو. پير صاحب کي به 24 بندوقون
پاڻ وٽ رکڻ جو گزئٽي پروانو مليل ھو. پاڻ اھي ڪاغذ
به سرڪار کي اھو چئي واپس ڪيائون ته پوءِ جو ڦري
وٺن، تنھن کان سٺو آھي ته انھن کي پاڻ ئي ڇڏي ڏجي.
پروانو واپس ڪيائون، پر ھٿيار جمع نه ڪرايائون ۽
اھي يا ته ٻين ضرورتمندن کي ڏئي ڇڏيائون يا زمين ۾
دفن ڪري ڇڏيائون ته جيئن انگريز سرڪار کي ڪم نه
اچي سگھن.(8)
ان دور ۾ انگريزن، کين پنهنجي پاسي ڪرڻ لاءِ سندن
دوستن جي واسطي سان ڪيتريون ئي لالچون ڏنيون، شمس
العلماءَ جي خطاب سان نوازڻ جي پيشڪش به ڪئي، لنڊو
اسٽيشن تي سرھندي آباد نالو رکڻ جي پيشڪش به ڪئي،
پر پاڻ اھي سمورين آڇون رد ڪري ڇڏيائون. ھڪ ڀيرو
پاڻ ٽرين ذريعي دوري تي وڃي رھيا ھئا جو رستي ۾
انگريز ڪلڪٽر گبسن کين ڏٺو ۽ سندن لاءِ شربت
گهرايو، پر پاڻ اھو شربت پيئڻ کان انڪار ڪندي
چيائين ته ”جيڪڏھن ھن گلاس ۾ شربت بدران تنھنجو رت
ھجي ھا ته آئون ضرور پيان ھا. ڇو ته تون اسان جي
ترڪ ڀائرن جو رت پي رھيو آھين“. اھو ٻڌي انگريز
ڪليڪٽر ڏاڍو لڄي ٿيو ۽ چوڻ لڳو ته ”شايد ھن تي
مذھبي جنون غالب پئجي ويو آھي“(9). انگريز عملدارن
سان سندن رويي ۾ آيل اھڙي تبديلي دراصل عدم تعاون
جي صورت ۾ حڪمرانن کان بغاوت جو اعلان ھئي، جيئن
پير علي محمد راشدي لکي ٿو ته ”عدم تعاون جو فيصلو
ٿيو ته پير غلام مجدّد ٻين کان به ٻه پير اڳتي
ويو. فتويٰ ڪڍيائين ته ”انگريز جو منهن ڏسڻ به
ڪبيرو گناھه آھي، جنھن انگريز ڏٺو، سو زيارت رسول
ﷺ کان محروم رھندو. عمر گذري ويس، انگريز جو منھن
ڪونه ڏٺائين. اوچتو رخ چڙھيس ته پنهنجي منهن کي پڳ
جي پلاند سان ڍڪي پٺي ڏئي ھليو ويندو ھو.“(10)
پر واضح رهي ته پير صاحب جو اھوعمل مذھبي ڪٽرپڻي
سبب نه ھو، ڇو ته اھو رويو انگريز عملدارن تائين
محدود ھو. باقي ان دور ۾ ئي ڪيترائي ھندو عامل ۽
ديوان سندن واسطي ۾ ھئا ۽ پير صاحب جي گرفتاريءَ
جي دوران به درگاھه تي ايندا رھندا ھئا. ھن سلسلي
۾ ٻه سال سخت پورھئي سان سزا ملڻ تي بزرگ رھنمائن
جي ڏنل بيانن ۾ پير صاحب جو بيان ڏسي سگهجي ٿو،
جنھن ۾ ھن کليل لفظن ۾ ھندو مسلم اتحاد تي زور ڏنو
آھي. ٻيو ته ٺھيو پر آخري عمر تائين سندن پاران
حيدرآباد ۾ عيد ميلاد النبي جي موقعي تي ٿيندڙ
واعظن جي تقريبن ۾ سندن ئي واسطي سان ھندو ۽
عيسائي به شرڪت ڪندا ھئا، جنھن جو وڌيڪ ذڪر اڳتي
ڪيو ويندو.
خلافت تحريڪ جي سلسلي ۾ پير صاحب جون اوائلي
سرگرميون:
پير صاحب، خلافت تحريڪ جي پليٽ فارم تان نهايت
سرگرم سياسي جدوجھد جي شروعات ڪري ڏني. ان سلسلي ۾
پير صاحب پنهنجي شھر ۾ خلافت ڪانفرنسون به ڪرايون،
جنھن ۾ سماج جي ھر طبقي وڌي چڙھي حصو ورتو. انھن
ڪامياب ڪانفرنسن جي ڪارڪردگيءَ جو احوال ”الوحيد“
۽ ”الامين“ اخبارن ۾ موجود آھي.
پير صاحب جي صدارت ۾ مٽياريءَ ۾ جيڪي خلافت
ڪانفرسون ٿيون هيون. تن مان ٽن جي ڄاڻ اسان کي ملي
سگهي آهي. انھن مان ٻن ڪانفرنس جون رپورٽون مختلف
ماخذن جي حوالي سان هتي پيش ڪجي ٿو:
مٽياريءَ ۾
جلسهءِ ترڪ
اموالات
جي سلسلي ۾ مليل رپورٽ 1:
27 ۽ 28 شعبان تي مٽياري ۾ پير آقا غلام مجدّد
سرهندي جي صدارت ۾ خلافت ڪانفرنس ڪوٺائي وئي. جنھن
۾ هر طبقي ۽ هر پيشي سان لاڳو ماڻهن جو وڏو انگ
شامل ٿيو جن ۾ مولوي، ملا، صحافي، زميندار ۽ هاري
وغيره شامل آهن.
تقريرن دوران قرباني ۽ جاکوڙ، عزم ۽
ولولي، جذبي ۽ بيقراري جي سچي تصوير اکين جي
سامهون هئي. جنھن حڪومت اندر ماڻهن جي ڏک، سور ۽
پيڙا جي اها حالت هجي اها سلطنت ڪهڙي ترقي ڪري
سگهندي. جلسي ۾ هيٺيان ٺهراءَ بحال ڪيا ويا.
(1)
مسلمانن جي هن جلسي جي گڏيل راءِ آهي ته امير
المومنين جي حڪومت کي ڌرين پاران صلح جا جيڪي شرط
پيش ڪيا ويا آهن، اهي نه رڳو اسلام جي بنيادي
اصولن ۽ مسلمانن سان ڪيل وعدن جي ابتڙ آهن، پر خود
ٻنهي ڌرين جي انھن جنگي اصولن ۽ مقصدن سان به ٽڪر
کائيندڙ آهن، جنھن جي حمايت لاءِ ڌرين وچ ۾ جنگ جو
اعلان ڪيو ويو هو. انهيءَ ڪري مسلمانن جو هي ڀرپور
اجلاس انھن شرطن کي قبول ڪرڻ کان انڪاري آهي ۽ هي
جلسو لاڳاپن ٽوڙڻ جي رٿ کي قبول ڪري ٿو.
(2)
جن مسلمانن کي جيڪب آباد يا سنڌ جي ٻين جاين تي
خلافت تحريڪ ۾ حصو وٺڻ جي ڪري سرڪاري عملدارن کان
تڪليف پهتي آهي، هي جلسو انھن کي واڌايون ڏئي ٿو ۽
عملدارن جي ظلمن کي جنھن رضا خوشيءَ سان برداشت
ڪيو آهي، هي جلسو انهيءَ کي وڻندڙ نظر سان ڏسي ٿو
۽ سنڌ، خلافت ڪميٽي کي عرض ڪري ٿو ته گرفتار ٿيل
انھن مسلمانن جي ٻارن جي تعليم ۽ تربيت جو جلدي
انتظام ڪيو وڃي.(11)
مٽياريءَ ۾
جلسهءِ ترڪ موالات جي سلسلي ۾ مليل رپورٽ 2:
مٽارين ۾ 3 آڪٽوبر 1920ع جامع مسجد ۾ خلافت ڪميٽي
جي سھاري هيٺ جناب حاجي پير غلام مجدّد صاحب جي
زير صدارت هڪ جلسو منعقد ٿيو. هيٺيان ٺهراءَ
بالاتفاق پاس ٿيا.
(1)
مولانا ظفر علي خان صاحب
سان ۽ اهڙيءَ طرح مولانا بقاءُ الله ۽ ٻين اديان
ملت سان همدردي ظاهر ڪندي حڪومت جي انهيءَ بي جا
روش تي اظھار ناراضگي ڪئي وئي.
(2)
هي جلسه سياست اخبار جي
ضمانت جو هڪ مسلمانن جي واجبي ڳالهه ضبط ڪئي وئي،
ان کي پڌري مذهبي دست اندازي سمجهي ٿو.
(3)
هي جلسه ترڪ موالات جي
جميعت علماءِ هند ۽ قوم جي فيصله کي قبول ڪري ان
تي عمل ڪري ٿو.
(4)
هي مجموع ٺهراءُ ڪري ٿو
ته ڪنھن به اميدوار صاحب کي اسلام ۽ ڪلمه جو قسم
وجهي اميدوار تان باز آڻڻ گهرجي.
(5)
مٽيارن جا سڀ مسلمان ووٽر جو قريب 20 سو آهن،
اهي قسم کڻي انجام ڪن ٿا ته هو ڪنھن به اميدوار کي
ووٽ نه ڏيندا. (ان وقت ڪيترن حاضرينن قسم کڻي ووٽ
نه ڏيڻ جوانجام به ڪيو).
(6)
هي جلسه مسٽر جيرامداس
صاحب جو هن قطع تعلقات تي ڀارت واسي جي ايڊيٽري
تان هٿ کنيو ۽ اهڙيءَ طرح مسٽر سنتداس وڪيل جو شڪريو
ادا ڪري ٿو جو صاحب ڪائونسل تان دست بردار
ٿيو ۽ ڀارت واسي جي موجوده روش کي نازيبا سمجهي ان
سان
ناراض ”هندو“ اخبار کي عزت سان ڏسي ٿو(12).
مٽياريءَ کان علاوه سڄي سنڌ ۾ ٿيندڙ خلافت
جي جلسن ۾ اڪثر ڪري پير صاحب شرڪت ڪندو رهيو.
ان سلسلي ۾ مخدوم احمد مجتبيٰ ملڪاڻي صاحب 4 جنوري
1920ع تي حيدرآباد ۾ ٿيندڙ خلافت ڪانفرنس ۾ پير
صاحب جي شرڪت جو ذڪر پنهنجي تصنيف ’شھاب ثاقب‘ ۾
ڪيو آهي(13).
ان کان علاوه 13 نومبر 1920ع تي
ٺٽي ۾ قاضين جي تلاء
واري ميدان ۾ پير غلام مجدّد سرهنديءَ جي صدارت
هيٺ خلافت تحريڪ جي حوالي سان هڪ عظيم الشان جلسو
ٿيو، هن جلسي ۾ انگريز راڄ پاران ترڪ خلافت ۽
اسلام دشمنيءَ جي مذمت ڪئي وئي ۽ ترڪن سان
همدرديءَ جو اظھار ڪيو ويو.
1920ع ۾ ئي خلافت تحريڪ پاران ھجرت
تحريڪ ھلائي وئي ته حڪومت ھجرت تحريڪ کي ناڪام ڪرڻ
لاءِ امن سڀائون قائم ڪيون ته جيئن ترڪ اموالات
(ھجرت تحريڪ) کي ختم ڪري سگھجي. خلافت تحريڪ پاران
ترڪ اموالات جي حمايت ۾ ھڪ فتويٰ ”علماءِ سو” نالي
سان ڇپائي وئي، جنھن ۾ ترڪ موالات کي عين اسلامي
ثابت ڪيو ويو. مٽياريءَ جي عالمن مان قاضي ابوبڪر،
حاجي محمد شاھه ۽ حافظ محمد صالح ميمڻ جون دستخطون
بحيثيت عالم جي ان تي موجود آھن.
ولايتي ڪپڙي بابت خلافت تحريڪ ۾ اختلاف:
خلافت تحريڪ ھلندي ھڪ موقعي تي ولايتي ڪپڙو پائڻ
يا نه پائڻ جي سلسلي ۾ عالمن ۾ اختلاف ٿي پيو.
مولانا اسداللھ شاھه ٽکڙائي، جيڪو پاڻ به تمام وڏو
عالم ھو، تنھن اھا فتوا ڪڍي ھئي ته ولايتي ڪپڙي ۾
امامت ڪرڻ جائز نه آھي. هن فتوا کان پوءِ جتي ڪٿي
ولايتي ڪپڙي جو استعمال ختم ڪرڻ لاءِ ولايتي ڪپڙي
جا سٿن جا سٿا گڏ ڪري ان کي باهيون ڏياريون ويون.
ان معاملي ۾ پير صاحب جو وڏو ڪردار رهيو. ان سلسلي
۾ ويجهي دور جو هڪ ليکڪ حافظ غلام محمد ميمڻ، لکي
ٿو ته “قطع تعلقات تحريڪ شروع ٿي ۽ ديوبند مان ٻين
ڪيترن عالمن جي تصديق سان اها فتويٰ نڪتي ته غير
ملڪي سامراجي ملڪن جي مال ۽ ڪپڙي جو استعمال
ناجائز آهي ته پير صاحب سنڌ جي ڪنڊڪڙڇ ۾ پھچي، اهو
پيغام پھچايو، سندس پرجوش تقريرن تي ماڻهو جلسي ۾
ئي سڀ ڪپڙا ۽ بديشي سامان ڦٽو ڪري ايندا هئا“(14).
پر هن سلسلي ۾ عالمن جا ٻه گروپ ٿي پيا. جن مان
هڪڙن جو چوڻ هو ته ولايتي ڪپڙو موجوده حالتن ۾
استعمال نه کڻي ڪجي، پر ان کي حرام قرار نه ٿو ڏئي
سگهجي. ان سلسلي ۾ حيدرآباد ۾ ھڪ مناظرو ٿيو، جنھن
۾ حرام نه ھجڻ جي حق ۾ مولوي قاضي لعل محمد
مٽياروي، مولانا محمد عثمان قراني ڀنڀرو ۽ مولوي
عبدالقيوم بختيارپوري (دادو) شريڪ ٿيا ۽ حرام ھجڻ
جي سلسلي ۾ مولوي اسداللھ شاھه ٽکڙائي، حڪيم شمس
الدين حيدرآبادي ۽ مولوي محمد عثمان کڏي وارو
مناظري ۾ ويٺا. آخرڪار ٽن ڏينهن جي لڳاتار دليل
بازيءَ کان پوءِ مولوي معين الدين اجميري (مناظري
جو ثالث ءُ راجپوتانا خلافت ڪميٽيءَ جو صدر)
پنھنجو فيصلو حلال چوندڙن جي حق ۾ ڏنو. سندس اھا
فتويٰ رسالي جي صورت ۾ ”القول الفيصل في جواز
الثياب من الحربي المقاتل جي نالي سان شايع
ٿي.(15) اھا فتوا قاضي لعل محمد متعلوي جي فتوائن
جي بياض ۾ ھن طرح موجود آھي:
سوال:
ڪپڙي ديسي کان سواءِ ٻيو ڪپڙو ڪرڻ ۽ وٺڻ هن وقت ۾
حرام آهي يا نه؟
جواب:
ٻيو ڪپڙو جڏهن هيترا ڏينھن اڳي حلال هو، تڏهن اسان
کي هينئر حرام چوڻ گناه آهي، بلڪه حد لنگهڻ آهي.
نص قرآني سان قال الله تعاليٰ يا ايهالذين آمنو
الا تحرمو اطيبات ما احل الله لکم و لا تعتدو و ان
الله لا يحب المعتدين باقي مصلحت ڪري نه وٺڻ ۽ نه
ڍڪڻ سا ٻي ڳالهه آهي. وهو تعاليٰ اعلم.(16)
ان دور ۾ ڪنھن ماڻهوءَ جو ائين مارجي وڃڻ وڏي
ڳالھه ھئي. اھو شھيد آخوند محمد رحيم سڄي ھندستان
۾ خلافت تحريڪ جو پھريون شھيد ھو. ان جي شھادت تي
سڄي ھندستان ۾ غائبانه جنازي نماز پڙھي وئي. پير
علي محمد راشدي، پير آقا غلام مجدّد سرهندي جي ذڪر
۾ نالو وٺڻ کان سواءِ آخوند محمد رحيم جي شهادت جو
ذڪر ڪندي لکي ٿو ته “.....پير مجدد خود انگريزن جي
مٿي وڃائڻ لاءِ لٺ کڻي ٻاهر نڪري پيو. پوليس
فائرنگ ۾ جان جي پھرين قرباني سندس ڳوٺ مٽيارين ۾
پيش ٿي. انھن ڏينهن ۾ هڪڙي انسان جو مرڻ به وڏي
ڳالهه هوندي هئي.“(17)
ترڪ موالات تحريڪ جي هلندي پير صاحب جا ڪيترائي بيان الوحيد اخبار
جي ان وقت جي شمارن ۾ شايع ٿيل آهن، جن ۾ مسلمانن
جي سڀني طبقن پيرن، سجاده نشينن توڙي عام مسلمانن
کي ترڪ موالات لاءِ تيار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي
آهي.
مشھور زمانه خالق ڏنه هال ڪيس جي سلسلي ۾ پير صاحب
جي گرفتاري:
8، 9، 10 جولاءِ 1921ع تي ڪراچيءَ جي مشھور
خالقڏنه ھال ۾ آل انڊيا خلافت ڪانفرنس ٿي، جنھن ۾
مولانا محمد علي، مولانا شوڪت علي، مولانا حسين
احمد مدني، ڊاڪٽر سيف الدين ڪچلو، مولانا نثار
احمد ڪانپوري، شري شنڪر آچاريه، ڊاڪٽر تيرٿداس ۽
سنڌ مان فقط پير غلام مجدّد جن اھا قرارداد پاس
ڪرائي ته انگريزن جي فوج ۾ شامل ٿيڻ حرام آھي. اهو
ٺھراءُ مولانا محمد علي پيش ڪيو. انهيءَ ٺهراءَ جو
سنڌي ترجمو ڪري ان ڪانفرنس ۾ پير غلام مجدّد
سرهندي پيش ڪيو ۽ پير صاحب ٺهراءَ جي تائيد ۾
تقرير پڻ ڪئي. پنهنجي تقرير ۾ پير صاحب چيو ته “هي
جلسو مسلمانن لاءِ برطانوي فوج ۾ ڀرتي ٿيڻ کي حرام
قرار ڏئي ٿو“(18).
ان بنياد تي ئي پير صاحب تي به ٻين سان گڏحڪومت
پاران ”خالقڏنه ھال وارو مقدمو“ ھليو.
خالقڏنه ھال واري اجلاس جي سلسلي ۾ لاتعداد عالم
سڳورا ۽ ڪارڪن گرفتار ڪيا ويا ھئا، پير آقا غلام
مجدّد سرھندي کي بمبئي مان ايندي ٽنڊوالھيار ريلوي
اسٽيشن تي گرفتار ڪيو ويو. جيئن ئي اھا خبر شھر جي
ماڻهن کي پھتي ته ھڪدم ريلوي اسٽيشن تي ميڙ گڏ ٿي
ويو ۽ ماڻهو ريل جي پٽڙيءَ تي سمهي پيا. سپاھين
کان اھي ماڻهو ھٽايا نه ٿيا ته انھن پير آقا غلام
مجدّد کي گذارش ڪئي ته ماڻهن کي ھٽڻ لاءِ چيو وڃي.
پوءِ ماڻهو پير صاحب جي سمجهائڻ تي ريل جي پٽڙيءَ
تان اٿيا. اھا ساڳي حالت حيدرآباد اسٽيشن تي ۽
ڪوٽڙي اسٽيشن تي به درپيش آئي ۽ اتي به پير صاحب
ماڻهن کي سمجهائي پٽڙيءَ تان اٿڻ لاءِ چيو(19).
مقدمي جي ڪارروائي ۽ پير صاحب جو بيان:
26 سيپٽمبر 1921ع تي خالق ڏنه ھال ۾ ئي سٽي
مئجسٽريٽ جي آڏو سماعت شروع ڪئي وئي. مولانا محمد
علي ۽ سندس ساٿين تي اھو الزام ھو ته انھن 8، 9،
10 جولاءِ تي ڪراچي خلافت ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪئي ۽
اھڙيون قراردادون منظور ڪيون، جن ۾ برطانوي فوج ۽
پوليس کي بغاوت تي اڪسايو ويو آھي. مولانا محمد
علي ان ڪانفرنس جي صدارت ڪئي، مولانا حسين احمد
اصل قرارداد ڪانفرنس ۾ پڙھي ٻڌائي. ڊاڪٽر ڪچلو،
مولانا نثار احمد ان جي تائيد ڪئي. سوامي شنڪر
آچاريه ۽ پير غلام مجدّد ان جي حق ۾ تقريرون ڪيون
۽ مولانا شوڪت عليءَ مرڪزي خلافت ڪميٽيءَ جي
سيڪريٽري ھئڻ جي حيثيت ۾ ڪانفرنس جي اھا قرارداد
ڇپرائي.(20)
فرد جرم عائد ٿيڻ بعد انھن رھنمائن کان بيان ورتو
ويو. جڏھن پير صاحب جو وارو آيو ته پاڻ ھن طرح
بيان ڏنائين:
”دنياوي قانونن ۽ تعزيرات ھند جو پورو پورو احترام
مان ڪريان ٿو. پر رڳو تيستائين، جيستائين اھي
قانون اسان جي قرآن پاڪ جي حڪمن يا اسان جي مذھبي
جذبن ۾ ڪنھن به قسم جي مداخلت نه ڪن. پر جنھن وقت
ڪا دنياوي قوت اسان کي اسان جي مذھب ۾ بي پروائي
ڪرڻ تي مائل ڪري، ان وقت اسان بحيثيت مسلمان جي
اھو خيال ڪندا آھيون ته اسان جو اھو فرض آھي ته
اسان ان طاقت سان ھر قسم جو لاڳاپو ختم ڪري ڇڏيون.
الله تعاليٰ قرآن حڪيم ۾ ارشاد فرمايو آھي ته اھي
ماڻھو جيڪي ھن قانون کان واقف آھن ۽ ٻين تائين ان
کي پھچڻ نه ٿا ڏين، انھن تي سندس غضب نازل ٿيندو ۽
مان ھڪ مسلمان، ھڪ عالم ۽ پير آھيان. ان ڪري مون
تي وڌيڪ فرض ٿو ٿئي. منھنجي پروردگار جيڪي فرض مون
مٿان عائد ڪيا آھن، مان مجبور آھيان ته انھن حڪمن
جي تبليغ ڪريان. جيڪڏھن اسان جيڪي ڪجهه چيو آھي،
اھو جرم آھي ته مدرسي جو ھر مسلمان استاد جيڪو
پنهنجن شاگردن کي قرآن پاڪ پڙھائي ٿو ۽ ان جي
معنيٰ سمجهائي ٿو، اھو به اسان سان گڏ مجرم آھي.
ڪابه شيءِ اھڙي نه آھي، جنھن کان مونکي ڊپ يا خطرو
ھجي. نه مان جيل کان ڊڄان ٿو، نه ئي ڦاسيءَ کان.
جيڪڏھن خداوند عالم جي ارشاد جي ادب ۽ احترام ۾
مان سزا لائق ٿو بڻجان ته مان پنهنجي مذھب لاءِ
تڪليف کڻڻ پنهنجي لاءِ خوشقسمتيءَ جو ڪارڻ
سمجهندس“.
پير صاحب جيوري ۽ سيشن جج کي مخاطب ٿيندي فرمايو
”توھان کي خبر آھي ته مسلمان عام طور تي خلافت جو
ڪيترو نه احترام ڪندا آھن. پر اسان کي اھو حڪم به
ڏنو ويو آھي ته جيڪڏھن اسلام جو خليفو پنهنجا فرض
پورا نه ڪري، جيڪي قرآن مجيد مطابق مٿس لاڳو ٿين
ٿا ته مسلمان کيس به نظرانداز ڪري سگھن ٿا. مان
اھو سمجھڻ کان قاصر آھيان ته حڪومت اسان کان ڇا ٿي
ڪرائڻ گهري. جيڪڏھن حڪومت ڪا اھڙي ڳالهه ڪرڻ لاءِ
چوي جنھن جي قرآن پاڪ ۾ اسان کي منع ڪيل آھي ته
اسان ائين ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏينداسين. ڀلي اھا
اسان کي ڦاسيءَ تي لٽڪائڻ جي ڌمڪي ڇو نه ڏي.
جيڪڏھن توھان پنهنجي مذھب جو احترام ڪريو ٿا ته
توھان ڪنھن مسلمان جي نقطه نظر کي به سمجھي ويندا،
جنھن لاءِ سندس مذھب ايترو ئي پيارو آھي، جيترو
توھان لاءِ آھي. قرآن پاڪ اسان کي حڪم ٿو ڏي ته
اسان سخت ترين سزا جو ڊپ ھوندي به ڪنھن مسلمان کي
قتل نه ڪريون. ھاڻي ڇا توھان اسان کي چوندا ته
اسان ان قادرِ مطلق جي حڪومت جي احڪامن جي تعميل
نه ڪريون، جنھن جي خوشنوديءَ تي اسان جي موجوده
زندگي ۽ اسان جي مسقتبل ٻنهي جو انحصار آھي ۽ ھڪ
دنياوي حڪومت جي تعميل ڪري پنهنجي ضمير کي ماري
ڇڏيون ۽ پنهنجي خداءِ پاڪ و برحق جي ھٿان دائمي
سزا جي تڪليف برداشت ڪريون. اسان صرف ھڪ ڀيرو
قرارداد جي تحريڪ ۽ تائيد ڪئي ھئي، پر انھن ھزارين
مسلمانن جي باري ۾ ڇا حڪم آھي، جيڪي قرآن مجيد جون
آيتون روزانو پڙھن ٿا. ڇا توھان کين ائين ڪرڻ کان
روڪي سگهو ٿا؟ ڇا توھان انھن کي تاحيات قيد ۽ ڪاري
پاڻيءَ جي سزا ڏيندا؟ ۽ جيڪڏھن توھان انھن سان
اھڙو سلوڪ ڪرڻ جي ڌمڪي ڏيندا ته به اھي کلندي
ڪڏندي ڦاسيءَ تي چڙھڻ پسند ڪندا، ان جي ڀيٽ ۾ ته
اھي پنهنجن انھن فرضن جي ادائگيءَ ۾ ڪوتائي ڪن،
جيڪي اللھ تعاليٰ انھن تي عائد ڪيا آھن.“(21)
ھيءُ بيان ماتحت عدالت ۾ ڏنل ھو. 24
آڪٽوبر 1921ع تي کين سيشن ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويو، جتي
مٿين فرد جرم عائد ڪيو ويو. جنهن ۾ مڪمل تفصيل سان
واضح ڪيو ويو ته مذڪوره ست اڳواڻ (1) محمد علي
رامپوري (2) حسين احمد ديوبندي (3) ڊاڪٽر سيف
الدين ڪچلو امرتسري (4) پير غلام مجدّد مٽياري (5)
نثار احمد ڪانپوري (6) ڀارتي ڪرشنا تيرٿ جي (7)
شوڪت علي رامپوري دفعه 120، 109، 131، 505 تعذيرات
هند تحت ڏوهاري آهن ۽ سيشن ڪورٽ کي ان جي سماعت جو
اختيار آهي.
عدالت ۾ پيشيءَ دوران پير غلام مجدّد، انگريز
حڪومت جي ھڪ ڪارستانيءَ تان پڙدو کڻندي عدالت کي
ٻڌايو ته ”رات جو ڏھين يارھين وڳي ڌاري پير تراب
علي شاھه کي وٽس ڪوٺڙيءَ ۾ موڪليو ويو ۽ ان جي
ذريعي مونکي معافي گھرڻ جي ترغيب ڏني وئي. پير
غلام مجدّد حڪومت جي ان روش جي خلاف سخت اعتراض
ڪيو ۽ چيو ته پير تراب علي شاھه مون وٽ رات جو آيو
۽ ھن مونکي اھو چئي معافي گهرڻ جي ترغيب ڏني ته
خود مئجسٽريٽ کيس مون وٽ موڪليو آھي ۽ اھو به ته
ٻين ملزمن به معافي گھري ڇڏي آھي ۽ ھن اھو به چيو
ته مان افغانستان جو دوست آھيان ۽ ساڳيءَ طرح
مولانا محمد علي ۽ مولانا شوڪت علي به افغانستان
جا دوست آھن. ھن مونکي ٻڌايو ته جيڪڏھن مان معافي
نه گهرندس ته مونکي پنج سال سخت قيد جي سزا ڏني
ويندي ۽ مونکي جيل جي چڪي پيسڻي پوندي. پير غلام
مجدّد قطعي طور تي عدالت کي ٻڌايو ته ھو چڪي
پيھندو، پر معافي نه گھرندو. جج سندس ان بيان جو
ڪوبه جواب نه ڏنو.“(22)
پير صاحب ھڪ موقعي تي ھيئن به چيو ته ”جيڪڏھن ڪوئي
وقت جو حاڪم اسان جي مذھبي حڪمن جي ابتڙ اسان کان
ڪنھن ڳالھه جي گھر ڪري ٿو ته انهيءَ کي نيست ۽
نابود ڪرڻ رڳو منهنجو ئي نه پر 33 ڪروڙ مسلمانن جو
فرض آھي. اسان تي سپاھين کي برغلائڻ جي باري ۾
سازش جي الزام ۾ مقدمو ھلايو ويو آھي، پر اسان
ڪڏھن به انهيءَ معاملي ۾ بحث نه ڪيو آھي. مان
مسلمان عالم ۽ پير آھيان، مونکي ضرور قرآني حڪمن
موجب عمل ڪرڻو آھي. مون اڃا تائين پاڻ به انهيءَ
حڪم جي پوئواري نه ڪئي آھي. مون رڳو ٺھراءَ جو
سنڌي ترجمو ڪيو آھي. فتويٰ عالمن سڳورن لکي آھي،
جيڪا قرآني حڪمن موجب جوڙيل آھي. انهيءَ تي صحيح
ڪرڻ ۽ انهيءَ جي پيروي ڪرڻ منهنجو فرض آھي. اللھ
سائينءَ جو فرمان آھي ته جيڪي ماڻهو خدا جي قانون
کي سمجھندا آھن، انھن کي گھرجي ته اھي دنيا جي
ڪنڊڪڙڇ ۾ انهيءَ جي تبليغ ڪن، نه ته انھن تي خدا
جي لعنت وسندي. ھڪ آيت ۾ آھي ته ”عالمن جو فرض آھي
ته رب جي حڪمن کي ھر ماڻهوءَ تائين پھچائين“. ھڪ
ٻي آيت ۾ آھي ته ”توھان انهيءَ صورت ۾ نيڪ سمجهيا
ويندو، جنھن صورت ۾ توھان منهنجو حڪم انسانذات
تائين پھچائيندا“. ھاڻي ڇا اسان کي رب جي انهيءَ
حڪم جي پيروي ڪرڻ گهرجي يا حڪومت جي؟“ جيڪڏھن ڪلام
مجيد جي حڪمن جي پوئواري ڏوھه جو ڪم آھي ته پوءِ
سڀني عالمن تي، جيڪي ھزارين شاگردن کي روزانو قرآن
شريف جي تعليم ڏين ٿا، ھڪ ڏينهن اسان وانگر قانوني
عدالت ۾ مقدمو داخل ڪيو ويندو. منهنجي خاندان جي
ھڪ بزرگ تي مقدمو ھلايو ويو ھو، ڇو ته ھن ھڪ
مسلمان بادشاھه جي حڪم جي اڳيان ڪنڌ نه جھڪايو ھو،
پر جيڪڏھن مونکي ھڪ غيرمسلم حڪومت جي خلاف اسلامي
حڪمن موجب پيروي نه ڪرڻ جي ڏوھه ۾ سوريءَ تي
چاڙھيو وڃي ته به مان پنهنجو پاڻ کي ڀاڳن وارو
ليکيندس.“
”تنھنجي ڪھڙي وڏي، مسلمان بادشاھه آڏو ڪنڌ نه
جھڪايو ھو.“ جج، پير صاحب کان پڇيو، جنھن تي پير
صاحب ھن طرح واقعو ٻڌايو. ”اسان جا بزرگ رياست
پٽياله ۾ رھندا ھئا. جڏھن ته خاندان جا باقي ماڻهو
افغانستان ۾ رھندا ھئا. ھڪ ڏينهن جھانگير بادشاھه
اسان جي جدامجد (حضرت امام رباني شيخ احمد مجدّد
الف ثاني رحه) کي گهرايو. ھن جو ڪنڌ جھڪائڻ لاءِ
ھن کي ھڪ ننڍي دروازي مان لنگهڻ جو حڪم ڪيو، پر ھن
اھو چئي انهيءَ حڪم جي پيروي نه ڪئي ته ھن صرف خدا
جي اڳيان ڪنڌ جھڪايو آھي، تنھنڪري اھو ڪنڌ ڪنھن
انسان اڳيان نه جھڪندو. حڪومت سان لاڳو ماڻھن
بادشاھه کي چيو ته پير صاحب، بادشاھه جي طاقت جو
مقابلو ڪري رھيو آھي. انهيءَ تي بادشاھه حڪم ڏنو
ته ھن کي جيل ۾ وڌو وڃي. ھن کي گواليار جي جيل ۾
موڪليو ويو، پر اھا جيل ڪراچي جيل وانگر نه ھئي.
پر رڳو نظربندي ھئي. ڪجهه عرصي بعد بادشاھه کي
پنهنجي غلطيءَ جو احساس ٿيو ۽ ھن پير صاحب وٽ وڃي
کانئس معافي گهري. اھڙيءَ طرح حڪومت به تائب ٿي
اسان کان معافي گهرندي“.
”توھان ھاڻي پنهنجي اصل بيان تي اچو“. جج، پير
صاحب جي ڳالهه ٻڌڻ کان پوءِ پير صاحب کي واپس
پنهنجو موقف بيان ڪرڻ لاءِ چيو. جنھن کان پوءِ پير
صاحب پنهنجي فتويٰ بابت قرآن جا حڪم بيان ڪندي
عدالت کي ٻڌايو ته: الله تعاليٰ قرآن شريف ۾
فرمائي ٿو ته: ”مومن کي قتل نه ڪريو. ھاڻي خدا جو
ارشاد اھو آھي، پر حڪومت چئي ٿي ته اسان وڃي
پنهنجن مسلمان ڀائرن سان جنگ جوٽيون ۽ جيڪڏھن اسان
پنهنجن ڀائرن کي رب جي حڪمن جي خلاف ورزي ڪرڻ کان
روڪينداسين ته اسان کي سوريءَ جو سينگار بڻايو
ويندو. پر جيڪڏھن مسلمان کي اسلام جي ڪري قتل به
ڪيو وڃي يا سوريءَ تي چاڙھيو وڃي ته مسلمان کي ڪا
پرواھه ڪانهي. مولانا حسين احمد انهيءَ سزا جي
باري ۾ توھان کي ڪيتريون ئي آيتون ۽ حديثون ٻڌايون
آھن، جيڪي مسلمانن جي قاتلن کي ڏنيون وينديون. مان
انھن آيتن کي ورجائڻ نه ٿو گھران. مان صرف اھو چوڻ
چاھيندس ته الله تعاليٰ اسان کي قرآن شريف ۾ ست
دفعا حڪم ڏنو آھي ته مسلمان جي قتل ۾ ڪنھن به شخص
جي مدد نه ڪريو. جيڪڏھن ڪو مسلمان قتل جو خيال ڪري
ڪنھن مسلمان جي طرف تلوار سان اشارو به ڪري ته
انهيءَ جي ڳچيءَ ۾ ابدي لعنت جو ڳٽ وڌو ويندو.
قرآن حڪيم ۾ اسان لاءِ ٻن قسمن جا حڪم لکيل آھن.
(1) امر (2) نهي. نهي ۾ اھي ڪم آھن، جن کان اسان
کي بچڻو آھي. الله سائينءَ جو حڪم آھي ته مسلمان
کي قتل نه ڪريو. جيڪڏھن ڪندؤ ته منهنجي نافرمان
بندن ۾ توھان جو به شمار ڪيو ويندو. ھاڻي ڇا اسان
کي اللھ تعاليٰ ۽ قرآن حڪيم جي پيروي نه ڪرڻ
گھرجي؟ ۽ ڇا اسان خدائي حڪمن کي انسانذت تائين نه
پهچايون؟ مسلمان، کڻي انھن جي ذات، رنگ ۽ فرقو
ڪھڙو به ھجي، اولهه، اوڀر، ڏکڻ، اتر، ڪٿان جا به
رھڻ وارا ھجن، ھندستان، عرب، مراڪش، ترڪي ڪنھن به
ملڪ جا رھاڪو ھجن، جيڪڏھن ھو ھڪ ئي ڪلمو يعني لا
الله الا الله محمد الرسول الله ﷺ پڙھڻ وارا آھن
ته اھي سڀ ھڪ جسم جي عضون جي برابر آھن. جيڪڏھن
مان پنهنجي مسلمان ڀائرن جي فوج کي پنهنجي مسلمان
ڀائرن جي قتل ڪرائڻ لاءِ انگولا يا ترڪي ڏانھن
ويندي ڏسان ته انھن کي الله تعاليٰ جي عذاب کان
بچائڻ لاءِ مان انھن تائين خدا جا احڪام نه
پھچايان؟ انھن سڌن سنون حڪمن جي باوجود اسان محض
ٺھراءَ جو ترجمو ڪيو آھي“.
پير صاحب پنهنجي تقرير جاري رکندي چيو ته ”اسانجي
نبي سڳوري ﷺ پنهنجن آخري ڏھاڙن ۾ ارشاد فرمايو،
”مان توھان کي حڪم ڏيان ٿو ته بيت اللھ شريف اسان
لاءِ مقدس آھي، پر مسلمان جو خون انهيءَ کان به
وڌيڪ مقدس آھي.“ مسلمانن لاءِ قرآن حڪيم کان پوءِ
ڇھه ڪتاب مستند آھن، جن کي صحاح سته ڪوٺيو ويندو
آھي. انھن ڪتابن موجب صرف ٽن حالتن ۾ مسلمان جو
قتل جائز آھي:
(1)
قصاص يعني جان وٺڻ جي بدلي جان وٺڻ
(2)
جڏھن ھو زنا جو ڏوھي ھجي.
(3)
جڏھن ھو اسلام جي مقدس قانون کان ڦري وڃي.
ان صورت ۾ جيڪڏھن اسان ھن حڪومت جي اطاعت ڪريون ۽
ترڪن سان وڙھڻ لاءِ انگريز حڪومت جا سپاھي بڻجون
ته ظاھر آھي ته اسان جي حيثيت اھا ٿيندي جو اسان
ڪافر ٿي وينداسين ۽ اسان ڦاسيءَ تي چڙھڻ يا قتل
ڪرڻ جي لائق بڻجي وينداسين. جيڪڏھن اسلامي حڪومت
نه ھجڻ جي ڪري ھن دنيا ۾ سزا نه به ملي ته آخرت ۾
سزا ضرور ملندي. ھڪ حديث ۾ آھي ته جيڪڏھن ڪو شخص
ڪنھن مسلمان جي خلاف ھٿ ۾ تلوار کڻندو ته خدا ۽ سڀ
فرشته انهيءَ تي لعنت موڪليندا. ايستائين جو اھا
تلوار ھٿ مان ڦٽي ڪري ڇڏي. انهيءَ قسم جون اڻ
ڳڻيون حديثون آھن، جيل جي حبس ۾ بند رھي اسان صرف
80 يا 90 حديثون ياد رکي سگھيا آھيون.
پيشيءَ جي ٻئي ڏھاڙي تي شنڪر آچاريه کي به عدالت ۾
پيش ڪيو ويو. جيئن ته مقدمي جي ڪارروائي دوران
ملزمن اٿي بيھڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ھو، ان ڪري کين
اٿاري بيھارڻ لاءِ سندس ڪرسيون کانئن کسيو ويون.
پر ھنن بزرگن ضد ۾ اچي پٽ تي ويھڻ قبوليو. ھن
موقعي تي ھندو مسلم اتحاد جو ھڪ انوکو مثال سامهون
آيو جو مولانا محمد علي جوھر، شنڪر آچاريه جو
احترام ڪندي پنهنجو ڪوٽ لاھي پٽ تي وڇايو ته جيئن
پاڻ ان تي ويھي سگھي.
ڪيس جو فيصلو 1 نومبر 1921ع تي ٻڌايو ويو. فيصلي
موجب جيوري جي اڳواڻ مسٽر رامچند تلسيداس 131 ۽
120 ب جي ڏوهن مان سڀني کي آزاد ڪيو. جيوري ۾
ڏيارام گدومل جي راءِ موجب سڀ ڏوهي باعزت بري ڪجن
پر جيوري جي چئن ميمبرن 505 ۽ 109 مطابق ۽ مولانا
محمد علي جوهر تي 117 ب ثابت ٿئي ٿي پر سوامي شنڪر
آچاريه تي ڪوبه ڏوهه نه آهي، ان کي جج آزاد ڪري
ٻين کي پير صاحب سميت ٻه ٻه سال سخت پورهئي سان
سزا ڏني. مولانا جوهر کي ٻه سال وڌيڪ سزا ڏني پر
شرط اهو رکيو ته ٻئي سزائون گڏوگڏ شروع ٿينديون.“
سزا وارو دور: سزا واري عرصي دوران کين مختلف جيلن
۾ رکيو ويو. اھي ٻئي ورھيه کين مختلف ذھني اذيتون
ڏنيون ويون. سندن کوليءَ جي بيت الخلا جو گٽر ڄاڻي
واڻي بند ڪيو ويندو ھو. جنھن ڪري پاڻي اٿلي کوليءَ
۾ اچي پوندو ھو. اھو ان ڪري ڪيو ويندو ھو ته جيئن
پاڻ اھڙي ماحول ۾ تلاوت نه ڪري سگهن. پير صاحب کي
ٻين قيدين سان ملڻ کان به روڪيو ويندو ھو. ان
سلسلي ۾ ”الوحيد” اخبار جي 16 اپريل 1923ع واري
اشاعت ۾ بڙودا جيل ۾ قيد واري عرصي جي هڪ ڪافي
تفصيلي رپورٽ ڇپيل آھي، جيڪا ھن طرح آھي:
”جناب پير آقا غلام مجدّد صاحب سرھندي کي پھريائين
جنھن ھنڌ رکيو ويو ھو، اتان عام قيدين جي لنگهه جي
آفيس ڏانھن وڃڻ يا وھنجڻ لاءِ حوض تي وڃڻ جي واٽ
ھوندي هئي ۽ ھو ايندي ويندي پير صاحب جن کي سلام
ڪندا ھئا. اھا ڳالهه جيل وارن کي شايد پسند نه
آئي، تنھنڪري پير کي وٺي وڃي اسپتال جي ڪمپائونڊ ۾
رکيائون، جتي ھڪ ڪنڊ تي فقط ٽي ڪوٺيون بيٺل آھن ۽
ان ۾ جنگ جي وقت ۾ ٻڌڻ ۾ اچي ٿو ته ترڪ نظربندن کي
رکندا ھئا. انھن ٽن ڪوٺين مان ھڪ جناب پير صاحب کي
سمھهڻ ۽ ويھڻ لاءِ ڏنل آھي، ٻئي ۾ ھڪ مقدم مرھٽو
رات ڏينهن پير صاحب تي نظر رکڻ لاءِ رھندو آھي. ٽي
۾ پير صاحب لاءِ غسل وغيره لاءِ بندوبست آھي. پير
صاحب وٽ مقدم رات ڏينهن ان لاءِ رکيل آھي ته ٻيو
ڪوبه ماڻهو پير صاحب سان گفتگو ڪري نه سگهي ۽ اھو
مقدم پاڻ به اڪڙي تڪڙي مرھٽي کانسواءِ ڪجهه نه
ڄاڻي. اھڙي مقدم سان ڳالهائڻ پاڻ لاءِ مٿي جو سور
خريد ڪرڻ آھي. پير صاحب ڪاغذ جي سري تي قرآن شريف
جي آيت لکي. ترجمان اھو ڪاغذ ڏسي واپس ڪيو ۽ پير
صاحب کي چيو ته ھيءَ آيت سرڪار ڏانھن اشارو ٿي
ڪري، تنھنڪري اھا آيت ڊاھي رڳو ڪاغذ جو احوال لکو
ته موڪليو وڃي. جنھن تي پير صاحب فرمايو ته ان
قرآن شريف جي اطاعت ڪري آئون ھت آيو آھيان. قرآن
شريف جي آيت کي آئون ڪڏھن نه ميٽيندس. ڪاغذ موڪليو
نه ته نه موڪليو. تنھن کان پوءِ پير صاحب ڪاغذ لکڻ
بند رکيو آھي.“
پونا جيل ۾ رھائش دوران ھڪ دفعي ھڪ
انگريز جيڪو سپريٽنڊنٽ ھو، سو پڙتال ڪندي جڏھن پير
صاحب جي کوليءَ ۾ آيو ۽ اتي پيل ٿيلهو، جنھن ۾
قرآن شريف به رکيل ھو، انهيءَ کي ٿڏو ھنيائين.
جنھن تي پير صاحب بک ھڙتال ڪري ڇڏي. ڏينهن گذرندا
ويا، پير صاحب بک ھڙتال ختم نه ڪئي. روز سندن وزن
ڪري بالا عملدارن کي رپورٽ ڏني ويندي ھئي. چوويھين
ڏينھن گورنر بمبئي جو پاڻ ان مسئلي لاءِ پونا جيل
۾ آيو ۽ پير صاحب کان اچي مامرو پڇيائين. جنھن تي
پير صاحب ٻڌايو ته رات جو بتي بند ڪئي ٿي وڃي ۽
پاڻيءَ جو نيڪال ٻاھران بند ڪري اندر ڏانھن پاڻيءَ
جو منهن ڪيو ٿو وڃي، جنھن سان سڄي ڪوٺڙي ڀرجيو
وڃي. اصل ۾ ان جو مقصد مون کي بي آرام ڪرڻ ھوندو
آھي ته جيئن نه ويھي سگهان، نه سمهي سگهان، نه
پڙھي سگهان. ٻيون به ڪيتريون ئي تڪليفون ڏنيون
ٿيون وڃن. باقي اھا ڳالهه رھيل ھئي جو منهنجو
ٿيلهو، جنھن ۾ قرآن شريف رکيل ھو، ان کي ٿڏو ھنيو
ويو، تنھن تي مون ھڙتال شروع ڪري ڏني. سندن شڪايت
ٻڌي گورنر ان جو ازالو ڪيو ۽ ان سان گڏ جيل ۾ ٻانگ
ڏيڻ ۽ سڀني مسلمانن کي باجماعت نماز پڙھڻ جي اجازت
ملي. نماز کان پوءِ قيدي ذڪر اذڪار به ڪري سگهندا
ھئا. ان سلسلي ۾ ھڪڙو واقعو ياد رکڻ جھڙو آھي جو
ڦاسيءَ جي سزا پاتل ٽي ھندو، جيڪي پنهنجي دين تي
سختيءَ سان ڪاربند ھئا، سي قرآن شريف جي تلاوت ۽
ڪلمي شريف جو ورد ٻڌي مسلمان ٿيا. ان جي ھڪ ھفتي
بعد کين ڦاسيءَ تي چاڙھيو ويو.(23)
بندي خاني ۾ قرآن حفظ ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪرڻ:
اھڙين سختين ھوندي به پير صاحب انھن ٻن سالن ۾
قرآن شريف حفظ ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪري ورتي. اھي
مصيبتون پير صاحب کي پنهنجي اصولي موقف تان تر
جيترو به ھٽائي نه سگھيون. تحقيق سندن ان صبر ۽
استقامت کين مٽياريءَ جي ھڪ درگاھه جي سجاده نشين
مان ھندستان جي لکين صاحب دل باشندن جي دلين جي
درگاھن جو سجاده نشين بنائي ڇڏيو.
پير صاحب رحه جي قيد دوران بي امان جي مٽياريءَ ۾
آمد:
ان عرصي دوران مولانا محمد علي جوھر ۽ شوڪت علي جي
والده ۽ مولانا محمد علي جي گهر واري به پنھنجن
ساٿين سميت مٽياريءَ ۾ آيون. الهڏني ساند ريلوي
اسٽيشن تي سندن شايان شان استقبال ڪيو ويو. انھن،
خلافت تحريڪ جي پھرئين شھيد آخوند محمد رحيم جي
شھادت واري جاءِ جو پڻ معائنو ڪيو. ھيءُ وفد ٽي
ڏھاڙا مٽياريءَ ۾ ترسيل ھو. ان دوران مٽياريءَ
وارن 1400 روپيه چندو ڪري سندن حوالي ڪيو، جيڪا ان
وقت جي لحاظ کان وڏي رقم ھئي. هي واقعو سندن
فرزند جناب پير غلام رسول سرهندي رحه جن پنهنجي
تصنيف ۾ هن ريت بيان ڪيو آهي، ”مولانا محمد علي ۽
شوڪت علي جي والده ۽ بيگم محمد علي مع رفقاءِ سندن
جيل ۾ هجڻ واري وقت ۾ هت مٽيارين ۾ پهريون ڀيرو
آيا. سندن شايان مرتبه جي الهڏني ساند (ريلوي
اسٽيشن) تي استقبال ڪيو ويو. جتان سڌا درگاهه تي
آيا ۽ چيائون ته اسان خاص پير صاحب جي ڪري هي سفر
اختيار ڪيو آهي ته سندن عيال ۽ اولاد کي ڏسون جو
اسين انهيءَ خاندان مجدّديه جا مريد به آهيون ۽
(ان سلسلي ۾) رامپور وارن حضرات جا نالا ورتائون.
ٽي راتيون کين عزت و احترام سان حويليءَ ۾ ترسايو
ويو ۽ ’بي امان‘ صاحبه سان سائين جن جي والده
ملاقاتون ڪيون ۽ نھايت ادب ۽ تواضح سان پيش آيون
ٿي ۽ جتي خلافت جي زماني ۾ گولي هلي هئي، اها
سرزمين به وڃي ڏٺائون ۽ جلسه عام کي بي امان خطاب
به ڪيو ۽ مٽيارين ۾ کين چندي طور زناني ۽ مرداني
ڪل رقم 1400 رپيا مليا هئا.“(24)
بي امان پنهنجي مٽياري آمد جو خاص سبب اهو ٻڌايو
ته کيس، پير آقا غلام مجدد سرهندي رحه جي والده
سان ملڻ جو اشتياق ان ڪري هو جو هن، انهيءَ بيبي
سڳوريءَ کي ڏسڻ ٿي چاهيو، جنھن پير غلام مجدد جھڙو
فرزند ڄڻيو ۽ پٽ کي جيل ۾ خط لکي موڪليائين ته مون
ٻڌو آهي ته توکي جيل ۾ گهڻيون صعوبتون پيون ملن.
متان معافي وٺين، جي ائين ڪيئي ته وري مون کي منهن
نه ڏيکارجانءِ ۽ آئون ڪڏهن به توکي پنهنجو کير نه
بخشينديس.
پير صاحب جي آزادي ۽ سندن استقبال:
آزاديءَ کان اڳ کين پونا جيل مان حيدرآباد جيل
منتقل ڪيو ويو. جڏھن اھا خبر ماڻهن تائين پھتي ته
رات جو جيل جي آسپاس لڪي اچي ويھندا ھئا ته جيئن
ئي پير صاحب کي آزاد ڪيو وڃي ته سندن زيارت ڪري
سگهن. اھو سلسلو ٽن ڏينهن تائين ھليو. آزاديءَ
واري ڏينهن فجر مھل کين ٻاھر ڇڏيو ويو. ان وقت
7000 ھزار ماڻهو جيل جي ٻاھران اچي گڏ ٿيل ھئا.
جڏھن کين آزادي ملي ته ٽرين ذريعي پنهنجي ڳوٺ اچڻ
ٿين. ريلوي اسٽيشن مٽياريءَ کان پنڌرنهن ڪلوميٽر
پري ڳوٺ الهڏني ساند ۾ ھئي. ھن سڄي رستي تي ماڻهو
سندن استقبال لاءِ ائين قطارون ڪريو بيٺا ھئا جو
تر جيتري جڳهه به خالي نه ھئي. ڪيترائي شاعر
پنھنجا شعر ٺاھي پڙھي ۽ ڇپيل چوپڙيون ورھائي رھيا
ھئا. سچ پڇو ته مٽيارن ۾ مون اھڙو اجتماع ڪڏھن به
نه ڏٺو“.
انھن شاعرن ۾ خاص نالا محمد هاشم مخلص، سيد احمد
شاهه، قاضي ابوبڪر ’ظامي‘
مٽياروي، ’عاصي‘ علي محمد مٽياروي، محمد بچل
هموپوٽو وغيرو خاص طور تي قابلِ ذڪر آهن. جن جي
شاعري قبلا سائين پير غلام رسول سرهندي صاحب جي
تصنيف ’انساب نامو ذڪر آل مجدد الف ثاني‘ ۽ منهنجي
ڪتاب ’پير آقا غلام مجدد سرهندي‘ ۾ ڇپيل آهي.
پير صاحب جي گرفتاريءَ جي زماني ۾ عوام ۽ خواص جو
درگاھه مجدّديه سرھنديه تي اچڻ عام معمول ھو.
مولوي محمد صادق کڏي وارو، مولوي دين محمد وفائي،
مولوي فتح محمد سيوھاڻي، مولوي عبدالڪريم
شڪارپوري، مولوي محمد صديق مورائي، مولوي محمد
معاذ نواب شاھي، مولوي محمد ھاشم ڪھاڙو، مولوي فيض
محمد ڏوڪريءَ وارو، مولوي محمد سليمان بڙدي محبت
ديري وارو، مولوي نورمحمد گهوٽڪيءَ وارو، حڪيم شمس
الدين، شيخ عبدالمجيد سنڌي، سيد اسداللھ شاھه
ٽکڙائي، امين الدين سيٺ حيدرآبادي، ميان عبدالجبار
وڪيل، ميان نورمحمد وڪيل، ڊاڪٽر نورمحمد شيخ،
مولوي غلام محمد قاضي ٽنڊو سائينداد وارو، محمد
ھاشم مخلص، سيد تقو شاھه حيدرآباد، عبدالرئوف لھار
حيدرآبادي، مولوي محمد موسيٰ حبشي ڪوٽڙيءَ وارو،
سيد جيوڻ شاھه دادوءَ وارو ۽ ٻيا به گهڻا نوجوان
جيڪي پوءِ وڃي وڏا ليڊر بنيا. ان دوران مولانا تاج
محمد امروٽي صاحب پڻ مٽياريءَ ۾ آيو ۽ سندس آمد تي
جامع مسجد ۾ جلسو به ٿيو(25). حاجي عبدالله ھارون
به ان دوران مٽياريءَ ۾ ٻه ڀيرا آيو.
مسجد منزل گاهه وارو واقعو:
پير علي محمد شاهه راشدي، مسجد منزل گاهه
واري واقعي جو نه رڳو عيني شاهد آهي، بلڪه هن سڄي
واقعي ۾ بنيادي ڌر
راشدي صاحب ئي آهي. سندس ڪتاب
’اهي ڏينهن اهي شينهن‘ جي ٻئي جلد ۾ حاجي عبدالله هارون جي بيان
۾ تمام تفصيل سان هن واقعي تي لکيو ويو آهي.
حاجي عبدالله هارون هن معاملي ۾ ستياگره
هلائڻ جو فيصلو ڪري ورتو ۽ عوام گرفتاري ڏيڻ لاءِ
سکر پھچڻ لڳو. پھرين آڪٽوبر کان ستياگره تحريڪ
شروع ٿي. پير علي محمد شاهه راشدي لکي ٿو ته
”پھرئين ڏينهن جي ستياگرهين جي قيادت مرحوم مغفور
پير غلام مجدّد صاحب سرهندي فرمائي، جيڪو پراڻو
خلافت جي زماني جو ليڊر هو ۽ علي برادران سان گڏ
ڪراچي واري بغاوت جي مقدمي ۾ ٻه سال جيل جي سزا
ڀوڳي چڪو هو. مون کي ان ڏينهن وارو نظارو اڄ به
اکين اڳيان پيو ڦري. پير صاحب مرحوم غسل ڪري، نوان
اڇا ڪپڙا پھري، مٿي تي سفيد پڳ ٻڌي، کلي مشڪي،
ٻھڪندو ٽھڪندو اٿي روانو ٿيو. خدا ڏسي ٿو، ائين ٿي
لڳو ته ڄڻ ڪو سهڻو سينگاريل گهوٽ پنهنجيءَ ڄڃ ۾
شامل ٿيڻ لاءِ هلڻ لڳو آهي. اهو پھريون ڏينھن هو.
حڪومت جي ڇاڙتن اڳ ۾ ئي هلائي ڇڏيو هو ته جلوس تي
فائرنگ ٿيندي ۽ گهڻا ماڻهو شھيد ٿي ويندا. شڪ هو
ته هندن کي به اهڙي سڌ هئي، جنھن ڪري اهڙي نظاري
ڏسڻ لاءِ هو به رستي جي ڪنڊن پاسن مان اکيون لائي
بيھي رهيا هئا، تنھنڪري پير غلام مجدّد صاحب چوندو
ويو ته
”آئون گوليءَ وگهي مران ته منهنجو لاش ساڳين ئي ڪپڙن ۾ عام
مجاهدن جي لاشن سان گڏ، بنا غسل ڏيارڻ جي پورائي
ڇڏجو، جيئن قيامت ڏينھن به انھن سان گڏ بارگاهه
ايزديءَ ۾ حاضر ٿيڻ جو موقعو مليم”. سندس اهو گفتو ٻڌي اسان ٻڌڻ وارن جون اکيون ته آليون ٿي
ويون، پر پاڻ بي فڪر، بي پرواهه، الله توآهر چوندو
روانو ٿي ويو. ستت ئي ستياگرهين جي جلوس سان گڏ
گرفتار ٿي وڃي جيل ۾ رسيو.(26)
راشدي صاحب موجب
ستياگرهه هلندي هڪ ڏينهن پوليس جي پھري مان ڳٿو ڏسي ستياگرهين منزل گاهه جي
چوديواري تي حملو ڪري ڏنو ۽ زور سان ڀت ٽپي اندر
گهڙڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳا. ڀت تي سرڪار سوڊا جي بوتلن
جا ڀڳل نوڪدار شيشا هڻائي ڇڏيا هئا، جيئن ديوار ۾
هٿ وجهندڙن جا هٿ وڍجي پون. ڪوٺا وارا ۽ انگريز
پوليس ڪپتان ٻڌايو ته ان جٿي جون اڳواڻ ڳوٺاڻيون
زالون هيون، جيڪي هڪدم ڊوڙي وڃي چوديواريءَ جي
شيشن لڳل ديوار سان چنبڙي مٿي چڙهڻ جي ڪوشش ڪرڻ
لڳيون. سندن هٿ وڍيا پئي، هٿن ۽ ٻانھن مان خوب رت
پئي وهيو، پر ان هوندي به ڀت ٽپڻ جي ڪوشش کان باز
نٿي آيون. مون ان ڏينهن محسوس ڪيو ته اسان جي شاهه
سونهاري، ڀٽائي گهوٽ، سنڌ جي مومل، مارئي ۽ سسئي
کي اجايو ڪونه ساراهيو هو.(27)
4 آڪٽوبر تي مسلمانن کي مسجد جو قبضو مليو. پر ان کان پوءِ فساد
شروع ٿي ويا. ان عرصي دوران پير آقا غلام مجدّد
سرهنديءَ جي دليراڻي قيادت جو واقعو اڳتي لکجي آيو
آهي. پاڻ مسجد جو قبضو ملڻ تائين قيد ۾ هو ۽ سندن
گرفتاري مسلمان ستياگرهن جا حوصلا وڌائي رهي هئي.
هي بيان پڙهندڙن کي ياد رکڻ گهرجي ته پير صاحب ڪٽر
مذھبي ماڻهو نه ھو. ان جو اندازو خلافت تحريڪ جي
شروعاتي ڏينهن ۾ 26 مئي 1920ع تي سڄي ننڊي کنڊ
وانگر مٽياريءَ ۾ هندن سان يڪجهتيءَ جو اظھار ڪرڻ
لاءِ ڍڳيءَ جي قرباني نه ڪرڻ واري اپيل مان لڳائي
سگهجي ٿو، جنھن جي محرڪ سندن شخصيت هئي. ان کان
سواءِ خلافت تحريڪ دوران غير مسلم سياستدانن سان
سندن اٿ ويٺ ۽ سندن گرفتاريءَ وارن ڏينھن ۾ اڪثر
ھندو اڳواڻ سندن وارثن سان ملڻ به هن ڳالهه جو
ثبوت آهي. ٿورو اڳتي آزاد سنڌ ڪانفرنس جي حوالي
سان آيل بيان ۾ پير صاحب پاران پيش ڪيل هندو مسلم
اتحاد جي قرارداد به سندن مذهبي رواداريءَ جي جذبي
جو پڌرو ثبوت آهي. باقي جتي به ڪنھن غير مسلم توڙي
مسلمان اسلامي شعائر جي بيحرمتي يا اسلامي اصولن
جي ڀڃڪڙي ڪئي ٿي، اتي سندن جھادي جذبو ۽ جوش پڌرو
ٿي ٿي پيو. اھو ئي سبب ھو جو جڏھن مسجد منزل گاھه
جي معاملي ۾ ڪن ھندو صاحبن اھا دعوي ڪئي ته اگر
مسلمانن جلوس ڪڍيو ته اسان ان تي گولي ھلائيندي به
دير نه ڪنداسين، تڏھن پير صاحب ان ڌمڪيءَ کي اسلام
لاءِ للڪار سمجهي سر تي ڪفن ٻڌي نڪري پيا. اھو
مسجد منزل گاھه جي سلسلي ۾ پھريون جلوس ھو.
جناب پير غلام رسول سرهندي رحه هندو
انتها پسندن پاران شروع ڪيل ڪن معاملن جي خلاف
پنهنجي والد پير آقا غلام مجدّد سرهندي رحه جي
شرڪت جي نشاندهي هنن لفظن ۾ ڪئي آهي ته ”قلعي جي
قبرن ڊهڻ وارو معاملو، جيڪو هندن ڊهرايون ۽ هوشو
شھيد وارن جون قبرون هيون ۽ ڀريا روڊ جي مسجد
شريف، جيڪا گهر جي هيٺ ٿي آئي ۽ جنگشاهيءَ ۾ مسجد
جي پٽ تان جيڪا هندن خواهمخواه مسلمانن کي ٺھرائڻ
نه ٿي ڏني. اسلام ڪوٽ واري پهرين مسجد، جيڪا هندن
اڏڻ نه ٿي ڏني ۽ خواه مخواه ٽنگ ٿي اٽڪايائون.
ڪانپور واري مسجد لاءِ ته مولانا محمد علي جي
گهرائڻ تي فوراً پهچي ويا.“(28)
خلافت تحريڪ جي خاتمي بعد پير صاحب جون
ٻين تحريڪن سان وابستگيون
جميعة العلماءِ ھند:
پير آقا غلام مجدّد سرهندي صاحب جميعـﺔ العلماءِ
هند جي اڳواڻن مان هو ۽ مرڪزي جنرل سيڪريٽري پڻ
رهيو. حافظ غلام محمد ميمڻ لکي ٿو ته ”جميعـﺔ
العلماءِ هند ۾ شامل هئا، پر بعد ۾ پاڪستان جي
تحريڪ لاءِ ان جماعت جي پاڪستان جي تحريڪ سان متفق
گروپ يعني جميعـﺔ العلماءِ اسلام ۾ شامل ٿيا.
1946ع جي چونڊن ۾ حيدرآباد ۾ ان جو جلسو ڪرايائين،
جنھن ۾ مولانا شبير احمد عثماني ۽ مفتي محمد شفيع
۽ ٻيا هندستاني عالم به شامل ٿيا. ان بعد سڄيءَ
سنڌ ۾ گهر گهر تحريڪ پهچايائون“.(29)
سيد محمد زين العابدين راشدي لکي ٿو ته ”پاڻ ڊگهي
عرصي تائين جميعت علماءِ هند جا اڳواڻ رهيا. پر
جڏهن اهلسنت جماعت جي عالمن، جميعت تان استعفيٰ
ڏني ته پاڻ به استعفيٰ ڏنائون. پير صاحب جن هندن
جو بائيڪاٽ ڪيو. هندن جو ڪجهه قرض مٿن هو، انھن
چيو ته جيڪڏهن توهان ڪانگريس ۾ شامل ٿي وڃو ته
اسان سمورو قرض معاف ڪري ڇڏينداسين، نه ته ڊگري
جاري ڪرائينداسين. ان جي جواب ۾ پاڻ پنهنجي زمين
وڪڻي سندن قرض ادا ڪيائون، پر پنهنجي ايمان جو
سودو نه ڪيائون.“(30)
جميعـﺔ العلماءِ هند جي حوالي سان هڪ جلسو ڍورو
نارو لڳ اسٽيشن گرائونڊ تي رکايو ويو هو. جنھن جي
صدارت پھرين ته شيخ عبدالمجيد سنڌي کي ڪرڻي هئي،
پر ڪانگريسي اڳواڻن پاران ڪيل وٺ پڪڙ جي ڪري اهو
جلسو ٽي ڏينھن ملتوي ڪرڻو پيو. جيڪو ٽن ڏينھن کان
پوءِ وڏيري احمد عالماڻي پلي (ڳوٺ عالم پلي ضلع
عمر ڪوٽ واري) جي ڪوششن سان پير آقا غلام مجدّد
سرهندي رح جي صدارت ۾ ڪرايو ويو.
سنڌ آزاد ڪانفرنس ۾ پير غلام مجدّد سرهندي رحه جو
ڪردار:
انگريزن جي قبضي مھل سنڌ الڳ ملڪ جي حيثيت رکندي
هئي. جنھن کي انھن پنهنجي سهولت خاطر نه رڳو
هندستان سان ملائي ڇڏيو، بلڪه هيڏي ساري ملڪ جي
سرحدن جي توهين ڪندي، ان کي صوبائي حيثيت ڏيڻ
بدران مورڳو بمبئي صوبي سان جوڙي ڇڏيو. ان بعد
سنڌ جي بمبئي کان آزادي جي سلسلي ۾ ست ڪانفرنسون
منعقد ٿيون، جن ۾ سنڌ جي جداگانه حيثيت جي بحالي
لاءِ سنجيدگي سان سوچيو ويو ۽ ٽي گول ميز ڪانفرنس
کانپوءِ ٻه ڪانفرنسون جن کان پوءِ ”سنڌ آزاد
ڪانفرنس“ نالي سان مستقل جماعت قائم ڪرڻ جو اعلان
ڪيو ويو، جنھن جو صدر، سر شاهنواز خان ڀٽو، نائب
صدر خانبهادر محمد ايوب کهڙو، جنرل سيڪريٽري سيد
ميران محمد شاهه کي چونڊيو ويو ۽ سڀني ضلعن جي
نمائندن تي مشتمل هڪ ورڪنگ ڪاميٽي چونڊي
وئي(31).
ان سلسلي ۾ سائين جي.ايم.سيد پاران حيدرآباد جي
نمائندن طور (1) جناب پير آقا غلام مجدّد صاحب
(2) مير بنده علي خان ايم. ايل. سي، (3) پير ميان
بقادار شاهه صاحب (4) مخدوم ميان غلام حيدر صاحب
جن جا نالا ڄاڻايا ويا آهن.(32)
هن ڪانفرنس جي استقباليه ڪميٽيءَ جو صدر پير آقا
غلام مجدد صاحب سرهندي هو ان موقعي تي سندن پڙهيل
خطبو بعد ۾ اسٽنڊرڊ پرنٽنگ ورڪس، حيدرآباد سنڌ
پاران ڇپيو ويو، جيڪو سندن اعليٰ درجي جي بصيرت جو
اظھار ڪري ٿو.
آزاد سنڌ ڪانفرنس جي هن ان اجلاس ۾ جناب
پير آقا غلام مجدّد سرهندي پاران هڪ رٿ پيش ڪئي
وئي هئي، جيڪا هن ريت آهي: ”هيءَ ڪانفرنس سنڌ جي
مسلمانن جي طرفان سنڌ جي هندن کي يقين ٿي ڏياري ته
هو سنڌي هندن کي ڀائرن وانگر ڪري ليکيندا رهندا ۽
هميشه انھن سان برادرانه سلوڪ ڪندا رهندا. هيءَ
ڪانفرنس وڌيڪ اهو اعلان ٿي ڪري ته جيڪڏهن سنڌ جدا
صوبو ٿيو ته اهي برادرانه لڳ لاڳاپا وڌيڪ مضبوط
ٿيندا ۽ هندن جا حق محفوظ رکيا ويندا. هن ڪانفرنس
کي اميد آهي ته سنڌ جا هندو هن ڪانفرنس جي انھن
خيالن کي پسند ڪندا ۽ مسلمانن سان انهيءَ ڪم ۾
مددگار ٿيندا ته سنڌ ۾ جيڪي مختلف قومون رهن ٿيون،
تن ۾ وڌيڪ مٺ محبت پيدا ٿئي. هيءَ ڪانفرنس سنڌ جي
هارين ۽ مزورن کي به خاطري ٿي ڏئي ته ان جا حق ۽
نمائندگي پوريءَ طرح سان محفوظ رکي ويندي.“(33)
1935ع ۾ ڪيل آئيني سڌارن تحت پھرين
اپريل 1936ع ۾ ئي سنڌ کي بمبئي کان الڳ صوبو قرار
ڏنو ويو ۽ ان تحت 1937ع ۾ سنڌ ۾ الڳ اسيمبلي قائم
ڪري اليڪشن ڪرائي وئي. ته هن تحريڪ جو بنيادي مقصد
حاصل ٿي ويو، جنھن کان پوءِ تنظيم ختم ڪئي وئي.
پير صاحب جي مسلم ليگ ۾ شموليت:
جڏھن پير صاحب ٻه سال قيد بامشقت ڪاٽي آزاد ٿيو
ته انھن اڳواڻن، کين مسلم ليگ ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت
ڏني. ان سلسلي ۾ 10 فيبروري 1924ع تي اجلاس ٿيو،
جنھن ۾ پير صاحب، مسلم ليگ ۾ شموليت جو اعلان ڪيو.
پر ان دوران مسلم ليگ جي صوبائي باڊيءَ جي چونڊ
ٿي، تنھن ۾ پير صاحب اھو چئي حصو وٺڻ کان انڪار
ڪيو ته پاڻ ڪارڪن جي حيثيت ۾ ڪم ڪندو رھندو. ھن
اليڪشن ۾ سيٺ حاجي عبداللھ ھارون صدر، محمد ڪامل
شاھه نائب صدر، شيخ نورمحمد سيڪريٽري ۽ حڪيم فتح
محمد سيوھاڻي خزانچي مقرر ٿيا. پير صاحب البته
سترھن رڪني سنڌ ڪائونسل ۾ شموليت اختيار ڪرڻ جي
حامي ڀري ھئي.
محمد صادق قصوري صاحب لکي ٿو ته ”مسلم
ليگ ۾ شامل ٿيڻ بعد پير صاحب ڏينھن رات دورا ڪري
پوريءَ سنڌ ۾ ان جون شاخون کولرايون ۽ ان کي اصل
معنيٰ ۾ عوامي پارٽي بڻائي ڇڏيو. جڏھن 8، 9، 10
آڪٽوبر 1938 ع تي ڪراچيءَ ۾ سنڌ مسلم ليگ ڪانفرنس
جو انعقاد ٿيو ته ان ۾ چئني طرفان سنڌ جي ماڻھن جي
بي پناھه شموليت ڏسڻ وٽان ھئي.
پير صاحب سان خلافت تحريڪ جي حوالي سان
تعلق رکندڙ عالم ڪانگريس سان واسطو رکندا ھئا.
جڏھن پير صاحب سڄي گروھه جي ڀيٽ ۾ مسلم ليگ ۾
شموليت اختيار ڪئي ته سندس سڀ واسطيدار عالم سندن
مخالف ٿي بيھي رھيا. علماءَ يڪ قلم ڪانگريسي ٿي
ويا. چوٽيءَ کان ننهن تائين مولانا محمد صادق،
مولوي دين محمد وفائي، مولوي عبدالڪريم چشتي، حڪيم
محمد معاذ وغيره ۽ ٻيا جيڪي به انھن جا ساٿي يا
شاگرد يا استاد ھئا، اھي اخبارن ۾ مٿن حملا ڪرڻ
لڳا. اصلاح اخبار ان سلسلي ۾ سخت پروپيگنڊه ڪندي
رھي. محمد علي جناح جي اڳواڻيءَ ھيٺ ڪم ڪرڻ تي به
اعتراض واريو ويو. جناب پير غلام رسول صاحب فرزند
پير آقا غلام مجدّد سرھندي جي ڪتاب ’انساب نامه
ذڪر آل مجدّد الف ثاني رضه‘ ۾ لکيل آھي ته ”مسٽر
محمد علي جناح جي اڳواڻيءَ جي مسئلي بابت
فرمايائون ته اسان نماز ته نٿا سندن پٺ ۾ پڙھون،
بلڪه ھڪ وڪيل، جيڪو انگريزن ۽ ھندوئن کي پورو پورو
منھن ڏيو بيٺو آھي ۽ ڳالهائڻ جي سگهه آھيس ۽ اھڙو
ليڊر نه ملي سگھندو.“
1938ع ۾ سنڌ ۾ مسلم ليگ جي ڪانفرنس ۽ نئين سر
تنظيم ڪاري:
1936ع ۾ سنڌ کي صوبائي حيثيت حاصل ٿي. ان بعد سنڌ
۾ سياسي سرگرميون وڌيڪ تيز ٿي ويون. جن جي سلسلي ۾
1938ع واري مسلم ليگ ڪانفرنس کي وڏي اهم حيثيت
حاصل آهي، جيڪا 8 آڪٽوبر کان شروع ٿي ۽ 11 آڪٽوبر
تائين هلي. هن ڪانفرنس ۾ هندستان جي وڏن اڳواڻن
مان بنگال جي وزير اعظم، مولوي فضل حق، پنجاب جي
وزير اعظم سردار سڪندر حيات، آسام جي وزير اعظم
سعيد الله خان، کان علاوه ٻين وڏن اڳواڻن مان قائد
اعظم محمد علي جناح، لياقت علي خان، ۽ ٻين به
ڪيترن ئي اڳواڻن شرڪت ڪئي.
هن ڪانفرنس ۾ سنڌ جي اهم نمائندن مان سر
حاجي عبدالله هارون، پير آقا غلام مجدّد سرهندي ۽
سائين جي.ايم.سيد قابل ذڪر آهن. 10 آڪٽوبر واري
اجلاس ۾ پير صاحب تقرير ڪئي، جنھن ۾ پاڻ تقرير
ڪندي چيائين ته ’منهنجو اڪثر تعلق اسلامي دنيا سان
رهيو آهي ۽ فلسطين سان منهنجو روحاني پيوند آهي.
اتي مان ڪيترائي دفعا ويو آهيان.‘(34) ان بعد
فلسطين ۾ برطانيه جي عرب مسلمانن خلاف ظلمن جي
خلاف هڪ ٺهراءُ پاس ڪري يھودي نواز پاليسين کي ختم
ڪرڻ جو مطالبو ڪيو.
محمد صادق قصوري لکي ٿو ته ’پير صاحب پنهنجي ايمان
افروز ۽ باطل سوز خطاب ۾ مسلم ليگ جي لاءِ ھر قسم
جي قرباني ڏيڻ جو اعلان ڪيو ۽ حضرت قائداعظم کي
مخاطب ٿي فرمايائون ته سنڌ مسلم ليگ اوھان کي يقين
ڏياري ٿي ته قيام پاڪستان جي سلسلي ۾ ھن کي ٻين
صوبن کان پويان نه پائيندا. جنھن تي حضرت قائداعظم
خوشيءَ جو اظھار ڪيو. ان اجلاس ۾ قائداعظم جي
مشوري سان سنڌ مسلم ليگ جي تنظيم نئين سرعمل ۾
آئي. سنڌ مسلم ليگ پارٽيءَ جو بنياد رکي سڀني
اسيمبلي ميمبرن کي چيو ويو ته ھو مسلم ليگ ۾ شامل
ٿين“(35).
هن ڪانفرنس جي صدارت قائد اعظم محمد علي
جناح ڪري رهيو هو. سندس صلاح تي سنڌ مسلم ليگ جو
بنياد نئين سري سان رکيو ويو.
هن سلسلي ۾ جيڪا پهرين باڊي قائم ڪئي وئي، ان ۾
هيٺيان عهديدار شامل هئا.
صدر: حاجي عبدالله هارون
نائب صدر: پير غلام مجدّد
نائب صدر: محمد ايوب کهڙو
جنرل سيڪريٽري: شيخ عبدالمجيد سنڌي
جوائنٽ سيڪريٽري: علي محمد راشدي
جوائنٽ سيڪريٽري: غلام نبي پٺاڻ
خزانچي:
غلام حسين هدايت
الله(36)
پير آقا غلام مجدّد سرهندي رحه جو مسلم
ليگ ۾ شموليت کان پوءِ جو ڪجهه رڪارڊ مختلف ڪتابن
مان ملي ٿو، گهڻو مواد سندن فرزند ارجمند ۽ سجاده
نشين جناب پير غلام رسول سرهندي رحه پنھنجن تصنيفن
۾ تحرير ڪيو آهي، جنھن جو به گهڻو حصو سندن
يادگيرين تي مشتمل آهي. پر خانداني ذريعن جو چوڻ
آهي ته پير آقا غلام مجدّد رحه جي وفات بعد سندن
ويجهو ساٿي سيد علي اڪبر شاهه ميھڙ وارو، پير صاحب
جي شخصيت تي لکڻ لاءِ اهو مواد کڻي ويو هو، پر
پوءِ جلد ئي شاهه صاحب جي به وفات ٿي وئي ۽ اهي
شيون اتي ئي رهجي ويون.
مسلم ليگ ۾ شموليت کان پوءِ ان دور جي
يادگارن ۾ اسان کي جيڪي ناياب شيون ملن ٿيون، انھن
۾ ”صور اسرافيل“ نالي سان اڙدوءَ ۾ ڇپيل هڪ پمفليٽ
به شامل آهي.
تحريڪ ختم نبوت جي سلسلي ۾ پير صاحب جو ڪردار:
پاڪستان ٺھڻ کان پوءِ ملڪ ۾ قاديانيت جو مسئلو
پيدا ٿيو. ان سلسلي ۾ مختلف پارٽين جي اجلاس ۾
انھن خلاف منظم تحريڪ هلائڻ لاءِ هڪ جنرل ڪائونسل
جوڙي وئي.. پير صاحب ان جي اهم ميمبرن مان هڪ هو.
هن جنرل ڪائونسل ۾ چونڊيل نمائندن جا نالا هن ريت
آهن:
(1) سيد عطاءُ الله شاهه بخاري (2) مولانا ابو
الحسنات سيد محمد احمد قادري (3) مولانا سيد ابو
الاعليٰ مودودي (4) مولانا عبدالحامد بدايوني (5)
حافظ ڪفايت حسين (6) پير صاحب سر سينو شريف مشرقي
پاڪستان (7) مولانا احتشام الحق ٿانوي (8) مولانا
محمد يوسف ڪلڪتوي (9) پير غلام مجدد سرهندي (10)
مولانا نور الحسن (11) ماسٽر تاج الدين انصاري
(12) مولانا اختر علي خان (13) مولانا محمد
اسماعيل گوجرانواله (14) سيد مظفر علي شمسي (15)
حاجي محمد امين سرحدي.(37)
حيدرآباد ۾ عيد ميلاد النبي ﷺ جي جلسي جو بنياد
وجهڻ:
پير صاحب رحه جو فرزند جناب پير غلام رسول صاحب
ڄاڻائي ٿو ته ’اھو پير آقا غلام مجدّد ئي ھو، جنھن
حيدرآباد ۾ عيد ميلاد النبي ﷺ جي جلسي جي ابتدا
ڪئي. پاڻ زندگيءَ جي آخري سال تائين عيد ميلاد جي
سلسلي ۾ نڪرندڙ جلوس ۾ پيرين پيادا ھلندي خوشي
محسوس ڪندا ھئا. ان موقعي تي لاھور، دھلي، ميرٺ،
بدايون ۽ عرب ملڪن مان واعظ گهرائي رسول اللھ ﷺ جي
حيات طيبه تي روشني وجھرائيندا ھئا. پير صاحب بي
مثال شخصيت ڪري ڪيترائي ھندو ۽ عيسائي به انھن
پروگرامن ۾ شريڪ ٿي رسول اللھ ﷺ شان کان واقفيت
حاصل ڪندا ھئا. جلسي جي اھا روايت اڄ به برقرار
آھي ۽ ھن وقت ان جلسي جي قيادت جناب ڊاڪٽر
صاحبزاده ابوالخير محمد زبير الوري صاحب جن ڪندا
آھن“(38).
صاحبزاده ڊاڪٽر ابوالخير محمد زبير صاحب ان سلسلي
۾ لکيو آهي ته ’قطب الاقطاب حضرت خواجه عبدالرحيم
جي اولاد مان پير غلام مجدد سرهندي رحمت الله عليه
علم و فضل جو آفتاب ۽ مهتاب هو. جنھن هن سرزمين کي
عشق مصطفيٰ جي سهائي سان روشن ڪري ڇڏيو. پاڻ
پھريون شخص هو، جنھن سڀ کان پھرين حيدرآباد شهر ۾
عيد ميلاد النبي ﷺ جي جلوس جي ابتدا ڪئي. اڄ عيد
ميلاد النبي ﷺ جي موقعي تي حيدرآباد جي گهٽيءَ
گهٽيءَ مان نڪرندڙ بيشمار جلوسن ۽ جلسن ۾ شامل
ٿيندڙ مصطفيٰ ﷺ جي عاشقن جو اٿلون ڪندڙ سمنڊ ان کي
قلندر صفت شخص جي ڪوششن جو ثمر آهي.“(39)
وفات ۽ مدفن:
صاحبزاده ڊاڪٽر ابوالخير محمد زبير الوري صاحب،
پنھنجي هڪ تحرير ۾ لکيو آهي ته ’جڏهن حضرت قبله
پير غلام مجدد صاحب رحمت الله عليه جو آخري وقت
ويجهو آيو ته پاڻ، حضرت قبله صاحب مفتي صاحب رحمت
الله عليه (مفتي محمد محمود الوري نقشبندي رحمت
الله عليه (جنھن جي مزار مبارڪ ڄام شورو روڊ تي
راجپوتانه اسپتال جي ويجهو آهي) کي خاص طور تي
گهرايائون ۽ چيائون ته مفتي صاحب مون لاءِ دعا
گهرو. منهنجو آخري وقت آهي ۽ اها مھل قدم ٿڙڻ جي
هوندي آهي. خبر ناهي ته ڪيڏي مھل شيطان ٿيڙ ڏئي
وجهي. حضرت قبله مفتي صاحب رحمت الله عليہ کين آٿت
ڏيندي چيو: توهان کي فڪر ڪرڻ جي ڪابه ضرورت ڪانهي،
ڇو ته توهان جنھن جو اولاد آهيو، ان عمر بن الخطاب
رضي الله تعاليٰ عنه جو شان اهو هو جو سندس پاڇي
کان به شيطان ڀڄندو هو. ڀلا جنھن جي پاڇي کان به
شيطان ڀڄندو هجي، ان جو رت جنھن جي رڳن ۾ ڊوڙندو
هجي، اتان شيطان ڪيئن ٿو لنگهي سگهي ۽ ڪٿي ٿو ان
جو ڪو مڪر هلي سگهي. اها ڳالهه ٻڌي حضرت قبله پير
صاحب رحمت الله عليه کي دلي سڪون مليو، جنھن جو
اظھار پاڻ ان حالت ۾ ’جزاڪ الله‘ چئي ڪيائون ۽ ان
کان ٿوري دير بعد سندن روح پنهنجن ابن ڏاڏن سان
وڃي مليو“(40). سندن وفات 16 جمادالثاني 1377ھه
بمطابق 7 جنوري 1958ع تي ٿي. وفات وقت سندن زبان
تي ھي لفظ ھئا.
يا رسول اللهصه به احوال خرابِ
مـاببيـن،
روبخاک اُفتاده ام از شرم عصيان بـر زمين.
مذنب چون من نباشد در تمايـم اُمنت،
شافعم شو از عنايت يا شفيع المذنبين.
سندن جنازي نماز وصيت مطابق مفتي محمد
محمود الوري رحه پڙهائي. حضرت آغا عبدالرحيم رحه
جي مقبري ۾ آغا عبدالحليم رحه کي به دفن ڪيو ويو
ھو ۽ ان بعد به ھڪ ڄڻي جي مدفن جي جڳهه بچي ٿي، پر
پاڻ سختيءَ سان مقبري جي اندر پنهنجو مدفن بنائڻ
کان روڪيندي مقبري جي دروازي وٽ پنهنجي قبر بنائڻ
جي وصيت ڪئي هئائون ۽ کين سندن خواھش تحت مقبري
کان ٻاھر ئي قبه شريف جي دروازي لڳ دفن ڪيو ويو.
پير آقا غلام مجدّد سرهندي صاحب جي وفات
تي سندن فرزند پير سائين غلام رسول رحه جي لکيل
تاريخ هتي پيش ڪجي ٿي.
تاريخ وفات عربي حضرت پير آقا غلام مجدّد
سرهندي صاحب رحه.
از جناب پير غلام رسول سرهندي رحه
دمـع الـعـيـن لـبـعـد انـيـسـه اثرالحـزن
بقلب جليسه
احرق نارا الهجرا سيف جاء الامرا المنتظر
عزانا مَن
کـان صـديـقـہ ارّخـه مـن لـہ رفـيـق
کان هو الهادي بفريقـه بحـرالـعـلـم
الـمـشـتـهـر
”بحرالعلم المشتهر“ سان ”هادي“ کي ملائڻ سان 1377هه وفات
حسرت آيات جو عدد پورو نڪري ٿو(41).
پير صاحب جو اولاد:
جناب پير آقا غلام مجدّد سرهندي رحه کي
ٻه پٽ ٿيا. هڪڙي جو نالو غلام محمد هو، جيڪو اٺن
سالن جي عمر ۾ فوت ٿي ويو، ٻيو فرزند جناب پير
غلام الرسول سرهندي رحه هو، پير سائين غلام رسول
سرهندي رحه، مولانا شبير احمد عثماني جو شاگرد هو.
ان کان علاوه پاڻ ٻيھر تخصص في الحديث لاءِ حضرت
پير سيد انور شاهه ڪشميري رحه جن جي خدمت ۾ به ڇھه
مهينا رهيو. سندس مزاج ۾ انتهائي سادگي ۽ فقيري
پنھان هئي.
پير غلام رسول سرهندي صاحب پاڻ به وڏو عالم ۽
ڪيترن ئي ڪتابن جو مصنف رهيو آهي، جيڪي هاڻي
تقريبن ڇپجي پڌرا ٿي چڪا آهن. باقي ڪتاب ’ملفوظات
الاڪابر‘ فارسيءَ ۾ سندس فرزند پير غلام مجدد
سرهندي (موجوده سجاده نشين) سنڌيءَ ۾ حافظ حبيب
سنڌي چوهڙ جمالي واري کان ترجمو ڪرايو آهي، جنھن
جي ڪمپوزنگ جو ڪم هلي رهيو آهي.
حضرت پير غلام مجدد سرهندي جي سوانح، واقعن ۽
حالات متعلق پير غلام رسول جان سرهندي جو ڪتاب
’سوانح حضرت آقا غلام مجدد رحه مٽياري‘ 1996ع ۽
انساب نامو- ذڪر آل مجدد الف ثاني 2009ع ۽ بنده جو
ڪتاب ’پير غلام مجدد سرهندي‘ ضررو ڏسڻ گهرجي.
حوالا:
نوان ڪتاب
|