لوڪ ادب
زاهد ڪنڀار
ٽنڊو جان محمد
مُناظرو
چور ۽ ڀاڳيو
ڀاڳيو: |
جُتي هِن جُوان جي، ويا چور چورائي
هوندا مڙس ماڻهو، ته ڏيندا بنا ڀُونگ
ورائي،
نه ته جُتي ٿي مارائي، ڇورا هِن ڳوٺ
جا!
|
چور: |
ڇورا هِن ڳوٺ جا، جو آهن چور ڪچا،
کڻي نه وڃنئي کَٿو هِتان تون پنهنجي
جان بچاءِ،
هاڻي اِهو ڌڪ پچاءَ، نه ته مري نه
وڃين مفت ۾!
|
ڀاڳيو: |
مري نه وڃان مفت ۾، جو آهيان آءٌ
چريو،
ٻُڌو ڳالهه وڏن جي، اوهين پنهنجو ڌيان
ڌريو،
جُتي واپس ڪريو، نه ته ڪريانوَ نه ٽڪي
جو.
|
چور: |
ڪندين تون ٽڪي جو، جو آهين مُڙس ڀلو،
سَٽ نه سهندي هڪڙي تون، اٿئي ڪونه
جهلو،
ڪري سَوَ ڪوهه جو وَلو، اسين چوري
ڪنداسين تنهنجي!
|
ڀاڳيو: |
چوري ڪم چڱو ناهي، اوهين چڱن جا آهيو
ٻار،
ڏيندس دانهن وڏيري کي، جو لهندو اوهان
جي سار،
هاڻي ڪري سوچ ويچار، اوهين جُتي ورائي
ڏيو مون مسڪين جي!
|
معمور يوسفاڻي
عمرڪوٽ
اَڏي
اَڏي ’اڏ‘
لفظ مان ٺهي آهي، جنهن جي معنيٰ آهي پاڻيءَ جو ٻن
ڪپن وارو ننڍي ۾ ننڍو وهڪرو. اَڏ لفظ جي پويان ’ي‘
ملائي اڏي ٺاهي ويئي آهي، جنهن مان اهو واضح ٿئي
ته اُها اَڏ جهڙي آهي، يعني سندس شڪل اڏ جهڙي ’ٻن
ڪپن واري‘ آهي.
جهڙيءَ طرح
اڏ کي مٽيء جا ٻه ڪَپ آهن، اهڙيطرح اَڏي کي وري
لفظن جا ٻه ڪپ آهن، جيڪي ڏوهي يا دوهي جي نموني جا
آهن. جن اَڏين کي هڪ سٽ يعني هڪ مصرع آهي، اهي هڪ
ڪپ جي شڪل ظاهر ڪن ٿيون ۽ اهڙين اڏين کي اڌڪ
اڏيون، يعني هڪ ڪپ واريون اڏيون سڏجي ٿو.
جهڙيطرح اڏ جا ڪپ وٺي، انهن تي اوڀارو يا لهوارو
هلي انجو ’مُنڍ‘ ۽ پوڇڙي معلوم ڪبي آهي. اهڙي طرح
اَڏيءَ جي ٻنهي مصرعن ۾ ڪم آيل لفظن جو رخ پروڙي
انهن جو بنياد يا منزل ڳولبي آهي.
اَڏي ٻارن جي ذهني ڊوڙ يا سمجهه جي سطح معلوم ڪرڻ
جو شروعاتي وسيلو يا ذريعو آهي، جنهن جي ذريعي اهو
معلوم ٿو ڪجي ته ٻارڙا پنهنجي ماحول ۽ ملڪ جي شين،
وڻن، ٻوٽن، ڀاڄين، ماڻهن، جانورن، پکين، جيتن
وغيره کان ڪيتري قدر واقف آهن.
اَڏي پنهنجي
اجهور يعني حاضر شين کان شروع ٿئي ٿي ۽ پوءِ غير
حاضر شين ڏانهن وڌي، ڪيترن ئي روپن ۾ ظاهر ٿئي ٿي.
اسان وٽ تعليم جو اڳ ۾ ئي اهو اصول آهي، جيڪو
ويجهي کان پراهين ڏانهن، حاضر کان غائب ڏانهن،
ڄاتل کان اڻ ڄاتل ڏانهن وڃي ٿو ۽ اهو اصول اسان وٽ
صدين کان هلندڙ آهي، ۽ اهو اسان کي ملي به اڏين
منجهان ٿو، جيڪي ٻارن جي ڏي وٺ جو شغل آهن. ٻئن
لفظن ۾ هينئن چئجي ته ’اَڏي‘ تعليم جو اُهو ڪارگر
ذريعو آهي، جنهن جي وسيلي ٻارڙن ۾ ڄاڻ وڌي ٿي يا
ٻارن کي تعليم ملي ٿي. جهڙيطرح ’اَڏ‘ پاڻيءَ جو
ننڍي ۾ ننڍو وهڪرو آهي اهڙيطرح اهو واسطو به ننڍي
کان ننڍي عمر وارن ٻارن سان رکي ٿو جيئن ٻار جي
عمر وڌندي رهندي، تيئن اڏي به ترقي ڪندي مٿي هلندي
رهندي. ۽ اها پنهنجا سڀئي روپ ظاهر ڪرڻ کانپوءِ
پرولي ۽ ان جي روپن کان ٿيندي، ڳجهارت، هنر ۽ ڏور
وغيره تائين پهچندي آهي. اڏيءَ جو جواب فقط هڪ لفظ
۾ هوندو آهي.
هتي اَڏيءَ جو لاڳاپو ٻئن وهڪرن سان ڏيکارجي ٿو ته
جيئن خبر پوي ته اهو ڪيڏو وهڪرو آهي.
جيڪو ويجهي
کان پراهين ڏانهن، حاضر کان غائب ڏانهن، ڄاتل کان
اڻ ڄاتل ڏانهن وڃي ٿو ۽ اهو اصول اسان وٽ صدين کان
هلندڙ آهي، ۽ اهو اسان کي ملي به اڏين منجهان ٿو،
جيڪي ٻارن جي ڏي وٺ جو شغل آهن. ٻئن لفظن ۾ هينئن
چئجي ته ’اَڏي‘ تعليم جو اُهو ڪارگر ذريعو آهي،
جنهن جي وسيلي ٻارڙن ۾ ڄاڻ وڌي ٿي يا ٻارن کي
تعليم ملي ٿي. جهڙيطرح ’اَڏ‘ پاڻيءَ جو ننڍي ۾
ننڍو وهڪرو آهي اهڙيطرح اهو واسطو به ننڍي کان
ننڍي عمر وارن ٻارن سان رکي ٿو جيئن ٻار جي عمر
وڌندي رهندي، تيئن اڏي به ترقي ڪندي مٿي هلندي
رهندي. ۽ اها پنهنجا سڀئي روپ ظاهر ڪرڻ کانپوءِ
پرولي ۽ ان جي روپن کان ٿيندي، ڳجهارت، هنر ۽ ڏور
وغيره تائين پهچندي آهي. اڏيءَ جو جواب فقط هڪ لفظ
۾ هوندو آهي.
هتي اَڏيءَ جو لاڳاپو ٻئن وهڪرن سان ڏيکارجي ٿو ته
جيئن خبر پوي ته اهو ڪيڏو وهڪرو آهي.
ننڍو ٻار فقط اڏي ٽپي سگهي ٿو، پل، ڦنگ، ڪسي يا
ڪڙيو سندس طاقت کان مٿي وهڪرا آهن. انڪري سياڻن
سندن ذهني جي شروعاتي ڏاڪي جو نالو رکيو اَڏي.
اسانجي ملڪ ۾ جيڪي اَڏيون هلندڙ آهن، اهي هن وقت
تائين هيٺين روپن واريون مليون آهن.
الف- اجهور اڏي“ ۽ اڱڻ اڏي:
هي اَڏي جو شروعاتي ۽ سادو روپ آهي، جنهن ۾ ٻارڙا
پنهنجي ماحول، يعني آسپاس جو جائزو وٺي اتي ڪا لڪل
شيءِ جيڪا سولي ڏسڻ ۾ نه اچي، نگاه ۾ رکي، ٻئن کي
چوندا ته:
ايکان ميکان ......................... ڏيکان
پوءِ ٻيا ٻارڙا، يا هڪ ٻارڙو اهو ڳولي
ڳولي ڏسيندو ته، اجها هوءَ آهي، پر جيڪڏهن هو اها
شيءِ ڏيکاري نه سگهيو ته مٿس ٽڪي چڙهي.
مثال طور ڪو ٻار، ڪلاس روم ۾ چاڪ جو ٽڪر
ڪنهن اهڙي هنڌ رکي، پوءِ ٻئن ٻارن کي، يا ڪنهن هڪ
ٻار کي اَڏي ڏيندو ته:
ايکان ميکان چاڪ ڏيکان.
بس پوءِ جي اهو چاڪ ڏسجي پيو ته اڏي ڀڳي،
جي نه ڏٺو ته ٽڪي چڙهي.
ب. اُوڇي اَڏي:
اَڏيءَ جو هي ٻيو قسم آهي، هن ۾ اڏي
ڏيندڙ، اڏيءَ جي دوهي جي آخر ۾ اهڙو لفظ چوندو، جي
ڀڃندڙ لاءِ هڪ قسم جي گار يا چئلينج هوندو. جنهن ۾
اهو واضح هوندو ته جيڪر ڀڃيندڙ اها اَڏي نه ڀڃيندو
ته هو خود يا هن جو ڪو عزيز مهڻي آب ٿي پوندو.
جيئن ته ڪنهن ماڻهو لاءِ اهڙا لفظ چوڻ هڪ اوڇپائي
يا هلڪڙائي آهي تنهنڪري سگهڙن ۽ سياڻن اهڙي اَڏيءَ
کي اوڇي اَڏي جو نالو ڏنو آهي.
اهڙي اَڏيءَ جا ٻول هن طرح هوندا آهن:
(1) اٺ لڪڙ آکين پاکين، نائون لڪڙ
نوڙي، (کٽ- باهه)
ڀڃين ته ڀڃ نه ته تنهنجي ناني آهــي
ٺوڙهي.
(2) ڳــاڙهــي مــــاء، ڪــــــارو
پــٽ (باهه-گار)
جو نه ڀڃي سُو ڪتي جو
پُٽ
(3) اٺ نوڙيــون نــائين
ڪــام (ساهمي-
محاورو)
جي نه اچئي تان ڪر سلام
(4) گــول گنــديء ۾ ڏسجــي
پــاڻــي (کوهه- صفت موصوف)
جو نه ڀڃي تنهنجي آڪهه
ڪاڻي
(5) ڊوڙيو ڊوڙي، پير نه
پر، (ٻيڙي)
جي نه اچئي ته جانو ڀر.
(6) هيڏانهن ٿوڻي، هــوڏانهن
ٿوڻي (ماٽو- اڌوڙ)
جو نه ڀڃي، تنهنجي ناني سوڻي.
(7) هيٺيون پڙ ڪاٺ جو، مٿيون پڙ لوهه
جو، (ارٽي)
جيــڪــو نــه ڀــڃــي، اُهــو پُــٽُ
ڳــوهه جــو
(8) هــڪ ڄــنــگهه، چــــار
ڪــــن، (لونگ)
جو نه
ڀڃي تنهنجا ڪٽيان ڪن.
(9) اڇــــي لُــــنــــڊي، ســائــو پڇ،
تو نه اچي ته پڻهي کان
پُڇ. (موري)
ج، اَڌڪ اَڏي:
ٻن مصرعن واري ۽ هم قافيه، ڏوهي جي شڪل جهڙي هوندي
آهي، پر اسانوٽ اهڙيون اڏيون به آهن جيڪي هڪ مصرع
واريون اڏيون آهن، تنهنڪري سياڻن اهڙين اڏين جو
نالو رکيو آهي ’اڌڪ اڏيون‘ يعني پوريءَ اڏيءَ جي
اڌ جيتريون، اهڙين اڏين جو نمونو اِجهو هن طرح
آهي:
(1) گهر گهر اندر لڌڙو ليٽي
’ٻُهارو‘ (عادت)
هتي ٻهاري کي لڌڙي جي مٽيءَ ۾ ليٽ ليٽان سان
مشابهت ڏنل آهي.
(2) گهر گهر اندر، ڳاڙهي ڪنوار
(باهه) (رنگ)
(3) اونڌي وٽي انگهه ۾.
(ٽوپي) (پائڻ وقت)
(4) ننڊ ڦٽل نينگري، رڻ ۾ ڪري رڙيون
(ٽيٽهر) (آواز)
(5) انڌي ڪُتي لوڙها لتاڙي
(جتي) (عادت)
(6) گهر گهر ۾ پيئي رڍ رڙي.
(جَنڊُ) (آواز)
د: اوڙک اَڏي:
اِڏيءَ جو اهو روپ، جيڪو مڪمل هجي (ٻن مصرعن وارو
هجي) ۽ منجهس اهڙا پار ڏنل هجن، جن جي ذريعي،
اڏيءَ واري ڳجهي شيءِ کي اوڙکي سگهجي. انڪري ڄاڻن
اهڙي اڏيءَ جو نالو رکيو آهي، اُوڙک اڏي‘. جيئن
هيٺين اڏين ۾ آهي.
(1) اڇڙڪو پٺاڻ، سؤ ڪوٽن
ساڻ. (جواب: بصر)
هتي بصر جي اڇي رنگ ۽ ان تي کلن جي تهن کي
پٺاڻ ۽ سندس ڪُلهي تي کنيل ڪوٽن سان (جن جو اڪثر
پٺاڻ واپار ڪندا آهن) ڀيٽ ڪيل آهي.
(2) اڏي اڏي، ڌوڙ ۾
هــڏي (کنڀي)
هــڏي پراڻي اَٽي هاڻِي.
(3) گهُٽَ
۾ ننڍو، واُء ۾ وڏو
(ڦوڪڻو)
جيڏو وڏو، تيڏو جــڏو.
(4) پيئي پاڻي، ڏئــي
کير، (اَڪ)
وڏي آڪهه وارو ويــر.
هه- اونهي اَڏي:
اَڏيءَ جو اهو قسم، جنهن ۾ ڏنل ڀيٽ وارا پار رواجي
نه هجن، ۽ اهي اهڙا هجن جو انهن کي وڏي خيال ۽
اونهي فڪر سان مس مس پروڙي سگهجي. اهڙين اَڏين کي
’اونهيون اَڏيون‘ چوندا آهن، جيئن:
(1) ڀون گَجي، آڀو کِجي، پاڻي سمونڊين جاء
سون ڪهو ڙي صاحبا! سوامڻ ڪورو
جاء (جواب: حقو)
(2) نٿ مٿي ۾ نار کي، پٺ اڳي، منهن
پوء (اڳٺ وجهڻي)
ٽٻي هڻي ٿي سڪيء ۾ پاڻي هوءِ نه
هوء
(3) مرغ ڏٺم ميدان تي، پڌراٿس
پار (انب)
کل جنهن جي لسڙي، هڏيء مٿي وار
(4) ڌڙ جنهنجو ڌوڙ ۾، پادر جيڏا
ڪن (ٿوڻي)
گهڙي سڀڪنهن گهر ۾، اها ڪهڙي رن.
(5) ڄائو ڄام سڱن سان، وهيء چڙهي
وياس (چنڊ)
پيريء پر پيدا ٿيا، ساڳيا سڱ
سندياس
(6) چڙهي ڏينهن چاڙهو ڪونهيس، مڙي
ڏينهن مستان (پاڇو)
نه پورجي، نه وڍجي، نه ڪي کڄي ٿو
خان.
(7) سؤ دفعا ٿن سر لٿا، تڏهن به موريو
اچن مٿا (آڱرين جا ننهن)
(8) وکر وڪجي پَن جي پوٽي، جيئن ڇڪ،
تيئن ڇوٽي (ٻيڙي)
(9) ڌڪيو ڪريان جي پري پري، ته به وريو
مونڏي وري وري (لوڏ)
(10) ڪَنومانيءَ ڏونرا لک، رب ڪري پيو
تن جي رک (چنڊ ۽ تارا)
(11) صاحب ويهي ٽن ٽنگن تي، ٽهڪي پيو ته
به ٽوپ مٿي تي (ڪُنو)
(12) ننڍڙڪو جواڻ، جنهن کي سؤ لٺيون
ساڻ (ماچس)
(13) اڇي اڇي ٻار، جنهن تي جهرڪي نڪا
جهار (لوڻ)
(14) آڏو لڪڙ لڳ ڀڳ، ٽي ڄڻا ڏهه
پڳ (هر هاري، ڍڳا)
(15) ڦَرُ به ڪري، گل به ڪري، پر پنن
کان سو آهه پري (ڪرڙ)
(16) اڌ ڪاٺي اڌ لوه، ساهي آهي سڄو
ڪوه (بندوق)
(17) اڇي اڇي ماڙي، جنهن کي در نڪا
تاڙي (آتو)
(18) ور وڪڙ ڏئي نانگ جان، ٻولي ڪاري
ڪانگ جان (جنڊ)
(19) هيڏو هيڏو پاڻ، جنهنکي ۽ سَوَ
سويِن جو ساڻ (ڄاهو)
(20) تول ري هلڪي، مول ري
ڀاري (رلي)
رات رو پياري، ڏينهن رو خواري
(21) ٽوپلي ۾ پاڻيڙو، پاڻيڙي ۾
نانگ (ڏيو)
نانگ مٿي موريو، ويٺو ڪري سانگ
(22) ٻڪر کي ڏس ٻارهن پير، ٽي سؤ سٺ سڱن
سان شير (سال)
(23) اٺ وهنجي نڪتا، گهڙا ڪين
ٻڏن (ماڪ)
پرديسي ۽ پکيئڙا، ويٺا اُڃ مرن
(24) اڇو پاڻ ڪارو ويس، گهمڻ وڃي ديسان
ديس (خط)
(25) سائي صورت ٻه سؤ
ٻيڙا (تِر)
هڪ هڪ ٻيڙي سؤ سؤ ڪيڙا
(26) اس ڏسيو اسريو اچي، ڇانو ڏسيو ڇپيو
وڃي (پگهر)
(و) هيماري:
هي اَڏيءَ جو اهو قسم آهي، جنهن ۾ لڪ واري شيءِ
سونا، سون جهڙين يا ان سان مشابهت رکندڙ هوندي
آهي. هن قسم جون اَڏيون گهڻو ڪري ڍاٽڪي زبان ۾
هونديون آهن.
1- |
ڊگهي نس سين ڪونجڙي ويائي بيڪانير
ٻچا ڇڏيا ڪوٽڙي، پڳي جيسلمير. |
(کنوڻ) |
2- |
آڏي چيران، اُڀي چيران، چيران اوئي ري
پٺي،
ايي هيماري رو ارٿ ڪر، نه ته ايها
پرهو اُٿي |
(گدري) |
3- |
اَٺان ڪڙان ري وينجهڻي، نوان ڪڙان ري
ڏور
چڪور چاليا ساسرين، ڪوڻ اڏائي مور |
(نٿ) |
4- |
آساڙ مهيني اوپجي، اوئي نان ري نام
سيجان گنوائي سندري، لِهيجو ميرا نام |
(نموري) |
5- |
هٿ لال، پڳ لال ڇلا وينٽي وار
لعل موتي ڦٽڙا، هيران ملم هزار |
(وينڊو) |
6- |
هيم ورڻ، لاريان لڙڻ، ڇهه پک، پک چار،
هيماري هزار ري، سُرتا ڪرو ويچار |
(ڏينڀو) |
7- |
پڳ جهٻڪي پولري، هيئين جهٻڪي هار،
هيماري هزار ري، نيڻان سي نهار. |
(ٿڪ) |
پرولي
پرولي لفظ، پروئڻ مصدر مان نڪتو آهي، جنهن جي
معنيٰ آهي پوئڻ. اهو لفظ اصل ۾ پروئيل يا پروئل
آهي جيڪو پوءِ آهستي پروئلي ۽ پرولي سڏجڻ ۾ آيو
آهي.
پروئلي يا پرولي مان مراد آهي، اها شيءِ جيڪا
مالها وانگر پوتل هجي جنهن ۾ گهڻا مڻيا يا گهڻيون
لڙهيون هجن.
هي مضمون ۾ اَڏيءَ سان ملندڙ آهي مگر گهاڙيٽي ۾
ان کان مختلف هوندي آهي.
اَڏيءَ ۾ هڪ مصرعه يا ٻه مصرعون يا ٻه تڪون
هونديون آهن، پر پرولي ٻن مصرعن يا ٻن تڪن کان
وڌيڪ مصرعن يا تڪن واري هوندي آهي ۽ ڪي پروليون ٻن
مصرعن واريون به ٿين پر انهن ۾ وري گهڻن لفظن يا
گهڻي معنائن جي لڙهه هجي، جيئن پڳ پرولي ۽ پريت
پرولي ۾ آهي.
مضمون جي لحاظ کان هن جا هيٺيان قسم آهن:
(1) پار پرولي (2) پڳ پرولي (3) پور پرولي (4) پڙ
پرولي (5) پريت پرولي (6) پانڌ پرولي (7) ڏٺ
پرولي.
پريت پرولي
هن پروليءَ ڏيندڙ سوال ڪندو آهي ته ڦلاڻي
يا ڦلاڻيءَ کي ڦلاڻي اکر جي شروع م ڪهڙيون چار يا
پنج شيون پياريون آهن. جيئن:
(1)
ناري ٻولي نيهه سان، تون هو چتر سڄاڻ
پنج ’پ‘ تي پيارا پرش ني، تنهنجا ڪريو وکاڻ
جواب: پان، پاگهه، پدمڻي، پريمل1
۽ پوشاڪ (1ڪٽنب)
پنج پيارا پرش کي، ٻڌ پُڇ سڏ
۽ ڀاڳ
(2) ڌن ڌن تنهنجي ڌيان کي، ڌن
راجڪمار
پنج ’ڪ‘ تي پيارا ڪامڻي، چئي
ڏيکار
جواب:
1 2
3 4 5
ڪنڪو، ڪاجل ڪانگسي، ڪانچرئو ۽ ڪنٿ
پنـــــج پيـــــارا ڪامڻـــــي،
ســڻ پـــــرش سچنـــــت
(1- تلڪ 2- اک لاءِ 3- وارن لاءِ 4- اوڍڻ لاءِ 5-
ور، ڪانڌ)
ڏٺ پرولي
هن پرولي جي قسم ۾ ڪنهن هڪ لفظ سان چار
پايا ڳولهي لهبا آهن.
سيٺ ساهمي نه کڻي، هاري ٻڌي نه
هر (وٽ- ڪونهي)
ڏيــي نه ٻري تيل ٿو، واڻ نه جهلي ور.
مڃر نه ملي مند تي، لوڙهو
لتاڙجي (ڪنڊو- ڪونهي)
ڪرڙن پسي روڙجي، گيدي گل ڇني.
مينهن نه وٺو مند تي، فقير ڪئي نه
دعا (راضي- ڪونهي)
پرين پکي نه آئيو، ڪنوار لڙڪ وهيا.
راز نه رکيو رازدان، حڪيم هليو
ويو (دم- ڪونهي)
موٽر چالو ڪين ٿي، کاڄ نه ڪنئرو ٿيو.
پُڙَ پرولي
اها پرولي جنهن جي ڏيڻي ۽ ڀڃڻي ٻئي هڪ جيتريون،
يعني ٻن پڙن وانگي برابر هجن جيئن:
(1) ڏيڻي: چارئي اڇا اُجرا، چارئي
سدا سونهن
چارئي اوجر اک جو، چارئي واٽ
ورونهه
ڀڃڻي: اڇو پاڻي ڍنڍ جو، اڇي رات جي اڇ
اڇو ڪپڙو انگ تي، انگهُن اڇا رڇ
----
(2) ڏيڻي: چارئي ڪارا ڪارڻي، ڄارئي
سونهه سمونڊ
چارئي موهتَ من جي، چارئي چوکا
چنڊ.
ڀڃڻي: ڪاري رات قريب سان، ڪارا ڪيس قريب
ڪارا ڪڪر مندائتا، ڪاريون اکيون
عجيب.
(3) ڏيڻي: رڻ بن ۾ رونکڙو، ڪوڻ ڪري
بسواڙ؟
ڀڃڻي: يا تو رکي ڪڙه آپ رو، يا رکي ڪرتار.
پار پرولي
اها پرولي جنهن ۾ پار ۽ اهڃان ڏنل هجن، جن جي مدد
سان لڪ واري شيءِ کي ڳولبو آهي. جيئن:
(1) سائو ڏڙهو ڏاڍو، ڳاڙهو ڏڙهو ڪنئرو
ننڍو ننڍو کٽڙو، وڏو وڏو مٺڙو
رڌيو ته ڀاڄي، کائو ته ميوو
(ٽماٽو)
ليوو ٻاران ليوو، ليوو ٻاران ليوو.
(2) ست کليا ته ست وڌيا، ڇهه کليا، وڌ چار
پنج کليا، چار وڌيا، چار کليا ته به چار
ٽي کليا ته ٽي رهيا، ٻه کليا ٻه سار
هڪ کليو هٻڪار ٿي، اٺ گڏيا چار.
(اٺي راند جون ڪوڏيون)
(3) حڪم سڻ حڪيم جـــــي ٻـــه بندا بـــي
خبر، پيء ڌيء گڏجي پـــاڻ ۾ اچي بيٺا اندر بر،
پيء پرائي وس ٿي، کنيا وڙهـــــڻ خاطر ور،
ڌيء کي اڇلي کـــوه ۾، اچي ڪيائين اُلَرَ،
ات بيٺا هئا ميدان تي ڪيئن ماڻهو معتبر،
پر ڪنهن نه ڌي
غريب جي ڪا وڌي ڪئي واهر،
سڀڪنهن پئي ساراهيا پيء جــا انگ اکــــر، ٿيا
ڌڪن جـــــا ڌمچر، ڌي وڇڙي پــــيء کان.
(اِٽي ڏڪر راند)
پڳ (پير) پرولي
اها پرولي جنهن ۾ ڪنهن شيءِ جهڙا پار ٻڌائي، وري
انڪار ڪجي ته اها ڪونهي وري ٻي شيءِ جهڙا پار
ٻڌائجن ۽ ان جو به انڪار ڪجي، اهڙي طرح پڳ کڻي ان
جي ڳولا ڪجي، تنهن کي پڳ پرولي چوندا آهن. جيئن:
گول گول ڄاهي جيان ڄاهو ناهي
ڏاڙهي اٿس مڙس جان، مڙس به ناهي
ويس اٿس گيڙون پر صوفي ناهي
ڀريل آهي پاڻيءَ سان کلي به ناهي (ناريل)
پٺا اٿس ڪميء جهڙا، ڪمي به ناهي
پور پرولي
هيءَ پروليءَ جو اهو قسم آهي جنهن ۾ ڏيندڙ ڪنهن ڪم
لاءِ چوي ۽ ڀڃيندڙ ان لاءِ ڪاهيندو، پوريندو،
هوڪاريندو هلي ۽ نيٺ وڇي اتي پهچي، جيئن:
پرولي ڏيندڙ چوي ته:
”چنڊ کي پاڻي پياري ڏي!“
۽ ڀڃيندڙ اها هن طرح ڀڃي:
آڏي لاڪڙ، پاڏي لاڪڙ پاڏيءَ تي ساندارا
پي چڙهيا تارا، تارن مڃيو هور پي چڙهيو چور
چور هنئي تاڙي پي چڙهي ماڙي،
ماڙي لڳبو منڊ، پي چڙهيو چنڊ.
ساکيون
اَڏي ۽ پرولي جي امتحاني ۽ ذهني آزمائش کان پوءِ
ڏاهپ، عقل ۽ وِڄا جا ٻول اچن ٿا، جن کي ساکيون
چئجي ٿو، هن ۾ دليل سان دعويٰ ڪجي ٿي ۽ خبر جي
تصديق ڪيئن ڪجي اهو ٻڌائجي ۽ سيکارجي ٿو، مثال طور
مينهن جي خبر انهيءَ زمين کان پڇيو جتي مينهن پيو
هجي يا سيءَ جو اثر اَڪ تي ڏسو ۽ سخي جي سخاوت جو
حال منگتي کان پڇو. ڪهڙيون شيون يا عادتون ڀليون
آهن ڪهڙيون ڍليون آهن اها خبر ڪيئن پئي ساکين ۾
اُهو بيان آهي.
هڪ ئي ڏکيو:
مرنا مرنا سڀڪو ڪهـﻶ، مر نه جانـﻶ ڪوءِ،
ايــــک بــــــار ايسا مــرﻵ، که ڦر نه جينا
هوءِ.
هڪ ئي ڏکيو:
نيڻ پڌارت، نيڻ رس، نيڻين نيڻ ملنت
اڄـــــاڻ سين پريتڙي، آڦئي نيڻ ڪرنت.
ٻن جي سڃاڻپ:
ڀينگ نه ڀموو اڏريا، ٻنهي هيڪي هينگ
پيين تڏهـــــــان اوڙکي، او ڀمرو او ڀينگ.
ٻئي آزار:
ڇِنل جتي پير ۾، گهِر گهِر واري جوءِ،
جهڙيون آهن تهڙيون ڪونهي، ڏسيو ڌڻي پيو روءِ.
ٻئي تڪليف:
ڏاند وڏيرو، ڏٻرو، پوک پاڇاٽو پاند،
ڪڙمي لاءِ ڪمال چئي، اهي ٻئي وڻ وهاند.
ٻئي هڪ آچار:
ٻاڪرو ڦر، ڦنڊيو، ڇورو ڇِنو ٻار،
اَمُڙَ، اَجرا، اوجهڙا، ٻئي هڪ آچار.
ٻئي نه سُڌرن:
ڪڏهن ڀلو ڪين ٿئي، گولو ڀيلاڙو،
گڏهه گهوڙو نه ٿئي، ڪري گنگا جهيلاڙو.
ٽنها ٽنهه نه وسرين:
ڀوئا ڀيڙي نه ڀلي، ڀلو نه ڀاڻيجو
انت نه ڏجي استري، ٽنهي کان ڊڄو.
ٽئي ڪونه سڌرندا:
تُري هلندي آکڙي، ڪتو لڪي ٿانوَ
مهري پرگهر هندڻي، ٽيئي نه اچن ڏانوَ.
ٽئي گهڻا ڄاڻ:
باه، بيماري، دشمنيون، ٿورا مر هجن،
ڪجي ڊڄ ٽنهي کان، گهڻا ڄاڻجن.
ٽئي ڏکيا ٽول:
روئڻ، ڏيڻ، ڏيهه ڇڏڻ، ٽيئي ڏکيا ٽول،
سياڻپ سان صابر چئي، آه ڳڻن ڀري ڳول.
ٽنهي کي نه وسري:
هرڻ آکاڙ نه وسري، جنم ڀونءِ نران،
هاٿي نان ونديا جبل، وسرسـﻶ هران.
چاران چار نه وسرين:
موران نان ميهه نه وسري، منگت نه ڏاتار،
مَهيلي نان پيهر نه وسري، هاري نان ڀتوار.
چارئي چئن ساکي:
مينهان ساکي مارگو، سيئان ساکي اڪ،
ڏاتار ساکي منگتا، سوران ساکي ڌڪ.
چارئي چئن کي سڌارين:
ميهان سڌاري وڄڙلي، سر سڌاري پار،
ٻيٽو سڌاري ٻاڀ نان، گهر سڌاري نار.
چارئي چئن ڍڪ:
ڪوئا ڍاڪڻ ڍاڪڻو، کيتر ڍاڪڻ واڙ،
ٻاپ ڍاڪڻ ٻيٽڙو، گهر ڍاڪڻ نار.
چارئي نه ڀلا:
چيٽ چمڪيو نه ڀلو، وٺو ڀلو نه ڄيٺ
روٺو ڀلو نه راجوي، تروٽو ڀلو نه سيٺ.
چارئي ڀلا ڪين:
ڏيو ڀلو نه ڏوڪڙو، ليو ڀلو نه لاک
ڪوڙو ڀلو نه ڪوڪرو، سچي ڀلي نه ساک
پنجان پنج نه وسرين:
مينهن موران، بن ڪونجهران، آنٻارس سوئان،
ويڻ سچڻ، جنم ڀومي، وسرسين موئان.
(1. هاٿي، 2. انبن جو رس، 3. طوطو)
پنجئي ٽهڪنت، پجنئي ٻهڪنت:
اهر ڦلاري، سانول موڪون، اڀ ۾ وِڄ کنوت،
اونده ڏيو، پٻڻ پسارا، اُهي پنجئي ٻهڪنت.
پنجئي پهتا ڪين:
ٽوٽي طالب، خط لکيو، عاشق سان آرام،
اڄ کي سڀاڻي ڪري، پانڌي پروگرام.
پنجئي نڪ وڍيا:
ڇڙٻون جهلي اوطاقن ۾ مفت جي کائي ماني،
سر مان سمجهه ڪين ٿو، آکي سا گا ما پا ڌاني،
ڄاڻ نه آهي پنهنجي ڪا، ۽ دعويٰ همدداني،
پئسه پني پهرن مان، ۽ رکي ڪرامت ڪاني،
در تي ڪڪڙ ڏين ڌمالون، خان ڏيکاري خاني.
پنج مامرا:
اُڀ جتـﻶ آسرو، مرگها جتان ميهه،
ساسو جتان مامرو، ساڙان جتان نيهه،
ساڙي ري جتي ڏيڪري، مامري رو آيو ڇيهه.
(ڇو ته هو جيترو ڌيء کي ڀائيندو اوترو ڀيڻ کي نه
ڀائيندو).
اًٺئي اکين تي:
پيغام پريت جو، من گهريو مهمان،
مينهن آيو مند تي، دلبر مڪو دان،
حديث پاڪ رسول جي، مولا جو قرآن،
عيدون ٻئي آرام جون مهينو رمضان.
ڳُوڙها
’ڳوڙهو‘ نياپي جو اهو اونهو طريقو آهي،
جنهن جي اشارن سان فقط سياڻا ۽ سڄاڻ مطلب حاصل ڪري
هوشيار ٿي ويندا آهن ۽ هيء صنف ڳاهه وانگر آهي ۽
پر ڳاه جو مطلب ظاهر ۽ چٽو هوندو آهي ۽ ڳوڙهو ڏاڍو
اونهو هوندو آهي ۽ هِن ۾ عقل ۽ سڄاڻپ جو امتحان
هوندو آهي.
---
(1) هڪ پرديسي مسافر وطن کان پري هڪ کوهه
تي پهتو، اتي عورتن پاڻي پئي ڀريو. هن پاڻيءَ لاءِ
سوال ڪيو، جنهن تي هڪ سهڻيءَ عورت اچي هن کي پاڻي
پياريو ۽ پاڻي پيئڻ کان پوءِ جيئن مسافر منهن مٿي
ڪيو ته هنن جا نيڻ هڪٻئي سان مليا ۽ ٻئي مُرڪي پيا
۽ هڪٻئي کي هٿ جوڙ (نمستي) ڪيائون ان بعد اها عورت
هلي ويئي.
پرديسي اُتي بيٺو هو ته پاڻيارين مان هڪ هن ڏي ڏسي
هيٺين طرح ڳوڙهو ڏنو:
چار ملين، چؤسٺ کلين، بيسان ري ٿئـﻶ جوڙ
چارون مارگ سنگ ملين، سنگ نه اوئان رو ڇوڙ.
اهو ٻڌي هن مطلب پروڙيو ۽ اهو پڻ سوچيائين ته هوءَ
پاڻي پيارڻ واري ضرور هن جي واقف يا سهيلي آهي سو
ان جي پويان هلڻ لڳو. ڳوٺ ۾ پهچي هن عورت جيئن
پاڻيءَ جو دِلو هيٺ ٿي لاٿو ته مسافر کي هيٺيون
ڳوڙهو ڏنو.
اره گهوڙلو، مک ٻاڪرو، چيپڪ پڳڙا چار
ايي ڳوڙهي روا ارٿ ڪري، پڇي گهڙو اتاري نار.
هيءَ پهرين مصرع ۾ هرڻ جا ٻار آهن ۽ مسافر جو مطلب
هو ته اها هرڻيءَ جهڙي ڇڙڪ ۽ سهڻين اکين واري ڪير
هئي ۽ ڪيڏانهن وئي؟
اِهو ٻڌي عورت مسافر کي ورندي ڏني ته
وٽو ڪرائي وٽي پاڻي پاڻي را ٻي پاء
سکيان اجنبو ڏيکيو ڌڌست ڌڌسين جاء
اِنهي جو مطلب اهو هو ته جيڪا پاڻيءَ جي وٽيءَ ۾
ٻه پاءُ پاڻي جا وجهي، هٿ تي رکي توکي پياري وئي،
سا ڌڌست (پاڻي پٽ يعني موتي) هئي جيڪا پاڻي لاءِ
آئي، ۽ پاڻي سان گهر وئي ۽ هِن جي سکين اُهو سمورو
عجب جهڙو رنگ ڏٺو هو. اُن بعد هي اُن عورت وٽ
مهمان ٿي رهيو ۽ عورت گهر جي ڀرسان اوطاق ۾ رهايو
۽ رات جو عورت ڏٺو ته همراهه بيخيالو بي ڊپو سُتو
آهي. سو کيس هوشيار ڪرڻ جي خيال سان گهر اندران
بيهي ڳوڙهو ڏنائين ته
پٿر ست ري پتلي وڻ ست ري واس
اجيا ست رو اوڍڻو، رهي پُرش پاس.
پٿر جو پُٽ لوهه، لوهه جي ترار، وڻ جو پٽ ڪاٺ، ڪاٺ
جو مياڻ، اجياست يعني ٻڪريءَ جو پُٽ ٿيو ڇيلو، اُن
جي کل مياڻ مٿان چڙهيل آهي. سا ٻاهر ڪڍي هوشيار ٿي
ويهه، پرديس ۾ آهين غافل نه سُمهه.
ساڳئي رات عصر مهل اُن ڏٺو ته همراهه ٻاهر وري
غفلت ۾ سُتو آهي. مٿان کان مينهن تيار ٿي چڪو آهي.
۽ جي هي سُجاڳ نه ٿيو ته پُسي ويندو. سو گهران
بيهي وڏي آواز سان ڳوڙهو ڏنائين ته
تُڳيءَ منڊ، تاس رپ اُلٽ پُلٽ ڪر آء
بنسنت راء ڀمرا اُٺا، ڀمرا ست جڳاء.
يعني رات سينگار ڪيو آهي، (ڪڪر ٿيا آهن) اونداهي
جي دشمن اُلٽ پُلٽ ڪندي اچي، (کنوڻ ٿئي پئي) اي
مسافر توکي کٽولو کڻي اَندر ڪر، ۽ (ماکيءَ جو پُٽ)
ميڻ بتي ٻار.
(2) هڪ دفعي سانوڻ جي مُند ۾ ڪنهن عورت جو ڀاءُ هن
کي مائٽن ۾ وٺي وڃڻ آيو، ۽ عورت جي مڙس کان اجازت
وٺڻ لڳو. هِنن جي اُها گفتگو عورت به پئي ٻڌي ۽
هِن اُنهي سانوڻ مُند ۾ پنهنجي مڙس کان پري وڃڻ
نٿي چاهيو. سو اندرائين ڳوڙهو ڏنائين ته:
ڪاڳڙ کڙلي، ڀونگ، ڀونرا، مور هئا مئي مٿ،
ان رت پيهر نان ملين، ڪٺڻ هين را ڪنٿ.
(وِڄ کنوي پئي، نانگ جي لڳ جا ڏينهن آهن، ڀـﺆنر
گُل تي مست آهن، مور کيڙا پيو ڪري، اِن رُت ۾ اگر
محبوب نه ملن ته ڏاڍو مشڪل رُت ڪٽڻ ٿيندي.)
(3) هڪ عورت ڪنهن ڀان هٿ ڳوڙهو موڪليو ۽ چيو ته
جيڪو مرد هي ڳوڙهو ڀڃي موڪليندو، تنهن سان شادي
ڪندس.
جڪـﻶ(1) رونکهـﻶ(2) پائڙ سچري(3)،
ڪاگا نه ٻيسـﻶ ڪوء
اوئـﻶ رونکهـﻶ رو ڦــر ميلهـﻶ، مانرو سچو ساجن
هوء.
(1- وڻ 2- ميوو 3- ٿُٻي، اڀري)
ڀان ڏاڍو رُليو پر ڪٿان به جواب ڪونه مليو آخر هڪ
سڄاڻ نوجوان هن کي جواب ٻڌايو جيڪو ڀان وڃي عورت
کي پيش ڪيو ۽ اهو صحيح هو ۽ عورت ان مرد سان شادي
ڪئي.
جواب: ماتا(4) اسکــي مهراڻ بسـﻶ،
پتا بسـﻶ اوڪاس(5)،
جهونا ڪهو تو هيڻان مهلان، نبا اسو ري مانس
(4- سپ، موتي 5- مينهن)
(4) هڪ ڀان ڳوڙهو موڪليو ته جيڪا عورت ڀڃندي ان
سان شادي ڪندس.
رڻ بن ۾ رونکڙو، جڪـﻶ ري ڪوڻ ڪري بسواڙ.
آخر هڪ عورت ڀان کي جواب ڏنو ته:
جان تورکـﻶ ڪڙه آپ رو، جان تو رکهـﻶ ڪلتار.
(5) هڪ عورت جي گهر اُن جو مُڙس آيو، هُن مڙس
لاءِ ٻوڙ تيار ڪيو پر گهر ۾ مِرچ ڪونه هئا، اُنڪري
پاڙي واريءَ سُگهڙ عورت کان گهرڻ وئي، اُتي ٻيون
عورتون ويٺل هيون، اُنڪري هِن ڳوڙهي ۾ ڳالهه ڪئي.
بڇون جهڙي بنڪڙي، بيسان سينگان هوءِ،
مان گهر آيا پرامڻا، ٿان گهر هوءِ توڏيوءِ.
هو عورت سمجهي وئي ۽ کيس مرچ ڏئي روانو ڪيائين.
(6) سالو مهمان ٿي آيو، گهر ۾ ڪجهه ڪونه هو، خالي
پئي ويو ۽ وڃڻ جي تياريءَ ۾ هو ته زال مڙس کي عرض
ڪيو ته:
بڙسارو آويو نِه، بڙسارو پيو جاءِ،
بڙساري جاوتـﻶ، لاج گهران ري جاءِ.
(7) سالو آيو گهر ۾ سُتو پيو هو ته مٿان ڇِت مان
ڪارو نانگ هيٺ لڙڪيو ۽ زال ڏسي ورتو سو اٽڪل سان
مڙس کي چيائين ته:
بڙسارو آويو، ماٿي نسري ڪار،
بوٺو تو مرجائـﻶ، اڻ بوٺي سُڪار.
(8) پيا نـــــه پيا، لـــــيا نه
لـــــيا، ديا نـــــه ديـــــا، کيا نـــــه کيا.
جواب: مستي سين مهراڻ بهـﻶ، تو کونپ کـــا نير
پيا نه پيا
جــــــس دل ۾ رب رحمان بسـﻶ، اور کــا نام ليا نه
ليا
کـــــــرم جوڳ سپاتر
ملـﻶ، کپاتر کو دان ديــــا نه ديا
اونچـﻶ اوپڄا سنگ ملـﻶ، تو نيچ سـﻶ سنڱ کيا نه
کيا.
(هلندڙ)
|