ميرزا فياض علي بيگ
حيدرآباد
ديوانِ معمور تي هڪ نظر
نومبر 2020ع ۾ نورچشم ميرزا دبير حسين بيگ مون کي
’ديوانِ معمور‘ ڏيندي چيو ته هيءُ ديوان مرحوم
معمور يوسفاڻي جو آهي، سو پڙهي ان بابت پنهنجي
راءِ به لکي ڏيو ۽ جي اوهان کي ان بابت معلومات
هجي يا اوهان جي ان سان واقفيت ۽ ملاقات ٿيل هجي
ته اهڙو احوال به لکي ڏيو. معمور صاحب جو نالو
ٻُڌي اڄ کان اٽڪل لڳ ڀڳ پنجاهه سال اڳ جون يادون
ذهن تي تري آيون ۽ معمور سان ملڻ، ملاقات ڪرڻ ۽
سندن ڪلام سندن ئي زبان مان ٻڌڻ جا منظر اکين آڏو
ڦرڻ لڳا. سندن شخصيت ۽ ڪلام کان ان وقت ئي متاثر
ٿيل هوس. سو دبير کان ’ديوان معمور‘ وٺي ٻه چار
صفحا اٿلايم ته يارهين صفحي تي محترم عبدالقيوم
صائب جو لکيل مهاڳ ’ديوانِ معمور تي سرسري نظر‘
جيڪو ٽيويهن صفحن تي ڇپيل ڏٺم. تڏهن اندازو لڳايم،
واقعي ’ديوانِ معمور‘ ۾ صائب ڪا خاص خوبي ڏٺي
هوندي، تڏهن ئي هن اهو سٺي نموني تحقيق سان مهاڳ
لکيو آهي، صائب صاحب سان منهنجا پنجونجاهه سالن
کان تمام ويجها دوستانه تعلقات رهيا آهن هر ڏينهن
اسان جي ملاقات ٿيندي ۽ ڪلاڪن جا ڪلاڪ ڪچهري پئي
هلندي هئي. آءٌ هُن جي طبيعت جو چڱي طرح واقف
آهيان هي جهڙي تهڙي شاعر ۽ اديب کي ليکي ۾ ئي ڪونه
آڻيندو هو، سو هن جو معمور جي ديوان تي چڱو خاصو
مهاڳ لکيو ته سمجهي ويس ته صاحبِ ڪلام جو ديوان
صائب وڏي ڄاڻ ۽ محنت سان ڪلام جي چونڊ ڪري ان جا
مثال ڏنا ۽ انهن بابت پنهنجي راءِ به ڏني آهي.
منهنجي خيال ۾ صائب جهڙي ڪهنه مشق شاعر ۽ علم عروض
جي ماهر جنهن خود علم عروض تي بهترين ڪتاب ’عروض
جا اهڃاڻ‘ لکيو آهي، سو ديوانِ معمور تي پنهنجي
عالمانه، شاعرانه ۽ ناقدانه راءِ ڏئي ته اها متفقه
طور مستند ۽ مصدق راءِ سمجهي وڃي. هاڻي ان جي راءِ
ڏيڻ کان پوءِ ٻي ڪنهن کي پنهنجي راءِ ڏيڻ جي
گنجائش نظر نٿي اچي؛ مگر هر شاعر اديب ۽ هنرمند کي
پنهنجي راءِ ڏيڻ جو پورو پورو حق آهي. صائب صاحب
جيڪي مهاڳ ۾ مثال طور غزل ڏنا سي پڙهي وري ديوان
مان غزل پڙهيم ته معمور صاحب جي سٺي غزل گو شاعر
هئڻ جي پروڙ پئي ۽ پنهنجي ٿوري گهڻي ڄاڻ آهر، هن
جي غزلن تي ڪجهه پنهنجي راءِ ڏيڻ جي همت ساري ڪجهه
راءِ ڏني اٿم.
محترم ڊاڪٽر اسد جمال پلي، ’ديوان معمور‘ جو مرتب
ڪندڙ، معمور صاحب جو لائق فائق فرزند آهي، جو پاڻ
خود به اديب ۽ بهترين شاعر آهي جنهن ’ديوانِ
معمور‘ تي عالمانه رنگ ۾ مفصل مقدمو لکيو آهي،
جيڪو ستن صفحن تي مشتمل آهي. جنهن ۾ هن معمور صاحب
جي گو مختصر مگر هڪ جامع سوانحِ حيات لکي آهي، جا
هر پهلو کان مڪمل آهي، جنهن ۾ سندس زندگي، تعليم،
نوڪرين جي احوال سان گڏ هن جي علمي ادبي ڪاوش ۽
شاهڪارن جو به احوال ڏنل آهي، پاڻ جن علمي ادبي
ثقافتي ادارن سان وابسته رهيو، علمي ادبي محفلن،
مشاعرن، ڪانفرنسن ۾ شريڪ ٿيو ۽ وري خود به جيڪي
علمي ادبي ڪانفرنسون ۽ مشاعرا ڪرايا تن جو به
احوال ڏنل آهي. ڊاڪٽر صاحب جو لکيل احوال معمور
صاحب جي مهد کان لحد تائين جو گويا دريا ڪوزي ۾
سمايل مثال آهي.
مون ’ديوانِ معمور‘ جو مهاڳ ۽ مقدمو پڙهي پوءِ غزل
پڙهڻ شروع ڪيا، آخر سڄو ديوان پڙهي ويس ۽ سندن غزل
پڙهندي آئون هن نتيجي تي پهتس ته معمور قديم ۽
جديد شاعري جي وچين دؤر جي اهم ڪڙي آهي، جيڪو ٻنهي
دؤرن جي عروضي شاعريءَ جو بهترين شاعر آهي. هن جي
غزلن کي پڙهندي ٻنهي دؤرن جي شاعريءَ جي جهلڪ
نمايان نظر اچي ٿي، هن جي دؤر ۾ قديم دؤر جي شاعرن
مان محمد بخش واصف، ڊاڪٽر شيخ محمد ابراهيم خليل،
مراد علي ڪاظم، حاجي محمود خادم ۽ ٻيا شاعر هئا ۽
شاعريءَ جي ميدان ۾ قديم شاعري جا آثار ۽ اهڃاڻ
اڃان موجود هئا جن شاعرن جي ئي نقش قدم تي هلندي
ان دؤر جي رواج موجب ئي هن شاعري ڪئي، جنهن جي
ابتدا هن مولودن سان ڪئي جيڪا پڻ سنڌي شاعري جي
صنف آهي. جنهن ۾ فقط واحد جي واکاڻ ۽ رسولِ مقبول
ﷺ جي ساراهه ئي بيان ڪئي ويندي آهي.
معمور يوسفاڻي جو فنِ شاعري ۾ استاد سيد گل حسن
شاهه مجذوب عمرڪوٽي هو. هن ابتدا ۾ پنهنجي ذات پلي
کي تخلص طور ڪلام ۾ آندو پوءِ ’معمور‘، ’خالد‘ ۽
’غمناڪ‘ تخلص اختيار ڪيائين ۽ پوءِ آئينده هلي هن
’غمناڪ‘ تخلص اردو شاعريءَ لاءِ مخصوص ڪري ڇڏيو.
معمور يوسفاڻي جي ايوانِ شاعريءَ ۾ اچڻ کان اڳ سنڌ
جي ايوان شاعري ۾ جديد دؤر جي شاعري پنهنجا قدم
ڄمائي چڪي هئي، جنهن جا نمائنده شاعر مخدوم محمد
زمان طالب الموليٰ، عطا محمد حامي، عبدالڪريم
گدائي، احسن الهاشمي، غلام محمد گرامي، عبدالقيوم
صائب، شيخ اياز، نياز همايوني، تنوير عباسي،
پروانو ڀٽي، محبوب سروري، امداد حسيني ۽ ٻيا گهڻا
شاعر ايوان شاعري ۾ ايندي جديد شاعري سان شاعري جا
ڪايا پلٽي ڇڏي ۽ جن سنڌي شاعري کي نوان موڙ ڏنا.
اسان جي ميرزا خاندان مان قديم دؤر جي شاعرن ۾
ميرزا علي محمد بيگ ’مظفر‘، ميرزا گل حسن
’احسن‘ ڪربلائي، ميرزا علي بخش بيگ ’ڪوثر‘ ۽ جديد
دؤر جي شاعرن ۾ ميرزا حامد علي، ميرزا عباس علي،
ميرزا سلطان حيدر، ميرزا فتح علي شاهد ۽ راقم
الحروف سنڌي غزل گو شاعرن نمايان نظر اچن ٿا.
معمور يوسفاڻي جيئن ته تمام ذهين ۽ هوشيار هو،
جنهنڪري هن جديد شاعري ڏي قدم وڌائي جديد منقبت ۾
به طبع آزمائي ڪري ڪاميابي حاصل ڪئي.
غزليه ديوانن جي شروعات گل محمد هالائي ۽ محمد
قاسم هالائي ڪئي جن جا ديوان ڇپيل آهن. مسالمه
ديوان جي شروعات ميرزا فتح علي بيگ ’فتح‘ ڪئي،
سندس سنڌي سلامن جو ديوان ’ڪليات فتح‘ جي نالي سان
سال 1995ع ۾ شايع ٿيو. ان جي نقش قدم تي هلندي
راقم
الحروف پڻ مسالمه ديوان مڪمل ڪيو، اهڙي طرح ڪن
شاعرن حمديه ديوان، نعتيه ديوان ۽ منقبت ديوان پڻ
لکيا جن مان ڪي ڇپيل آهن.
ديوانِ گل کان اڄ تائين لڳ ڀڳ سؤ سوا سؤ کن غزليه
ديوان ڇپجي چڪا آهن ۽ ڪيترا اڃان قلمي صورت ۾
محفوظ آهن. مون خود 1965 کان شاعري شروع ڪئي ۽
گهڻو توجهه غزل ڏي ڏنم. ان وقت ڇپيل ديوان پڙهيم،
جن سڀني ديوانن جهڙوڪر مون کي غزلن جو ديوانو
بنائي ڇڏيو، جنهن جي نتيجي ۾ 1970 ۾ غزلن جو مڪمل
ديوان لکي ورتم، جنهن تي مهاڳ محترم عبدالقيوم
صائب لکيو ۽ پاڻ ئي ان جو نالو ’ڪُنيءَ منجهه ڪڻا‘
رکيو جيڪو 1993 ۾ شايع ٿيو.
ديوانِ معمور جي اشاعت سان هڪڙي وڌيڪ غزليه ديوان
جو اضافو ٿيو آهي. هن ديوان ۾ هڪڙي خاص خوبي اها
آهي جو هر غزل جي آخر ۾ تاريخ، مهينو، سال ۽ هنڌ
ڄاڻايل آهي. هن ديوان ۾ اٽڪل هڪ سؤ سٺ غزل ڏنل
آهن، جي سنڌي الف-ب جي ٻاونجاهه اکرن تي لکيل آهن،
معمور صاحب هڪڙي لفظ (آ) جو واڌارو آڻي ان تي غزل
لکيو ان کان اڳ مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ ڪن
اکرن جو اضافو ڪري انهن اکرن تي غزل چيا ۽ هر غزل
جي آخر ۾ تاريخ، مهينو ۽ سال ڄاڻايل آهي. ’ديوان
طالب الموليٰ‘ ٻه دفعا شايع ٿي چڪو آهي.
محترم معمور جا غزل فصاحت و بلاغت رواني سلاست سان
لبريز آهن، جي سڌي سنواٽي سنڌي زبان ۾ چيل آهن. جن
۾ فارسي ٻولي جي لفظن جي اجائي ڀرمار به نه آهي،
نه ئي وري ڪي فارسي ترڪيبون، تمثيلون، استعارا،
ڪنايه، صنايع بدايع سان رچيل آهن. غزلن جي مصرعن
جي جوڙجڪ سٽاء جيئن تسبيح ۾ موتي پوتل هجن بلڪه
موتيءَ جون سِرون هجن. هر غزل رواني سان بنا هٻڪ
جهجهڪ جي پڙهڻ سان لطف اچيو وڃي. غزل جي هر بند تي
بي ساخته زبان تي واهه واهه... سبحان الله جا جمله
جاري ٿيو وڃن. محترم معمور يوسفاڻي ان سلسلي ۾
اڪيلو نه آهي، سنڌيءَ جي هر غزل گو شاعر جي غزلن ۾
اهي خوبيون نمايان آهن، معمور صاحب ڄڻ انهن مان
ڪِن جو پيروڪار ته ڪن جو هم پله ساٿي ۽ همعصر آهي
پاڻ پنهنجي دؤر جو سنڌي غزل جو نمائندو آهي.
معمور صاحب عروضي اصناف سخن جي ڪيترين صنفن تي شعر
چيا آهن سندس شاعري جا ڇٽيهه مجموعه مڪمل ڪيل آهن،
کيس اصناف سخن ۾ هر فن مولا چئجي ته ڪو وڌاءُ نه
آهي. معمور صاحب مشاعرن جو ڪوڏيو هو. هن ڪيتريون
بزمون قائم ڪيون، جن ۾ پاڻ اڳواڻ به هو ته سرواڻ ۽
روح روان به هو. هن وڏن وڏن مشاعرن ۾ ۽ وڏن وڏن
نامور شاعرن جهڙوڪ مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ،
ڊاڪٽر محمد ابراهيم ’خليل‘ ۽ ٻين جي صدارت ۾ ٿيندڙ
مشاعرن ۾ شريڪ ٿي پنهنجو ڪلام پڙهي دادِ سخن حاصل
ڪندو رهيو.
معمور صاحب، مخدوم صاحب جي علمي ادبي خدمات ۽
شاعرانه عظمت پرکيندي ان جي نالي سان پنهنجي تر ۾
بزمِ طالب الموليٰ جون شاخون قائم ڪرايون، جنهن جي
سهاري هيٺ ڪيترا مشاعرا ۽ ڪيتريون ادبي علمي،
ثقافتي ڪانفرنسون ڪرايون. هتي هڪ ڳالهه لکندو هلان
ته سڄي سنڌ ۾ تمام گهڻي ۾ گهڻن مشاعرن جي صدارت
مخدوم صاحب جن ڪئي، سڄي سنڌ ۾ سندن نالي سان
ڪيتريون ئي بزمون قائم ٿيل آهن، اهڙي طرح سڄي سنڌ
۾ ڪيترا شاعر سندن شاگرد آهن.
مخدوم صاحب بيشڪ مردم شناس، آشنائي سخن هو، پاڻ
معمور صاحب ۾ انسانيت، ماڻهپو ۽ سٺي شاعر هئڻ
واريون خوبيون پسي سندس همت افزائي ڪندا هئا ۽
معمور طرفان ڪرايل هر مشاعري ۾ ان جي دعوت تي
مشاعري ۾ شريڪ ٿي مشاعري جي صدارت به ڪندا هئا ۽
پنهنجو ڪلام به پڙهندا هئا.
’ديوانِ معمور‘ جو پهريون غزل حمد رباني ۽ مناجات
آهي، جا بيماري ۽ مشڪل جي وقت ۾ پنهنجي رب پاڪ کان
جيڪي پنهنجي لاءِ گهرڻ چاهي ٿو، ان جو هن طرح
اظهار ٿو ڪري:
ڪر عنايت ۽ عطا منهنجا خدا،
بخش ڪر منهنجي خطا منهنجا خدا،
مرض هن معمور مذنب جي سندو،
تون ئي دارون تون دوا منهنجا خدا.
معمور هي مناجات بيماري جي عالم ۾ چئي آهي، جو چوي
ٿو ته تون پنهنجي عنايت ۽ عطا سان منهنجي خطا بخش
ڪر جو مون گنگهار جي مرض جي تون ئي دارون تون ئي
دوا آهين.
صنعت ڪنايه:
سگِ در ٿي گذارڻ ۽ رکڻ بس ڀروسو تنهنجو،
اهو آ منهنجو مذهب ۽ اهوئي منهنجو ايمان آ.
هي شعر هڪڙي غزل جو بند آهي اگر هن شعر کي نعتيه
شاعري ۾ شمار ڪجي ته بهتر آهي، جو معمور چوي ٿو ته
تنهنجي در تي ڪُتو ٿي گذارڻ ۽ تو ۾ ئي ڀروسو رکڻ
اهوئي منهنجو ايمان به آهي ۽ منهنجو مذهب آهي. هي
حضورِ ڪائنات لاءِ چيل آهي هي ڪنايه آهي ڪنهن ڏي
اهو اشارو آهي ڪنهن جي درجو ڪُتو ٿي گذارڻ ۽ ان ۾
ئي ڀروسو رکڻ سوئي منهنجو مذهب به آهي ۽ اهوئي
منهنجو ايمان آهي.
تغزل:
هي اصل ۾ غزل جي جان آهي جنهن ۾ عاشق و معشوق جي
عشق عاشقي جون قرب ڀريون ڪچهريون هجر و وصال وڇوڙي
جو درد ڀري انداز ۾ بيان ڪرڻ:
داستان ڪهڙا چوي دل، دوست جي دستور جا،
شيوهء جور و جفا جا درد جا ناسور جا.
دوست جي دستور جا دل ڪهڙا ڪهڙا داستان ٻڌائي، جي
دستور شيوة جور و جفا، درد ۽ ناسور‘
جا آهن.
انڪري شڪوي شڪايت کان رهان باز ٿو مان،
ڏين مهڻا محب کي ماڻهو متان معمور جا.
معمور چوي ٿو ته آئون انهي ڪري شڪوي شڪايت کان باز
رهان ٿو، متان منهنجي محب کي ماڻهو منهنجا مهڻا
ڏين.
ڪن کي دنيا، ڪن کي دلبر، ڪن کي ٻي دولت نصيب،
عاشقن کي آ هميشه هاءِ غم حسرت نصيب.
شاعر چوي ٿو ته هن دنيا ۾ ڪن کي دولت ته ڪن کي
دلبر ته ڪن کي وري ٻي دولت نصيب ٿئي ٿي، مگر عاشقن
کي هميشه ئي هاءِ غم ۽ حسرت نصيب ٿي ٿئي، جا سندس
نصيب ۾ لکيل آهي:
عاشقن جي آه کان لرزن زمين و آسمان،
خوش نصيب آهيان جو ٿيئڙي عشق جي آفت نصيب.
عاشقن جي آه ۾ ايڏو اثر آهي جنهن کان زمين ۽ آسمان
ڏڪيو وڃن مگر آئون اهو خوشنصيب آهيان جنهن کي عشق
جي آفت نصيب ٿي آهي.
آرزو آ، مون کان پوءِ من ٿئي معمور کي،
در اڳيان دلدار دلبر يار جي تربت نصيب.
معمور جي اهائي آرزو آهي ته کيس مرڻ کان پوءِ
دلدار جي در اڳيان مدفن ٿيڻ لاءِ تربت نصيب ٿئي.
ناز سان نازڪ بدن لاٿو نقاب،
ڄڻ ڪڪر مان منهن پسايو ماهتاب.
هن شعر جي پهريون مصرع ’نازڪ بدن لاٿو نقاب‘ ڪنايه
آهي ۽ ٻي مصرع ۾ يار جي منهن کي ماهتاب چپن سان
تشبيهه ڏنل آهي. نازڪ بدن جڏهن ناز سان نقاب ٿو
لاهي ته سندس بدن ائين ڏسڻ ۾ ٿو اچي گويا چنڊ ڪڪرن
مان پنهنجو مُکڙو پسايو هجي.
گلاب، موتيو چنبيلي مسرور رهن ٿا جيئن ڪنهن چمن جي
زينت،
غرور مستي ۽ ناز نخرو ٿين ٿا سيم تن جي زينت.
جيئن زينت گلاب موتيو ۽ ٻيا گل آهن، تيئن غرور
مستي ناز نخرا ئي سيم تن جي زينت آهي.
عشق هر انسان جي لئه آه ائين،
اُٺ کي ناڪيلي ڍڳي جي لاءِ نٿ.
هر انسان لاءِ عشق ائين آهي، جيئن اُٺ جي نڪ ۾
ناڪيلي ۽ ڍڳي جي نڪ ۾ نٿ پيل هجي. هتي اُٺ کي
ناڪيلي ۽ ڍڳي کي نٿ تشبيهه طور ڪم آندل آهي، جو
شاعر چوي ٿو ته عشق ئي عشق ڪرڻ واري انسان لاءِ
اُٺ واري ناڪيلي ۽ ڍڳي واري نٿ آهي جو ان کي قابو
ڪيو ڇڏي.
ديدار سڄڻ يار پسائي ته ڪڏهن وڃ،
اکين سان اچي اکيون ملائي ته ڪڏهن وڃ.
شاعر پنهنجي سڄڻ يار کي چوي ٿو ته ڪڏهن ته پنهنجو
ديدار ڪرائي ۽ چار اکيون ڪري اکيون اکين سان ملائي
وڃ.
تون ئي چئه توسان ڪريان وعدي وفا ڪهڙي طرح،
حڪم تنهنجو اي سڄڻ آڻيان بجا ڪهڙي طرح.
شاعر پنهنجي سڄڻ کي چوي ٿو ته تون ئي کڻي مون کي
ٻڌاءِ ته آئون ڪهڙي طرح پنهنجو وعدو وفا ڪريان ۽
تنهنجو حڪم آئون ڪهڙي طرح بجا آڻيان:
تون سهارو زندگي جو درد جو درمان تون،
زندگي ٿيندي بسر توکان سوا ڪهڙي طرح.
جڏهن تون ئي منهنجي بچائڻ لاءِ سهارو آهين، درد جي
دوا آهن ته پوءِ منهنجي زندگي توکان سواءِ ڪهڙي
طرح گذرندي.
منهنجي خطا نه ڏس تون پنهنجي عطا کي ڏس،
پنهنجي ڪيل پرين تون وعده وفا کي ڏس.
شاعر پنهنجي پرين کي چوي ٿو ته تون منهنجي خطا ڏي
نه ڏس مگر پنهنجي عطا ڏي ڏس، جو منهنجي خطا کان
تنهنجي عطا وسيع آهي توکي ئي پنهنجو ڪيل واعدو وفا
ڪرڻو آهي:
نجس ڏينهن ختم ٿي ويا وقت آيو آ سعيد،
مهر سان محبن ڪيا پورا اچي واعدا وعيد.
شاعر چوي ٿو هاڻي منحوس ڏينهن ختم ٿي ويا، جو سٺو
وقت اچي ويو آهي، جو پنهنجي مهر و عطا سان محبن
پنهنجا واعدا پورا ڪيا.
”هم نشينو وقت جي رفتار جون ڳالهيون ڪريون“ هي
مصرع طرح بزم خليل يا حيدرآباد جي ڪنهن شاعر
مشاعري لاءِ ڏني، جنهن تي گهڻن شاعرن غزل چيا آهن
۽ مصرع سال 1955ع ۾ ڏنل آهي. معمور صاحب طرح تي
غزل چيو، جنهن غزل تي 7- آگسٽ 1955ع تاريخ لکي آهي
۽ غزل ساماري ۾ چيل آهي.
حال ۾ ڇا حال آهي حال جو جانچي ڏسي،
هم نشينؤ وقت جي رفتار جون ڳالهيون ڪريون.
معمور صاحب جو خيال تمام سٺو ۽ وقت جي رفتار مطابق
آهي جو چوي ٿو ته حال ۾ ڇا حال آهي جو ويهي حال
جانچي ڏسي سو ڇڏي گڏ ويٺل اچو ته ويهي اڄ زماني جي
رفتار جون ڳالهيون ڪريون.
جيئڻ توڙي مرڻ منهنجو مٺا توسان آ،
سوا تنهنجي نه منهنجي درد جو ٻيو ڪوئي درمان آ.
معمور پنهنجي محبوب کي چوي ٿو ته منهنجو جيئڻ توڙي
مرڻ توسان آهي ڇاڪاڻ جو توکان سواءِ منهنجي درد جو
ٻيو ڪوبه درمان ناهي.
سندئي ديواني جي ديوانگي جيئن ٿڌ ٿئي تيئن وڌ،
اڳي هو چاه دامان، هاڻ بس چاه گريبان آ.
سنڌي ۾ پهاڪو آهي ته جيئن ٿڌ تيئن وڌ، سو معمور به
چوي ٿو ته تنهنجي ديواني جي ديوانگي ڏس ته جيئن ٿڌ
تيئن وڌ سو اڳي ته کيس دامن جو چاه هو ۽ هاڻي فقط
گريبان جو چاهه اٿس:
سهاري تنهنجي ڌاران اي سڄڻ ساحل تي رسبو ڪيئن،
طلاطم خيز لهرون رات ڪاري تيز طوفان آ.
طلاطم خيز لهرون ٻيو رات اونداهي مٿان وري تيز
طوفان انهي سڀني کي تنهنجي سهاري کانسواءِ ڪيئن
منهن ڏيئي ساحل تائين پهچندس.
نه آ معمور کي درڪار دنيا جي، نه دولت جي،
هميشه گڏ هجان توسان اهوئي دل ۾ ارمان آ.
معمور کي دنيا ۽ دولت نه گهرجي، بس هن جي دل جو
اهوئي ارمان آهي ته هي هميشه توسان گڏ هجي.
معمور صاحب جي ديوان ۾ تغزل جا نادر نمونا آهن جن
مان مثال طور چند پيش ڪيا اٿم.
صنعت مقلوب:
هن صنعت تي چيل غزل جي پهرين مصرع جو پويون حصو
مصرع جي ابتدا مهڙ ۾ آڻبو ۽ پهرين مصرع جو ابتدا
وارو حصو ٻي مصرع جي آخر ۾ آڻبو:
اڃان وري نه واڳ ٿي، نه واڳ ٿي وري اڃان،
اڃان پري مفاصلو، مفاصلو پري اڃان.
اڃان ڀري نه پير ٿو، سڄڻ وفا جي راه
تي،
وفا جي راهه تي سڄڻ، نه پير ٿو ڀري
اڃان.
اڃان ٽري نٿي بلا، پڪاريم رڙيون ڪري،
رڙيون ڪري پڪاريم، بلا نٿي ٽري اڃان. |
هن غزل ۾ مقطع آخري بند ڏنل نه آهي، نه ئي وري
تاريخ، مهينو، سال ۽ هنڌ ڄاڻايل آهي.
تنهنجي در جا اچي دربان ٿيا، سلطان
هزارين مان نه رڳو.
تنهنجي محبت ۾ مستان ٿيا، انسان
هزارين مان نه رڳو،
دک درد جهان جا دور ٿيا، مغموم وري
مسرور ٿيا،
مسرور ٿيا ’معمور‘ ٿيا، شادان هزارين
مان نه رڳو. |
هي غزل مولوي عبدالغفور همايوني جي غزل جي تتبع
آهي ان غزل جو مطلع هن طرح آهي:
تنهنجي زلف جي بند ڪمند وڌا زندان هزارين مان نه
رڳو،
تنهنجي شاهي دسترخوان مٿي مهمان هزارين مان نه
رڳو.
شيخ اياز جهڙي شاعر به ان غزل جي تعريف ڪندي پاڻ
خود ان غزل جو تتبع ڪيو. محترم نياز همايوني اڄ
کان ويهارو سال کن اڳ بحرِ طويل ۾ ڊگها نظم چيا جي
اخبارن ۾ شايع ٿيندا هئا، جن ۾ ڪي مزاحيه نظم به
هئا. نياز صاحب کي مٿين غزلن تي تتبع ڪرڻ جو خيال
اچي ويو ۽ غزل لکڻ شروع ڪيائون، آئون وٽن روزانه
سندن آفيس ۾ ويندو هوس. پوءِ هڪ دفعي سندن آفيس ۾
آيس ته مون کي ان غزل جي باري ۾ ٻڌائي چيائون ته
آئون ان غزل ۾ شيطان قافيو آڻڻ ٿو چاهيان، مگر غزل
جي آخري تڪ ”مان نه رڳو“ هئڻ سبب شيطان لفظ آڻڻ
ذهن تي نٿو اچي، ته اهو ڪيئن آڻيان. مون ٿورو سوچي
کين ان شيطان رديف تي في البديهه بند ٻڌايو:
آدم کي چيو منهن سامهون اچي شيطان لعين، هي ياد
تون رک،
منهنجا پوئلڳ پيروڪار ٿيندا شيطان هزارين مان نه
رڳو.
نياز صاحب کي بند دل سان پسند آيو جنهن پني تي پاڻ
اهو غزل لکي رهيو هو، ان تي هڪ پاسي منهنجي نالي
اهو بند لکي ڇڏيو، اتي مون ٻيو بند چيو، جنهن ۾
حضرت آدم عليہ السلام کيس جواب ٿو ڏي:
آدم ته چيس هي ياد تون رک گڏ توتي ڪل ملائڪ پڻ،
تا حشر پيا لعنت ئي ڪندا انسان هزارين مان نه رڳو.
نياز صاحب هي بند به ساڳي ڪاغذ تي منهنجي نالي سان
لکي ڇڏيو.
مئي، ميخوار رند، ميڪدو، ميخانه، پيمانه، ساقي،
صراحي، مستي ۽ مستانه، مينا وغيره غزل جا ڪردار
آهن، معمور ان بابت ڇا ٿو چوي:
پيئڻ کان انڪري محروم رهيس ميڪدي ۾ مان،
رخ مهتاب جي اڳيان نه پيمانه نظر آيا.
آئون ميڪده ۾ مئي پيئڻ کان انڪري محروم رهجي ويس
جو چنڊ جي منهن جي اڳيان مون کي پيمانه ڏسڻ ۾ نه
آيا ڇاڪاڻ جو چنڊ جي منهن جي چانڊوڪي هئڻ سبب آئون
مئي پي نه سگهيس، هتي رخ مهتاب ڪنايه طور ڪتب آندل
آهي.
متان ٿي ميڪدو مسجد پوي ٿيو خوف رندن کي،
جڏهن معمور ميخاني ۾ مولانا نظر آيو.
واعظ، ناصح، زاهد، پارسا، شيخ، ملا پڻ غزل سان
لاڳاپيل آهن. شاعر چوي ٿو ته رندن کي اهوئي خوف
آهي، متان ميڪدو مسجد نه ٿي پوي، ڇاڪاڻ جو جڏهن
کيس ميخاني ۾ مولانا نظر اچي ٿو.
آيو سنبري هو نصيحت ڪاڻ شيخ،
جام هڪ سان بڻيو جوهر جاڻ شيخ.
شيخ پاڻ نصيحت لاءِ سنبري آيو مگر پاڻ خودئي هڪڙي
جام سان جام جو جوهر بڻجي ويو.
سپاهي سڀئي ڪسن ۽ ڪسجن ٿا جنگين جي موقعن تي،
مگر هي مينوش رند هردم ٿين ٿا دار و رسن جي زينت.
سپاهي ته رڳو جنگ ۾ هڪڙوئي دفعو ڪُسجن ٿا، مگر رند
مئي پيئندڙ هردم پيا ڪُسجن، جي ڪُسجي ڪُسجي دار و
رسن جي زينت بنجي ٿا وڃن.
نه بوتل انهن جي جهلي سگهندي جهٽ،
پيئن جيڪي ٿا مهل تي مئي جا مٽ.
مئي پيئندڙ جي هڪڙي بوتل به جهٽ جهلي نه سگهندي،
ڇاڪاڻ جو مئي پيئندڙ جيڪي مهل تي مئي جا مٽ پيئو
وڃن تنهنجي هڪڙي بوتل ڇا جهٽ جهلي سگهندي.
رهان معمور ۽ مسرور ساقي سان نظر گهرجي،
ضرورت ناه ساغر جي کڻي ٻڪ سان پياريو وڃ.
معمور چوي ٿو ته ساقي تنهنجي اُها نظر گهرجي جنهن
سان مسرور ٿي وڃان جو مون کي ساغر جي ضرورت ناهي
ڀلي جي کڻي تون مون کي مئي ٻُڪ سان پياري وڃين.
محب وطن:
مٽي تي موتي متان مٽائين، مٿانءِ دنيا متان
کِلائين،
وطن جي ٻولي وطن جون، رسمون، رواج آهن وطن جي
زينت.
وقت جي حالت ۽ حڪمرانن ۽ وزيرن ڏي شڪايت:
ترقي جي بدران تباهي ڏي ويندو،
نه جنهن ملڪ سان آ وزيرن جو ساٿ.
اهو ملڪ تباهي ڏي ويندو ڪابه ترقي نه ڪري سگهندو
ڇاڪاڻ جو پنهنجي ملڪ سان ملڪ جي وزيرن جو ساٿ نه
هوندو. هتي ڪنايو آندل آهي ته اهڙا وزير پنهنجي
پيٽ ڀرڻ مال و دولت ميڙڻ ڪمائڻ جي چڪر ۾ ملڪ جي
ترقي ۾ رڪاوٽ بنجي ويندا، جنهن جي نتيجي ۾ ملڪ
تباهي تائين وڃي پهچندو.
زماني جو حال:
اڃان روح حيران پريشان رهن ٿا،
اڃان گهر اميدن جا ويران رهن ٿا،
اڃان سور جا ساز سامان رهن ٿا،
اڃان دردِ غم در تي دربان رهن ٿا.
معمور هن سڄي غزل ۾ کليو بيان ٿو ڪري ته زماني ۾
ڇا ڇا پيو ٿئي ۽ پوءِ آخر ۾ چوي ٿو ته:
نه مايوس ’معمور‘ ٿي هينئن هرگز،
اڃان اهلِ دل ڪئين انسان رهن ٿا،
معمور تون هرگز مايوس ۽ نااميد نه ٿي،
ڇاڪاڻ جو اڃان به ڪيئي اهلِ دل انسان دنيا ۾ رهن
ٿا.
مايا تي مال تي ڀروسو:
نه مايا تي معمور ڪر ڀروسو،
ڪڏهن ڇٽ پٽن تي ڪڏهن پٽ تي ڇٽ.
سنڌي جو عام پهاڪو آهي ته ڪڏهن ڇٽ پٽن تي ته ڪڏهن
پٽ ڇٽن تي. اهو پهاڪو معمور ڏاڍي سهڻي نموني ۾
آندو آهي، جو چوي ٿو ته مايا يعني مال تي هرگز
ڀروسو نه ڪر ڇاڪاڻ جو اها اچڻي وڃڻي آهي جيڪڏهن ڇٽ
اچيو پٽ پون ته ڪڏهن پٽن تي ڇٽ اچيو وڃن، مصرع طرح
تي تضمين.
مصرع از محبوب سروري ’هٿن سان دل ڏنم جنهن کي
اُتان آڻڻ به مشڪل آ‘ ان تي معمور هن طرح گرهه
لڳائي آهي.
سخن ’محبوب‘ جو ’معمور‘ کي وهه جو وڻيو آهي،
هٿن سان دل ڏني جنهن کي اُتان آڻڻ به مشڪل آ.
محبوب سروري جو اهو سخن معمور کي دل سان وڻيو آهي،
جو اها هڪڙي حقيقت آهي ته جنهن کي پنهنجي هٿن سان
دل ڏني آهي ان کان واپس آڻڻ مشڪل آهي.
معمور صاحب جي اها خوش قسمتي آهي جو جناب مخدوم
طالب الموليٰ صاحب جن جي فرزند ارجمند جناب مخدوم
سعيدالزمان ’عاطف‘ چيئرمين سنڌي ادبي بورڊ جي حڪم
سان ديوانِ معمور هڪ وڏي اهميت واري ادبي اداري،
سنڌي ادبي بورڊ طرفان شايع ٿيو آهي. |