سيڪشن: رسالا

ڪتاب:مهراڻ 02/ 2021ع

باب:

صفحو:17 

شبنم گل

حيدرآباد

 

 

 

ورثــــــــو

بھار جا ڏينھن هئا. هوائن ۾ جهنگلي ٻوٽن ۽ گلن جو هڳاءُ اوتيل هو. هوا،  قديم پھاڙن ۽ چوڌاري ساوڪ گاڏڙ سرهاڻ پنھنجي ٻڪن ۾ کڻي ورکا ۾ مگن هئي. گاڏي سيوهڻ ٽپي لڪي شاهه صدر جي حدن ۾ داخل ٿي ته سامهون هڪ حسين منظر هو. ڀڳي ٺوڙهي جا پھاڙ سدائين کان پراسرار سانت ۾ ويڙهيل رهيا آهن. کيرٿر جا هي پھاڙ ڇهه ڪروڙ سال پراڻا آهن، جيڪي صدين جي  اسرار ۽ ڪيترين ڪھاڻين کي پنھنجي  اندر  سانڍي ويٺا آهن. لڪي سلسلي جي پھاڙن جي ڇانوري ۾ سفر ڪندي ، پھاڙ، ڪنھن يوگيءَ جيان  گيان ۾ گم نظر ايندا آهن. ان ڌرتيءَ جي ڇڪ، قلندر کي سيوهڻ ۾ رهڻ تي مجبور ڪيو، جڏهن ته هُو ڪيترا ملڪ لنگهي هتي پھتو هو. هن خطي ۾ عجيب ڪشش آهي، جنھن رمز کي فقط نظر شناس پروڙي سگهي ٿو. آسمان تي سج پوري توانائيءَ سان  جرڪي رهيو هو . بادلن جي کيچل تي منظر سرمئي چادر ۾ ويڙھجي، ان رستي تي سفر ڪندي  منفرد حسن نظر ايندو آهي. مختلف مندن جا ھتي  رنگ ئي نرالا نظر ايندا آهن.

گاڏي جيئن لڪي شاهه صدر جي مزار جي ويجهو پھتي ته سرمئي پھاڙن جي پس منظر ۾ مزار جو سونھري رنگ ۽ طرز تعميرات انتھائي وڻندڙ ڏيک ٿي ڏنو. رستي تي نظر ايندڙ  ان مزار جو منظر، جماليات جي رنگن سان رنڱجي هڪ منفرد زاويو پيش ڪري ٿو.

امينه ڊرائيور کي لڪي شاهه صدر جي مزار وٽ گاڏي بيھارڻ لاءِ چيو، ڊرائيور گاڏي اچي مزار ڏانھن ويندڙ رستي تي بيھاري.

ميڊم اندر پنڌ هلڻو پوندو“. ڊرائيور چيو.

هوءَ گاڏيءَ مان نڪتي ۽ مزار ڏانھن هلڻ لڳي. رستي جي ٻنھي پاسن تي ننڍڙا دوڪان مختلف شين سان سينگاريل هئا، جن ۾ رنگ برنگي پڙ، عطر جون شيشيون، ريوڙيون، نقل، خشڪ ميوو، چوڙيون، ڳانا، سڳيون ۽ اگربتيون نظر آيس. فضا ۾ گلاب جي گلن ۽ اگربتين جو واس من ۾ جذب ٿيندي محسوس ڪيائين ۽ عجيب ڪيفيت سندس رڳن ۾ ڊوڙڻ لڳي. ھڪ اھڙي ڪيفيت، جيڪا ماڻھوءَ کي حال جي گهڙين مان کنڀي، خوابن جي دنيا ۾ کڻي ويندي آھي، جتي حيرت ۽ انڪشاف جو سمنڊ ڇلي ٿو . ڪجهه عورتون مزار تي باس جي چادر خريد ڪري رهيون هيون. سندن چھرن تي آس ۽ اڻپوريون خواهشون نظر ٿي آيون. اندر داخل ٿي ته فرش تي قدم رکندي ئي دماغ جي ڏکندڙ نسن ۾ سڪون بخش لمحو لهي آيو، جيڪو ٿڌي  فرش جي ڇھاءُ جو اثر ھو . اگهاڙي پيرين، فرش يا ڌرتيءَ تي ھلڻ، پيڙا کان نجات جو رستو ٿين ٿا، ڇو ته ڌرتيءَ جي قربت شفا بخش ٿئي ٿي .  هوءَ مزار ڏانھن وڌي ته در وٽ ويٺل پيرسن ماڻهوءَ چيو:

 ”هيءُ مردن وارو حصو آهي، توهان ساڄي پاسي اندر وڃو“.

هوءَ ان پاسي وئي ته مرجھايل ۽ تازن گلن ۽ خوشبوئن سان واسيل جهوٽو ساھن ۾ اوتجي ويو ۽ ڪيف جي ڪيفيت من ۾ ھرڻ لڳس. ڪيفيتون به ماحول جون پيدا ڪيل ٿين ٿيون. جيئن قبرستان ۾ خوف ۽ باغ ۾ سرھائي محسوس ٿيندي آھي، پر مزار تي الڳ ڪيفيت ٿئي ٿي، جيڪا عاجزي ۽ عقيدت جو ميڙ ٿئي ٿي .

زمين تي مرد ۽ ٻه عورتون ويٺل ڏٺائين. وچ ۾ برقعو پھريل نوجوان ڇوڪري ويٺي ھئي. ڇوڪري خوبصورت ھئي. ڪاري رنگ جي برقعي ۾ سندس چھرو، چند وانگر جرڪي رھيو ھو. گهاٽا ڀرون ۽ چيرويون اکيون نمايان ٿي لڳيون. چپ ڀڪوڙيل ۽ چھري تي ضد ۽ ڪروڌ جا آثار نمايان ھئا . ڪو اڻپورو راز سندس ساهن ۾ ڇلي رھيو ھو. ھن جي سامھون ڊگھي قد جو اڌڙوٽ عمر جو شخص ويٺو ھو. ڇوڪريءَ جو ھٿ جھليندي کيس سمجھائي رھيو ھو. امينه سوچيو شايد ڪو بزرگ آھي، جنھن کان دعا وٺڻ آئي آھي. عورتن وارو حصو سوڙھو ھو ، جتي چند عورتن جي ويھڻ جي جڳهه ھئي. ھڪ ٿڪل بيزار ۽ مرڻينگ لمحو فضا ۾ نروار ٿيو ۽ سموري توانائي ڪنھن ڄور وانگيان چوسي ورتائين. ڇوڪريءَ جي ڊگھن ۽ ماندن ساھن ۾ پيڙا جو پڙلاءُ  ھو. ڇوڪريءَ جي ڀرسان برقعو اوڍيل چاليھن سالن جي بي تاثر چھري واري عورت ويٺي ھئي. ناريءَ  جي چھري تي ڪروڌ ۽ اکين ۾ وحشت وڌڻ لڳي. اھا ڪيفيت طوفان اچڻ کان اڳ واري ھئي. جيئن تيز ھوا بعد وڄ چمڪاٽ ڪندي آھي ۽ گجگوڙ جو شينھن گجڻ شرع ٿيندو آھي. 

آسمان قهاري ديوتا وانگر پنهنجي ڪاوڙ زمين واسين تي وسائيندو هجي ڄڻ ته. ڇوڪريءَ جو  پيڙا ۾ ورتل حسن ڪاريھر وانگر وراڪا ڪرڻ لڳو  مرد جو ھٿ ڇڏائي ورتائين. امينه کي محسوس ٿيو، سندس ھٿ ٽيڙو ٿي ويو ھو ۽ ھوءَ مڌ پيتل مست جيان جھومڻ لڳي . هن  تي ڪيف ۽ ڪشف وارد ٿيا ۽ زندگيءَ جي سوز کي محسوس ڪندي لڇڻ لڳي. 

سٽ ڏيئي رئو اڇلائي ڪنجھڻ لڳي.
ھو ھو ڪندي ڪنڌ ھڻڻ لڳي. اول ساڄي پاسي پوءِ کاٻي پاسي ڪنڌ گھمڻ لڳو، ڄڻ سندس مشڪون رٻڙ جون ٺھيل ھجن. اڳيان اڇل ڏيندي پوئتي زمين ڏانھن پلٽو کاڌائين. اتي بيٺل ٻه ٽي عورتون خوف وچان ڊُڪندي ڊوڙندي ٻاھر نڪتيون. ھاڻ ناري  پوري قوت سان رڙيون ڪري رھي ھئي. امينه جي دل خوف وچان زور زور سان ڌڪ ھڻڻ لڳي ۽ مٿو ڦرندي محسوس ڪيائين، پر ھمت ڪري اتي ئي بيٺي رھي. ڇوڪريءَ جي نرڙ تي ڌڪ جو نشان نمايان ھو. ڪارائيءَ تي ڪارا نشان ھئا. الائي ڪيترين پيڙهين جي گناهن جو بار پنھنجن ڪلھن تي کنيو بيٺي آهي، امينه سوچيو. وياڪل ڇوڪري  ھوريان ھوريان سامت ۾ اچڻ لڳي، جيئن ڌرتي ڌٻڻ کان پوء پنهنجي جاءِ تي واپس ايندي آھي. انسان به فطرت جو اولڙو ٿئي ٿو. طوفان، برسات، کنوڻ ، گجگوڙ ، ٻوڏون ۽ زلزلا پڻ انسان جي اندر جون وارتائون آھن.  

امينه محسوس ڪيو ته ھوءَ نماز پڙھڻ واري انداز ۾ ويٺي هئي ۽ ڪنڌ اڃان ڏڪي رھيو ھئس. ڄڻ ڪنھن مرشد آڏو ويٺي ھجي. هيءُ گهايل روح  شايد گهر ۾ ائين دل جو غبار نه ڪڍي سگهي ها. جيئن ھتي وار کولي پيو پار ڪڍي . مزارن تي ڏکويلن لاءِ آزاديءَ جو احساس آهي. اڌما اظھاري  کين جذباتي سڦلتا ملي ٿي.

توھان ڪير آھيو؟ “امينه سوال ڪيو . 

مان ھن جو پيءُ آھيان“ .اجنبي شخص وراڻيو. 

ڇا ٿيو آھي ھن کي؟“ امينه همٿ ڪري سوال ڪيو.

امينه جو آواز ٻڌي ڇوڪريءَ ڪنڌ مٿي ڪري کيس ڏٺو ته سندس دل خوف ۽ دھشت وگھي ٻڏڻ لڳي. ھوءَ خوف وچان پيلي ٿي وئي ۽ پاڻ سنڀالڻ لاء ديوار جو سھارو وٺڻو پيس. ايڏيون خوفناڪ ۽ بي چين اکيون ھن پھريون دفعو ڏٺيون ھيون. اھي ھٺ ۽ ھوڏ سان ڀرپور اکيون ڪنھن قھاري ديوتا جيان ، زلزلا ۽ ٻوڏون آڻي سگھن ٿيون. فنا ڪري سگھن ٿيون پل ۾ سڀڪجهه.  

ھن تي غيبات جو اثر آھي. اھو اثر منھنجي زال تي به ھو“. ان اجنبي شخص بيوسيءَ مان چيو.

توھان جي ڌيءُ جو نالو ڇا آھي؟

ريشم   شخص وراڻيو.

واقعي ھوءَ ريشم ھئي، جيڪر منجهي پوي ته  ڏور کي سلجهائڻ ڏکيو ٿي پوندو آهي. 

هن شخص پنھنجو نالو عبدالستار ٻڌايو. سندس گهرواريءَ جو نالو عابده هو. هُو پياري ڳوٺ جو رهواسي هو، جتي ڪنھن دوڪان تي ڪم ڪندو.

ريشم نالي جيان سندر ھئي. هوءَ اُٿڻ جا سانباھا ڪرڻ لڳي ته امينه ٻاھر نڪتي. در وٽ گلن جي پتين جي وچ ۾ ديپ ٻري رھيو ھو. باهه جيڪا جذب ۽ ڀسم ڪرڻ جي شڪتي رکي ٿي. ان جوت ۾ ريشم جون اکيون نمايان ٿيڻ لڳيون. ريشم کي سھارو ڏيندي والد ۽ والده ٻاھرين در ڏانھن وڌيا.

توھان سان ڪجهه دير ڳالھائڻ ٿي چاھيان ٿي. هن چيو.

”نه مان توسان نه ڳالھائيندس .... تنھنجو ڪو مطلب آهي مون ۾ .....“

ڇوڪريءَ اکيون ڦوٽاريندي کيس چيو ته خوف جي لھر سندس وجود ۾ ڏار وجهي ڇڏيا. ماءُ ريشم کي ھٿ کان وٺي اڳتي نڪري وئي . 

توهان اچو اسان سان“ ستار چيو ته هوءَ ٿورو فاصلي تي هلڻ لڳي. هڪ پاسي وڏو ورانڊو هو. هُو هڪ ٿنڀ جي ڀرسان ويھي رهيا. ريشم کي چڪر اچي رهيا هئا. هوءَ تيزيءَ سان ساهه کڻي رهي هئي. ماءُ جي جھوليءَ ۾ مٿو رکندي غش ٿي وئي.

 هر مھيني چنڊ جي راتين ۾ ريشم کي دورا پوندا آهن. پوءِ هتي وٺي ايندا آهيون ته چاڪ چڱي ڀلي ٿي ويندي آهي“ عابده چيو.

چنڊ ۽ ديوانگيءَ ۾ ڪا ته هڪ جھڙائي آهي. پاڻيءَ وانگر، چنڊ به گهايل احساس کي پاڻ ڏانھن ڇڪي ٿو شايد ....

هن کي ڪنهن نفسياتي ڊاڪٽر کي ڇو نه ٿا ڏيکاريو؟

ڊاڪٽرن وٽ غيبات جو ڪھڙو علاج ھوندو “ عابدہ جواب ڏنو .

توھان کي به دورا پوندا آهن؟“ امينه سوال ڪيو . 

نه هاڻ ڪونه پوندا آهن...“

جنھن گهر ۾ ماءُ ڏکي هجي اُتي ذهني طور تي بيمار ٻار پيدا ٿين ٿا“.

امينه جي ڳالهه ٻڌي ستار کيس ڇِرڪي نھاريو.

"مون عابده کي کي سکيو رکيو ۽ هوءَ ڏک پيڪي گهر مان کڻي آئي هئي“.

ڪھڙا ڏک؟“ امينه کي پنھنجو سوال عجيب لڳو، ڇو ته ڏکن جي ڪا تشريح يا درجه بندي نه ٿي ڪري سگهجي....

منھنجو ڏاڏو ظالم شخص هو، منھنجي نانيءَ تي ظلم ڪندو هو، منھنجو پيءُ به ڪو چڱو انسان نه هو منھنجي ماءُ کي مارڪٽ ڪندو هو“.

جنون ۽ ديوانگيءَ جا سلسلا موروثي ٿين ٿا شايد... ماڻهو طبي بيمارين جيان ذهني بيماريون به پنھنجي نسلن ۾ منتقل ڪري ٿا ڇڏين....

ڇا توهان جي خاندان ۾ ذهني بيمار ٻار پيدا ٿيندا آهن؟

امينه جي سوال تي ٻئي زال مڙس اچرج سان هڪ ٻئي کي ڏسڻ لڳا......

سوال ڏکوئيندڙ  هو شايد......

منھنجي خاندان ۾ هر گهر ۾ هڪ چريو کريو ٻار آهي، جيڪو ماءُ پيءُ لاءِ آزار بڻجيو پوي....“ ڏکويل لھجي ۾ عابده وراڻيو.

ماڻهو ڪاوڙ، جارحيت، حسد ۽ تعصب کي ذهني بيماري نه ٿا سمجهن. اهڙا رويا هنن لاءِ رواجي ۽ معمول مطابق هوندا آهن، پوء ايندڙ پيڙهين ۾ اھو زهر اوتي ڇڏيندا آھن .  هوءَ سوچڻ لڳي.

دعا ڪجو ته منھنجي نياڻي ٺيڪ ٿي وڃي“. لڙڪ عابده جي اکين مان ڪرڻ لڳا.

مزار جي در وٽ وڏو گوڙ ٿيو، ڪيتريون عورتون اندر داخل ٿيون، هڪ خوبصورت ڇوڪريءَ جي هٿ ۾ نئون ڄاول ٻار هو... پٽ جي باس باسي هين شايد چادر پارائڻ آئي آهي...

ٻاهر در وٽ هڪ قبر مٿان هڪ گهاٽو پُراسرار وڻ کريل ٻار جيان ٽيڙو ٿيو بيٺو آهي، جنھن تي هزارين رنگ برنگي اڳڙيون ٻڌل آهن، آس جي رنگن جيان... جڏهن آس پوري ٿيندي ته اُها رنگين ڳنڍ کولي اچي هتي خيرات ڪندا.

آس ۽ نراس جي هڪ عجيب دنيا آهي .....

هن جي شادي ٿيل آهي؟“ امينه سوال ڪيو؟

مڱيل هئي پنھنجي سوٽ اسان پر جيئن ريشم کي دورا پوڻ لڳا ته هنن سڱ ڇِني ڇڏيو“.... ستار اُداس لھجي ۾ وراڻيو.....

عابده به هڪ ڊگهو ۽ ڏکويل ساهه ڀريو .... ماحول تي عجيب اُداسي طاري ٿيڻ لڳي....

اهو جھيڙو سال هليو، ڇوڪرو مائٽن کي مڃائي نه سگهيو، ٻنھي جي ننڍپڻ کان پريت هئي چار سال اڳي ڇوڪرو ايڪسيڊنٽ ۾ گذاري ويو.....

اوچتو هڪ ڪارو ڀَؤنرُ زوڪاٽ ڪندو هن جي ڪنن جي ڀرسان گذريو ته امينه پوئتي ٿي وئي... هن کي ڀَؤنرُن کان خوف ٿيندو هو.

ڀَؤنرُ هاڻ ريشم جي خوبصورت چھري جو طواف ڪرڻ لڳو....

ملھار آيو آهي ريشم سان ملڻ“. عابده چيو.

ملھار ڪير؟“ امينه پڇيو.

ريشم جو مڱيندو... عابده جون اکيون سانوڻي مُند جيان وسڻ لڳيون.

جڏهن به اسان هتي ايندا آهيون ته هي ڀَؤنرُ دير تائين اسان سان گڏ هوندو آهي ۽ ريشم جي مٿان پيو ڦيراٽيون پائيندو آهي“.

امينه پنھنجي وڏڙين کان اها ڳالهه ٻڌي هئي ته مائٽن جو روح ڀَؤنرُ ۾ پئجي ويندو آهي ۽ هُو پيارن سان ملڻ ايندا آهن.

هن ڪائنات ۾ سبب ۽ اثر جو نظريو هرهنڌ نظر اچي ٿو، هر شيءِ ٻيءَ جي سحر ۾ وڪڙيل ٿي ڏسجي، عمل جو رد عمل موجود آهي.

انسان ٿوهر پوکيندو ته ڪنڊا لڻندو.... ٿوهر پوکي گلابن جي ڦٽڻ جي آس اجائي آهي.....

ذهني بيماريون ماءُ جي پيڙا ۽ ڄم سان تعلق رکن ٿيون، تڪليفن ۾ وڪوڙيل ماءُ جي اُها اذيت ايندڙ نسلن ۾ منتقل ٿي ويندي آهي“.

امينه جي ڳالهه ٻڌي ستار ڇرڪي کيس ڏٺو.

توهان ڪھڙو علم حاصل ڪيو آهي؟، هن حيران ٿي پڇيو....

انسان جي سمجهه جو علم آهي مون وٽ“.

اهو ته ڪو جادو ٿو لڳي.“ عابده چيو.

مان زندگيءَ جي حقيقت کي بيان پئي ڪيان“. امينه جواب ڏنو.

ڀَؤنرُ زوڪاٽ ڪندو امينه جي ڀرسان لنگهي ويو هاڻ هُو مزار جي فضائن ۾ عقيدت منجهان اڏري رهيو هو.

وري گهُت هڻي ريشم ڏانهن ورندو، ڀَؤنرُ لاءِ هوءَ ڪنول جو گل هئي شايد....

شاهه جو شعر من تي هُري آيس.

ڪونر پاڙون پاتار ۾، ڀؤنرُ ڀري آڪاش،

ٻنھي سندي ڳالهڙي، رازق آندي راسن،

تنھن عشق کي شاباس، جنھن محبتي ميڙيا.

هڪ غير محسوس دنيا ۾ ٿيندڙ وار تائن جو الڳ اثر ٿئي ٿو، احساس جي دنيا ۾ خاموش حادثن جو رنگ ئي جدا آهي، ڪيئن ڳجهن زخمن کي نظر شناس ئي پرکي سگهي ٿو. باطن جي اک ڪنھن صدمي ماڻڻ کان بغير نٿي کُلي!

امينه مختلف سوال پڇي رهي هئي ڄڻ معاملي جي تھه تائين پھچڻ جي ڪوشش ڪندي هجي.

منھنجو ڏاڏو طبيعت جو سخت ۽ بي لڇڻو انسان هو، هن جي ظلمن کان خاندان تنگ هو، هڪ ڀيري ٻن جوان ڀائرن جو خون ڪيو هئائين. سھڻا ڳڀرو جوان هئا، سندن ماءُ مرڻ گهڙيءَ تائين لڇندي رهي...."

ڳالهه ٻڌندي امينه جا لڱ ڪانڊارجي ويا، اوچتو ريشم رڙ ڪري اُٿي، هوءَ دل تي هٿ رکي سھڪي رهي هئي، شايد ڪو ڀوائتو خواب ڏٺو هئائين. ڄڻ لاشعور جي لامحدود ڪُن ۾ ڀٽڪي واپس وري هجي!

امينه کي هن جي اکين مان رت ٽمندي محسوس ٿيو!
 

نوان ڪتاب

 

 

 

رسول ميمڻ 

ڪراچي

ريڍار جيڪو سمهي نه سگهيو

 

 

 

 

 

پوڙهو ريڍار ڪيئن ٿي سمهي سگهيو، ٿڪيل به هو، رڍون ٻيلي ۾ چَري رهيون هيون، اڃا بکايل هيون، ڌڻ کان نڪري هيڏي هوڏي ٿي ويون ته ريڍار کي واپس ورائڻيون ٿي پيون.

ٻيلي ۾ بگهڙ ته ڪونه هئا، پر ڪوهيڙو هو، هُو وڻ جي ٿُڙ کي ٽيڪ ڏيئي سمهيو ئي مس ٿي ته ڪا رڍ ڌڻ کان نڪري ڪوهيڙي ۾ گُم پئي ٿي وئي ۽ ريڍار کي ائين ٿي ڳولهڻي پئي، جيئن انڌو اهڙي راهه ڳوليندو آهي جنهن راهه جي انت جي کيس ڪا خبر نه هجي.

ريڍار اوٻاسي ڏني ۽ ڏٺو، اڃا مهل هئي، ڪوهيڙي ۾ ويڙهيل سج ڪري وڻن جا پاڇا فقير جي پوشاڪ جيئن ميرا هئا، لڳي رهيو هو سج صفا سِر تي آهي ۽ ان کي ڪُلهن تي لهڻ ۾ وقت هو.

ٿُڙ کي ٽيڪ ڏيئي ويٺل ريڍار جي اک لڳي ته محسوس ڪيائين ڪا رڍ ڌڻ مان نڪري ڪوهيڙي ۾ گُم ٿي ويئي آهي، ڪوهيڙو ڪڏهن گهاٽو پئي ٿيو ته ڪڏهن ڇِڊو.

”آهه“ ريڍار سيني ۾ اُٿندڙ ڪنهن طوفان کان وجود جا هڏا تباهه ٿيل غوراب جي ٽڪرن جيان محسوس ڪيا.

”منهنجي وڃائجي ويل....“ هن چيو ۽ پوءِ تصور ۾ هڪ اهڙي چهري کي ڇُهڻ لڳو، جيڪو پاڻيءَ جو هو، هن جون آڱريون ٿڌيون ٿي ويون، هن چهري کي چُمڻ چاهيو ته چپ برف ٿي ويا، چهرو لهرن ۾ تبديل ٿي ٺهڻ ۽ ڊهڻ لڳو. مٿي تي وزن محسوس ڪيائين، درد کان ڳورو جسم کڻي اُٿيو ۽ ان رِڍ کي گهٽ وڌ ڳالهايائين، جيڪا ڪوهيڙي ۾ گُم ٿي وئي هئي.

”او ڪاري رڍ منهنجي ننڊ جيان شل تنهنجو رنگ ڦِٽي.“

هُو اُٿيو ۽ ڪوهيڙي مان رِڍ ورائي موٽيو. ريڍار سوچيو رڍون چريو ڪري ڇڏينديون. هُو ٿڪل آهي، هن جي ڪُلهن تي عمر جو وزن آهي، ماڻهو هر وزن ڪُلهن تان لاهي سگهي ٿو، عمر جو وزن وجود جو حصو هوندو آهي، ان کي لاهڻ لاءِ قبر ۾ لهڻو پوندو آهي.

ريڍار لاءِ رڍون زندگيءَ جو حصو هيون ڇو جو هُو ريڍار هو، رڍن بنا ريڍار ڪهڙي ڪم جو؟ رڍون هونديون ته ريڍار هوندو، ٻيلي جا وڻ رڍن ڪري ريڍار کي سڃاڻندا آهن نه ته ريڍار کي رڍن بنا ڪير سڃاڻي؟

هُو ٿُڙ کي ٽيڪ ڏيئي ليٽيو ئي مس ته محسوس ڪيائين ڪا رڍ ڌڻ مان نڪري ٻيلي اندر ڪوهيڙي ۾ پري نڪري وئي آهي، هن ڪنهن جا هٿ پنهنجي گريبان ۾ محسوس ڪيا، ڪو هن جي تذليل ڪري رهيو هو، هن جو ڪهڙو ڏوهه؟ هُو بس ريڍار هو، هن مان اها اميد ڪيئن پئي رکي وئي ته ڪنهن جا هٿ چُمندو ۽ ڪتي جيان پُڇ لوڏيندو. هن جي گريبان ۾ پيل هٿ اهڙي شخص جا هئا جنهن کي ٻُچي ڏاڙهي هئي، مُڇون وات مٿان ائين وريل هيون جيئن پاڻي پاڻ کي ٻڏڻ کان بچائڻ لاءِ پاسن کان وهي ويو هجي. اهو شخص هن کان پڇي رهيو هو.

”جڏهن ريڍار هئين ته تون پيغمبر ٿيڻ جي دعوا ڪيئن ڪئي؟“

”سڀ ريڍار پيغمبر نه هوندا آهن.“ هن جواب ڏنو.“ مان ريڍار ٿيڻ جي دعويٰ ڪيان ٿو.“

ان شخص هن جو گريبان ڦاڙي وڌو، تذليل جي احساس سبب کيس ائين لڳو رڍ ڌڻ کان الڳ ٿي ڪوهيڙي ۾ پري نڪري وئي آهي ۽ ڪٿي به نظر نه پئي آئي.

”اي رب رڍن کان ڇوٽڪارو ڏي.“ هن ٻاڏايو ۽ پوءِ چيو، ماڻهو ڪُتا پالي، رڍون نه پالي.“

هُو اُٿيو ۽ ڪوهيڙي ۾ وڃائجي ويل رڍ کي ڳولهي ورائي آيو. ٿُڙ کي ٽيڪ ڏيئي ويٺو ته وري ڪا رڍ ڌڻ مان نڪري وئي.

”اڙي اهو ڇا؟“ هُو اهڙي هنڌ بيٺل هو جتي ابرشم جا وڻ ريشمي ڪپهه ڇاڻي رهيا هئا، هن کي حيرت ٿي، هن جنهن سان پيار ڪيو اها کيس سڃاڻي نه رهي هئي. ان جو چهرو ماڪ ۾ ساهه کڻندڙ گلاب جهڙو هو، حورون حسن جو نالي ماتر پيمانو آهن، پر هوءَ سونهن جي حقيقت هئي. سوچيائين، عشق پيار جي موسم ۾ برف جيان رِجي ٿو. عشق ٿڌو پاڻي آهي جنهن ۾ هڪ چاهيندڙ جو جسم گرم رهي ٿو.

هن جنهن کي چاهيو اها هن کان بي خبر هئي.

”تون ڪير آهين؟“ ان پڇيو.

کيس احساس ٿيو، هو نه هو پوءِ چيائين.

”ها تون آهين.“

”پر مان توکي نه ٿي سڃاڻان.“

محسوس ڪيائين هن جون سڀ عبادتون ضايع ٿي ويون.

”او ناسي رِڍ تنهنجا وار سڙن.“

اهو اُٿيو ۽ ٻيلي ۾ رِڍ ڳوليندي هن اڳيان ناسي نيڻ لنگهي ويا، نيڻن کي پنهنجو چهرو هوندو آهي، پنهنجا چپ هوندا آهن، نيڻ هن اڳيان مُرڪندي لنگهيا ته سندس اکين ۾ پاڻي ڀرجي آيو ۽ ڪوهيڙو گهاٽو ٿي ويو. جڏهن رِڍ ورائي موٽيو ته ڏٺائين اها رِڍ انڌي هئي.

هن سوچيو، انسان ۽ رِڍ ۾ ڪهڙو فرق آهي؟ هڪ انڌي رِڍ ان ريڍار کان بهتر آهي جيڪو ريڍار رڍن پويان هلي ٿو ۽ اڳيان رڍن جو ڌڻ ان جي رهنمائي ڪري ٿو.

ريڍار هڪ وڏي اوٻاسي ڏني ۽ پوءِ ٿُڙ کي ٽيڪ ڏيئي اکيون ٻوٽي آهليو ئي مس ته ڪا رِڍ ڌڻ مان نڪري وئي ڪوهيڙي ۾ گُم ٿي وئي. ريڍار اهڙو پکي ٿي ويو جنهن جهڙو پکي ٻيو نه هو. هُو ان ڏار تي ويٺو جنهن هيٺان هوءَ ويٺل هئي، ان جو چهرو وساميل باهه مان دونهين جهڙو هو.

دونهون وساميل باهه جو روح هوندو آهي، ان کان اڳ جو چهري تائين پهچي هن جي اک کُلي وئي، اُٿيو ۽ رِڍ پويان ويو، جيڪا ٻيلي اندر ڪوهيڙي ۾ نڪري وئي هئي.

لهندڙ سج کي ڏسڻ لاءِ سانجهيءَ جو انتظار ڪرڻو پوندو آهي، اُڀرندڙ سج کي ريڍار کانسواءِ ڪير به ڏسي نه سگهندو آهي، سج اُڀرندوئي تڏهن آهي، جڏهن ريڍار واڙي جو در کوليندو آهي، ريڍار اوٻاسي ڏئي سوچيو، ان کان اڳ جو ڪا رِڍ ڌڻ مان نڪري وڃي، هڪ سٺي ننڊ لاءِ ضروري آهي ته رڍن کي واڙي ۾ بند ڪيو وڃي. هن لئيءَ جو لڪڻ پٽيو ۽ رڍن تي ائين وسائڻ لڳو جيئن پنهنجي پٺيءَ تي هڻندو هجي، رڍون ٻيڪٽ ڪنديون اڳتي وڌيون ۽ هن چيو:

”خبردار جو ڪا ڌڻ کان ٻاهر نڪتي آهي، کنڀ ڪٽي ڇڏيندومانس.“

رڍون ڌوڙ اُڏارينديون هليون ته ريڍار محسوس ڪيو اهو ڪوهيڙو نه هو ڌڻ جي ڌوڙ هئي، اهو ٻيلو نه هو علامتن جو جهنگ هو.

هُو رڍون هڪليندو واڙي کي ويجهو ٿيو، رڍون واڙي، کين پيار سان چيو.

”هاڻي ننڊ ڪيو، ننڊ رات جي عزت آهي.“

پوءِ پاڻ به سمهيو ۽ ننڊ ۾ ڏٺائين. هُو رڍ جيان ٻيلي اندر ڪوهيڙي ۾ گُم ٿي ويو آهي ۽ کيس ڳولهڻ وارو ڪير به نه آهي

بهادر ٽالپر

بدين

 

 

 

وقت جو پرندو

 

وقت مون تي سوار هو يا آءٌ وقت تي سوار هوس....!! ڪالهوڻي ڳالهه آهي جو مون غير روايتي بڻجندي، ڪئلينڊر بدران گهڙيءَ ڏانهن ڏٺو هو....!! جيڪا ٻڌائي رهي هئي ته ڪو گهڻو عرصو مونکي ڄمئي ڪو نه ٿيو هو.... بس ڪي ورهيه ئي مس ٿيا هئا دنيا ۾ آئي مون کي...!! ۽ ائين شڪ گاڏڙ اعتبار جي هوا منهنجي هانءَ سان ٽڪرائي. ٻئين طرف اندر وارو انسان مرڪن ۽ ٽهڪن ۾ هو....!! شايد ٻاهرئين شخص جي سادگيءَ تي مرڪن ۽ ٽهڪن جو لباس پهري پسمنظر ۾ روئي رهيو هو....!! پوءِ اوچتو گهڙيءَ هڪ گهنٽي وڄائي هئي.... ته آءٌ ڇرڪجي پيو هوس.... اسان جي گهر جي صاف صاف گيٽ تي اڄاتل دز ظاهر ٿي پئي هئي... ۽ گيٽ جا انجيس هڪ ٺڪاءَ سان سڀ ٽُٽي اچي هيٺ پيا هئا....!! امان کي بابا ٻڌائي رهيو هو ته ”دنيا ۾ ڪيترائي طوفان اڳ به اچي چڪا هئا.... ۽ پوءِ به اچڻا هئا.....!! اهي طوفان وقت جي رفتار کان به تيز هئا......!! اسان جي گهر- پڌر ۾ پيل شيون اوچتو ئي اوچتو گم ٿي وينديون هيون......!!“

امان مون کي تڏهن دعائن جي ٻُڪ ۾ خدا کان امن ۽ سلامتيءَ سان گهرندي هئي......!! الائي ڪهڙي ساعت خدا کي هُن جا ٻاجهارا ٻول وڻي ويا..... ۽ آءٌ......!!. خير! جيئن هر ٻار ڄمڻ سان روئي ٿو.... تيئن آءٌ به.....!!

امان فنڪار ٿيڻ جي ڪوشش ۾ فقط هڪ گُڏي ٺاهي سگهي ۽ ان جي ڀيٽا لاءِ مون وٽ ڪجهه به نه هو.....!! امان ته سراپا سچ هئي، پر هن جيڪا گُڏي ٺاهي هئي..... اها ڪنهن کي دوکو ڏيڻ لاءِ هئي...!! آءٌ پل اپل دوکو کائي رهيو هوس......!! آءٌ هڪ رات هرکجي ان گُڏي جي ويجهو آيس ته جاڳ مون کي چهنڊي  پائي پنهنجي ڀاڪر ۾ ڀري ورتو هو.....!! مون ڏٺو ان ويل گڏي ۾ ڪابه چرپر نه هئي.... ۽ مُردي جيان منهنجي پاسي ۾ بستر تي ابدي آرامي هئي.....!! مون ڏانهس پاسو ورائي هن کي ڏٺو، اکين ۾ اڄاتل مُردي واري جنبش پيدا ٿي ۽ هُوءَ خوابن سان ڳالهيون ڪرڻ لڳي..... پوءِ مون گهڙيءَ ڏانهن ڏٺو ته وقت ان ۾ ڪنهن حسين پرندي جيان اڏامي رهيو هو....!! ۽ آءٌ پنهنجو پاڻ کي قبرستان ڏانهن ويندو محسوس ڪري رهيو هوس ته اوچتو ئي اڳيان قبرستان اچي ويو هو....!! اڳي امان مون کي خدا کان دعا ۾ گهرندي هٿ کنيا هئا.... ۽ اڄ آءٌ امان جي قبر تي امان لاءِ دعا گهري رهيو هوس.....!! منهنجي ڏندين آڱريون اچي ويون هيون..... وقت ڪيئن اچي مون کي ان سٽيج تي بيهاريو هو جو امان زنده ٿي واپس اچي مون کي ڏسي ها ته هوند مون کي سڃاڻي ئي نه سگهي ها....!!

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org