عاجز ڪريم پوري
دڙو
غزل
وَڻيا! جيڪي گل ٿي، بڻيا خارَ سي ئِي!!
هُيا جيڪي ڀيڙا، ٿيا ڌارَ سي ئِي!!
سِوا جن جي ڪڏهن، سَري ڪونه ساعت!
ويا اڄ روئاڙي، زار و زارَ سي ئِي!!
اسان جن کي پنهنجو، هُيو ساهه ڄاتو،
بڻيا ڪين ڪڏهن، هينئن هارَ سي ئِي!!
حوالي حبيبن جي تن، مَن ڪيوسين،
دِلي طور ٿيا ڪونه، دلدارَ سي ئِي!!
هُيو ناز جن تي، عُمر ڀَر اسان جو،
غَمن ۾ رهيا ٿِي نه غَم خوارَ سي ئِي!!
ڪئي بَس اسان آ، هاڻي پيارَ کان ئِي،
آهن ڪونه ساڳيا اُهي پيارَ سي ئِي!!
ڪڍيو آ جنازو، مُحبت جو ماڻهن،
آهن اڄ سراسر گُناهگارَ سي ئِي!!
هوندي مُند ناهي، ڪا ماڻهو کَرڻ جي،
اُهي اڄ نه ساڳيا، ’عاجز‘، يارَ سي ئِي!!
محمد هارون ’مقبول‘ چانڊيو
ڪُنري
ڪافي
نه ٿي دلگير اي دلڙي اجهي تنهنجا سڄڻ آيا،
جهڄين جن جي ٿي جهوري ۾ اُٿي هو ڏس اڱڻ آيا.
سوين سيجون تون سينگار، مشڪ عطر تن تي هار،
اُٿي خوش ٿي تون کلڙي، محب توکي ملڻ آيا.
اُٿي اڇو ڪر تون اڱڻ کي جهلي پنهنجي تون روئڻ کي،
مرڪي تن سان تون ملڙي، سڄڻ سنڀال لهڻ آيا.
لهي ’هارون‘ غم ويندا دلاسو دلبر دل کي ڏيندا،
ننگي ننگڙو نڀائيندا هو درد دور ڪرڻ آيا.
ڪافي
مٺا منهنجي مرڻ کان پوءِ ڪيئه سنڀار ڇا ٿي پيو،
جنازي منهنجي تي جاني ڏنئه اوڇنگار ڇا ٿي پيو.
حياتي ۾ ته هڪ ڀيرو اڱڻ منهنجي نه تون آئين،
ڪري مون کي دفن پوءِ جي آئين بار بار ڇا ٿي پيو.
زندگي ۾ گذاريئه دور، سڄڻ ڪجهه ڀي نه سوچيو تو،
پُڳئي جيئن ڄاڻ، ڪيئه ارمان ڇڏيئه سينگار ڇا ٿي
پيو.
ڪري درد منجهان دانهون، روڪائي لاش منهنجي کي،
مرڻ کان پوءِ ڏسي منهڙو، ڪيئه عطر ڇٽڪار ڇا ٿي
پيو.
’هارون‘ هاڻي هٿ نه ايندءِ، وقت جيڪو به گذري ويو،
چانڊيه پوءِ ڳڻي ڳالهيون، ڪڍيئه جي پار ڇا ٿي پيو.
محمد قاسم ڪلوئي
ٽنڊو جان محمد
نظم
اهڙو ساز وڄاءِ ساٿي
دل جا سُور گهٽاءِ ساٿي،
اهڙو مَچَ مچاءِ ساٿي،
گيت ڪو اهڙو ڳاءِ ساٿي.
جذبا جنهن تي جاڳي پون،
اُڌمن ۾ ڪي رنگ رچن،
هي ٽوپي اَجرڪ وارا نچن،
اهڙو هُل هلاءِ ساٿي.
ويس به پنهنجو ساڳيو ساٿي،
کٿو، کيس به ساڳيو ساٿي،
پنهنجو سڀڪجهه آهي ساٿي،
گيت ڪو اهڙو ڳاءِ ساٿي.
دنيا ۾ آ مانُ اسان جو،
اَجرڪ پٽڪو شان اسان جو،
دولهه درياءُ خان اسان جو.
پير نه هاڻ هٽاءِ ساٿي.
سچل، سامي، شاهه ڀٽائي،
درويشن سان سنڌڙي سائي،
هر ڪنهن جي اهائي وائي،
پنهنجن کي تون ڳاءَ ساٿي.
آزاديءَ جا ڏينهڙا ايندا،
سنگتي ساٿي خوش هي ٿيندا،
ڏُک جا ڏينهڙا ڏور ٿي ويندا،
ڀاڪر ۾ تون پاءِ ساٿي.
’قاسم‘ گيت لکندو رهجان،
لوڻو مُور نه پٺ تي هڻجان،
هرڪا وِک تون اڳتي رکجان،
اهڙو ناتو نڀاءِ ساٿي،
منظور علي شاه لڪياري
ٽنڊو جان محمد
ڪافي
ملائي ماه لقاءَ اکڙيون جي ڀڃ ڊاهه ڪن ته ڀل پيون
ڪن،
عجب اسرار وارا ڪي ڦٽي ڦٽ ڪن ته ڀل پيون ڪن.
الر آڪڙ به تن جي آ سراپا ناز محبوبي،
دلين تي ديد دوناليون جي دڙٻٽ ڪن ته ڀل پيون ڪن.
ڪرن رخسار تي ڪاڪل هجت اهڙي رکن هئه هئه،
انهن کي ناز مان نرگس جي هٽ هٽ ڪن ته پل پيون ڪن.
رکان ٿو التجا البت اوهان وٽ ايتري سهڻا،
ڏيان ٿو دل مٺا دلبر ڪٽي ڪٽ ڪن ته ڀل پيون ڪن.
اها نظر ڪرم مونتي اگر ٿيندي رهي جاني،
اکيون منهنجون تنهنجي واٽن تي وٽ وٽ ڪن ته ڀل پيون
ڪن.
ملي ’منظور‘ سان سهڻا ملاهج يار تون ياري،
مٺا محبت ۾ سي اکڙيون هڻي پٽ ڪن ته ڀل پيون ڪن.
ڪافي
ڪراريون قرب وارن جون اکيون قتلام ڪن پيون ڪن،
هلائي ڪان دهشت جا دلين تي دام ڪن پيون ڪن.
نگاهون ناز نخري سان گهمائين گهور جا گهوڙا،
هڻي ڪي تير اکڙين جا وڏا ڪي مام ڪن پيون ڪن.
سٽا سٽ ڪن ته سٽڪي سان وڃي سٽبو جگر جيرو،
هزارين هيريل دلڙيون وٺيو گودام ڪن پيون ڪن.
چکائي چاه سنديون چاشون ڏکائن ڏور کان اهڙو،
ڪرائي وڄ جيئن ڪڙڪي روحن کي رام ڪن پيون ڪن.
مٺا ’منظور‘ مئي خاني اندر مستان پيو ڏسجي،
پيارڻ لاءِ وري ساقي اکيون ڪو جام ڪن پيون ڪن.
اورنگزيب عاجز
حمد
ڪيڏي اعليٰ ذات ڏني ٿي،
لا اِلٰـﮧ جي لاتِ ڏني ٿي.
هڪ اڪيلو تنها تون آن،
اِلا الله وائي واتِ ڏني ٿي.
توکي ئي ٿو ساريان سڏيان،
اذڪرڪم جي تات ڏني ٿي.
مالڪ تو ۾ اُميدون آهن،
لا تقنطو جي بات ڏني ٿي.
تنهنجا ڪهڙا ڳڻ ڳايان مان،
فَبايَ واري مات ڏني ٿي.
والي واحد لا شريڪ آن،
قل الله چئي ها ته ڏني ٿي.
چپ تي هردم تنهنجو نالو،
بسم الله جو شروعات ڏني ٿي.
سمجهه ۽ سوچ آ الحمد پورو،
سوره فاتحه ڇا ته ڏني ٿي.
بهتر گذري جيئن جيون پنهنجو،
اقراء جهڙي سوغات ڏني ٿي.
تنهنجا لک احسان اسان تي،
قدر واري جو رات ڏني ٿي.
هر ذرو ”زيب“ آ جلوو تنهنجو،
کُل شيءِ محيطٌ ڏات ڏني ٿي.
ارباب علي ’عادل‘ چوهاڻ
شڪارپور
غزل
محبوب جي رسڻ تي، گلڙن ٽڙڻ ڇڏيو،
هر هر سنگت ڇنڻ تي، گلڙن ٽڙڻ ڇڏيو.
هت دوست دلربا ۽ پنهنجا پرين ڇڏي،
غيرن کي دل ڏيڻ تي، گلڙن ٽڙڻ ڇڏيو.
مشتاق مَنُ گهري کان، هر وقت هر گهڙي،
پاسيرو ٿي رهڻ تي، گلڙن ٽڙڻ ڇڏيو.
سالن جي دوستي پڻ لحظي ۾ وئي ٽُٽي،
يارن جي منهن مٽڻ تي، گلڙن ٽڙڻ ڇڏيو.
زخمن جو تن بدن ۾، محبوب مَنُ سدا،
ناسور ٿي وڃڻ تي، گلڙن ٽڙڻ ڇڏيو.
هرجاءِ هر پهر، پل، سورن ۾ دل جلي،
هر لمحي ڏک سهڻ تي، گلڙن ٽڙڻ ڇڏيو.
ڪنهن کي فراز ماريو، ’عادل‘ جهان ۾،
دل جي سڄڻ ٽُٽڻ تي، گلڙن ٽڙڻ ڇڏيو.
اقبال شاهين
جاتي
غفلت ۾ گذاريندين ناراض خدا ٿيندو،
جي وقت وڃائيندين ناراض خدا ٿيندو.
نوڙت کان سدا ڪم وٺ ايمان جي طاقت سان،
جي هٺ ڪمائيندين ناراض خدا ٿيندو.
وڏڙن جي سدا عزت ننڍڙن سان ڪجي شفقت،
اها ريت نه گهاريندين ناراض خدا ٿيندو.
حق پهرين آ پاڙي جو عزت جي نظر ڌر تون،
جي تن کي ستائيندين ناراض خدا ٿيندو.
روزن ۽ نمازن سان سڀ فرض ادا ڪر تون،
جي تن کان لنوائيندين ناراض خدا ٿيندو.
وِک هڪڙي کڻڻ کان اڳ لک وار تون سوچي وٺ،
’مخلوق رنجائيندين ناراض خدا ٿيندو.‘
’شاهين‘ جا توکي آ تهڙي ئي ٻين کي پڻ،
دل ڪنهن جي ڏکائيندين ناراض خدا ٿيندو.
ولي محمد وفا هوت
چرواڻ
نظم
اکيون پٽ او اياڻا تون، فنا دنيا ته ساري آ،
ڪيئي آيا، ڪيئي ويئڙا، اِجهو تنهنجي به واري آ.
ٽليو تون ٽانءَ ۾ ڀريو، گهمي بَرسيو بازارن ۾،
انڌا اونڌو وڃين ڪرندين، قبر اڳيان ته ڪاري آ.
فريبي جڳ سڄو آهي، سنڀالي تون قدم کڻجان،
دنيا ڌوتي ڌمالڻ هي، ڪوڙي هِن جي ته ياري آ.
محابي مير مرسل جي، مدايون ميٽ مون مولا،
اڳيان محبوب، در تنهنجي، اها بس آه زاري آ.
بديون بيشڪ، ٿيون مون کان لکڻ لکيو نه آهي ڪو،
ڪُپت ڪوڙن گلائن جو، کنيو مون بار ڀاري آ.
’وفا‘ ويندين هليو جڳ مان، ويا جيئن ٻيا هزارين
ڪئين،
حَوس ۾ ’هوت‘ هي پنهنجي کٽل بازي تو هاري آ.
مخلص چانڊيو
دڙيلو
عيد تي
من گهريو محبوب مون وٽ، ڇو نه آيو عيد تي،
وسوسن وهمن اچي، ديرو دمايو عيد تي.
ويا اُميدن جا اُجهامي، ڏينهن ٿيا ٻريل ڏيئا،
ڪنهن نه ڪمتر کي علاج، انجو ٻُڌايو عيد تي.
يارقيبن جي لڳو چئي، يا ته چوريو چورَ ڪنهن،
ڪنهن سبب گهوڙا، ته گوهر مُنهن گهنجايو عيد تي.
آسرو اُلڪو اجايو هو، اُٿي ڳوليم نه يار،
وقت وهلورن ۾ ويهي، مون وڃايو عيد تي.
صبر ساروڻي ۾ ويو، سارَ نيو دل جو سُڪون،
حال منهنجي تي فلڪ کي، روئڻ آيو عيد تي.
دَم وڃڻ کان دم اڳي، جي دم گهڙي، ڪنهن دم اچي،
منهنجو جيڪر ٿي پوي، لايو سجايو عيد تي.
زندگيءَ
۾ هن طرح،
ههڙي نه ڪنهن سان
ڪنهن ڪئي،
ٻي به ڪنهن کي، ڪنهن جي ساڄن آ ستايو عيد تي.
جنهن جي خاطر پير پوڄيم، باسون باسيم بارها،
تنهن سڄڻ سايو ڪري مجنون بنايو عيد تي.
رات ڏينهن جنهن جو لڳل هو، هِن اکين کي انتظار،
سو نه آيو ۽ نه سُهڻي ئي سڏايو عيد تي.
واعدا پختا ڪرڻ ۽ پوءِ ڦرڻ آهي ڪمال،
وصل جي ٻوٽي کي ڪنهن ڄاڻي سُڪايو عيد تي.
تنهنجو ’مخلص‘ اڄ به آهي تنهن جي گولن جو غلام،
ان کي ڇو ٿا اي سڄڻ ائين آزمايو عيد تي.
فقير محمدبخش ضامن
کاڻي (کپرو)
ڪافي
گهڻائي ملڪ ۾ ماڻهو، منجهن انسان ڪو ڪو ڪو،
ڇڏي پنهنجو فڪر ٻي جو، ڪري ارمان ڪو ڪو ڪو.
پيو ڪچ ڪوڙ جت ڪاهي، ڳھي دولاب ۽ دوکو،
اتي سچ تي هلي جيڪو، آ اهڙو جوان ڪو ڪو ڪو.
فقيري نشن ۾ ڳولي، ٿيا موڳا موالي هِت،
لڪل جو لوڪ کان تن ۾، ملنگ مستانن ڪو ڪو ڪو.
فقيرن ڦند ۾ ڪيئي، ڪيا گمراهه گيڙوءَ تي،
سچو صوفي هلي حق تي، علي الاعلان ڪو ڪو ڪو.
اڪابر ڄڻ آهي هرڪو، جتي اڻ ڄاڻ ڄاڻو ٿيو،
ڪڏهن ات به هدايت تي، ڌري ٿو ڌيان ڪو ڪو ڪو.
ٻين کي ڏي ڇڏي هاڻي، پروڙي پاڻ پنهنجو ڏس،
پروڙڻ پاڻ پنهنجي لاءِ، رکي پئمان ڪو ڪو ڪو.
پڇاڻو آ پڪو اهڙو، ڏڪن ٿا ڏڏ ڏوهاري جت،
اتي ’ضامن‘ ضمانت ڏئي، ڪري حيران ڪو ڪو ڪو.
شاهه مردان شاهه
ڇاڇرو
ڪافي
ٿيو دلبر جو، ديدار نئون
مون عجب ڏٺو، اسرار نئون
مولا مھر ڪئي، آيا پاڻ پرين
پائي پيچ پڪا، ڏنائون پيار نئون
ھئا درد لکين، ٿي دور ويا
سڻي الفت جو، اقرار نئون
واءُ وصل سندو، آ وھ جو وريو
آيو قلب کي آ، قرار نئون
ويئي
’مردان‘ جي، مايوسي سڀ
ٿيو وِرھ سندو، واپار نئون
ڪافي
چئج تون چھنب چوري، ڪي پرين جي پار جون
خبرون
ٻڌائج ڪانگڙا ڪي، قرب واريون يار جون
خبرون
ڀلين آئين پکي پيارا، عجيبن کان اڏامي تون
اچي ويجھو ويھي مونکي، ڏجان دلدار جون
خبرون
ڪڏھن نڪتين قريبن کان، ڪري پرواز پرديسي
سڻائج صاف ساري تون، ھنئين جي ھار جون
خبرون
کيانتا ڏي خبر کولي، پرين پيارا ڪڏھن ايندا
ڀڳو ڀيرو ڀلارن ڇو؟، انھي اسرار جون خبرون
قسم ڪانگا اٿئي
’مردان‘ کي، محبن جي سگھي سڌ ڏي
وفا جا واعدا ڪيائون، انھي اقرار جون
خبرون
مير مجاهد پلي
لطيف ننگر
غزل
نه ڪر تون سينڌ هن جي کي چمڻ جي آرزو هاڻي،
بدلجي وئي زماني جي هوا سان گڏ هو هاڻي.
رقيبِ شهر ۾ هستي ۽ سر مستي رقيبن جي،
گهمن ٿا روپ بدليل ۾ ڪي دشمن ڪُوبَڪو هاڻي.
وفا جا خواب مدفن ٿيا اڃا تعبير پئي ڳولين،
اِهو ممڪن نه ٿي سگهندو ملون ٻئي دوبَدو هاڻي.
ٻئي رخسار محبوبي چپن جي آرزو رهندا،
وفا جي شهر مان منهنجو ٿيو ٽولو عدو هاڻي.
اڃا جي ٻول ٻوليوسين رقيب ِ پيار سڏباسين،
اِهو سوچي ڪئي بند مون سڄي هيءَ گفتگو هاڻي.
جنين سان گفتگو شيرين زبان سان مير ٿيندي هئي،
اُنهن جي تون زبان تي ڏس اوهان لئي آ هجو هاڻي.
محمد منٺار هوت
جهڏو
ڪافي
ڦِٽو سُک سهڻا، اکين ويو آرام،
سڄڻ ڪر سگهيرو، اچڻ جو انجام.
سڄو سال سڪندي آ گذري ويو،
ڀورن تان تو ڀُلجي نه ڀيرو ڪيو،
نڪي پاڻ آئين، نڪي خط سلام.
اُڏر ڪانگ قاصد تون پيارا پکي،
ڪجان عرض آزيون پيرين پَرَ رکي،
وڇوڙي وڏا ويڌ، دل ۾ وڌام.
نه ڪر يار مونکي، ڌڪي ڌار تون،
ڪيل قول واعدا، پرين پار تون،
ڏسان گس ڏهاڙي، تنهنجا صبح شام.
مٺا موٽ جلدي تون ’منٺار‘ ڏي،
دلاسو اچي ’هوت‘ کي يار ڏي،
محبت ۾ ڪاوڙ مٺا آ حرام.
عبدالغني’غني‘ هاليپوٽو
ثابت آباد
غزل
اڄ حسينن ساڻ هڪڙو گل سرِ محفل ڏٺم،
سو سڄڻ سهڻو سراپا سونهن ۾ ڪامل ڏٺم.
مست ساگر جيئن لڳن ٿيون ماڻڪيون محبوب جون،
هن سمنڊ جي ڪا
ڪنڌي ۽ ڪٿ نه ڪو ساحل ڏٺم.
تير
تارن جا اُلاري نازنين ڪئي جا نهار،
ڪان سي ڪُکيَن منجهاران دم انهي داخل ڏٺم.
رخ هزارن جو هؤ محبوب جي محلات ڏي،
مست ديوانا ملنگ اَبدال ۽ عاقل ڏٺم.
بلبلون بيحال ٿيون ڪلين ۾ ڪونهين ڪو قرار،
گُل به مُرجهايل
اتي جت باغبان غافل ڏٺم.
حرص وارن جي حوالي ڪوڙ ڪُلفت ۽ ڪُپت،
مرد مومن کان ڊڄي ڀڄندو رهيو باطل ڏٺم.
لک شڪر رب جا
’غني‘
اڄ عيد
ٿي اُلڪو لٿو،
من گهريو محبوب منهنجو
مون طرف مائل ڏٺم.
مصطفيٰ موج جنون چانڊيو
نبي سر
غزل
ڪنهن تانَ مٿي ٿِي تند تپي،
ڪو عشق عقابي جيءُ جهپي.
ڏس ٽانڊن جهڙي ٽياس مٿي،
ڪو کيڏاري ٿو خان کپي.
ٿا لاوي وانگر لفظ ٻرن،
پوءِ مان ڪيئن ويهان ڏات ڏپي.
ڪنهن ڪونڊي هيٺان چنڊ ڍڪيو،
ڪو عاشق ٿو ديوار ٽپي.
ڪا سُونهن کڙي ٿي تاري جيئن،
هوءَ ريساري ٿي هٿ کپي.
تون منهنجي مُنهن تي هٿ نه ڏي،
ڪيئن مَن ۾ هاڻي مُشق مَپي.
اَڄ ’موج جُنون‘ آ مستيءَ ۾،
رک برهه سوا ٻيا باب ٺپي.
ڏاتل خان چنا اُداسي
ڦلجي
غزل
سُونهن تُنهنجي سُهڻا سَتائي ڇڏيو آ،
مُنهنجو سُک آرام، ڦِٽائي ڇڏيو آ.
رات چانڊوڪي تُون ۽ مان،
بِستر تي گلاب، ڇَٽائي ڇڏيو آ.
تنهنجي سُوچن تي سَڄڻ مون،
حال پنهنجو، وڃائي ڇڏيو آ.
تنهنجا عَڪس، ڦِرن ٿا دل تي،
جڏهن کان تو پردو، هٽائي ڇڏيو آ.
ڏيان توکي، اَلقاب ڪهڙا پِرين،
ان سوچ ’اُداسي‘ کي، مُنجهائي ڇڏيو آ.
سيما عباسي
ڪراچي
غزل
ٿڪجون نه ٿا اسان ڇو تعمير ڪري پنهنجي؟
بي موت مُئي آ خواهش تدبير ڪري پنهنجي.
هرڪا گهٽي ادب جي اونداهِه وانگي گهاٽي،
ڪهڙيون ٻاريون مشعلون تحرير ڪري پنهنجي؟
دنيا کان دل ڀري آ، مولا ڏي دل وري آ،
سرشارِ دل ٿي صوفي تفسير ڪري پنهنجي.
روحاني راضپي کي پَسيو، تياڳي دنيا،
ماڻهن ۾ ڇا ڪنداسين تشهير ڪري پنهنجي؟
درياهَه جي حقيقت دلدل جيان نه سمجهو،
مولا پسايو جلوو تسخير ڪري پنهنجي؟
مالڪ جي آڏو هرڪا ساعت ٿي سجده ريز،
ڪا ٻاجهه ملي تنهن کان جاگير ڪري پنهنجي.
ياسين ڪنڀر
پنوعاقل
حالاتِ مشڪلاتون،
جذباتِ مشڪلاتون.
هر ڏينهن ڏک ڏئي ٿو،
هر رات مشڪلاتون.
رب سائين ڪر دفع سڀ،
آفات، مشڪلاتون.
ڪنهن ساهه منجهه سختي،
سڪرات، مشڪلاتون.
پيدا ڪري ٿي ڪنهن جي،
هر بات، مشڪلاتون.
ڪنهن ڪنوار لاءِ آنديون،
بارات، مشڪلاتون.
آ بادشاهه خاطر،
محلات، مشڪلاتون.
’ياسين‘ ٽاريندي آ،
صدقات، مشڪلاتون.
سليم رضا
ٽنڊوجان محمد
غزل
ڳول اسان کي ڳول زمانا،
دل جا هُون انمول زمانا.
پاڻ لڌاسين ماڻڪ موتي،
تون ڀل پيو ڇاڇول زمانا.
منهنجي دل دريا جيڏي آ،
تو وٽ آ ڪشڪول زمانا.
جوڪر جهڙو جيون گهاريم،
ڪونه مٽيئي ماحول زمانا.
پيار ڪيوسين پاڪ پويتر،
زهر نه ان ۾ گهول زمانا.
هيرن جهڙي منهنجي دِلڙي،
مِٽيءَ ۾ نه رول زمانا.
پاڻ نه ڪنهنجا ’رضا‘ پريتم،
پاڻ نه ڪنهنجا ڍول زمانا.
’بيتاب‘ ميرحسن مري
دولت آباد
غزل
هڪ پاسي دنيا ساري سندم دلدار هڪ پاسي،
هزارن ۾ هوندو هڪڙو هزارين وار هڪ پاسي.
ڪري سينگار سورهن جي اچي محبوب محفل ۾،
سڀني ۾ سو دفعا سهڻو سڄڻ سردار هڪ پاسي.
ڳچي سونا ٻڌي ڳانا پائي مالها ڪو موتين جي،
مگر ميهندي رتن سُهڻن هٿن جا هار هڪ پاسي.
ورائي وار جي ڪارا پرين رخسار پنهنجي تان،
جهڪيو مهتاب ڏي جهاتيون ڪرڻ ديدار هڪ پاسي.
لِکائي لک کڻي وٺجن قسم ناما به ڪاغذ تي،
عجيبن جا اکين سان ئي ڪيل اقرار هڪ پاسي.
نمائي ڪنڌ قدمن ۾ صنم کي مون ڪيو سجدو،
عقيدت سان عبادت جو ڪيم اظهار هڪ پاسي.
وڇوڙو نانگ ڪاري جيئن ڏنگي ’بيتاب‘ دل کي ٿو،
پري هڪ پل اسان کان جي ٿئي ٿو يار هڪ پاسي.
مير مختيار ٽالپر
ماتلي
غزل
چوي دل پيئي وَطن تي لکان مان،
جهانگين جي جُهوپن ڪکن تي لکان مان.
حُسن کي به ٽارڻ وڏو قِيس آهي،
ڳلن تي لکان ۽ چپن تي لکان مان.
اڙي ڏات تنهنجو اڃان ساٿ گهرجي،
پورهيت جي پگهر ۽ ڏکن تي لکان مان.
سڄي سنڌ سونَ وَرني آهي ڌرتي،
سڪل توڙي سادين ڀٽن تي لکان مان.
اڙي شهر جانا! اچين ياد پيو تون،
تنهنجي محبوبن جي، مِٺين تي لکان مان.
ڀريو پيٽ بُک ۾، امڙ جي هٿن تي،
۽ ڦاٽل چولي جي چتين تي لکان مان.
الهرکيو ’دَل‘ اُداسي
بچاءُ بند- پٿورو
ڪافي
اُلفت ۾ ٿي نه مون کان، پيارا پري پري،
جاني جدائي ۾ ڏس، دِل ٿي ٻري ٻري.
تو کان سواءِ هي آهن، اکڙيون اُٻاڻڪيون،
توريءَ نه ڪجهه ڏسن ٿيون محبوب ماڻڪيون،
تو کان پري انهن ۾، ٿو پاڻي تري تري.
تو کان سواءِ او سهڻا، هيڻو ٿيو حال آهِ،
سَوَ سور منهنجي سِر تي، جيئڙي جنجال آهِ،
محبوبُ مانَ مون ڏي، وارثُ وري وري.
آهي اندر ’اُداسي‘، من ۾ ٿو مچ ٻري،
دلبر جڏهن اچي ٿو، دل ٿي تڌهن ٺري،
ساعت سوا نه ان جي، دل جي سري سري.
ڪافي
تو اچڻ ڇڏيو، تو وڃڻ ڇڏيو،
توکي ڪهڙا پيڙا پور،
مٺا ڪجهه سوچ آهيان مجبور.
هيڏي وڏائي توکي ڪنهن ته ڏني آهي،
ڪنهن آ ڪيو مغرور.
جاني جدا جي مون کان ٿيندين،
روئي وڃائيندس نور.
’الهرکيو‘ آ تنهنجو ’اُداسي‘،
’دَل‘ کان ٿيءُ نه دور.
خطائي ٿيٻو
ٻوڏار فارم- عمرڪوٽ
غزل
جيڪو وڻي چئي ڏي، هي پيار آهي اهڙو،
مستن جو تنهن جي سامهون، اقرار آهي اهڙو.
ڪوئي ٻڏي تري ٿو، ڪوئي تري ٻڏي ٿو،
درياهه جي موج وانگر، سنسار آهي اهڙو.
مدهوش شيخ صاحب، پيئڻ سوا ڇو آهن،
ايمان کي کسيندڙ، سينگار آهي اهڙو.
ڪارِ جهان کان غافل ڪريو ڇڏي اسان کي،
هي عشق جو ته سائين ونهوار آهي اهڙو.
پنهنجا لڙڪ پيئو سڀ، سانگين جا سور اوري،
واقع وطن کي وٺندڙ ڪردار آهي اهڙو.
هن جي اڳيان ’خطائي‘، ذرو وڃان ٿو ٿيندو،
منهنجي پرين جو اعليٰ، معيار آهي اهڙو.
قائم الدين قائم ماڇي
لطيف ننگر
ڪافي
نيهن نمايا ڪئين ناٿ،
گهوٽ سوين تنهن گهايا ٿي،
محبت ۾ ڪئين مشتاق ٿيا،
سڄڻن اڳيان سر سوغات ڪيا،
عشق اهڙا اسباب ڪيا،
جن پيچ پرين سان پايا ٿي.
سڪ جي پيتائون سُرڪي ٿي،
پيار ۾ ويا پُر ٿي سي،
هيل آيا جر ٿي سي،
تن سوري سر سجايا ٿي.
’قائم‘ ڪيائون پرين سان پوري،
پوئتي نه ٿيا ڏنائون سر سوري،
خوش ٿي آيا وٽ کوري،
تن پتنگن پاڻ پچايا ٿي.
بابُو جوڻيجو
ڳڙهي ياسين
غزل
غم کُٽن ئي ڪونه ٿا،
ڪم کُٽن ئي ڪونه ٿا.
روز روز زمانا تنهنجا،
ستم کُٽن ئي ڪونه ٿا.
مَرهم هڻندي پوءِ به،
زخم کُٽن ئي ڪونه ٿا.
منهنجا اُلڪا ۽ سوچون،
صنم کُٽن ئي ڪونه ٿا.
منهنجي هوندي ڄڻ ناهي،
وهم کُٽن ئي ڪونه ٿا.
راز علي گل ڀٽو
ڳڙهي ياسين
چؤسٽا
زهر جو ڍُڪ اگر جي پي وڃجي،
ڏاڍي سنهنجي حياتي جي وڃجي،
درگذر جو در سدا کُليل رکجي،
هي سبق هي پونئرن کي ڏئي وڃجي.
حُسن کي جو غُرور هوندو آ،
سبب ان جو ضرور هوندو آ،
معشوقن جو مَن وڌائڻ ۾،
عاشقن جو قصور هوندو آ.
قطعا
زخم دل جا اڃان به تازه هِن،
پنهنجي پيارن جا مان ڏنگيل آهيان،
هٿ آجا هجن ته ملم مکيان،
ڪنهن جي وارن سان جو ونگيل آهيان.
لُڏندي جي لامَ تي به طوطا ڏٺا مون،
ته تنهنجي ڏنل ڪا چُمي ياد آئي،
هاريءَ جو ٻچڙو بُبي تي نه پَرتو،
ته ٿر جي مون کي ڪا اَمي ياد آئي.
اقبال بلند ٿيندو آ ڪردار جي ڪري،
لعنت جي لائق ٿي پيو انڪار جي ڪيائين،
غريب جو احساس امير جي نه اندر آ،
غربت ضعيف آهي زردار کي چيائين.
بيتاب ناپر
شڪارپور
غزل
نرڳ جي باهه ۾، اُڇل مون کي،
يا سَندي ساهه ۾، اُڇل مون کي!
سمجهه ساڃاهه مون وڃائي آ،
سمجهه ساڃاهه ۾، اُڇل مون کي!
ترسُ! ديپن ۾ خون ڌريان مان!
پوءِ اُونداهه ۾، اُڇل مون کي!
مان به حضرت خليل جو عاشق،
سُرخ آڙاهه ۾، اُڇل مون کي!
رات جاتي روئي ڀٽائي پيو،
رات تنهن راهه تي، اُڇل مون کي!
سنڌ منهنجي وُجود ۾ پياسي،
مست درياهه ۾، اُڇل مون کي!
ڍنڍَ تي ڪو سڏي رهيو آهي،
هاءِ! ڀٽ شاهه تي، اُڇل مون کي!
چار ڀريون ڏئي ڪتابن جُون،
ڪنهن درسگاهَه ۾، اُڇل مون کي!
نذر عباس
غزل
جيئڻ جو اُتساهه کڻي ويو،
چوري چوري چاهه کڻي ويو.
ڇا ته ڇڏي ويو هڪ ڏينهن مونکي،
منهنجا سڀ ويساهه کڻي ويو.
ڇا جو سنورڻ، ڇا جو سنبرڻ،
هُن سان هئا سڀ ٺاهَه کڻي ويو.
منهنجي آڳر ڏيئي اماوس،
مَن جو روشن ماهه کڻي ويو.
مان جو هن کي ڳوليان پيو ٿو!
منهنجا رستا راهه کڻي ويو.
ڪيئن چوان ۽ ڪنهنکي چئجي،
اهوئي سڀ ڪجهه آهه کڻي ويو.
مون وٽ هاڻي ڪجهه ڀي ناهي،
محبت، اُلفت، چاهه کڻي ويو.
’عباس‘ اڃان تائين آ ويڳاڻو،
سُرت، سمجهه، ساڃاهه کڻي ويو.
عبدالواسع ’عبد‘ سهندڙو
شڪارپور
نعتيه غزل
هزارين مان نه رڳو
تنهنجي حسن ڪيا اي مير مڪي، مخمور هزارين مان نه
رڳو،
هر مُرڪ مٿان مفتون ٿيا، منصور هزارين مان نه رڳو.
ابوبڪر عمر عثمان علي، ها چار چڱا تو يار ولي،
هن ملڪ سڄي هي ڳالهه ٻڌي، مشهور هزارين مان نه
رڳو.
هي عرب سڄو ۽ عجم سڄو، هڪ جهلڪ سندو ڇا عجب ڪيو،
تو قرب ۾ قابو قيد ڪيا، مغرور هزارين مان نه رڳو.
تو ٻاٽ ۾ آهي لاٽ ڏني، بي راهن کي آ واٽ ڏني،
سڀ واٽ انهن تي راهي ٿيا، مجبور هزارين مان نه
رڳو.
تو لهب جهل کي مات ڏني، تو زيد زبير کي ذات ڏني،
جي عام هئا سي خاص ٿيا، ڀرپور هزارين مان نه رڳو.
جت شرڪ ڪفر جا ڪوٽ هئا، ۽ ڏاڍ ڏمر جا اوٽ اجها،
اُت خاص خلاصي جلد ٿيا، محصور هزارين مان نه رڳو.
تو جنگ جدل جي پاڙ پٽي، تو امن امان سان ماڙ مٽي،
ٿيا جُوءِ سڄي جا جوڳي هي، مسرور هزارين مان نه
رڳو.
تنهنجي پگهر منجهان ٿيو پيدا عطر، سرهاڻ جنهن جي
سرس سوا،
هٻڪار گهُلي چوڌار ٿيا، معطور هزارين مان نه رڳو.
جنهن جنهن کي ڏنو تو چاهه چُڪو، پي آهه ٿيو پوءِ
تنهنجو پڪو،
هي هاري ناري گهور ٿيا، مزدور هزارين مان نه رڳو.
ليئو پاتو جيئن ئي لالڻ تو، ويو نور ظهور فلڪ
سندو،
سَڀ لاٽ ڏٺي ڪيا بات ڏٺي، پُرنور هزارين مان نه
رڳو.
ڇا تعريف ڪري هي ’عبد‘ ادا، صلوات پڙهي ٿو خود
خدا،
ٿيا مست الست ٻار ٻڍا، مستور هزارين مان نه رڳو.
نم ناز
ٽنڊو جان محمد
غزل
داستان ڪهڙا چوان، يار جي دستور جا،
وار تي ڪيئي وار ٿيا، دلربا جي گهور جا.
مُرڪ هُن جي چقمقي، سنگِ مرمر جو بدن،
خوبرو ماه لقا، ڇا ته تجلا حُور جا.
رقص تارن آ ڪيو، ٿي فضا ۾ دل ڪشي،
زلف ڪارا ٿا لُڏن، نازنين مغرور جا.
چنڊ چوڏهين جو چڙهيو، فلڪ جي اڄ اوج تي،
غضب جو سمان، ڄڻ ته جلوا طور جا.
نيڻ هُن جا ميڪده، هوش ٿي ويا سڀ خطا،
خوب ٿيا آهن نَشا، برهه ۾ ڀَرپور جا.
سُرخ لالڻ جي لبن، من ڪيو بي تاب آ،
لُڙڪ سانوڻ جيئن وسن، شخص ڪنهن مجبور جا.
بند نيڻن جا ٽُٽا، جنهن گهڙي هُن مُنهن مَٽيو،
درد ڪَر موڙي اُٿيا، عشق جي ناسور جا.
ڪو چئه جانان ۾ وڃي، شوق مِئي جو اڄ ڪجي،
’ناز‘ وارن جي هٿان، جام پي انگور جا.
عبدالجبار ’عبد‘ سومرو
شڪارپور
غزل
هر چيز جي مالڪ کان گهرڻ آهه ضروري،
مشڪل ۾ سندس نانءُ وٺڻ آهه ضروري.
مدنيءَ جو وٺون نانءُ ٿا دل خوب ٺري ٿي،
محبوب جي واکاڻ ڪرڻ آهه ضروري.
پاڙون ئي پٽي هاڻ ڇڏيون پاڻ بديءَ جون،
حق سچ جو وري هوڪو ڏيڻ آهه ضروري.
ڪيني کي ڪڍو، ڪوري ڇڏيو ڪوڙ کي ساڙي،
وهنوار محبت جو، ڪرڻ آهه ضروري.
بيدار ٿي پوندي هي سُتل قوم به پيارا!
غفلت جي رڳو ننڊ مان اُٿڻ آهه ضرروي.
تعمير ۽ ترقي ٿئي، سدا قوم جي يارو!
پوءِ راهه اهائي ته وٺڻ آهه ضروري.
ويڇا به ڇڏي سارا، اخوت سان رهون سڀ،
اوصاف هي انساني رکڻ آهه ضروري.
سنسار جا ڪم ڪار ڇڏي پاڻ سمورا،
’يارن سان ملاقات ڪرڻ آهه ضروري.‘
مدنيءَ جا سچا يار اَٿئي چارئي ڀلارا،
اي ’عبد‘ سچو تن کي مڃڻ آهه ضروري.
مايا ساگر اوڏ
ٽنڊوالهيار
وائي
ڪُٺئي ڪانيءَ قرب سان.
ڪنهن جي ڪينَ مجال.
ڪٺئي ڪانيءَ قرب سان،
مستانو ٿو من رهي،
حق حق حيدر حال،
ڪُٺئي ڪانيءَ قرب سان.
جوڳيءَ جهڙو جيئڙو،
ڪهڙي چاهت چال،
ڪُٺئي ڪانيءَ قرب سان.
موڳو منڙو ٿو مُنجهي،
ڪيئي قرب ڪمال،
ڪُٺئي ڪانيءَ قرب سان.
ڪهڙي ڪم جون ڪاتيون،
ديدون هِن دونال،
ڪُٺئي ڪانيءَ قرب سان.
ساگر علي ميراڻي
نوابشاهه
غزل
پيار ڏئي پوءِ ڌار ڪيئي ڇو،
وڇڙڻ وارا وار ڪيئي ڇو.
پِٿون پير ڏسي ٿو سوچان،
رستا منهنجا خار ڪيئي ڇو.
توبن ڪين سري ٿي منهنجي،
بيوس ۽ لاچار ڪيئي ڇو.
گڏ هُئين تان شاد هئي دل،
وڇڙي اڄ نادار ڪيئي ڇو.
توکان اڳ ڪم ڪار هئا ڪيڏا،
’ساگر‘ کي بيڪار ڪيئي ڇو.
غزل
حق گهرڻ کان ڇو ڊڄان مان،
۽ ڪُسڻ کان ڇو ڊڄان مان.
ڳوٺ جو آهي وڏيرو،
سچ چوڻ کان ڇو ڊڄان مان.
هُوءَ تنها وئي ملي آ،
ڪجهه چوڻ کان ڇو ڊڄان مان.
دل ڊهي اڪثر ٺهي آ،
پوءِ ڊهڻ کان ڇو ڊڄان مان.
دل ڏکن جي عادي ’ساگر‘،
غم سهڻ کان ڇو ڊڄان مان.
اسد ’جمال‘ پلي
عمرڪوٽ
اچ مِٺا محبوب منهنجا، انب موريءَ تي هلون،
پيار جا پيغام پهتا، انب موريءَ تي هلون.
ميرپور
۾ ٿي نمائش، انبن جي هر سال ٿئي،
انب موريءَ
تان گهڻيرو، مال هت کڄيو اچي،
سهڻي صورت، واهه خوشبوء، من اندر مهڪيو وڃي،
جِت ٿين ٿا رس ڪٺا، انب موريءَ تي هلون.
ڏس ته ’قلمايئون‘ قلم سين، ڪيئي جنسن جا انبار،
هڪڙي ٿڙ جون آهن ٽاريون، پوءِ به جنسون ڌار ڌار،
ٻوڪجي هي وڻ سڀئي ٻور ۾ ٿيڙا تيار،
انگ ڪئين آگم انگيا، انب موريءَ تي هلون.
آه گرمي جو اجورو، ڪيئن ڏنو ڪلتار ڏس،
چهچ ساين انبڙين سان، وڻ سڀيئي ٽمٽار ڏس،
واه جا ٺهندا هنن مان،
چٽڻيون،
آچار
ڏس،
رس ۾ رنگجي پيا لٽا، انب موريءَ تي هلون.
ساک
سنڌڙي
آ ڏني، ان کان ته هر آگاهه آ،
ويو ڏُڪارن جو زمانو،
سنڌ
۾ نئون ساه آ،
ملڪ مالڪ جو سمورو ٿي ويو وهواه آ،
ڏک ڏولاوا لٿا، انب موريءَ تي هلون.
سڀ کان پهرين چک
سرولي،
پوءِ
پتاشي
جو مٺاس،
واه
دسهري،
واه
لنگڙو،
واه
ليلم
جو لباس،
واه
طوطاپوري
تڪڙو،
ديسي
آيو دل کي راس،
سنڌڙي
ڪارا، اڇا،
انب موريءَ تي هلون.
ڏس ٽَڪون ڪاهي اچي، سودن تي سوداگر گڏيا،
ڪي پُريا
پنجاب
ڏانهن ۽ ڪي
ڪراچي
ڏي ڪڏيا،
محنتون
هاري
ڪري ۽ مال ميڙين
سيٺيا،
هل ڏسون هُن جو لقا، انب موريءَ تي هلون.
انب موريءَ تي هلون ٿا، جت اٿئي انب عام جام،
جوس
هن جا سال سارو ٿو پيئي سنڌ جو عوام،
هن جا
مربا
ڀي موچارا، هن ۾ صحت جو پيام،
ٺهن
گٽلين
مان
رانديڪا،
انب موريءَ تي هلون.
ڪرڙ ڪانڊيرا
ڀلا، پر واهه نالو انب جو،
اَنب شيدي،
انب مهاڻو، جوڳيءَ
تي نالو انب جو،
رب ڏنو آ، پُٽ پوڻيٺي ۾ نالو انب جو،
سوڻ ٻولائي سٺا، انب موريءَ تي هلون.
جيئن رسالن ۾
رسالو شاهه
جو مهندار آ،
حاڪمن ۾ سنڌ جي جيئن ’ڄام
نندو‘
يار آ،
ائين انبن جي راڄ ۾ ’سنڌڙي سڀن سردار آ،
ڄڻ مکڻ ماکي مليا، انب موريءَ تي هلون.
پيار جا پيغام پهتا، اانب موري تي اچو،
واه وصل جا واءَ وريا انب موري تي اچو،
’زاهد‘
۽ ’منظور‘،
’نم‘
وٽ، انب موري تي اچو،
قرب ’قاسم‘
ڪيا وڏا، انب موريءَ تي هلون.
شل نه پهچي ڪنهن بُري جي باغ تي ڪا بد نظر،
موجزن
مهراڻ
کي رک منهنجا
موليٰ،
تار تر،
سون ورنا پٽ سڀئي،
پراڻ
جا ساوا نگر،
شاد ۽ آباد ٿيا، انب موريءَ تي هلون. |