سيڪشن: رسالا

ڪتاب:مهراڻ 02/ 2021ع

باب:

صفحو:5 

ڊاڪٽر نوازعلي شوق

ڪراچي

 

 

 

 

قاضي قادن جو ڪلام

قاضي قادن جي ڪلام جي مختصر سمجهاڻي

        (هن مضمون کي ’مهراڻ‘ جي ٻن پرچن 4/2020 ۽ 1/2021ع پرچن سان ملائي پڙهندا)

(76)

کنج ڏيئي جهَلِيو، جنهين روحَ رَساءُ

تِنهين سَندي تُرهڙي، سونهاري سَڀاءُ.

جن پيارن منهنجي رُوح کي ٻڌي سوگهو ڪيو آهي، سيئي سڪ واري تُرهي ذريعي مون کي پار پهچائيندا، ڇو ته اهي سهڻي سُڀاءَ وارا آهن (انهن ۾ ڀلائي جا ڀير آهن).

(77)

سَڄڻُ ڏَڄڻ ڏيک ڪي، چت نه ڪِجي ڀنگُ

لوڻي ٿيئي پارچي، لاک نه ڇڏي رنگُ.

سڄڻ جيڪڏهن توکي (ڪنهن وقت) ڏڄڻ (دشمن) محسوس ٿئي ته دل ۾ ڪو وسوسو، افسوس يا ارمان نه ڪر (ڇو ته سڄڻ ڏڄڻ ٿي نه ٿو سگهي). لاک رتل لوئي ڀلي ڪيڏي به ليڙون ليڙون ٿي وڃي، تڏهن به اهو لاک وارو رنگ لهي نه ٿو سگهي. (سڄڻ کي سدائين سڄڻ سمجهه، ان تي ڪڏهن به اهڙو شڪ گمان نه ڪر ته هُو ڏڄڻ ٿي ويو آهي).

(78)

ٿُنڌُ مَ ٿاء ڪُٿاءِ، ٻوڏ چَوَنِي جيءُ چَئه

جي ڀانئِين پرينءَ مِڙان ته ڏوهَنئون ڳُڻ ڀانء.

اي طالب! جتي ڪٿي ڌڪا ڌوڻا نه کاءُ، اجايو رُلڻ پنڻ ڇڏي ڏي، جيڪڏهن پيارا پرين توکي ”ٻوڏ“ چون، ته تون انهن کي ”جيءُ“ چؤ. جيڪڏهن تون پرين سان ملڻ چاهين ٿو، ته ان کي هر حال ۾ جيءُ چوندو رهه. هنن جي ڏوهن کي به ڳڻ سمجهه.

(79)

هُنِئون وِنڌا وِجُهه مَ تون، سيڻان ويڻ مَ ڪَٿِ

پيهي مَنجُهه ڪڻيون ڪرين، توء کُوٽي ۾ هٿ.

هُنن (پيارن پرين جي) پريت ۾ ڪا وِٿي يا گهاري نه وجهه، انهن سان ڪو ليکو نه ڪر، (اَن پيهندڙ عورت وانگر) تون اندر ئي اندر وڇوڙي واري چڪي ۾ پيسجندو رهه. ڪڏهن به اُن چڪيءَ جي هٿيي مان هٿ نه ڪڍ. شاهه لطيف فرمايو آهي:

نهائين کان نينهن، سک منهنجا سپرين

سڙي سارو ڏينهن، ٻاهر ٻاڦ نه نڪري.

(80)

اکيون آڪاسانههِ ، فوجون ڪري اُلٿِيُون

سوڙهي ڳلي منجهانهِه، سوجهي پرين لهندُيون.

پنهنجي پرينءَ کي پسڻ لاءِ، اکيون ڄڻ آڪاس مان فوجون ڪري لٿيون آهن. پرين ڪٿي به هجي، ڀلي کڻي ڪنهن سوڙهي ڳليءَ ۾ ويٺو هجي، ته به اُهي پنهنجي پرينءَ کي سولائيءَ سان ڳولي لهنديون.

(81)

اُڀَرندي سِجان، پرين جي نه پَسَندِيوُن

ڪَڍي کي ڪانگان، نِوالا نيڻ ڏيان.

جيڪڏهن سِڄ اڀرڻ سان ئي منهنجون اکيون پنهنجو پرين نه پسن (ٻئي پاسي نهارينديون رهن) ته اهڙيون نڀاڳيون اکيون ڪڍي ڪانگن کي ڏيان ته ڀلي ان جو لقمو ٿي وڃن.

(82)

جي اکڙين الڌ، ماءُ سي سڄڻ آئيا

ڳالهڙيون پرين سان اوريان لهي نه سڌ.

اي امڙ! جيڪي پرين اکين کان اڻ لڀ هئا، (جن کي اکيون ڳولهي نه سگهيون) سي مِهر ڪري مون وٽ هلي آيا آهن. وڇڙيل پرينءَ جي ايڏي سڪ هئي، جو جيتريون به پيار محبت جون ڳالهيون ڪريان ٿي، سِڪ پوري نه ٿي ٿئي.

(83)

جَڏهانڪُون پريُن، ٻَڌو عَهدُ اکين سين

تڏهانڪوُن ترڪ ڪِي، ننڊ مون نيڻن.

جڏهن کان منهنجي پياري پرينءَ سان اک اڙي آهي، ته مون ان سان نڀائڻ جو وچن ڪيو آهي ۽ ان وقت کان وٺي منهنجي ننڊ حرام ٿي وئي آهي. ڪنهن شاعر چيو آهي.

جڏهن کان اک لڳي توسان، تڏهن کان اک لڳي ناهي.

(84)

توڙي هُئِن وَسيُون، مَئِن سَهسين ماڙُهوئين،

اکين کي مُتيُون، جتي هوئِن مان پرين.

جيتوڻيڪ ڪيڏي به وَسنءُ هجي، سوين ماڻهو رهندا هجن (پر حق جي طالبن کي اتي آرام نه ايندو) اکڙين کي آرام اتي ايندو، جتي پيارو پرين هوندو.

(85)

ڪُهي ڪيا شَهيدَ، تو جي اکڙين سان

تن تُنهنجي تاتِڙِي، نه ڪو عيشُ (نه عيدَ).

(اي پيارا پرين!) تو پنهنجي قاتل اکين سان جن کي ڪُهي شهيد ڪيو آهي، تن کي تنهنجي ئي تات آهي، نه کين عيش حاصل آهي ۽ نه وري ڪا عيد جي خوشي ملهائين ٿا.

(86)

ايءَ پر سندي سڄڻان، جي ڪُهن ۽ ڪوٺين.

محبوبن جي (هميشه کان) اها ئي (ظالماڻي) ريت رهي آهي جو پاڻ ئي (عاشقن کي) ڪوٺين ٿا ۽ قتل ڪن ٿا.

(87)

جيڪُس نالائِق، آءٌ سِياپي سَڄَڻان

تيلاه منهنجي سِڪ، سُپريان کي ڪِي نه ڪَري.

شايد آءٌ انهيءَ جي لائق نه آهيان، جو پياري پرينءَ جي سڱ سياپي، مِٽي مائٽيءَ ۾ اچي سگهان. (انهن جي برابريءَ جي لائق نه آهيان) تنهن ڪري منهنجي سِڪ پياري پرينءَ تي ڪو اثر نه ٿي ڪري.

(88)

بندِي سَڀ قرارَ، اسان لوچَڻ لوهَڙِيين

مٿي تنَ ترار، سَدا سُپرين جي.

ٻيا سمورا قيدي قرار ۾ آهن، باقي اسان (وڇوڙي جا ماريل) لوهن زنجيرن ۽ لُڇون ڦٿڪون پيا. (ڇو جو ) اسان جي سِر تي محبوبن جي ياد واري ترار سدائين ٽنگيل آهي.

(89)

چوي سَڀَڪوءِ، محبتي مانَ ٿيان

اِن درِ اگهيو سوءِ، جو سيباڻو  سڄڻان.

هر عاشق جي اها سڌ هوندي آهي، ته ان کي مٺي محبوب جي محبت ۽ صحبت نصيب ٿئي. پر محبوب جي در تي اهو ئي مانُ لهي ٿو، جنهن کي اهو محبوب چاهي ٿو.

(90)

جَڏڻ منهنجا سُپرين! ڏِٺئي جيلاهِين

جوڙَ جَهانان اکيوُن تويک تيلاهِين.

منهنجا پيارا پرين! جنهن وقت تو پيار ڀرين نظرن سان نهاريو، تنهن وقت کان ئي اکڙين ٻيو سارو جڳ ڇڏي، توسان ئي پيار ڪيو.

(91)

سَڌ سڀئي ڪَرِين، پريان جي پريتڻي

سڄڻ تني سامُهُون، جي جيءُ جهوُمي ڏِين.

هر عاشق پرين جي پريت جي سڌ ڪري ٿو، پر محبوب ان سان پيارُ ڪري ٿو، جيڪي ان تان جان قربان ڪن ٿا (ڇو ته عشق ڪا راند نه آهي. اُتي سر گهورڻو پوي ٿو).

(92)

سُتي، ويٺي، اُٿيي، ڳالهائيندي ڳيندي

اسان تُسان جي تاتِڙِي واٽڙيين ويندي.

اي پيارا پرين! ستي، توڙي ويٺي، اٿيي، بيٺي، ڳالهائيندي يا ڳائيندي يا واٽن تي ويندي، اسان کي اوهان جي تات تُوت آهي (سفر توڙي حضر ۾ هر وقت پيارو پرين ياد آهي، ان کي هڪ پل به وساري نٿا سگهون، ڇو ته ان کي وسارڻ اسان جي وس ۾ ناهي).

(93)

جي تو لائِي رَچمَچ، ته ڇپَڻُ لِڪَڻُ لاهه

زَهَرُ هَلا هلُ هَٿِ ڪر، ڪارڻَ پريان کاء.

جي تو عشق ڪيو آهي ته پوءِ لڪڻ ڇپڻ ڇڏي ڏي. عشق جو پڌري پٽ اظهار ڪر، (ڇو ته عشق ۽ مشڪ ڪين لڪندا آهن) جيڪڏهن پرين توکي آزمائي ۽ قاتل زهر کائڻ لاءِ چئي ته اهو به محبوب خاطر هٿ ڪري کائي ڇڏ.

(94)

سوئيريان سَنهڙو، جُه تنُ ڪيوء نه تِيئن

توکي اکڙُين ۾، پرِين پائيندا ڪيئن.

(عشق آسان نه آهي) جيستائين تون پنهنجو تن بدن پيهي سرمي جهڙو سنهو نه ڪندين (تيستائين پرين) توکي پنهنجي اکين ۾ ڪيئن پائيندا (ونين ۾ ڪيئن ويهاريندا).

(95)

پَئُه پَڌرِ سيڻان، لِڪجُ لِڪَندين ڪيترو،

ٻُڏا چاءُ سَندان، ڪوڏ نُون سَڄا مِيهَڻا.

پنهنجي پرينءَ جي عشق ۾ نسنگ نروار ٿي بيهه، ڪيترو پاڻ کي لڪائيندين؟ (عشق ۾ لڪ لڪاءُ نه ڪرڻ کپي، هونئن به عشق ۽ مشڪ ڪين لڪي سگهندا آهن) تون ماڻهن جا طعنا تنڪا، محبوب خاطر خوشيءَ سان سهندو رهه.

(96)

الان جيهي اُل، تُسان نه اسان جيتري

پريان جامِعُ اُل، تِنهه سان ٻيائيي اُلِئن.

جيتري عشق جي آتش اسان جي اندر ۾، اوتري اوهان جي اندر ۾ نه آهي. (حقيقت ۾) اها عشق جي آتش محبوب وٽان ئي سيني ۾ پيهي وڃي ٿي (ڇو ته محبوب وٽ ئي محبت جو مچ ٻري ٿو) ٻين کي به اتان ئي سوز حاصل ٿئي ٿو.

عثمان فقير سانگي پنهنجي هڪ ڪافيءَ ۾ چيو آهي:

عشق جي آتش اها ڪئمانا،

لنگهه ڪي ويندي لامڪان،

عرش ڪنون ڇا آئي هي،

يار ڏاڍي عشق آتش لائي هي.

(97)

جي مَنَ مانِهه سي نانِهه، جي نانِهه سي ڏِسڻ گهڻا

موڙهو منجهه وڳانِهه، هيئڙو نولي ڍورَ جئن.

جيڪي من گهريا محبوب آهن، سي موجود نه آهن، مگر عام ماڻهو گهڻا ئي ڏسڻ ۾ اچن ٿا. منهنجي حالت ان نئلي ڍور جهڙي آهي، جيڪو پنهنجي ڌڻ کان ڌار ٿي، ڪنهن ٻئي ڌڻ ۾ اچي منجهي پيو آهي.

(98)

جي مَن مانهه، سي نانهه، جي نانهه سي ڏسڻ ۾ گهڻا

تني ڪبو ڪانهه، جن گڏيي گوندر نه لهي.

جيڪو من جو محبوب آهي (دل کي وڻي ٿو) سو نظر ئي نه ٿو اچي، جيڪي دل کي نه ٿا وڻن، سي گهڻا ئي نظر اچن ٿا. انهن کي ڇا ڪبو؟ (انهن جي ملڻ مان ڪهڙو فائدو) جن جي ملڻ سان ڏک ڏور نه ٿين، سُور ڪافور نه ٿين.

شاهه ڪريم فرمايو آهي:

وَرُ سا سڃي ويڙ، جنهن ۾ سڄڻ هيڪڙو

سو ماڳو ئي ڦير، جتي ڪوڙ ڪُماڻهوين.

(99)

جُه مِهراڻ موج ڪئي، ته ڇاڳر سَهي نه سَٽَ

اِيئن پريان سندي ڳالهڙِي، رَهي نه اندر گهٽَ.

جڏهن  مهراڻ موج ۾ اچي ٿو، ته ٻوڙ ٻوڙان لائي ڏئي ٿو، سڀ ترايون ۽ تانگها پاڻي جي اها سٽ سهي نٿا سگهن. (اهي اهڙو ٻڏي وڃن ٿا، جو انهن جو نالو نشان به نه ٿو رهي). اهڙي ريت جڏهن پرينءَ جو پُور پوي ٿو ته اهو دل ۾ سمائجي نه ٿو سگهي. (بي اختيار ڳوڙها ڳڙي پون ٿا).

(100)

ماءَ! مُصَلي ويرِ، هاڻي ويئي وِسري

عيدَ ڪَرِيندِي ڪير، مان کي سڄڻ گڏيو.

اي امڙ! (مون کي اهڙو عشق لڳو آهي جو) وقت تي مصلو وڇائڻ ئي وسري ويو آهي. مون کي مٺو محبوب ملي ويو آهي، منهنجي لاءِ اها ڄڻ عيد آهي، تنهن ڪري ٻي عيد جي ضرورت ئي نه آهي.

(101)

روئِي مَ ڪَرِ پَڌرو، هَٺَ مَنجهيئِي حالُ

جان جان پريان نه مِڙين، تنُ ڪاٺي جيئن ٻالِ.

(عشق جو احوال) روئي پڌرو نه ڪر، اهو راز سيني اندر رهڻ ڏي. جيستائين توکي پياري پرينءَ جو وصال حاصل نه ٿئي، تيستئاين پنهنجو جسم ڪاٺيءَ وانگر ٻاريندو رهه. (جدائي ۾ سڙندو پچندو رهه).

ڀٽائي فرمايو آهي ته:

نهائين کان نينهن سک منهنجا سپرين

سڙي سارو ڏينهن، ٻاهر ٻاڦ نه نڪري.

(102)

پريان سَندِي ڳالهڙِي، مَرُ مَنجهين ئي هوء

ٻُڌائي ٻيَن کي، ڪيهو ڪاڄُ سَرِيوء.

پنهنجي پياري پرينءَ جي ڳالهه (راز) پنهنجي من ۾ رهڻ ڏي. ٻين کي ٻڌائڻ مان ڪو فائدو ڪونهي. (ڇو ته جڏهن راز پڌرو ٿئي ٿو ته پوءِ راز نٿو رهي).

(103)

سَڄڻَ منجِهه هُئامِ، مون ويٺي واءُ ٿِيا

هيڏان هوڏان هَٿڙَا، هِيئِين جاڙ وِڌامِ.

منهنجا سڄڻ ته منهنجي من ۾ ئي هئا، مان کين سڃاڻي نه سگهيس ۽ هُو هليا ويا، هينئر کين ڳولڻ لاءِ هيڏانهن هوڏانهن رُلڻ اجايو آهي.

(104)

سُورُ جِنهين کي هوء، ليهان تِنهين اُڀرَن

ڪاٿي ڪو ڏٺوء، دانهان ڪندو سَوُرَ بن!

جن کي اندر ۾ آزار هوندو، تنهن کي سُورَ سٽون ڏيندا. بنان سُور دانهون ڪندو ڪو توکي نظر آيو؟

(105)

اُونهان اندَر ماهَ، ٻاهَرِ ڌڪَ نه پَڌِرا

ويڄُ ڪَرِيندو دَاهَ، پسڻ سان واڍوڙيَا.

منهنجي اندر ۾ اونها گهاءَ آهن، پر اُهي ٻاهران نظر نٿا اچن. اهي گهرا گهاءَ ڏسڻ سان حڪيم کان دانهن نڪري ويندي.

(106)

وچاران بي بَٺِ، تؤجَلُ ٻاهرِ نِڪري

اسانهنجي هَٺِ، کامَڻُ لُوسَڻُ مَنجِهه ٿيو.

آوي (جيڪا ٻاهران ڍڪيل هوندي آهي) تڏهن به ان جي تپش ٻاهر کان معلوم ٿيندي آهي، پر عشق جي آتش ۾ کامڻ پچڻ پڄرڻ جي باوجود، ٻاهر ٻاڦ نه ٿي نڪري.

(107)

روز محشرَ جتهين سَتر سِجَ تپَن

سَڀَوئي جُهڙُ ڀانئيان، جي مون پرين مِڙَن.

حشر واري ڏينهن جتي ستر سجن جيتري تپش هوندي، پر جيڪڏهن منهنجو محبوب گڏ هوندو، ته مون کي ايئن محسوس ٿيندو ته ڄڻ مٿان جهُڙ آهي. محبوب جي مهر ڄڻ جهُڙ مثل آهي، تنهن ڪري تپش محسوس نه ٿيندي.

(108)

حقيقي مون سيڻ، وَسن شهر حَقيق ۾،

ڳالهِين چون حَقِيقِيان، چوَن حَقِيقِي ويڻ.

منهنجا سڄڻ سچا آهن، تنهن ڪري اهي سچ واري شهر ۾ رهن ٿا ۽ سدائين حق سچ چوندا رهن ٿا. سندن ويڻ به حقيقت کان خالي نه هوندا آهن.

(109)

شَفِيقي مون سيڻ، وَسن شَهر شَفيق ۾،

ڳالهه چون شَفيقيان، چون شَفِيقي ويڻ.

منهنجا محبوب ڏاڍا مٺا ۽ مهربان آهن ۽ اهي سدائين مِهر ۽ شفقت واري شهر ۾ رهن ٿا. هر ڪنهن سان شفقت ڪن ٿا، ڪا نصيحت ڪن ٿا ته اها به شَفقت سان ڀريل هوندي آهي.

(110)

پاڙي ۾ وَڻُ هيڪَڙو، سو مون گهڻو سُهاء،

ٺار وِهاري سَڄَڻان، ڇَڙِي ڀي وڻراهِ.

منهنجي پاڙي ۾ هڪڙو وڻ آهي، جيڪو مون کي ڏاڍو وڻي ٿو، ان جي ٿڌي ڇانوَ منهنجي سڄڻ کي سڪون ٿي ڏئي، تنهن ڪري اهو هڪڙو ئي وڻ ڄڻ وڏي وڻراهه آهي.

(111)

اڇا ٻَگهه مَ پَسُ، وَرُ ميرا ئي هنجهڙا

رَتا جي خالق سين، تني لڳي مَ ڪَسُ.

اڇا ٻگهه ڏسي ايئن نه سمجهه ته اهي سهڻا آهن (رنگ تي هرکجي نه پَئُه) انهن کان سهڻا هنجهه پکي آهن، توڙي جو انهن جو رنگ ميرانجهڙو آهي. اهي پنهنجي خالق سان رتل آهن، تنهن ڪري انهن کي ڪو داغ لڳي نٿو سگهي.

(112)

سَرُ سُڪِي کڙيُون ٿيو، اُڏڻ لڳي کيههِ

مانا سَر جي هنجهڙي لڏي ڇڏيو ڏيهِه.

وڏو تلاءُ سُڪي کيڙي ٿي ويو، اتان مٽي پئي اڏامي. انهيءَ وڏي تلاءَ ۾ رهندڙ هنجهه، اتان اڏامي هليو ويو.

(113)

هُنَ سَرَ سندا هَنجهڙا، اِتي ئي آهين

ڳالِهين رب پَرِتِيان جو مَنگي تنهه ڏين.

هُن تلاءَ جا هنجهه، اڃا اتيئي موجود آهن (ڇو جو تلاءَ ۾ وڏو پاڻي موجود آهي) يعني هن جڳ ۾ اڃا به ڪي ڀلارا ٻانها رهن ٿا، جيڪو کانئن الله جي پيارن ٻانهن جون ڳالهيون پڇي ٿو ته ان کي انهن الله وارن جا سهڻا ٻول ٻڌائين ٿا.

(114)

دِل اندرِ دَرياءُ، پُڇِين ڪِيان سَمُونڊ ڪَلَ

ماڻِڪَ اِي سَرياء، چُڳي چوکا نه کڻِين!

اي طالب! تنهنجي دل جي اندر درياءُ آهي (تنهنجي دل ئي درياءُ آهي) پوءِ سمنڊ جي پڇا ڇو ٿو ڪرين. تنهنجي دل واري درياءَ ۾ موتي موجود آهن، اهي اتان چونڊي ڇو نه ٿو کڻين؟

(115)

سُتا اُٿي جاڳُ، راتِڙين سَڀَئي وِهاڻِيان

مَٿئِن اڀاڳُ، پرين وِساريُئِي مُڪِري.

اي غافل! ڇو سُتو پيو آهين، غفلت واري ننڊ ڇڏي اُٿي سجاڳ ٿي، نه ته تنهنجون سڀ راتيون (سارو وقت) غفلت ۾ گذري ويندو، توتي اڀاڳ (نڀاڳ) اچي ويو، جو تون پنهنجي پرينءَ سان ڪيل واعدي تان ڦري وئين.

(116)

سُتُون سَڄي راتِ، مُنهن ڍَڪي مُئن جِئين

نه تو سَمَرَ تاتِ، نه جهورِي تو آهِه ڪا.

اي نادان! تون سڄي رات مُنهن ڍڪي مئلن وانگر ستو پيو آهين. ڊگهي سفر لاءِ ڪو سعيو ڪو نه ٿو ڪرين. توکي ان لاءِ ڪا ڳڻتي به ڪانه آهي. (هن بيت ۾ غافل انسان کي آخرت واري سفر لاءِ سمر کڻڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي).

ڀٽائي ان بيت کان متاثر ٿي فرمايو:

سُتيئن سنجهيئي، مُنجهن ويڙهي مُئن جئن،

اوجاڳا اکين کي، ڄاتئه نه ڏيئي،

هٿان تو پيئي، ٿي ڪچو ڪيچين کي ڪرين؟

(117)

سُتون ڪيهي ساء، تو مَٿي ڪَپَرُ گُڙي

هَڻُ تِتائِين کاءِ، جتي توهنجو تڪِيو.

اي غافل انسان! ڪپرَ ٿو ڪن ڪري، تڏهن به تون ستو پيو آهين! جتي تون ويٺو آهين، اتي درياءُ کاڌ ٿو ڪري (پائيندڙ پائي ٿي، اهي ڌو ڌڪاوَ توکي ٻڌڻ ۾ نه ٿا اچن؟)

ڀٽائي ان بيت کان متاثر ٿي فرمايو:

پندر جان پئي، ته سُکاڻيا مَ سُمهيو،

ڪَپرُ ٿو ڪُن ڪري، جئن واٽي منجهه مهي.

هيڏو سُور سهي، ننڊ نه ڪجي ناکئا.

(118)

ٻيان ڪُون ڪيا رويئي، ڏک آپڻي ڪُون رو

ٻنڌ سمل، ٿي ساختي، اِٿ نه رهسي ڪو.

اي نادان! تون رڳو ٻين جي (مرڻ) تي روئين ٿو (توکي به آخر هتان هلڻو آهي) انهيءَ ڏک ۾ روءُ. سَمرُ ٻڌ، تيارُ ٿي، ڇو ته (هيءَ دنيا فاني آهي) هتي ڪوبه نه رهندو.

(119)

مَنجهِين مائو ناهِه ڪِين پَسَڻ کي گهاٽي

دُنِي ڪُسُونبي رَنگ جِيُون، وِيندَئي وِهاٽي.

جيڪو پري کان ڏسڻ ۾ گهاٽو، گهرو ۽ سهڻو ٿو نظر اچي، سو حقيقت ۾ مائيدار ڪونهي (اهو نظرن جو دوکو آهي).

هيءَ دنيا کنهنبي جي رنگ وانگر آهي، ان جو رنگ روپ جٽادار نه آهي (تنهن ڪري تون دنيا جي دوکي ۾ نه اچ).

(120)

جان جان سو نه پَسن، جنهن ڪارڻ جوڳي ٿيا

تان تان سَنياسين، وَرِهه وِهامي راتڙي.

جيستائين هو سچو سائين (پنهنجو مرشد) نه ٿا ڏسن، جن جي خاطر هُو جوڳي بڻيا آهن، تيستائين انهن سڪ وارن سنياسين کي هڪ رات به ورهيه واري محسوس ٿئي ٿي.

(121)

جوڳي جاڳايوس، سُتو هوس ننڊ ۾

تِهان پوءِ ٿيوس، سَندي پريان پيچري.

مان ته غفلت جي ننڊ ۾ ستو پيو هوس، مون کي ڪنهن جوڳي (هادي) اچي سجاڳ ڪيو. ان کان پوءِ ئي مان محبوبن واري واٽ (سنئين راهه) تي آيس.

 

(122)

پيرِين پاڻُ وڃاء، پاڻ وڃائي هوءُ لههُ

تُهان ڌار نه سُپرين، مُنههُ مَنجهئِين پاء.

اي طالب! پهريائين تون پاڻ مان پاڻپڻو ڪڍي ڇڏي، (نفس ماري ڇڏ) پاڻ وڃائڻ کان پوءِ هُو (محبوب) ڳولي لهي سگهندين. اهو پيارو پرين توکان پري ناهي. تون اندر ۾ جهاتي پائي ڏس ته اهو مٺو محبوب توکي نظر ايندو.

ڀٽائي فرمايو آهي ته:

نائي نيڻ نهار، تو ۾ ديرو دوست جو.

(123)

جِيئن ڦِڦڙَ ماهَ ۾، اِيئن روزا عيدَ نمازَ

اَڃان آهي ڪا ٻئي، الله سَندِي حاجَ.

جيئن جسم ۾ ڦڦڙ آهن، تيئن روزا، عيد ۽ نماز آهن (اهي تن من صاف ڪن ٿا) پر الله سان ملڻ وارو عمل (انهن سان گڏ) ڪو ٻيو آهي. (حقوق الله سان گڏ حقوق العباد به ضروري آهن).

ان بيت کان متاثر ٿي ڀٽائي فرمايو:

روزا نمازون، اِي پڻ چڱو ڪم،

اُوڪو ٻئو فهم، جنهن سان پسجي پرينءَ کي.

(124)

رَبُ سُڃاڻڻ سُٿرو، پاڻُ سڃاڻڻ ڏک

تان تان ڪج مَ سُکُ، جان جان پَسين پاڻَ کي.

پنهنجي پروردگار کي سُڃاڻڻ سؤلو آهي، پر پنهنجو پاڻ سڃاڻڻ ڏاڍو ڏکيو آهي. جيستائين پاڻ کي سڃاڻي نه سگهين، تيستائين آرام سان ويهي نه رهه.

(125)

توکي توڙائين، ’لا‘ سين لاٿائون

اڃان پڻ ’آئون‘، واريو وِجهين وچ ۾.

توکي ته اصل کان وٺي ’لا‘ (نفي) سيکاري وئي آهي، تڏهن به تون ’آئون‘ (پاڻ) آڻيو وچ ۾ وجهين! (اي نادان! اڳ ۾ نفي آهي، ان کان پوءِ اثبات آهي) (ڪلمي پاڪ ۾ به اول نفي آهي، پوءِ اثبات آهي).

(126)

’لا’ لاهِيندي ڪَن کي، ’لا‘ مورِهين ناهِ

بالله ري پريانهه، ڪَٽُ نه ڏِسي ڪِي ٻيو.

’لا‘ (نه، انڪار) ڪنهن جي نفي ڪندي، ’لا‘ ته اصل آهي ئي ڪا نه. الله جو قسم، پرين کان سواءِ ٻيو ڪجهه آهي ئي ڪين، تنهن ڪري ٻيو ڪجهه نظر ئي نٿو اچي. (جڏهن الله کان سواءِ ٻيو ڪجهه آهي ئي ڪين، ته پوءِ ’لا‘ ڪنهنجي نفي ڪندي).

(127)

پهرين پاڻُ پَرَک، پرين پَرکڻ سؤکڙا

دَرُ ڀي سوئِي رَکُ، جِتان ڏِکائون لهين.

اي طالب! پهريائين پاڻ کي سڃاڻ (ڇو ته اهو ڏکيو ڪم آهي) پرين کي سڃاڻڻ سؤلو آهي. انهيءَ ئي در تي وڃي سين هڻ، جتي توکي ڪي حاصل ٿئي.

(128)

اسين سِڪُون جَن کي، تان سي اسين پاڻَ

هاڻي وڃ گُماڻَ، سَهي سُڃاتا سُپرين.

اسين جن لاءِ سِڪون پيا (حقيقت ۾) سي ته اسين پاڻ آهيون. اندر ۾ اٿندڙ شڪ گمان مون کان ڀڄي پري ٿي، ڇو جو مون پنهنجي پياري پرينءَ کي صحيح نموني سڃاتو آهي.

(129)

پاڻِي وانگي رَنگَ ۾، پاڻو واڻُ رَتاس

رڱيندڙُ آ پاڻُ ڌڻي، سَڀي رنگَ سَنداس.

آءٌ پاڻيءَ جيان پاڻو ڄاڻي هر رنگ ۾ رچي ويس. رڱيندڙ به پاڻ  ڌڻي آهي ۽ سڀ رنگ سندس ئي آهن.

(130)

نه سو لاههِ، نه سِري، نه اورارِ، نه پار

موُڙهو وَتِين جنهه کي، سو مَن منجهه نهار.

پيارو پرين، جنهن لاءِ تون حيران ۽ پريشان آهين، سو نه لاڙ ۾ نه سري ۾ نه درياهَه جي اورين ڀر ۽ نه پرين ڀر آهي. اهو تنهنجي من ۾ آهي:

ڀٽائي ان بيت کان متاثر ٿي فرمايو آهي:

وڃين ڇو وڻڪار، هت نه ڳولين هوت کي،

لڪو ڪين لطيف چئي، ٻاروچو ٻئي پار.

نائي نيڻ نهار، تو ۾ ديرو دوست جو.

(131)

لِيهان لکَ ڪَيامِ، پَسَڻُ کي پاڻان پرين

سوجهي سيڻَ لڌامِ، مَنَ مَنجهين ئي سُپرين.

پنهنجي پرينءَ کي پسڻ لاءِ مون وڏيون ڪوششون ڪيون. مون مٺي محبوب کي اجايو ٻاهر ٿي ڳوليو، پر اهو پيارو پرين ته منهنجي من ۾ ئي موجود آهي.

(132)

پَهريون ئِي پيامِ جو مون ساهُ ئي سيڻان

هِنيَڙو هيجَ پنڌ ڪَري، لڳو ڪَههَ ڪيڻان.

پهرين کان (ازل کان) منهنجو ساهُه سپرين سان سوگهو ٿيل هو. منهنجو من خوشيءَ مان پرين واري پيچري تي هلندو رهيو.

(پرين سنئين راهه ڏيکاري ۽ آءٌ ان سنئين راهه تي هلندو رهيس).

(133)

جان (ئي) پاران پَڌرو، ٻُڌائون (سو) سڏ

مون هِنيَڙو تان ئي ٿِيو سُپيريان سان گڏ.

جيئن ئي پرين جي پاران چٽو سڏ ٻڌو سون (الست بربڪم وارو آواز ٻڌوسون) منهنجو من ان وقت کان ئي پنهنجي پرينءَ سان ملي هڪ ٿي ويو.

(134)

لائي لامُ الف سان، ڪاتِبُ لِکي جيئن،

مون هِنيَڙو پريان سان، لڳو آهي تيئن.

ڪاتب جيئن ”لام“ کي ”الف“ سان لائي ملائي لکن ٿا. منهنجو من به مٺي محبوب سان ايئن ئي ڳنڍيل آهي.

(135)

حِنھِ سَر سَندو نوُر، جيلاه سو سُونهون ٿئي

تيلاه لڀن سُپرين، ڳالههِ لهجي مُورُ.

جڏهن الله تعاليٰ جو نُور (روشني) ڪنهن جي رهنمائي ڪري، تڏهن ئي محبوب ملن ٿا. اصل حقيقت اها ئي آهي.

*

(1) هيري ٺڪر اهو بيت هن ريت لکيو آهي:

روز محشر ڏينهڙي، سَتر سِج تپنِ،

سڀوئي جَرُ ڀانئيان، جي مون پرين مِڙنِ.

ان جي سمجهاڻي هن طرح ڏني آهي:

قيامت جي ڏينهن ستر سج تپن ٿا (حد درجي جي تابش ٿئي ٿي) پر ان ڏينهن جيڪڏهن منهنجو پرين مون کي ملي وڃي ته مان جيڪر ائين محسوس ڪريان ته ڄڻ چوڌاري پاڻي هئڻ ڪري ٺنڊڪ لڳي پئي آهي.

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ هيري ٺڪر جي پيروي ڪندي ان بيت جي اها ساڳي پڙهڻي ڏني آهي:

بيت ۾ آيل لفظ ’جر‘ ظاهري طور ’جَرُ‘ پڙهيو ويندو، پر پراڻي صورتخطيءَ موجب اهو ’جُهڙُ‘ به پڙهي سگهجي ٿو. حڪايات الصالحين واري فارسي قلمي نسخي جي حاشيه تي ’ڏينهڙي‘ لفظ بجاءِ ’جتهين‘ لکيل آهي. اهائي پڙهڻي صحيح آهي، ڇاڪاڻ ته قاضي قادن جهڙو عظيم شاعر ۽ عالم ساڳي معنيٰ وارو لفظ ساڳي سِٽ ۾ ٻه ڀيرا آڻي نٿو سگهي. تنهنڪري هن بيت جي اهائي پڙهڻي صحيح آهي. جيڪا حڪايات الصالحين جي حاشيه تي ڏنل آهي، جيڪا مون هِتي ڏني آهي. ۽ هن بيت ۾ ’جَرُ‘ لفظ کان وڌيڪ موزون لفظ ’جُهڙُ‘
آهي، ڇاڪاڻ ته سِج جي تپش جُهڙ سان ئي جهڪي ٿي سگهي ٿي.

مددي ڪتاب

1. قاضي قادن جو ڪلام هيرو ٺڪر

(سنڌ ۾ ان جو اڀياس)    روشني پبليڪيشن 1996ع

2. قاضي قادن جو رسالو  ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ

                             انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي

 1999ع

3. تاريخ معصومي        (سنڌي ترجمو)

                             سنڌي ادبي بورڊ 1985ع

4. ترخان نامو              (سنڌي ترجمو)

                             سنڌي ادبي بورڊ 2005ع

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org