سيڪشن: رسالا

ڪتاب:مهراڻ 02/ 2021ع

باب:

صفحو:3 

نذير ’شاڪر‘ بروهي

شڪارپور

   

 

 

ساميءَ جي شاعريءَ ۾ مَنڊاري،

دراوڙي ۽ براهوئي لفظ

 

قديم دور م سنڌ ۽ هند هڪ هئا. ٻئي علائقا سنڌ جي نالي سان مشهور هئا. 1500 ق. م ۾ آرين جي اچڻ کان پوءِ هند جو نالو مشهور ٿيو، قديم سنڌ ۾ گهڻيون قومون آباد ٿيون، ان متعلق ماهرين بشريات جا مختلف خيال، انومان ۽ تحقيق آهي. سنڌ يا هند کي جنهن نسل پهرين آباد ڪيو. ان جو نالو نگريٽو (Negritive) يعني حبشي هئا.

حبشي (Negritive) :

هيءُ ماڻهو آفريڪا کان سمنڊ رستي سنڌ ۾ پهتا. جيئن رميش چندرا مجمدار (Ramesh chandra majumdar) لکي ٿو ته:

"The Negroits, immigrant from Africa, is now all but extinct in india a small group still survives in the andamans, while traces of this race are found among the kadars and palayans of Cochin and Travancore, the Nagas of Assam, and a few other tribes in India." (1)

 حبشن جو زمانو قديم پٿر وارو زمانو هو، جيڪو ست هزار ق.م کان گهٽ ڪونه آهي. انهن جو وجود بلوچستان جي قديم آثار مِهر ڳڙهه ۾ لڌا ويا آهن، هنن ماڻهن کي زراعت جي خبر نه هئي، پر شڪاري قسم جا ماڻهو هئا. هن نسل جو سنڌي ٻوليءَ تي لساني ۽ نسلي يا ڪلچري اثر جو ڪو به ثبوت نه ٿو ملي. پر موجوده جديد بلوچستان يا قديم قلات رياست يا براهوئستان جي مڪران علائقي ۾ انهن جي موجودگي قديم دور کان ڏسڻ ۾ اچي ٿي. (2) حبشين کان پوءِ سنڌ ۾.

آسٽرڪ (منڊاري يا ڪول): قبيلن قدم رکيو، جن کي قديم آسٽرلائيڊ (Proto- Australoid) منڊاري (Mandarian) يا ڪول (Kolarian) به چيو وڃي ٿو، ڀيرومل مهرچند آڏواڻي هنن لاءِ رقمطراز آهي، ته:

”سنڌ مان سمنڊ هٽي پري ٿيو ته اول ڪهڙين قومن اُهي وارياسا پَٽَ اچي وسايا، سا سُڌ پئجي نه ٿي سگهي، جنهن زماني (Tertiary Age) ۾ سنڌ جي زمين ظاهر ٿي هئي، تنهن زماني جي ماڻهن جا پند (جسم) هن وقت تائين ڦري، پهڻ ٿي ويا آهن. ان وقت جي وڻن پنڊ پهڻ (Tertiary Fossils) سنڌ ۾ زمين جي اندرين تهن مان ڪيئن لڌا آهن. قديم سنڌ جا اصلي رهاڪو اهي چئبا.

موجودهه قومن مان قديم ۾ قديم لوڪ، جن اتر هندستان وسايو، سي هاڻوڪن سنٿالن، ڀيلن ۽ منڊ لوڪن جا، اَبا ڏاڏا هئا. اهي قديم لوڪ اصل خشڪيءَ رستي آسٽريليا کان چين ولايت واري واٽ وٺي، آسام ۽ بنگال ڏي آيا، ۽ پوءِ اتر هندستان ڏي ويا. تنهنڪري ڪولن، سنٿالن وغيره جون ٻوليون آسٽريليا جي ٻولين جي خاندان (Austric Family) جي هڪ شاخ ليکجن ٿيون. (3)  

هنن جي باري ۾ خيال ڪيو وڃي ٿو ته هي بحيره روم جي علائقي جي قديم قوم يا نسل آهي. ماهرين بشريات جي مطابق شروعاتي آسٽريليائي ماڻهن جو مَٿو ڊگهو، رنگ ڪارو، نَڪُ چٻو هو. آريا انهن کي ”نشاد“ (Nishad) جي نالي سان سڏيندا هئا. آسٽريليائي زبان، مذهب ۽ تمدن جا بنياد سنڌ ۾ اچي سَنوان ٿيا. سنڌ جي قديم آسٽريلوي قوم جي شاخن پنهنجي زبان کي ڏکڻ اوڀر ۾ ملايا ۽ انڊونيشيا (سماٽرا، جاوا، بالي، بونيو، سلبيز، فلپائن وغيره) تائين پهچايو ۽ انڊونيشيا کان مائيڪرو نيشيار جزيره ڪيرولين ۽ جزيره مارشل وغيره جزيره سمارڪ، جزيره سليمان، سانتا ڪرور، نيو هيبريڊيز، نيوڪا ويز، فجي وغيره) ۽ پولينيشا (سماوا، ٽانگا، جزيره ڪوڪ، جزيره سوسائٽي، تهيني، جزيره توامونو، مارڪيسا، نيوزيلينڊ، هوائي، راپانوئي يا جزيره اسٽرو وغيره) تائين کڻي ويا. جزيره انڊونيشيا، مائيڪرونيشيا شاخ ٺاهن ٿا. قديم آسٽريلوي نسل ان جزيرن ۾ خاص تبديل ٿي وئي. ان جو سبب ٻين نسلن جو اختلاط هو (اهو به چيو وڃي ٿو ته انڊونيشيا ۾ منگول ۽ مائيڪرونيشيا جي رستي بحرالڪاهل کان پري مشرق جي جزيرن تائين پهچڻ کان پهرين ايشيا ۾ آسٽريلوي ۽ نامعلوم ڪاڪيشسائي نسل جي مخلوط پولينيشيائي ماڻهو موجود هئا) هند چيني ۾ ڪجهه آسٽريلوي قبيلن مان مون (mon)، کمير (Khmer) يا ڪمبوڊيائي (Combodians)، چام (Chams) يا ڪجهه غير مصروف قبيلا جيئن اسٽرينگ (Strieng)، بهنار (Bahnars)، پليونگ (Paloungs)، واس (Was) ۽ ڪجهه ٻيا قبيلا ٺهيا، هڪ گروهه جزيره نڪوبار ۾ سمنڊ رستي ويو ۽ نڪوبار (Nicobarese) چوڻ ۾ آيو. ٻيا گروهه (مثلا کاسي ۽ ٻين قبيلن جا ابا ڏاڏا) جن ۾ آسٽريلوي زبان اختيار ڪئي. سنڌ اچڻ کان بعد ۽ پنهنجي زبان کي محفوظ رکڻ لاءِ آسٽريلوي قبيلا بي شڪ اهي ٻين نسلن، منگولن، دراوڙن ۽ شايد حبشين سان گڏ مخلوط ٿيا هجن.

شروعاتي آسٽريلوي نسل جي هڪ شاخ آسٽريليا هلي وئي، جتي اُهي ڪارن آسٽريلوي ماڻهن جي حيثيت سان مشهور ٿيا. بعد ۾ هڪ گروهه لنڪا جو رستو وٺي ان جزيري ۾ ويدا (Vedas) طور انهن جي باقيات طور مشهوري ماڻي.

آسٽريلوي ماڻهن جي مقابلي ۾ براعظم آسٽريليائي ماڻهن آسٽريليائي (Austro- Asiatic) چورائيندا آهن. آسٽريليائي چورائيندا آهن. آسٽريليائي جي ان آسٽريلوي شاخ ۾ مون کمير (مون کمير ۽ هند چيني جون ٻيون ڪجهه زبانون شامل آهن)، آسام جي کاسي، هندستاني ڪول، يا واس (was)، ۽ پيلونگ (Paloung)، نڪوباري ۽ ملايا جي قديم حبشي نسل جي ماڻهن جون ٻوليون سيمنگ (Semang) ۽ سينوئي (Senoi) شامل آهن. (4)

رميش چندرا مجمدار (Ramesh Chandra Majumdar) آسٽرڪ، ڪولن يا منڊا ماڻهن جو تفصيل ڏيندي رقمطراز آهي.

" The Proto- Australoids, who came from the west, form one of the basic elements of Indian population. by admixture with other elements, specially with the Negriots who came before, and the Mangoloids who came after them, they gave rise to Kol or Munda type, the Mon- khmer type in Assam, Burma, and Indo- china, and vaious other primitive types now found in the islands of the Indian Archipelogo and those of Melansia and Polynesia. The speeches of these peoples, scattered in wide areas extending from Kashmir to Easter lsland, belong to the same family of languages known as Austric." (5)

آسٽرڪ نسل جي ماڻهن جو دور ڇهه هزار ق.م کان گهٽ نه آهي. پهريائين هنن زبانن کي ’ڪول‘ جي نالي سان سڏيو ويندو هو. ”ڪول“ جي معنيٰ ”ماڻهو“ آهي. ليڪن جي آر گريئرسن انهن جو نالو تبديل ڪري ”منڊا“ (Munda)  رکيو. منڊا هنن ئي لساني خاندان جي هڪ زبان جو نالو آهي. جنهن جي معنيٰ ”سردار“ آهي. (6) آسٽرڪ نسل جون زبانون يا منڊا لساني گروهه جون زبانون آسٽرو ايشيا ٽڪ (Austro- Asiatic) خاندان سان واسطو رکن ٿيون. ماريو پي، آسٽريشيا ٽڪ لساني گروهه متعلق لکي ٿو ته:

"A family of Languages, spoken in South East Asia (the Chota- Nagpur region of India; parts of Indo- China and of the Malay Peninsula, in Annam, Combodia and parts of Thailand). hence also called South- East Asiatic. It consists of the Mon- Khmer, Annamese- Muong and Munda (or Kolarian) Branches.........." (7)

ماريو پي، منڊا لساني گروهه جي باري ۾ وضاحت ڪندي رقمطراز آهي ته:

"A Language (also called kol or kolarian) Consistituting a branch of the Austro- Asiatic family of Languase, and Consisting of a great number of dialects spoken in Central India (Chote Nagpur) and around the Himalaya Mountains. According, it is customarily divided into two groups: Chota- Nagpur or Souther Munda, and Himalayan or Northern Mund..........." (8)

ڊيوڊ ڪرسٽل، آسٽرو ايشيا لساني گروهه جي باري ۾ لکي ٿو، ته:

" A Family of over 100 languages spoken througout south- east Asia. chiefly in countries between china and Indonesia, with a few furthur west in Northern India and the Nicobar lsland. the three main branches of the family are Mon- Khmer, which contains by far the largest group of languages, and Mund and Nicobarese. which are spoken well to the west of the Mon- Khmer area.............." (9)

ڊيوڊ ڪرسٽل، منڊا لساني گروهه جو تفصيل ڏيندي رقمطراز آهي ته:

A small group of Languages within the Austro- Asiatic Family, chiefly spoken in several parts of north- east India. the most widely used languages are Santali (C.S million) and Mundari (C.1.5 million). Northern, Southern, and Western Munda Subgroups have been recognized, with nearly 90 0/0 of the speakers belonging to the northern Subgroup. they use the Bengali and Devanagari alphabets........." (10)

منڊا لساني گروهه ۾ منڊاري، سنٿالي، ڪيرا، هو، کيرواڙي، ڪورڪو، سورا، گورم (پرينگا)، کاريا، جوانگ، (يموربونڊا)، گتوب، گتا (ديتاءِ)، نهالي، کاسي ۽ ٻيون زبانون اچي وڃن ٿيون. (11) اوڏ، ڀيل ۽ ٻيا ڪجهه منڊاري قبيلا پنهنجون اصلي زبانون ڇڏي يا وساري، ان جي جاءِ تي هند آرياڻي زبانون ڳالهائين ٿا.

سنڌ ۾ ڪيترن هندن تي ڪيترائي منڊاري قبيلا قديم دور کان بودوباش رکن ٿا. انهي وجهه کان سندن سنڌي قوم ۽ ٻوليءَ تي گهڻو لساني ۽ نسلي اثر پيو آهي. ڪيترائي منڊاري ٻوليءَ جا لفظ ۽ گرامري بناوٽ جا اصول سنڌي ٻوليءَ ۾ به موجود آهن. جن کي اسان روزمره استعمال ڪيون ٿا. اسان اڳتي هن مقالي ۾ ساميءَ جي شاعريءَ ۾ استعمال ٿيل منڊاري لفظن جي نشاندهي ڪنداسون.

دراوڙ (Dravidians) : دراوڙن جي بنياد متعلق ڪيترائي مفروضا ۽ نظريا موجود آهن، پر جديد ترين نظريو اهو آهي ته اهي حبشين ۽ پروٽو آسٽرلائيڊ جي اختلاط (امتزاج) سان پيدا ٿيا آهن. دراوڙ ڪٿان ٻاهران نه آيا آهن، بلڪ اهي هتان جا اصلي (aboriginal) رهاڪو آهن/ هئا. (12) ڪرشنا مورتي، دراوڙن بابت راءِ ڏيندي رقمطراز آهي، ته:

"The Speakers of the Dravidian Languages a native people of India," (13)

  شروع ۾ دراوڙي زبان هڪ هئي، جنهن کي قديم ترين دراوڙي زبان (Proto- Dravidian Langurqe) چيو ويندو هو. اُها سڀني دراوڙي زبانن جي ماءُ زبان (Parent Language) هئي. جڏهن اسان چئون ٿا ته براهوئي، تامل، تيلگو، ڪُرخ، مالتو، ڪُئي، ڪناڊا يا ٻيون دراوڙي زبانون هڪ ئي قسم جون يا زمري جون زبانون آهن، ته ان مان مراد يا مقصد اهو آهي ته ڪنهن قديم دور ۾ اهي سڀ زبانن جا ڳالهائيندڙ هڪ ماءُ زبان (Parent Language) ڳالهائيندا هئا. پروٽو دراوڙي لفظ کي پهريون دفعو ونيسٽا ويرن پهريون دفعو 1875ع ۾ استعمال ڪيو. (14)

جيئن جارج ايرڊوسي لکي ٿو، ته:

"Thus when we say that Tamil, Telegu, Toda, Kolami, gondi, Malto, Brahui etc. are related, we are saying that we consider it proven that there was at some time in the past as single speech Commmunity (which we usually call "Proto- Dravidian". (15)

پروٽو دراوڙي يا قديم ترين دراوڙي زبان وقت جي حساب سان تبديل ٿيندي، چئن حصن:

1- ڏاکڻين دراوڙي (South- Dravidian)

2- ڏاکڻين- وچين دراوڙي(South- Central- Dravidian)

3- وچين دراوڙي(Central- Dravidian)  

4- اترئين دراوڙي (North- Dravidian)

۾ تقيسم ٿي وئي. وري اهي چار حصا مختلف ٻولين ۾ ورهائجي ويا. مثلا:

1: ڏاکڻين دراوڙي زبان هيٺين تامل مليالم، ارولا، ڪرمبا، ڪوداگو، ٽوڊا، ڪوٽا، بداگا، ڪناڊا، ڪوراگا، تُلو زبانن ۾ ورهائجي وئي.

2. ڏاکڻين- وچين دراوڙي زبان هيٺين تيلگو، گونڊي، ڪونڊا (ڪوبي)، ڪُئي، ڪوي، پينگو، منڊا ۽ ٻين زبانن ۾ ورهائجي وئي.

2: ڏاکڻين- وچين دراوڙي زبان هيٺين تيلگو، گونڊي،ڪونڊا (ڪوبي)، ڪُئي، ڪوي، پينگو، منڊا ۽ ٻين زبانن ۾ ورهائجي وئي.

3. وچين دراوڙي وري هيٺين ڪولامي، نائڪڙي، نائڪي (چندا)، پارجي، اولاري، ڪونڊيڪور (گدابا) ۽ ٻين زبانن ۾ ورهائجي وئي.

4. اترئين دراوڙي زبان وري هيٺين ڪُرخ، مالتو ۽ براهوئي زبانن ۾ ورهائجي وئي.

هاڻي دنيا اندر ٽوٽل 26 دراوڙي زبانون ڳالهائجن ٿيون، جيڪي وري مختلف 91 محاورن (dailects/ varities) ۾ ورهايل آهن

دراوڙي ٻولين جو خاندان دنيا ۾ چوٿين يا پنجين نمبر تي لساني خاندان آهي، جنهن جي ڳالهائيندڙن جو انگ 230 (ان ۾ 10 ملين براهوئين جو انگ به آهي) ملين آهي، هنن جا ڳالهائيندڙ ڏکڻ هندوستان، وچ هندوستان، سريلنڪا، بنگلاديش، نيپال، انڊونيشيا، ملائيشيا، ماريشيس، ميانمار، ينگاپور، ڏکڻ آفريڪا، پاڪستان ۽ ٻين ملڪن ۾ موجود آهن. (16)

سنڌي: جڏهن سنڌ تهذيب جي سائنسي کوجنا ٿي ته پوءِ اها ڳالهه سامهون آئي ته اها تهذيب پروٽو دراوڙي تهذيب آهي. جيئن آسڪو پرپولا لکي ٿو، ته:

”موهن جي دڙي يا سنڌ تهذيب جي ماڻهن جي ٻولي Proto- Dravidian ٻولي هئي.“ (17)

پوءِ ڊاڪٽر الانا، پرسو گدواڻي ۽ ٻين سنڌي ٻوليءَ کي دراوڙي ته بلڪ پروٽو دراوڙي سبٿ جي ٻولي قرار ڏنائون (18) ڊاڪٽر الانا، سنڌي ٻوليءَ کي سڀني ٻولين جي ماءُ ٻولي (Parent Language) قرار ڏئي ٿو. اهو مفروضو بحث لائق آهي. ڇو ته آسڪوپرپولا‘ واضح نموني سان لکي ٿو، ته:

"The Indus Language is likely to have belonged to the North Dravidian Sub- branch represented today by the Brahui Language spoken in the mountain valleys and plateaus of Afghanistan."(19)

دراوڙي ٻولين يا دراوڙي لساني خاندان جو سنڌي زبان تي تمام گهڻو لساني، نسلي ۽ ڪلچري اثر پيو آهي. هزارين دراوڙي لفظ ٿوري صوتي فرق (Phonatic change) سان سنڌي ٻوليءُ ۾ مستعمل آهن، پر انهن کي جي شرٽ ارنيسٽ ٽرمپ، آرڪالڊويل، عين الحق فريد ڪوٽي، پرسوگدواڻي، ڊاڪٽر غلام علي الانا ۽ ٻين عالمن اَٽي ۾ لوڻ برابر، ٻئي ڪنهن به ظاهر نه ڪيو آهي. هن مقالي ۾ ساميءَ جي شاعريءَ ۾ دراوڙي ٻولين جي استعمال ٿيل لفظن جي نشاندهي ڪنداسين ۽ انهن جي بنياد متعلق لکنداسون.

بِراهوئي (بروهي):

1980ع تائين هن زبان کي اترئين دراوڙي شاخ (Northern Dravidian) جي بنياد جي زبان طور تسليم ڪيو ويندو هو. جيئن ايم. ايس. آندروف (M.S Andronov) لکي ٿو ته:

"According to the modern Conception, Brahui belongs to the north- western group of the Dravidian Languages" (20)

پر پوءِ مهرڳڙهه ۽ موهن جو دڙو تي نئين تحقيق جي تناظر ۾ براهوئين جي نسلي ۽ لساني بنياد متعلق نوان نظريا ۽ ويچار سامهون آيا. جارج وين ڊريم (George van Driem) براهوئين جو سنڌ تهذيب سان تعلق متعلق لکي ٿو ته: 

"It is true that the proto- Brahui and their descendants have remained in Baluchistan and Kalat since Harappan times."(21)

راڌا ڪمود مڪرجي (Radha Kumud Mookerji) براهوئين کي سنڌ تهذيب جا قديم باسي قرار ڏئي ٿو هو لکي ٿو، ته:

"Brahui gives evidence pointing to speakers of Dravidian Lauguage as the ancient inhabitants of Mohenjo- Daro." (22)

پيرو مريگي، سنڌ تهذيب جي ماڻهن کي براهوئين جا ابا ڏاڏا قرار ڏئي ٿو. هو لکي ٿو، ته:

"The Language of the inhabitants of the Indus valley as "Proto- Brahui." (23)

تازي تحقيق موجب براهوئي، سنڌي زبانون دراوڙي الاصل نه بلڪ قديم براهوئي (Proto- Brahui) ۽ قديم سنڌي (Proto- Sindhi) آهن. جيڪي لسانياتي طور ڀينر آهن ٻنهي جي ماءُ قديم سنڌ تهذيب (مِهر ڳڙهه ۽ موهن جو دڙو) جي قديم زبان آهي. ان لاءِ ٻنهي جي گرامري ساخت ۽ لغتي خزاني ۾ هڪجهڙايون آهن.

براهوئي زبان جون ڇهه ٻوليون (Varieties) آهن. جن ۾ سراواني براهوئي، جهلاواني براهوئي، نوشڪوي براهوئي، سنڌ ۾ براهوئي ڳالهائي ويندڙ براهوئي زبان، ايراني براهوئي ۽ افغانستاني براهوئي شامل آهن.

براهوئي، سنڌ کي پنهنجو اصلي وطن سمجهن ٿا، هن وقت تقريباً ويهه لکن کان مٿي براهوئي، سنڌ ۾ بودوباش رکن ٿا.

سنڌي زبان ۾ جيڪي براهوئي لفظ آهن يا براهوئي ۾ جيڪي سنڌي لفظ آهن، اُهي قديم دور جي تعلقاتن جي طرف اشارو ڪن ٿا، ساميءَ پنهنجيءَ شاعريءَ ۾ جيڪي براهوئي زبان جا لفظ ڪم آندا آهن، اُهي قديم سنڌي ۽ براهوئي جي قديم لساني اشتراڪ جو نتيجو آهن. اسان هت ساميءَ جي شاعريءَ ۾ استعمال ٿيل براهوائي لفظن کي نِروار ڪري سامهون آڻڻ جي ڪوشش ڪنداسون.

اسان جي هن مقالي جو عنوان ”ساميءَ جي شاعريءَ ۾ مَنڊاري، دراوڙي ۽ براهوئي لفظ“ آهي. ساميءَ جي شاعريءَ ۾ استعمال ٿيل لفظن جي بنياد ۽ معنائن متعلق تي لغتون سامهون آيون آهن. جن ۾:

1: سنڌي لغات قديمي از مرزا قليچ بيگ، ڀرڳڙي نيشنل پريس. 1924ع.

2: تحقيق لغات سامي از عبدالڪريم سنديلو.

3: اکر ڪوش از پروفيسر ناگراڻي ۽ ڪوڙومل، ساهتيه منڊل.

مٿين لغتن مان پهرين ۽ ٽين ساميءَ جي شاعريءَ ۾ استعمال ٿيل ڏکين لفظن جي معنائن جون لغتون آهن. جن ۾ صرف لفظن جي آسان سنڌيءَ ۾ معنيٰ ڏنل آهي. انهن لغتن ۾ لفظن جي گرامري حيثيت، بنياد ۽ اشتقاق بابت ڪجهه ڏنل نه آهي. ان لاءِ اهي لغتون اسان جي تحقيق جي دائري کان ٻاهر آهن. باقي ٽين ۽ وچين، ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي جي لغت، جنهن ۾ ساميءَ جي شاعريءَ ۾ استعمال ٿيل ڏکين لفظن جي معنائن سان گڏ، بنياد به ڏنل آهي. اهو اسان جي بحث جي لائق آهي، ان سان گڏ سنديلي صاحب جي ’تحقيق لغات سنڌي‘ مان پڻ مدد وٺبي.

ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو، سامي لغت ۾ جن لفظن جا بنياد ڄاڻايا آهن، انهن زبانن ۾ ترڪي، پراڪرت، پنجابي، سرائڪي، سنسڪرت، فارسي ۽ گجراتي شامل آهن. (24) پر انهن ٻولين ۾ منڊاري، دراوڙي ۽ براهوئي شامل نه آهن. اهڙي طرح ’تحقيق لغات سنڌي‘ ۾ لفظن جي بنياد جي سلسلي ۾ ڏنل ٻولين ۾ اُپڀرتش‘ اسپيني، انگريزي، بلوچڪي، ترڪي، پراڪرت، پورچوگال، سرائڪي، سنسڪرت، عربي، فارسي، گجراتي، مراٺي، ملايا، هندي ۽ يوناني شامل آهن، پر منڊاري، دراوڙي ۽ براهوئي شامل نه آهن. ان مان اِها ڳالهه واضح ٿئي ٿي ته سنديلي صاحب کي منڊاري، دراوڙي ۽ براهوئي ٻولين جي لغتن جي ڄاڻ نه هئي. حالانڪ هن جي پنهنجي ’تحقيق لغات سنڌي‘ 1955ع ۾ شايع ٿي، جڏهن ته منڊاري لغت 1931ع، براهوئي لغت 1934ع ۾ مختلف دراوڙي لغتون 1955ع کان اڳ ۽ پوءِ شايع ٿي چڪيون هيون.

اسان پنهنجي هن مقالي ۾ سنديلي جي لغت مان منڊاري، دراوڙي ۽ براهوئي ٻولين جي بنياد جا لفظ پيش ڪنداسون، جن کي هن اڻڄاڻائيءَ مان ٻين ٻولين جو قرار ڏنو آهي. ان بعد ساميءَ جي شاعريءَ مان مثال ڏيئي نوان منڊاري، دراوڙي ۽ براهوئي بنياد جا لفظ مثال طور پيش ڪنداسون، جن جو سنديلي صاحب پنهنجي لغت ۾ ذڪرئي نه ڪيو آهي.

”تحقيق لغات ساميءَ“ ۾ مَنڊاري، دراوڙي ۽ براهوئي لفظ:

آرسي: سنديلو صاحب هن لفظ لاءِ ’تحقيق لغات ساميءَ‘ ۾ لکي ٿو ته، (پرا. آرسي. سن. آدرش. آ= چئبي طرفن کان+ درشن- ڏسڻ)، آهينو، آئينو، دَرسني.“ (25) جڏهن ته ’تحقيق لغات سنڌي‘ ۾ هن لفظ جي بنياد لاءِ تحرير ڪري ٿو ته ”(ڌن. اَيَريسو. پرا. اَرسو. سن. آدرشَ. آ= چئني طرفن کان + ڌرش- ڏسڻ) آهينو، آئينو، دَرسني.“ (26) دراصل هي منڊاري ٻولي جي بڻ بنياد جو لفظ آهي. ان ٻولين ۾ هي لفظ ”آرسي“ جي روپ ۾ مستعمل آهي. (27) هي لفظ دراوڙي ۽ براهوئي ٻولين ۾ به ٿوري صوتي فرق سان مروج آهي. مثلاً:

ڪُرخ = اِرسنا معنيٰ آئينو

مالتو = اِرسي = آئينو (28)

براهوئي = اِرسي = آئينو (29)

آوي: سنديلو صاحب هن لفظ جي بنياد کي عربي جي هاوِيَه ۽ فارسي جي آوه مان ڄاڻايو آهي ۽ معنيٰ ’نهائين‘ ڏنو اٿس. (30) جڏهن ته ’تحقيق لغات سنڌي‘ ۾ هن لفظ جو ذڪر نه ڪيو آهي.

دراصل هي منڊا ٻولين جو لفظ آهي، جنهن جو اُچار ”آوا“ (Aawaa) آهي، جيڪو صوتي تبديليءَ جي وجهه کان ”آوي“ جي صورت اختيار ڪري چڪو آهي. (31) جنهن جي معنيٰ ”بٺو“ يا اُهو بٺو جنهن ۾ ٺِڪر جا ٿانو پچائجن.

پڇو: سنديلي صاحب ’تحقيق لغات سانيءَ‘ ۾ هن لفظ جو بنياد پراڪرت لفظ جي پڇڇڻو ۽ سنسڪرت جي لفظ پشچڪَ معنيٰ پيچو، پُٺ، پويون ڀاڱوقرار ڏنو آهي. (32) جڏهن ته ’تحقيق لغات ساميءَ‘ ۾ هن لفظ (سن. ڀرشٺ) پُٺيءَ طرف، پوئتي، پويدان“ ڏنو اٿس. (33) جڏهن ته ’تحقيق لغات سنڌي‘ ۾ ”پُٺ“ جي بنياد متعلق لکي ٿو ته“ (هيم. پِٺّ، پٺَ، پُٺ، پرا، پَٺ، سن پرشٺَ، ف. پُشت) پُٺي، پُشت، پونيرُ، پٺيان، پويان...“ (34)

دراصل پُٺ ۽ اُن مان مشتق ٿيل ٻيا لفظ مثلاً پُٺي، پوءِ، پويون، دراوڙي الاصل بنياد جا آهن. مثلاً:

تُلو: Pendagu معنيٰ پُٺ، پوءِ، پويون

تيلگو: Pidapa    = پُٺ ، پوءِ

گونڊي: Pijja = پُٺ، پوءِ

ڪُرخ:  Pista = پٺ

ڪُئي: beto  = پُٺ (53)

پارجي:  pot = پُٺ

گدابا:  pottel  = پُٺ

براهوئي: pad  = پدرپويون، پوءِ) (36)

پَنُ: سنديلي صاحب ’تحقيق لغات سامي‘ ۾ هن لفظ جو بنياد سنڪرت ٻوليءَ جو لفظ ”پرڻ“ قرار ڏنو آهي، ۽ ان جي معنيٰ پَنُ ۽ پَتو ڏنو آهي. (37) جڏهن ته ’تحقيق لغات سنڌي‘ ۾ پڻ ن لفظ جو بنياد سنسڪرت لفظ ”پَرڻَ“ معنيٰ برگ، وَڻ جو پتو، پَنو، ڪاغذ قرار ڏنو آهي. (38)

جڏهن ته هي لفظ دراوڙي ۽ براهوئي ٻولين جي بنياد جو آهي. ڪيترن ئي دراوڙي ٻولي ۽ براهوئي ٻوليءَ ۾ مروج آهي. مثلاً:

تامل: Panai   معنيٰ پَنُ

ڪناڊا: Pane   = پَنُ   (39)

براهوئي:Phan       = پَنُ

پوٿي: سنديلي صاحب، ’تحقيق لغات ساميءَ‘ ۾ هن جو بنياد سنڪرت لفظ پُستي معنيٰ عزت ڪرڻ ڏنو آهي. وڌيڪ لکيو اٿس ته هندن جو ڌرمي ڪتاب، ڌرمي ڪتابن وارو، (40) ’تحقيق لغات سنڌي‘ ۾ لکي ٿو ته، پوٿي رڌن. ٻيو. هيم. پوٿئو. پرا. پُٿ. پُٿيه. سن. پَستَڪَ)، هندن جي ڌرمي ڪتاب جڏهن ته پوتي لفظ کي ڌار لکي ان جو بنياد (پرا. پُتي. سن. پُوتڪا) رَئو، زنانو مَٿي جو ڪپڙو، ڏنو آهي.“ (41)

دراصل هي دراوڙي ۽ براهوئي ٻولين جي بنياد جو لفظ آهي. اصل لفظ ”پَتِي آ“، ”پيٽي آ“ يعني عورت آهي. ڇو ته عورت جي مٿي تي پوتي پيل هوندي آهي. ان لاءِ ان کي ”پوتي وارو“ چوندا آهن: مثلاً:

تامل:  Pettai   معنيٰ عورت

مالتو: Petta  = عورت

تبلگو:Petta   = عورت

ڪول: Petta   = عورت

براهوئي: Pattia  = عورت (42)

سنڌ تهذيب جي ٻوليءَ جي ڀاڃ جي نامور اسڪالر آسڪوپرپولا، موهن جي دڙي مان مليل هڪ مهر جي پڙهڻي ”پيڻي“ (Peeny) يعني عورت (Woman) ڪئي آهي. (43) جيڪا پنهنجي جاءِ تي بلڪل صحيح آهي. اِهو ئي لفظ اڄ به براهوئي ۽ دراوڙي ٻولين ۾ ”پَٽي آ“، ”پيٽي آ“ يعني عورت جي معنائن ۾ مستعمل آهي. جنهن جو تفصيل اسان مٿي ڏيئي آيا آهيون. سنڌي زبان جي ”ڀيڻ“ لفظ لاءِ دراوڙي ٻوليءَ جو لفظ ”ڀيڻ“ (Pen) يعني (Sister) مروج آهي. (44)

دَلالُ: سنديلي صاحب، ’تحقيق لغات ساميءَ‘ ۾ هن لفظ جو بنياد (ع. دَ لال، دَلُ = هدايت ڪرڻ)، ٽياڪڙ، ثالث، قرار ڏنو آهي. (45) جڏهن ته ’تحقيق لغات ساميءَ‘ ۾ هن لفظ کي شامل نه ڪيو اٿس:.

دراصل هي منڊاري ٻولين جو لفظ آهي، جنهن جو اُچار ”دالال“ آهي، جيڪو پوءِ صوتي فرق سان ”دلال“ ٿي، اسان جي ٻوليءَ ۾ مروج ٿيو. (46)

ڏَنڊُو: سنديلي صاحب، ’تحقيق لغات ساميءَ‘ ۾ هن لفظ جو بنياد (سَن. دَڻڊَ = سزا ڏيڻ جرمانو، سزا. قرار ڏنو آهي. (47) ’تحقيق لغات ساميءَ‘ ۾ پڻ ساڳي معنيٰ ۽ بنياد ڏنو آهي. (48) دراصل هي مَنڊاري ٻولين جو لفظ آهي. ان ٻولين ۾ هن لفظ جو اُچار ۽ معنيٰ ”ڏنڊ“ يعني ”سزا“ آهي. (49)

سِنڌ: سنديلي صاحب، ’تحقيق لغات ساميءَ‘ ۾ هن لفظ جو بنياد (سن، سينڌ، سِينڌ = وَهڻ)، سنڌو ندي، درياءُ، سمنڊ، خوف جو ساگر ڪيو آهي. (50) جڏهن ته ’تحقيق لغات ساميءَ‘ ۾ ”سنڌ“ لفظ جو بنياد ”سِنڌو“ ڄاڻائي ٿو ۽ ان کي (پرا. سنڌُ. سن. سِنڌ. سن. سنڌُ - وهڻ، جا سدائين پيئي وهي)، سنڌوندي قرار ڏئي ٿو. (51)

عبدالحليم شرر هڪ شڪ جي ڳالهه ڪئي آهي ته:

افسوس اس امر کی ہے کہ ہمیں کوئی اطلاع نہیں مل سکی کہ آریہ لوگوں کی آنے سے پہلے یہاں کی اصلی اور غیر آریہ باشندوں میں یہ ملک کس نام سے یاد کیا جاتا تھا۔ مگر آریہ جن ہندوستان میں آئے تو یہ دریا آریہ لوگوں نے قبضہ کرنے کے بعد اس دریا کا نام سندھ رکھ دیا، اس لیے نیز ان کی زبان سنسکرت میں سندھو کی معنیٰ دریا کی تھی۔۔۔‘ (52)

”افسوس اس امر کي هي که هيس کوئي اطلاع نهيس مل سکي که آريه لوگون کي آني سي پهلي يهان کي اصلي اور غير آريه ناشندون مين يه ملک کس نام سي ياد کين جاٿا تها. مگر آريه جن هندوستان مين آئي تو........... يه دريا آريه لوگون ني قبضه کرني کي بعد اس دريا کا نام سندهه ويا. اس ليه نيز ان کي زبان سنسکرت مين سندهوکي معنيٰ دريا کي تهي........“ (52)

مولانا ابوظفر ندوي پڻ ساڳي ڳالهه ورجائي آهي. (53) هِت سوال ٿو اڀري ته آرين کان اڳ هن سر زمين يا دريا جو نالو نه هو يا آرين کان اڳ سنڌو درياءَ جو وجود ئي نه هو! آريا ته 1500 ق. م ۾ سنڌ ۾ قدم رکيو ۽ سنسڪرت زبان کي 400 ق.م ۾ پاڻينيءَ ”اُڌيچيه“ محاوري کي جوڙي سنواري ”سنسڪرت“ نالو ڏنو. (54)

فادرهيراس، مِهر عبدالحق. پي ايس ڪسي پانڊي ۽ ايڊونٽ برائنٽ سنڌ لفظ جو بنياد ”سِڍ“ ٻڌائين ٿا ۽ ان کي قديم دراوڙي ٻوليءَ جو لفظ تسليم ڪن ٿا. پر اها ڳالهه تسليم جوڳي نه آهي، ڇو ته قديم قديم دراوڙي (Proto- Drandian) ٻوليءَ ۾ سي/ ۽/ د/ صوتيانه هئا. (55) ٽِي بُرو ۽ ايم. بي. ايمينيو ”دراوڙي ٻولين جي تقابلي اشتقاقي لغت“ ۾ جديد دراوڙي ٻولين ۾ سنڌ (سنڌي يا اندي) جا تفصيل ڏيندي لکي ٿو ته:

تامل = intu

مليالم intal =

ڪناڊا ical, icil =

تُلو icilu =

تبلگو : ita

پارجي:Cind

گونڊي:indi

ڪئي:Sita

سنسڪرت:Hintala

پراڪرت:Sindi

ساورا:Sindi    (56)

براهوئي: Sindul

جوهانا ۽ سينل لونيا جي تحقيق موجب قديم دراوڙي لفظ ”ڪنٽ“ (Cintu) (ياسِنتُ) صوتيا تبديلي کان پوءِ ”سنڌ‘ صورت اختيار ڪري ويو آهي. ڪرشنا مورتيءَ قديم دراوڙيءَ ٻوليءَ ۾ سنت/ ڪنٽ جي اصل صورت سنت/ ڪنٽ (Cintct) ڏنو اٿائين...... قديم دراوڙي لفظ سنت/ ڪنٽ جو جديد دراوڙي ٻولين ۾ صوتياتي تبديليءَ جا تفصيل ڏيندي ڪرشنا مورتي لکي ٿو ته:

PD Cint- `datepalm` SDl: Ta.

inry, incal, ma. Intal, Ka. Ical (Lin.

CCal> intt- al), SCD (SDii). Te:

TTa (< intta-) Go: Sindi, hindi,

Indi, Konda. Sintel, Kui SIta.

Kuvi. Sindi, CD: PA. Gad: Sindi:

ND. Kur- Kinda..................." (57)

قديم دراوڙي لفظ ڪنٽ (Cintu) لفظ جو/ ڪ/ آواز/ س/ ۾/ نٽ/ آواز/ ند/ ۾ تبديل ٿي ”ڪنٽ“ لفظ
”سنڌ“ ۾ تبديل ٿيو. (58)

مُهاڙي: سنديلي صاحب، ’تحقيق لغات ساميءَ‘ ۾ هن لفظ جي بنياد کي (سن. مُک+ آڙي پڇاڙي)، مُنهن، اڳ، مُهَڙ، اڳيون حصو قرار ڏنو آهي (59) ساڳي ڳالهه ’تحقيق لغات ساميءَ‘ ۾ به ڪئي اٿائين. (60)

دراصل هي براهوئي ۽ دراوڙي ٻولين جو لفظ آهي ۽ ڪيترن ئي دراوڙي ٻولين ۾ مستعمل آهي. مثلاً:

تامل:

مون

معنيٰ

منهن، مُهاڙي

ڪناڊا:

مو، مونو

معنيٰ

مُنهن، مُهاڙي

ڪوداگو:

موني، مُني

معنيٰ

مُنهن، مُهاڙي

تيلگو:

موني

معنيٰ

مُنهن، مهاڙي

ڪولامي:

مُت

معنيٰ

منهن، مهاڙي

پارجي:

مُنا

معنيٰ

منهن، مهاڙي

گدابا:

مُنديل

معنيٰ

منهن، مهاڙي

گونڊي:

مُني

معنيٰ

منهن، مهاڙي

ڪُرخ:

مُند

معنيٰ

منهن، مهاڙي

مالتو:

مندي

معنيٰ

منهن، مهاڙي

براهوئي:

مون، موني، مهاڙو،

معنيٰ

مُنهن، مهاڙي اڳيان، اڳ (61)

وات: سنديلي صاحب ’تحقيق لغات ساميءَ‘ ۾ هن لفظ جو بنياد (سن. وَد= ڳالهائڻ) وات مان، وائي نه واتو= وات مان واڻي يا ذڪر نٿو ڪري) قرار ڏنو آهي. (62) وري ’تحقيق لغات سنڌي‘ ۾ وات لفظ کي (سن. وَچُ = ڳالهائڻ)، مُک، وات بنياد جو سڏيو اٿائين. (63)

دراصل هي لفظ براهوئي ۽ دراوڙي الاصل آهي ۽ سڀني دراوڙي ٻولين ۾ مستعمل آهي مثلاً:

تامل

واءِ

معنيٰ

وات

ملبالم:

واءِ

معنيٰ

وات

ڪناڊا:

باءِ

=

وات

تلو:

بائي

=

وات

تيلگو:

وائي

=

وات

ڪُرخ:

وائي

=

وات

براهوئي:

با

=

وات (64)

دراوڙي ٻوليءَ جي هن لفظ مان سنڌي ٻوليءَ جا واڪا ڪرڻ، وات هڻڻ، بانءِ بانءِ ڪرڻ، بَڪ بَڪ ڪرڻ، واءِ واءِ ڪرڻ ۽ ٻيا لفظ جڙيا آهن.

واڙ: سنديلي صاحب، ’تحقيق لغات ساميءَ‘ ۾ هن لفظ جو بنياد (سن. واٽ. وَٽ = چوڌاري وڪوڙڻ) لوڙهو ڏنو اٿس. (65)

جڏهن ته ’تحقيق لغات ساميءَ‘ ۾ هن لفظ جو ذڪر نه ڪيو اٿائين.

دراصل هي دراوڙي ٻولين جو لفظ ”وَل“ لفظ جي تبديل ٿيل صورت آهي. (66) اصل ۾ اُهي سڳا مِٽ مائٽ جن جي گهرن جو تعداد ستن کان ڏهه هجي ۽ هڪ جاءِ تي هجن: وري انهن سڀني گهرن کي ٻاهران ڍنگهرن جو لوڙهو ڏنل هجي. اهڙن گهرن کي سنڌيءَ ٻوليءَ ۾ واڙ، ويڙهو چئجي ٿو.

ساميءَ جي شاعري مان مثالن ذريعي مَنڊاري، دراوڙي ۽ براهوئي لفظن جا مثال آهن: ”پَرٻَلُ آهي، مايا مَحبوبن جي“

ساميءَ جي هن سلوڪ ۾ ”آهي“ لفظ استعمال ٿيل آهي. (67)

سنديلي صاحب پنهنجي ٻنهي لغتن ۾ هن لفظ کي استعمال نه ڪيو آهي.

دراصل هي دراوڙي ٻولين جو لفظ آهي. ان جو براهوئي زبان ۾ نعم البدل ”اَري“ آهي، جنهن جو مطلب ”آهي“ آهي. (68)

ڏينهن: ”جنهن کي ڏائڻ ڏينهن ۾، ڦِڪَل ساڻ ڦري (69)

هن لفظ کي سنديلي صاحب پنهنجي لغتن ۾ ڪم نه آندو آهي. دراصل هي دراوڙي ٻولين جو لفظ آهي. دراوڙي ٻولين ۾ ’ني‘ (Ne) يا ’دي‘ (de) جي صورتن ۾ رائج آهي. براهوئي زبان ۾ ’دي‘ (de) جي صورت ۾ مستعمل آهي. (70)

اهو دراوڙي لفظ ’ني‘ (Ne) يا ’دي‘ (de) سنڌيءَ ۾ ’ڏينهن‘ ٿيو آهي.

کَٽَ: پاڻي کِميا کَٽَ، سامي سُمهيو سَراءِ ۾ (71)

سنديلي صاحب، ’تحقيق لغات ساميءَ‘ ۾ هن لفظ کي ڪم ۾ نه آندو آهي. جڏهن ته ’تحقيق لغات سنڌي‘ ۾ ان جو بنياد کَٽَ (پرا. کَٽا. سن، کٽوا. کَٽ = چاهڻ) کٽولو، چار پائي (72) قرار ڏنو آهي.

دراصل هي دراوڙي لفظ آهي. ڪالڊويل ان جي بنيادي صورت کٽوا (khatva) ڏني آهي ۽ معنيٰ ڪوچ، کٽ يا سمهڻ جي جاءِ ڏني اٿس. (73) 

ڪاري/ ڪارو: مايا مُنهن ڪاري، ڪنهن سان نيبهه ڪينڪي (74)

سنديلي صاحب، ’تحقيق لغات ساميءَ‘ ۾ هن لفظ کي استعمال نه ڪيو آهي. جڏهن ته ’تحقيق لغات سنڌيءَ‘ ۾ هن لفظ جو بنياد (سن. ڪالَ) سياه، ضد ’اڇو‘ قرار ڏنو آهي. (75)

دراصل هي دراوڙي ٻولين جو لفظ آهي. انهن ٻولين ۾ ڪارو (karu) يعني (Black) جي معنيٰ ۾ استعمال ٿئي ٿو. (76)

ماڙُن: مايا منجهاڻي، موڳو ڪيو ماڙُن کي (77)

سنديلي صاحب، ’تحقيق لغات ساميءَ‘ ۾ هن لفظ کي استعمال نه ڪيو آهي. جڏهن ته ’تحقيق لغات ساميءَ‘ ۾ هن لفظ جو بنياد ماڙُ هو (پرا. ماڻس. سن. ماڻشيه)، ماڻهو قرار ڏنو آهي.(78)

دراصل هي لفظ دراوڙي ٻولين جو لفظ آهي. انهن ٻولين ۾ ان جو تلفظ ”مانرو“ (manru) يعني ماڻهو يا فرد آهي. (79) جڏهن براهوئي ۾ ”بندغ“ ۽ ”ماڙهو“ لفظ مروج آهن. مليالم ٻوليءَ ۾ منوشيا (manusau) يعني ماڻهو يا فرد لفظ مستعمل آهي. (80)

ڪُٽَڻ: مَنوتِ جي مُڪَنِ سان، راتيون ڏينهن ڪُٽي. (81) سنديلي صاحب، ’تحقيق لغات ساميءَ‘ ۾ هن لفظ جو ذڪر نه ڪيو آهي. جڏهن نه ‘تحقيق لغات ساميءَ‘ ۾ هن لفظ جو بنياد ڪُٽَڻ (پرا. ڪُٽَن، ڪُٽ= ڀَڄَڻ) سَٽڻ، مارڻ، ڊَڙَڻُ، گڏَڻ، چِلهڻُ قرار ڏنو آهي. (82)

دراصل هي دراوڙي ٻولين جو لفظ آهي، ان ٻولين ۾ هن لفظ جو اُچار ”ڪٽ“ (Kutt) معنيٰ ڌڪ هڻڻ جي معنيٰ ۾ مستعمل آهي. (83)

دَرياءُ: اَڻ هوندي دَرياهه ۾، غوطانِتُ کائي. (84) سنديلي صاحب ’تحقيق لغات ساميءَ‘ هن لفظ کي ڪم نه آندو آهي ۽ نه ئي ‘تحقيق لغات ساميءَ‘ ۾ ڪتب آندو آهي.

دراصل هي منڊارين ٻولين جو لفظ (Daria) ”دَرِ آءُ“ معنيٰ سمنڊ يا درياءُ جي معنيٰ ۾ مستعمل آهي. (85)

ڪوٽُ: ”ڪانئر گهُمَنِ ڪوٽَ، ڪري ٺاهه ٺڳيءَ جا“ (86)

سنديلي صاحب، ’تحقيق لغات سامي‘ ۾ هن لفظ جي معنيٰ ۽ بنياد جي سلسلي ۾ لکي ٿو ته:

”ڪوٽَ رس. ڪوٽ. ڪَٽ = وڃڻ)

ڪروڙ.............. (87)

سنديلو صاحب هت ”ڪوٽ لفظ جي معنيٰ ڪروڙ ڪڍي آهي جيڪو صحيح نه آهي، ڇو ته سامي پاڻ ئي هن لفظ کي ”ڪوٽ گهمڻ“ جي معنيٰ طور ڪتب آندو آهي. جڏهن ته ’تحقيق لغات سنڌيءَ‘ ۾ هن لفظ جو بنياد ”ڪوٽ (سن. ڪوٽ)، قلعو، ڳڙهه“ ڏنو آهي. (88) معنيٰ صحيح آهي، پر بنياد بابت راءِ صحيح نه آهي.

دراصل هي دراوڙي ٻولين جو لفظ آهي. رابرٽ ڪالڊويل هن لفظ جي معنيٰ ۽ بنياد لاءِ ”ڪوتا“ (Kota) يعني فورٽ معنيٰ ڏنو اٿائين. (89)

ڪاتِي: ”ڪَلِڪائين ڪَپَٽَ جي، ڪاتي ڪهاڙي“. (90)

سنديلي صاحب ’تحقيق لغات ساميءَ‘ ۾ هن لفظ کي ڪتب نه آندو آهي. جڏهن ته ’تحقيق لغات سنڌي‘ ۾ هن لفظ جو بنياد ”ڪاتي (سن. ڪَرَ تِري. ڪرت - وڍڻ) ننڍو ڪات، وڏو چاقو ڏنو آهي. (91)

دراصل هي دراوڙي ٻولين جو لفظ آهي. اتي اهو لفظ ”ڪاتي“ (katti) يعني (a Knife) جي معنيٰ ۾ استعمال ٿئي ٿو. (92) ايم. بي ايمينيو پڻ پنهنجي لغت ۾ هن لفظ کي دراوڙي الاصل قرار ڏنو آهي. (93) براهوئي زبان ۾ اِهو لفظ ”ڪَتار“ جي صورت ۾ مستعمل آهي.

ويلو: ”سامي ڳڻي ڪِينڪي، وقتُ ۽ ويلو.“ (94)

سنديلي صاحب پنهنجي ٻنهي لغتن ۾ هن لفظ کي ڪتب نه آندو آهي.

دراصل هي دراوڙي ٻولين جو لفظ آهي ۽ ’ويلي‘ (Vele) جي تبديل ٿيل صورت آهي. (95) براهوئي زبان ۾ ”بيله“ (Bela) چئبو آهي.  

ڦَلُ: ”ٻجَ ورائي نه ٿئي، دَرخت پَنُ ڦَلُ ڦولُ“، (96)

سنديلو صاحب، ’تحقيق لغات ساميءَ‘ ۾ هن لفظ کي ڪتب نه آندو آهي. جڏهن ته ’تحقيق لغات سنڌيءَ‘ ۾ هن جو بنياد ”ڦَلُ (پرا. ڦُلُ) ميوو فائدو، عيوض، نتيجو ڏنو آهي. (97)

هي دراوڙي ٻولين جو لفظ آهي. جتي Palam (پلم) ۽ Param (پرم) جي صورتن ۾ مروج آهي ۽ معنيٰ اٿس ميوو. ڊاڪٽر الانا صاحب پڻ هن لفظ کي دراوڙي الاصل لفظ قرار ڏنو آهي. (98)

ڪَلا: ”سمجهي جَنِ سامي چئي، گهري گيانُ ڪلا“. (99)

سنديلو صاحب ’تحقيق لغات ساميءَ‘ ۾ هن لفظ کي ڪم نه آندو آهي. جڏهن ته ’تحقيق لغات سنڌي‘ ۾ هن لفظ جو بنياد ڪَلا (سن. ڪلا) هُنر، جوت، روشني، ڏيا ڏنو آهي. (100)

دراصل هي دراوڙي ٻولين جو لفظ آهي. جنهن جو اصل بنياد ڪل، ڪر، ڪلي معنيٰ فن، يا فن ڪار آهي. (101) براهوئي ۾ به ڪَلا چئبو آهي.

سُئي: ”آهي جنهن جي آسري، سامي سُميرُ سُئي“. (102)

سنديلي صاحب پنهنجي ٻنهي لغتن ۾ هن لفظ کي ڪتب نه آندو آهي.

هي دراوڙي ٻولين جو لفظ آهي. جتي سِوي جي صورت ۾ مستعمل آهي. (103) براهوئي ۾ هي لفظ ”مسِيلَه“ جي صورت ۾ مروج آهي.

اَٺَ: ”جِتي جوت جڳي، اَٺ ئي پَهَر اَ نڀئي.“ (104)

سنديلي صاحب، ’تحقيق لغات ساميءَ‘ ۾ اَٺَ جي بنياد ۽ معنيٰ بابر (اَٺا رهن رهه. سن اَشٽا (سن. اَشٽ = اَٺ+ دَشن = ڏَهه) وچور ڏنو آهي اڙرهن. ”پراڻن“ ڏانهن جي ارڙهن آهن (105) جڏهن ته ’تحقيق لغات سنڌي‘ ۾ هن لفظ کي ڪتب نه آندو اٿس.

دراصل هي دراوڙي ٻولين جو لفظ آهي، جيڪو ڪيترين ئي دراوڙي ٻولين ۾ رائج آهي. مثلاً:

تامل: ettu   

مالتو: ettu

ڪونڊا: et

ٽوڊا: ot

ڪنڊا entu (106)

براهوئي زبان ۾ ”هَشت“ لفظ مستعمل آهي، جيڪو فارسي زبان جي اثر جو نتيجو آهي.

ساڻ: ”سدا ساڻ خَسَمُ، پُورَنُ ڏسي پَرماتَما.“ (107)

سنديلي صاحب پنهنجي ٻنهي لغتن ۾ هن لفظ کي ڪتب نه آندو آهي. حالانڪ هي دراوڙي لفظ آهي. دراوڙي ٻولين ۾ ان جو اُچار ”سوڙي“ (Sori) يعني ويجهو، مليل آهي. (108) براهوئي زبان ۾ اِهو لفظ ”ساڙي“ جي روپ ۾ ۽ ساڳي معنيٰ ۾ مروج آهي.

گهوڙو: ”گهوڙو پَلاڻي، سَڀڪو ڊوڙي دَهَ دِسا“. (109)

سنديلي صاحب پنهنجي ٻنهي لغتن ۾ هن لفظ کي ڪم نه آندو آهي. دراصل هي دراوڙي ٻولين جو لفظ آهي. ڪيترن دراوڙي ٻولين ۾ ٿوري صوتياتي فرق سان هڪ ئي معنيٰ ۾ مستعمل آهي. مثلاً:

ڪونڊا:

ڪدير

معنيٰ

گهوڙو

ڪناڊا:

ڪدير

=

گهوڙو

تيلگو:

ڪديرا

=

گهوڙو

ڪولامي:

گرام

=

گهوڙو

نائڪي:

گهرام

=

گهوڙو

پارجي:

گرول

=

گهوڙو

ڪونڊا 2:

گرام

=

گهوڙو (110)

ڪالڊوبل گهوٽا (ghota) معنيٰ ”گهوڙو“ لفظ کي دراوڙ الاصل لفظ قرار ڏنو آهي. (111) براهوئي ٻوليءَ ۾ گهوڙي کي ”هُلي“ يا “اُلِي“ (Hulee), `ulee) چئبو آهي، جيڪو پڻ دراوڙي اصل لفظ آهي. (112)

پڙهڻ: “ويد پر ان پڙهي، پَنڊِتَ ٿِيڙَا ڪيترا.“ (113)

سنديلو صاحب، ’تحقيق لغات ساميءَ‘ ۾ هن لفظ کي ڪتب نه آندو اٿس. ڀر ’تحقيق لغات سنڌيءَ‘ ۾ پڙهڻ جو بنياد ۽ معنيٰ ”پڙهڻ (پرا. پَڊَڻ. سن. پَٺَنَ. پَٺ - پڙهڻ، پرائڻ، سکڻ، واچڻ“ لکيو اٿس. (114)

دراصل هي دراوڙ ٻولين جو لفظ آهي ۽ ڪيترن ئي دراوڙي ٻولين ۾ رائج آهي. مثلاً:

تامل:

پِٽُ

معنيٰ

پڙهڻ، چوڻ

مليالم:

پَٽي

=

پڙهڻ

ڪونڊا:

پَڙو

=

پڙهڻ

ٽوڊا:

پوڙي

=

پڙهڻ

ڪناڊا:

پَڊُ

=

پڙهڻ

ڪوڊا:

پَڊُ

=

پڙهڻ

تيلگو:

پَڊُ

=

پڙهڻ

ڪولامي:

پَڊُ

=

پڙهڻ

نائڪي:

پاڙ

=

پڙهڻ

گدابا:

پاڙ، پار

=

پڙهڻ

ڪرخ:

پڙنا

=

پڙهڻ

مالتو:

پڙي

=

پڙهڻ  (115)

براهوئي: پَڙ پڙينگ بي ڍنگو ڪا ڳالهه ڪرڻ. (116)

ڪوهه: ”ڪوه ڪرين اَڀياس، ٿو مورکَ مايا موهَ جو؟“. (117)

سنديلو صاحب، ’تحقيق لغات سامي‘ ۾ ”ڪوه“ لفظ جي بنياد ۽ معنيٰ متعلق لکي ٿو ته،“ ڪوهه (سن. ڪروش. ڪرش - ڇڪڻ) ٻه ميل (مفاصلي جا“. (118) ’تحقيق لغات سنڌيءَ‘ ۾ صرف ”ڪوهه (سن. ڪروش) ٻه ميل“ تفصيل ڏنو اٿس. (119) سنديلو صاحب ”ڪوهه“ لفظ جي صرف هڪ معنيٰ ”ٻه ميل“ ڏني آهي. جڏهن ته ان جي ٻي معنيٰ ”جبل، پهاڙ“ به آهي. اُها نه ڏنو اٿائين. باقي ان لفظ جي بنياد جي باري ۾ سندس راءِ صحيح نه آهي. ڇو ته هند يورپي زبانن ۾ ”ڪوهه“ يعني جبل لاءِ مختلف لفظ مستعمل آهن. مثلاً:

قديم هند يورپي:

Mons, mont, men

معنيٰ

جبل

اوستا:

گ اِر، گري

معنيٰ

جبل

سنسڪرت:

پربت، پاروتي

=

جبل

يوناني:

وونو (vouno)

=

جبل

جرمني:

برگ (berg)

=

جبل

انگريزي:

mountain

=

جبل

جديد فرانسيسي:

beaumont

=

جبل

لاطيني:

montanus

=

جبل

جديد فارسي:

ڪوهه (قديم ۾ نه آهي

=

جبل

اردو:

پهاڙ

=

جبل

هندي:

پهاڙ

=

جبل

جديد فارسي زبان کانسواءِ ٻئي ڪنهن به هند يورپي زبان ۾ اِهو لفظ مستعمل نه آهي. دراصل فارسيءَ اِهو لفظ ايلامائيٽ ۽ قديم براهوئي. (Proto- Brahui) کان مستعار ورتو آهي. (120)

”ڪوهه“ پروٽو دراوڙي (Proto-Dravidian) لفظ آهي. ڪيترائي دراوڙي ٻولين ۾ ”ڪوهه“ معنيٰ جبل لاءِ استعمال ٿئي ٿو. مثلاً:

تامل: ڪو معنيٰ جبل

تيلگو ڪو ، جبل

ڪئي ڪو ، جبل (121)

گهڻن دراوڙي قبيلن ۽ ذاتين جا نالا ”ڪوهه“ يعني جبل جي نالن سان شروع ٿين ٿا. مثلاً: ڪئي (Kui) ڪُوي (Kuvi)، ڪوبي (Kubi)، ڪوئي تورڪ (Koitork) ڪراوا (Karava) وغيره شامل آهن. (122) بلڪل اهڙي طريقي سان براهوئي قوم جي ڪيترن ئي ذاتين ۽ نُکن جا نالا به ”ڪوهه“ يعني جبل لفظ سان رکيل آهن. مثلاً: ڪوهه بَدوزئي، ڪوهه بادوئي، ڪوهي زئي، ڪوهي بالي وغيره. (123)

ڪاڻو: ”ڪاڻو ڪَرَم تُرَهي، سامي سُوار ٿيو“ (124)

سنديلي صاحب ”تحقيق لغات ساميءَ“ ۾ ”ڪاڻُ“ لفظ جي بنياد ۽ معنيٰ بابت رقمطراز آهي ته ”ڪانيارو، مياري، ڪاڻيارو، حَرفي، انڌو.“ (125) جڏهن ته ’تحقيق لغات سنڌي‘ ۾ هن لفظ بابت وڌيڪ تفصيل ڏئي ٿو. هو لکي ٿو، ته ”ڪاڻو (سن. ڪاڻَ. ڪَڻ‘ = بند ڪرڻ يڪ چشمه، هڪ اک وارو.“ (126)

سنديلي صاحب جو ”ڪاڻو“ لفظ متعلق معنيٰ ۽ مطلب صحيح ڏنل آهي پر سندس ان لفظ جي بنياد متعلق راءِ صحيح نه آهي. ڇو ته هي دراوڙي الاصل لفظ آهي. دراوڙي ٻولين ۾ ان لاءِ ”ڪاڻا“ (Kana) لفظ مستعمل آهي. (127) براهوئي ٻوليءَ ۾ پڻ دراوڙي لفظ ”ڪاڻه“ يا ”ڪا نه“ لفظ مروج آهي.

حوالا، اضافا:

(1) Majumdar. Ramesh Chandra, `Ancient india", Delhi, Motilal Banarsidas Publishers Private Limited 2003, P. 16.

(2) چڻرجي سُنيتي کامر، ’هند آريائي اور هندي‘، نئي پهلي، نيشنل بک ٽرسٽ انڊيا، 1977ع، ص . 36.

(3) آڏواڻي، ڀيرومل مهرچند، ’قديم سنڌ‘، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، ڇاپو ٻيو 1980ع، ص. 53، 54، 55.

(4) چڻرجي، سُينتي کمار، حواله ديا گيا هـﻶ، ص. 37، 38، 39.

(5) majumdar, ramesh chandera, op. cit. p 16.

(6) Grierson, G.A, `linguistic Survey of india" vol- iv, Delhi, low price publications, 2005, p. 7.

(7) Pei, Mario and Frank Gaynor, "A dictionary of linguistics", new york, philosophical library, 1954, p. 23.

(8) ibid, op. cit. o. 142.

(9) Crystal, David, `An encyclopedi dictionary of Language and languqes," USA, Blackwell Publishesrs, 1992, p. 34.

(10) ibid, op. cit. p. 259

(11) "The Munda Languages", Edited by: Gregory D.S. Anderson, new york, Routledge 2008, p. contents.

(12) گنکو فسکي، يوري، ’پاکستان کي قوميتين.‘ اردو ترجمه:، اشفاق بيگ، ماسکو، دارالاشاعت ترقي، 1976ع، ص. 32.

(13) Bhadriraju krishnamurti, 'the dravidian lanfuages," cambridge univ: press 2003, p. 15.

(14) indian Anthropologist". vol- 1, lssue= 1, indian Anthropogical Association, the university of michigan, 1971, p. 75.

(15) Erdosy, George, y the indo- Aryan of ancient South- Asia: Language, material culture and ethnicity`, berlin, werner, hildebrand, 1995, p. 259.

(16) Bhadriraju. krishnamurti, op. cit. pp. 18. 19

Pereltsvaig Asya, 'languages of the world: and introduction," uk, cambridge university, press, 2012. p. 52.

"the Dravidian languages," edited by: Sanforb. B. Steever, landon, Routledge, 1998, p.1.

Frawley, william, international encyclopedia of linguistics," vol-1, new york, oxford university press inc, 2003, p. 462.

(17) الانا، غلام علي، ڊاڪٽر، ’سنڌي ٻوليءَ جو بڻ بنياد‘، ڪراچي، سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي، نئون ڇاپو 2004ع، ص. 187.

(18) سنديلو، عبدالڪريم، ڊاڪٽر، ص. 298.

(19) "Forgotten cities on the indus", edites by: Michael Jansen, Maire Mulloy and others, Germmany, Verlog Philipp von Zabern. mainz, 1991, p. 195.

(20) Andronov, M.S, 'the Brahui Language", Mpscow, Nauka Publishing house, 1980, p. 17.

(21) Driem, Van George, "handbuch Der orientalistik", vol-2, volume- 10, brill, leiden, 2001, p. 1036.

(22) Mookerji, Radha Kumud, "Hindu Civilization (from the earliest times up to the establishment of man rya empire)`, America, langmian, green and co. 1936, p. 37.

(23) "journal of Tamil Studies" vol- 2 international institute of Tamil studies' india, 1970, p. 53.

(24) سنديلو، عبدالڪريم، ڊاڪٽر، ’تحقيق لغات سامي‘، ڪتاب: ’ساميءَ جا سُلوڪ‘، مرتب: پروفيسر بي.ايڇ ناگراڻي، خيرپور، شاهه عبدالطيف يونيورسٽي، 2015، ص. 812.

(25) ايضاً، - - - -

(26) ايضاً، ’تحقيق لغات سنڌي‘، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، ڇاپو پنجون 1980ع، ص. 4.

(27) Manindra, Bhusan, Bhaduri, "Mundari- English dictionary", new Delhi, 1994, p. 11.

(28) Burrow. T and Emeneav. M.B, "A Dravidian etymological dictionary", oxford Clarendon press, 1961, p 37, and also see manindra, Bhusan, op. cit. p. 13.

 فريد کوڻي، عين الحق، ’اردو زبان کي قديم تاريخ‘ لاهور ارسلان پبليکيشنس، 1972، ص. 109.

(29) Bray, Denys, Sir, "the Brahui Language" (part-ii, the Brahui Problem), etymological vocabulary, part - iii, Dethi Manager of publications, 1934, p. 224.

(30) سنديلو عبدالڪريم، ڊاڪٽر، ’تحقيق لغات سامي‘، حوالو ڏنل آهي، ص. 815.

(31) Manindra. Bhusan, op. cit. p. 13. and also see.

فريه کوڻي، عين الحق، حواله ديا گيا هـﻶ، ص. 109.

(32) سنديلو، عبدالڪريم، ڊاڪٽر، ’تحقيق لغات سامي‘، حوالو ڏنل آهي، ص. 850.

(33) سنديلو، عبدالڪريم، ڊاڪٽر، ص. 849

(34) سنديلو، عبدالڪريم، ڊاڪٽر، ’تحقيق لغات سنڌي‘، حوالو ڏنل آهي، ص. 81.

(35) Burrow. T and Emeneau, op. cit. p. 13.

(36) Bray, Denys. Sir, op. cit. p. 224.

(37) سنديلو، عبدالڪريم، ڊاڪٽر، ’تحقيق لغات سامي‘، حوالو ڏنل آهي، ص. 855.

(38) سنديلو، عبدالڪريم، ڊاڪٽر، ’تحقيق لغات سنڌي‘، حوالو ڏنل آهي، ص. 92.

(39) Burrow. T and Emeneau. M.B, op. cit. P. 262.

(40) سنديلو، عبدالڪريم، ڊاڪٽر، ’تحقيق لغات سامي‘ حوالو ڏنل آهي، ص. 856.

(41) سنديلو، عبدالڪريم، ڊاڪٽر، ’تحقيق لغات سامي‘ حوالو ڏنل آهي، ص. 95.

(42) Burrow. T and Emeneau. M.B. op. cit. p. 291.

(43) parpola, Asko, "the indus decipherment", Madras, 1970, p.p. 4, 6. and also see. Allana, Ghulam Ali, Dr., " the origin and growth of sindhi languase", Jamshoro. institute of sindholag4, 2002, pp. 69, 70

(44) Burrow. T and emeneau. M.B. op. cit. p. 290.

(45) سنديلو، عبداڪريم، ڊاڪٽر، ’تحقيق لغات سامي‘، حوالو ڏنل آهي، ص. 871.

(46) Manindra. Bhusan, op. Cit. p. 34. and also see.

فريد کوڻي، عين الحق، ’حواله ديا گيا هـﻶ‘، ص. 121.

(47) سنديلو، عبدالڪريم، ڊاڪٽر، ’تحقيق لغات سامي‘، حوالو ڏنل آهي، ص، 875.

(48) سنديلو، عبدالڪريم، ڊاڪٽر، ’تحقيق لغات سنڌي‘، حوالو ڏنل آهي، ص. 145.

(49) Manindra, Bhusan, op. Cit. op. Cit. p. 36.

(50) سنديلو عبدالڪريم، ڊاڪٽر، ’تحقيق لغات سامي‘، حوالو ڏنل آهي. ص. 892.

(51) سنديلو، عبدالڪريم، ڊاڪٽر، ’تحقيق لغات سنڌي‘، حوالو ڏنل آهي، ص. 178.

(52) شور، عبدالحليم، مولانا، ’تاريخ سنده‘، (اردو)، لکهنو، دلگذار پريس، 1907ع، ص. 1- 2.

(53) ندوي، ابوظفر سيد، ’تاريخ سنده‘ (اردو، اعظم گڙهه- هندوستان) دارالمصنيفين، 1947ع، ص. 1.

(54) صديقي، خليل، ’زبان کيا هـﻶ‘ (اردو)، ملتان، بيکم بکس، 1989ع، ص. 218.

(55) بروهي، نذير شاڪر، ’سنڌ جي نالي جو بنياد، تاريخ. مذهب، لسانيات ۽ تنقيد جي تناظر ۾، تحقيقي جائزو‘، مقالو: ٽه ماهي مهراڻ، جلد 67، نمبر 4، حيدرآباد/ ڄامشورو، س. ا. ب، آڪٽوبر- ڊسمبر 2017ع، ص. 30.

(56) ايضاً، - - - - ص. 31.

(57) Krishnamurti, Bhadriraju, op. cit. p. 126.

(58) بروهي، نذير شاڪر، ’مقالو‘، حوالو ڏنل آهي، ص. 33.

(59) سنديلو، عبدالڪريم، ڊاڪٽر، ’تحقيق لغات سامي‘، حوالو ڏنل آهي، ص. 927.

(60) سنديلو، عبدالڪريم، ڊاڪٽر، ’تحقيق لغات سنڌي‘، حوالو ڏنل آهي، ص. 255.

(61) Burrow.T and Emeneau. M.B. op. cit. pp. 341, 342.

(62) سنديلو، عبدالڪريم، ڊاڪٽر، ’تحقيق لغات سامي‘، حوالو ڏنل آهي، ص. 936.

(63) سنديلو، عبدالڪريم، ڊاڪٽر،  ’تحقيق لغات سنڌي‘، حوالو ڏنل آهي، ص. 270.

(64) Burrow. T and Emeneau. M.B. op. cit. P. 366.

(65) سنديلو، عبدالڪريم، ڊاڪٽر، ’تحقيق لغات سامي‘، حوالو ڏنل آهي، ص. 936.

(66) الانا، غلام علي، ڊاڪٽر، حوالو ڏنل آهي، ص. 191.

(67) ’ساميءَ جا سُلوڪ‘ مرتب: پروفيسر بي.ايڇ ناگراڻي، سهيڙ: محمد ابراهيم جويو، خيرپور، شاهه عبدالطيف يونيورسٽي خيرپور، 2015ع، ص. 8.

(68) Burrow.T and Emeneau. M.B, op. Cit. pp. 1.2.

(70) Burrow. T. and Emeneau, M.B. op. cit. p. 243, and also see:

bid, "A Dravidian etymological dictionary" (Supplement, orford clarendon press, 1968, p. 79.

(71) ’ساميءَ جا سلوڪ‘، حوالو ڏنل آهي، ص. 21.

(72) سنديلو، عبدالڪريم، ڊاڪٽر، ’تحقيق لغات سنڌي‘، حوالو ڏنل آهي، ص. 217 .

(73) Caldwell. Robert. Rev., "A comparative grammar o the Dravidoan or South- indian Family of Languages". New Delhi, First indian edition 1974, p. 570.

(74) ’ساميءَ جا سُلوڪ‘، حوالو ڏنل آهي، ص. 14.

(75) سنديلو، عبدالڪريم، ڊاڪٽر، ’تحقيق لغات سنڌي‘، حوالو ڏنل آهي، ص. 195.

(76) Burrow. T.and Emeneau, M.B. op. cit. p. 90 and also see:

Caldwell. Robert. Rev. Op. cit. p. 548.

(77) ’ساميءَ جا سُلوڪَ‘، حوالو ڏنل آهي، ص. 17.

(78) سنديلو، عبدالڪريم، ڊاڪٽر، ’تحقيق لغات سنڌي‘، حوالو ڏنل آهي، ص. 243.

(79) Burrow. T and Emeneau, op. Cit. P. 310.

(80) Andronov, Sergeevich. Mikhail, 1 A Grammar of the Malayalam languase in historical treatment", germany, otto itarrass ouits, weisbaden,  1996, p. 38.

(81) ’ساميءَ جا سلوڪ‘، حوالو ڏنل آهي، ص. 35.

(82) سنديلو، عبدالڪريم، ڊاڪٽر، ’تحقيق لغات سنڌي‘، حوالو ڏنل آهي، ص. 199.

(83) Burrow. T and emeneau. M.B. op. cit. p. 116

(84) ’ساميءَ جا سلوڪ‘، حوالو ڏنل آهي، ص. 34.

(85) Manindra. Bhusan, op. cit. p. 38.

(86) ’ساميءَ جا سلوڪ‘، حوالو نالو آهي، ص. 74.

(87) سنديلو، عبدالڪريم، ڊاڪٽر، ’تحقيق لغات سامي‘، حوالو ڏنل آهي، ص. 907.

(88) سنديلو، عبدالڪريم، ڊاڪٽر، ’تحقيق لغات سنڌي‘، حوالو ڏنل آهي، ص. 211.

(89) Caldwell, Robert. Rev, op. cit. P. 570.

(90) ’ساميءَ جا سلوڪ‘، حوالو ڏنل آهي، ص. 80.

(91) سنديلو، عبدالڪريم، ڊاڪٽر، ’تحقيق لغات سنڌي‘، حوالو ڏنل آهي، ص. 194.

(92) Caldwell, Robert, Rev, Op. Cit. p. 591.

(93) Burrow. T and emeneau. M.B, op. cit. p. 86.

(94) ’ساميءَ جا سلوڪ‘، حوالو ڏنل آهي، ص. 281.

(97) سنديلو، عبدالڪريم، ڊاڪٽر، ’تحقيق لغات سنڌي‘، حوالو ڏنل آهي، ص. 100.

(98) الانا، غلام علي، ڊاڪٽر، حوالو ڏنل آهي، ص. 191.

(99) ’ساميءَ جا سلوڪ‘، حوالو ڏنل آهي، ص. 390.

(100) سنديلو، عبدالڪريم، ڊاڪٽر، ’تحقيق لغات سنڌي‘، حوالو ڏنل آهي، ص. 207.

(101) Burrow. T. and Emeneau. M.B. op. cit. P. 91 and also see:

* الانا، غلام علي، ڊاڪٽر، حوالو ڏنل آهي، ص. 191.

(102) ’ساميءَ جا سلوڪ‘، حوالو ڏنل آهي، ص. 533.

(103) Pischell. R. "Comparative grammar of the prakrit Language`, Delhi, Motilal Banarsidas, 1965, p. 7. and also see:

* الانا، غلام علي، ڊاڪٽر، حوالو ڏنل آهي، ص. 190.

(104) ’ساميءَ جا سلوڪ‘ حوالو ڏنل آهي، ص. 369، 72، 50، 33، 12.

(105) سنديلو، عبدالڪريم، ڊاڪٽر، ’تحقيق لغات سامي‘، حوالو ڏنل آهي، ص. 817.

(106) Burrow. T. and emeneau. M.B. op. cit. p. 60.

(10) ’ساميءَ جا سلوڪ‘ حوالو ڏنل آهي، ص. 42.

(108) Krishnamurti, Bhadriraji, op. cit. p. 242.

(109) ’ساميءَ جا سلوڪ‘، حوالو ڏنل آهي، ص. 245.

(110) Burrow.T and Emeneau. M.B, op. cit. p: 117.

(111) Caldwell, Robert. Rev, op. cit. p. 577.

(112) Krishnamurti, Bhadriraji, op. cit. p. 157

(113) ’ساميءَ جا سلوڪ‘، حوالو ڏنل آهي، ص. 111. 81.

(114) سنديلو، عبدالڪريم، ڊاڪٽر، ’تحقيق لغات سنڌي،‘ حوالو ڏنل آهي. ص. 89.

(115) Burrow. T.. and Emeneau. M.B. op. Cit. P. 272.

(116) Krishnamurti, Bhadriraju, op. cit. p. 15.

(117) ’ساميءَ جا سلوڪ‘، حوالو ڏنل آهي، ص. 556، 549، 533، 155.

(118) سنديلو، عبدالڪريم، ڊاڪٽر، ’تحقيق لغات سامي‘، حوالو ڏنل آهي، ص. 907.

(119) سنديلو، عبدالڪريم، ڊاڪٽر، ’تحقيق لغات سنڌي‘، حوالو ڏنل آهي، ص. 213.

(120) براهوئي، نذير شاکر، ’براهوئي وبلوچ‘ (اردو)، کوئڻه) براهوئي ريسرچ انسٽيٽيوٽ پاکستان، 2015ع، ص. 152، 151.

(121) براهوئي، نذير شاکر، ’براهوئي وبلوچ‘ (اردو)، کوئڻه) براهوئي ريسرچ انسٽيٽيوٽ پاکستان، 2015ع، ص 152.

(122) Andronov, M.S, "The Brahui Language", Moscow, 1980, p. 16, Note No: 4.

(123) براهوئي، نذير شاکر، ’براهوئي وبلوچ‘، حوالو ديا گيا هي، ص. 152.

(124) ’ساميءَ جا سلوڪ‘، حوالو ڏنل آهي، ص. 101.

(125) سنديلو، عبدالڪريم، ڊاڪٽر، ’تحقيق لغات سامي‘، حوالو ڏنل آهي، ص. 902.

(126) سنديلو، عبدالڪريم، ڊاڪٽر، ’تحقيق لغات سامي‘، حوالو ڏنل آهي، ص، 197.

(127) Krishnamurti, Bhadrirajv, op. Cit. p. 6.

 

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org