ڊاڪٽر اسد جمال ’پلي‘
عمرڪوٽ
”تَــلــو“
هاڪڙي درياء جي ڍنڍ ۽ پَٽُ
هاڪڙو:
هي اُهوئي هاڪڙو آهي جنهن لاءِ ماموئي فقيرن جي
مشهور پيشنگوئي آهي ته:
هاڪ وهندو هاڪڙو، ڀڄندي ٻنڌ اروڙ،
بهه مڇي ۽ لوڙه، سمي ويندا سوکڙي.(1)
هاڪڙي جي تهذيب ۽ قدامت تي تاريخي ڪتابن ۾ ڪافي
بحث ٿيل آهي. هيءُ هاڪڙو اسان کي هن وقت به پنهنجي
وجود جو احساس ڏيارڻ لاءِ مختلف ڍورن ۽ ڍنڍن جي
شڪل ۾ موجود آهي. سانگهڙ ضلعي جي مشهور مَکي ڍنڍ
وٽان هاڪڙي جو پيٽ تسلسل سان سمنڊ تائين اڄ به
موجود آهي ۽ جڏهن برساتون جهجهيون پونديون آهن ته
ڍورو وري به ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي جوڀن جا پور
پسائيندو رهندو آهي.
جيترو هاڪڙي جو وجود قديم آهي اوتروئي سندس ٻنهي
ڪنارن تي موجود ڍنڍن جو وجود پراڻو آهي، ڍورن ۽
ڍنڍن جو ٺهڻ هڪ فطري عمل آهي، جڏهن به وهڪرو سُڪو
يا پنهنجو رخ مٽايائين ته جيڪا شڪل وٺندو ان کي
ڍورو چئبو.(2) اهڙيطرح درياءَ جي ڪنارن تان پاڻي
پئنتل ڪري ڇلڪندو ته اهو پاڻي ڪنهن هيٺاهين جاءِ
تي پيو گڏ ٿيندو ته ان کي ’ڍنڍ‘ چئبو. پوءِ جڏهن
درياه جي پئنتل نه به ٿيندي ته برساتي پاڻي به پيو
ان جو پيٽ ڀريندو ۽ ڍنڍ پنهنجو وجود بچايو ايندي.
هن فطري عمل کي ڪڏهن ڪڏهن اُتان جي رهواسين به ڍنڍ
جي چئني پاسن کان بند ڏيئي ۽ سندس پيٽ کي کوٽي به
ڍنڍ جي عملي شڪل کي پختو بنايو آهي. درياهن سان گڏ
ڍنڍن جو وجود لازم ملزوم آهي. هي ڍنڍون ڪڏهن ڪڏهن
درياهن خواه واهن جي لاءِ ’ڇنڊڻين‘ جو ڪم به ڏين ۽
انهن جي ڪپرن تان اضافي پاڻي جو دٻاء به ختم ڪن.
ڍنڍ جي هڪ ننڍي شڪل جيڪا ڪنهن ڳوٺ يا شهر جي اَڏڻ
لاءِ مٽي کڻي ٺاهجي ته ان کي ’کاڻ‘ چئبو. جيستائين
اُهي ڳوٺ يا شهر آباد رهندا اوستائين کاڻ پنهنجي
اونهاڻ ۽ ويڪراڻ کي وڌائيندي رهندي آهي. کاڻ جي
کوٽائي ۽ مٽي جي ڳوهڻ لاءِ اڪثر زيرِزمين پاڻي
جوئي استعمال ٿيندو آهي. ڪڏهن ڪڏهن بئراج جو پاڻي
به کاڻ جي مختلف حصن ۾ گڏ ڪري استعمال ڪبو آهي.
ڍنڍ جي ٻي ننڍي شڪل کي ’ترائي‘ به چئجي ۽ ان جو
مذڪر صيغو وري ’تلاء‘ چئبو. جديد دور ۾ تلاءَ اڃان
به ننڍا ٿي سرن ۽ سيمينٽ جي مدد سان ٺاهيا ويا ۽
پاڻي جي گهرو استعمال جي ذخيرن طور ڪم اچن ٿا.
پاڻي جي هن ذخيري کي هڪ گهر جي استعمال لاءِ اڃان
به ننڍو ڪري زمين ۾ خواهه گهرن جي ڇتين تي
’ٽانڪيءَ‘ جي شڪل ۾ ٺاهيو ويو. اهڙي طرح ٿر ۾ وري
برساتي پاڻي کي ذخيرو ڪري رکڻ لاءِ تراين جي ڪنارن
سان زيرِزمين ’ٽانڪا‘ ٺاهي ويا. انهن ٽانڪن جو
مُنهن ’گُنديين‘ وانگيان ٺاهي پوءِ انهن کي ڍڪي
ڇڏجي ۽ ڪجهه مهينن بعد ڍڪ لاهي اهو پاڻي ڏول سان
ڪڍي استعمال ڪجي.
لفظ ’تلو‘ اسم عام آهي ۽ پاڻي جي ڍنڍ لاءِ استعمال
ٿئي ٿو. لغت ۾ هن لفظ جي خاندان جا گهڻائي لفظ
آهن. جن مان ڪجهه لفظن جو هتي وهڃاءُ ڏيون ٿا.
تلاءُ
=
تلاهُ، تالاب پاڻي جي ذخيري واري کڏ يا جَهڪاڻ.
تلار=
(صفت) پاڻي سان ڀريل ٽمٽار.
تلهار=
پاڻيءَ جا اُها ترائي جنهن جي ڪناري سان يا ٽيڪ يا
ٻُڌن جو عبادتگاه يا تبليغي مرڪز هجي.
تل=
ترو، ترائي.
تلي=
ڇن. ننڍي ترائي.
هن لفظ سان منسلڪ ڪيترائي اسم خاص به اسان وٽ
موجود آهن، جيئن
تلهار=
بدين ۾ شهر ۽ ديهه جو نالو، هڪ ذات جو نالو.
تل=
عمرڪوٽ ۾ هڪ ديهه جو نالو.
تلي=
ميرواه، ساڪرو، ٽنڊو محمد خان، بدين ۽ محبت ديرو ۾
ديهون.
تُلاهه=
پيرن ۾ پائڻ جو هڪ ڳهه.
تل=
گهوڙي جو سنج.
تلانگهو=
نئين جو نالو.
اهڙيءَ طرح اعرابن جي ٿوري تبديلي سان ٻيا به لفظ
ٺهيا آهن جن جي مفهوم به اصطلاحي طرح يا شڪل شبيهه
۾ لفظ ’تل‘ سان ڀيچ کائي ٿو. مثال طور:
تُلا=
ساهمي جو تراکڙو پُڙ.
تُل=
برابر، مٽ، ثاني.
تلو=
دادو (جوهي) ۾ ڍنڍ، ڏيپلي ۾ هڪ ديهه جو نالو،
تلو=
ترو، ذخيرو، تَرُ، ڇٻر پاڻيءَ جي جهڪاڻ ۾.
تلوڪرڻ=
ڳجهه ۾ پئسا گڏ ڪرڻ، ملڪيت گڏ ڪرڻ.
تَلي=
ماٿري، ترائي، ٻن ڀٽن جي وچ ۾ پاڻي بيهڻ واري
زمين.
تُلَ=
اڇُل، ٻُلَ، ٻُلهَه.
تِل=
ڪنهن بزرگ جي ٻاراهي يا عرس جو کاڌو، لنگر، طعام.
اَلَهه- تَلَهه=
اَلهه معنيٰ نه گم ٿيندڙ، نه لهندڙ ظاهر ظهور،
تلهه معنيٰ تري ۾ رکيل، لڪايل، پوريل خزاني جي گڏ
وغيره، مقصد جيڪا به ظاهر ۽ لڪايل ملڪيت هجي.
تلاطم=
سمنڊ يا ڍنڍ جو پاڻي تحرڪ، زوردار ڇوليون. طوفان
اچڻ، جنهن سان خطرناڪ ڇوليون اٿن جيڪي جهازن ۽
ٻيڙين کي نقصان ڏين.
تلانبو=
درو يا لَڪ.
ڍنڍ لاءِ اسان وٽ ٻيو لفظ ڪولاب، تالاب جو هم وزن
به استعمال ٿئي ٿو. هن لفظ جي معنيٰ تي به غور ڪبو
ته اُها به هڪ مخصوص گهير، ڦيري ۽ حد بندي جي
مفهوم ۾ گهڻو استعمال ٿئي ٿي. جيئن هيٺين لفظن ۾
اچي ٿي(3):
ڪولاب=
پاڻيءَ جي ڍنڍ يا تلاءُ.(4)
ڪولابو=
(جمع ڪولابا) گول، فقير منش ماڻهو وڏا گول ڪنگڻ
هٿن ۽ پيرن ۾ پائين. هتي به مراد اُها بيهي ٿي
جيئن پاڻي تلاءَ يا ڍنڍ جي گهير ۾ قيد آهي تيئن هٿ
يا پير به هن ڪولابو جي گهير ۾ قيد آهي.
ڪولانب=
وڏو تلاءُ.
ڪولاب جاگير ۽ ديهه=
ضلعي ٽنڊومحمد خان ۾ آهن.(4)
ڪولاب لانبو=
(اسم خاص) عمرڪوٽ جي قلعي جي اُتر ۾ وڏو تلاءَ
جيڪو هاڻي شهر جي دڪانن، هوٽلن، آفيسن، اسپتالن ۽
بس اسٽينڊ سان آباد آهي، هن تلاءَ جي وچ ۾ جيڪو
تراکڙو حصو آهي، اُهو هاڻي ڪرڪيٽ گرائونڊ ۾ تبديل
ڪيل آهي، پر جڏهن جهجهيون برساتون پونديون آهن ته
تلاءَ جي اصل شڪل ۽ مهانڊو ظاهر ٿي ايندو آهي.(5)
تل يا ترائي کي پنجابي زبان ۾ ’تَلو‘ چئجي ٿو. لفظ
تَلو اسان وٽ ’سک‘ تهذيب مان آيو آهي. پنجاب ۾
’تله گنگ‘ جو شهر جيڪو سکن جو آباد ڪيل آهي ان
ڳالهه جو روشن ثبوت آهي. 1985ع ۾ ضلع چڪوال ٺهيو
ته تله گنگ کي اٽڪ ضلع کان جدا ڪري چڪوال جو تعلقو
ٺاهيو ويو. ’تلو‘ سمنڊ جي سطح کان هيٺائين ۽
تراکڙي زمين کي چئجي ٿو. تله گنگ جي بستي به هڪ
ڍنڍ يا ترائي تي ’گنگ سکن واري ترائي‘ يا ’تله
گنگ‘ سڏي وئي. تله گنگ ۾ هن وقت مغل، سيد، اعوان ۽
بلوچ ڪثير تعداد ۾ رهن ٿا. هيءُ ايئرمارشل نورخان
جو شهر آهي ۽ هتي جا کاڄا (مونگ ڦلي) سڄي ملڪ ۾
مشهور آهي، تله گنگ چڪوال کان 42 ڪلوميٽر ۽ لاهور
کان 237 ڪلوميٽر پري آهي. (6)
سرائڪي زبان ۾ ’تَلو‘ ’تَر‘ کي به چئبو آهي. جيئن
ته پاڻي جڏهن ڪنهن تلاءَ يا ڍنڍ جي تري ۾ وڃي
بچندو آهي، ته چوندا ته، ’پاڻي هُڻ تَلي وچ وڃ
بچيا هي‘.(7)
سڪرنڊ جي لڳ ’شڪر ڍنڍ‘ (شڪر گنج ڪولاب) کي اڳي
تَلي مياڻ سڏبو هئو. (8) سڪرنڊ ۾ سکن جو گُرد وارو
به هو، جيڪو هاڻي به مندر جي شڪل ۾ موجود آهي. (9)
هي سِکَ انگريزن جي دؤر ۾ سنڌ جي به ڪجهه علائقن ۾
آباد ٿيا ۽ سنڌ پوليس ۽ ٻين کاتن ۾ ڀرتي ٿيا.
غالباً رنجيت سنگهه ۽ انگريز دوستي جي نتيجي ۾ سک
فوجين کي هي زمينون انعام ۾ مليون. سنڌ پوليس جو
هڪڙو سک آفيسر حُر تحريڪ جي دوران مشهور ٿيو. ان
جو نالو جوالا سنگ هو. حر مجاهدن کيس ’بهرم بريءَ‘
جي ميلي ماري پنهنجي دليري جي ڌاڪ ويهاري. سندس
موت جي منظر تي سنڌ جي عوامي شاعر مل محمود پلي
دلپذير شاعري ڪئي آهي. مل محمود پلي جا هن واقعي ۽
حُرن جي ساراهه ۾ 57 بيت ۽ هڪ مختصر مثنوي
آهي(10). ان کان پوءِ وري سنڌ ۾ گرنام سنگهه جو
نالو گهڻو عوام جي اڳيان آيو. گرنام سنگهه شير
ميربحر کي ملهه وڙهڻ لاءِ چيلينج ڪيو. هي مقابلو
تاريخ 29-9-1963ع تي نياز اسٽيڊيم حيدرآباد ۾ ٿيو
۽ شير ميربحر پهرين ملهه ۾ ئي گرنام سنگهه کي
ڪُلهي کان پوئتي اُڇلي ڇڏيو ۽ ٻي ملهه کان اڳ ۾
گرنام سنگهه قميص پائي ويهي رهيو. (11)
اهڙي طرح تاريخ ۾ انهن ٻن سک ڀائرن جو به ذڪر آهي
جن مير بجار خان کي شهيد ڪيو ۽ مثل مشهور ٿيو ته
ميرن کي ڪنن جي ڳالهين مارايو ٻي طرف گرهوڙي صاحب
جي پيشنگوئي:
اسان پاري، بجر نه پاري، وئي بجر جي ساري.
به قبوليت کي پهتي.(12) ائين محترم انڌرا گانڌي کي
قتل ڪندڙ سک گارڊ کان وٺي سکن جا ڪيترائي ڪردار
اسان وٽ مشهور ٿيا. ائين سکن آبادي جا ڪجهه مثال
سنڌ ۾ ٻيا به آهن. اسين انهن جي تفصيل کي ڇڏي هلون
اصل موزون ڏانهن.
سکن هاڪڙي جي اُڀرندي ڪناري تي صوفي فقير سان گڏ
ڏکڻ ۾ پڻ پنهنجا ڪجهه ڳوٺ اچي ٻڌا ۽ جنهن ڍنڍ جي
ڪناري سان هي ڳوٺ آباد ٿيا ان جو قديم نالو
’سيريئين‘ هو.(13) سيرئين جي نالي سان ٽي ديهون
آهن. هڪ ڍورو سيرئين ۽ باقي ٻه تعلقي ساماري ۾،
هاڪڙي جي اولهه ۾ سيرئين ۽ کارڙو سيرئين جي نالن
سان آهن. هي ٻئي ديهون تَلي جي ايراضي کان ٻاهر
آهن پر سيرئين جي قديم علائقي جي ياد آهي. پاڪستان
ٺهڻ سان ’سک‘ هندستان منتقل ٿي ويا پر انهن جي
نالن وارا ڳوٺ اڃان به موجود آهن ۽ سکن جو هن
علائقي هجڻ جي ياد ڏيارين ٿا. ديهه ’ڍورو سيرئين‘
جو هيءُ علائقو سِکن جي اچڻ بعد ’تلو‘ سڏيو ويو ۽
هن وقت به اهو ’تر‘ ’تَلو‘ سڏجي ٿو. عام محاوري ۾
هن تر جي ماڻهن کي ’تلي وارا‘ سڏجي ٿو. جيئن: ’تلي
وارا‘ پنجابي، تلي وارا پلي، تلي وارا بنگلاڻي
وغيره.
تلي جي اُتر دنگ تي صوفي صديق محمد سومرو جو
مقبرو
هِن ’تلي‘ واري تر جي اُتر-اوڀر ۾ ’هاڪڙي‘
کي بچا بند آهي. هن ’بند‘ جي نسبت سان پڻ بند وارا
راڄڙ، بند وارا پلي ۽ بند واري ولهيٽ وغيره پڻ
سڏجن ٿا. ’تلي‘ جي موجود علائقي ۾ ديهه صوفي، ديهه
ڍورو سيرين ۽ ديهه ٻيلوڪرنا اچن ٿيون. ’تَلي‘ جي
اُتر ۾ اَهُرَ ۽ ڪلري جون ترايون يا ڍنڍون هيون.
ڏکڻ ۾ ’ڏوماڻي‘ جي مشهور ڍنڍ هئي جتي سيد احمد
شهيد ’بالاڪوٽ‘ ويندي کاروڙي ۽ عمرڪوٽ بعد اچي
ڊاٻو ڪيو هو. فارسي تاريخن ۾ ڏوماڻي کي ’دومانه‘
لکيو ويو آهي. هن ڍنڍ جو ڪجهه حصو هن وقت به پاڻي
سان گڏ موجود آهي. (14)
ڏوماڻي جي اُتر ۽ خانصاحب عطا محمد پلي ڳوٺ جي
اولهه ۾ حُر تحريڪ دوران هڪ حُر جو انگريزن جي
سپاهين سان مقابلو پڻ ٿيو هو. اِهو حُر مجاهد جنهن
وٽ صرف هڪ ڇوٽي ڳن واري ڪُهاڙي هئي اُن سان جهنگ
مان گهوٻاٽا وڍيندو، سپاهين کي هڻندو، بندوقن جا
فائر گسائيندو گُم ٿي ويو. اِنهي مقابلي دوران
خانصاحب عطا محمد پلي کي جڏهن هِن مقابلي جي خبر
پئي ته ڪجهه پنهنجا هٿيارن وارا همراهه موڪليائين،
جن مختلف طرفن کان فائرنگ ڪري سپاهين کي گمراهه
ڪيو ۽ حُر مجاهد فقير کي نجات جو رستو مليو.(15)
’تَلي‘ جي وچ مان اُتر کان ڏکڻ ’صوفي ڊسٽريبيوٽر‘
وهي ٿي، هيءَ ناري جي شاخ آهي جيڪو ڍورو نارو سڏجي
ٿو ۽ هاڪڙي جي بقايا آهي ۽ ان جي اولهه ڪنڌي مان
هي شاخ نڪري ٿي. هن شاخ سبب هي سڄو ڍنڍن جو علائقو
هن وقت زرعي آباد زمين جي شڪل ۾ آهي. جڏهن ’سانوڻ
سُوڙهه‘ لائيندو آهي ته پاڻيءَ جي بيهڪ هِن علائقي
۾ ڍنڍن جي سِڪَ پوري ڪندي آهي.
سکن جي تهذيب جا خاص نشان سوئرن جو شڪار، ڪمند،
چيڇڙو، سرنهن جو ساڳ، ڏانگهه، تلوار، بڙڇي ۽ ڏڦو
ويجهي دؤر ۾ ختم ٿيا آهن. سرنهن جو ساڳ ته سڀڪو
ٻهراڙي ۾ پچائي پر پنجاب جي ماڻهن جو پچايل ساڳ
خاص آهي ۽ هن وقت به ڪي پنجابي عورتون اُهو ساڳ ۽
مڪائي جي ماني چُنگي ۽ تحفي طور پاڙيوارن کي
موڪلين. ٻي طرف هٿيارن جي هن جديد دؤر ۾ ’ڏانگهه‘
يا ڊگهيون لٺيون اڃان به رات جي ’وهراڙن‘ وقت نظر
اچن ٿيون.
تاريخي طور ’تَلي‘ کان پهرين هيءَ علائقو ’سيرئين‘
سڏبو هو، جنهن سان ’ڍولي نرور‘ ۽ ’مارل‘ جو لوڪ
عشقيه داستان منسلڪ آهي. ’ڍولي نرور‘ جي تاريخي
قلعي جا آثار تلي جي ڏکڻ ۾ 6-7 ڪلوميٽرن تي هاڪڙي
جي اولهه ڪناري ’حسن باغبان‘ جي قبرستان جي اوڀر
واري ديوار لڳ موجود آهن. هن قلعي سان لڳولڳ
انگريزن ’جيل‘ ٺاهي جيڪا ناراجيل سڏي وئي ۽ پوءِ
هيءَ جيل حيدرآباد لڳ منتقل ٿي ته به ان جو نالو
’نارا جيل‘ برقرار رهيو. عام محاوري ۾ ۽ هِتان جي
لوڪ لهجي ۾ هِن جيل کي ’گورن جو قيدخانو‘ يا ’گورا
بند‘ چوندا هئا انڪري هن جيل واري قديم ايراضي کي
انگريزن سروي وقت ديهه گورابند سڏيو ۽ ساماري
تعلقي ۾ اُها ديهه گورابند هن وقت به موجود آهي.
’گورابند‘ جي اولهه ۾ ساماري جي ڍنڍ هئي جنهن جي
ڪناري تي سامارو شهر موجود آهي. صدري راويتن موجب
جڏهن ’اڪبر بادشاهه‘ (مغلِ اعظم) هندستان جي تخت
تي ويٺو ته هُن پنهنجي جاءِ پيدائش جي سرزمين کي
مختلف طريقن سان ياد ڪيو، اڪبر بادشاهه جي پيدائش
وقت شهنشاهه همايون جو هن ساماري ڍنڍ جي ڪناري
پڙاءُ ڪيل هو، ۽ کيس اُتي اڪبر جي پيدائش جي
’مبارڪ باد‘ ملي ۽ پاڻ ان وقت ’مشڪ‘ ڪچهري ۾ تقسيم
ڪيائون(16). اڪبر بادشاهه انهيءَ مشڪ جي يادگيري ۾
هن ’ڍنڍ‘ تي ايندڙ پکين جي جان کي امان ڏني ۽ شڪار
جي منع جو حڪم نامو جاري ڪيو. انهيءَ روايت موجب
هيءَ ڍنڍ پکين ۽ ٻي شڪار ٿيندڙ جيوت لاءِ ’سام‘
واري ڍنڍ سڏجي وئي ۽ علائقو سامارو (سام+ وارو)
سڏاڻو. هن لوڪ روايت جا ڪيترائي راوي سينه به سينه
هن روايت کي اڃان به سنڀالين ٿا. (17)
’تلي‘ جي هن سيرئين واري زمين کي گرونانڪ جي نالي
پٺيان ’گرونانڪ جي ڍنڍ‘ يا ’نانڪ سر‘ پڻ سڏيو ويو
جنهن جي نالي سان ’نانڪ سر‘ جو ڳوٺ هن وقت به قائم
آهي. انهيءَ کانسواءِ نورنگ سنگهه، ٿمن سنگهه،
ناٿا سنگهه، ارجن سنگهه، حويليرام ۽ سکن جي نالن
سان ٻيا ڳوٺ به آباد آهن جتي هن وقت ڪوبه سک آباد
ڪونهي. تله گنگ وانگيان يا ته هِتان سڀ سک هندستان
منتقل ٿي ويا يا ڪي چند مسلمان ٿي ويا.(18)
سکن جو هڪ آخري گهر پاڪستان کان پوءِ به صوفي صديق
فقير صادق رحه جي مقبري جي اوڀر ۾
موجود هئو، جيڪي 1965ع واري جنگ کان ٻه سال پهرين
هندستان منتقل ٿي ويا.(19)
نانڪسر جي ڳوٺ ۾ چوڌري رحمت الله ولد نظام الدين
جي ڊيزل انجڻ واري اٽي جي چڪي هئي جنهن جي جاءِ تي
هن وقت ڪولهين جي اٽي جي چڪي آهي. هن چڪي جي اولهه
۾ پهريائين جانڊاهه (خراس) هوندي هئي. جانڊاهه جي
ڏکڻ اوڀر ۾ سکن جو ’گُرد وارو‘ هوندو هو. گُرد
واري جي لڳ هڪ وڏو پپر جو وڻ هو. جيڪو ويجهي دور
تائين به موجود هو. هن ڳوٺ جي اولهه ۾ وڏي ترائي
پڻ هئي. ترائي کان اُتر ۾ ”مساڻ“ هئا، اڃان به
اڳتي نانڪسر، نورنگ سنگهه ۽ ٿمن سنگهه (ٺمن سنگهه)
کان اُتر-اولهه ’سيد نور شاهه‘ جي قبرستان لڳ وڏين
حويلين جون ديوارون ۽ آثار به ويجهي دور تائين
موجود هئا. نانڪسر کان ڏکڻ- اولهه ۾ جيڪو ’گجرن‘
جو ڳوٺ آهي. اُهو ”ارجن سنگهه“ سک جو ڳوٺ هو ۽ بعد
۾ ”گجر ننگر“ جي نالي سڏيو ويو. نانڪسر کان ڏکڻ ۾
ديهه ’ٻيلو ڪرنا‘ ۾ ’رسول ننگر‘ جي ڳوٺ جو
پرائمري اسڪول اهو اسڪول آهي جنهن ۾ ’عبدالقادر
جوڻيجو مرحوم‘ پهريائين استاد مقرر ٿيو ۽ ’خانصاحب
عطا محمد پلي‘ جي ڳوٺ ۾ رهندو هو. جيڪو ٻه ڪلوميٽر
اوڀر ۾ آهي. هِتان کان ئي خانصاحب عبدالڪريم
’ڪريم‘ پلي، محترم راڄ محمد پلي ۽ ولي محمد پلي جي
صحبت ۾ سندس ادبي گرومنگ ٿي ۽ سنڌي زبان کي هڪ
لاجواب ڊرامه نگار مليو.(20)
نانڪسر ۾ ڪُشتي جا به مشهور پهلوان ۽ ڪسرتي محمد
اسماعيل پنجه، خير محمد عرف خير پنجه ۽ پير بخش
پنجه رهندا هئا. هنن پهلوانن جي مقابلي لاءِ چوڌري
شاهنواز پنجاب کان مشهور پهلوان ڪُشتي لاءِ گهرايا
پر اهي به کانئن مقابلو کٽي نه سگهيا. ملهه پهلوان
ڌانڌل خان ميئو ۽ ڀينڊا خان ميئو به پنهنجي فن ۾
ماهر هئا.(21)
نانڪسر ۾ هڪ لوڪ شاعر رهندو هو، سندس نالو ’الله
رکا سدها شاعر‘ سدهو معنيٰ سنئون سڌو، بغير رک
رکاءَ جي سچ چوڻ وارو. جڏهن نانڪسر ۾ مسجد شريف
ٺهي ۽ هڪ نظم لکيائين ته ان جي وراڻي هن طرح هئي
ته:
نانڪسر ميان ني مسيت پائي جي.
سندس پُٽ عبدالله آرامشين تي مستري هو ۽ وٽس اُها
ڪاپي سنڀاليل هئي.(22)
ناٿا سنگهه ڳوٺ جي ڏکڻ ۾ ’الهداد جو ڳوٺ‘ آهي.
هيءُ الهداد پٺاڻ هو. هن ڳوٺ ۾ مَهر به رهن ٿا.
الهداد جو مائٽ محمد بشير پٺاڻ آهي، جيڪو هن وقت
پنهنجي آبائي زمين وڪڻي پنجاب منتقل ٿي ويو آهي،
هن ڳوٺ جا پٺاڻ فوج ۾ هئا.
نانڪسر جي ڳوٺ جي اوڀر ۾ ڳوٺ
’مبارڪ خان‘ آهي. هن ڳوٺ کي پَٽيلن جو ڳوٺ چون. هن
ڳوٺ جو راجا انارس پنهنجي دؤر جو سپوٽ ۽ سلجهيل
شخص هو. سندس فرزند راجا اڪرم جيڪو اڄڪلهه پنجاب ۾
رهي ٿو، اهو به لکيل پڙهيل ۽ مهذب ماڻهو آهي. راجا
اڪرم صاحب ڍورو نارو هاءِ اسڪول ۾ قاضي محسن ولد
قاضي نورمحمد پلي جو ڪلاسي هو. پاڪستان جو سابق
وزيرِاعظم ۽ پيپلزپارٽي جو راجا پرويز اشرف به هتي
پيدا ٿيو. هو راجا انارس جو ڀاڻيجو هو. کيس راجا
انارس سنڀاليو ۽ پڙهايو. هو سنڌي تمام چٽي ۽ سٺي
ڳالهائي سگهندو آهي.(23)
جڏهن پاڪستان ٺهڻ جي اعلان بعد سِکَ (خالصا)
هندستان منتقل ٿيا ان وقت حويليرام جي گهر ۾ ڀريا
مهينا هئا. جنهنڪري هو ترسي پيو ۽ 14 آگسٽ 1947ع
جي رات سندس گهرواري جا پاسا هلڪا ٿيا. هڪ هفتي
بعد نئين ڄاول ٻار سميت هو تَلي کي پنهنجي لڙڪن جو
آخري تحفو ڏيندي انڊيا هليو ويو(24).
’تلي‘ جي ڳوٺن ۾ مسلمان ۽ سک نهايت پرامن طريقي
سان رهندا هئا، ڪڏهن به مٿن ورهاڱي جي وقت جا منفي
جذبا غالب نه پيا، سڀني پاڙيوارن کي سکن جي وڃڻ جو
ڏک ته هو پر انگريزن جي برصغير خالي ڪرڻ جي وڌيڪ
خوشي هئي.
هن علائقي ۾ جيڪي ذاتيون هن وقت آباد آهن انهن ۾
آرائين، بنگلاڻي، مغل، راڄڙ، پلي، ڪنڀار، ميئو،
ڀيل، ڪولهي، مينگهواڙ، شيخ، ساند، مڱريا، مهر،
ماڇي، گُجر، باجوا، مَهار، رانگڙ، اوڏ، جٽ، ڪلال،
مڱڻهار، نهڙي، مياڻا، مهاڻا، اعواڻ، چشتي، عيسائي،
ڪشميري، قريشي ۽ مهاجر وغيره آباد آهن.(25)
هيءُ علائقو پهريائين يونين ڪائونسل خانصاحب عطا
محمد پلي ۾ شامل هو، هاڻي صوفي يونين ڪائونسل ٺهڻ
بعد گهڻو حصو يونين ڪائونسل صوفي ۾ شامل ڪيو ويو
آهي.
تَلي ۾ بچابند جي ڪناري سيد مصري جو مقبرو-
ديهه ٻيلو ڪرنا
تَلي جا بزرگ:
(1) مصري شاهه (کامي وارو سيد)
مصري شاهه جي تاريخي قدامت بابت ڪٿان مستند مواد
ميسر نه ٿي سگهيو آهي. باقي اِهو قوي امڪان آهي ته
هيءُ بزرگ سهروردي سلسلي جو آهي. هن درگاهه جي
سارسنڀال پلي ۽ هاليپوٽا ذات جا افراد ڪن ٿا. هن
درگاهه تي اوطارو خانصاحبِ غلام حسين پلي مرحوم
ٺهرايو. هن اوطاري تي خانصاحب عبدالڪريم پلي صاحب
جي دعوت تي سنڌ جا ڪيترائي فنڪار محفل مچائي ويا
آهن، جن ۾ دين محمد مڱڻهار ڪارو، گلزار علي
سانگهڙائي ۽ سهراب فقير کانسواءِ ڪيترائي مقامي
فنڪار شامل آهن، هن وقت به هن درگاهه تي ساليانه
عرس ۾ راڳ رنگ جي محفل پڻ ٿئي ٿي.
سيد مصري شاهه جي درگاهه لڳ، خانصاحب غلام حسين
پلي جو ٺهرايل اوطارو
جتي راڳ رنگ جي محفل ٿيندي آهي. (ديهه
ٻيلوڪرنا)
(2) سيد نورشاهه
هن بزرگ متعلق تاريخي ڪتابن ۾ ڪابه معلومات موجود
نه آهي، صدري روايتن ۾ به سندن ڪرامتن جو ذڪر
البته زياده آهي، سيد نورشاهه جي قبرستان ۾
بنگلاڻي ذات جا جهجها بزرگ دفن آهن. هن قبرستان ۾
سيد، مهر، ساند، ماڇي، رونجها، شيخ، کوسا، چانگ ۽
ملاح ذاتين جا فرد به دفن آهن.
هاڪڙي جي اوڀر ڪناري، تَلي ۾ سيد نور شاهه جو
مقبرو- ديهه ڍورو سيرين
چڱا مڙس:
بنيادي طور هن تَر تي خانصاحب عطا محمد ۽ سندس
فرزندن خانصاحب عبدالرحمٰن، عبدالڪريم ’ڪريم‘ پلي،
خانصاحب راڄ محمد ’جمال‘ پلي ۽ ولي محمد وفا ۽
سندن اولاد جي رڄ چڱمڙسي جو اثر رهيو. سندس مقابلي
لاءِ سماجي بيهڪ طور ٻين ماڻهن به پنهنجون ڌريون
تيار ڪيون پر اهي مؤثر نه ٿي سگهيا. موجوده دؤر ۾
يونين ڪائونسلن جي نئين جوڙجڪ ۾ خانصاحب عطا محمد
پلي، حاجي اصغر علي پلي، حاجي محمد بقا پلي ۽ صوفي
فقير جا صوفي نوجوان پنهنجو سياسي اثر رسوخ رکن
ٿا.
سياستدان:
(الف) قومي اسيمبلي جا ميمبر:
غلام محمد وساڻ، پير غلام رسول شاهه، خادم علي
شاهه، خيرمحمد ڀرڳڙي، محمد خان جوڻيجو، پير
نورمحمد شاهه ۽ نواب محمد يوسف ٽالپر.
(ب) صوبائي اسيمبلي جا ميمبر:
سيد غلام حيدر شاهه، راڻو لڇمڻ سنگهه، راڻو چندر
سنگهه، خانصاحب عبدالڪريم ’ڪريم‘
پلي، سيد مظفر حسين شاهه، سيد علي مردان شاهه،
حاجي علي مراد راڄڙ ۽ سيد سردار علي شاهه.
(ج) يونين ڪائونسل جا چيئرمن:
خانصاحب عبدالرحمان پلي، خانصاحب عبدالڪريم ’ڪريم‘
پلي، ولي محمد وفا پلي، حاجي محمد بقا پلي، حاجي
اصغر علي پلي، فقير امداد علي (صوفي يونين)، حاجي
معشوق علي پلي (يونين وليداد پلي).
(د) ڪائونسلر:
راجا انارس، فقير عقيل احمد (يونين صوفي)
عبدالرحمان گجر، رسول خان، نبي حسين، مسز ارشاد
مغل، محمد حسن ابڙو، گل محمد سومرو، پَٽيل ڪنڀار،
عزيز سومرو، محمد امين خاصخيلي، محمد يوسف مهر.
علماء ڪرام، مفتي۽ حافظ سڳورا:
مولانا عبدالخالق عبد پلي کانپوءِ سندس خاندان ۾،
مولوي حاجي عبدالقيوم، مولوي عبدالحميد پلي، حافظ
انعام الله پلي، حافظ امداد الله پلي، حافظ آصف
علي پلي، حافظ محمد عثمان پلي، حافظ حاڪم علي پلي
۽ حافظ محمد شريف پلي عالم ۽ حافظ آهن ۽ ديني
خدمتن ۾ مصروفِ عمل آهن. اِنهي کان علاوه تَلي ۾
هن وقت ٻيا جيڪي عالم سڳورا ۽ مفتي موجود آهن،
اُنهن جا نالا هي آهن: مفتي مقصود احمد جٽ، مولوي
عابد علي ميئو، مولوي ياسر علي ميئو، حافظ اسجد
علي، حافظ ساجد علي، مولوي شبير احمد ميئو، مولوي
عامر احمد ۽ مولوي دانش علي. اُنهن کان علاوه
محترم علي اڪبر پلي جون ٻه نياڻيون عالمائون آهن ۽
ڳوٺ ۾ هڪ نياڻين جو مدرسو هلائين ٿيون. دختر غلام
رسول آرائين، دختر عبدالجبار آرائين، دختر محمد
ارشد آرائين، دختر محمد اسماعيل ميئو، زوجه محمد
اسماعيل رائو، زوجه مولوي محمد شاهد ميئو، زوجه
عبدالجبار ولد نذير احمد گجر ۽ زوجه عبدالجبار ولد
عبدالستار گجر سڀ عالمائون آهن ۽ دين جي خدمت ۾
مصروف آهن. هن خطي ۾ مولوي عبدالخالق صاحب شغل جي
ٻاري ٺاهي جنهن کي ڪجهه وقت معمور صاحب مچائي سنڌ
جي پهرين جوڙ جي مولوي حاجي محمد عثمان مڱڻهار سان
شغل پڙهيو، بعد ۾ نبي بخش مرحوم ۽ حمزي ’شائق‘ پلي
ٻيهر منظم ڪري شغل کي هن تر ۾ نشاط ثانيه بخشي.
سماجي ورڪر:
لعل بخش بنگلاڻي، ڪامريڊ محمد عثمان پلي، نبي بخش
پلي، عمرالدين ميئو، الله ڏنو راڄڙ مرحوم، اعجاز
چوڌري مرحوم، صادق شاهه، مشتاق شاهه، الله جڙيو
بنگلاڻي، رحمت الله راڄڙ، نبي بخش بنگلاڻي.
هن وقت علائقي جو صحيح معنيٰ ۾ وڏو سماجي ورڪر
محترم چوڌري شاهنواز آهي جنهن هڪ عاليشان اسپتال
جو بنياد وجهي ۽ خلقِ خدا جي لاءِ صحت جو ذريعو
ٺاهي، ڪاميابي سان هلائي رهيو آهي. پاڻ پوليس کاتي
جو رٽائرڊ ڊي.آءِ.جي آهي ۽ سندس اولاد به سڀ تعليم
يافته ۽ اعليٰ عهدن تي فائد آهي. وڏو راڄوند ۽
سهڻي سڀاءَ وارو شخص آهي.
اديب، سگهڙ، شاعر ۽ ليکڪ:
معمور يوسفاڻي جو نالو هن خطي جو سنڌي ادب ۾
مٿاهون مشهور ۽ معروف نالو آهي، سندس علمي ۽ ادبي
ڪارنامن سان سنڌي ادب جي تاريخ جا صفحا شاهد آهن.
معمور يوسفاڻي صاحب هن خطي ۾ جيڪو علم ۽ ادب جو
ٻوٽو پوکيو انهيءَ ان جا ڪيترائي خوشبودار گل هن
وقت سنڌي ادب ۾ ڄاتا سڃاتا وڃن. سندس شاگردن جو هڪ
ڪثير تعداد آهي جنهن ۾ تَلي جا حمزو شائق، محمد
ڄام ناصر ماڻڪاڻي، ديدار حسين درس، علي محمد پلي،
دين محمد سجاڳ، عبدالڪريم مجاهد پلي، مرحوم گل حسن
پلي، عبدالمالڪ، لطيف دانش، ڪاڪو علي محمد پلي،
زوار بنگلاڻي ۽ ذاڪر بنگلاڻي. اُنهن کان علاوه
بهادر خان بنگلاڻي ۽ الله رکا ’سڌا شاعر‘ به لوڪ
شاعر هئا. ماستر علي شير رانگڙ، ولي محمد عرف ڪاڪو
وليو راڄڙ (سندس فرزند محمد مبارڪ ۽ محمد هاشم)،
منٺار بنگلاڻي، محمد صادق ڪشميري، دوست محمد پلي،
محمد عمر بنگلاڻي، حاجي محمد بچل بنگلاڻي، مصري
ماڇي، جاڳڻ خان بنگلاڻي، نورمحمد عرف نورو ماڇي ۽
ساهڙ فقير درس، هن علائقي ۾ مشهور سگهڙ ۽ ڳالهير
هئا، سندس لوڪ ادب جي سڄاڻپ جا ڪيترائي حوالا
معمور يوسفاڻي جي ڪتابن ۽ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ
جي لوڪ ادب جي ڪتابن ۾ موجود آهن.
هن تَر جا سگهارا ۽ همت وارا ڪيترائي شخص ٿي
گذريا، جن پنهنجي شخصي اثر، همت ۽ مردانگي سان
پنهنجو نالو هن علائقي ۾ مشهور ڪيو. انهن ۾ رئيس
بهادر خان، حاجي محمد اسمٰعيل راڄڙ (حاجي صاحب
لنواري شريف واري ’ستيا گره‘ ۾ به گرفتاري ڏني
هئي. حاجي صاحب مشهور دوبچي به هو، سندس نشاني
بازي جو هڪ مقابلو 1971ع واري جنگ ۾ پاڪ فوج جي
جوانن سان ٿيو، پاڻ نشاني بازي جي اُهو شرط
کٽيائون، سندن والد حاجي بُلند مرحوم به هن تر جو
معزز شخص هو). رئيس ڳهڻو خان، رئيس بهاول خان
بنگلاڻي، مدل خان، پيرو بنگلاڻي، ڪمال خان، مرزو
خان بنگلاڻي، حاجي علي بخش بنگلاڻي، راجا اڪرم،
رئيس مير محمد خان، حاجي محمد عثمان خان بنگلاڻي ۽
راجه تيغ علي جا نالا خاص آهن.
هن علائقي ۾ ڪيترائي هنرمند ۽ محنت ڪش شخص هئا ۽
آهن. جن پنهنجي هنر ۽ وڄا سان نالو ڪمايو. جن ۾
غلام قادر مغل، چوڌري رحمت الله، ميان احمد پلي،
ڪنڀار، ڪرنو مينگهواڙ، راجه ڪرم الاهي ۽ سندس ٻه
فرزند محمد اقبال ۽ سيٺ عبدالغني ۽ سندس ڀائيٽا
راجا تيغ علي ۽ راجا ممتاز علي وارا هن علائقي جا
مشهور ٽرانسپورٽر هئا. هنن جون لاريون ۽ بسون
عمرڪوٽ کان ڪراچي تائين محمد اقبال ٽرانسپورٽ
ڪمپني ۽ دي عمرڪوٽ ٽرانسپورٽ ڪمپني ۽ تيغ علي
ٽرانسپورٽ ڪمپني جي نالي سان هلنديون هيون ۽ سندن
پيٽرول پمپ ۽ گيراجون پڻ هن رستي تي مشهور رهيون
آهن. راجا ڪرم الاهي ۽ راجا رحم علي خانصاحب عطا
محمد پلي وٽ ملازم هئا. هن وقت به جيڪو بس اسٽاپ
لطيف ننگر سڏجي ٿو، جتي معمور يوسفاڻي مرحوم جو
آخري آرامگاهه آهي اُهو اڳي به ۽ اڃان به هن راجا
ڪرم الاهي جي نالي سان راجه رستي سڏجي ٿو. هيءَ
راجه رستي خانصاحب جي ڳوٺ خواه تلي جي سڀني ڳوٺن
جو اهم رستو آهي. راجا ڪرم الاهي کي خانصاحب عطا
محمد پلي صاحب، پاڻ جڏهن ٿرپارڪر اسڪول بورڊ جو
چيئرمين هو ته پرائمري اسڪول کولائي ڏنائين. هي
اسڪول راجا ڪرم الاهي جي نالي سان نانڪسر ۾ هن وقت
به قائم آهي.
راجه ڪرم الاهي جي هڪ خاص عادت هئي جو سندس اوطاق
تي مانيءَ جو ’تنور‘ سڄو ڏينهن ٿڌو ڪونه ٿيندو هو
۽ اوڙي پاڙي جا غريب ماڻهو اچي ماني کائي ويندا
هئا ۽ لسي وٺي ويندا هئا. وٽس ’تُلو‘ نالي هڪ
مهينيدار هو جنهن جي ذمي هيءُ ڀانڊارو هوندو
هو.(26)
تلي جي سروي وقت انگريز آفيسرن هن علائقي جي قديم
نالي کي برقرار رکندي ديهه جو نالو به ڍورو
’سيريئين‘ رکيو، ديهه ڍورو سيريئين جي اُلهندي
ڪناري بزرگ نورشاهه جو آستانِ ڏکڻ دنگ تي مصري
شاهه عرف کامي وارو سيد جيڪو ڏوماڻو ڍنڍ جي اُتر ۾
’تلو ۽ ڏوماڻو‘ جي دنگ ديهه وليداد پلي ۾ آهي. تلي
جي اترئين دنگ تي حضرت صوفي صديق فقير صادق جو
مقبرو ۽ سندس اولاد جو اَبدي آرامگاهه به آهي ۽
سندس اولاد وري تلو ۽ ڪلري ڍنڍن جي دنگ تي موجود
عمرڪوٽ، ميرپورخاص روڊ جي اُترئين ڪناري تي آباد
آهي. هتي ديهه صوفي ۽ ديهه اهر اڀرندو جو به دنگ
آهي. هن صوفي فقير شهر جي اولهه ۾ هاڪڙي جي اوڀر
ڪناري ’تجر‘ جيڪا ارغون دؤر جي ٺهيل عمارت آهي. هن
’تجر‘ ۽ بزرگ حسن باغبان جي مزار(27) جي اڏاوت
بلڪل هڪجهڙي آهي. هيءَ اڪيلي لانڍيءَ نما جاءِ آهي
جنهن سان گڏ ٻي ڪابه اڏاوت ڪونهي. ايئن ٿو لڳي ته
ڄڻ ڪا امانت هتي دفن ڪئي ويئي هجي، يا ڪنهن
بادشاهه ڀاڄ وقت پنهنجو خزانو پوريو هجي. هن وقت
ڪجهه عقل کان محروم لوڪن هن اڏاوت جي اندر پَڙ رکي
ٻاهران ’سيد تجعل شاهه‘ جو بورڊ لڳائي نه صرف
ماڻهن کي گمراهي جي گس لڳائي ڇڏيو آهي پر تاريخ
سان به عجيب مذاق ڪيو آهي.
همير سومري جي وزير راڻي مينڌري جي محلات جا
کنڊر (راڻي جو ڀڙو)
هن علائقي جي ديهه صوفي ۾ ’راڻي مينڌرو‘ جو دڙو
موجود آهي جنهن جي پکيڙ جا آثار ديهه ڍورو سرين ۾
صوفي شاخ جي ڪناري تائين ملن ٿا. هن تاريخي دڙي جي
اُلهندين ڪڇ ۾ ’مومل‘ جي ڀڙي موجود آهي، جنهن ۾
قديم سِرون هن وقت به سڙيل ۽ ڪاريون آهن.(28)
هاڪڙي جي اوڀر ڪناري- ارغون دور جي تعمير ٿيل
”تجر“
راڻي جي ڀڙي جي سامهون هاڪڙي جي اولهه ڪپ تي ’همير
جو ڀڙو‘ هن وقت به ڪر کڻيو پيو ڌڻيپ لاءِ واجهائي.
همير سومري جي هن ڀڙي جي اڃان به اولهه ۾ ڏونئر
ڀٽي، شينهڙي ڌماچاڻي جي شهرن جا آثار پڻ موجود
آهن. هي اُهي قديم تاريخي آثار آهن جن تي لکندي هن
علائقي جي وڏي محقق محترم معمور يوسفاڻي صاحب هڪ
تاريخي جملو لکيو هو ته:
تاريخ هتي دفن آهي، تاريخ هتي ڳوليو.(29)
همير جي ڀڙي ۽ راڻي جي ڀڙي جي وچ ۾ مياڻ هئي جيڪا
نور شاهه جي قبرستان جي اُتر ۾ هئي ۽ هاڪڙي ۾
ٻيڙيون هلنديون هيون، جيڪي ٻنهي شهرن کي
ملائينديون هيون. ڏند ڪٿائن موجب هنن ٻنهي شهرن کي
ملائڻ لاءِ هڪ زمين دوز سُرنگهه به تعمير ٿيل هئي
جيڪا هاڪڙي جي پيٽ مان گذرندي هئي.(30)
تَلي جي ڏکڻ ڇيهه واري ديهه ٻيلو ڪرنا آهي. ٻيلو
ڪرنا جي ٻي جوڙيوال ديهه ڪرنا آهي. هي ڪرنا جو لفظ
ڄام ڪرن جي هن علائقي ۾ هجڻ جي تاريخي گواهي آهي.
راڻي مينڌري جي وني مومل گجر جي محلات جا کنڊر
لطيف ۽ تَلو:
حضرت شاهه عبداللطيف تَلي جي هن علائقي ۾ پنهنجا
پير مبارڪ گهمايا آهن، هِتان جي سگهڙن ۽ شاعرن سان
ڪچهرين ۾ ’ڄام ڪرن(31)‘، ’مومل راڻو(32)‘ ۽ ’ڍول-
مارو(33)‘ جا داستان ٻڌا. پنهنجي رسالي ۾ هنن کي
ڳايائين. خاص طرح لفظ ’ڍول‘ کيس اهڙو وڻيو جو
رسالي جي ٻين علائقائي سُرن مومل راڻو ۽ ليلا
چنيسر ۽ عمر مارئي ۾ پڻ ’ڍول‘ جو لفظ استعمال
ڪيائين، ڍول لفظ جي جاگرافيائي وسعت هِتان، هن سر
کان اُٿي پوءِ راجستان جي علائقي جي ڪنار سان روهي
۽ چولستان جي لوڪ ادب ۾ به پهتي ۽ پنجابي لوڪ گيتن
۾ به جاءِ والاريائين. مئڊم نورجهان 1965ع جي هڪ
جنگي نغمي ۾ به ڳايو ته:
میریا
ڈول
سپاھیا
تینوں
رب دیاں
رکھاں.
حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جا ڪجهه بيت عرض رکون
ٿا جيڪي مذڪوره تاريخي حقيقتن جا گواهه آهن:
تون ڍوليو ڍٽ ڌڻي، ڍوليا تنهنجو ڍٽ.
---
ڍٽ مَ وڃج ڍول ڪاڻياري ڪاڪ ڪري.
(مومل راڻو)
تَلي ۾، مومل گجر جي محلات، بلڊوزرن جو کاڄ
ليلا چنيسر ۾:
پوچا ڏٺم پير، ڍڪڻ مٿي ڍول جا،
مون ڀانيو تنهين وير، ڪوجهي ڪندو پريتڙي.
---
ڍولي ڍيلياس، ٿيس ڪاڻياري ڪانڌ جي.
---
ڍوليو ڍڪ سندياءِ، عيبن کي آڏو پئي.
(ليلا چنيسر)
ڍاٽي جي ’ڍول‘ ملي ته ڍولا نان ڪهيج.
(ڍول مارو)
ڍولا مارو مون سان پرچن شال پنهوار.
---
ڍولو نرور سيرئين، ڌڻ ٻُڪڙ ڪڙيان.
(مارئي)
اهڙي طرح سيرئين جو هيءُ پَٽ جيڪو انگريزن جي دور
۾ تَلو سڏيو ويو، حضرت ڀٽ ڌڻي جي رسالي جي حوالي
سان تمام اهم ۽ تاريخي حوالا پنهنجي اندر ۾ سمائي،
سونهن، سوڀيا، همت ۽ مردانگي جا ڪيترائي نقش چٽا
ڪري شاعرن، اديبن، درس و تدريس، علم ۽ عرفان سان
گڏ صوفين، بزرگن، اوليائن جو روحانيت سان پُرنور
هن وقت ٽن ديهن صوفي، ڍورو سيرين ۽ ٻيلو ڪرنا جي
شڪل ۾ پنهنجي جاگرافيائي وجود سان موجود آهي.
هتي ئي هاڪڙي جي وهڪري جو اُهو ڍورو آهي جنهن جي
ڪناري تي اُهُر جي علائقي ۾ صوفي صديق محمد صادق
سومرو اچي رهيا ۽ هن ڍوري جي جهنگ ۾ پَلجندڙ
خرابات کي هيئن صاف ڪيائون ته:
چونري منجهان چور، ويا ويچارا نڪري،
ڍوري اندر ڍور، سُڃا چرن ’صديق‘ چئي.
(صوفي صديق فقير صادق رحه)(34)
۽ پوءِ حياتيءَ جي بي ثباتي ۽ زمين تان ميٽجي
ويندڙ تاريخ جي ڇا ته سهڻي منظرڪشي ڪيائون ته:
ڌڱ ڌرتي سنڀري، ڪئين جوڌا ۽ جوان،
هئا هزارين ڪيترا، هت صوبا ۽ سلطان،
تنين جا مڪان، ’صادق‘ سنڀري ڪونه ڪو.(35)
(صوفي صديق فقير صادق رحه)
حرف آخر: ٻُڌ مت- هن علائقي ۾ جڏهن هاڪڙي جي ٻنهي
طرفن موجود هي جيڪي هيڏا وڏا ڀڙا آهن انهن جي
کوٽائي ۽ زمين جي چڪاس ٿيندي ته اسان کي ٻُڌمت جا
آثار ملڻ جو گهڻو امڪان آهي ۽ هي آثار ’تَلي‘ جي
علائقي ۾ اڃان به گهڻا ملي سگهندا.
مددگار: هن تحقيقي مقالي لکڻ وقت هيٺيان مهربان
منهنجا مددگار رهيا، سندن شڪريو ادا ڪرڻ اسان تي
فرض آهي.
حزب الله يوسفاڻي، حاجي انور علي راڄڙ، سيف الله
خالد يوسفاڻي، علي اڪبر پلي، ارشاد علي مغل، الله
جڙيو بنگلاڻي، فيض محمد راجپوت محمد سومار بنگلاڻي
۽ ماستر هيرالال اوڏ.
لکڻ جو خيال: بنيادي طور هن مقالي لکڻ جو خيال سنڌ
جي اڪابر، عالم، محقق ۽ تاريخدان ڊاڪٽر نبي بخش
خان بلوچ جي هڪ تقرير مان پيدا ٿيو، جنهن ۾ پاڻ
فرمايائون ته جيڪر اسان جو هر ليکڪ پنهنجي ڳوٺ جي
تاريخ لکي ته سنڌ جي تاريخ مڪمل ڪرڻ مشڪل ڪم نه
آهي. الله پاڪ کين پنهنجي ويجهن ۾ ويجهو رکي آمين.
حوالا:
1.
پراڻ درياهه جي مشاهداتي تاريخ (تحقيق) (صفحو 27)،
محمد حسن زاهد ڪنڀار، مهراڻ اڪيڊمي واڳڻو در
شڪارپور 2018ع.
2.
ايضاً، (صفحو 26)
3.
جامع سنڌي لغات، (ص 89)، جلد ٻيو، مرتب: ڊاڪٽر نبي
بخش خان بلوچ، ڇاپو ٻيو، 2007ع، سنڌي ادبي بورڊ،
ڄام شورو حيدرآباد.
4.
جامع سنڌي لغات، (ص 452)، جلد چوٿون، مرتب: ڊاڪٽر
نبي بخش خان بلوچ، ڇاپو ٻيو، 2007ع، سنڌي ادبي
بورڊ، ڄام شورو حيدرآباد.
5.
راوي: استاد محمد قاسم پلي.
6.
تَله گنگ نيٽ جي سائيٽ تان (ڊاڪٽر ڪليم مغل جي
ٿورن سان).
7.
راوي: رئيس الهه جڙيو خان بنگلاڻي، تَلي جو
رهواسي.
8.
ٽماهي تخيل-2/2016ع، ماڻڪ ملاح جو مضمون، (ص 134)
9.
ٽماهي تخيل، 3/2016ع، ماڻڪ ملاح جو مضمون، (ص 44)
10.
(الف) واقعاتي بيت، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ
(ب) مهراڻي جا مور، (صفحه 55)، معمور يوسفاڻي،
ضلعي حڪومت عمرڪوٽ 2010ع
11.
روزانه مهراڻ حيدرآباد (اخبار)، مؤرخه 30-9-1963ع
12.
(الف) ٽماهي تخيّل 3- 2016ع، (ص 110) معمور
يوسفاڻي جو مضمون.
(ب) ڪلام گرهوڙي، (ص 10) مرتب: ڊاڪٽر عبدالغفار
سومرو، ڇاپو ٽيون، سنڌيڪا 2019ع.
13.
ديهه ڍورو سرين جو نقشو، 1932ع
14.
تاريخِ اميران سنڌ، مصنف: مير محمد بخش ٽالپر، زيب
ادبي مرڪز- حيدرآباد.
15.
راوي: ولي محمد وفا پلي.
16.
ڪتاب: بيباڪ شخصيت- مصنف: الله بچايو ’مشتاق‘
آريسر، تنظيم فڪر و نظر، سکر
17.
راوي: سومرو پنجواڻي ۽ حاجي محمد عمر ڪپري.
18.
راوي: فيض محمد جٽ راجپوت، (تَلي جو رهواسي)
19.
راوي: صوفي حيدر بخش ولد صوفي ڏاتار بخش جنهن اُهو
سکن جو گهر پاڻ ڏٺو.
20.
چنڊ جهڙا پرين (ص 22) مصنف: عبدالڪريم ’ڪريم‘ پلي،
مرتب: ڊاڪٽر اسد جمال پلي، اداره نواءِ ادب ڳوٺ
خانصاحب عطا محمد پلي، 1999ع.
21.
راوي: علي اڪبر پلي ۽ ارشاد علي عرف شادو مغل.
22.
راوي: سيف الله خالد (تَلي جو شاعر ۽ ليکڪ)
23.
الله جڙيو بنگلاڻي (تَلي جو سڄاڻ شخص).
24.
راوي: فيض محمد جٽ راجپوت، (تَلي جو رهواسي)
25.
راوي: حزب الله يوسفاڻي پلي (تَلي جو شاعر، مورخ ۽
محقق)
26.
راوي: حزب الله يوسفاڻي پلي (تَلي جو شاعر، مورخ ۽
محقق)
27.
ڪتاب: بيباڪ شخصيت- مصنف: الله بچايو ’مشتاق‘
آريسر، تنظيم فڪر و نظر، سکر
28.
سر مومل راڻو، مرتب: تاج جويو، ڊاڪٽر اسد جمال جو
مقالو، صفحه 216، شاهه عبداللطيف ڀٽ شاهه ثقافتي
مرڪز- 2004ع.
29.
(الف) اٺا مينهن ملير، مرتب: نفيس احمد ناشاد،
معمور يوسفاڻي جو مقالو.
(ب) ڪتاب: ڪائو ڪمايو مِ- (مقالا)، (ص 38)، معمور
يوسفاڻي، مرتب: ڊاڪٽر اسد جمال پلي، مهراڻ اڪيڊمي
شڪارپور، 2005ع
30.
راوي: حڪيم عبدالمجيد ماجد اهروي ۽ محمد ابراهيم
پرواز سروري.
31.
ڪتاب: لطيف جا ٿر تان ڀيرا- ڄام ڪرن جا آثار.
32.
ڪتاب: مشهور سنڌي قصا- مومل راڻو، عشقيه داستان-5،
(مقدمو) ڇاپو ٻيو، جنوري 2019ع، سنڌي ادبي بورڊ،
ڄام شورو.
33.
ڪتاب: مشهور سنڌي قصا-8، عشقيه داستان- ڍول مارو،
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ڇاپو ٻيو، فيبروري 2020ع،
سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو
34.
وڙهيا واڳيا واپريا، (صفحه 54)، (صوفي صديق فقير
صادق جي سوانح ۽ ڪلام)، ليکڪ: راڄ محمد پلي، مرتب:
اسد جمال پلي، اداره نوائي ادب، ڳوٺ خانصاحب عطا
محمد پلي- عطا محمد پلي- عمرڪوٽ.
35.
ايضاً. |