حسيب ناياب منگي
شڪارپور
ميونسپل
اسڪولس بورڊ شڪارپور
سنڌ سميت شڪارپور تي انگريزن 1843ع کان 1947ع
تائين پنهنجا قدم ڄمائي حڪومت ڪئي. انگريزن جا
ڪيترائي قدم اهڙا هئا جيڪي قابل ذڪر آهن. انهن
منجهان تعليم کي عام ڪرڻ ۾ انگريز سرڪار جون
خدمتون ساراهڻ لائق آهن. شڪارپور جا ماڻهو به
تعليم کي عام ڪرڻ ۾ پوئتي نه رهيا. سيٺين پنهنجي
ٽجوڙين جا در کوليا، پر غريبن به ڳنڍين ۾ جيڪو
ڪجهه بچايو هو سو دان ڪري ڏنائون، سندن مقصد اهو
هو ته هر گهر ۾ تعليم ڦهلجي ۽ اسان به ٻين سان
ڪلهوڪلهي ۾ ملائي بيهي اهو اظهار ڪري سگهون ته
اسان به پنهنجن ٻارن کي تعليم ڏياري رهيا آهيون.
شڪارپور جا پڙهيل ڳڙيل ماڻهو گهر گهر وڃي والدين
آڏو منٿون ڪندا هئا ته پنهنجن ٻارن خاص ڪري نياڻين
کي اسڪول ۾ داخل ڪرايو. ماضيءَ ۾ شڪارپور شهر اندر
تعليم کي عام ڪرڻ، تعليمي معاملن کي ڏسڻ ۽ تعليمي
ادارن جو خرچ ڀري ڏيڻ لاءِ ’پرائمري اسڪولس بورڊ
ميونسپالٽي شڪارپور‘ هوندي هئي. ڪجهه ڏينهن اڳ
پنهنجي ئي گهر واري لائبريريءَ ۾ ماهوار نئين
زندگي حيدرآباد جي ڪجهه پراڻن پرچن جي ڳولا ڪندي
هڪ فوٽو اسٽيٽ صفحن تي مشتمل ٿيلهي ملي ويئي جنهن
۾ شڪارپور ۽ ان سان وابسته ڪيترن ئي موضوعن تي
انگريزي زبان ۾ ڇپيل مواد هو جيڪو منهنجي والد
’نقش‘ ناياب منگي وڏي کوجنا کانپوءِ هٿ ڪيو هو،
تنهن ۾ ڪجهه صفحا ’پرائمري اسڪولس بورڊ ميونسپالٽي
شڪارپور‘ جي سالياني رپورٽ جا به مليا. موضوع کي
اهم سمجهندي انهن رپورٽن جي فوٽو اسٽيٽ صفحن کي
سامهون رکندي مضمون تيار ڪيو ويو آهي.
شڪارپور ۾ ميونسپالٽي صحت ۽ صفائيءَ سان گڏوگڏ
تعليم جو به پورو پورو انتظام سنڀاليندي هئي. هر
سال هڪ ڪاميٽي گهٽ ۾ گهٽ ستن ۽ وڌ ۾ وڌ نون ميمبرن
تي چونڊي ويندي هئي، جيڪا ’پرائمري اسڪولس بورڊ‘
جي نالي سان عام و خاص هوندي هئي. سندس بنياد
1924ع ۾ پيو. ڪاميٽي هفتي يا پندرهين ڏينهن ميٽنگ
ڪوٺائي تعليم جي واڌاري ۽ سڌاري لاءِ اهم فيصلا
ڪندي هو. ميٽنگ ۾ بل منظور ڪرائي ڪاميٽي کي بورڊ
پئسا ڏيندو هئي. رقم ڏيڻ واري ڪاروائي رٿون پاس ۽
ٺهراءُ بحال ٿيڻ کانپوءِ ٿيندي هئي. اسڪولس بورڊ
جو پهريون چيئرمين پروفيسر شيوارام ڦيرواڻي هو.
ٿورو اگر تفصيل ۾ وينداسين ته از خود معلوم ٿي
ويندو ته هن اسڪول بورڊ جي اثر هيٺ شڪارپور جا
ڪيترائي اسڪول ۽ پاٺشالائون هيون. ورنيڪيولر اسڪول
نمبر هڪ (موجود قاضي محلا پرائمري اسڪول)،
ورنيڪيولر اسڪول نمبر ٻيو (موجوده جماڻي هال
پرائمري اسڪول)، هندو سنڌي اسڪول نمبر پهريون
(موجوده لکيدر پرائمري اسڪول)، هندو سنڌي اسڪول
نمبر ٻيو (اهو ميونسپل جي پاسي ڏي هو)، هندو سنڌي
اسڪول نمبر ٽيون (نوشهرو در)، هندو سنڌي اسڪول
نمبر چوٿون (موجوده: هاٿيدر پرائمري اسڪول)، هندو
گرلس اسڪول نمبر پهريون (ڪچهري اسڪول)، هندو گرلس
اسڪول نمبر ٻيو (جماڻي هال محلا ۾)، هندو گرلس
اسڪول نمبر ٽيون (سُڪ پُل)، هندو گرلس اسڪول نمبر
چوٿون (جهامنداس مندر)، مسلم گرلس اسڪول نمبر
پهريون ۽ مسلم گرلس اسڪول نمبر ٻيو، نائيٽ اسڪول
نمبر پهريون (صدر) ۽ نائيٽ اسڪول نمبر ٻيو (لکيدر)
(1)
نه صرف اهي اسڪول پر، شڪارپور اڪيڊمي، چترورام
پاٺشالا، ٽيڪچند پاٺشالا، چندومل پاٺشالا، ڌرمداس
هاسانند (پنج پير)، ليلارام مهتاب راءِ (لکيدر)،
جئرام پوڪرداس (آچار جي محلا)، ڪشن چند هاسانند
(ڪاڪڙن جو ٿلهو محلا)، مينگهراج گرو (سُڪ پُل)،
جاشارام هاسانند (پنج پير)، پرسومل خشومل
(بگاشير)، نرملداس اسڪول، جمنا مورتي، ايشوري ٻائي
گرلس اسڪول، شمي ٻائي گرلس اسڪول (سڪاپل کان اول)،
هندو جاتي پاٺشالا، ديش ڪارني ديوي شالا، ريجهومل
ڪانيه پاٺشالا (2) ۽ ڇتارام اسڪول، جون ضرورتون
’پرائمري اسڪولس بورڊ ميونسپالٽي شڪارپور‘ جي پئسن
مان پوريون ٿينديون هيون.“(3)
سڀئي اسڪول صبح جو ٻارن لاءِ هوندا هئا، نائيٽ
اسڪولن مان هڪ عربيءَ ۽ ٻيو سنسڪرت جو هوندو هو،
جنهن ۾ ٻارن کي نه پر وڏن کي تعليم ڏني ويندي هئي.
نائيٽ اسڪولن ۾ تعليم حاصل ڪندڙن جو تعداد 18
هوندو هو. تن اسڪولن ۾ استادن کي گهٽ پگهار ڏني
ويندي هئي. تنهن سبب ئي نائيٽ اسڪولن ۾ تعليم جو
معيار بهتر نه هو. استاد به شاگردن تي گهٽ توجه
ڏيندا هئا. 33- 1932ع ۾ هڪ استاد جي پگهار کي 3
روپيه ماهوار مقرر ڪئي وئي، تنهن کانپوءِ استاد به
شاگردن تي وڌيڪ ڌيان ڏيڻ لڳا (4)
’پرائمري اسڪول بورڊ ميونسپالٽي شڪارپور‘ جو مقصد
تعليم کي عام ڪرڻ هو، ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين لاءِ الڳ الڳ
اسڪول هئا جتي شاگردن ۽ شاگردياڻين کي پڙهائيءَ
کان علاوه راندين جي سکيا ۽ ذهني اوسر لاءِ تقريري
مقابلن لاءِ تيار ڪيو ويندو هو. ٻارن کي مٽيءَ جا
رانديڪا استاد ٺاهڻ سيکاريندا هئا، ان کان علاوه
پنن کي صحيح نموني استعمال ڪرڻ جا طريقا پڻ
سيکاريندا هئا. شاگردن جي حوالي سان شڪارپور جي
اسڪولن ۾ استادن ۽ والدين جون ميٽنگيون منعقد
ٿينديون هيون، جنهن ۾ شاگردن جا والدين استادن کي
اهو ٻڌائيندا هئا ته ٻارن سان استادن کي ڪهڙي طرح
پيش اچڻ گهرجي. يا وري کين اهو ٻڌائيندا هئا ته
ٻارن کي انهن جي مزاج مطابق سمجهايو ۽ سيکاريو ته
اهي جلدي سکي ۽ سمجهي ويندا. اهڙيءَ طرح استاد وري
والدين کي ٻارن جون تعليمي، راند روند توڙي مقابلي
واريون سڀ ڪارڪردگيون ڏيکاريندا هئا، جنهن مان
والدين ۽ استاد ٻئي مطمئن ٿي ويندا هئا.
’پرائمري اسڪولس بورڊ ميونسپالٽي شڪارپور‘ طرفان
اسڪولن ۾ تقريري مقابلا به ڪرايا ويندا هئا. ڊرامن
جا سين، قرآن شريف جي تلاوت ۽ گيتا جي پڙهڻ جا
مقابلا به ڪرايا ويندا هئا، جيڪو ٻار مقابلو کٽندو
هو ان کي ڪتاب، پينيون ۽ پينسليون وغيره انعام ۾
ڏيندا هئا. جيئن انعام ماڻڻ کانپوءِ ٻارن کي اڃان
وڌيڪ محنت ڪرڻ ۽ مقابلا کٽڻ جي صلاحيت برقرار
رهندي اچي ۽ جيڪي ٻار مقابلي ۾ اڳتي نه اچي سگهندا
هئا تن تي وڌيڪ محنت ڪئي ويندي هئي. پرائمري
اسڪولس بورڊ ميونسپالٽي شڪارپور جي هڪ رپورٽ موجب:
”شڪارپور جي ٻن اسڪولن هندو سنڌي اسڪول نمبر هڪ
(لکيدر پرائمري اسڪول) ۽ ورنيڪيولر اسڪول نمبر هڪ
(قاضي محلا پرائمري اسڪول) ۾ باغ هوندا هئا، باغن
تي خرچ شڪارپور ميونسپالٽي ڪندي هئي، باغن ۾
شاگردن کي پوکيل ٻوٽا ڏيکاري انهن متعلق ڄاڻ به
ڏني ويندي هئي ۽ شاگردن کان زمين ۾ ٻج به پوکرايا
ويندا هئا، باغن جي سنڀال لاءِ مالهي پڻ رکيل هئا،
جن کي بسترن سميت سڀ سهولتون فراهم ڪري ڏنيون ويون
هيون.“ (5)
ڪڏهن ڪڏهن تقريري مقابلن لاءِ شاگردن کي چانديءَ
جا ڪپ به ڏنا ويندا هئا، جيڪي شاگرد مقابلو کٽڻ
کان پوءِ حاصل ڪري اسڪول ۾ ئي رکي ڇڏيندا هئا.
اهڙا ڪپ سيٺ امر سنگهه لڻيندا سنگهه بجاج پنهنجي
پٽ جڳديش جي نالي پٺيان ڏيندو هو.
روزانو صبح جو پرائمري اسڪولن ۾ اسيمبليءَ کانپوءِ
ورزش ڪرائي ويندي هئي ۽ انڊين گيميون اول سيکاري
پوءِ کين کيڏايون وينديون هيون. ڇوڪرين کي به ورزش
ڪرائي ويندي هئي. بعد ۾ کين جهولا ۽ رسيءَ سان ٽپا
ڏيڻ واري گيم سيکاري/ کيڏرائي ويندي هئي ڇوڪرن ۽
ڇوڪرين کي ضرورت جي حد تائين جادو به ڪري ڏيکاريو
ويندو هو. اهڙا ڪرتب اسڪول جي ئي اسٽاف مان ڪو
استاد، ڊسٽرڪٽ جي گورنمينٽ انسپيڪٽر آفيسر جي
سامهون ڪري ڏيکاريندو هو. شاگردن ۽ شاگردياڻين کي
صحت ۽ صفائي لاءِ تفصيل ۽ سمجهاڻيون ڏنيون ويندو
هيون. شڪارپور ۾ ڇوڪرين جي لاءِ پرائمري اسڪولن جو
تعداد 6 هو، جنهن مان 4 اسڪول هندو ڇوڪرين لاءِ ۽
2 مسلمان ڇوڪرين جي لاءِ هوندا هئا. هندو ڇوڪرين
جي چئن اسڪولن ۾ 32- 1931ع ڌاري 1006 ۽ مسلمان
ڇوڪرين جي ٻن اسڪولن ۾ 124 ڇوڪريون تعليم حاصل ڪري
رهيون هيون. ڇوڪرين جي اسڪولن ۾ سلائي سيکارڻ
واريون استادياڻيون مقرر ٿيل هيون. گڏوگڏ هندو
شاگردياڻين لاءِ گرمکي ۽ مسلمان شاگردياڻين لاءِ
عربي ۽ قرآن شريف پڙهائڻ لاءِ استادياڻيون ڀرتي
ڪيل هيون. جيڪي شاگردياڻيون يا شاگرد شهر ۾ رش هجڻ
ڪري اسڪولن ۾ جلدي نه پهچي سگهندا هئا تن لاءِ
سواري جو بندوبست به ’پرائمري اسڪولس بورڊ
ميونسپالٽي شڪارپور‘ ڪندي هئي.
’شڪارپور ۾ تعليم عام ڪرڻي آ‘ جي نعري تي عمل ڪرڻ
۽ عمل ڪرائڻ جو اهو به عالم عجيب هو ته شهر ۾
موجود دوڪاندار به شاگردن ۽ شاگردياڻين سان ايترو
تعاون ڪندا هئا جو شاگرد کين پنهنجي حيثيت مطابق
جيترا پئسا ڏئي سگهندو هو کائنس اوترا پئسا وٺي
ڪتاب ۽ ڪاپيون وغيره ڏيندا هئا. توڻي جو دوڪاندار
کي کوٽ ٿيندي هئي، پر پوءِ به تعليم کي عام ڪرڻ
لاءِ اها قرباني به خوشيءَ خوشي سان سرانجام ڏيندا
هئا. شڪارپور جي هر اسڪول اندر ريڊنگ روم ۽ ميوزم
هوندو هو، ميوزم ۾ من موهيندڙ ۽ استعمال ۾ ايندڙ
خاص شيون هٿ ڪري رکيون وينديون هيون ۽ شاگردن کي
انهن متعلق پوري پوري ڄاڻ ڏني ويندي هئي. چڙيا گهر
جي سهولت لاءِ ’پرائمري اسڪولس بورڊ ميونسپالٽي
شڪارپور‘ جي هڪ رپورٽ ۾ اهو واضح لکيل آهي ته
”چڙيا گهر واري سهولت صرف ٻن: هندو سنڌي اسڪولن
نمبر هڪ (موجوده لکيدر پرائمري اسڪول) ۽ ورنيڪيولر
اسڪول نمبر هڪ (موجوده: قاضي محلا پرائمري اسڪول)
۾ ميسر هئي. چڙيا گهر ۾ اهي جانور هوندا هئا، جن
جون تصويرون ٻارن جي ڪورس واري ڪتابن ۾ هونديون
هيون چڙيا گهر تي جيڪو خرچ ٿيندو هو سو شڪارپور جي
ماڻهن جي ڏنل چندي مان ڏنو ويندو هو.“(6) ان کان
علاوه ساڳئي رپورٽ موجب ته ”لائبريري صرف
ورنيڪيولر اسڪول نمبر هڪ ۾ هوندي هئي.“ (7)
ان کان پوءِ ته اها سهولت شڪارپور جي هر اسڪول کي
حاصل ٿي مگر ورهاڱي کانپوءِ انهن ڪتب خانن کي لٽڻ
وارو ڪم شروع ٿيڻ لڳو هاڻي ته شڪارپور جي مختلف
پرائمري اسڪولن اندر نالي ماتر ڪتاب وڃي بچيا
هوندا. ٻي طرف شڪارپور جي انهن اسڪولن وارا ڪتاب
اڄ ماڻهن جي ذاتي لائبريري ۾ شامل/ شمار ٿيندا
هوندا.
’پرائمري اسڪولس بورڊ ميونسپالٽي شڪارپور‘ نه صرف
باغن تي خرچ ڪندي هئي، پر ڪيترن ئي اسڪولن جي
مسواڙ، انهن جي مرمت، فرنيچر، بجليءَ جي بلن جي
ادائگي، ڪتابن جي خريد ڪرڻ، ٽيچنگ ۽ نان ٽيچنگ
اسٽاف کي پگهار ۽ پينشن تائين سمورا خرچ برداشت
ڪندي ڀري ڏيندي هئي. بورڊ کي اها رقم گورنمينٽ کان
مليل فنڊن، شڪارپور ميونسپل جي اڪائونٽ مان ملندڙ
رقم ۽ اسڪولن جي لاءِ ملندڙ چندي مان حاصل ٿيندي
هئي جنهن کي ايمانداريءَ سان خرچ ڪيو ويندو هو.
اسڪولس بورڊ جا ميمبر ۽ عهديدار، سيٺ لڻينداسنگهه
بجاج، سيٺ اوڌوداس تاراچند ڇاٻڙيا، سيٺ نرنداس
دوارڪاداس، سيٺ پريڀداس، مسٽر هولارام ايس ٺڪر ۽
اسڪولن اندر تعليم پرائيندڙ شاگردن جا والدين
اسڪولن لاءِ چندو يا ضروري سامان ڏيندا هئا
شڪارپور جي سڀني پرائمري اسڪولن اندر 33- 1932ع ۾
تعليم حاصل ڪندڙ مسلم ۽ هندو شاگردن توڙي
شاگردياڻين جو تعداد 2859 هو.“(8) جڏهن ته
تجربيڪار استادن جو تعداد 90 هو.“ (9)
هن هيٺ ٽيبل ۾ 1927ع کان 1933ع تائين استادن کي
’پرائمري اسڪولس بورڊ ميونسپالٽي شڪارپور‘ طرفان
جيڪا سالياني پگهار ۽ پينشن ڏني ويئي آهي تنهن جو
وچور پيش ڪري رهيو آهيان.
سال
استادن جي پگهار پينشن
28- 1927ع 39983 5958
29- 1928ع 35397 5204
30- 1929ع 39041 3877
31- 1930ع
42970
4030
32- 1931ع 38322 3830
33- 1932ع 35776 3801
ٽوٽل: 231489 26700
وقت به وقت هن اسڪولس بورڊ جا جيڪي عهديدار ۽
ميمبر رهندا. تن ۾: پروفيسر شيوارام نرنسنگهداس
ڦيرواڻي. خانبهادر واحد بخش خان بلوچ، سيٺ لعل چند
ٺيڪچند ماٺا، ايسرسنگهه، سيٺ ڪشن سنگهه چمن سنگهه
لُلا، مسٽر واڌومل گوڪلاڻي، جي ايڇ ناٿاڻي، مائي
دمينتي ديوي راهيجا، آتمارام پيسومل بجاج، غلام
قادر محمد شعبان ميراڻي، الهڏنو ڪهندل خان مغل،
عبدالرسول محمد ڇٽل، ٽوپڻداس خانچند گانڌي، مسٽر
مير احمد علوي، سيد حيدر علي تراب علي شاهه، ديوان
ٺاڪرداس، مسٽر محمد ابراهيم، محمد رمضان، سيٺ راڌا
ڪشنداس، راءِ صاحب امرسنگهه، گوبندرام پنجابي،
ڊاڪٽر عطا محمد شيخ، ڊاڪٽر نهچلداس تيرٿداس، ڊاڪٽر
ديوي ٻائي صاحبه، سيٺ سترام سنگهه چمنسنگهه، سيٺ
لکميچند سيٺ ديوڪشن داس، مس سرسوتي ٺارومل ۽
محترمه روشن آرا مغل اهم آهن. (10)
پرائمري اسڪولس بورڊ ميونسپالٽي شڪارپور ورهاڱي
کانپوءِ به ڪيترو ئي عرصو پنهنجون خدمتون سرانجام
ڏيندي رهي.
1.
First Annual Report Municipal Primary Schools,
Shikarpur Municipality, Shikarpur Shyiam Sundar
Printing Press Lakhi Gate Shikarpur Year 1928,
29, P.P 24-25.
2.
Same Annual Report, P. 30
3.
Third Annual Report Municipal Primary Schools,
Shikarpur Municipalty, Shikarpur, Shyaim Sunder
Printing Press Lakhidar Shikarpur, Year 1930,
31, P. 20
4.
Fourth Annual Report, Municipal Primary Schools,
Shikarpur Municipality, Shikarpur, Raj pal
Printing, Shikarpur- Year 1932-33, P 24
5.
Same Annual Report, P 12
6.
Same Annual Report, P10-11
7.
Same Annual Report, P 11
8.
Same Annual Report, P 6
9.
Same Annual Report, P 2
10.
شڪارپور ماضي ۽ حال (1984ع)، مرتب: ڊاڪٽر
عبدالمجيد سنڌي، پبليڪيشن ڪاميٽي شڪارپور، ص 283،
پهرين، ٻي، ٽئين ۽ چوٿين اينئول رپورٽس جي مدد
سان.
محبوب ڏيٿو
رحيم آباد
پروفيسر
عبدالرحيم ڏيٿو رحه
جي مجاهدانه زندگيءَ تي هڪ نظر
متحرڪ استاد، شخصيت ساز، ماهرِ تعليم، تحريڪِ
پاڪستان جو سپاهي، اسلامي اقدار جو پابند، عاشقِ
رسول، وِلوله انگيز مقرر، بي غرض رضاڪار، بهترين
رانديگر، مستعد اسڪائوٽ، شاهه لطيف جو حافظ، امامِ
مسجد، ذاڪر، خطيب، خلقِ خدا جو خدمتگار، صاحبِ
سخاوت، هر قسم جي تعصب ۽ آلائشن کان پاڪ ۽ هر
اعتبار کان هڪ عظيم ۽ مثالي استاد هو.
ڏيٿو صاحب 15 فيبروري 1919ع تي ضلعي ڪراچي (هاڻوڪي
ضلعي ٺٽي) جي تعلقي سجاول ڀرسان هڪ ننڍڙي ڳوٺ ٻيلو
۾ پيدا ٿيو، ۽ سندن خدمتون حيدرآباد جي هوائن ۾
خوشبوءِ وانگر مختلف ميدانن ۾ پکڙجڻ لڳيون.
انگريزي تعليم (جيڪا انهن ڏينهن ۾ حرام سمجهي
ويندي هئي) حاصل ڪرڻ لاءِ حيدرآباد پهتا ۽ نورمحمد
هاءِ اسڪول مان 1939ع ۾ ميٽرڪ پاس ڪيائون.
1941ع ۾ گورنمينٽ ڪاليج ڦليلي مان انٽر جو امتحان
پاس ڪيائون.
مسلم ايڊيوڪيشن فائونڊيشن تحت هلندڙ نورمحمد هاءِ
اسڪول ۾ استاد مقرر ٿيا، 1945ع کان 1951ع تائين.
تحريڪِ پاڪستان شروع ٿي ته علامه مشرقي جي خاڪسار
تحريڪ ۾ رڪن ۽ ناظم طور تي صفِ اول جي ۾ پيش پيش
رهيا. 1946ع ۾ مسلم ليگ نيشنل گارڊ سالار مُحله
(مسلم هاسٽل) طور حيدرآباد جي سالارِ اعليٰ محترم
شاڪر مصطفيٰ سان ڪُلهو ڪلهي ۾ ملائي ڀرپور ڪم
ڪيائون، ۽ هوم گارڊ به رهيا.
هندستان مان آيل مهاجرين جي قافلن جو ريلوي اسٽيشن
تي استقبال ۽ انهن جي آبادڪاري ۽ تيمارداري ۾ اهم
ڪردار ادا ڪيو.
5- مئي 1946ع تي سندن ڳوٺ ۾ مسلم ليگ جي برانچ جو
قيام ۾ آندائون.
صوبئه بهار ۾ ٿيندڙ ظلمن جي موقعه تي هڪ وڏي رقم
چندو ڪري موڪليائون.
پنهنجي شاگردن کي برصغيرِ ۾ مسلم ليگ ڪانگريس جي
مشترڪه دورِ حڪومت ۾ لياقت بجيٽ جي باري ۾ آگاهه
ڪيائون.
عليڳڙهه کان اچڻ وارن شاگردن کي ٽرڪن ۾ ڀري
ٻهراڙيءَ ۾ وٺي وڃي آل انڊيا مسلم ليگ جي پيغام جي
ڄاڻ ڏنائون.
مولانا فضل احمد غزنوي جي تعاون سان ڪارڪنن تي
مشتمل هڪ لَٺ بردار فورس تيار ڪئي، جن جي ملٽري
ٽريننگ به منعقد ڪرائي ۽ انهن کي قائدِاعظم جي
ڊئريڪٽ ايڪشن جي سڏ تي لبيڪ چوڻ لاءِ تيار رکيو.
غريب شاگردن لاءِ پوئر فنڊ قائم ڪيو، جنهن سان
غريب شاگردن کي مدد ملندي هئي.
ٻي مهاڀاري جنگ ۾ بهاولپور ۾ طبي امداد لاءِ ويا.
بهاولپور جي ڊيوٽي دوران به مفت تعليم ڏيڻ جو
سلسلو شروع ڪيو ۽ شهر جي وچ ۾ جلسو منعقد ڪري
آزادي جي باري ۾ ليڪچر ڏنا، ۽ جڏهن حالات وڌيڪ
خراب ٿيا ته هندن ۽ مسلمانن کي هڪ ٻئي جي عزت ڪرڻ
جو درس ڏنو.
سنڌ واپس اچي ”حلقئه القرآن“ جي نالي سان هڪ تحريڪ
شروع ڪئي جنهن ۾ هرهڪ ميمبر پنهنجو محاسبو پيش
ڪندو هو، قرآن پاڪ جي هڪ آيت ياد ڪندو هو ۽ ان تي
عمل ڪندو هو، نه ڪرڻ جي صورت ۾ سزا طور نفل پڙهايا
ويندا هئا. ڪوڙ ڳالهائڻ ۽ گار ڏيڻ تي جرمانو ڪيو
ويندو هو.
1948ع ۾
B.A
پاس ڪيائون. 1950ع ۾ آغا تاج محمد جي قائم ڪيل
حمايت الاسلام هاءِ اسڪول ۾ هيڊ ماستر طور به ڪجهه
وقت فرائض انجام ڏنائون.
51-1950ع ايڊيٽر سنڌي سيڪشن نورمحمد هاءِ اسڪول
ميگزين طور ڪم ڪيائون. 1951ع ۾ ڪجهه وقت ٽريننگ
ڪاليج حيدرآباد ۾ پڻ استاد رهيا. 1951ع ۾ سٽي
ڪاليج ۾ کين مفت سنڌي پڙهائڻ واري استاد جي آڇ ٿي
ته پاڻ وعدي کي پاڙيندي، سرڪاري نوڪري ڇڏي.
ليڪچرار جي حيثيت سان خدمت ڪرڻ قبول ڪيائين.
1972ع ۾ جڏهن تعليمي ادارا قومي ملڪيت ۾ ورتا ويا
ته پاڻ هڪ ڀيرو وري سرڪاري ملازم بنجي ويا. سٽي
ڪاليج پرنسپل جي عهدي سان گڏوگڏ ريناسانس
(Renaissance)
ايڊيوڪيشن ٽرسٽ جا ايڊمنسٽريٽر به رهيا. جنهن تحت
انهن سٽي ڪاليج ٻاهران 232 دڪان ۽ هڪ پيٽرول پمپ
به تعمير ڪرايا. 1951ع سندن گهر واريءَ ۽ والد
صاحب جي وفات ٿي.
بهترين فوٽ بالر طور به ڏيٿي صاحب جي سڃاڻپ رهي،
ڪيپٽن جي حيثيت ۾ احمدآباد ۾ به شريڪ ٿيا، هاڪي
ٽيم جي فرسٽ اليون جا ميمبر پڻ رهيا ۽ ڪرڪيٽر پڻ.
1950ع اسڪائوٽ ماسٽر ٽريننگ ڪوئٽا مان ورتائون،
1951ع ۾ هيڊ ماستر طور ايس.ڪي رحيم هاءِ اسڪول
حيدرآباد ۾ ڪم ڪيائون.
1952ع ۾ سٽي ڪاليج ۾ سنڌي ادبي مجلس قائم ڪئي،
جنهن تحت اشاعت ڪيل ڪتابن ۾ ’لطيفي لهرون‘، ’ادبي
آئينو‘ ۽ ’سنيهو‘ شامل آهن. انهيءَ دوران علي اڪبر
شاهه جي قائم ڪيل جامعه عربيه هاءِ اسڪول ۾ مفت
تعليم ۽ ٽيوشن پڻ ڏنائون.
شهر جون مصروفيات ۽ رنگينيون سندن خدمت کي محدود
نه ڪري سگهيا، پر سندن دائرو ويتر وسيع ٿيو ۽
1956ع جي زبردست ٻوڏ جو پاڻي سُڪڻ شرط وري وڃي
ڀڄندي ڀڄندي ساڳيا وٿاڻ وسايائون ۽ هڪ عزم ۽ مشن
ساڻ هڪ نئين وسندي ڏيٿا اسٽيشن لڳ رحيم آباد نالي
سان آباد ڪيائون، جتي مِٽن مائٽن کانسواءِ آخري
گهڙي تائين آسپاس جي خدائي خلق جي خدمت ڪندا رهيا.
انهن جي فلاح و بهبود ۽ حقن لاءِ وڙهدا رهيا.
رحيم آباد ۾ انهن هڪ جامعه مسجد به تعمير ڪئي،
جنهن ۾ پاڻ امامت به ڪرائيندا هئا، خطبه ڏيندا
هئا، نمازِ عيدين به پڙهائيندا هئا ۽ ماڻهن کي
الله ۽ سندس رسول پاڪ صلي الله عليہ وآلہ وسلم جي
احڪامات ۽ الله ۽ بندن جي حقن جي باري ۾ درس ڏيندا
هئا.
رحيم آباد م هڪ مڊل اسڪول (جيڪو هاڻي هاءِ اسڪول
آهي) ۽ ٻه ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جا پرائمري اسڪول قائم
ڪيائون، جنهن مان اڄ تائين ڪئين شاگرد تعليم حاصل
ڪري اعليٰ عهدن تي فائز آهن.
ڏيٿا مڊل اسڪول جي استادن کي پنهنجي کيسي مان
پگهار ڏيندا هئا ۽ غريب شاگردن کي مفت تعليم ڪتاب
۽ ڪپڙا به فراهم ڪندا هئا.
رحيم آباد ڏيٿا وليج ڊولپمينٽ ايسوسيئيشن قائم
ڪيائون جنهن جا پاڻ سيڪريٽري هئا. مرحوم
ڏيٿي صاحب ڦليلي حيدرآباد جي حاجي ماڻڪ ڀٽي هاءِ
اسڪول جي انتظامي امور ۾ حاجي عبدالرشيد ڀٽي جو
ڀرپور ساٿ ڏنو.
1974ع کان 1976ع ۾ پرنسپل جي حيثيت ۾
N.C.C
جي ٿيندڙ ٽريننگ ۾ به شاگردن سان گڏوگڏ ڀرپور حصو
ورتائون.
15 فيبروري 1979ع ۾ جڏهن رٽائر ٿيا ته سندن پراڻي
سروس شمار نه ڪرڻ سبب کين خالي هٿين گهر وڃڻ پيو.
1984ع ۾ کين يونين ڪائونسل جي زڪوات عشق جو
چيئرمين بنايو ويو، جيڪو فرض به انهن احسن انداز ۾
ادا ڪيو، ۽ ميلن جا ميل پنڌ ڪري حقدارن کي سندن حق
پهچايو. انهيءَ دوران ٿيندڙ زڪوات عشر ڪنوينشن ۾
گورنر جهانداد جي سامهون بي باقي سان زڪوات جي
نظام ۾ موجود خامين تي سخت تنقيد ڪيائون.
1985ع ۾ کين بورڊ آفيس طرفان انسپيڪٽر سينٽرز مقرر
ڪيو ويو جنهن ۾ هو ٺٽي کان ٿرپارڪر تائين پنهنجا
فرائض ايمانداريءَ سان انجام ڏيندا رهيا. جڏهن
انهيءَ سلسلي جي تعريفي سرٽيفڪيٽ ورهائڻ جي تقريب
۾ کين بهترين ڪارڪردگي جي شيلڊ ڏني وئي، جنهن جي
صدارت سندن شاگرد محترم مظهرالحق صديقي (وائيس
چانسيلر سنڌ يونيورسٽي) ڪري رهيو هو، انهيءَ موقعي
تي به پاڻ تعليم ۽ امتحاني نظام تي تنقيد ڪندي ان
۾ موجود خامين جي نشاندهي ڪيائون.
آخري ڏينهن ۾ انهن پنهنجي ڳوٺ ۾ هڪ ننڍڙو دڪان
شروع ڪيو جنهن ۾ پڻ ڪفن دفن جي سامان همدرديءَ ۽
سهوليت جي نيت سان رکيو ته جيئن ڏکئي وقت ۾ ڳوٺاڻن
کي آساني ٿئي.
سندن وفات 6 ڊسمبر 1986ع تي ٿي. سندن آخري
آرامگاهه قبرستان ميان شيرشاهه لڳ رحيم آباد- ڏيٿا
۾ آهي.
پروفيسر عبدالرحيم ڏيٿو مرحوم جي شخصيت متعلق سندس
شاگردن، اديبن، عالمن، مداحن ۽ واسطيدارن جا
تاثرات هيٺ ڏيون ٿا:
(1) محترم محمد زمان طالب الموليٰ صاحب:
هو خُوب عِلم پَروَر، عبدالرحيم ڏيٿو،
هَر فَرد لاءِ دِلبر، عبدالرحيم ڏيٿو
کِل مُک فراخ دل هو، هُو پياري طبع وارو،
خود هو ادب جو اختر، عبدالرحيم ڏيٿو.
(2) لونگ خان نيامند بلڙائي:
عِلم دان، سُخن دان هو استاد ڏيٿو،
عجب جهڙو انسان، هو استاد ڏيٿو،
سٻاجهي، سياڻي طبيعت جو مالڪ،
مٺو مهربان هو، استاد ڏيٿو.
(3) ڊاڪٽر اسد جمال پلي:
هو مصطفيٰ جو عاشق، اللهج جو سپاهي،
ايمان جنهن سلامت، عبدالرحيم ڏيٿو،
موليٰ رکيس پنهنجن ويجهن ۾ کيس ويجهو،
بخشيل هجيس جنت، عبدالرحيم ڏيٿو.
(4) ڊاڪٽر عبدالجبار عابد لغاري:
سدا ياد رهندين تون عبدالرحيم،
طبيعت ۾ بيشڪ هُئين تون ڪريم،
خدا وصف هرڪا هئي ’عابد‘ ڏني،
عبادت رياضت ۾ صاحب سليم.
(5) ڊاڪٽر محمد اسمٰعيل شيخ:
سندن ايامڪاريءَ ۾ سٽي ڪاليج ۾ ڪڏهن به ڪنهن وڳوڙ
جنم نه ورتو.
(6) مولانا وصي مظهرندوي:
آريه سماجي هندن جيڪي مسلمانن خلاف تياريون ڪيون،
انهن جو ڀرپور جواب ڏيڻ لاءِ ڏيٿو صاحب مولانا فضل
احمد غزنوي سان گڏجي ڪم ڪيو.
(7) پروفيسر سيد قوي احمد:
پاڻ سٽي ڪاليج ۾ 1951ع کان بنا معاوضي سنڌي پڙهائڻ
شروع ڪيائون ۽ وعدي وفائي خاطر نوڪري ترڪ ڪري
ڇڏيائون. 1972ع ۾ جڏهن تعليمي ادارا قومي ملڪيت ۾
ورتا ويا ته سندن 21 سالن جي پراڻي نوڪري شمار نه
ڪئي وئي ۽ پاڻ نوان سرڪاري ملازم ٿي ويا ۽ 1979ع ۾
60 سالن جي عمر ۾ رٽائر ٿيا ته کين ڪابه پينشن نه
ملي.
(8) سڪندر بلوچ
(اسٽيشن ڊائريڪٽر ريڊيو پاڪستان حيدرآباد):
پروفيسر صاحب سارنگ تي ليڪچر ڏيئي رهيو هو، پر
ائين پئي محسوس ٿيو ته ڄڻڪ برسات جي وسڻ ڪري
ڏُڪاريل ٿر بر سرسبز ۽ شاداب ٿي ويا هجن، هر طرف
سرهائي ڇانئجي وئي هجي.
(9) پروفيسر ڊاڪٽر محمد اسحاق ابڙو:
ڏيٿو صاحب جوانيءَ کان ڏاڍو اورچ، ڌيرج وارو ۽ خوش
مزاج هوندو هو، جيئن ته دينداري ۽ پرهيزگاري کين
ورثي ۾ ملي هئي، انڪري پاڻ ساري حياتي الله جل
شانه ۽ سندس محبوب ڪريم صلي الله عليہ وآلہ وسلم
جي اطاعت ڪندا رهيا.
(10) ميجر انور عابد قاضي:
نورمحمد هاءِ اسڪول ۾ تدريسي عمل سان گڏ شاگردن ۾
تحريڪ پاڪستان جو ولولو پيدا ڪندو رهيو، ۽ هالا جي
نولکي گادي وارن جي مريدن کي پاڻ سان ملائي، مسلم
ليگ نيشنل گارڊ ۾ به نمايان سکيا ڏيڻ ۾ مشغول
رهيو.
(11) محترم ظافر تشنه:
ڏيٿي صاحب سان منهنجي پهرين ملاقات 1962ع ۾ بدين ۾
هڪ درويش صوفي شاعر مولوي احمد ملاح وٽ ٿي. ڏيٿي
صاحب جي وفات سان ”سِنڌ جي تهذيب جو هڪ ٻيو آئينو
به ڀَڄي پيو.“
(12) پروفيسر قاضي خادم:
ڏيٿو صاحب جهڙا سادا، ايماندار ۽ محنتي استاد وري
گهٽ نظر آيا، جهڙو هو پڙهائڻ ۾ هوشيار تهڙو هو
انتظامي ڪمن ۾ ماهر، اهوئي سبب هو جو هڪ بهترين
استاد هو، جيڪو پڙهائڻ سان گڏ ڪاليج ۾ لطيف ڊي جا
فنڪشن به ڪرائيندو هو، هن کي ڪاليج جي بلڊنگ جي
ٻاهران ٺهندڙ دڪانن جو ڪم به ڏنو ويو جيڪو هن ڪمال
ايمانداريءَ سان پورو ڪري ڏيکاريو.
(13) پروفيسر خادم حسين چانڊيو:
کين سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ سان گڏوگڏ اردو زبان ۾ پڻ
مهارت حاصل هئي، پاڻ هڪ بهترين مقرر به هو.
(14) اسلم آزاد:
ڏيٿي صاحب جي مشوري سان سٽي ڪاليج جي سنڌي ادبي
مجلس طرفان هفتيوار چانڊاڻ جاري ڪئي، جنهن جو مون
کي ايڊيٽر بنايو ويو ۽ ڪاليج ميگزين جي سنڌي شعبه
جي اداريت به مون کي ملي.
(15) سيد قمرالزمان شاهه:
آئون سندن پيارن شاگردن ۾ شامل هوس، نورمحمد هاءِ
اسڪول ۾ ڪوبه مسئلو ٿيندو هو ته ان جو فيصلو سائين
عبدالرحيم ڪندو هو، تحريڪ پاڪستان دوران اسان
شاگردن سندن سربراهي ۾ ڪم ڪيو، حيدرآباد ريلوي
اسٽيشن تي آيل هڪ مهاجر مسافر، جنهن جي هڪ ٽنگ
ڪٽيل هئي ان کي سائين عبدالرحيم پنهنجي ڪُلهي تي
ويهاري اسٽيشن کان سِول اسپتال پهچايو هو، (جنهن
جو نالو علي تقي سونارو هو).
(16) پروفيسر مظهرالحق صديقي:
سائين عبدالرحيم منهنجو استاد ۽ معمار هو، نورمحمد
هاءِ اسڪول ۾ آئون ۽ منهنجو ڀاءُ شمس الحق سندن
پيارن شاگردن ۾ شمار رهياسين.
(17) پروفيسر عنايت علي خان:
شاگردن جي اڪثريت غريب خاندانن مان تعلق رکندا
هئا، انهن ۾ غربت جي باوجود ترقيءَ جو جذبو ۽
حوصلو پيدا ڪرڻ لاءِ خود پنهنجو مثال ڏيئي
ٻڌائيندا هئا ته ننڍپڻ ۾ اُٺ چاريندو هوس ۽
شاگرديءَ جي زماني ۾ نورمحمد هاءِ اسڪول جي هاسٽل
۾ کٽن جون واڏڻيون ڇِڪي، ان جي اجرت مان اسڪول جي
في ادا ڪندو هئس.
(18) پروفيسر ڪريم بخش نظاماڻي:
اسان نورمحمد هاءِ اسڪول ۾ سائين جا شاگرد هئاسين،
هِندو اسان کي نماز پڙهڻ ۽ رستي تان لنگهڻ تان تنگ
ڪندا هئا، جنهن تان سائين اسان جي هٿان ايل.ڪي
آڏواڻيءَ کي مار به ڪڍرائي هئي. شاهه لطيف جي بيتن
جي معنيٰ ۽ صحيح پڙهڻي به اسان سائين کان سِکي.
(19) نفيس احمد شيخ:
مرحوم ڏيٿو صاحب ڪم گو، محنتي ۽ اورچ انسان هو ۽
شهرت ۽ نام و نمود کان ڪوهين ڏور رهندو هو. سندس
شرافت ۽ تهذيب، فضيلت ۽ پرهيزگاري کيس هڪ مثالي
استاد ۽ بزرگ جي حيثيت ۾ کيس مانائتو بنايو.
(20) هلال پاڪستان (روزانه) ايڊيٽوريل:
مرحوم عبدالرحيم ڏيٿو ذاتي طور تي هڪ مخلص، درويش،
نيڪ، هردلعزيز ۽ دوستن جو هڪ سٺو دوست هو نهايت
ساده زندگي گذاريندڙ ۽ هر حال تي راضي رهندڙ شخص
هو. نيازمندي، نوڙت، شرافت ۽ خوش اخلاقي سندس خاص
وصفون هيون. سڀني سان نهايت پاٻوهه ۽ پيار سان
ملندو هو، سندس انتقال سببان سنڌ يقيناً هڪ قيمتي
انسان کان محروم ٿي ويئي آهي.
(21) مهراڻ (روزانه) ايڊيٽوريل:
شاهه سائين جو هيءُ شيدائي، عمر جي آخري ڏينهن ۾
به شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه جي حوالي سان ٿيندڙ
هر گڏجاڻي ۾ ضرور شريڪ ٿيندو هو ۽ شاهه سائين جي
ڪلام ۽ پيغام کي پکيڙيندو رهيو.
(22) عبرت (روزانه) ايڊيٽوريل:
پاڻ خدمتون سرانجام ڏنيون سي هميشه ياد رهنديون،
هن پوري ڄمار تعليم، علم ۽ ادب جي خدمت ۾ صرف ڪئي.
هو هڪ يار ويس، مخلص ۽ نيڪ نيت، هردلعزيز ۽ مرنجان
مرنج شخصيت هو. خاموشيءَ سان خدمت ڪرڻ ۽ ڪنهن ثنا
۽ صله جي خواهش نه رکڻ ۽ پنهنجي حال ۽ سادگيءَ ۾
راضي ۽ مطمئن رهڻ مرحوم جي زندگيءَ جا خاص اصول
هئا.
(23) انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا- (V-5):
عبدالرحيم ڏيٿي، سنڌي نثر، توڙي تحرير ۾ ٻولي پختي
استعمال ڪئي آهي، شاهه جي شاعري جو وڏو پارکو هو،
ليڪچرن ۽ تقريرن دوران به شاهه عبداللطيف جي
شاعريءَ جا حوالا ڏيئي تمام سهڻي نموني سمجهائيندو
هو، هن سٽي آرٽس ڪاليج حيدرآباد ۾ نوڪريءَ دوران
’سنڌي ادبي مجلس‘ قائم ڪري ڪيترا ڪتاب ڇپرايا، جن
۾: ’ادبي آئينو‘، ’لطيفي لهرون‘ ۽ ٽماهي رسالو
’سنيهو‘ شامل آهن.
ان کان علاوه جسٽس عبدالقادر هاليپوٽو،
پروفيسر دلشاد ڏيٿو، ايس.ڪي رحيم (سٽي ڪاليج جو
باني)، لياقت عزيز، پروفيسر خليل الرحمان مهر،
پروفيسر علي اصغر ڏيٿو ۽ ٻين به ڪيترن ئي ساٿين جي
شاگردن پنهنجا تاثرات لکيا آهن، جيڪي ان شاءالله
جَلدي ڪتاب جي شڪل ۾ تيار ڪبا.
حوالا:
1.
وفات وقت رکيل تاثراتي ڪتاب مان تاثرات.
2.
سرها گل سنڌ جا.................... عبدالجبار
عابد لغاري
3.
ماهانه نئين زندگي، ڊسمبر 2004ع.........
ايڊيٽوريل
4.
ساروڻيون....................................................
قاضي خادم
5.
مارو جي ملير جا......................... خادم
حسين چانڊيو
6.
مهراڻ (ٽماهي) 4/1986ع................ سنڌي ادبي
بورڊ
7.
هلال پاڪستان (روزانه) (86-12-11) ڪراچي...
ايڊيٽوريل
8.
مهراڻ (روزانه) (86-12-9) حيدرآباد..........
ايڊيٽوريل
9.
عبرت (روزانه) (86-12-9) حيدرآباد...........
ايڊيٽوريل |