فصيح ڪلام اهو آهي، جنهن ۾ هرهڪ لفظ اهڙو ڪم آيل
هجي، جنهن جي اُچار ڪرڻ ۾ زبان کي ڪابه تڪليف يا
هٽڪ نه ٿئي. اهو نمونو نه فقط ڪڏهين ڪڏهين، مگر
هميشه شاعر جي ڪلام ۾ اختيار ڪيل هجي، نه ته سندس
ڪلام کي فصيح نه چئبو. بلاغت اُها آهي، جو ڪلام
وقت ۽ حال جي مطابق هجي. اِنسان ۾ طرح طرح جا پوُر
۽ جذبا اُٿن ٿا، ڪڏهين غم ۽ غصو، ڪڏهين کِل ۽
خوشي، ڪڏهين ڳڻتي ۽ فڪر، ڪڏهين مستي ۽ مدهوشي،
ڪڏهين عشق ۽ محبت، ڪڏهين بيتابي ۽ بيقراري وغيره
وغيره. شاعر کي اهي سڀيئي حالتون اهڙيءَ صفائيءَ،
چِٽائيءَ ۽ درستيءَ سان مختصر؛ مگر مائيدار لفظن ۾
بيان ڪرڻ گهرجن، جو پڙهندڙن ۽ ٻڌندڙن جو ڌيان
کُپِي وڃي، ۽ سندس سحرنگاريءَ تي موهت ٿي پون.
سلاست جي معنيٰ آهي ته ڪلام ۾ اهڙا لفظ ڪم آيل
هجن، جي روزمره ماڻهو استعمال ڪن ٿا؛ ۽ استعارا،
تشبيهون، ۽ ٻيون ڪلامي صنعتون اهڙيون ساديون ۽
سوليون هجن، جو ماڻهو هڪدم پروڙي سگهن؛ ۽ هرهڪ
ماڻهو پنهنجي پنهنجي فهم ۽ لياقت آهر ان مان لطف ۽
مزو حاصل ڪري سگهي. سڀ کان سهڻو شعر اُنهيءَ کي
چئبو، جو جڏهن ڪو ماڻهو اُن کي پڙهي يا ٻُڌي، ته
ازخود ائين چوي ته ”سچ آهي“، ۽ ان جي سلاست ۽
سادگي ڏسي، دل ۾ اچيس ته اهڙو ڪلام ”آءُ پڻ چئي
سگهان ٿو“؛ مگر جڏهن چوڻ جي ڪوشش ڪري، ته وايون
بطال ٿيو وڃنس.
ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي
’شاهه جو رسالو‘ (ٽن جلدن ۾) مقدمو ، ص 39
شاهه عبداللطيف ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز ڪميٽي
1406هه/1985ع
دين محمد سُجاڳ پلي
لطيف نگر
نعت شريف
ڪفر جي دل ٿي ڳڀا، محبوبؐ آندو انقلاب.
شرڪ جا خالي اجها، محبوبؐ آندو انقلاب.
شاهه جي شفقت پسي، لاچار ۽ نادار ڪل،
ٿي پيا گدگد گدا، محبوبؐ آندو انقلاب.
صاحبِ قرآن آيو شان تي قرآن تي،
ٿي ويا ڪوڙين ڪٺا، محبوبؐ آندو انقلاب.
مرض جسماني روحاني جي شفا آندئين ڪلام،
پاڪ موليٰ جو شفا، محبوبؐ آندو انقلاب.
مشرڪن کي جنهن ڏنو، توحيد جو تحفو اچي،
دل اندر آيو خدا، محبوبؐ آندو انقلاب.
اڄ وري انسان کي رتبا وڏا درجا وڏا،
راضپا مليا وڏا، محبوبؐ آندو انقلاب.
سچ سڄي جڳ ۾ پيو جرڪي خدا جو سُنهن ’سجاڳ‘،
حق پيو مرڪي ادا، محبوبؐ آندو انقلاب.
نعت شريف
دليون سُنسان سينگاري، مدينو پاڪ آ وڻندڙ،
اکيون ايمان سان ٺاري، مدينو پاڪ آ وڻندڙ.
خدا هن شهر جي صدقي، مَٽائي مؤج مستي مان،
دليون تِک تار مان تاري، مدينو پاڪ آ وڻندڙ.
سڪايل ڇو نه سو چئبو سموري زندگي جيڪو،
لُڇي ۽ لڙڪ ٿو لاري، مدينو پاڪ آ وڻندڙ.
ڪرم سان رب رکي، هن شهر جي جا دل مٿي محبت،
سگهي سا ڪونه ميساري، مدينو پاڪ آ وڻندڙ.
اچي ٿو جو به هڪ ڀيرو اهو انسان ٻئي ڀيري،
اچڻ لئه ڇو نه ويچاري، مدينو پاڪ آ وڻندڙ.
گُنبذ روضي مبارڪ جا وڻن ٿا دُور کان دليئون،
ڪروڙين پاڻ ڏانهن واري، مدينو پاڪ آ وڻندڙ.
سخي هي شهر اهڙو جو پريتن جي خزانن سان،
دلين جا شهر ٿو پاري، مدينو پاڪ آ وڻندڙ.
’سجاڳ‘ پنهنجن غلامن کي جتي محبوب محبت سان،
ڪري ٿو شاد کيڪاري، مدينو پاڪ آ وڻندڙ.
شبير’هاتف‘
ڪراچي
سلام
حسين ابنِ علي سبطِ مصطفيٰ تي سلام،
لهو سان لال ٿيل ارضِ ڪربلا تي سلام.
بکيا پياسا هو معصوم ٻارڙا بيبيون،
رهِه خدا ۾ ڪُٺا ان رهِه خدا تي سلام.
الاهي مون کان پوءِ اسلام جي اٿئي پارت،
امامَ جي سرِ مقتل انهيءَ دعا تي سلام.
امير آهي هي جنت جي نوجوانن جو،
اها نبيءَ جي بشارت انهيءَ نبا تي سلام.
نحيف جسم، پياسي زبان تارونءَ سان،
بلند پوءِ به صدا حق جي، ان صدا تي سلام.
اگر ملي ته اکين ۾ وجهان بدن تي مليان،
جنابِ سيدِ شُهدا جي خاڪِ پا تي سلام.
هو سينه ڪوبي، هو ماتم، اکين جو رت روئڻ،
غمِ حسين ۾ ان مجلسِ عزا تي سلام.
تريءَ تي سر کڻي آيا هئا جي ٻاهتر،
انهن جي حُبَ، وفا، صدق ۽ صفا تي سلام.
سلام
اگرچه بي سرو سامان حسين، آلِ حسين،
ڏسڻ وٽان هو مگر جاه ۽ جلالِ حسين.
گهرون ٿا صبر جي دولت اسين جي آلِ حسين،
کپي اسان کي وراثت ۾ اهڙو مالِ حسين.
حسين اڄ به دل و جان ۾ زنده پائنده،
ڀلي ٿيو هجي دنيا مان انتقالِ حسين.
اهي اکيون ڪڍي ڪانگن کي ئي ڏيڻ گهرجن،
اگر انهن کي رئاڙي نه تو ملالِ حسين.
صفاتِ ربّ صفاتِ رسول ۾ ظاهر،
صفاتِ مصطفيٰ جو پرتوو جمالِ حسين.
ڪڏهن گلن کي ڏسان ٿو ڪڏهن ستارن کي،
متان انهن ۾ هجي عڪسِ خد و خالِ حسين.
مون کي ڇو گهرج ٿئي عطر، مشڪ، عنبر جي،
دماغ کي جي معطر رکي خيالِ حسين.
سلام آهه انهيءَ صبر، استقامت کي،
ڏٺو نه ڪنهن سرِ مقتل به اشتعالِ حسين.
حسين سر بَسجود آهه سر ڏيڻ جي لئي،
اهو ڪمالِ شهادت اهو ڪمالِ حسين.
ڪُهائي ٻار ٻچا سر بَه ڪف سُوئي مقتل،
مثال اهڙي شجاعت جو بس مثالِ حسين.
رڳو اسين نه، ستارا به نوحه خوان آهن،
ائين ئي تا به ابد ٿيندي پئي مقالِ حسين.
گناهه ڪهڙو جي باطل سان جنگ جوٽيسون،
مون کان، اوهان کان، سڀن کان اهو سوالِ حسين.
امداد حُسيني
ڪراچي
پُڇاڻا!
نئين سال جي اچڻ تي
اي نوان سال!
سال گذريل کان
گذرِيل کان به گذرِيل.....
گذرِيل ......
جا پُڇاڻان رهيا پيا آهن
ڪير پُڇندو؟ ۽ ڪنهن ڪَنان پڇندو!
هٿ مٿي سو کڻي- پُڇي جيڪو
جان پياري هجي نه
جنهن کي، سو
ڪجهه ڪُڇڻ جي گهري
ڪُڇي ٿو سگهي
ڪُجهه پڇڻ جي گهُري
پُڇي ٿو سگهي
هَٿ هُونِس ته هٿ کڻي
ٿو سگهي
ڄِڀَ آهيس تان ڪُڇي ٿو سگهي
مان پُڇاڻا ڪريان ته
ڪيئن ڪريان؟
جو سندم هَٿَ- هَٿَ
سرجڻهار
(جي هٿن ۾ سندءِ هئا ڪڏهين
سمنڊ تي تو مِلي هينءِ
جڏهين
لُڙڪَ پِي تون کِلي هينءَ
تڏهين
تو جنين کي چُمي اکين تي رکيو!
اڄ ڪراين ڪنان ڪپيل آهن
۽ پَٽيل آهه ڪاڪڙي کان ڄِڀَ!
سنڌ- جند
منهنجي سنڌ جند تون ئي،
منهنجي جند سنڌ تون ئي!
چئي جا لطيف مُک سان،
اها شاعري به تون ئي
جِيُون جا پيا جڳت ۾،
اُها زندگي به تون ئي
منهنجي سنڌ جند تون ئي،
منهنجي جند سنڌ تون ئي!
منهنجي سِڪَ پريت
مَحبت، منهنجي عاشقي به تون ئي
منهنجي جوڙ جيس
جيڏي، سَرَتي سکي به تون ئي
منهنجي سنڌ جند تون ئي،
منهنجي جند سنڌ تون ئي،
سُوڙائتي سڳوري، غني
۽ سخي به تون ئي
جنين جو ڌڻي نه سائين،
تنين ڌُر ڌڻي به تون ئي
منهنجي سنڌ جند تون ئي،
منهنجي جند سنڌ تون ئي!
منهنجو ٿر ملير مارُو،
منهنجي مارُئِي به تون ئي
سکر ۽ بکر ڪراچي،
مِٺي اي
مِٺي به تون ئي
منهنجي سنڌ جند تون ئي،
منهنجي جند سنڌ تون ئي!
|