سيد مرتضيٰ ڏاڏاهي
ٽنڊوالهيار
ڪافي
عشق وارن، بيقرارن ساڻ ڳالهائيندين ڪڏهن،
ناز مان نظرون مِٺا مُرڪي مِلائيندين ڪڏهن.
هر گهڙي هر ڏينهن ۾، بوند بادل مينهن ۾،
مان روئان راهون نهاريان، تنهنجي نازڪ نينهن ۾،
پر خبر ناهي اسان جي، تون اڱڻ ايندين ڪڏهن.
اي پرين توکان پري، ڪانه ٿي ساعت سري،
باهه ڀڙڪي ٿي بِرهه جي، پيو سدا ٻارڻ ٻري،
آگ تن من جي اَچي، آخر اُجهائيندين ڪڏهن.
تون رُسڻ راڻا ڇڏي، سِڪ منجهان سهڻا سڏي،
مهرباني سان ملي ۽ گوڏو گوڏي سان گڏي،
قرب واري ڪا گهڙي، گڏجي گذاريندين ڪڏهن.
’مرتضيٰ‘ ويندو مري، تنهنجي ڳڻتين ۾ ڳري،
جانِ من جادوگري سان، دل ڪئي چوري چري،
محب ماريل کي اچي، جاني جياريندين ڪڏهن.
بشير احمد شاد
لاڙڪاڻو
غزل
دل تان اهڙو لاهي ويٺو،
ليڪن وانگر ڊاهي ويٺو.
ڌرَ تتيءَ ۾ مونکي رولي،
محلاتن ۾ آهي ويٺو.
ڏاڍو هوڏي هو مُن منهنجو،
ڪيئن الائي چاهي ويٺو.
خوشيون ساريون توکي ارپي،
ڳاهُه غمن جو ڳاهي ويٺو.
ويساهن ۾ ورتل ماڻهو،
واريءَ تي گهر ٺاهي ويٺو.
دل جي ڪوٽن ڪنگرن تي ڪو،
لشڪر وانگر ڪاهي ويٺو.
دل جي ’شاد‘ محل ۾ سائين،
توبن ڪو ٻيو ناهي ويٺو.
ثناءُ سرهندي
گلزار خليل
(سامارو)
غزل
زمانا ويا لنگهي پر ڪي زمانا ياد ايندا ويا،
اوهي ڳالهيون اوهي دل جا فسانا ياد ايندا ويا.
جمالِ همنشين جهرڪيو تصور جي جهروڪن مان،
گل و بلبل جا سڀ وسريل ترانا
ياد ايندا ويا.
بسنتي باک جون هيرون گهليون جيئن جيئن اسانکي ات،
وصالِ يار جا سپنا سهانا ياد ايندا ويا.
جڏهن سوچيم ته ڪيئن ريڀي ڪريان دردن کان دل آجي،
مونکي تنهنجا ئي او سنگدل بهانا ياد ايندا ويا.
ڪٿي مسجد ڪٿي مندر وڃايل گس اتان نڪتا،
جتي ساقي سندءِ ساغر ميخانا ياد ايندا ويا.
ڪنارا ڇو ڪيا مونکان ڀلا اي موت اڄ توڀي،
لنگهي هڪ لاش تان توکي بيگانا ياد ايندا ويا.
شڪر ٿيو بزم ياران ۾ کلي سڄڻن جڏهن ساريو،
’ثنا‘ جهڙا سوين ان دم ديوانا ياد ايندا ويا.
غزل
گهڙيون گهاء گوندر جا ڏينديون وڃن،
وڇوڙي جا وڍ ڏئي وڍينديون وڃن.
ڪٿي راهون رستا ڪٿي پيو وڃان،
سندم ساٿ سوچون ڇڏينديون وڃن.
خدارا ڪو يادن کي دل مان ڌڪي،
سڀئي درد ميڙي گڏينديون وڃن.
وڃان ڪهڙي ڏِس کان ته دنيا ڇڏي،
پڙاڏيون صدائون سڏينديون وڃن.
ورهين ۾ نه پهتو ڪٿي ڪاروان،
پري منزلون پاڻ ٿينديون وڃن.
هزارن مان هر هر لڪي لوڪ کان،
نگاهون ڪي چهرا تڪينديون وڃن.
سڄڻ تنهنجون سارون صديون ڄڻ ڪٽي،
اوطاقون اندر ۾ اڏينديون وڃن.
نه پرچن ٿيون ڪنهن پر رُٺل قسمتون،
نئين سج نوان ڏنجهه ڏينديون وڃن.
’ثنا‘ ساعتون هي حياتي جون دل تي،
سوين نقش اڻ مٽ چٽينديون وڃن.
’جمال‘
مراد گبول
ميرپور- ساڪرو
غزل
ٻُڌي ٻُڌي ٿيا بيزار آهيون، جهان جي رنج و مَحن
جون ڳالهيون،
زَمينَ ٽانڊو، زَمانو ظالم، ڪَريون زَمين ڇا زَمن
جون ڳالهيون.
اَميرَ ٿي ويا اَميرَ آهِن، غَريبَ فاقي فِڪرَ ۾
آهِن،
جيئڻ مَرڻ ٿيو اُنهن جو مشُڪل، غَريبَ ڪَن ڇا غَمن
جون ڳالهيون.
اسان جي وَستي، اسان جا ليڊر، اسان جا حاڪم، اسان
جا راجا،
اسان جي لاءِ اڃان نه ٿيا سي، اسين ڪريون ڪيئن
اُنهن جون ڳالهيون.
اَنڌير ننگري جو راءُ چرٻٽ، هَلان ڪري ٿو غريب تي
هُو،
ڏُکن جون ڪنهن سان ڪريون ڪهاڻيون، اکين جي لُڙڪن
ڳلن جون ڳالهيون.
ڌِڪاريو ڌارين، وِساريو پنهنجن، اسين به دل کي
پَلي وياسين،
گُذر حَياتي اسان جي ائين ٿي، هزارين اهڙيون هُنن
جون ڳالهيون.
عَجيب ماڻهو اسان جا آهن، مَرڻ کان پو ٿا چَون چڱو
هو،
قدر نه جيئري ڪندا ڪو ڪنهن جو، ڇڏي ڏي کوٽن کرن
جون ڳالهيون.
ڀُنگو ڪَکن جو، ڀٽِن جي ڀَر ۾، پُراڻا ڪپڙا ڇنِل
کَٽولو،
اچن ٿيون يادون اُهي سدائين، پَکن پُراڻن پٽن جون
ڳالهيون.
مُخالفن تي زَوال ايندو، ٿي ويران ويندا اجها
اُنهن جا،
اکين سان ڏِسندس انهن جي آئون، لَبن تي پوين دَمن
جون ڳالهيون.
حَسين ماڻهو، حَسين ڳالهيون، حَسين هَلچل، حَسين
سوچُون،
حَسين مُرڪون، حَسين چَپڙا، حَسين اکڙيون، حُسن
جون ڳالهيون.
بَهار آيو اُٿي اَسر جو، خُوشيءَ جون باتيون ڪَري
ٿي بُلبُل،
پَنن پَتن ۽ وَڻن جي ٽارين، گُلن ۽ غُنچن چَمن جون
ڳالهيون.
دُنيا سَڄي آ تَماشو بَڻيل، گهَٽيءَ گهَٽيءَ ۾
مَداري آهِن،
جيئڻ نه ڏينديون اسان کي جڳ ۾، مُنافقن مَٺ گهُرن
جون ڳالهيون.
’جمال‘ جاڳي سَڄو آ جڳ پيو، اَڃان نه جاڳيو آهين
تون جاني،
حَياتي باقي رَهي آ جيسين، ويهي تون ڪَر ڪي وَطن
جون ڳالهيون.
نياز پنهور
ڄام
شورو
رُڳي سار تنهنجي رُڳي سار آهي،
سڄو وقت دل جي مٿان ڌار آهي.
ڀل ڌرتيءَ کي تون گهاوَ ئي گهاوَ ڏي پر،
وياج سان گڏ ورائيندي هي اُڌار آهي.
سڄي ڳالهه ئي وقت جي ڦير جي آ،
تنهنجي هٿ ۾ منهنجي ئي تلوار آهي.
ويهي محل ۾ تون چوين شهر روشن،
تون ٻاهر ٿي ڏس ته انڌوڪار آهي.
ڌڪاريو آ جنهن کي سڄي شهر وارن،
اڀاڳو اهو تنهنجي آڌار آهي.
روز بدلن پيون ’نياز‘ سرخيون هتي،
اسان جو هي جيون ڪا اخبار آهي.
ادل سومرو
سکر
بيت
آزادي جا ڏينهڙا، جن ۾ ڊپ نه ڪو،
باز نه ڏي ڀڙڪو، اُڏرن ڳيرا جهومندي.
مهل، مايا ڏات مان، ڪجهه ته ارپي ڇڏ،
رڳو نه ويهي اڏ، ڳالهين سان تون ڳوٺڙا.
سنڌو شينهن درياءَ، جنهن جا پنهنجا دڳ،
آهي ساهه جي رڳ، ڌرتيءَ جي وجود جي!
دانهون دريا شاه تي، ننڊ اڃان ايوان،
ڪچي ۾ انسان، ڄڻ ته رهن ئي ڪين ٿا.
پنهنجي نالي جان هيو، سُهڻو سرجڻهار،
ٻوليءَ تان ٻلهار، موتي رهيو هر جاءِ تي!
ڪهڙو ڪنهن جو آسرو، مسافر تون هل،
توکي واٽ جَبل، پاڻ ئي ڏيندو مرڪندي.
پوپٽن جي ڳولا ۾، نڪتو آهين تون،
ڪيڏا نانگ وِڇون، آهن تنهنجي راهه ۾.
فتنا ۽ تڪرار، جاڳن ٿا هرجاءِ تي،
ڇانو ڏيندڙ وڻ جا، وڍين ٿا هو ڏار،
وڪڻن ٿا هٿيار، گلن بدران آدمي.
پنهنجا هي ميرا، پير سنڀالي کڻ تون،
جاڳن ٿا ڌرتي جا، وِک وِک ڪانڊيرا،
خوابن جا پيرا، تون ڇا لهي سگهندين.
اياز گُل
سکر
غزل
لڳو جو ڀاڳَ وانگي هو،
صَفا ويراڳَ وانگي هو.
اکيُن ۾ اوپرو سَپنو،
جَليو ڪنهن جاڳَ وانگي هو.
اَڇي پَهراڻَ وانگي هُوءَ،
۽ هُو ڄَڻُ داڳَ وانگي هو.
اَلاءِ ڇا هُيو جيوَنُ؟
مِٺا! کِٽراڳَ وانگي هو.
ٿِڙيو هُو ٿاڪَ پنهنجي تان،
وِڃايَلَ ماڳَ وانگي هو.
وَڻيو ڪاٿي زَماني کي،
پَڪي هُو راڳَ وانگي هو.
غزل
سَڄڻ جو ساءُ حيراني!
وُٺي جو واءُ حيراني؟
دَٻيل آ برفَ هيٺان ڄَڻُ،
تتيءَ جو تاءُ حيراني!
رُسامو يارَ سان حيرتَ!
رُسِي، پرچاءُ حيراني!
وڇوڙو ويو ڇڏي پويان،
رُڳو پڇتاءُ، حيراني!
ڪري وڃُ ڌارَ دُنيا کان،
ڏئي وَڃُ آءُ، حيراني!
اسان جهڙا به پالي ٿي!
هي ڌرتي ماءُ حيراني!
سدائين سنڌُ جو سودو!
امڙ تي داءُ حيراني!!
هَنيو هُنَ گُل کڻي هو، پر،
اُنهيءَ جو گهاءُ حيراني!
ج.ع منگهاڻي
ڪراچي
غزل
عشق بنجي نٿو سوال ڪٿي،
عاشقن جو ڀلا ڪمال ڪٿي.
دور ئي دور ٿو رهي هردم،
اهڙو چاهت ۾ آ مثال ڪٿي.
درد ملندا رهن تواتر سان،
ٻيو طبيبن جو آ زوال ڪٿي.
سوجهرن کان به مستعار وٺي،
اهڙو جيڏل ڀلا جمال ڪٿي.
ڏوهه ڪونهي اُفق ٿيو ڳاڙهو،
هو شفق آهي ٻيو گلال ڪٿي.
ڇو قيامت کان اڳ ملي ئي نه ٿو،
سو قيامت ٿيو وصال ڪٿي.
سنڌ جو سور ٿو ناسور ٿيئي،
ٻيو ’منگهاڻي‘ نئون ملال ڪٿي.
گلبدن جاويد
حيدرآباد
تنهنجون سارون سنڀارون!
رڳو ساهه کي تنهنجون سارون سنڀارون،
ڀٽڪن ٿيون سوچون ڄڻ ڪونجن قطارون
رڳو ساهه کي تنهنجون سارون سنڀارون!
نه ساهه ساهه ۾ آ، نه ئي دل ٿي جهلجي،
هي روح اُڃايل پو ڪيئن ڀلا پلجي؟
ڳلن تان وهن ٿيون هي لڙڪن جون لارون!
رڳو ساهه کي تنهنجون سارون سنڀارون!
نه ننڊ نيڻ ٿا ڪن، نه دل کي سڪون آ،
اوهان جي پرستش ڪرڻ جو جنون آ،
لرزش ۾ جذبا- ڄڻ تنبوري تنوارون،
رڳو ساهه کي تنهنجون سارون سنڀارون!
تنهنجي زلف جي خم، چريو چاهه ڪيو آ،
۽ خوشبوءِ بدن جي، مون کي مست ڪيو آ.
ملين تون ته مرڪن اسان سان بهارون!
رڳو ساهه کي تنهنجون سارون سنڀارون!
فضائن ۾ رنگين ڪو احساس آهي،
وصل جي هوا ۾ گهُليو واس آهي،
من ۾ کڙي پيون گلابن جون ٽاريون،
رڳو ساهه کي تنهنجون سارون سنڀارون!
ولي محمد وفا هوت
چرواڻ
نظم
ويو سال سارو، اڃان ٿو اچين،
ڪيم ويس ڪارو، اڃان ٿو اچين.
نه ٿيو ’جنوري‘ ۾ مٺا ڪو ميلاپو،
نڪين پاڻ پهتين نه آيو نياپو،
اچي جيءَ جيارا ڏي جيءَ کي جياپو.
ٿيو کيئڻ کارو، اڃان ٿو اچين،
ڪيم ويس ڪارو اڃان ٿو اچين.
مٿان موٽي آئي آ ’فيبروري‘،
اسان جي ته سهڻا، نه ساعت سري،
مٺا مل اچي، نات ويندس مري،
لڳان پيو اڌارو، اڃان ٿو اچين،
ڪيم ويس ڪارو اڃان ٿو اچين.
مِٺا محب ’مارچ‘ بهاري ڪئي،
پپيهي ته ٻولي، پياري ڪئي،
اچڻ جي نه تو ڪا، تياري ڪئي،
لهي ويو لابارو، اڃان ٿو اچين،
ڪيم ويس ڪارو اڃان ٿو اچين.
اُداسين ۾ ’اپريل‘ ڪاٽيم ڏکيو،
اندر دُود دل ۾ پي دلبر دُکيو،
پيو يار لوڙيان جو قسمت لکيو،
ٿيو ڏکيو آ گذارو، اڃان ٿو اچين،
ڪيم ويس ڪارو اڃان ٿو اچين.
وري ’مئي‘ ته موٽي، نه موٽئين مٺا،
سوين سور صدما، مون تولئي سٺا،
هُجو شل حياتي، رهو ڀل رُٺا،
ٿيئس سور سارو، اڃان ٿو اچين،
ڪيم ويس ڪارو اڃان ٿو اچين.
جڏهن ’جون‘ آيو، ته گرمي به آئي،
تنهنجي تات دلبر، ته دلڙي تپائي،
اچڻ جي مٺا ڪر، سگهي هاڻ وائي،
اچي ويو اونهارو، اڃان ٿو اچين،
ڪيم ويس ڪارو اڃان ٿو اچين.
جڏهن ’جون‘ کان پوءِ ’جولاءِ‘ آيو،
اکين مان روئڻ يار تولاءِ آيو،
وڇوڙو اسانکي هتي هاءِ آيو،
ٿيو لوڪ مارو، اڃان ٿو اچين،
ڪيم ويس ڪارو اڃان ٿو اچين.
جي ’آگسٽ‘ آيو ته، آگم اچي ويا،
اُتر لاڙ ڪاڇو ۽ ٿر بر وسي ويا،
پڌر پٽ پوٺا پَلر سين پسي ويا،
وٺو ڪڇ ڪنارو، اڃان ٿو اچين،
ڪيم ويس ڪارو اڃان ٿو اچين.
’سيپٽمبر‘ جي سهڻا وري رُت آئي،
ڏني ڪنهن خبر ڪانه، تنهنجي ته ڪائي،
ٺهي ڪا نه پنهنجن سان پيارا رُکائي،
ٿيو گوندر گذارو، اڃان ٿو اچين،
ڪيم ويس ڪارو اڃان ٿو اچين.
آيو ’آڪٽوبر‘ ڪي ڏکڙا کڻي،
سڄڻ سونهن تنهنجي ته وهوا وڻي،
وري آ ’وفا‘ جا، تون سڏڙا سڻي،
ٿيئس روئڻ هارو، اڃان ٿو اچين،
ڪيم ويس ڪارو اڃان ٿو اچين.
’نومبر‘ اسان کي نهوڙي وڌو،
ڪيم عرض آزيون خدارا ٻڌو،
ٿڻين ڪون پوندو، جو اڳ ۾ ڏُڌو،
مٿان آ سيارو، اڃان ٿو اچين،
ڪيم ويس ڪارو اڃان ٿو اچين.
’ڊسمبر‘ جون جاني، جبل جيڏيون راتيون،
اوهان کان سواءِ، ڏکيون مون سي ڪاٽيون،
وڇوڙي جون مون کي ڪُهن يار ڪاتيون،
آيو پرهه پارو، اڃان ٿو اچين،
ڪيم ويس ڪارو اڃان ٿو اچين.
جدائي ۾ جاني مَٽي سال ويو،
اسان جو نه توکي، ڪوئي خيال ٿيو،
’وفا‘ جو ته هيڻو، صفا حال ٿيو،
ورهه ڪيو واڌارو، اڃان ٿو اچين،
ڪيم ويس ڪارو اڃان ٿو اچين.
فخرالدين شاهه
سوڀارو/ڇاڇرو
نعت
اسانجو عشق احمد سان ازل کان ئي الستي آ،
مليو ميثاق کان منور مدامي موج مستي آ.
قريبن قرب سان قابو قلب ۾ ڪِيرَ قائم ڪيا،
ٻڌي دل دام سان دلبر ڪئي دلدار دستي آ.
سچي سردار کي سونپي ڏنم سِر ساھ ڪري صدقو،
حوالي ٿيس حبيبن جي حشر محشر جي ھستي آ.
مدينو ملڪ محبوبن،
پساہ پويان پڄن تنھن ۾،
ٿيان ساڻيھ ان ساڪن،
ڀلاري ڀُون بستي آ.
قبر دنيا قيامت ۾، منھنجو حامي ٿيندو حضرت،
رسول
الله
منھنجو رھبر، اُنھي جي سرپرستي آ
”فخرالدين“ جو ھٿ آ، تنھنجي دامن ۾ اي دلبر،
ڏسي شيطان ھي شفقت،
ٿيو خر خار خستي آ.
شاهه مردان شاهه
ڇاڇرو
غزل
ڀري پيرا پرين پيارل، هينئين جو هار آ،
غريبن جو ۽ اَڀرن جو، يتيمن يار آيو آ.
مٺي محبوب اڄ موٽي، ورڻ واري وِلهن تي ڪئي،
بدين جا بار لاهڻ لئي، سچو سردار آيو.
نڪو سيڻاهه نڪو ساٿي، اڳيان اونهون سُڄي درياءَ،
وسيلو ٿي اندر ويرن، ڪرڻ هُن پار آيو آ.
سسئي وانگر رهيس سُڃ ۾، نڪو حيلو وسيلو هو،
ملي هو پاڻهين پارس، پنهل پڳدار آيو آ.
رهيس مايوس پي ماندو، مدامي ’شاهه مردان‘ چئي،
مگر اڄ اوچتو مون وٽ، مٺو منٺار آيو آ. |