ڊاڪٽر نوازعلي شوق
ڪراچي
قاضي
قادن جو ڪلام
قاضي قادن جي ڪلام جي مختصر
سمجهاڻي
(1)
اسين ٻانهان تون ڌڻي، پاڻو پاڻ هِي ڄاڻُ
مَنڊي تُر ميزانُ، ليکو ڪندين ڪَن سين.
يا الله! اسين تنهنجا ٻانها آهيون، تون ئي اسان جو
مالڪ آهين (۽ اسان جو هر ڪم به تون) پاڻ ڄاڻين ٿو.
(منهنجا مولا پنهنجن ٻانهن تي مهر جي نظر ڪر)
گناهن ۽ ثوابن جي تارازي ۾ تور ڪندين ته ڇوٽڪارو
مشڪل آهي.
(2)
انان ئِي ٻَنا ڪَريِين، ٻَنا ان منجهاوَ،
راڄُ تنهنجو راڄيا، ٻيا راوَ ئِي راوَ.
(اي مالڪ!) تون ئي ڪڻي مان ڪيچ ٿو ڪرين.
اي سائين! حقيقت ۾ هر جاءِ تي تنهنجو ئي راڄ آهي.
تون ئي اصل راڄ ڌڻي آهين. ٻيا سڀ هن جڳ ۾ ننڍا
راوَ (راءَ) آهن.
(3)
جي گهر گهڙي نه ڪِين، سائين تو ديدار
ڪيهي حُجَ ڪَرين، سيئِي پنهنجي رَب ڏانھ.
اي مالڪ! جيڪي تنهجي ديدار لاءِ هڪ گهڙي به التجا
نٿا ڪن، سي تُنهنجي (قرب ۽ ڪرم جي) ڪهڙي منهن سان
حُجت ڪري سگهن ٿا!
(4)
ڏِنئِين پاڻ واکاڻَ کي، ڄِڀَ تُنهنجي واتِ
بندا خالق نه گهرين، ڪَرين پرائي تاتِ
(اي بندا تنهنجي خالق ۽ مالڪ) پنهنجي حمد ۽ ثنا
لاءِ توکي تنهنجي وات ۾ زبان ڏني آهي. پر تون
پنهنجي پالڻهار سان لئون لڳائڻ بدران ٻين (غير
الله) جي ويٺو تات ڪرين.
(5)
جي مون ڏِيئين لکَ ڌڙَ، ڌڙِ ڌڙِ لکَ سِران
سِرَ سِرَ لکَ مُهان ٿيئن، مُهه مُهه لکَ ڄِڀان
سَڀي ڄڀان تِکِيان، تڪڙيان لوان
صِفتِ تُنهنجي راڄيَا! تو هئون ڪيئن ڪَران!
اي منهنجا مالڪ! جي تون (مِهر ڪري) مون کي لکين ڌڙ
ڏين ۽ (اهڙي جسم جي) هر هڪ ڌڙ تي لکين سر هجن ۽ هر
سر ۾ وري لکين وات هجن ۽ هر وات ۾ لکين زبانون هجن
۽ اهي سڀ زبانون تيزيءَ سان ڳالهائين (تنهن هوندي
به) اي راڄ ڌڻي، تنهنجي صفت ۽ ساراهه جو حق ادا
ڪري نه سگهندس.
(6)
تون آڌارُ سُڌارُ تون، تون آڏائو اڏ
تون ئي اکڙين ۾، تون ئي اندر هَڏ
ڳل لڳي ڳالهه چوان، ڪيهي حاجت سَڏ.
(اي منهنجا مولا!) تون ئي منهنجو اجهو اوٽ آهين.
تون ئي منهنجو هادي ۽ حامي آهين. (تون هر هنڌ
موجود آهين) منهنجي اکين ۾ ۽ منهنجي ساري جسم ۾
سمايل آهين. (تون ته مون سان ساهه پساهه ۾ گڏ
آهين) توکي ڳل لڳي (دل جي) ڳالهه چئي سگهان ٿو،
توکي سڏ ڪرڻ جي ضرورت ئي نه آهي. (ڇو ته تون ساهه
جي رڳن کان به وڌيڪ ويجهو آهين).
(7)
آهر الاهان، ڪو مَ لاهيو ڪَڏهِين،
ويا ڪاڄَ هَٿان، وَڌ آڻيندو وڏو ڌڻي.
(اي الله جا ٻانهؤ!) الله پاڪ جي (رحم ۽ ڪرم) مان
ڪڏهن به آسور نه لاهيو. توهان جا جيڪي ڪم نه ٿي
سگهيا آهن، سي سڀ ڌڻي سڳورو پورا ڪندو. ڀٽائي
فرمايو آهي:
وهوم لاهي، آسرو الله مان.
(8)
تون چَئه الله هيڪَڙو، وائي ٻي مَ وار
سو ئِي ڏِيو ٻارِ، جو نه اُجهامي ڪَڏهِين.
اي غافل انسان! تون دل ۽ زبان سان) چَئه ته بيشڪ
الله هڪ آهي، ٻي ڪا (اجائي) ڳالهه نه ڪر. تون اهڙو
ڏيئو ٻار، جيڪو ڪڏهن نه وسامي.
(9)
تون چَئه الله هيڪَڙو، وائي ٻي مَ سِکُ
سَچو اکرُ مَنَ ۾، سوئي لِکيو لِکُ.
(اي غافل انسان!) تون دل ۽ زبان سان چَئه ته بيشڪ
الله هڪ آهي. ان کان سواءِ ٻي ڪا ڳالهه نه سک،
وحدانيت وارو سچو اکر من ۾ آڻي، اهو ئي لکندو رهه.
(10)
وائي ٻي مَ ڀُلُ، مِروُئان موران پَکڻان
باللهِ سَندو سَڄَڻين، هُو هُلاچو هُلُ.
اي غافل انسان! جيڪڏهن تون غور ڪرين ته توکي معلوم
ٿيندو ته جيت جڻيا ۽ پکي پکڻ وحدانيت واري ٻولي
ٻولين ٿا. الله پاڪ جو قسم هر هنڌ جيڪو هُل ۽
غوغاءُ آهي، سو سڀ سائين جي صفت ۽ ساراهه آهي.
(11)
ايڪ قصرَ، دَرَ لکَ، ڪوڙين سَهسين کڙِڪيَان
جان ئي ڪَرِين پَرکَ، تان ئي سَڄڻَ سامُهان.
هيءُ سارو جڳ هڪ وڏي محل مثال آهي. ان هڪ محل جا
لکين در ۽ ڪروڙين هزارين دريون آهن. تون جتان به
نهاريندين ته اتان ئي توکي جانب جو جلوو نظر
ايندو.
(12)
سوئِي هيڏان، سوئِي هوڏان، سو ئِي سو وَسي
تهين سندي سوجهري، سوئي سو پَسي.
(هن جڳ جو جيڪو خالق ۽ مالڪ آهي) هيڏانهن هوڏانهن
يعني هر طرف اهو ئي موجود آهي. انسان ان جي نُور
جي ذريعي ان کي پسي سگهي ٿو.
(13)
واحِدُ هَنڌين دائرين، هيڪڙو ميئِي،
جنهين جان جُدا ڪِي، پَسندا سيئي.
هر جاءِ، هر هنڌ، هر ماڳ اهو هڪ خدا موجود آهي. ان
جو ديدار اهي ئي ڪري سگهندا، جيڪي حق جي خاطر
قربان ٿيندا.
(14)
سائر ڏيئي لت، اوچي نيچي ٻوڙئي
هيڪائين هيڪ ٿئو، وئي سَڀ جهت.
درياهه دهشت ۾ اچي ٻوڙ ٻوڙان لائي هيٺاهين توڙي
مٿاهين ٻوڙي ڇڏي. هيڪائي هيڪ لڳي پئي آهي ۽ سڀ طرف
تم ٿي ويا آهن. هر طرف لس ليٽ لڳي پئي آهي.
(وحدت واري درياءَ، ڪثرت واريون سڀ نشانيون ختم
ڪري ڇڏيون آهن).
(15)
اکرَ ٻيا وِسارِ، الفُ اڳيون ئي ياد ڪَر
سو تون ڏيئو ٻارِ، جو نه اُجهامي ڪَڏهِين.
اي طالب! ٻيا سمورا اکر وساري ڇڏ، رڳو سڀ کان
اڳيون اکر ”الف“ (الله جي نالي جو پهريون اکر) ياد
ڪر. تون اهو ئي ڏيئو ٻار، جيڪو ڪڏهن نه وسامندو.
(16)
جُون جُون پاڙهه ۽ لِکَ، ڪوڙين ڪُتيبان پَڙهين،
ايءَ سَڀائِي سِکَ، جان جان پريان نه مِڙين.
جيستائين تون لکڻ ۽ پڙهڻ ۾ رڌل آهين ۽ ڪوڙين ڪتاب
ويٺو پڙهين انهن جي ذريعي منزل ماڻي نه سگهندين.
اهڙي واٽ تي هل جيڪا توکي منزل مقصود تي رسائي.
(17)
ڪوڙين ڪِتابان پَڙهين، جُزان جانڪِيتان
سُوڌِي ساڃاء نه ٿِئي، پَهڻي ري پريان.
اي طالب! تون ڀل ڪروڙين ڪتاب حصا حصا ڪري پڙهين،
پر ان هوندي به محبوب جي مِهر کانسواءِ توکي مڪمل
ڄاڻ حاصل ٿي نه سگهندي.
(18)
زيران زبران آيتان، اکران انت نه پارَ
هڪڙي ئي ايمان ۾، لهين سڀئي سارَ.
زيرن زبرن آيتن ۽ اکرن جو ڪو انت شمار نه آهي. اڻ
ڳڻ ڪتابن ۾، اڻ ڳڻ زيرون، زبرون، اکر ۽ آيتون آهن.
جيڪڏهن تنهنجو ايمان پختو آهي، ته تون انهن مِڙني
کي سمجهي سگهين ٿو. (توحيد کي سمجهڻ سان ئي تون سڀ
ڪجهه سمجهي سگهين ٿو). شاهه لطيف فرمايو آهي:
ڪوڙين ڪتابن ۾، حرف مڙيو ئي هيڪ
جي تو نظر نيڪ، ته بسم الله ئي بس ٿئي.
(19)
ڪَنزُ، قُدورِي، ڪافِيَھ جي پَڙهِي پَروڙين سَڀ
ڪَر مَنڊي ماڪوڙي کوهَ ۾ پيئي ڪَڇي اُڀ.
اي طالب! ڪَنزُ، قُدورِي ۽ ڪافيھ (فقھ ۽ صرف نحو
جا ڪتاب) سڀيئي پڙهين ۽ پروڙين (ان هوندي به
تنهنجي علم جو اهو حال چئبو) ڄڻ منڊي ماڪوڙي کوهه
جي تري ۾ ويهي آسمان جي ڪڇ ڪري رهي آهي. (فقھ ۽
نحو جو ڪو ڪيڏو به ماهر ڇو نه هجي، پر حقيقت لهڻ ۾
ان جي حيثيت منڊي ماڪوڙي جهڙي آهي جيڪا کوهه جي
تري ۾ آسمان جي ڪڇ ماپ ڪري رهي هجي).
(20)
ڪَنزُ، قُدُورِي، ڪافِيَھ، ڪي ڪين پَڙهيام
سو پار ئي ٻيو، جان ئِي پرين لڌام.
ڪنز، قدوري ۽ ڪافيھ (فِقھ ۽ صرَف نحو جا ڪتاب)
انهن مان مون ڪوبه نه پڙهيو. (ڇاڪاڻ ته طريقت واري
واٽ ۾ هر قسم جو علم وسارڻو پوي ٿو. ڪنز، قدوري
ڪافيه ڪا حيثيت نه ٿا رکن) اهو پارُ ئي ڪو ٻيو هو،
جنهن جي ذريعي محبوب سان وصال ٿيو.
(21)
سيئي سيلَ ٿِيام، پڙهيام جي پاڻَ لئي
اکرَ اڳيان اُڀرِي، واڳون ٿِي وَريام.
جيڪي اکر مون، پنهنجي مطلب خاطر پڙهيا، سي منهنجي
آڏو ڀالا ٿي بيٺا. (نه صرف ڀالا پر) اهي ساڳيا اکر
وري واڳون ٿي مون تي وريا. (ڳجها راز سمجهڻ واري
راهه ۾ ظاهري علم هڪ پردو ۽ حجاب هوندو آهي).
(22)
لوڪان نحوُ صَرفُ، مون مُطالِعُ سُپرين
سو ئِي پَڙهيو سو پَڙهان، سو ئِي سو حَرفُ.
عام ماڻهو نحو ۽ صَرف وارو علم حاصل ڪرڻ لاءِ مغز
ماري ڪن ٿا، پر آءٌ پنهنجي محبوب جي منهن مبارڪ
وارو مصحف پڙهڻ ۾ رڌل آهيان. اهو ئي حرف، اهو ئي
مصحف وري وري پيو پڙهان.
(23)
پتو ڦِٿو پيٽ ۾، وَڍي مُلان ماهَ
ڌائِين ڏِني ڌوڙ ۾، الله اوري آهَ.
پتو پيٽ ۾ ڦسي پيو آهي، مُلان پيو ماس ڪوري، هُن
ڌوڙ ۾ ٽٻي هنئي آهي (اڻ ڄاڻائي سبب ڌڪو هنيو آهي)
شل الله منهنجي آس اگهائي (مون کي صحتاب ڪري).
(24)
علت وڃيس ئي نا، عادت ڪڏهين نه جاءِ
اٺُ ڪڻڪين ڇڏيو، چُڻ جواسا کاءِ.
(هيءَ حقيقت آهي ته) علت وڃي نه ٿي سگهي، عادت به
هرگز وڃي نٿي سگهي (اُٺ جو مثال وٺو، اهو به
پنهنجي عادت نه ٿو ڇڏي) اُٺ کي ڪڻڪ جي فصل ۾ ڇڏيو
ته (هُو سائي ۽ مٺي ڪڻڪ ڇڏي) ڳولي ڳولي ڪانڊيرا
کائيندو. (چڱين خصلتن وارو چڱا ڪم ڪندو، بڇڙين
عادتن وارو بڇڙا ڪم ڪندو.)
(25)
توڙي وڃي رُوَمَ، ناهِه نصيبُون اڳرو
ماني مٿي ٿوم، جئن جو لکيو چٺي ۾.
جيڪڏهن کڻي ڪو رُوم وڃي، پر جيڪو نصيب هوندس اهو
ئي ملندس، ان کان وڌيڪ ڪونه ملندس، مانيءَ مٿان
ٿوم (جيڪا اڳ کائيندو هو، اها ساڳي کائيندو رهندو
ڇو جو اهو ئي سندس مقدر ۾ لکيل آهي.)
(26)
سيچاڻي تي سِينهَن، ڏونهَئِين وسسَن جهنگ ۾،
سي کڙ کاوَن ڪِيئن، ماسُ جنهين کي لِکيو.
شهباز ۽ شينهن، ٻئي جهنگ ۾ رهن ٿا. اهي کڙُ ڪيئن
کائيندا، جو انهن جي خوراڪ ئي گوشت آهي.
(27)
ڪَڍي ڪاڄوراءِ، جَني ٻج نه پوکيو
راهون روُح رُچَندِيُون تني کي ڪِياء.
جن زمين مان ڪک ڪهڄر ڪڍي (زمين مان لاهه ڪڍي، زمين
صاف ڪري، سنوت ۾ آڻي) ٻج نه پوکيو، تن کي دل تي
اَن جون راهون ڪيئن ملنديون!
(28)
هَر هَر فال ڪريندِيان، راڌِي ڳئِي وِها
وڃ پُڇو سانوڻ سُتِيان، لابي لنگهڻ آ.
جيڪي هر هر فالون پائين ٿا (اجايو وقت وڃائين ٿا،
تن کان راهڻ (پوکڻ) جي مند گذري وئي (وقت تي ٻج
پوکڻ جي مند گذري وئي). جيڪي سانوڻي جي مند ۾
سُتيون رهيون (لابارو ڪري، ان ڪو نه ميڙيو) تن کان
پڇو ته لنگهڻ (فاقو) ڇا ٿيندو آهي.
(29)
تان تان سُورهيه سَڀڪو، جان جان مَهَھ نه مِڙَن،
رُڪَ وهنديءَ سامُهُون، سُورهيه سي جاوَن.
تيستائين هر ڪو پاڻ کي سُورهيه سمجهي ٿو، جيستائين
(جنگ جي ميدان ۾) جهونجهار اچي گڏ نه ٿين (انهن
سان مقابلو نه ٿئي). سُورهيه سيئي سڏبا، جيڪي جنگ
جي ميدان ۾ ڪُڏي پون ۽ پنهنجي سُورهيائي جو ثبوت
ڏين.
(30)
ڏرڻي چَئه مَ ايئن، پنج ئي اڀ ڪارڙا
جت ڀَڙا مڙندا ڀينئن، تِتِ لڀندي مڙ سانهه ڪرَ.
ڪجهه خوف ڪر، ايئن نه چَئه ته پنج ئي اڀ ڪارا آهن.
(جنگ جي) ميدان تي مُڙس هڪٻئي سان مقابلو ڪندا،
اتي سندن پهلواني جي خبر پئجي ويندي ته ڪيرُ ڪيتري
پاڻي ۾ آهي.
(31)
ٻُڪ پاڻيءَ منجهه، ٻاٻيها ٻُڏي مُئا
جي تو پوري سمجهه، تان تون ڳيرو نه ٿيوين.
ٻاٻيها ايڏا ته نازڪ آهن جو پاڻيءَ جي ٻُڪ (ٿورڙي
پاڻي) ۾ ٻڏي مري وڃن ٿا. جيڪڏهن توکي ڪا سمجهه
پوي، سياڻو ٿئين ته جيڪر ڳيرو نه ٿئين (پاڻ کي
ڪمزور ۽ ڪاهل نه بڻاءِ، سخت جان ۽ بهادر بڻج، ڇو
ته هن دنيا ۾ گهڻا ڏک ڏسڻا پون ٿا.)
(32)
جي اُتر جي لاهِه، سَڄڻ سَڀَ پَرکِئا
ري پنهنجي کٽئِي، سُڀَر ٻري نه باهِ.
اُتراڌي دوستن کي به آزمايوسين، لاڙي دوستن وٽ به
لڙي وياسين (آخر انهيءَ نتيجي تي پهتاسين ته)
پنهنجي محنت ۽ همت کانسواءِ مچ مچي نه سگهندو
(ڪاميابي) حاصل نه ٿيندي.
(33)
تِکو تيڏو ئي وهي، جيڏو مُنهن مهراڻَ
ڏيهه سڀوئي هڪڙو، ڌِيرَ لڌوسين پاڻ.
مهراڻ (درياءُ) اوترو ئي تکو ۽ تيز وهندو، جيترو
ان جو منهن موڪرو هوندو. هيءُ جهان هڪ ئي آهي. (هن
وڏي جهان ۾) وڏي ڌيرج سان پاڻ کي سڃاتو سين.
(34)
تارُن جيئن ترين، پُسائِين مَ مولهِيا
پڙُ مَ لڄَائِين، تنهه سچي ديوانَ ۾.
(وڏا تارُو) تارُن وانگر ترندا آهن ۽ پنهنجا
مولهيا نه پُسائيندا آهن. اُهي امينن جي ڪچهريءَ ۾
پاڻ نه لڄائيندا آهن.
(35)
جان جان ڪَنڌيءَ ڪانههَ، تان تان تُرَهي تاتِ ڪَر
ڪَپَرَ سَندِي دانهَه، مَتِ اوچتِي اُلهي.
جيستائين (درياهه جي) ڪنڌيءَ تي ڪانهن جا ٻُوڙا
بيٺل آهن، تيستائين تون (پار اُڪرڻ لاءِ ڪانهن جي
ٻُوڙن مان) ترهو تيار ڪري وٺ. ڇو جو ٿوري غفلت
ڪندين، ته ٿي سگهي ٿو ته متان ڪپر اوچتو ڪڙڪاٽ ڪري
ڪِري نه پوي.
(36)
سَنجهي سِبي تُرهڙو، غافلَ ڇو نه وڌوء
جَه هِين لهَرِين گم ٿِئين، تڏهين سَنڀاريوء.
اي غافل! تون پنهنجو ننڍڙو تُرهو سويرو ئي سبي
ٺاهي تيار ڇو نه ڪيو! اي نادان! جڏهن درياءَ جي
لهرن ۾ وڪوڙجي وئين (۽ ڪمزور ترهو ٽٽڻ لڳو) تڏهن
تو سنڀار ڪئي!
(37)
جي ترُ ٽٽو تُرهَڙي، سائِرَ مَنجهه ٿِيانهه
ڪَرِ ٻانهان پاڻيچيان، مَ ڪَرِ سَڏ ٻيا نههِ.
(جيڪڏهن بدقسمتيءَ سان) تنهنجي ترهي جو ترُ ڇڄي
پوي، جڏهن تون درياهَه ۾ هجين (ته پوءِ همت نه
هارجانءِ پنهنجي ٻانهن جي ٻل تي تري) ڪناري تائين
پهچڻ جي ڪوشش ڪجانءِ، پر ٻين کي سڏ نه ڪجانءِ.
(38)
جان تُون تارُو پاڻ، تان ڀي پُڇ تارُن ڪَلَ
تان تون ڪَئا سُڄاڻَ، وڃي ڪَپَرَ آهِلِي.
توڙي جو تون پاڻ تارُو هجين (تڏهن به درياهه ۾
گهڙڻ مهل) ٻين سڄاڻ تارُن کان (درياهه بابت) ڄاڻ
حاصل ڪجانءِ، ته جيئن تون اي سياڻا! (سولائيءَ
سان) درياءَ جي هن ڀر پهچي وڃين.
(39)
وِڄُ، بادَلَ ۽ واءُ، ڊِڄُ نه لهرين لڳيو
سَڌرَ سونهان چاءُ، ٻيڙي ٻُڏڻُ ناههِ ڪو.
(اي وڻجارا! سامونڊيڪي سفر ۾) کنوڻ، ڪڪرن، وڏي
واءُ ۽ لهرن کان نه ڊڄجانءِ، (جيڪڏهن پاڻ سان
تجربيڪار سوهان (مُعلم) ساڻ کڻندين ته تنهنجي ٻيڙي
ڪونه ٻڏندي.
(40)
جُنگيُون جؤنڪيون جِتِ، ٻُو هِٿَ ٻاتاڙا ٿِيَن
مِهرَ تُنهنجِي تِتِ، مَڪُرِيان ڀي پارِ پَوَن.
(تيز طوفانن ۾) جتي جُنگ جهاز ۽ جؤنڪيون ٻيڙيون
توڙي وڏا غوراب (ٻوهٿ) خطري ۾ اچي وڃن. اُتي اي
مالڪ! تنهنجي مِهر سان شال ننڍڙيون ٻيڙيون پار
پهچن.
(41)
پاکِڙيان ڊڄڻ هوءِ، پَئُه ڀَلان ئي نه لهي
تِتي ساٿُ سَندوء، اچي سو لڪَن لنگهيو.
(سامونڊي سفر ۾) جتي ننڍڙين ٻيڙين (پاکڙين) کي
(ٻڏڻ جو) ڊپ رهي ٿو. اُتي اي مولا! تنهنجي آسري
اهي لڪ لنگهي (مشڪلن مان) پار پونديون.
(42)
ڀَنورَيان پَئُه ناهِ، سندي پرِيان تُرَهي
نِگهندي نِگاه، پڌرو نيهه نه اوهِري.
جيڪڏهن محبوب مهربان آهي ۽ ان جو تُرهو ساڻ آهي ته
ڀونرن (ڪُنن) جو ڪو خطرو ڪونهي. پر وڻجارا جڏهن
سفر تي وڃن، ته آءٌ بندر تي بيهي کين ڏسندي رهان،
نيڻ نهار تائين ٻيڙيءَ جو کُوهو ڏسندي رهان.
(43)
جي سو سُڃاتوء، جو سَرَ سندو پاتڻِي
وَڃُ لهرين گڏِئو، ڪَپَرُ ڪِي نه ڪَندوء.
(اي مسافر!) جيڪڏهن تو ان کي سڃاتو، جيڪو درياهه
اڪاريندڙ (پاتڻي) آهي، ته پوءِ تون لهرن جي لوڏن
جو ڊپ نه ڪجانءِ. (ڀلي ڪپر ڪيڏو به خطرناڪ هجي
تڏهن به) توکي ڪجهه ڪين ٿيندو.
(44)
ڏيهه ڏِهائين ناهِ، جتي پيرُ نه پَکِيان
تِتي کاهوڙيان، وَرَ ڏيئي وَڻَ چُونڊيا.
جتي ماڻهن جي ڪا وسندي ڪونهي، (ايڏي سُڃ جو) ڪنهن
پکيءَ جو پيرُ به ڪونهي، اتي محنتي پورهيت
(کاهوڙي) وڏي محنت سان ڏٿ ميڙين ٿا.
(45)
اپيريءَ ۾ پيرُ، ڪنهين لڌو پيرئين
تنهن ڀُونءِ سندو پيرُ، ڪوڙين منجهه ڪو لهي.
اهڙي اوپري ۽ ڏوراهين جُوءِ (مٿاهون مقام) جتي
ڪنهن پير جو به نشان نه آهي (جتي ڪو ويو ئي نه
آهي) ان هنڌ بابت ڪروڙن مان ڪنهن هڪ خوشنصيب کي
ڄاڻ آهي. (ڪو اهڙو مقام به هوندو آهي، جتي ڪروڙن
مان ڪو هڪ پهچي سگهي ٿو.)
(46)
جو گهِڙي سو ني، ڪو جو قهر ڪلاچ ۾
خبر ڪونه ڏي، رَڇُ ڪڄاڙي رنڊيو.
ڪلاچيءَ جي ڪُن ۾ (اهڙو مانگر مڇ ويٺو هو) جيڪو
گهڙيو ٿي، ان کي (مانگر مڇ) ڳڙڪائي ٿي ڇڏيو (مورڙي
جا ڇهه ڀائر هن ڳڙڪائي ڇڏيا هئا، تنهن ڪري) اها
خبر ڪنهن کي به نه ٿي پيئي ته ڄار کي ڪهڙي شيءِ
روڪي ٿي وجهي. (ڪو جيئرو موٽي ته خبر ڏي ته رڇ ڇو
رنڊجي پيو آهي).
(47)
اُباهي چَيون جو، سو نه ڪَيائون ڪَنِ،
تان ئي پيئِي پَريان کان، گهنگهر، گهاتوڙنِ.
اوباهي (سندن پيءُ) جيڪي کين چيو، اهو غور سان نه
ٻڌائون (ان تي عمل نه ڪيائون) انهيءَ ڪري ئي پري
کان ئي مٿن وڏي مصيبت اچي وئي.
(48)
جتي گهورِئو گهاتوئين، تِتي واريءَ بُٺِ
سَرُ سُڪو، سُونگي ڳيا، سَهسين ساٽِي مُٺِ.
جتي (ڪنهن زماني ۾ وڏو پاڻي هو ۽ مڇي جي شڪار جا
وڏا ماهر اچي شڪار ڪندا هئا، اتي اڄ رڳو واريءَ جا
دڙا ٿا نظر اچن، درياءُ سُڪي ويو، محصول وٺڻ وارا
هليا ويا. سوين ساٽين مان وڃي ڪي ٿورا رهيا آهن.
(49)
ڪُنَ ڪلاچيءَ پار، سَڏ نه سُڄي ساٽئين
گهاتوئين سندا مَڪُرا، ڪنهن تڙ ٻئي نهار.
ڪلاچيءَ جي ڪُن طرف مڇي ماريندڙ نظر نه ٿا اچن،
اُنهن جو ڪو غوغاءُ ٻڌڻ ۾ نه ٿو اچي. انهن جا ٻيڙا
ڪنهن ٻئي تڙ تي وڃي ڳولهه. (مانگر مڇ جي ڊپ کان
هُو هتان کان ڪنهن ٻئي پاسي هليا ويا آهن.)
(50)
ڪَلاچيءَ ڪُناءُ، موٽي ڪونه آئيو
ڪَنِي رَڇ وڃائيا، ڪَئِي توبَهه تاءُ.
ڪلاچيءَ جو ڪُن (اهڙو خطرناڪ آهي) جو اتان ڪو به
موٽي ڪونه آيو. ڪن پنهنجا رڇ وڃائيا، ته ڪي توبهه
زاري ڪري تڪڙا موٽي آيا.
(51)
جو رِڙهي ڀَر پيٽَ، سو چَڙهي ۾ ڏولِيان
لنگهي مٿي ليٽَ، پَسو ڏاتر جا ڪَئي!
(سنڌ جي سخي مردن جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي، لڱو مڱڻو
جيڪو ايڏو معذور هو، جو پيٽ ڀر پيو رڙهندو هو، ان
کي به گهر ويٺي سخي سپڙ ڄام دان موڪلي ڏيندو هو).
جيڪو محتاج پيٽ ڀر پيو رڙهي، سو به (سخيءَ جي
سخاوت سبب) ڏولين ۾ چڙهي. ڏسو ته ان لنگهي تي سخي
مرد ڇا ته مهرباني ڪئي آهي!
(52)
لڏوڻيُون گهورَڻ کي، جو ڏِهاڙيون ڏي
رِيسَ نُون اِيندُوء راڄِيو، ويههُ مَ وِساري.
سنڌ جو سخي مرد سپڙ ڄام) گهرڻ وارن کي روزانو مال
مڏيءَ جون ڀريون ٻڌي ٿو ڏئي. اي ضرورت مند! تون
مايوس نه ٿي، ان کي ياد ڪندو رهه، اهو ضرور تنهنجي
سار سنڀال لهندو.
(53)
’توُن‘ ’تُون‘ تڏ ڪرين، لڳاء ڳرِ ڦند جيئن
سائين نه سنڀارين، جئان ئي رُوح سِرجيا.
تُون تُون (يا الله تون بچاء) تڏهن ڪرين ٿو، جڏهن
تنهنجي ڳچيءَ ۾ ڳٽ پيا آهن. (جڏهن تو تي مصيبت آئي
آهي). (جڏهن رُوح پيدا ڪيا ويا ته انهن کان
وفاداريءَ وارو واعدو ورتو ويو) اي غافل انسان! ان
سائين کي ڇو نه ٿو ياد ڪرين، جنهن توکي پيدا ڪيو
آهي. توکي پيدا ٿيڻ واري وقت کان ئي پنهنجي ملڪ ۽
خالق کي ياد ڪرڻ گهرجي، پر افسوس جو ان سائين کي
سدائين سنڀارڻ بجاءِ رڳو مصيبت جي وقت ياد ڪرين
ٿو.
(54)
جتي سَچ سنسار سان، سي جي سائين ساڻ هوء
تو پڌر هي ٻيڙا تري، جنهه ٿاء نِير نھ ڪوء.
ماڻهن جي جيڪا سنسار سان دلچسپي ۽ سچائي آهي، اها
جيڪڏهن هُو سچي سائين (پروردگار) سان ڏيکارين، ته
پوءِ پٽ پڌر تي، بنان پاڻي به ٻيڙا تري وڃن
(ناممڪن ممڪن ٿي وڃي ۽ ٻيڙا پار ٿي وڃن).
(55)
جنهين مَحبتَ منَ ۾، سي ميرا ئِي سوُنهن
تن ۾ ٻَرن مَشعلان، سَنديان سُپرين.
(محبت سچي سونهن آهي)، جن جي من ۾ محبت آهي، سي
ميرا ئي سهڻا لڳن ٿا. ڇو ته انهن جي اندر ۾ سڄڻ جي
(سڪ ۽ محبت) جون مشعلون ٻري رهيون آهن. (محبت سان
اندر روشن ٿئي ٿو).
(56)
سا ڪِئو سا ئِي ڪَن، سُپريان جي ڳالهڙي
هيڪڙيائي سِکِيا، ٻي نه اُڄَهي تن.
الله جا سچا عاشق سدائين پنهنجي سچي سائينءَ کي
ياد ڪن ٿا. هر هر اهو ئي ذڪر ڪن ٿا، ڇو ته اهي رڳو
اها هڪ ئي وائي سکيا آهن، ٻي ڪا وائي سندن وات تي
نه ٿي اچي.
(57)
سِکين جي ساڃاء، ته ڪيها ڪامَڻ ڪارَڻِي
ويٺي ئِي ويل ڪَنهين پرين چَوندَئِي آءُ.
جيڪڏهن توکي ڪا سمجهه ۽ ساڃاهه اچي، ته پوءِ ٽوڻن
ڦيڻن جي ضرورت نه ٿي رهي. تون ويٺو ئي هوندين ته
پيارو پرين پاڻ ئي توکي سڏي چوندو ته ”هليو اچ“.
(58)
اڄُ هُئي پيئرَ لوء، ڪل ئِي وِيندِي ساهُرين
جي گڻ گهڻيري هوء، تو در ساهُرين مانُ ٿئي.
جيڪا (نياڻي) اڄ پنهنجي پيءُ ماءُ وٽ آهي، سا
سڀاڻي ساهرين گهر ويندي، جيڪڏهن سٺن لڇڻن واري
هوندي ته ساهرين گهر به وڏي عزت ۽ مانُ مرتبو
ماڻيندي.
(جيڪو ڄائو آهي، سو نيٺ مرندو، چڱا اعمال هوندس ته
آخرت ۾ عزت حاصل ڪندو).
(59)
اڄ جمَ ڪي ماءُ، هِنيَڙو مان ڪُورُ ٿيو
جو نه پئيم سماءُ، ته صَحِيُ مڙندو سڄڻين.
اي امڙ! اڄ منهنجو هينئون، اهڙو انڌو ٿي ويو آهي،
جو اهو پتو نه ٿو پوي ته صحي معنيٰ ۾ سڄڻ سان ڪيئن
ملاقات ٿيندي!
(60)
لڳي وڃان پير، دانهان ڪَندِي ڏونگرين
سو ئِي سَڄَڻُ ميڙِ، جنهين مون هَئوُن وئا کڻي.
سسئي چوي ٿي ته (جن ڏاگهن ۽ ڏيرن پنهونءَ کي نيو
آهي) انهن جا پيرا کڻي دانهون ڪوڪون ڪندي جبل
جهاڳيندي وڃان. اي منهنجا رب! مون سان اهو محبوب
ملاء، جيڪو مون وٽان کڻي ويا آهن.
(61)
توڙي تڙين تِيئن، توهه تنهنجو آسرو
تو دَر وَڻان ڪيئن، اي (وَڙ) وَڏا راڄِيا!
اي چنيسر! تون رُسي ويو آهين، پر منهنجي توکان سوا
نه ٿي سري (مان ته تو وٽ ايندي رهنديس) توڙي تون
مون کي تڙي ڇڏين، تڏهن به مون کي تنهنجو ئي سهارو
آهي. تون وڏي وڙ وارو راجا آهين، تون ئي ٻڌاءِ ته
ڪهڙي ڪوشش ڪريان جيئن توکي وڻان.
(62)
جي ماڻِڪ ميڙيام ، ته کاڻ ئِي اِنَ کوڙَ هُئا
سَهسين ڀَتين سڏڙا، ڪارَڻ سَرَ ڪَيام.
جيڪڏهن مون کي رڳو ماڻڪ ميڙڻا هجن ها، ته هن کاڻ ۾
ئي کوڙ هئا. پر مون چاهيو ته ڪنهن وڏي چشمي تي
وڃان، جنهن لاءِ مون وڏا وس ۽ واڪا ڪيا. (سدائين
قيمتي شين- چڱاين) جي ڳولا ڪرڻ گهرجي).
(63)
ڪائو مُنهِه ڏيئي، پيٺا جي درياههَ ۾
پَسندا سيئي، ماڻِڪَ اکڙين سين.
جيڪي ٽوٻا منهن تي ڪائو ڏيئي، اونهي درياهَه
(سمنڊ) ۾ گهڙندا، اهي ئي ماڻڪ موتي ميڙي سگهندا.
(ماڻڪ موتي ميڙڻ سولي ڳالهه نه آهي، ان لاءِ وڏو
ڪشالو ڪڍڻو پوي ٿو).
(64)
ڀَڳو سڄو نه ٿئي، مَنُ موتا هَلُ ڳچُ
ڪَنين سُڻيو نه مَنِيئي، اکِين ڏٺو سَچُ.
جيئن چوڻي آهي ته، ڀڳو سڄو نه ٿئي، ”تيئن مَنُ
(دل) ۽ موتي ڀڄي پيا ته وري ڪين جُڙي سگهندا. ڪنن
سان ٻڌل ڳالهه جو ڪهڙو اعتبار، جيڪي اکيون
ڏسنديون، سو ئي سچ هوندو.
(چوڻي آهي ته ٻڌئي ۽ ڏٺئي ۾ وڏو فرق آهي).
(65)
امُلُ اساري پَئِي، ڀورِي ڀَڳوء جِت
ڪوهُ نه رُنوء تِتِ، ٻئي اڌ هٿَ ڪري.
اي اوڳي عورت! تون پنهنجي غفلت ۽ نادانيءَ سبب
امُلهه موتي ڀڃي وڌو ته توکي ڪو احساس ڪونه ٿيو.
(تون ماٺ ڪري ويهي رهئين ڄڻ ڪجهه ڪونه ٿيو هو،
حالانڪه وڏو نقصان ٿيو هو) ٻئي اڌ هٿ ڪري تون
(هيڏي وڏي نقصان تي) ڇو نه رُنينءَ؟
(66)
ڀورِي ڀَڳئي جان، امُلُ اساري پَئِي
سُرِي صرافين وانءُ، ٻئي اڌ هَٿِ ڪري.
اي نادان عورت! جڏهن تو پنهنجي غفلت جي ڪري پنهنجي
هٿن سان املهه موتي ڀڃي وڌو ته پوءِ (ان ئي مهل)
ٻئي اڌ هٿ ڪري، صرافن وٽ وڃين ها (ته صراف اهو ڀڳل
توکي جوڙي ڏين ها).
(67)
ڪي ويجهائي ڏور، ڪي ڏور ئي (اوڏا) وَلها
هو جي جَرَ سالور، لڌِي نه (تن) ڪَنولانههِ ڪَرَ.
ڪي ويجهو هوندي به ڄڻ پري محسوس ٿين ٿا، ته ڪي پري
رهڻ جي باوجود ويجها ۽ پيارا لڳن ٿا. ڏيڏر (تلاءُ
جي تري ۾ مٽي چٽيندا رهن ٿا) انهن لاءِ اها ئي گپ
سڀ ڪجهه آهي، هنن کي ڪنول جهڙي سهڻي گل جي خبر ئي
ڪانه آهي.
(68)
ڪاغذ ڪاري اکرين، مون واچيندو آ لڌو
سڄڻ اڇي اکرين، مون لوڙيندو لڌو.
ڪاغذ تي ڪارا اکر هئا، گهڻو ئي نهاريم، پر ڪوبه
اکر چٽو نظر نه آيو. پر سڄڻ اڇن اکرن (سهڻين صفتن)
وارو آهي، تنهن ڪري جڏهن به ڳولها ڪيم ته ان کي
لهي ورتم.
(69)
ڪاغَذ ڪالي اکرين، مُتا مون سيڻين
گهورين گهڻين وڃائيا، ان مَندين نيڻين.
مون پنهنجي پرينءَ کي ڪارن اکرن سان (واضح نموني)
خط پَٽ موڪليا، پر منهنجن مخالفن نڀاڳن، مندي من ۾
رکي اهي وڃائي ڇڏيا.
(70)
سَرَ هيڪڙي وَسن، جَرَ ۾ نِيهه نه گڏئو
سارَ نه سالورن، مٿي ڪَنول ڦلاريو.
(ڪنول جو گل ۽ ڏيڏر) توڙي جو هڪ ئي تلاءَ ۾ رهن
ٿا، پر پوءِ به انهن جي پاڻ ۾ پريت نه ٿي. ڏيڏرن
کي اها خبر ئي ڪانهي ته مٿي ڪو ڪنول جو گل ٽڙي پيو
آهي (ڪنا ماڻهو چڱي شيءِ جي تلاش نه ٿا ڪن).
(71)
جي لوڙيندي نه لهان، الوڙِيندي ڍير
توڙي ڏِسڻ سوُنهڻي، انبان تُل نه ٻير.
جن پيارن پرين جي طلب آهي، سي نظر ئي نه ٿا اچن،
باقي جن جي ڏسڻ ۽ ملڻ جي ضرورت ئي نه آهي، سي گهڻا
ئي نظر اچن ٿا، توڙي جو اهي ظاهري طور سهڻا آهن،
پر پوءِ به انبن جي مٽ ٻير ٿي نه ٿا سگهن (منهنجي
پرينءَ جهڙا ٿي نٿا سگهن).
(72)
جي سالورو سُڌ لهي، ڪَنولان سَندِي ڪاء
ته پَيو پاتال ۾، هوند نه مِٽي کاء.
جيڪڏهن پاتال ۾ رهندڙ ڏيڏر کي خبر پئجي وڃي ته
انهيءَ ئي تلاءَ ۾ مٿين سطح تي ڪنول جا گل به آهن،
ته هوند تري واري گپ چٽڻ ڇڏي ڏئي ۽ هڪدم مٿي هليو
اچي.
(73)
ڌر جيون ڌونسَ سَهن، ڳورائي پربت جيون
سيئي سيڻ ڪجن، آئي واءَ نه ڏولڻا.
اهڙا ماڻهو جيڪي ڌرتيءَ وانگر بارگير هجن ۽ جبل
وانگر ڳرا هجن (هر لحاظ کان سگهارا هجن) اهڙن
ماڻهن سان مٽي مائٽي ڪجي، جيڪي واءُ جي جهوٽي سان
لُڏي نه وڃن (ڏکئي وقت ڇڏي نه وڃن).
(74)
جنهين مُکَ مَڻاءَ، اُمِي اُلٿِي اکِڙئين
تِنهين جي ڳالهاءَ، ماندو ئي ساڄو ٿيو.
(هن جڳ ۾ ڪي اهڙا الله جا ٻانها به رهن ٿا) جن جي
منهن ۾ مڻيا آهي، انهن کي ڏسڻ سان اکيون ٺري پون
ٿيون ۽ سڀ سُور ڪافور ٿي وڃن ٿا. انهن جي گفتگو
سان ماندو من خوش ۽ نو بنو ٿي وڃي ٿو.
(75)
ڪَڏهين ٻيرين ٻُورُ، ڪَڏهين ڦلُ نه هِڪڙو
ڪڏهين پريان پُورُ، ڪَڏهين سِڪان سَڏَ کي.
جيئن ٻيرين ۾ ڪڏهن گهڻو ٻُورُ ايندو آهي (گهڻو
ميوو ڪنديون آهن ته ڏاڍيون سهڻيون لڳنديون آهن) پر
ڪڏهن انهن ۾ هڪ به ڦل نظر نه ايندو آهي (انهن ۾
اها تازگي ۽ سونهن نظر نه ايندي آهي) منهنجو به
ساڳيو ئي حال آهي، ڪڏهن پرينءَ جا پُور پون ٿا (ته
مٺو محبوب اندر ۾ اوطاقون لائي ڏئي ٿو) ته ڪڏهن
وري ان جي سڪ ڀرئي سڏ لاءِ سڪان ٿو.
(هلندڙ) |