سيڪشن: رسالا

ڪتاب:مهراڻ 01/ 2021ع

باب:

صفحو:7 

ڊاڪٽر مخمور بخاري

هالا

 

 

 

بيدل سائين جي ڪافيءَ جو فني جائزو

ڪنهن به شعري خيال جو اظهار ڪنهن نه ڪنهن شعري هئيت ۾ ئي ٿيندو آهي. خيال پاڻ سان پنهنجو ظاهري ڍانچو/گهاڙيٽو به کڻي اچي ٿو. شعر چوندڙ کي ان لمحي ۾ کڻي خبر نه به هجي ته هو پنهنجي خيالن کي ڪهڙن شعري گهاڙيٽن ۾ اظهاري رهيو آهي، پر ان جي ادراڪ ۾ گهڻو ڪجهه اڳ به موجود هوندو آهي. ڪنهن به شعري هئيت جي جڙڻ ۾ ان علائقي جي سياسي، معاشي، مذهبي ۽ سماجي حالتن جو عمل دخل ٿئي ٿو، ڇاڪاڻ ته هڪ فرد جو تعلق هر حال ۾ سڌي يا اڻسڌي طرح  انهن حالتن سان آهي، جن جو اثر ان تي پوي ٿو. يعني هڪ فرد جي ذهني واڌ ويجهه ۾ انهن حالتن جو به اهم ڪردار آهي. اهڙي طرح ڪنهن به شعري هئيت جي جڙڻ ۽ عام مقبول ٿيڻ ۾ ان جي ٻڌندڙن توڙي پڙهندڙ جي ذهني حالت، پسند ۽ ناپسند جو اهم ڪردار آهي. سنڌي، سرائڪي شاعريءَ ۾ ڪافيءَ جي صنف گهڻي عام مقبول رهي آهي، هن خطي جي تاريخ جا ورق ان ڳالهه کي وزنائتو ٿا بڻائين ته ڪافي بنيادي طور هتان جي ڏُتڙيل، پِيڙهيل ۽ حڪمرانن جي عوام دشمن پاليسين جي نتيجي ۾ ذهني خلفشار ۾ مبتلا ماڻهن جي لاءِ ذهني آسودگي جو سبب بڻي آهي، ڇاڪاڻ جو هي صنف گهڻي ڀاڱي ڳائي پيش ڪئي وڃي ٿي، يعني هن جو تعلق راڳداريءَ سان آهي، تنهن ڪري انساني نفسيات موجب جهونگار/ راڳ/ ساز انسان جي ذهن تي تڪڙو ۽ جهجهو اثر پئدا ڪري ٿو. نثر جي ڀيٽ ۾ شعر وڌيڪ اثر ڪندڙ هوندو آهي، ڇاڪاڻ جو منجهس اجائي ڊيگهه بجاءِ مختصر لفظن ۾ خيالن جي گهرائي ته موجود هوندي آهي پر گڏوگڏ سندس آواز لسا، مڌر ۽ مترنم به هوندا آهن، جنهن ڪري شعر کي ساز جي ميلاپ سان جهونگاري سگهجي ٿو.

        ڪافي سنڌي، سرائڪي شاعري جي هڪ عام مقبول صنف آهي، جنهن جي ڀرپور اڀياس سان ان دؤر جي سياسي، معاشي، مذهبي ۽ اخلاقي حالتن کي به سمجهي سگهجي ٿو. هن صنف جو تعلق جيئن ته سنگيت وديا سان آهي ان ڪري ان جي شاعرن ان ۾ ڪيترائي هيئتي تجربا پڻ ڪيا آهن، خاص طور قافيَن جي مٽ سٽ سان ان ۾ نوان نمونا به ايجاد ڪيا اٿن، جيڪي گهڻي ڀاڱي ڪامياب به ٿيا آهن. ڪافيءَ ۾ اهڙا هيئتي تجربا سڀ کان اول سچل سرمست ڪيا. هن مروج يڪي، ڏيڍي، ٻيڻي، ٽيڻي ۽ چئوڻي ڪافي جي گهاڙيٽن اندر قافيَن جي مٽ سٽ سان 68 کن نوان گهاڙيٽا قائم ڪيا، جن کي سندس دؤر ۽ ان کان پوءِ جي وقت جي شاعرن قبول ڪندي پنهنجي ڪافيءَ ۾ پڻ انهن نمونن کي اختيار ڪيو.

        هنن صفحن ۾ سچل سائينءَ جي عقيدتمند فقير قادر بخش بيدل جي سنڌي، سرائڪي ڪافيءَ جي سمورن گهاڙيٽن کي پيش ڪنداسين ۽ گڏوگڏ اهو پڻ ڏسنداسين ته بيدل سائين، سچل سائينءَ جي گهڙيل گهاڙيٽن مان خود ڪيترا اختيار ڪيا آهن ۽ ڪيترا گهاڙيٽا پنهنجي ڪافيءَ ۾ نوان گهڙيا آهن.

        بيدل سائين، سرمست بادشاهه جو وڏو عقيدمند هو. درازي شاهه جي رحلت وقت هو 14 ورهين جو هو، پر باوجود ان جي هن جيڪو اثر سچي سائينءَ جو ورتو اهو ايترو ته گهرو آهي جو ڄڻ بيدل بادشاهه جي فڪري تربيت ئي سچل جي نظر هيٺ ٿي آهي. اهي ئي رندي خيال، منصوري مام، روحاني راز، حق جو نعرو، مستي ۽ سرمستي، حق موجود جي حالت، انسانيت جي ڳالهه، وطن سان پيار، پنهنجو مرتبو سڃاڻڻ جي تلقين جهڙا موضوع ۽ مضمون ٻنهي وٽ ساڳيا آهن. سچل سائين چئي ٿو:

نوري ناري ناهيان، آهيان رب جبار

بيدل بادشاهه ان ڳالهه کي وري هن طرح ٿو اچاري:

ٻانهپ ٻولي ناهه ڪا، نور آهيان نروار

سچل سائين:

ڪو ڪيئن چوي، ڪو ڪيئن چوي

مان جو ئــي آهيان، ســـو ئــــي آهيــان

بيدل سائين:

جو ئي آهيان، سو ئي آهيان، ڀول نه ٻيو ڪو ڀانيان

 

        سچل سائين پنهنجي هڪ ڪافيءَ ۾ اظهاريو آهي ته: فقط هڪ ئي واحد آهي جيڪو هر جاءِ تي آهي، منصور به پاڻ آهي ته ان کي مارڻ وارو به پاڻ! جيڪو ڪجهه آهي اهو سمورو هڪ جو ئي کيل آهي، ان ۾ ڪو ٻيو ٿي نه ٿو سگهي. چئي ٿو:

جيءُ آئين ڀلي آئين، ڪهن منزل مون پهچائين تون
                                              ٿو موٽي سِرَ وڍائين تون

سرمد کي ڏيئي لَت ڪُهائيءَ، سوريءَ تي منصور چڙهايئي
شيخ عطار جو سِر وڍايئي، هيڏي پنڌ پُڇائين تون

زڪريا کي ڪَرٽ چيرايئي، يوسف کي منجھ  کوهه وجھايئي
شمس مُلن هٿان مارايئي، عاشق ٿو آزمائين تون

جڻيو ڪُفر صعنان وجهايئي، بُلي شاهه کي ذبح ڪرايئي
جعفر کي درياءَ ٻَوڙائي، ڪِن کي پار لنگهائين تون

گهاڻي ۾ بلاول پيڙايئي، شاهه عنايت ميدان مارايئي
ڪرمل کي هن حڪم هلايئي، ڦيرؤَ ڪَنڌُ ڪپائين تون

قاسم دُرن ساڻ سٽايئي، موسيٰ کي بي سُهاڳ وٺايئي
آڪيداس تعزير ڏوائي، سو اڄ ساڳيو آهين تون

سچل
سنڌا پنڌ  پچائي، گھوريو پنهنجو سر گھُمائي 
انهيءَ واري ڳالهه ڳالهائي، عاشق ڏس آزمائين تون
 

        بيدل سائين ان خيال کي وري هوبهو سرائڪي ۾ پيش ڪيو آهي. چئي ٿو:

برهه ڀلي تون آئين، آءِ ويران وسايوئي

ڪنزاً مخفياً هو مدت، ان عرف ڪر خوب مشورت
برزخ جامع وحدت ڪثرت، واه انسان بنايوئي

آدم نو عتاب ڏيوايوءِ، اس نون زورا زور رُوايو
ڪس نون طور طوفان ويکايوءِ، ڪس نون اگن سٽايوئي

نال يعقوب ڪيا ڪيتوءِ آخر، يوسف ملهه وچايوءِ بازر
يونس نون گهت مڇيءَ اندر، سبحانڪ پڙهايوئي

ذڪريا نون زور وکايوءِ، مر يحيٰ معصوم ڪهايوءِ
ڪڏا ايوب نون ڪرم پڇايوءِ، ڪڏا جر جيس جلايوئي

ارني ارني موسيٰ ڪهندا، لَن تراني سوزش سهندا
روح الله فلڪ تي رهندا، احمد سر سمجهايوئي

مير حسن نون زهر پلايوءِ، شاهه  حسين شهيد ڪرايوءِ
عابد ڪنون خوب آب وهايوءِ، صابر ستم سهايوئي

ڪٿ آکيندائين اعظم شاني، ڪٿان اناالحق عياني
قم باذني رمز رباني، آک مويا نون جيويائي

سوين هزارين گذر گئي غازي، سڀ دي نال تو کيلي بازي
ڪٿي موحد ڪٿي مجازي، هر هڪ نال نڀايوئي

بيدل نال تو لائي ياري، شڪر ڪريندا سؤ سؤ واري
منگدا تو ڪنون مدد ڪاري، شهنشاهه سڏايوئي

        هنن ٻنهي شاعرن جي وچ ۾ ٻيون به ڪيتريون ئي هڪجهڙايون موجود آهن، پر اڄ منهنجو اهو موضوع ناهي. هت فقط اهو ڏسڻ چاهيان ٿو ته بيدل سائين سنڌي، سرائڪيءَ ۾ چيل پنهنجي ڪافيءَ جي گهاڙيٽن ۾ ڪهڙي ۽ ڪيئن تبديلي آندي آهي. ڇاڪاڻ ته ذڪر هيٺ سموري دؤر ۾ ڪافيءَ جو هي ٽيون وڏو شاعر آهي، هن کان پهرين جهجهي تعداد ۾ سنڌي سرائڪي ڪافي سچل سائين ۽ نانڪ يوسف جي ملي ٿي، جيڪا فني فڪري حوالي سان به اهم آهي. هن کان پهرين درازي شاهه جي ڪافيءَ جو فني جائزو آئون پنهنجي پي. ايڇ. ڊي ٿيسز سچل سرمست ۽ ان جا همعصر شاعر ۾ وٺي چڪو آهيان، ۽ فڪري اڀياس هڪ ٻئي مقالي: سچل سرمست جي ڪافيءَ جو پنهنجي دؤر جي حالتن ۾ اڀياس جي سري هيٺ ڪري چڪو آهيان. ڊاڪٽر تنوير عباسي جي ترتيب ڏنل نانڪ يوسف جي رسالي جي نئين ڇاپي وقت ضميما تيار ڪندي فقير سائينءَ جي ڪافيءَ جي فني ۽ فڪري اڏام جا ڪيترا ئي حوالا محفوظ ڪيا اٿم، جنهن بابت ڪنهن ٻئي محفل ۾ گفتگو ڪبي، اڄ هت بيدل سائين جي ڪافيءَ ڏانهن هلؤن ٿا.

        سچل سرمست جي سنڌي سرائڪي زبان ۾ چيل يڪي ڪافي ۾ ارڙهن، ڏيڍي ڪافي ۾ پنڌرهن، ٻيڻي ڪافي ۾ ارڙهن، اڍوڻي ڪافي ۾ ٽي، ٽيڻي ڪافي ۾ ست، چئوڻي ۽ پنجوڻي ڪافي ۾ هڪ هڪ نمونا ملن ٿا. ته گڏوگڏ سرمست سائين جهولڻي ڪافيءَ جا به پنج نمونا جوڙيا آهن، جڏهن ته بيدل سائين وٽ اسان کي يڪي ڪافي جا چوڏهن، ڏيڍي ڪافي جا چوڏهن، ٻيڻي ڪافيءَ جي ايڪيهه، اڍوڻي ڪافيءَ جو هڪ، ٽيڻي ڪافيءَ جا ٽي ۽ چئوڻي ڪافيءَ جو فقط هڪ گهاڙيٽو نظر اچي ٿو. جن مان ٻارهن نمونا ساڳيا سچل سائينءَ جي ڪافيءَ وارا آهن ۽ باقي 49 نمونا بيدل سائين جا پنهنجا جڙيل آهن.

        بيدل سائينءَ جون ڪافيون سترهن مختلف سُرن ۾ چيل آهن، جن ۾ روپ جھنگلي ۾ 42، بروي ۾ 35، بلاولي ۾ 62، آسا ۾ 16، سسئي ۾ 17، ديسي ۾ 5، سارنگ ۾ 9، پورب ۾ 8، جوڳ ۾ 56، نٽ ڪلياڻ ۾ 13، ڪامول ۾ 14، بهاڳ ۾ 2، سهڻيءَ ۾ 7، بسنت ۾ 12، هوريءَ ۾ 1، گنوري ۾ 3 ۽ مالڪوس ۾ 6 سنڌي سرائڪي ڪافيون شامل آهن.

        سُرن جي ترتيب ۾ سهڻي ۽ هوري جو به ذڪر اچي ٿو. ان بابت محترم اختر درگاهي لکي ٿو: سسئي ۽ هوري راڳ يا راڳڻيون ناهن، سسئي هڪ داستان جو نالو آهي، جڏهن ته هوري موسيقيءَ جي هڪ صنف آهي جيڪا ڌرپد جو هڪ قسم آهي جنهن ۾ شري ڪرشن مهراج جي زندگيءَ جي رومانوي پهلوءَ کي اجاگر ڪيو ويندو آهي، بيدل سائينءَ به صرف هڪڙي ڪافي هوري روپ ۾ چئي آهي جنهن ۾ پڻ پوربي ۽ سرائڪي ٻولين جا آميزش سان شري ڪرشن مهراج جو عشقيه بيان ڪيو اٿائين.... بيدل سائين جي رسالي ۾ شامل 17 سُرن راڳ راڳڻين مان 11 سُر شاهه لطيف جي رسالي وارا ۽ 16 سُر سچل سائين جي ڪافين وارا آهن، جڏهن ته بيدل سائين هڪڙو راڳ نئون متعارف ڪرايو آهي، جيڪو آهي نٽ ڪلياڻ. (بيدل سائين جو رسالو، ص123).

        بيدل سائين جي ڪافين جي گهاڙيٽن جي اڀياس لاءِ مانواري اختر درگاهي جي ترتيب ڏنل ”بيدل سائينءَ جو رسالو“ (2011) کي اڳيان رکنداسين. هن رسالي ۾ سائينءَ جون ڪل 317 ڪافيون شامل آهن. جنهن مان 87 ڪافيون سنڌيءَ ۾ آهن. هن هيٺ هاڻ اسان بيدل سائينءَ جي انهن سمورن ڪافين جي گهاڙيٽن جو تعارف سندس شعري مثالن سان پيش ڪنداسين:

ڪافي يڪي:

        هن قسم جي ڪافين ۾ اڪثر ٿلهه ۽ بند ٻن پدن ۽ هڪ هڪ سٽ جا ٿين ٿا. بيدل سائين ڪافيءَ جي هن عام مروج گهاڙيٽي ۾ ٿلهه ۽ بندن جي قافين ۾ مٽ سٽ سان چوڏهن کن نمونا جوڙيا آهن:

1. هن قسم جي ڪافين جو ٿلهه توڙي بند ٻن تڪن ۽ هڪ سٽ جو آهي، ٿلهه ۽ بند جي ٻئي پد ۾ قافيو آيل آهي.

ٿلهه:   تون ته اهو ساڳي آهين، ذات مقدس پاڪ

بند:    مار نغارو وحدت وارو، بيدل ٿــي بيباڪ

        رسالي ۾ موجود ڪافي نمبر: 1، 2، 3، 15، 23، 24، 26، 27، 28، 29، 30، 38، 45، 48، 58، 59، 60، 69، 72، 93، 98، 101، 103، 107، 108، 109، 111، 112، 115، 119، 120، 121، 122، 123، 125، 128، 130، 131، 132، 147، 149، 150، 157، 161، 163، 167، 171، 173، 178، 180، 186، 188، 189، 196، 205، 209، 228، 229، 230، 231، 235، 236، 237، 245، 252، 254، 256، 261، 262، 263، 267، 268، 269، 270، 271، 272، 275، 277، 278، 279، 282، 283، 285، 288، 291، 292، 303، 305، 308، 311 ۽ 317 هن گهاڙيٽي تي چيل آهن. هي گهاڙيٽو سچل سائين جي سنڌي سرائڪي ڪافي ۾ پڻ ملي ٿو. هن گهاڙيٽي تي چيل ڪافي 119، 120 ۽ 121 ۾ قافين جو تڪرار ڪافي ۾ هڪ لئه پئدا ڪري بنهه خوبصورتي پئدا ڪيو بيٺو آهي. مثال طور:

عشق لڳا سانون، مايا مايا مايا

 

عشق دا مهڻا وچ سيالين، چم اسان سر چايا چايا چايا
چاڪ سڏاوڻ، ذات ڇپاوڻ، بيدل يار دا رايا رايا رايـــا

                                           (ڪ: 119)

سهڻي اڳؤن ساڏي آزي، آزي آزي
روز ازل ڪنون روح اساڏا، رمز انهي وچ راضي، راضي راضي
راهه انهي وچ کلندي کيلــن، سالــڪ ســـر دي بازي، بــازي بــازي

                                                                 (ڪ: 121)

2. هن نموني جون ڪافيون اڳين ڪافين جهڙيون آهن، فرق فقط ايترو آهي ته هنن ۾ قافيي کان پوءِ رديف آندل آهي. مثال:

راءِ پنهنجــــــي يــــــار پيــــارو، آيــــو هـــن اســــرار ۾

 

معنيٰ ملڪ کؤن آيو سهڻو، صورت جي سنسار ۾

رسالي ۾ ڪافي نمبر: 14، 61، 62، 84، 86، 87، 97، 190، 191، 195، 197، 198، 201، 202، 221، 222، 266، 302، 304، 306،  307 ۽ 316 هن گهاڙيٽي تي چيل آهن.

 

3. هن قسم جي ڪافين جو نمونو اڳئين ڪافيءَ جهڙو آهي فرق فقط اهو آهي ته هن جو ٿلهه هڪ پد ۽ هڪ سٽ وارو آهي جنهن ۾ رديف پڻ آيل آهي. رسالي ۾ فقط اها هڪ ئي ڪافي شامل آهي. سچل سائين وٽ پڻ اهڙو نمونو ملي ٿو. مثال:

عشق دي لڳڙي تار مينون

باغ بسنت بهار بيرنگي، کليا گل گلزار مينون

                                             (ڪ: 99)

4. هن قسم جي ڪافين جو ٿلهه توڙي بند ٻن پدن ۽ هڪ سٽ وارو آهي. ٿلهه جو پهريون پد ۽ بند جو ٻيو پد پاڻ ۾ هم قافيه آهن. مثال:

آيو پهري ويس، صورت جو بيـــــرنگ نيـــارو

 

ذات ڇپاوت لوڪ ڀلاوت، لالن ڪيڙو لبيس

ڪافي نمبر: 21، 25، 36، 39، 40، 46، 47، 51، 53، 56، 57، 63، 64، 65، 66، 76، 77، 79، 88، 91، 92، 104، 106، 113، 114، 116، 117، 126، 136، 151، 152، 153، 165، 172، 175، 181، 182، 183، 192، 193، 194، 217، 223، 233، 251، 265، 276، 284، 290، 295، 301 ۽ 310 هن گهاڙيٽي تي چيل آهن. هن قسم جون ڪافيون سچل سائين جون به ملن ٿيون.

 

5. هن نموني جي ڪافيءَ جو ٿلهه توڙي بند ٻن پدن ۽ هڪ سٽو آهي. ٿلهه جو پهريون ٻيو ۽ بند جو ٻيو پد پاڻ ۾ هم قافيه آهن. مثال:

صورت حق دي هي انسان، اسم جسم دا ڇوڙ گمان

 

اپنــــــي شوقؤن يــــــار ســـڏاوي، نالا هنـــدو مسلمــــان

        رسالي جون ڪافيون نمبر 129، 138 ۽ 219 هن گهاڙيٽي تي چيل آهن. هن قسم جون ڪافيون سچل سائين وٽ به ملن ٿيون.

 

6. هن قسم جي ڪافين جو ٿلهه ڏيڍو آهي جنهن جا ٽي پد آهن جڏهن ته بند ٻن پد هڪ سٽ وارو آهي، ٿلهه جي وراڻي يعني ٽيون پد بند جي ٻئي پد سان هم قافيه آهي. مثال:

رکندي خون ڪرڻ دا رايا، ڪرندي ساهه گهنڻ دا سعيا
                                          چشما ڪــرڙي چال

 

ناوڪ نـــــاز دا لڳـــڙا سانون، چڪ ڳئـــي قيـــل مقـــــــال

        رسالي ۾ ڪافي نمبر: 127 ۽ 187 هن گهاڙيٽي تي چيل آهي. سچل سائين جون پڻ اهڙيون ڪافيون ملن ٿيون.

7. هن نموني جي ڪافين جو ٿلهه ڏيڍو ٽن پدن وارو آهي جڏهن ته بند ٻن پدن ۽ هڪ سٽو آهي. ٿلهه جو پهريون ۽ بند جو ٻيو پد پاڻ ۾ هم قافيه آهن. ٿلهه جي ٻيو ۽ ٽيو پد پاڻ ۾ هم قافيه آهن ۽ رديف پڻ شامل آهي جن جو بند سان ڪوبه تعلق نه آهي. رسالي ۾ هن قسم جون ٻه ڪافيون 41 - 184 شامل آهن. سچل سائين وٽ به هن قسم جون ڪافيون ملن ٿيون. مثال:

لڳي اساڏڙي ياري، جائي جادوگر نالي

                          ماهي مسافر نالي

 

ڪهنون ڏسان وت دل دي ويڌن، ديدان دي مين هان هاري

8. هن نموني واري ڪافي اڳين ڪافين جهڙي آهي فرق فقط اهو آهي ته هن جي ٿلهه جو ٻيو ۽ ٽيو ۽ بند جو ٻيو تڪ پاڻ ۾ هم قافيه آهن. ٿلهه ۾ قافيي کان پوءِ رديف به آيل آهي جنهن جو بند سان ڪو تعلق نه آهي. رسالي ۾ اها ڪافي 42 نمبر تي رکيل آهي. سچل سائين وٽ پڻ اهڙو نمونو ملي ٿو. مثال:

رات مون ڏي مارن جو نئون نياپو آيو

                             ڏکيو ڏوراپو آيو

جسماني جي ڪوٽ ۾، رکيو رهڻ جو رايو

9. هن نموني جي ڪافين جو ٿلهه ٻه سٽو ۽ هڪ هڪ  پد جو آهي ۽ بند ٻه پد هڪ سٽو آهي. ٿل جو ٻي سٽ بند جي ٻئي پد سان هم قافيه آهي. مثال:

سالڪ رمز سرود جي سمجهن
مورک مول نه مڃــــن ڪڏاهان

 

راڳ جا مائل من جا قائل، وٺن سي رمزن واريون راهان

        هن گهاڙيٽي واريون ڪافيون رسالي ۾ 31، 32، 255، 280، 314 ۽ 315 نمبر تي موجود آهن.

10. رسالي ۾ شامل  ڪافي نمبر 54 پڻ مٿئين ڪافيءَ جهڙي آهي جنهن جو پهريون پد بند سان هم قافيه آهي. مثال:

تو ريءَ عين عذاب عين عذاب
توڙي باغ بهشت جا

 

پسڻ ڌاران پرينءَ جي، حواران محض حجاب محض حجاب

هن ڪافيءَ جو حسن ان جي قافين ۾ سمايل آهي. ڇاڪاڻ ته قافين جو تڪرار ڪافيءَ ۾ وڌيڪ موسيقي پيدا ڪري ڇڏي ٿو.

11. هن قسم جي ڪافيءَ جو نمونو به اڳئين ڪافيءَ جهڙو آهي جنهن جي پهرئين پد ۾ قافيي کان پوءِ رديف پڻ آيل آهي. مثال:

چاڪ ڏنهون ساڏا چاهه ڙي سنئيان

کيڙان  دي مين   راهه   نه   ويسان

 

چاڪ سڏاوي  وچ سيالين، تخت هزاري دا شاهه ڙي سنئيان

                                                            (ڪ: 253)

12. هي ڪافي به مٿئين ڪافيءَ جهڙي ئي آهي فرق فقط اهو آهي ته قافيو ۽ رديف ٿلهه جي پهرين پد بجاءِ ٻئي پد ۾ آيل آهي. رسالي ۾ اها واحد ڪافي 226 نمبر تي رکيل آهي. مثال:

ڪٿ ڪا پنڇي ساچ ڪهو تم

ايهان سون ڪيوين ڪر آئي هو

 

عرش اوپر آشيان تمهارا، ڪونسي دام ڦسائي هو

13. هن نموني جي ڪافين جو ٿلهه چئن پدن ۽ ٻه سٽو ۽ بند ٻه پد هڪ سٽو آهي. ٿلهه جو پهريون، ٽيون ۽ بند جو ٻيو پد پاڻ ۾ هم قافيه آهن جڏهن ته ٿلهه جو ٻيو ۽ چوٿون بند پاڻ ۾ هم قافيه آهن. رسالي ۾ اهڙيون ٻه ڪافيون 146 ۽ 286 نمبر تي رکيل آهن. مثال:

جسم دي ڀول نه ڀلين، تونهين روح روحاني

جسم دي ڀول نه ڀلين، تونهين نور نوراني

 

جسمئون ڌار تون ٻهون گذاريا، چول اڳي وانگين چلين

هن ڪافي جي خوبصورتي ان جي ٿلهه ۾ سمايل آهي. ههڙي قسم جا ٿلهه بيدل سائين جي ٻين ڪافين ۾ پڻ آيل آهن.

14. رسالي ۾ 78 نمبر تي رکيل هي ڪافي پڻ اڳئين ڪافي جهڙي آهي فرق فقط اهو آهي ته ٿلهه جي ٻئي ۽ چوٿين پد ۾ قافيي کان پوءِ رديف آيل آهي. مثال:

عشق سندو آثار نه ڪي ڳجھو رهندو

برهه سندو بيمار نه ڪي ڳجھو رهندو

 

شوق جو شعلو قولون فعلون نت ٿيندو نروار

ڏيڍي ڪافي:

       ڪافيءَ جي هن مروج گھاڙيٽي جو بند ڏيڍو ٿيندو آهي جڏهن ته ٿلهه جون مختلف شاعرن مختلف صورتون جوڙيون آهن. بيدل سائينءَ جي ڪلام ۾ اسان کي ڏيڍي ڪافي به جھجھي تعداد ۾ ملي ٿي جنهن جي ٿلهه جي پدن ۽ سٽن ۾ توڙي ٿلهه ۽ بند جي قافين جي مٽ سٽ سان ڪيترائي نوان نمونا جوڙيا آهن.

1. هن قسم جي ڪافين جا ٿلهه ٻه پد هڪ سٽو ۽ بند ٽن پدن وارو ڏيڍ سٽو ٿئي ٿو. ٿلهه جو پهريون پد بند جي ٻئي پد سان ۽ ٿلهه جو ٻيو پد بند جي وراڻي يعني ٽئين پد سان هم قافيه آهي. مثال:

آءُ ڀلي يار آئين، وڳو ڍڪي انساني

آئي تنهنجي ٿيون سرهايون، سهسين رنگ سمائين

                                          جوءِ وسائي جاني

رسالي ۾ شامل ڪافي نمبر: 22، 70، 71، 102، 110، 246، 257، 258، 259، 260، 264، 287، 293، 296 ۽ 309 هن گھاڙيٽي تي چيل آهن.

2. هن قسم جي ڪافي به اڳئين ڪافيءَ جهڙي آهي. جنهن جي ٿلهه جي ٻئي پد ۽ وراڻي ۾ قافيي کان پوءِ رديف آيل آهي. مثال:

هوت سگھي لهه سار، اچي سڪائين جي

 

رائي رُڃ ۾ رس ڪوهيارل، آءُ ٻڌي ٻاڪار

                              پنهنجي اڃاين جي

        هن قسم جون ڪافيون رسالي ۾ 49، 52، 55، 67، 68 ۽ 91 نمبر تي رکيل آهن.

3. هن قسم جي واحد ڪافيءَ جو نمونو به اڳئين ڪافيءَ جهڙو آهي. فرق فقط اهو آهي ته هن ۾ قافين سان گڏ رديف به شامل آهي. مثال:

اچي پياسي اسي يار، محبت جي مهرياڻ ۾

 

کيلي عشق اروپ جي بازي، لڪيون ڇپيون دل کسي يار

                                              صورت جي سامان ۾

                                                             (ڪ: 50)

4. رسالي ۾ شامل ڪافي نمبر 247 جو نمونو پڻ اڳئين ڪافين جهڙو آهي جنهن ۾ فرق فقط اهو آهي ته ٿلهه جي ٻئي پد ۽ بند جي وراڻيءَ ۾ آيل قافيو ٻيهر دهرائجي ٿو جنهن ڪري هن ڪافيءَ ۾ موسيقيت ۽ لئه ڪجھه سرس نظر اچي ٿي. مثال:

نين لڳي رانجھو نال سنئيان، عشق ڀڳي سڀ اولي اولي

ذات صفات هڪا جا ڪيتي، وحدت والي خيال سنئيان

                                      ڳئي دوئي دي ڀولي ڀولي

5. رسالي ۾ شامل ڪافي نمبر 220 جو ٿلهه ٻه پد هڪ سٽ ۽ بند ٽن پدن وارو ڏيڍو آهي. ٿلهه جو پهريون پد بند جي وراڻيءَ سان هم قافيه آهي جڏهن ته بند جو پهريون ۽ ٻيو پد پاڻ ۾ هم قافيه آهن هر بند جا قافيه جدا جدا آهن. مثال:

اپنا ڀيد ڪين پاءِ، ڏوهان دا ڀيد تو پايا

 

عرش آڪاس جڳت پاتالين، تو وچ جي تون آپ سنڀالين

                                              رهين جڳت سماءِ

6. هن قسم جي ڪافين جو نمونو به هوبهو مٿئين ڪافيءَ جهڙو آهي فقط ٿلهه جي پهرين پد جي بجاءِ ٿلهه جي ٻئي پد ۾ آيل آهي. رسالي ۾ ڪافي نمبر 94، 95، 124، 135، 162، 177 ۽ 232 هن نموني جون آهن. سچل سائين وٽ پڻ اهڙي ڪافيءَ جو نمونو ملي ٿو. مثال:

چلو ري سنئيان چرچا ويکين، آپ چمن مين آيا

 

آيا شاهه حَسن دا جاني، باغ صفاتي وچ سيلاني

                               رانجھن پيا ڪو رايا

7. ڪافي نمبر 148 جو نمونو ساڳئي مٿئين ڪافيءَ جهڙو آهي فقط ٿلهه جي ٻنهي پدن ۾ قافيو آيل آهي. مثال:

شاهه دريا لهر وچ آيا، بيرنگي وچئون رنگ بنايا

 

موج مهيت دي ڪيتا پسارا، اندر ٻاهر يار نيارا

                              آپ وچ آپئي آپ سمايا

8. هن ڪافيءَ جو نمونو 6 نمبر واري نموني جهڙو ئي آهي. فرق فقط اهو آهي ته هن جي هر بند جو ٻيو پد پاڻ ۾ هم قافيه آهي. رسالي ۾ شامل ڪافي نمبر 105 ۽ 238 هن طريقي جون آهن. مثال:

معشوقان دي مام، عام ڪيا ڄاڻن

 

خلعت عشق دي پهرن خاصي، شاهه حسن دا شان

        صحيح سڃاڻن

9. رسالي ۾ شامل ڪافي نمبر 94 جو گھاڙيٽو مٿي بيان ڪيل 6 نمبر وارو ساڳيو آهي. جنهن ۾ فقط ٿلهه جي ٻئي پد ۽ وراڻي جي قافيي کان پوءِ رديف آيل آهي.

10. رسالي ۾ شامل ڪافي نمبر 273 ۽ 274 جو ٿلهه ٻه پد هڪ سٽو ۽ بند ٽن پدن وارو ڏيڍو آهي. ٿلهه جي پهرئين ۽ بند جي ٻئي پد ۾ قافيي سان گڏ رديف به آيل آهي جڏهن ته ٿلهه جو ٻيو پد بند جي وراڻيءَ سان هم قافيه آهي. مثال:

نين لڳي نروار ڙي سنئيان، عشق دا مهڻان سر تي چئسان

 

پار چناهان رانجھو وسدا، ڪوڪان مين او وار ڙي سنئيان

                                   رين انڌيري مين ٻيلي ويسان

11. رسالي ۾ شامل ڪافي نمبر 143 جو ٿلهه توڙي بند ڏيڍو آهي. ٿلهه جي پهرين سٽ ۾ هڪ پد ۽ ٻئي سٽ ۾ ٻه پد آيل آهن ٿلهه جو ٽيون پد بند جي وراڻي سان هم قافيه آهي. جڏهن ته بند جو پهريون ۽ ٻيو پد پاڻ ۾ هم قافيه آهن ۽ هر بند جا قافيه الڳ آهن. مثال:

من   تن   لگن   لگي  گنئيان  دليان

هڻ ول نهين وليا، ڪون انهان موڙي

 

صورت دا سنيگار ڪريندي، آڪي دليان وچ آپ کڙيندي

                                     جنهان دي گھوري ڪوري

12. رسالي ۾ موجود ڪافي نمبر 249 ۽ 250 جو ٿلهه هڪ پد ۽ ٻن سٽن وارو آهي. جڏهن ته بند ڏيڍو اٿس. ٿلهه جو پهريون پد بند جي ٻئي پد سان هم قافيه ۽ ٿلهه جو ٻيو پد بند جي وراڻيءَ سان هم قافيه آهي. هن ڪافيءَ جو حسن قافين جي تڪرار ۾ سمايل آهي. مثال:

مين ته نڪارڻي آهيان آهيان

رانجھا   تون   بخش   گناهه

 

هير نماڻي عيبن هاڻي، پلئه تساڏي پئيان پئيان

                                تخت هزاري دي شاهه

13. ڪافي نمبر 244 ساڳي مٿئين ڪافيءَ جهڙي ئي آهي پر ان ۾ قافين جو تڪرار نه آهي.

14. رسالي ۾ موجود ڪافي نمبر 248 جو ٿلهه هڪ پد ۽ ٽن سٽن وارو آهي. جڏهن ته بند ڏيڍ سٽو آهي. ٿلهه جي پهرين پد جي اڌ تي قافيو آيل آهي جيڪو بند جي وراڻيءَ سان هم آواز آهي. ٿلهه جا باقي ٻه پد پاڻ ۾ هم قافيه آهن ۽ بند جو پهريون ۽ ٻيو پد پاڻ ۾ هم قافيه آهن هر بند جا قافيا علحده آهن. هن ڪافيءَ جو ٿلهه بنهه منفرد آهي. مثال:

مين ته سيلانڻ ٿيان جوڳي دي نال
اکيان ڪٺيان نون ڪون بچاوي
اکيان ڦٽيان نون ڪون ڇٽاوي
 

جوڳي تخت هزارئون آيا، مرلي انهين دي شور مچايا

                                      لنئيان برهه ديان بهيان

ٻيڻي ڪافي:

        ڪافيءَ جي هن مروج گھاڙيٽي جا بند چئن تڪن ۽ ٻن سٽن جا ٿيندا آهن جڏهن ته مختلف شاعرَ ان جي ٿلهه ۾ تبديليون ڪندا رهندا آهن. بيدل سائين جي سنڌي سرائڪي ڪلام ۾ ٻيڻي ڪافيءَ جا ڪيترائي نمونا ملن ٿا.

1. ڪافي نمبر 35، 81، 89، 90 ۽ 169 جو ٿلهه ٻن پد هڪ سٽ وارو ۽ بند چئن پدن ٻن سٽن وارو آهي. ٿلهه جو ٻيو ۽ بند جو ٻيو ۽ چوٿون پد پاڻ ۾ هم قافيه آهن. مثال:

حسن بسنت بهار بيرنگي، چمن کليا چوڌاري

 

نقش نگار عجائب بڻيا، هار سينگار هزاري
گلبدن گلزار مين آيا، هر جا ٿي هُٻڪاري

2. ڪافي نمبر 43، 44 ۽ 216 جو ٿلهه ٻن پد هڪ سٽ وارو ۽ بند چار پد ٻن سٽن وارو آهي. ٿلهه جو پهريون، ٻيو ۽ بند جو چوٿون پد پاڻ ۾ هم قافيه آهن جنهن سان رديف پڻ آيل آهي. جڏهن ته بند جو پهريون، ٻيو ۽ ٽيو پد پاڻ ۾ هم قافيه آهن. هر بند جو قافيو جدا آهي. سچل سائين وٽ پڻ اهڙي قسم جون ڪافيون ملن ٿيون. مثال:

نهين حاجت پڙهڻ پڙهاوڻ دي، سک رمز وجود وڃاوڻ دي

 

اکران دي وچ جوئي اڙيا، عشق دي چاڙهي مول نه چڙهيا
اثباتي دا علم جو پڙهيا، موج انهين سر سانوڻ دي
 

        ڪافي نمبر 298 ۽ 299 جي ٿلهه ۽ بند جي چوٿين قافيي سان گڏ رديف آيل نه آهي.

3. ڪافي نمبر 166، 168، 170، 179، 199، 200 ۽ 211 جو نمونو مٿين ڪافين جهڙو ئي آهي. فرق فقط اهو آهي ته قافيو رڳو ٿلهه جي پهرين پد ۾ آيل آهي.

4. ڪافي نمبر 159 ۽ 218 مٿين ڪافين جهڙيون آهن جنهن ۾ فقط قافيو ٿلهه جي پهرين پد جي بجاءِ ٻئي پد ۾ آيل آهي.

 

5. رسالي ۾ موجود ڪافي نمبر 133، 134 ۽ 141 جو ٿلهه ٻه پد هڪ سٽو ۽ بند چئن پدن ٻن سٽن جو آهي. ٿلهه جو پهريون پد ۽ بند جو ٻيو ۽ چوٿون پد پاڻ ۾ هم قافيه آهن سچل سائين وٽ به هن قسم جون ڪافيون ملن ٿيون. مثال:

رک تون سرت سڄاڻ، ته تون ماهر ٿيوين

معنيٰ مين محبوب اسان نون، ڪئي هي بات بيان
هي جڳ سارا ظهور همارا، غير دا ڇوڙ گمان

6. ڪافي نمبر 239، 240 جو ٿلهه ٻه پد هڪ سٽو ۽ بند چئن پدن ٻن سٽن وارو آهي. ٿلهه جو ٻيو ۽ بند جو  ٻيو ۽ چوٿون پد پاڻ ۾ هم قافيه آهن ۽ رديف ساڻ اٿن. مثال:

 رانجھو نال مين تخت هزار ويسان، هڻ ڇٽيان جھنگ سيال ڪنون

 

جنهن دي شوق ڇڙايا روح ساڏا، اهين ڪثرت والي ڪشال ڪنون
تنهن دي نينهن دا نت نباهه منگان، دل چاتم ملڪ مال ڪنون

7. ڪافي نمبر 297 جو ٿلهه هڪ پد هڪ سٽ وارو ۽ بند هڪ پد ٻن سٽن وارو آهي. ٿلهه ۽ بند جي ٻئي پد ۾ قافيو ۽ رديف آيل آهي. سچل سائين وٽ پڻ اهڙيون ڪافيون ملن ٿيون. مثال:

سنئيان ويکو رنگ پياري دا

ڪيهي ڪيهي عجائب آکان

 شاهن شاهه نياري دا

8. ڪافي نمبر 83 جو ٿلهه ٻه پد هڪ سٽو ۽ بند چار پدن وارو ٻه سٽو آهي. ٿلهه جو پهريون ۽ بند جو چوٿون پد پاڻ ۾ هم قافيه آهن ۽ رديف به شامل آهي. بند جو پهريون ٻيو ۽ ٽيون پد پاڻ ۾ هم قافيه آهن. مثال:

رمز چوان يا مام چوان، گھور سڄڻ جي هزارين گھايا

 

رخ سڄڻ جو گل گلابي، بلبل ويک ٿيوي بيتابي
نرگس چمشان نين شرابي، چشم چوان يا بادام چوان

9. رسالي ۾ شامل ڪافي نمبر 142 ۽ 144 جو ٿلهه ٻه پد هڪ سٽو ۽ بند چار پد ٻه سٽو آهي. ٿلهه جو پهريون ۽ بند جو ٽيون پد پاڻ ۾ هم قافيه آهن ۽ ٿلهه جو ٻيو ۽ بند جو چوٿون پد پاڻ ۾ هم قافيه ۽ هر بند جو پهريون ۽ ٻيو پد پاڻ ۾ هم قافيه آهن. هن ڪافيءَ ۾ موجود ٿلهه جي پهرين ۽ بند جي ٽئين پد وارو قافيوٿلهه جي ٻئي ۽ بند جي چوٿين پد جي پهرين لفظ طور ٻيهر اچاريو ويو آهي، جيڪا بيدل سائينءَ جي ڪافيءَ جي قافين جي هڪ نرالي خصوصيت ڳڻي سگھجي ٿي. مثال:

وهه ٽور عجب جيهي ٽرندي، ٽرندي سي مول نه مڙندي

 

بيدل برهه جنهان چم چاتا، سوز گداز دا قدر سڃاتا
يار سر نيزي اوهي تُرندي، تُرندي وچ لهرين لڙهندي

10. ڪافي نمبر 215، 289 ۽ 294 هوبهو مٿين ڪافين جهڙيون آهن. جنهن ۾ اڳين ڪافين جيان قافين جو ورجاءُ آيل نه آهي.

11. ڪافي نمبر 75 جو ٿلهه ٻه پد هڪ سٽ وارو ۽ بند چار پد ٻن سٽن وارو آهي. ٿلهه جو پهريون ۽ ٽيون پد پاڻ ۾ هم قافيه ۽ ٿلهه جو ٻيو ۽ بند جو چوٿون پد پاڻ ۾ هم قافيه آهن. مثال:

دم دم دلبر ڪاڻ، سڪ سهڻي کي سير گھڙڻ جي

 

ميهر ڪاڻ سهڻي مستاني، سرڪي پيتائين سهيون سڃاڻي
ڄاڻي ٿو رب ڄاڻ، ميخ لڳي هس مرڻ جيئڻ جي

12. ڪافي نمبر 12 جو ٿلهه ٽن پدن وارو ڏيڍو ۽ بند چئن پدن وارو ٻٽو آهي. ٿلهه جو ٻيو ۽ بند جو چوٿون پد پاڻ ۾ هم قافيه آهن. مثال:

سر حقيقت وارو، سالڪ ڪو سمجھي

                           راز رباني وارو

 

آهه ظهورو حسن جو هر جا، هر سو در هر شي
معنيٰ انهيءَ مام جي، پاڻ نه ڪو پرجھي
 

13. هن قسم جي ڪافين  جا ٿلهه ۽ بند چار چار پد ۽ ٻن ٻن سٽن وارا آهن. ٿلهه توڙي بند جو ٻيو ۽ چوٿون پد پاڻ ۾ هم قافيه آهن. رسالي ۾ 9، 10، 11، 13، 16، 18، 82، 160، 174، 204، 207، 212 ۽ 312 نمبرن تي رکيل ڪافيون هن نموني جون آهن جيڪي غزل جهڙيون لڳن ٿيون. مثال:

جوشئون جلائي جسم کي، جيءَ ۾ ڪي پائج جھاتڙيون
ريءَ درد سڀ ڳالهيون ڦڪيون، وهه واهه برهه جون باتڙيون

جي تو طلب تڪرار آ، گوندر گذارج راتڙيون
تو سر سگھو ٿيندين ادا، بيشڪ برهه برساتڙيون

        هن ڪافيءَ ۾ تصغيريت جو بهترين مثال موجود آهي. ٻيا قافيا اٿس لاتڙيون، اِثباتڙيون، درجاتڙيون ۽ تاتڙيون.

14. ڪافي نمبر 4، 5، 6، 7، 8، 17، 37، 43، 85، 118، 156، 206،  224 ۽ 313 مٿين ڪافين جهڙيون آهن جنهن ۾ فقط قافيي کان پوءِ رديف آيل آهي.

15. ڪافي نمبر 281 مٿين ڪافين جهڙي آهي. فقط ٿلهه هڪ پد ۽ ٻن سٽن جو اٿس جنهن ۾ قافيو ٿلهه جي ٻئي پد ۾ آيل آهي.

16. رسالي ۾ شامل ڪافي نمبر 210 مٿين ڪافين جهڙي آهي. فرق فقط اهو اٿس ته هن جي بند جو پهريون ٻيو ۽ ٽيو پد پاڻ ۾ هم قافيه آهن جڏهن ته هر بند جا قافيه جدا آهن. مثال:

محبت دي مام اوکي، سمجھن ڪڏان سياڻي
عشق دي چال الٽي، قاضي ملان ڪيا ڄاڻي

ملان پڙهن ڪتابان، مسئلا ڏسن شتابان
سڀ عمر وچ حجابان، غافل دي ڏينهن وهاڻي

17. ڪافي نمبر 74 جو نمونو هوبهو مٿين ڪافين جهڙو آهي. فرق فقط اهو آهي ته هن جي ٿلهه جو پهريون ۽ ٽيو پد هم قافيه پڻ آهن.

18. ڪافي نمبر 145 ۽ 155 اڳ ڄاڻايل 14 نمبر ۾ آيل گھاڙيٽن جهڙيون آهن فقط بند جو پهريون، ٻيو ۽ ٽيو پد پاڻ ۾ پڻ هم قافيه آهن. مثال:

تيري ليئي مين دلبر، ڦرندا جو دربدر هون
رندي و عاشقي مين، مشهور وچ شهر هون

تيري گلي ۾ آندي، نت نت مين ڦيرا پاندي
ڪيون ڪر تون مک ڇپاندي، درسن ڪي منتظر هون

19. ڪافي نمبر 176 ۽ 203 مٿي ڄاڻايل ڪافين جهڙيون آهن. جنهن جو ٿلهه فقط هڪ پد ٻن سٽن وارو آهي ۽ هن جي ڪافين سان گڏ رديف آيل نه آهي.

20. رسالي ۾ شامل ڪافي نمبر 225 جو ٿلهه توڙي بند چار پد ۽ ٻن ٻن سٽن وارا آهن. ٿلهه جو ٻيو، چوٿون ۽ بند جو چوٿون پد پاڻ ۾ هم قافيه آهن. جنهن سان گڏ رديف به شامل آهي. ٿلهه جو ٽيون پد بند جي ٽي پد سان هم قافيه آهي جڏهن ته بند جو پهريون ۽ ٻيو پد پاڻ ۾ هم قافيه آهن. مثال:

وو بيرنگي آدم، بن ڪي آيا ري
روپ ڪا اوڙهه نقاب، احد و عبد سڏايا ري

فقهه مشائخ قاضي، ملان مومن نيڪي نمازي
ڪهان وو مست خراب، بسمي انگ لگايا ري

21. رسالي ۾ شامل ڪافي نمبر 243 جو ٿلهه هڪ پد ۽ ٽن سٽن وارو آهي جڏهن ته بند چار پد ٻن سٽن جو آهي. ٿلهه جا پهريان ٻه پد پاڻ ۾ هم قافيه آهن ۽ رديف به شامل اٿس. جڏهن ته ٿلهه جو ٽيون ۽ بند جو ٻيو ۽ چوٿون پد پاڻ ۾ هم قافيه آهن ۽ رديف به شامل آهي. مثال:

سانون عشق تيڏا تڪرار لڳا

مينون برهه تيڏا ماهي يار لڳا

هڻ بٺ گتيان ٻيان ڳالهيان جي

 

وهه واهه روشن رخسار اتي، ظالم کوليان زلفان ڪاليان جي

بانڪي نين خماري مست ڦرن، نت خون ڪرن متواليان جــي

اڍوڻي ڪافي:

        بيدل سائين جي ڪلام ۾ هن گھاڙيٽي واري هڪ ئي ڪافي ملي ٿي جنهن جو ٿلهه هڪ پد هڪ سٽ وارو ۽ بند هڪ هڪ پد وارو اڍوڻو آهي يعني ٻن سٽن کان پوءِ ٽي يا چار مختصر لفظ وراڻي طور استعمال ڪيا ويا آهن. ٿلهه، بند جي وراڻي سان هم قافيه آهي. ۽ بند جون ٻئي سٽون پاڻ ۾ هم قافيه آهن. جڏهن ته هر بند جا قافيه جدا جدا آهن. مثال:

سهڻي نال لڳي ساڏي ياري

 

زلفان وت ڪيها ڪام ڪريندي

بسيهر وانــــگر ڏنـــگ مريــنـــدي

              زخم انهان دا ڪاري

ٽيڻي ڪافي:

       هن قسم جون ڪافيون عام جام چيون وڃن ٿيون جنهن جا بند ڇهن پدن وارا ٽيڻا ٿين ٿا جڏهن ته ان جو ٿلهه ٻه يا چار پدن جا ٿين ٿا. بيدل سائينءَ جي ڪلام ۾ اسان کي ٽيڻي ڪافيءَ جا ٻه نمونا ملن ٿا جن چئني ۾ قافين جي مٽ سٽ ٿيل آهي.

1. ڪافي نمبر 139 ۽ 140 جو ٿلهه هڪ سٽو ٻن پدن وارو آهي. ۽ بند ٽن سٽن ڇهن پدن وارو اٿس. ٿلهه جو ٻيو ۽ ڇهون پد پاڻ ۾ هم قافيه ۽ بند جو پهريون، ٻيون، ٽيون ۽ چوٿون پد پاڻ ۾ هم قافيه آهن. هر بند جا قافيه جدا آهن. مثال:

تو ساڏي نال پيارا، ڪڏان ٿيسين چشمان چار وي

 

تينون راتيان ڏينهن ساريان، جند جان سدا مين واريان

خون ناب اکين ٿون هاريان، نه ته باهه برهه دي ٻاريــــان

ڪـــڏان ڪن تساڏي پوسي، ساڏي دلبر درد پڪار وي

 

2. ڪافي نمبر 80، 100، 241 ۽ 242 به مٿين ڪافين جهڙيون آهن. فرق فقط اهو آهي ته هنن جو ٿلهه هڪ هڪ پد وارو ٻه سٽو آهي جيڪو بند جي ڇهين پد سان هم قافيه آهي ۽ بند جو ٻيو ۽ چوٿون پد پاڻ ۾ هم قافيه آهن. مثال:

دم الله عشق ڪيتي مين چائي

دم الله نينهن دي مين ها نپائي

 

عشق آدم دي نال ڪيا ڪيتا، نيڻئون نير وهايا
ابراهيم نون زوران زوري، آتش وچ سٽايا
اسماعيل نون ذبح ڪريندا، بڻايا برهه ڪاسائي
 

چئوڻي ڪافي:  بيدل سائين جي ڪلام ۾ اسان کي چئوڻي ڪافيءَ جا پڻ ٻه نمونا ملن ٿا جنهن جي پهرئين نموني جي ڪافي نمبر 158 جو ٿلهه هڪ پد وارو هڪ سٽو آهي ۽ بند هڪ هڪ پد وارو چار سٽو آهي. ٿلهه بند جي چوٿئين پد سان هم قافيه آهي ۽ بند جو پهريون ٻيو ۽ ٽيون پد پاڻ ۾ هم قافيه آهن. مثال:

مينون تساڏي يار چنتا لڳ کڙي هي

 

اندر ٻهان مينون ٻهڻ نه آوي
ٻاهر ڦران تيڏا برهه ستاوي
فوج حسن دي چڙهه چڙهه آوي
جوڙ ڪري جنسار جذبي دل جڙي هي

2. رسالي جي ڪافي نمبر 300 پڻ مٿين ڪافيءَ جهڙي آهي. فقط ٿلهه هڪ هڪ پد وارو ٻه سٽو آهي. ٿلهه جون ٻئي سٽون اڳئي ڪافي جيان بند جي چوٿين سٽ سان هم قافيه آهي.

 

        اسان مٿي بيدل سائين جي يڪي، ڏيڍي، ٻيڻي، اڍوڻي، ٽيڻي ۽ چئوڻي ڪافيءَ جي مختلف گھاڙيٽن جو ذڪر ڪيو آهي ان مان هڪ ڳالهه اها به چٽي ٿي بيٺي آهي جتي سچل سائين ڪافيءَ ۾ 68 گھاڙيٽا جوڙيا جن مان فقير قادر بخش بيدل فقط 13 استعمال ڪيا ۽ باقي 41 نمونا هن پاڻ جوڙيا آهن، جنهن مطابق اسان هنن ٻنهي شاعرن جي ڪافيءَ جا گھاڙيٽا ڳڻينداسين ته اُهي 109 ٿيندا هي انگ فقط ٻن شاعرن جي ڪافين جي گھاڙيٽن جي مطالعي بعد ظاهر ٿيو آهي، جنهن مان سنڌي سرائڪي ڪافيءَ جي فني وسعت جي پڻ خبر پئي ٿي. ڪافيءَ ۾ هن قسم جا تجربا اهوئي شاعر ڪري سگھي ٿو جنهن جي موسيقي ۽ پنهنجي ٻوليءَ تي پوري پوري گرفت ٿئي ٿي. لفظن جي ذريعي موسيقي پيدا ڪرڻ لساني حوالي سان به اوکو ڪم آهي. ڇاڪاڻ شعر ۾ جاذبيت، بي ساختگي، رواني، ردم پئدا ڪرڻ لاءِ لفظن جي چونڊ اهڙي رکڻي پئي ٿي جنهن کي اچاريندي وقت زبان ڪٿي به اٽڪي نه ٿي ۽ بيدل سائين جي ڪافين ۾ اهڙا کوڙ سارا مثال ملن ٿا، جن جو مٿي مختلف جاين تي ذڪر ٿي آيو آهي. سندس ڪافين ۾ اسان کي تصغيريت جو به مثال ملي ٿو. بنيادي طرح تصغيريت ڪنهن به اسم کي ننڍو ڪري ڏيکارڻ جو نالو آهي. بيدل سائين توڙي ٻين ڪن شاعرن اسمن سان گڏ فعلن جون به تصغيري صورتون جوڙيون آهن.

        بيدل سائين اهڙا مثال قائم ڪري پنهنجي قافين ۾ ڪٿي ڪٿي ويتر خوبصورتي پئدا ڪئي. ڪن ڪافين جي ٿلهه ۾ اهڙي دلپذير بناوٽ جوڙي اٿس:

عشق دي چال

چالڙي ميان

 

ديدان والڙي ڌاڙي، راهه مسافر ماري
لٽ نيتي دلڙي، ڇيريان دي ڇمڪار

        ساڳي طرح اتر جي لهجي موجب ”آن“ جو صيغو گڏائي ڪن لفظن جون جمع جون صورتون به ٺاهيون آهن. بيدل سائين جي سرائڪي ڪافي ۾ اهڙو سهڻو مثال موجود آهي. چئي ٿو:

 

نت نهاران مين راهان، راهان وي

ان ڪافي جا ٻيا قافيا آهن آهان، واهان، ٻانها، دانهان،

ڪوران ڪسيان، واهڙان، هت ڪلي ٿيا گمنام ميان

        بيدل سائين جي ڪافيءَ ۾ خوبين ۽ نين شعري ۽ لفظي بناوٽن ۽ گھاڙيٽن جو وڏو جهان موجود آهي. هن کان اڳ مانواري بيدل مسرور، بيدل سائينءَ جي ڪافين جي قافين تي تفصيل سان لکي هن هڪ اهم موضوع کي اجاڳر ڪيو آهي. هنن صفحن ۾ سائينءَ جي ڪافيءَ جي گھاڙيٽن ۾ ڪيل تبديلين بابت مطالعو ڪيو ويو آهي. جنهن موجب اهو چئي سگھجي ٿو ته: بيدل سائين فني ۽ فڪري حوالي سان سنڌي، سرائڪي ڪافيءَ جو سگھارو شاعر آهي.

برهه جون بار بدناميون، چمي چشمن تي چاياسي
بزرگيءَ کون ڀڄي بيدل، رنديءَ جا رنگ رچايا سي

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org