تاج جويو
حيدرآباد
وائي
(رسول بخش درس کي ڀيٽا)
ڪينجهر ۽ جهمپيرَ جو،
ڀاڪرُ سوڙهو ٿي ويو!
’سونهري‘ جي سُونهن جو،
ننگرُ سوڙهو ٿي ويو!
هُن جي دِل سمونڊُ هئي،
ساگرُ سوڙهو ٿي ويو!
مَٽَ نه رهيا مَڌُ جا،
ساغرُ سوڙهو ٿي ويو!
موکيءَ ۽ مئخوارَ لئه،
هي تَرُ سوڙهو ٿي ويو!
موتيا رهيا نه مُرڪَ جا،
ٽانگرُ سوڙهو ٿي ويو!
مون لئه درس فقير جو،
گهرُ، درُ سوڙهو ٿي ويو!
وائي
(پارس حميد جي ياد ۾)
هي ڏِس! تنهنجي دُئار،
آيا تنهنجا يارَ:
کڻي هارَ گُلن جا!
’روشن دُک‘ جو اولڙو،
تنهنجي سڀ ڄمارَ…
پوءِ به جڳ لئه ٺاهيو،
’پارسُ‘ توکي پيارَ…
تُنهنجو نِٽهڻ اُسَ ۾،
وُجودُ ئي وڻڪارَ…
تارا کِڙيا اُڀَّ ۾،
آئي تنهن جي سارَ…
امر اقبال
خيرپورميرس
وائي
ڪجهه ڀي ڪينَ چيم،
پوءِ به ايڏيون ڪاوڙون!
توکي ڏسي ڪاڄ ۾،
اکيون هيٺ ڪيم،
پوءِ به ايڏيون ڪاوڙون!
تنهنجي جيون مان مٺي!
نڪري نيٺ ويم،
پوءِ به ايڏيون ڪاوڙون!
ماڳ مليو ئي ڪين هئه!
اهڙي پنڌ پيم
پوءِ به ايڏيون ڪاوڙون!
وائي
توسان چيٽنگ پئي ڪيم،
منهنجو مئنجر،
گلڙن سان ڀرجي ويو.
تون جو آئينءَ اوچتو،
منهنجو سارو گهر،
گلڙن سان ڀرجي ويو.
وُٺينءَ ڪري اوڙڪون،
هينئڙو جهڙو ٿر،
گلڙن سان ڀرجي ويو.
لٿل آن شهر ۾،
هئه هئه، سارو ترُ
گلڙن سان ڀرجي ويو.
صدرالدين صدر هنڱورو
شاهڪپور-جاتي
ڪلام
وسي پيو ملڪ ماروئن جي منڊيا ملهار پوءِ هلجي،
هوا سان هير ٿڌڙيءَ ۾ اچي هُٻڪار پوءِ هلجي.
’ڪراچي‘ پار کان ’ڪيٽي‘ڪڍڻ کان ڏس ته ’ڪارونجهر‘،
ڪٿي گهاٽا ڪٿي وائوکا ڪڪر ڪس ڪار پوءِ هلجي.
ڪڪر جي ڏس ته چوٽي مان ڪيا وڄڙين وراڪا ڪيئن،
حُسن جي ڄڻ تَجلي جي چمڪ چوڌار پوءِ هلجي.
سُونهن ٿا مال سان مارو ولر پنهنجي کي واريندي،
ڳنوارن ڳيت ٻيا ٻوليون ڪندا ٻڪرار پوءِ هلجي.
ٻانهياريون ٻَهڪندي سِرَ تي کڻن ٿيون ٻيلڙا ٻَهه
ٻَهه،
دِلن سان آهي دوشيزه ٻَڌي دستار پوءِ هلجي.
وُٺي کانپوءِ ٿر ڏسجي ڀِٽن پاسي بهاريون ڇا،
گهٽيون گهر گام ۽ رستا گل و گلزار پوءِ هلجي.
اڇا پيلا عجب ڪئين رنگ وليون ڇا گُل جهلي بيٺيون،
وڻن ۾ مُورَ مُکڙين ۾ لڳي مَهڪار پوءِ هلجي.
الله بچايو مشتاق آريسر
ميرپورخاص
نعت شريف
جا صفت ساراهه ڪريان، مصطفيٰصه
مهندار جي،
هِت ضرورت آهي بس، اعليٰ ترين گُفتار جي.
خُود خدا محبوبصه
جي تعريف ڪئي قرآن ۾،
اُن کان وڌ تعريف ڪنهن کان ڪونه ٿي سردار جي.
ٿا پڙهن الله سان گڏ، سڀ ملائڪ پڻ صلوات،
حاضري ڀريو درودن سان، نبي سرڪار جي.
شافعِ محشر جي رحمت جا سڀئي اُميدوار،
آهه بس درڪار، ڪوثرِ جام ۽ ديدار جي.
جيت، جڻيا ۽ جبل، وڻ، ٽِڻ، پکي ۽ جانور،
اُڀ، زمينون ڪن ثنا، عالم اجهي آڌار جي.
هر گهڙي ’مشتاق‘ شل، پڙهي نبيصه
جي نعت پيو،
پئي وسي رحمت جهان تي، سيد الانوار جي.
محمد ٻارڻ
سجاول
غزل
نه اُداس ٿي نه نراس ٿي، نه ملول ٿي نه ملال ڪر،
نه تباهه غم ۾ حيات ڪر، نڪي پنهنجو پاڻ بتال ڪر.
نه سڪونِ قلب تلاش ڪر، نڪي ڳولهه سُک ۽ قرار کي،
بنان ڏوهه جي ملي درد ٿو، نه سماج کان سو سوال ڪر.
رکين ڇو پيو اِها آرزو، ته عنايتون ڪندو نيٺ ڪو،
ڇڏي آسرا ٻيا لوڪ جا، اُٿي همتن ۾ ڪمال ڪر.
نه بهار پڇ نه خزان کان ڀڄ، پيو ڳولهه يار جو ڏس
پتو،
متان سج لهي ٿئي راهه گم، سدا جستجو کي بحال ڪر.
جڏهن عشق جي ٿئي انتها، تڏهن دردِ غم ڪو نٿو رهي،
سو مقام ماڻي عروج جو، نئون نينهن ۾ ڪو مثال ڪر.
ڪڏهن نيٺ ’ٻارڻ‘ زندگي، به يقين آ ڪندي الوداع،
نه غرور ڪر گهڻو اُن مٿي، نه پسند جاه و جلال ڪر.
بابُو جوڻيجو
ڳڙهي ياسين
غزل
واهه جيون تنهنجا رنگ،
عجب تنهنجا آهن ڍنگ.
ڪٿ وسندڙ ويڙها ويران،
آباد ڪٿي ٿيا جهر ۽ جهنگ.
تيئن توهان لئه منهنجو من آ،
شمع تي پچن جيئن پتنگ.
ڪي ته ويچارا پٽ تي سمهن،
ڪنهن کي آهن کٽون پلنگ.
روز پيا ڪي ٿا ويس مٽائين،
ڪن جا آهن ننگا انگ.
ائين بگاڙين ڪي ته مزن کي،
رنگ ۾ پُوندي آ جيئن ڀنگ.
پيار عليَ الاعلان ڪبو جي،
سَهڻا پوندا ڏيهه جا ڏنگ.
عاقل ڪاڻ ڪڍن ڀل ڪنهن جي،
ڪاڻ نه ڪڍندا مست ملنگ.
’بابو‘ تنهنجي ننڊ ڦٽي آ،
ڪنهن لاءِ ويٺو چورين چنگ.
محمد بخش چانڊيو
ننگرپارڪر
غزل
ڇني ساٿ سهڻا ڌڪاري ڇڏيو تو،
ڪري دربدر آ، روئاري ڇڏيو تو.
خطا ڪابه مون کان قطعي ڪانه ٿي آ،
پرين پيار منهنجو، وساري ڇڏيو تو.
مڃان ٿو وفائن جي منزل ڊگهي آ،
صنم بيوفا چئي پوڪاري ڇڏيو تو.
گلابن سان راهون، سجايون پرين مون،
نهارڻ سان چانڊئي کي ماري ڇڏيو تو.
مٺا ايئن نه مارين ها، ’محمد بخش‘ کي،
جدائيءَ سان ڳڻتين ۾ ڳاري ڇڏيو تو.
عابد نياز ميمڻ
شڪارپور
غزل
حسن جو ڪو ڪمال آ شايد،
سادگي بي مثال آ شايد.
پاسداري ڪري پيو ٿڪجي،
يا اهو خام خيال آ شايد.
موت آهي اٽل حقيقت پر،
زندگي جو سوال آ شايد.
آسمان ڏي پيو نهاري ٿو،
جنهن جو بي حال، حال آ شايد.
اعتبار جو پکي ويو اُڏري،
آيو چمن ۾ زوال آ شايد.
زندگي ٿو چئي توکي ’عابد‘،
زندگي جا محال آ شايد.
غلام محمد ’غازي‘
سکر
هائيڪا
اُٿ ملاح ونجهه هلاءِ،
منزل ويجهي آ پئي،
گيت خوشيءَ جا ڳاءِ.
سهڻي آ سنڌڙي،
هن ساري سنسار کان،
گهوريان تنهن تان جندڙي.
سانوڻ سندا ڏينهن،
گونچ ڦُٽي گلزار ٿيا،
ماريو تُنهن جي نيهن.
چوري چاهت چنگ،
گيت انوکو ڳاتو مون،
محبت لاتو رنگ.
تولئه هي ڪجهه ڪين،
پٽ تي ساوا گاهڙا،
مون لئه ڄڻ قالين.
بيت
پلپل ياد پون،
موٽي شال اچن، |
جانب جون سي ڳالهيون،
ساڳيا ڏينهڙا سڪ جا. |
|
|
توکان ٿيندي ڌار،
ڪوبه نه لهندو سار، |
منهنجو جيءُ جهُري پيو،
توبن هن سنسار ۾. |
|
|
جهڙو ڪنول گل،
هلندو رهي هُل، |
تهڙو تنهن جو مک پرين،
ساري هن سنسار ۾. |
|
|
آهي عشق اُساٽ،
توبن اوندهه ٻاٽ، |
تن مَن تڙي ٿو پيو،
جڳ سمورو ڀانئيان. |
|
|
آءُ ته ڪريون پيار،
جيون جو سينگار، |
آهي جيڪو جڳ ۾،
اهڙو هوندو ڪونه ڪو. |
|
|
جنهن وٽ آهي پيار،
سکيو منجهه سنسار، |
سو نه پسي ڏک ڏيهه ۾،
هوندو هوت هميشه لئه. |
خليل عارف سومرو
جوهي
وائي
مُنهنجا لفظ ٻَريا،
اوندهه ڇِرڪي پئي آهي.
بيوس ماڻهن جا ٻُڌندي،
سُڏڪا درد ڀَريا،
اوندهه ڇِرڪي پئي آهي.
رَتُ دانگيءَ تي وَرندو آ،
وانگي ڄاڻ وَريا،
اوندهه ڇِرڪي پئي آهي.
جوڳي جاڳي پيا آهن،
ڪيڏا هِيانءُ ٺَريا،
اوندهه ڇِرڪي پئي آهي.
دُشمن ’عارف‘ ڌرتيءَ جا،
ڳڻتِين مَنجهه ڳَريا،
اوندهه ڇِرڪي پئي آهي.
مصطفيٰ موج جنون چانڊيو
نبي سر
شڪاري
بندر جي اوٽ ۾ بيهو،
لئي جو ٽار لاڙي ٿو.
شڪاري ڪجهه ته تاڙي ٿو.
اوڪاسي ۽ اُٿي ويهي،
نڀاڳو ڪا ته ناڙي ٿو.
مَٿو مُنهن ميرڙا ڪپڙا،
جهنگل کي روز جهاڙي ٿو.
سڄو ڏينهن سُونهن جو ويري،
گندو ڪئين گهات گهاڙي ٿو.
لِڱِن تي رت جا لينگها،
اَچي پيرين اُگهاڙي ٿو.
کُڏين مان ٿو کڻي ٻچڙا،
آکيرن کي اُجاڙي ٿو.
تِتر ۽ ڀونتريون ڳيرا،
ڦٽي چيري ۽ ڦاڙي ٿو.
پَٽنِ تي ڪيئن سَهو پَهَچي،
ڪنڊن جي ٽانڪ واڙي ٿو،
وَرن ۾ ڊيل جا آنا،
پُڄائي ٻي به پاڙي ٿو.
ڍري ٿو ڍينگرن وچ ۾،
ڳلنِ مان رت ڳاڙي ٿو.
هُڙهِي ۾ ٿو ڏسان هَر هَر،
وڃي سَهڪيو سِراڙي ٿو.
چَون ٿا رات جو گهر ۾،
رڌي سيڪي ۽ ساڙي ٿو.
مَديون ڪيئن معاف ٿين اُن جون،
ڀلي رب تي نه ڀاڙي ٿو،
شڪاري ڪجهه ته تاڙي ٿو.
مير مختيار ٽالپر
غزل
دل ۾ نه لکجان ته خيالن ۾ لکجان،
اسان کي تون پيارا، عشاقن ۾ لکجان.
اسان خود کي رولي ٿڪا ڪونه آهيون،
جي لڀون توکي ليکڪ ته ڪتابن ۾ لکجان.
ڇڏي توکي پوڄا، پرين جي ڪئي سين،
خدا! هي خطا تون، ثوابن ۾ لکجان.
نڪي نرم لهجو، رکيو تو زمانا!
نڪي پنهنجي ساراهه، رسالن ۾ لکجان.
وطن تي به لِک پر، ملئي موقعو شاعر،
محبوبن جي ظالم، نقابن ۾ لکجان.
رکي ٿي خزانه ڳڻڻ کان مٿي ’مير‘،
پوءِ به سنڌ آهه، ڇو عذابن ۾ لکجان.
ڪريم جان پلي
دولتپور
وائي
واحــــــدُ ڪــــــيــــــن وســــــار
ادا ٿورو ٿِيءُ هوشيار.
ماڻهن جــــــي هن ميلي ۾
ماڻهــــــو ٿــــــي ڏيکــــــار
ادا ٿورو ٿِيءُ هوشيار.
ٻار نه ٻئي جي ٻاريءَ تي
پنهنجي ڪــــــائــــــي ٻــــــارِ
ادا ٿورو ٿِيءُ هوشيار.
ڪير نه آهي ڪنهن جو ڪر
جــــــوڳــــــي واري ڪــــــار
ادا ٿورو ٿِيءُ هوشيار.
ڪم نه ايندئي دولت دنيا
ڏکــــــيــــــو ٿــــــئي سنســــــار
ادا ٿورو ٿِيءُ هوشيار.
ڪر نه پياري، ننڊ ’ڪريم جان‘
ساجهر يــــــار کــــــي ســــــارِ
ادا ٿورو ٿِيءُ هوشيار.
الهرکيو ’دَل‘ اُداسي
بچا بند- پٿورو
ڪافي
ڏاڍا ڏينهن لائي وساري ڇڏيو تو،
ڦري دل پوءِ دلبر ڌڪاري ڇڏيو تو.
سواءِ تنهنجي سهڻا مان روئندو وتان ٿو،
سڀئي سور دل ۾ سانڍيو رکان ٿو،
وڇوڙي جي ڳڻتيءَ ۾ ڳاري ڇڏيو تو.
ڪيون جيڪي مون تونسان جاني جڏايون،
ڪيئيءَ معاف مون کي سي مڙئي مدايون،
اچي تار مان مون کي تاري ڇڏيو تو.
منهنجي من جي جيڪا آس آهي،
سا پوري ٿي اڃان تائين نه آهي،
اهو پيمان پنهنجو نه پاري ڇڏيو تو.
’اداسي‘ اندر ۾ اڃان آس آهي،
پرين پيار تنهنجي سندي پياس آهي،
لڳو عشق ’دَل‘ کي اجاري ڇڏيو تو.
مير حسن مير پلي
چانيسري کپرو
غزل
ڪرندو رهي ٿو پوءِ به ٿو چڙهندو وريو وڃي،
آخر اهو باعزم ئي منزل رسيو وڃي.
آ ڏوهه بس اهوئي رڳو درگذر ڪيم،
تنهنجي ڪري زمانو ٿو ڇا ڇا چيو وڃي.
اهڙو ته دل تي ڇائجي ويو آهين دلربا،
هر ڳالهه ۾ اوهانجو ٿو نالو اچيو وڃي.
ڪيڏي به رنج ۾ هجان آهيان اُداس ڀل،
توکي ڏسيو ئي يار طبيعت ٺهيو وڃي.
مڃيان تو دل سان آهي، وفادار باوفا،
پر ڪا گهڙي ته ان کي، الائي ڇا ٿيو وڃي.
ڪنهن غير کي چوڻ اهو آ عيب ’مير‘ لاءِ،
پنهنجت آ پيار ۾ ٿي ڪاوڙ اچيو وڃي.
زاهد ڪنڀار
ٽنڊو جان محمد
سرائيڪي ڪافي
نگاهه هڪڙي، ڪرم جِي ڪرسين،
اسان ڏي ٻيڙي ٿي پار ويسن،
قسم خدا دي، اکيان دي، مئي دي،
اسان ڪون ٿي بس خمار ويسن.
سخي سخاوت توسان دي هلدي،
اسان ته سوالي توسان ڏي در دي،
اڱڻ جي آسو اسان ڏي پيارا،
دِلان دي لهه سڀ غبار ويسن.
حڪم هميشه توسان ڏا هلدا،
اسان دي هي بس نماڻي عرضي،
اسان ڪون مايا سموري ملسي،
توسان ڏي ٿي جي ديدار ويسن.
حسن تُسان ڪون خدا ڏتا هي،
تُسان ڏا اعليٰ مقام سائين،
مٽي توسان ڏي، پيران دي پوسي،
چمن ٿي ساري بهار ويسن.
غلام ’زاهد‘ تُسان دي در دا،
ازل ڪَنو هي، هميشه رهسي،
دنيا سڄي وچ اسان ڏا سائين،
اُتم ٿي اعليٰ وقار ويسن.
عبدالغني’غني‘ هاليپوٽو
ثابت آباد
هينئين جو هار ٿو گهرجي اکين جو ٺار ٿو گهرجي،
دلِ بيمار کي دلبر، سندئي ديدار ٿو گهرجي.
وري واپس نه ٿي هرگز ڏسي درياء جي دهشت،
تري ٿي تار اونهي مان، فقط ميهار ٿو گهرجي.
اُٿي ننڊ مان ڪري دانهون، نهاري پير ڏاگهن جا،
جبل جهاڳي جهري پيئي، پنهون پڳدار ٿو گهرجي.
چنيسر ڄام جي هوندي، هنيون ڇو هار تي هِرکي،
مٽائي ور مٿي زيور، نڀاڳي هار ٿو گهرجي.
ادا مون کي عمر تنهنجا نه گهرجن محل موچارا،
رهن مارو جتي مٺڙا وڃڻ تنهن پار ٿو گهرجي.
سوا ديدار دلبر جي نه گهرجي ڪابه ٻي دولت،
پِنان ٿو پاند پايو بس ’غنيءَ‘ کي پيار ٿو گهرجي.
علي اڪبر هاليپوٽو
کن- فارم
غزل
ڏٺم باغ ۾، پئي، نظر يار توتي،
اڙي دل امالڪ، شهر يار توتي.
اٿئي محب اهڙو اکين ۾ ته جادو،
ختم سامريءَ جو سحر يار توتي.
اسان کان ته هرگز گوارا نه ٿيندو،
اچي واء ڪوسو اگر يار توتي.
متان تاءُ سج جو لڳئي ناز وارا،
ڪريان ڇانو بڻجي ڇمر يار توتي.
سئين قد اڳيان هار کاڌي صنوبر،
هڻي هام ڪهڙي شجر يار توتي.
هنجهون روز هاري اوهان لاءِ ’اڪبر‘،
اثر ڪونه ٿئي ٿو مگر يار توتي.
ارباب علي ’عادل‘ چوهاڻ
شڪارپور
غزل
منزل ناهي ڏور پکيئڙا،
پڄبو ماڳ ضرور پکيئڙا.
ڏک جا لمحا شال نه ڏسندين،
رهين سدا مسرور پکيئڙا.
سک جا ڏينهڙا امن جو راتيون،
لهندين نيٺ حضور پکيئڙا.
جوڀن جوت جواني جانب،
ماڻيندين ڀرپور پکيئڙا.
هرجاءِ تنهنجون روشن راهون،
لڳندين پيو پُر نور پکيئڙا.
چاهت جي دنيا ۾ سهڻا،
رکندين مَنُ مخمور پکيئڙا.
هردم ڏيهه ۾ راحت فرحت،
ڏسندين سک، سرور پکيئڙا.
’عادل‘ کي ئي پنهنجو همدم،
پسندين ظاهر ظهور پکيئڙا.
کيم چند شرما
مرڪ
توهان جي
چپن تي
فطري مُرڪون اک ڇنڀ ۾
الائجي ڪٿان پرواز ڪري پڄيو وڃن!
پر
اسان فطرت کان ڇِنل
ٽٽل
رُٺل
دهريا
مُرڪن جي لاءِ
پنهنجي محبوب جي موجودگي
ڪٿان آڻيون!
*
جيڪي
سندر اکيون تون آزادي جي
ڪوڙن سپنن ۾ پيو بي نور ڪرين!
بهتر آهي ته
اهي اکيون ديش جي
ڪنهن نوجوان غيور نابين کي ارپي ڇڏ
ٿي سگهي ٿو ته
متان!
ان جي اندر ۾ ڀي حقيقي آزادي ڏسڻ
جي اُڻ تڻ هجي!
۽ هو
ڌرتي جي آزادي ڏسڻ لاءِ اکين جي
نور جو خواهشمند هجي! |