نم ناز
ٽنڊو جان
محمد
غزل
تو ساٿ ڇا ڏنو آ، ملي مات درد کي،
مونکي ملي جيئڻ جي، جسارت وري وري!
اڄ شهر مان لنگهي پيو، پرين بي نقاب ٿي،
مجبور عاشقن تي، مصيبت وري وري!
اڄ خوب ڪر اسان تي، عنايت وري وري،
پيرِ مُغان ڪريو ڪا، سخاوت وري وري!
تسڪين روح کي ٿي ملي، ميخاني ۾ اچي،
’ساقي پيارَ جامِ مُحّبت وري وري!‘
خونِ جگر سان روشن، ڪبو تنهنجي شمع کي،
تنهنجي ڪبي اي سنڌ! حفاظت وري وري!
ڪر عشق الف سان تون، ڇڏي ڏي مجاز کي،
هي ياد رکجان هردم، نصيحت وري وري!
موسم بهار آهي، ڀلي خوب جام ڏي،
مئي نوش تنهنجي کي آ، ضرورت وري وري!
طوفان ۾ پنهنجو گهر، بچي ڪين آ سگهيو،
ڪک پن گَڏي ڪريان ٿو، اَڏاوت وري وري!
شفقت ڀري نظر ٿو، رکي ساقي ’ناز‘ تي،
ڇو غير جي ٿي بگڙي، طبيعت وري وري!
فضل الله ’فدا‘ چانڊيو
ڪُنري
نظم- نئون سال
ڪجان درگذر پنهنجي ڪاوڙ اجائي،
نئين سال ۾ آ گذارش اهائي.
اڳيون رنجشون درگذر ڪر پيارا،
نه هن سال ۾ دربدر ڪر پيارا،
ملاقات ڀل مختصر ڪر پيارا،
ملڻ ۾ نه ديريون مگر ڪر پيارا،
اڃان قرب تنهنجي ۾ آهي ڪچائي،
نئين سال ۾ آ گذارش اهائي.
ڊسمبر سڄو آسرن ۾ گذاريم،
شبِ و روز تنهنجون ٿي راهون نهاريم،
بنان وصل جي ڪونه آرام آيم،
سندئي ياد ۾ ڪيئي راتيون وهايم،
صنم هاڻ گهرجي ٿي تنهنجي سچائي،
نئين سال ۾ آ گذارش اهائي.
مٺا دور گهاري تو مون کي ستايو،
وڇوڙي ۾ تو وقت سارو وڃايو،
مگر توکي مون سان نه قسمت ملايو،
اوهان جو آ الزام مون تي اجايو،
پرين هاڻ اچ ڪر نه مون سان پڪائي،
نئين سال ۾ آ گذارش اهائي.
ٿڌي آهه موسم ٿڌي رات آهي،
مٺا مون کي تنهنجي رڳو تات آهي،
نه ٿي سال پورو ملاقات آهي،
’فدا‘ سان برهه جي نه ٿي بات آهي،
سندئي ياد چانڊئي ۾ محبت مچائي،
نئين سال ۾ آ گذارش اهائي.
حيدر امانُ
غزل
شيخ، عُلما، زمين کائي وئي،
ڪيڏا دانا، زمين کائي وئي.
توکي آڪڙ الائي ڇا جي آ،
تنهنجا وڏڙا، زمين کائي وئي.
منهنجون ننڊون جهَٽي ويو آڪاس،
منهنجا سپنا، زمين کائي وئي.
ذائقي مان صَفا نٿي ڄاڻي،
اَڻڀا سَڻڀا، زمين کائي وئي.
دل جا ارمان سڀ هَوا ٿي ويا،
دل جا ٽڪرا، زمين کائي وئي.
منهنجي دوکي سان دل کسندين ڪيئن،
اهڙا دوکا، زمين کائي وئي.
توئي چورائي هوندي منهنجي دل،
باقي ٻيو ڇا!؟ زمين کائي وئي؟
عبدالواسع’عبد‘ سهندڙو
شڪارپور
غزل
هي جوء سڄي ڪنهن لاءِ ادا، آباد به آ برباد به آ،
هي سونهن وري ڪنهن لاءِ بڻي، دلشاد به ناشاد به آ.
ڪنهن خون ڪيون عورت رنو، پو ڪيس هليو يا ڪِيس
هليو،
ڪنهن جيب ڀري، ڪنهن پيٽ ڀريو، فرياد به آ بي داد
به آ.
جنهن ڊوهه ڪيو هن سنڌ سندو، تنهن ڏوهه ڪيو آ پاڻ
وڏو،
ڪو مير هيو يا پير هيو، هم ذات به آ متضاد به آ.
ڪنهن قلم کڻي، ڪو نظم لکيو، قرطاس مٿان ڪنهن نثر
لکيو،
ڪنهن بحر کنيو ڪنهن ڇند ڇڪيو، پابند به آ، آزاد به
آ.
ڪٿ بمن جي هئي برسات هلي، ڪو راهوجن ۾ رات رلي،
ڪٿ ويڙهو ٿيو ويران ادا، بيروت به آ بغداد به آ.
ڪٿ تتر ٻٽيرا روز چڙهن، ڪٿ ٻار بکن ۾ پاهه ٿين،
مجبور ڏٺم مغرور ڏٺم، شمشاد به آ ارشاد به آ.
هي عمر ائين ئي گذري وئي، ڪا صبح هي يا شام هئي،
ڪو خيال هيو يا خواب هيو، ڪجهه وسري ويو ڪجهه ياد
به آ.
هڪ درد هجي مان درد لِکان، هڪ سور هجي مان سور
سهان،
هي ڏيهه سڄو آ ڏاڍو ڏکي، هڪ ’عبد‘ به آ استاد به
آ.
غازي جمالي
سکر
غزل
گلابن کي ڪرين حاصل ته خارن کان نه ڊڄندو ڪر،
وڃين سائر جي وچ ۾ جي ڪنارن کان نه ڊڄندو ڪر.
محبت جي مريضن جي دوا ناهي مصيحا وٽ،
رچين جي رنگ اهڙي ۾، ميارن کان نه ڊڄندو ڪر.
نهارين چنڊ ڏي تون ٿو متان چغلي هڻي اُڀ تان،
وڃين محبوب ڏي جنهن دم ستارن کان نه ڊڄندو ڪر.
اگر ماحول مٽجي پو به ڇا ٿيندو اسان ساڳيا،
سوالن ۽ جوابن ۾ اشارن کان نه ڊڄندو ڪر.
ڪٽايو سِر هيو فرهاد جو شيرين جي اُلفت،
پسڻ چاهين پرين کي جي پو وارن کان نه ڊڄندو ڪر.
نه پَٽ ساهي، تون ٿي راهي، پرين وٽ پڄ وڃي جلدي،
ڪري ٿو انتظاري هو، تون چارن کان نه ڊڄندو ڪر.
وڃين ’غازي جمالي‘ جي ملڻ سهڻي سڄڻ سان تون،
پو دلبر يار جي تون ديس وارن کان نه ڊڄندو ڪر.
عاجز ڪريم پوري
دڙو
غزل
توکي سارڻ! سَمجهان ٿو ثواب جانان!
رَهيو آهين روحَ ۾ ٿِي رَباب جانان.
چَئي ڀَل ڪو مُشرڪ! مُحبت ۾ تُنهنجي،
مُنهنجي مَنَ جو آن تُون ماهتاب جانان.
تَصّورَ ۾ توسان ڪَيان روحَ رهاڻِيون!
مُنهنجي عشق جو آن تُون اِنتخاب جانان.
تُنهنجي تَئونس تَن ۾ وَڌي پَئي ويتَر!
پياريو ڪو اِهڙو اَٿئي آب جانان.
مُحبت ۾ مَٽجن ٿا يارَ موسَم جِيئان!
آهن ڪِٿ اَڳوڻا سي احباب جانان.
مُنهنجي دل ۾ تُنهنجو هَڻي عشق ڇولِيُون،
آهيان اُنس تُنهنجي ۾ بيتاب جانان.
مَٽيو مُنهن نه ’عاجز‘! تُنهنجي ذات کان ڪو،
ڪَيو تو ڇُهِي آهي لاجَواب جانان.
ڪوثر هالائي
هالا
غزل
عشق جي هئي اڻپوري ڪهاڻي پنهنجي دل،
ڪڏهن ته هئي پر دلين جي راڻي پنهنجي دل.
دل ته وفائن جي ڏڍ تي پئي يار ڪُڏي،
ڪانه هئي ڪا ايڏي سياڻي پنهنجي دل.
جوڙيا جو آکيرا ساڙ سڙين ڀرسان،
ڀڙڪو ڏيئي وڻ تان اڏاڻي پنهنجي دل.
روز هتي ٿي جنگ لڳي احساس مرن،
ڪانهي فرنگي هيءُ مياڻي پنهنجي دل.
آديسن جي ايڏي ڇو ٿي سار اچي،
راه ۾ ويٺي آ جوڳياڻي پنهنجي دل.
وَرَ کي هيل نه ڪجهه آ مليو ونڊيءَ مان،
روئي پئي پريان هارياڻي پنهنجي دل.
ايڏو ڪٿي مجبور هئين مان ڄاڻان ٿو،
تو ته وساري ڄاڻي واڻي پنهنجي دل.
ڪو ته ڪڍي ويو ڪوري ڪالم ڪم وارو،
ٿي ويئي اخبار پراڻي پنهنجي دل.
غلام رسول غرق
غزل
هر انگ ۾ هر ڍنگ ۾، تنهنجي صنم تصوير آ،
دنيا سڄي هر رنگ ۾، تنهنجي صنم تصوير آ.
چارسو آ حسن تنهنجي جي وڇايل روشني،
هر گلستان جهرجهنگ ۾، تنهنجي صنم تصوير آ.
تنهنجي ڏنل هر درد ۾ آهي سمايل هر خوشي،
تنهنجي هنيل هر سنگ ۾، تنهنجي صنم تصوير آ،
بي انتها وايو منڊل، هيڏي وڏي آڪاش ۾،
توڙي ننڍي هر ننگ ۾، تنهنجي صنم تصوير آ.
سُر ساز ۽ آواز سان، گڏ رُوح جي رفتار سان،
دل جي ته چُرندڙ چنگ ۾، تنهنجي صنم تصوير آ.
واکاڻ وڌ ڪهڙي ڪيان، تنهنجي مٺا سينگار جي،
زلفن سندي هر ونگ ۾، تنهنجي صنم تصوير آ.
محبوب جي تعريف آ، هر بيت وائي شاهه جي،
ملهار ۽ سارنگ ۾، تنهنجي صنم تصوير آ.
مان ڇا چئي وڌ ڇا چوان، بس ايتروئي ٿو چوان،
هن عشق واري ڏنگ ۾، تنهنجي صنم تصوير آ.
مهراڻ جي موجن اندر ٿي غرق چوپاسي ڏٺم،
هر سِير ۽ هر دنگ ۾، تنهنجي صنم تصوير آ.
بيتابُ ناپر
شڪارپور
غزل
جاٿي آهيان، تنهنجو سايو گذري ٿو،
ايئن ٿو ڀانئيان ڪو سنڌ ڄائو گذري ٿو.
جيستائين ميل ملاقاتون ناهن،
تيستائين درد سَوايو گذري ٿو!
منهنجي مَن ۾ ساهُه اوهان جو ٿو گذري،
تنهنجي تن ۾ ساهُه پرايو گذري ٿو.
چانڊوڪيءَ جا ڪُجهه ڏي ڪِرڻا چنڊ مون کي،
اونداهيءَ ۾ وقت اجايو گذري ٿو.
تنهنجي گهر جو سُرمو مون کي پاتل آ،
لڙڪن رستن سو سرمايو گذري ٿو.
مون کان منزل دُور اڃا ڪيڏي مؤلا!
رستي رستي پيرُ ٿڪايو گذري ٿو.
ياسين ڪنڀر
پنوعاقل
اوچتو اوچتو
يار ديدارُ ٿيو اوچتو اوچتو،
نِينهُن نروار ٿيو، اوچتو اوچتو.
هيڻو هيڻو هُيس دل پريشان هُئي،
مَنُ مزيدار ٿيو اوچتو اوچتو.
سالَ گذري ويا سارَ سِڪَ ۾ سِڪي،
پڌرو سينگار ٿيو، اوچتو اوچتو.
وارَ وکريا ته ٿي خوشبو هرجاءِ تي،
عَطرُ ڦوهارُ ٿيو اوچتو اوچتو.
اڄ ته ياسينُ ڪپڙن ۾ ماپي نٿو،
پيدا اڄَ پيارُ ٿيو اوچتو اوچتو.
مجاهد مَهڙ
سڪرنڊ
مان رُٺل هِتِ يار جان رهجي ويسُ،
ڄڻ گلن ۾ خارَ جان رهجي ويس.
ڪنهن به مون کي ڳل نه لاتو عيد تي،
ڇورڙي ڄڻ ٻارَ جان رهجي ويس.
گل سندا گلزار ٿي ويا چؤطرف،
مان سُڪَل ڪنهن ڏار جان رهجي ويس.
ڀاڳ منهنجو ٿر جيان مون کي لڳو،
بيوفا جي سارَ جان رهجي ويسَ.
پنهنجي پياري ڳوٺ ۾ ڀي دوستو،
مان پراڻي نارَ جان رهجي ويس.
شهر ۾ رهندي به مون کي ٿو لڳي،
جهنگ ۾ ڄڻ آرَ جان رهجي ويس.
پيار پنهنجي جي ڪٿا مان ڇا لکان،
سوڀ ۾ به هارَ جان رهجي ويس.
مون مجاهد کان رسي ويو مهجبين،
مان پنهونءَ جي پيارَ جان رهجي ويس.
قائم الدين قائم ماڇي
لطيف ننگر
ڪافي
مون کي نينهن پڙهائي نماز،
برهه لڳو آ باري باري.
عشق چوٽ اڻموٽ اهڙو ٻڌم آواز،
وائي پرين واري واري.
سندي ڪات رکج تات اهڙو معشوقن مجاز،
جتي جام ڪسڻ آ جاري جاري.
’قائم‘ قول ڪيئي ٻول اهو ساري وڄائج ساز،
جيڪا سٽ پرين آهي پاڙهي پاڙهي.
ڪافي
سڻج سڏ سٻاجها آهيان منجهه اونهي،
ڪرم ڪر تون قادر ٻيو يار ڪونهي.
خطادار آهيان بخش ڪر تون مولا،
ٿين مون ٿڪي جا سفر ساٿ سولا،
ڪيم ڪئين ڪچايون هڻان منهن مُوني.
ڪر بخش بديون آهيان آسري ۾،
لنگهائج لطف سان آهيان تاسري ۾،
ڪر معاف مديون ٻيو پار ڪونهي.
ڪرم ڪر ’قائم‘ تي ڍڪج تون ڍلايون،
سوالي تي سائين ڀلا ڪر ڀلايون،
ڏي ڏان مون کي ٻيو ڏاتار ڪونهي.
ڏاتل خان چنا اُداسي ڦلجي
ڦلجي وليج
وائي
تُنهنجا حُڪم مَڃان، توکي شال وڻان،
توکي شال وڻان!
تُنهنجي دُوريءَ جا، مَغروري جا،
پِيو ٿو سُور سَهان، توکي شال وڻان،
توکي شال وڻان!
لَبڙن جي لالِي، مَست ڪيو خَيالي،
رَمزن ۾ رَهان، توکي شال وڻان،
توکي شال وڻان!
سِر جو سَائين تُون، ڊاهِين ٺاهين تُون،
تون کِل ته ٺَران، توکي شال وڻان،
توکي شال وڻان!
جنهن وَاٽ اَچين، سَا واسي ڇڏين،
ٿو ’اُداسي‘ رَهان، توکي شال وڻان،
توکي شال وڻان!
اَمر کُهاوڙ
ميرپور ماٿيلو
وائي
ڇو ڏٺهءِ ڪاوڙ منجهان؟
آئينو ٽوڙي ڇڏيئه!
بي ڌيانيءَ مان ڇڏي،
فرش تي پنهنجي هٿان،
آئينو ٽوڙي ڇڏيئه!
تو ۾ مُنهنجو عڪس ڇا،
بار هو تنهنجي مٿان،
آئينو ٽوڙي ڇڏيئه!
پاڻ کي هاڻي ڪِٿي،
ٿي پسين سينگار سان،
آئينو ٽوڙي ڇڏيئه!
ڇا اِهوئي خوف ٿيئه؟
سچُ ڳالهائي متان،
آئينو ٽوڙي ڇڏيئه!
اصغر جتوئي
وائي
آءُ اڄ آخري ڀيرو
پري رکي سڀ رنجشون، پيار مان ملون!
آءُ اڄ آخري ڀيرو.
پنهنجن گناهن تي پرين! پاڻ ئي روئون!
آءُ اڄ آخري ڀيرو.
چانڊوڪيءَ ۾، واهه جي ٽاپ تي ٽِلون!
آءُ اڄ آخري ڀيرو.
پنهنجين ننڍڙين ڳالهين تي، پاڻ ئي کِلون!
آءُ اڄ آخري ڀيرو!
محمد قاسم ڪلوئي
ٽنڊو
جان محمد
غزل
همنشينو! وقت جيءَ رفتار جون ڳالهيون ڪريون،
بي يقيني دؤر ۾ سهڪار جون ڳالهيون ڪريون.
هر طرف بارود، گندرف جي گهُلي پئي آ هوا،
اَڄ گلن، مکڙين، سندي هُٻڪار جون ڳالهيون ڪريون.
ڪلهه پشاور ۾ گهڻائي گُل وَيا ڪومائجي،
اچ يزيدن جي ڪيل يلغار جون ڳالهيون ڪريون.
ٿر مٿي مشڪل جا ڪيڏا ٿا ڪڪر ڇانيل ڏسون،
جو دوائن لئه مري، اُن ٻار جون ڳالهيون ڪريون.
پيٽ بکيا اَنگ اُگهاڙا، هي ڀلا مارو ڏسو،
اَنَّ گدامن ۾ سڙي، اَنبار جون ڳالهيون ڪريون.
اڄ به ’قاسم‘ هو وٺي پيو رشوتون راشي گهڻيون،
صاحبِ اختيار جي ۽ ڪردار جون ڳالهيون ڪريون.
مُستقيم ’بازيدپوري‘
ڪنڊيارو
غزل
ڇِنان ڪيئن هان، نينهن توسان، پيارَ جَهڙو هو،
ڪَچو ڪونه هو، سَڳو سِڪ جو ته سارَ جَهڙو هو.
کڻي روز آيو، نَوان ڪي، دردَ جا سِلسلا،
پِرين عشق پنهنجو به، ڪنهن اخبار جَهڙو هو.
اُٿي ڪٿي هَليو، ڪِٿي وري، ڪِري اُٿيو پي،
سَڄڻ حوصلو ته پنهنجو، ننڍي ٻارَ جَهڙو هو.
وقت جي وڪَڙَ ۾، ڪَنهن ريلَ جي اسٽيشن تي،
جَڏو هي جيءُ، اَڻَ کُٽي، انتظار جَهڙو هو.
مَڃي ڪانه منصور، حَقَ سِوا، ٻي مامَ ڪائي،
سَندس وَلوَلو، ڪانئَرن لَئه، تِکي ترارَ جَهڙو
هو.
ٻيا سَڀَ رنگ، سانتِ جا، وڏا نِرالا هيا پَرَ،
اَلاءِ ڇو لَهجو تُنهنجو، ته انڪارَ جَهڙو هو.
سَهي ڪين سَگهيو، سَٽون سُورَن سَنديون،
ٻڌو آ هيلَ، ’مُستقيم‘ بيمارَ جَهڙو هو.
اقبال شاهين
جاتي
هي درد ئي ته آهن ڪهرام زندگيءَ جو،
زخمن هٿان ٿئي ٿو نيلام زندگيءَ جو.
پنهنجي وجود ۾ خود تون پاڻ کي وڃائي،
آ شرط عشق اوّل گمنام زندگيءَ جو.
پنهنجي نصيب کي ٿو عاشق مزاج روئي،
ٻيو ڇا ڪري سگهي پيو بدنام زندگيءَ جو.
اهلِ جنون وفا جو ڏوهي قرار ڏي ٿو،
ان جي ڪري قبوليم الزام زندگيءَ جو.
انسانيت جي خدمت جنهن وقت تي اُڀاري،
لمحو اهو ئي آهي انعام زندگيءَ جو.
بيڪار تون ڪمن ۾ ڇو وقت پيو وڃائين،
راضي رکڻ خدا کي اڪرام زندگيءَ جو.
بندي جي من ۾ هڪڙي ٻي جا خدا ڪري ٿو،
ڪهڙي خبر ٿيئي ڇا انجام زندگيءَ جو.
ڪيڏيون عجيب آهن جوڀن جون راتيون سڀ،
’شاهين‘ کان جدا آ گلفام زندگيءَ جو.
اسد ’جمال‘ پلي
عمرڪوٽ
وائي
جاني اوري آءُ،
املهه ڳالهه سڻائيان-
کَمُ کَمندن کان سِکي،
هَڙ هُوڙائي کاءُ-
”وَمِنْ شَرِّ حَاسِدٍ“
باري ڪَجُ بچاءُ-
توحيد جي تند سان،
نِبريو سڀ نياءُ-
وڙ ڪري والي ڏنا،
سنڌ، سنڌو درياءُ-
پيار جي پالوٽ ٿي،
پرينءَ ڪيو پرچاءُ-
والي شال مَ واريين،
وڇوڙي جو واءُ-
تنهنجي ئي ’جمال‘ جو،
هر هنڌ آه هُڳاءُ-
سلمه پنهور
ميلبرن
غزل
ڪلهه رات هُئي حسين ۽ پويون پهر هُيو،
ڪنهن کي ڏٺو هئم خواب ۾ ڪو بي مهر هُيو
هر شخص پُرخلوص هو، هر شخص باوفا،
مون کي يقين هو ته هُو جانم جو شهر هُيو.
محرومين ۾ پاڻ لاءِ پناهون تلاش ڪيم،
نه ته شهر منهنجي ۾ ڏاڍو قهر هُيو.
ڪيئن مان بچي ويس هي معجزو ئي ته آ،
هُن نفرتن جو پيارو مون کي زهر هُيو.
هي ڪنهن رکيا ها هٿ منهنجي اکين تي،
نه ته رات کان پوءِ آخر ٿيڻو سحر هُيو.
ثمينه ميمڻ
ڄام
شورو
غزل
مُرڪي مُرڪي درد سمورو،
دل ئي دل ۾ لڪائي ڇڏبو.
ڪير دُکي ٿئي ڇو مان چاهيان،
صبر جو ڏيئو جلائي ڇڏبو.
جنهن پل مون وٽ ايندي سائين،
روئي پاڻ کِلائي ڇڏبو.
توڏانهن ايندڙ هر رستي کي،
ذهن پنهنجي تان ميساري ڇڏبو.
تنهنجي ياد کي ڪن لمحن لاءِ،
حڪم تنهنجي تي ڀُلائي ڇڏبو.
غزل
جو نه چاهيم لکڻ سو به لکجي ويو،
جي لِڪائڻ چاهيم نه لڪجي سگهيو.
هُو به ڏُور ئي ٿيو منهنجي ڀر ۾ هوندي،
نه وسارڻ چاهيم ته به وسري ويو.
هُو به پنهنجو هُئو آءٌ سمجهي ويٺس،
ڪرڻ پنهنجو چاهيم، ٿي نه پنهنجو سگهيو.
هُو به روئي ويٺو ياد شايد ڪري،
رات جي اُماوس ۾ اونداهيءَ رات ۾.
مايا ساگر اوڏ
ٽنڊوالهيار
بيت
شَڪتي شالي چؤ نه تون، ساڳو سَڀ کي ساهه،
ڊهڻو آ ڀل ٺاهه، جيون گهرڙو ريتَ جو!!
دَر دَر جن جي آ سدا، ساجهر سُرندي سُور،
مُرليءَ جا منشور، سور سفر آ سامين!!
اکيون چاهت واريون، تو جو کنيون يار،
هينئين تي ڄڻ هار، جيون ۾ تنهنجو اچڻ!!
تن من سان ڪر تپسيا، پائيندي تون پاڻ،
ڏاڍو ڏکيو ڏاڻ، مايا آهي عشق جو!!
جيون سگريٽن جيان، جلندي بڻيو خاڪ،
تنهنجي محبت ماڪ، مون کي آ اُتساهيو!!
راڻا رمزون روح جون، ڪيڏو تنهن ۾ درد،
کولي ڪر تون ورد، قلب ڪتابي آ سندو!!
ڪوري ڪڍجن قلب مان، ساڻ نه ڇڏين سور،
دلبر آهي دور، مايا ڪهڙي دلبري!!
سور چمان سسئي جيان، ساجن ارپي سور،
هليو ڪونهين ڏور، ساکي رهجان سنڌ تون!!
نجمه پنهور
ڄام
شورو
.
برٿ ڊي
برٿ ڊي ڪيڪ تي ٻرندڙ ميڻ بتين کي وسائڻ سان
ڪڏهن وسامندا به آهن، هي روز ملندڙ ڏک
جن کي ڇُهي نه سگهيو
وقت جو فاصلو
وقت جو فاصلو جنهن ۾ گُم ٿياسين
تون، مان ۽ هزارين
اڄ رات هر سال انهيءَ طرح گذاري اٿم جيئن ڪوئي
تهه خاني ۾ ويهي ڪري نڪرڻ جو حساب
۽ ميڙيان ٿي ٽٽندڙ خواب
ڪير ڪڏهن ڪهڙي منزل تي مليو
ڪيئن وڇڙيو، ڪٿي وڇڙيو
دوست ڪيئن ٿيا جان جا دشمن
غير ڪيئن ٿيا ساهه کان به ويجها
ڪنهن کي فرصت آهي، ڪري انهن جو حساب
۽ ڪريان به ته ملندم ڇا؟
آخرڪار اُهوئي وقت جو فاصلو
جنهن ۾ ٻئي پاسي رکيل آهي
گُم ٿيل وقت ۽ لمحن جو ڪتاب
۽ هِن طرف صرف خواب ئي خواب
جيڪا به رُت آئي، ٽِڙندا آهن
تنهنجي يادن جا ڪنول، تنهنجي جدائي جا گلاب.
مخلص چانڊيو
دڙيلو
سائين قلندر شاهه لڪياري صاحب
مٺو محبوب هئو مهتر، قلندر شاهه لڪياري،
سدا هئو دادلو دلبر، قلندر شاهه لڪياري.
فصاحت ۽ بلاغت سان، ڀريل سڀ ڪاوشون جنهن جون،
خطابن ۾ هيس اڪثر، قلندر شاهه لڪياري.
مهاڏو جنهن به اٽڪايو، مخالف هو، مجاهد سان،
اُٿيو نعرو هڻي ’اڪبر‘، قلندر شاهه لڪياري.
اديبن شاعرن جو سڏ مٿي، هردم هلي آيو،
هجي جهڏو، مٺي يا ٿر، قلندر شاهه لڪياري.
ڇڏي هيءَ ڪوڙ جي دنيا، وڃي رب سان مُلاقي ٿيو،
اسان جو راهرو رهبر، قلندر شاهه لڪياري.
اديبن، شاعرن جو هو، رهيو، روحِ روان جيڪو،
لڏي گهوڙا! ويو گوهر، قلندر شاهه لڪياري.
مِٺي ’معمور‘ جو ساٿي ۽ ’عابد‘ کي به هئو اوڏو،
سُجهي ٻيو ڪونه ٿو همسر، قلندر شاهه لڪياري.
اديبو، شاعرو دل سان، دعا جي لئي کڻي هٿڙا،
مٽيءَ تان پيا ڪجو ور ور، قلندر شاهه لڪياري.
اچي محفل اندر ’مخلص‘ ٿئي مهمان هو جيڪر،
اها محفل سڄي معطر،
قلندر شاهه لڪياري.
مير مجاهد پلي
لطيف ننگر
غزل
فاصلا پئجي وڃن، درد تون ايڏا نه ڏي،
ٽهڪ ڀي رڪجي وڃن، درد تون ايڏا نه ڏي.
مان ته مُرڪن جي گهران خيرات ٿو اي جان من،
نيڻ ٻئي ڀرجي وڃن، درد تون ايڏا نه ڏي.
يار ٻج نفرت سندا دل سندم تي اوچتا،
ڇيهه جا ڇٽجي وڃن، درد تون ايڏا نه ڏي.
تنهنجي مُرڪن سان جيئن ٿا ڪيئي آسروند،
لاش ٿي لٽجي وڃن، درد تون ايڏا نه ڏي.
باغِ محبت ۾ هزارين گل به ڏس مهڪن پيا،
سي ڇڻي ڪٽجي وڃن، درد تون ايڏا نه ڏي.
يار ڏک سک ۾ هميشه گوهيون گهمرا پيا ڪريون،
سي به نه گهٽجي وڃن، درد تون ايڏا نه ڏي.
مير تنهنجي يار محبت ۾ هزارين ٿيا مداح،
سي دور ٿي گهٽجي وڃن، درد تون ايڏا نه ڏي. |