سيڪشن: رسالا

ڪتاب:مهراڻ 01/ 2021ع

باب:

صفحو:6 

رسول بخش تميمي 

جاتي

 

 

 

مخدوم محمد هاشم ٺٽوي رحه

سونهاري سنڌ، سوين صدين کان مختلف جاگرافيائي حدبندين ۾ ڪڏهن ڪشادي ته ڪڏهن صفا سوڙهي صورت ۾ قائم رهندي پيئي اچي. سنڌ جي ٻولي سنڌي به ڪنهن هڪ صورت ۾ قائم معلوم نٿي ٿئي، ۽ نه ئي انجي بڻ بنياد بابت سواءِ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب جي ڪنهن به محقق، دانشور يا ماهر لسانيات سندس اصليت متعلق ڪا راءِ قائم ڪئي آهي. سنڌ ۾ سنڌي کانسواءِ عربي ۽ فارسي پڻ هتان جي عوامي توڙي سرڪاري ٻولي رهي آهي. عربي ۽ فارسي مان وري فارسي گهڻو عرصو عوامي ۽ سرڪاري ٻولي رهي. سنڌ جو پهريون تاريخي ڪتاب ’فتح نامون سنڌ‘ بمعروف چچ نامو به اسان وٽ فارسي لباس ۾ روشناس ٿيو. سنڌ جي عالمن، استادن، توڙي دانشمند حڪمرانن پڻ فارسيءَ کي وڌ کان وڌ پنهنجائپ ڏني. اڄ به سنڌ فارسي کان وانجهيل ڪينهي. البت ڪلهوڙا دور حڪومت ۾ فارسي ٻولي جو سنڌ ۾ عروج هو، جنهن ۾ سنڌ جو گهڻو ڪري سارو علم و ادب فارسيءَ ۾ نروار هو. جيئن ڪلهوڙا دور کي علم و ادب جو سونهري دور چيو وڃي ٿو. اهڙي طرح ڪلهوڙا دور کي فارسي زبان جو سونهري دور به چئي سگهجي ٿو. انهيءَ ئي دور ۾ سنڌ ۾ علم جا آفتاب، علم و عمل جا سمنڊ نروار ٿيا، انهن ۾ ميون ابوالحسن ٺٽوي، مخدوم عبدالرحمٰن کهڙائي، مخدوم محمد قائم مدني، مخدوم محمد معين ٺٽوي، مخدوم محمد حيات سنڌي، مخدوم محمدي کهڙائي، مخدوم ابوالحسن ڏاهري، مخدوم عبدالروف ڀٽي، مخدوم عبدالله واعظ ٺٽوي، سيد عبداللطيف ڀٽائي، مخدوم محمد زمان لنواريءَ وارو، مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي، ميرعلي شيرقانع ٺٽوي، غلام علي ’مداح‘ ٺٽوي، فقير الله علوي، مخدوم ابوالحسن صغير ٺٽوي ۽ ٻيا سوين علم جا روشن ستارا جن سنڌ جي ادب کي معراج عطا ڪيو. انهن عالمن، محققن، مجتهدن، مفسرن، مؤرخن، تذڪره نگارن، تاريخدانن، شاعرن، عربي ۽ سنڌيءَ سان گڏ فارسيءَ ۾ علم جا واهڙ واهيا. انهن عالمن قرآن فهمي، حديث شناسي، فقه ۽ نظم ۾ بينظير ڪارناما سرانجام ڏنا. حقيقت ۾ سنڌي ادب مان ڪلهوڙا دور ۾ سرجيل فارسي زبان ۾ سنڌي ادب کي ڌار ڪجي ته سنڌ ۾ فارسيءَ جا اهڃاڻ صغير حيثيت ۾ وڃي رهندا، جيڪي ڳڻڻ ۾ نه اچي سگهندا، پر جيڪڏهن ڪلهوڙا دور جي فارسي ادب مان مخدوم محمد هاشم ٺٽوي جي ڪشالي ۽ ڪاوشن کي ڌار ڪبو ته به باقي ڪي چند ڪڻا وڃي بچندا. جيتوڻيڪ مخدوم صاحب جي هن مهل تاءِ بچيل ذخيري ۾ گهڻو حصو عربيءَ جو آهي. ليڪن فارسيءَ ۾ سندن ڪشالو به ڪو گهٽ ڪينهي. جيئن ته منهنجو هي مقالو محمد هاشم ٺٽويءَ متعلق آهي. انڪري سندس باري ۾ ٿورن صفحن ۾ وڌ کان وڌ مختصر انداز ۾ جامع احوال ڏيڻ جي ڪوشش ڪبي.

سونهاري سنڌڙي، جنهن تي سنڌونديءَ جي حوالي سان سنڌ نالو پيو، تنهن هن وقت تاءِ ڪي ٿورا ڏاها ۽ وڏا ماڻهو پيدا ڪيا آهن، تن ۾ مخدوم نوح سرور، مخدوم محمد هاشم ٺٽوي، سيد عبداللطيف ڀٽائي، ميرعلي شير قانع ٺٽوي، مرزا قليچ بيگ، حاجي احمد ملاح، علامه آءِ.آءِ قاضي ۽ جناب نبي بخش خان بلوچ جا نالا مٿئين قطار ۾ سونن حرفن ۾ ڳڻبا رهيا، جن سنڌ جي علم و ادب کي تاابد جاودان ڪري ڇڏيو.

اسان جي سڳوري سنڌ جو سدا بهار عالم ۽ مفسر، مجدد، مجتهد، مجاهد شاعر، جنهن لاءِ شاهه عبداللطيف ڀٽائي فرمايو:

”راڳي منجهان رند، لڌم عبداللطيف چئي،

ڪا جا وڳي تند، اوڳر ٿيس انجي.“

حضرت مخدوم محمد هاشم بن عبدالغفور بن عبدالرحمان بن عبداللطيف بن عبدالرحمان بن خيرالدين السندي البتورائي ثم البهرام پوري ثم التتويٰ 1 مخدوم محمد هاشم ذات جو پنهور هو،(2) پنهور بنو حارث بن عبدالمطلب هاشمي قريشي جي اولاد مان آهن.(3) جناب ڊاڪٽر بلوچ جي چوڻ مطابق پنهور مال جي پرورش ڪندي پنهور سڏيا ويا، جيڪي اسلام جي اوائلي دور ۾ سيوهڻ جي اتر ۾ آباد ٿيا ۽ سندن اميرن جي رياست ’پنهوارڪي‘ قائم رهي، آخري دور ۾ سندن رياست ’سامتاڻي‘ تاءِ محدود ٿي، بوبڪ ۽ دادو جي وچ وارو علائقو.(4) مخدوم محمد هاشم جو والد پڻ عالم هو، جيڪو الائي ڪهڙن سببن ڪري سيوهڻ علائقي کي ڇڏي درڪ پرڳڻي جي بٺوري (موجوده ضلعي ٺٽي) ۾ اچي رهيو، جتي مخدوم صاحب تاريخ. 10 ربيع الاول 1104هه مطابق 19 نومبر 1692ع خميس جي رات ڄائو. سندس ڄمڻ جو سن هيٺئين عربي فقري مان نڪري ٿو: انبت الله نباتا حسنا (1104هه) (5) لاڙ کي لاکيڻو لال نصيب ٿيو، جنهن جڳ جرڪائي ڇڏيو، ولات واسي ڇڏي. ميان نور محمد ڪلهوڙي ۽ سنڌ جي شاهجهان ميان غلام شاهه ڪلهوڙي جي وقت جو بخت هو جنهن ۾ محي الدين پيدا ٿيو. ابتدا ۾ کيس پهريون درس پنهنجي گهر ۾ ئي حاصل ٿيو، جنهن ۾ اڳ ۾ ئي علم و عمل اوتون لاهيو بيٺو هو. صالح ۽ نيڪ بخت فرزند کي نوراني علم جي روشني پنهنجي گهر ۾ حاصل ٿي جو مولانا عبدالغفور پٽ کي ناظره ۽ حفظ جو مٺو شربت ته خود پياري حافظ بنائي ڇڏيو. ان سان گڏ مخدوم صاحب فارسي، صرف ونحو ۽ فقه جي ابتدائي تعليم به پنهنجي والد وٽ پڙهيو.(6) مخدوم صاحب جو ذهن علمي اڃارو سو، اڳتي وڌڻ لاءِ قدم کڻڻ لڳو. تنهن سمه ٺٽو، دمشق ۽ بغداد ثاني جي حيثيت ۾ دنيا ۾ وڏي چنگ چڙهيل هو. اليگزينڊر هئملٽن 1699ع ۾ ٺٽو ڏٺو، هو لکي ٿو ته: هي شهر دينيات، فلسفي ۽ سياست جي علومن کان گهڻو مشهور آهي. هت چار سؤ مدرسا آهن، جن ۾ مٿين شعبن کان سواءِ ٻيا مضمون پڻ پڙهايا ويندا آهن.(7) مخدوم صاحب جي روح ريلو ڏنو سو، اچي ٺٽي ننگر ۾ سهيڙيو، ۽ مخدوم محمد سعيد وٽ عربي تعليم حاصل ڪرڻ شروع ڪيائين. ڇهن مهينن جي قليل عرصي ۾ اهي سڀ ڪتاب باشرح پورا ڪيائين، جيڪي رواجي حالتن ۾ شاگرد ڇهن سالن ۾ پورا ڪندا آهن، ان ڪري هن ذهين ۽ ڀاڳوند شاگرد جي عزت وتڪريم وڌي ويئي، شهر جا وڏا عالم عجب کائڻ سان گڏ عزت ۽ احترام ڪرڻ لڳا.(8) مخدوم عبدالروف جي مشهور شاگرد مخدوم ضياءُ الدين کان علم حديث ۽ باقي ڪتاب پڙهي نون سالن جي عرصي ۾ فارسي ۽ عربي علوم جي تڪميل ڪري فارغ ٿيو.(9) مخدوم صاحب وڌيڪ علم حديث ۽ تفسير حرمين شريفين جي سفر 1135هه 1722ع دوران حجاز مقدس جي عالمن شيخ عبدالقادر حنفي مڪي، شيخ عيد بن علي مصري ۽ شيخ ابو طاهر محمد مدني جيڪو بعد ۾ شاهه ولي الله دهلويءَ جو پڻ استاد رهيو، کان حاصل ڪري سندون حاصل ڪيون.(10) ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب، مخدوم صاحب کي علامه رحمت الله ٺٽوي جو شاگرد ڄاڻايو آهي.(11) مخدوم صاحب جي پوٽي مخدوم ابراهيم مڏئي وارو پنهنجي ڪتاب ”القسطاس المستقيم“ ۾ مخدوم معين کي مخدوم هاشم جو حديث جي علم ۾ شاگرد لکيو آهي. مخدوم محمد هاشم ۽ شاهه ولي الله دهلوي ٻئي علم حديث ۾ شيخ ابو طاهر محمد مدنيءَ جا شاگرد هئا ۽ مخدوم معين، علم حديث شاهه ولي الله کان حاصل ڪئي، سو مخدوم هاشم جو به شاگرد ئي ٿي سگهي ٿو نه ڪي استاد. ڊاڪٽر عبدالرسول جي تحقيق موجب مخدوم صاحب علم قراءت مديني شريف ۾ شيخ علي بن عبدالملڪ الداروي المالڪي: (المتوفي: 1145هه/ 1733ع) وٽ پڙهيو هو. علم فقه ۽ حديث علامه شيخ محمد بن عبدالله مغربي فارسي مدني مالڪي (وفات 1141هه- 1729ع) وٽ پڙهيو.(12)

مخدوم صاحب، علم جي تحصيل ڪرڻ بعد پنهنجي جنم ڀومي بٺوري موٽي آيو، ان دوران سندس والد ماجد رحلت ڪري چڪو هو. مخدوم ڪجهه عرصو بٺوري ۾ رهڻ بعد ڀر واري ڳوٺ بهرام پور ۾ اچي مدرسو قائم ڪيو. جتي درس وتدريس سان گڏ وعظ و نصيحت ڪرڻ لڳو. جتي هڪ ته محدود ماحول ۽ علائقو ٻيو جاهل پيرن ۽ مت موڙهيل وهمن وسوڙيل ماڻهن کي مخدوم صاحب جون شريعت مطابق زندگي گذارڻ واريون تقريرون ۽ پابنديون ڪين آئڙيون سو سندس مخالفت شروع ڪري ڏنائون.(13) ٻئي پاسي الله تعاليٰ کي به هن نيڪ بندي کان دين لاءِ وڏو ڪم ڪرائڻو هو، جيڪو شايد ٺٽي جهڙي علمي مرڪز ۾ ئي ٿيڻو هو. ان ڪري مخدوم بهرامپور کي ڇڏي اچي سُرهاڻين جي شهر ننگر ٺٽي جا وڻ وسايا، جتي اڳ وڏن عالمن ۽ علم جو چرچو چؤطرف هو. اهو ائين ٿيو جو علم سان ڀريل پياليءَ ۾ مصري جون تڙون پئجي ويون يا ائين کڻي چئجي ته تارن ڀري رات ۾ چوڏهين جو چنڊ پنهنجي پوري جوڀن سان نڪري نروار ٿيو. مخدوم صاحب سموري خاندان سميت لڏي ٺٽي اچي سڪونت پذير  ٿيو. جتي مسجد خسرو (مسجد دابگير) جي ويجهو هڪ زبردست مدرسي جو بنياد رکيائين ۽ پنهنجي دلي خواهش مطابق ڪم ڪرڻ لڳو.(14) ٺٽي جي ”اگر محلي“ ۾ اهو دارالعلوم هاشميه جي نالي سان معروف ٿيو. گڏوگڏ هاشمي مسجد پڻ جوڙائي جيڪا مدرسي جي لڳ هئي. مدرسي ۾ هزارن علم جي طالبن علم پرايو ۽ سون جي تعداد ۾ عالمن پڳون ٻڌيون ۽ علميت ۾ ناماچار پئدا ڪيو. هاشمي مسجد ۾ ويهي سوين لازوال تصنيفون مڪمل ڪيون، فقهي مسئلن جي حل لاءِ فتوائون جاري ڪيون. ٽپهري جو روزانو درس حديث ڏنو. مخدوم صاحب، جامع خسرو ۾ هر جمع تي واعظ فرمائيندو هو. جيتوڻيڪ ان وقت ٺٽي ۾ وڏا وڏا عالم، فاضل، شاعر ۽ صوفي رهندا هئا.(15) ليڪن مخدوم صاحب جي حلقه علم و ادب جو رنگ ئي ٻيو هو. مخدوم صاحب جي علميت هنڌين ماڳين مشهور ٿي ويئي ۽ ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ مشهوري پئجي ويئي. تان جو ڪلهوڙي حاڪم ميان غلام شاهه جي درٻار شاهي تاءِ وڃي رسي ۽ ميان غلام شاهه ڪلهوڙو پڻ سندس معتقد بنجي ويو.(16) مخدوم صاحب رڳو ظاهري ۽ ڪتابي عالم نه هو، هو طريقت ۽ روحانيت ۾ به سند يافته صاحب دل بزرگ هو. سن 1135هه 1722ع ۾ حج جي سعادت حاصل ڪيائين. واپسيءَ ۾ حضرت ابوالقاسم نقشبنديءَ جي ڏس تي حرمين شريفين کان ورندي سن 1136هه 1723ع ۾ هندستان جي سورت بندر ۾ قيام پذير بزرگ سيد سعدالله سورتي جي خدمت ۾ حاضر ٿيو، جتي هڪ سال جو عرصو عبادت ۽ رياضت ۾ مشغول رهيو ۽ خلافت جو خرقو ڍڪي اجازت جي سند وٺي ماهه صفرالمظفر 1137هه- 1724ع ۾ پنهنجي ماڳ ٺٽي موٽي آيو.(17) مخدوم صاحب اگرچه مريد ۽ دست بيعت ته سيد سعدالله قادريءَ جوهو، پر ابوالقاسم نقشبندي ٺٽويءَ سان به عقيدت رکندو هو.(18) ٺٽي ۾ تنهن وقت گهڻيون ئي غير شرعي ۽ بدعتي رسمون عام ٿي ويون هيون. اهڙين رسمن کي ختم ڪرڻ جي پٺيان پيو.(19) ڪلهوڙي حاڪم ميان غلام شاهه، ٺٽي مان بدعتن جي پاڙ پٽڻ لاءِ کيس پروانو پڻ ڏنو ۽ کيس سنڌ جو قاضي القضات مقرر ڪيو.(20) مخدوم صاحب جي ناميارن شاگردن جو هڪ وسيع حلقو هو. مخدوم صاحب پنهنجي زماني جو هڪ مصلح عالم، فاضل، مشائخ، اعليٰ مدرس، جيد، مجدد، مفسر، مفڪر، مصنف ۽ مجاهد هو، سندس علم ۽ درس جي هاڪ عرب و عجم، سنڌ و هند ۾ مشهور هئي. پاڻ عربي، فارسي ۽ سنڌي زبانن ۾ تعليم ڏيندو هو، سندس ڪيترا ئي شاگرد عالم، فاضل، فقيہ، محدث ۽ مفسر ٿي فارغ ٿيا.(21) هتي ڪجهه وڌيڪ ناميارن ۽ هاڪارن شاگردن جا نالا ڳڻائجن ٿا. 1- سيد شهمير شاهه مٽياروي، 2- مخدوم ميئڏنه نصرپوري، 3- مخدوم عبدالرحمٰن بن مخدوم محمد هاشم ٺٽوي، 4- مخدوم سيد محمد صالح شاهه جيلاني گهوٽڪي وارو سندس ڪنيت، ابوجمال، ۽ لقب ”متقي“ هو 5- مخدوم ابوالحسن صغير ٺٽوي مدني، سندس نالو غلام حسين بن محمد صادق نقشبندي آهي. هي شاگرد مديني ۾ وڃي رهيو جتي سنڌ جي عالم محمد حيات سنڌيءَ جي وفات بعد سندس جاءِ تي پڙهائيندو هو. سندس ڪجهه ڪتاب پڻ لکيل آهن، 6- مخدوم عبداللطيف بن مخدوم محمد هاشم ٺٽوي. 7- شاهه فقيرالله علوي شڪارپوري، مخدوم صاحب کان حديث، فقہ ۽ طريقت جي ملسلن اوراد ۽ اذڪار وغيره ۾ اجازت حاصل ڪئي هئي. 8- مخدوم عبدالله نرئي وارو- هن عالم وڏو نالو ڪمايو. ڪڇ جو راجا به سندس معتقد هو، هن جو اولاد ڪراچي ۾ رهي ٿو- هن ڪيترائي اهم ڪتاب لکيا، سندس تربت ڪڇ ۾ ڳوٺ سٿريون تعلقي نرئي ۾ آهي. 9- مخدوم عبدالخالق ٺٽوي، هي مخدوم صاحب جو شاگرد ۽ مريد هو. درسگاهه هاشميه ۾ نائب معلم هو هن هڪ ڪتاب مطلوب المؤمنين تحرير ڪيو. . 1- مخدوم نورمحمد نصرپوري، هي مخدوم صاحب جو قابل شاگرد هو، هي محدث ۽ صوفي هو. علم هيئت ۽ نجوم جو ڄاڻو هو، ميان غلام شاهه جي لشڪر ۾ قضا جي عهدي تي به فائز رهيو. 11 - شيخ الاسلام مراد سيوهاڻي، شيخ مراد انصاري، قصيده برده شريف ۾ مخدوم صاحب کان اجازت ورتي هئي. مولانا دين محمد وفائي جي لکڻ موجب شيخ الاسلام، حضرت خضر عليه السلام سان به ملاقي ٿيندو هو. شيخ جو فرزند شيخ حسين سنڌي سيوهاڻي ۽ پوٽو شيخ محمد عابد سنڌي به وڏا بزرگ ۽ محدث ٿي گذريا آهن. 12 ميان عزت الله ڪيريو، چوٽيارين جو رهاڪو هو. کيس پنهنجي چاچي ميون محمد مبين سفارشي خط لکي مخدوم صاحب ڏانهن مدرسي هاشميه ۾ پڙهڻ لاءِ اماڻيو، اهو خط اڃا تاءِ چوٽيارين جي بزرگن جي پوين ۾ عبدالحڪيم نالي شخص وٽ مديني منوره ۾ موجود آهي. 13- حافظ آدم طالب علم ٺٽوي، جن بزرگن مخدوم صاحب کي غسل ڏنو، انهيءَ خدمت ۾ حافظ آدم به شامل هو. 14- نور محمد خسته ٽکڙائي، هن شاگرد شاعريءَ ۾ مشهوري ماڻي. ان کان علاوه شيخ عبدالحفيظ بن درويش العجيمي المڪي، سيد عبدالرحمٰن بن محمد اسلم الحنفي المڪي ۽ محمد بن محمد اشرف بن آدم السنڌي النقشبندي جا نالا پڻ مليا آهن.(22) زماني جي دست برد سببان لاتعداد شاگردن جا احوال ۽ نالا ناپيد آهن.

مخدوم صاحب هڪ عالم باعمل، ولي ڪامل، عاشق رسول، امرباالمعروف ۽ نهي عن المنڪر جو قائل ۽ عمل ڪرائيندڙ هو. سندس باري ۾ معروف تاريخدان ميرعلي شير قانع ٺٽوي لکي ٿو: مخدوم محمد هاشم سنت جماعت جي مذهب جي تقويت ۽ دين متين جي رسمن زنده ڪرڻ ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هو. هن جي ڏينهن ۾ سندس ڪوشش سان اهڙا وڏا ڪم سرانجام ٿيندا هئا، جيڪي سچي دين جي تائيد جو ڪارڻ هوندا هئا. مشرڪن ۽ دين جي دشمنن تي سندس عمل چڱيءَ طرح جاري هو. سندس وقت ۾ گهٽ ۾ گهٽ سوين ذمي (ڪافر) ايمان سان مشرف ٿيا. نادر شاهه بادشاهه ۽ احمد شاهه جهڙن وقت جي بادشاهن سان خط وڪتابت جو رستو کليل رکندو هو ۽ سندس استدعائن تي دين جي تقويت متعلق دل گهريا احڪام جاري ٿيندا ۽ چڱيءَ طرح عمل ۾ ايندا هئا. مطلب ته سندن وجود غنيمت هو.(23) مخدوم دين متين جو وڏو خادم هو. هن بي ريا عالم، دين جي سربلنديءَ لاءِ وڏيون چوٽون کاڌيون وقت جي حاڪمن سان لکپڙهه جاري رکي، دين اسلام لاءِ صحيح ۽ سچا احڪام جاري ڪرايا. شرعي مسئلن بابت مخدوم صاحب جا وقت جي عالمن سان اختلاف رهندا هئا. مخدوم معين سان ته باقاعده ڪتابي صورت ۾ سوال جواب لکيا ويا. شريعت جي پابندي لاءِ مخدوم صاحب، هڪ اڏول ڪفن پوش مجاهد جيان ميدان ۾ آڏي ڍال ڪين ڍاري، مگر سڌي ترار وهائي، غير شرعي ڪم بند ڪرائي ڇڏيا، ان ڪري جاهل مشائخن، صوفين، عالمن ۽ ٽوڻن ڦيڻن وارن مخدوم جي سخت مخالف ڪئي. پر هن خدا رسيده بندي خدا گاهي بزرگ ڪنهن جي به پرواهه نه ڪندي پيغام حق رائج ڪرائي بدعتن جي بيخ ڪني ڪئي. شريعت جي هر هڪ عمل تي پوريءَ طرح ڪاربند رکڻ لاءِ قلمي توڙي عملي طرح ڪم ڪيو. جو وَضُو ۽ غسل لاءِ به شرعي مقدار تي پاڻيءَ جي استعمال لاءِ احڪام ڏيئي هاشمي ڪُوزا (ڪرا) ٺهرايائين. مخدوم صاحب نه فقط باعمل عالم هو، پر هڪ ڪامل ولي پڻ هو. مخدوم صاحب، هڪ صاحب دل بزرگ جون مُڇون زبردستي ڪترائي ڇڏيون، جيڪي شرعي لحاظ کان ناجائز هيون. جنهن تي هن انتهائي ڪاوڙ ۾ اچي چيو ته آئون اوهان جي سار لهندس. مخدوم صاحب حسبِ دستور ٽپهريءَ جو درس حديث پئي ڏنو ته ان بزرگ تڪليف پهچائڻ لاءِ مخدوم صاحب تي باطني توجه ماريو. مخدوم صاحب کي خبر پيئي ته حسبنا الله چئي، پنهنجي هٿ سان توجہ کي بي اثر ڪيو. ان وقت ئي تڏي ۽ هيٺ زمين ۾ سوراخ به ٿيو ليڪن مخدوم صاحب سڪون ۽ سلامتيءَ سان رهيو ۽ درس جاري رکيائين.(24) تڪلمه، مڪالات الشعرا جو خالق لکي ٿو ته: مخدوم صاحب پنهنجي استاد مخدوم ضياءُ الدين جي مرشد مخدوم ابوالقاسم نقشبنديءَ سان تمام گهڻي عقيدت رکندو هو. ان حد تاه جو سندس ويهڻ واري کٽ کي به ڇنڊيندو ۽ صاف ڪندو هو. هڪ ڏينهن مخدوم ابوالقاسم وضو پئي ڪيو. ٻانهن ڌوئڻ مهل پاڻي ٺونٺ کان هيٺ ٿي وڌائين جيڪو هيٺ ڪارائي ۽ هٿ ڏانهن ٿي ويو. مخدوم صاحب عرض ڪيو ته فقہ جي ڪتابن موجب پاڻي هٿ ۽ ڪارائيءَ کان مٿي ٺونٺ طرف وجهڻ گهرجي. مخدوم ابوالقاسم فرمايو، ته مون جناب رسول الله ﷺ جن کي اهڙيءَ طرح وضُو ڪندي ڏٺو آهي. مخدوم هاشم صاحب عرض ڪيو، ته حسب روايت فقہ جو اهو طريقو آهي، اڳتي اوهان جي مرضي. مخدوم ابوالقاسم ان وقت حضور انور ﷺ ڏانهن توجه ڪيو، پوءِ چيائين ته حضور انور ﷺ جن فرمايو ته جيڪڏهن اوهان ان نموني ڪندي ڏٺو آهي، ته اوهانجي نظر ۽ ڏسڻ ۾ غلطي ٿي سگهي ٿي، پر جيئن مخدوم هاشم چوي ٿو، ائين عادت بنائي. ان مان مخدوم صاحب جي بيباڪي حق گوئي ۽ شان ڏسڻ گهرجي، جو اهو امر نه فرض هو نه واجب، رڳو احتياط هو ۽ مخدوم ابوالقاسم رح جي تصوف ۽ مقاشفي جو به ڪمال آهي، جو حضور انوار ﷺ جن کان جواب وٺي سگهيو.(25) هڪ ٻيو واقعو جنهن ۾ مخدوم صاحب جي دربار رسالت مآب ﷺ ۾ مقبوليت جو اندازو لڳائي سگهجي. هڪ صاحب مخدوم صاحب کان ڪو مسئلو لکايو. ان کي تصديق لاءِ مخدوم صاحب جي استاد مخدوم ضياءُ الدين ٺٽوي وٽ کڻي ويو، جيڪو مخدوم ابوالقاسم نقشبنديءَ جو مريد هو. ان مسئلي ۾ مخدوم ضياءُ الدين جو رايو ڪجهه ٻي طرح هو، سو دستخط نه ڪيائين. رات جو خواب ۾ رسول الله ﷺ جن کي ڏٺائين حضور اڪرم ﷺ جن حڪم فرمايو ته: جيئن محمد هاشم چئي ٿو اوهين پڻ اها ئي فتوى ڏيو.(26)

مخدوم صاحب، عربي، فارسي ۽ سنڌي زبانن ۾ ڪتاب تصنيف ڪيا. انهن جو تعداد سَون ۾ آهي هن وقت جيڪي ڪتاب دستياب آهن تن جو تعداد 82 آهن، جڏهن ته اڻلڀ ڪتابن مان به 82 ڪتابن جا حوالا مختلف ڪتابن ۾ ملن ٿا. انهن هڪ سؤ چوهٺ ڪتابن مان گهڻا عربيءَ ۾ ٻي نمبر تي فارسي ۽ ٽي نمبر تي سنڌيءَ ۾ تصنيف ٿيل آهن. ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو جي لکڻ موجب مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ جا عربي ڪتاب جامع الازهر- مصر ۾ پڙهيا ويندا هئا ۽ پڙهايا وڃن ٿا.(27) مخدوم امير احمد بذل القوه جي مقدمي ۾ ڪتابن جو تعداد ٽن سَون کان مٿي ٿو ٻڌائي.(28) مولانا غلام رسول مهر، تعداد ساڍا ٽي سؤ ڄاڻايو آهي.(29) مخدوم جا ڪتاب شرعي مسئلن، سيرت، تاريخ، علم حديث ۽ ٻين موضوعن تي لکيل آهن، جيڪي نثر ۽ نظم ۾ آهن. مخدوم صاحب يگانو ۽ يڪتا نثرنگار هو، ته سگهارو نظم نگار پڻ هو. هڪ فارسي شعر جو نمونو:

من درد مندم حضرتا، فرياد رس يا مصطفيٰ.‘

پاره شد بهر خدا، فرياد رس يا مصطفيٰ!

مخدوم صاحب، جو عربي ۽ سنڌي شعر پڻ مثالي ۽ دلپذير آهي. ان سان گڏ بامعنيٰ ۽ بامقصد نه ڪي لغو ۽ واهيات. جيئن اڄڪلهه جي نام نهاد مهان شاعرن جو ڪلام آهي. مخدوم صاحب با اصول ۽ اعليٰ ظرف تنقيد نگار پڻ هو. سنڌ جو سدا سونهارو عالم ڊاڪٽر بلوچ صاحب، مخدوم صاحب جي اصلاحي تنقيد نگاريءَ بابت لکي ٿو ته: مخدوم صاحب پنهنجي طرفان اصلاح ڪري تنقيد جو در کوليو.(30) هن شرعي مسئلن ۽ سنڌ وطن تي ڪيل بيجا تنقيد جو ڀرپور جواب ڏنو ۽ ”مدح نامو سنڌ“ نالي هڪ ڪتاب لکيو. جنهن ۾ سنڌ جو شان بيان ڪيائين. ان کان اڳ ڪنهن ائين نه ڪيو.(31) مخدوم صاحب هڪ وڏو ڪتب خانو پڻ جوڙيو هو، جنهن ۾ تمام گهڻا قلمي نسخا گڏ ڪيائين. سوين ڪتاب تصنيف ڪرڻ لاءِ وڏو علمي خزانو گهرجي جيڪو مخدوم صاحب وٽ هو، جنهن ۾ دنيا جا قديم ترين قلمي نسخا موجود هئا. هن عاليشان ڪتبخاني ۾ چوٿين صدي هجري کان اڳ جا ۽ ٻارهين صدي تاءِ جا شهپاره موجود هئا.(32) علامه غلام مصطفيٰ جي دعويٰ موجب، مخدوم صاحب جي لائيبرري دنيا جي وڏين لائيبررين مان هڪ ڳڻي ويندي هئي. دنيا جو ڪوبه اهڙو ڪتاب نه هو، جيڪوهن ڪتبخاني ۾ موجود نه هو. مخدوم صاحب سمورو علم ۽ ادب توڙي ڪتابي خزانو ڪو هڪ هنڌ ويهي گڏ ڪين ڪيو، ليڪن ڏيهه پرڏيهه ڏک ڏاکڙا سهي، ڪشالا ڪڍي اهو سرمايو هٿ ڪيو. هن علم ۽ عمل جي حاصلات لاءِ حرمين شريفين، هندستان، ڀٽ شاهه، پراڻ، کهڙا، سيوهڻ، مٽياري، نانگو شاهه- بدين، لاڙڪاڻو، گهوٽڪي، نصرپور، شڪارپور، بلڙي بلڪه ساري سنڌ، پيرن هيٺ هنئي. مخدوم صاحب پنهنجي ڪن ڪتابن جا حاشيا لکندي حج جي سفر جو احوال لکندي، اهو پڻ لکي ٿو، ته مونکي جمع جي رات 12 تاريخ رجب المرجب سن 1136هه تي مديني منوره ۾ حضرت رسول الله ﷺ جن جي زيارت جو شرف حاصل ٿيو.(34) سنڌ ۾ اها روايت پڻ عام آهي ته روضي اطهر مان مخدوم صاحب کي سلام جو سڌو جواب مليو ته: وعليڪم السلام محمد هاشم ٺٽوي. مشهور انگريز ليکڪ رچرڊ برٽن، مخدوم صاحب جي سفر حج بابت لکي ٿو ته هن هندستان ۽ عربستان جو سير ڪيو، عربي ۽ فارسي ٻولي ۽ فقہ چڱيءَ طرح سکيو، چون ٿا ته هن عيسائي پادرين سان ڪيترا مناظره ڪيا ۽ سندن مذهب جي خلاف رسالا پڻ لکيا.(35) حقيقت ۾ مخدوم صاحب جي شخصيت عالمانه، فاضلانه، عاشقانه، مشاهدانه، مجاهدانه، عارفانه، سالڪانه، زاهدانه، عابدانه، انقلابيانه، اسلاميانه هئي. هو قرونِ اولى جي مسلمانن جو نمونو هو. جنهن تي هڏي جا متلاشي ڀؤنڪيا ۽ ڀونڪن به پيا ليڪن پرين ڀلائيءَ پنهنجي. مخدوم صاحب جي قرآن فهميءَ حديث شناسيءَ تصوف جي تعليم، فقہ جو فهم، انساني اصلاح، حُب وطن، گامو سچاري اعليٰ درجي تي پهتل هئي. هو هڪ انسان دوست باعمل عالم هو. هن ڪڏهن به دين ۽ اصول تي سودو نه ڪيو. ڪروڙن ۾ ڪراڙي جون ڪهڙيون ڳالهيون ڪجن.

جو جُڙيو سو جهريو، ائين مخدوم صاحب زندگيءَ جون ستر بهارون ماڻي خميس ڏينهن 6 رجب سن 1174هه- 9 فيبروري 1761ع تي هيءَ فاني دنيا ڇڏي. ”جن جي رب سين رهاڻ، تن الڪو ناهي اوڀار جو“ سندس جنازي نماز مخدوم باقر پڙهائي. اندازً ڏهه هزار ماڻهن جنازي ۾ شرڪت ڪئي. غسل واري جاءِ تي ڇهه مهينا خوشبو رهي.(36) مخدوم جي وفات تي گهڻن ئي ماڻهن تاريخي مادا ۽ پرسوز شعر لکيا. هتي غلام علي مداح ٺٽوي جو مادو ڏجي ٿو. که انہ دخل ست سال وصال. (1174هه) اِنالله واِنا اِليہ راجعون!

مخدوم صاحب جي تربت مڪليءَ تي واقع آهي، جنهن تي عربيءَ ۾ هيٺيون ڪتبو لکيل آهي.

العام و الحارف باالله تعاليٰ،

قد سار الي الله بنور وحضور،

الهمت ايا درس بعام المتوفي،

قد شرف الله بلطف و وفور.

1184هه.

مخدوم صاحب کي الله سبحانه تعاليٰ ٻه فرزند هڪ نياڻي عطا ڪئي. عبدالرحمٰن ۽ عبداللطيف نالن وارن ٻنهي فرزندن پڻ علم و عمل ۾ وڏو نالو ڪمايو. مخدوم عبداللطيف کي مخدوم ابراهيم نالي فرزند ٿيو تنهن پڻ سٺو نالو پئدا ڪيو. مخدوم ابراهيم کي هڪ فرزند عبداللطيف نالي ٿيو. هي پڻ ڀلارو عالم هو، هن کي چار فرزند عبدالغفور، عبدالرحمٰن، عبدالعي ۽ عبدالله ”اُميد“ ٿيا. چارئي چڱا هئا. غالباً مخدوم صاحب جي خاندان جو آخري فرد مخدوم غلام محمد هو، جيڪو سن 1312هه ۾ رحلت ڪري ويو.(37) هن خاندان جون ڇهه پيڙيون عالم رهيون، ۽ سنڌ کي علم جي لحاظ کان چمڪائي رکيو آهي.

مخدوم صاحب، سنڌ جو اهو امتيازي حيثيت وارو عالم هو، جنهن کي بارگاهه خداوندي درٻار رسالت مآب، حاڪمانه عصر توڙي عوام ۾ شرف عزت حاصل هو. سنڌ جي هن ماڻڪ موتي جون شخصي خصوصيتون لاتعداد آهن. هن مختصر تحرير ۾ انهن جو احاطو ڪرڻ مشڪل آهي. هت فقط خرار جي جنس ڏيکاري ويئي آهي جنهن مان حقيقت جي پرک ڪرڻ البت ڪجهه سولي ٿي پوندي. هن ملوڪ ۽ مور ماڻهو جي منهن مهانڊي جي تصوير قريبي وقت جي عالمن ۽ تاريخدانن نه چِٽي باقي سو سندس عمل ته سج وانگيان روشن آهي، جيڪو سڀني کي نظر پيو اچي.

لاکا لک سڄن، پر ڦُلاڻيءَ ڦير پيو.

حوالا:

1- اتحاف الاڪابر- مخدوم محمد هاشم ٺٽوي، قلمي- عربي- ص 2.

2- مخدوم محمد هاشم ٺٽوي- ڊاڪٽر عبدالرسول قادري، ص 59.

3- معيار سالڪان طريقت، قلمي- ميرعلي شير قانع ٺٽوي، ص 203.

4- رهاڻ هيرن کاڻ، جلد پهريون- ڊاڪٽر بلوچ، ص 59، 60.

5- مخدوم محمد هاشم ٺٽوي- ڊاڪٽر عبدالرسول قادريءَ ص 61.

6- ايضاً، ص 63.

7- Alexander Hamilton. "New Account of the east Indies in Pinkerton`s Travels. Vol:III.p.p 304-9

8- مخدوم محمد هاشم ٺٽوي- ڊاڪٽر عبدالرسول قادري، ص 63.

9- ايضاً، ص 63.

10- ايضاً، ص 66- 67.

11- مصلح المفتاح- سيدعلي محمد شاهه دائري وارو- مرتب ڊاڪٽر بلوچ- ص 44.

12- مخدوم محمد هاشم ٺٽوي- ڊاڪٽر قادري- ص، 68.

13- الوحيد سنڌ آزاد نمبر، جون 1936ع، ص 32.

14. بناء الاسلام- مرتب، محمد يوسف ابڙو ”شاڪر“ ص 7.

15- تحفت الڪرام- ميرعلي شير قانع ٺٽوي- ص 565.

16- الوحيد سنڌ آزاد نمبر، جون 1936ع- ص 32.

17- ايضاً، ص 33.

18- مخدوم محمد هاشم ٺٽوي- ڊاڪٽر قادري- ص 73.

19- الوحيد سنڌ آزاد نمبر- ص 32.

20- ايضاً، ص 32.. 33.

21- مخدوم محمد هاشم ٺٽوي- ڊاڪٽر قادري- ص 81.

22- ايضاً- 81 کان 88 تاءِ.

23- تحفة الڪرام- ميرعلي شيرقانع ٺٽوي- ص 565- 566.

24- تڪمله مڪالات الشعرا- فارسي- ص 43.

25- ايضاً، 44.

26- ايضاً، 45.

27- سنڌيون- ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو- ص، 61.

28- بذالقوه- عربي- ص، 11.

29- تاريخ ڪلهوڙا- غلام رسول مهر- ص، 888.

30- مصلح المفتاح- مقدمو- ڊاڪٽر بلوچ- ص، 28- 28.

31- مخدوم محمد هاشم ٺٽوي- ڊاڪٽر قادري- ص 149.

32- ”مخدوم محمد هاشم جون علمي ادبي خدمتون“- مقالو، ماهوار ڇهه ماهي سنڌي ادبي سنڌالاجي- حافظ حبيب سنڌي- ص، 17.

33- ”هاشميه لائبرري“- مقالو، ماهوار ”نئين زندگي“، جولاءِ 1959ع، ص 28.

34- الوحيد سنڌ آزاد نمبر، ص، 33.

35- سنڌ ۽ سنڌو ماٿري ۾ وسندڙ قومون، سنڌي ترجمو، ص، 79.

36- مناقب مخدوم محمد هاشم (قلمي فارسي)- ص 1- 4.

37- مخدوم محمد هاشم ٺٽوي. ڊاڪٽر قادري- ص، 182.

ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ

حيدرآباد

 

 

 

محمد عثمان ڏيپلائيءَ جي ناٽڪن ۾

 سماج سڌاري جو پيغام

 

محمد عثمان ڏيپلائي گهڻ پاسائين شخصيتن جو حامل شخص هو، سندس نالو هڪ ڪُهنه مشق صحافي، ايڊيٽر، پبلشر ۽ قابلِ قدر اديب طور مشهور آهي، ٿرپارڪر جي هڪ ننڍي ڳوٺ ڏيپلي ۾ جنم وٺندڙ هن نيڪ ۽ پُرخلوص انسان سڄي ڄمار صحافتي ۽ ادبي خدمتن کي ارپي ڇڏي. ڪيترائي ناول، ڊراما، ڪهاڻيون، مضمون ۽ ٻيا ليک لکيائين، جن جو مقصد فقط ۽ فقط سنڌي سماج ۾ سڌارو آڻڻ هو. هن سماج جي پراڻن روڳن، جهالت، پيري مريدي، وهم پرستي، ضعيف الاعتقادي، طبقاتي سوچ، وڏيرا شاهي ۽ سرمائيداري نظام خلاف جنگ جوٽي پنهنجو قلم کان ’جهاد باالسيف‘ جو ڪم ورتو ۽ ان ۾ ڪاميابي ماڻي. تحقيق ادب اهوئي آهي جنهن معرفت انهيءَ ڌرتيءَ جي خطي جي، سماجي پسمنظر جي، سياسي ۽ معاشي حالتن جي عڪاسي ٿئي. ماڻهن جي خواهشن، دلي اُمنگن، محبتن، نفرتن، مذهبن، عقيدن، سوچن جي خبر پوي، نيڪيءَ ۽ بديءَ جو فرق واضح ٿئي. ٻين لفظن ۾ ادب جو واسطو انساني سماج سان مضبوط ۽ مربوط نموني جڙيل آهي، جنهن جي ڪري دنيا جي هر ادب ۾ انهيءَ سماج جو عڪس چٽو هجي ٿو. ڏيپلائي صاحب هڪ اعليٰ سجاڳ ليکڪ جي حيثيت ۾ پنهنجي تحريرن ۾ ادب جي سماجي ڪارج واري اصول تي قائم رهيو، هن پنهنجين تخليقن وسيلي هتان جي ماڻهن جي ڏکن سکن، بکن بدحالين، ريتن رسمن ۽ اٿڻي وهڻي جي پچار ڪئي ۽ ساڻن ٿيل عقوبتن تي فقط آواز ڪونه اُٿاريو بلڪه هڪ سماج سُڌارڪ اڳواڻ ۽ رهبر جيان کين منفي قوتن مان نجات حاصل ڪرڻ جا گَس ڏسيا. لاتعداد مسئلن ۽ مونجهارن جا حل ڏسيا، هن حياتيءَ کي جيارڻ لاءِ تبديليءَ جو فڪر ڏيئي ادب جي موقف جي سهڻي وضاحت ڏني. هن مقالي ۾ ڏيپلائي صاحب جي لکيل ناٽڪن معرفت سندن سماج سڌاري جي پيغام تي روشني وڌي ويئي آهي.

ڏيپلائي صاحب جا ڪل 14 ناٽڪ لکيل آهن، جن مان ستن ناٽڪن جو مجموعو ’ناٽڪ‘ جي نالي سان انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي پاران 1985ع ۾ شايع ٿيو، (هيءُ ڪتاب بي.اي اليڪٽو Elective جي نصاب ۾ شامل آهي.)

ناٽڪ/ ڊراما لکڻ ۽ خاص طرح معياري لکڻ هڪ تمام وڏو فني ۽ ادبي مرحلو آهي، ڇو جو ناٽڪ فقط لکيو نٿو وڃي، بلڪه اسٽيج، ريڊيو يا ٽي.وي ذريعي پيش ڪيو ٿو وڃي جنهن جا الڳ لوازمات هجن ٿا. منگهارام ملڪاڻيءَ هن ڏِسَ ۾ لکيو آهي ته:

”ناٽڪ نويسيءَ جو فن ساهت جي ٻين شاخن کان لکڻ ۾ اهنجو آهي، جو اهو رنگ ڀوميءَ (Stage) تي ناٽڪ پيش ڪرڻ جي فن سان ڳنڍيو پيو آهي.“(1)

ناٽڪ/ڊرامو صرف لکڻ ۽ پيش ڪرڻ ڪافي نه آهي، پر انهيءَ ۾ موضوع، مواد، مقصديت، ٻوليءَ جو استعمال، سماج جي مسئلن جي نمائندگي ۽ معياري پيشڪش نه هوندا ته اهو ڪڏهن به ادبي يا فني طور ڪا جاءِ والاري نه سگهندو.

ڏيپلائي صاحب جي لکيل ناٽڪن ۾ هيٺيان ناٽڪ آهن، جن جا موضوع ۽ ڇپائيءَ جا سال هن ريت آهن:

1.             غيرت عرف نورجهان جو پٽ

تاريخي ۽ انقلابي ڊرامو

1941ع ۾ ڇپيو

2.           شاهدي

مزاحيه ۽ اصلاحي ڊرامو

1955ع جي مهراڻ رسالي ۾ ڇپيو

3.           اسلام تي مقدمو

اسلام بابت حڪمرانن جو رويو ڊرامو

عبرت جي سلسلي تحت 1949ع ۾ ڇپيو

4.           سجائي موڙي

اصلاحي ڊرامو

ناٽڪ ڪتاب 1985ع ۾ ڇپيل ۾ شامل

5.            مرزا غازي بيگ

تاريخي ڊرامو

اسلاميه درالاشاعت طرفان 1949ع ۾ ڇپيو

6.           واڀيئڙو

اصلاحي ناٽڪ

1956ع جي مهراڻ جي پهرين پرچي ۾ شايع ٿيو ۽ ناٽڪ 1985ع جي ڪتاب ۾ پڻ شامل آهي.

7.           ڏُڪار

مزاحيه ۽ اصلاحي ڊرامو

4 ڊسمبر 1956ع اسلامي دارالاشاعت شايع ڪيو ۽ ناٽڪ ڪتاب ۾ پڻ شامل آهي.

8.           نجومي

مزاحيه ۽ طنزيه اصلاحي ڊرامو

ٽماهي مهراڻ جي 1955ع جي چوٿين پرچي ۾ شايع ٿيو.

9.           آزاد چونڊ

انقلابي ڊرامو

اسلاميه دارالاشاعت 1945ع ۾ شايع ڪيو

10.    ڪانگريس ناٽڪ

انقلابي اصلاحي ڊرامو

اسلاميه دارالاشاعت 1945ع ۾ شايع ڪيو

ان کانسواءِ ’بنجائتي پدمڻي‘ (60 صفحا)، ڊاڪٽر ناٽڪ (16 صفحا)، ’ڪورٽ ناٽڪ‘ (111 صفحا)، ڪانگريسي ڄار، (125 صفحا) ۽ ڪانگريس (200 صفحا) پڻ آهن. مٿي آئون اڳ ۾ ڄاڻائي آئي آهيان ته ’ناٽڪ‘ جي عنوان سان ڏيپلائي صاحب جي ستن ڊرامن جو مجموعو 1985ع ۾ ڇپيو آهي، 132 صفحن جي هن ڪتاب ۾ جيڪي ناٽڪ شامل آهن، انهن جي مختصر ڪهاڻي مڪالمن جو جائزو هيٺ پيش ڪيان ٿي ته جيئن پڙهندڙ سندن تحرير جي مقصديت ۽ پيغام کي ڄاڻي سگهن.

غيرت عُرف نورجهان جو پٽ ناٽڪ ستن پردن تي مشتمل آهي جنهن ۾ دهلي ۽ لاهور جي علائقي جو ذڪر آهي، جهانگير بادشاهه جي دور جي هن سچي واقعي کي ليکڪ سهڻي اسلوب ۽ مڪالمن سان بيان ڪيو آهي. ڪهاڻيءَ مطابق بنگال جو گورنر سيف الله کان اتفاقي قتل ٿي وڃي ٿو، هو مقتول  جي وارثن کي خون بها ڏيڻ جي بجاءِ قيد ۾ رکندو آهي، جي ڪنهن طرح سان قيد مان ڀڄي بادشاهه جهانگير وٽ لاهور پهچڻ ۾ ڪامياب ٿي ٿا وڃن. جتي ڪانتا جي مدد سان ملڪه نورجهان ۽ جهانگير وٽ انصاف لاءِ ٻاڪارين ٿا ۽ کين انصاف پلئه پوي ٿو خود راڻي نورجهان پنهنجي هٿن سان پاليل پٽ سيف الله کي گولي هڻي ٿي ۽ خون ناحق جو بدلو خون قرار ڏيئي رڻبير کي سندس پٽ اِندر جي خون جو بدلو ڏياري ٿي. ڪانتا جي پٽ اجيت سنگهه کي به پنهنجي ڀيڻ سُندريءَ جي عزت بچائڻ سبب ڪيل قتل تي معاف ڪري کيس منصب ڏنو وڃي ٿو، ڇو جو سندس هٿان ٿيل خون عزت جي بچاءُ ۽ غيرت سببان  ٿيو هو. ليکڪ انهيءَ ڪري هن ناٽڪ جو هڪ منفرد نالو غيرت عرف نورجهان جو پٽ رکيو آهي. ناٽڪ جو مڪالما ڪجهه هن ريت آهن:

جهانگير: (سيف الله کي) مون توکي ان لاءِ نواب بنائي موڪليو هو ته تون کلين ته هزارن کي روئاري کلين! تون هلين ته لاشن کي لتاڙيندو هلين! تون کيڏين ته رعيت جي خون سان کيڏين توکي نورجهان جو پٽ هجڻ جو فخر آهي ته اِندر کي منهنجي پٽ هئڻ جو فخر آهي. خدا جو قسم رعيت منهنجا ٻچا آهن! هو غريب آهن ته به منهنجا آهن.“

جهانگير تاج لاهي سيف الله جي لاش کي چنبڙي چوي ٿو ته:

”سيف الله تون مون کي پٽن برابر هئين، منهنجيون اکيون تولاءِ سدائين اشڪبار رهنديون منهنجي دل توکي دائما ياد ڪندي رهندي. ’شهنشاهه‘  توسان انصاف ڪيو، پر جهانگير تولاءِ سدائين اشڪبار رهندو.“ (ص 24-25)

هيءُ تاريخي واقعو ڏيپلائي صاحب کي پسند هو ڇو جو هن ۾ غريب لاءِ عزت، انصاف پسندي ۽ غيرت واري حياتي جيئڻ جو سبق آهي. جنهن جي ڪري ان کي ڊرامائي تشڪيل ۾ آندائين.

سجائي موڙي ناٽڪ 16 ايڪٽن تي مشتمل آهي جنهن ۾ ڪراچي ۽ لنڊن جا منظر آهن، هن ناٽڪ جي ڪهاڻي هڪ نوجوان مجيد ۽ سنڌ جي خيرخواهه سيٺ يعقوب جي گرد گهمي ٿي، سيٺ يعقوب سنڌ ۾ ڌارين آفيسرن جي اچڻ تي پريشان آهي ۽ هو سوچي ٿو ته، ڪاش! سنڌ جا قابل نوجوان پڙهي اڳيان اچن ۽ ضلعن جون انتظامي واڳون سنڀالين ۽ علم جي سفر کي عام ڪن. انهيءَ ڪري هو پنهنجي پئسي مان پيرن، مولوين ۽ مرشدن کي ڏيڻ جي بجاءِ اسڪولن ۾ ٻارن جي تعليم تي خرچ ڪندو آهي ۽ نوجوانن کي تعليم لاءِ اسڪالرشپس ڏيندو آهي. مجيد نالي نوجوان جو پرڏيهه ۾ پنهنجي چاچي جي خرچ تي تعليم حاصل ڪندڙ آهي، پر اوچتو پنهنجي چاچي جي وفات بعد تعليم وچ ۾ ڇڏي ٿو، پر سيٺ يعقوب جو ڏنل اسڪالرشپ جو اشتهار پڙهي ساڻن رابطو ڪري اسڪالرشپ حاصل ڪري پڙهائي جاري رکي ٿو. ٻن سالن بعد هُو سيٺ يعقوب کي سندن ڏنل پئسا واپس ڪرڻ ويندو آهي ته سيٺ يعقوب کانئس اهوئي استفسار ڪندو آهي ته ڇا هن سندس ڏنل موڙي سجائي ڪئي؟ يا ٻئي ڪنهن علم جي اُڃايل جي اُڃ اُجهائي؟ ڪنهن کي پيرن تي بيهاريو؟ ۽ جڏهن کين ناڪار ۾ جواب ملي ٿو ته سخت ناراضگيءَ سان کيس سمجهائيندي چيو ٿو ته،

سيٺ يعقوب: مجيد ڇا تو ڪوبه اهڙو بيڪس ڳولهي نه لڌو جنهن کي بيڪسيءَ جي اوڙاهه مان ٻاهر ڪڍين؟“

جڏهن مجيد سندن چوڻ تي عمل ڪري ڪنهن فرد جي تعليم ۾ مدد ڪري ڏنل موڙي سجائي ڪندو آهي ته سيٺ يعقوب کي دعا ڏيندي چوي ٿو ته، ”خدا تنهنجي عهدي ۾ برڪت وجهي اڄ آئون پنهنجي ڏنل موڙي سجائي سمجهندس ها بلڪل سجائي! جيڪڏهن منهنجي موڙي رڳو هڪ اهڙو ماڻهو بيدار ڪيو جنهن کي ضلع جي ماڻهن تي ضابطو هجي ۽ هُو انهن کي سڌارڻ جو پڪو عهد ڪري ته اهڙي سجائي موڙي ٻي ٿي نٿي سگهي.

هن ڊرامي معرفت ڏيپلائي صاحب ڪيترا سال اڳ سنڌي قوم کي سجاڳ ڪيو آهي. ته توهان جي نجات جو ذريعو توهان جي ترقيءَ جو حل فقط تعليم ۾ ۽ اعليٰ تعليم ۾ آهي ۽انهيءَ سان گڏ سرنديءَ وارن کي آگاهي ڏني اٿن ته توهان وٽ قابل نوجوانن جي ڪمي ناهي، اٿو اکيون کوليو! سندن مدد ڪريو! پنهنجي سرمايي کي ڪارائتو ڪتب آڻيو، غور ڪريو، اوهان جو اصل سرمايو نوجوان سنڌي نسل آهي، سنڌي سماج جي بهتر اوسر لاءِ هنن جو سڌرڻ ۽ ترقي يافته ٿيڻ تمام ضرروي آهي.

شاهدي: هيءُ اصلاحي ۽ طنزيه ناٽڪ هڪ ايڪٽ جو آهي، جنهن ۾ ڪورٽ جو منظر پيش ٿيل آهي، 1955ع ۾ مهراڻ رسالي ۾ ڇپيو هو. موجوده وقت ’ناٽڪ‘ ڪتاب ۾ ڏنل آهي، هيءُ ناٽڪ سنڌي ناٽڪ جي سؤ ساله جشن ۾ اسٽيج تي پيش ڪيو ويو هو، جو ڏيپلائي صاحب بذاتِ نفس نفيس آڊيٽوريم ۾ اچي پاڻ ڏٺو هو ۽ کين گهڻو پسند آهي، جنهن جو پاڻ پوءِ هڪ انٽرويو ۾ اظهار پڻ ڪيو هئائون، انهيءَ وقت جن اداڪارن هن ناٽڪ ۾ اداڪاريءَ جا شاندار جوهر ڏيکاريا انهن ۾ محبوب عالم، اي.آر بلوچ، يعقوب ذڪريا، سڪندر بلوچ ۽ ٻين جو ڪم اهميت وارو هو.

هيءُ ناٽڪ هڪ ڪوڙي شاهدي ڏيندڙ پيشه ور شخص جي باري ۾ آهي، جو پنهنجين اٽڪلن، هيرا ڦيرين ۽ حاضر دماغيءَ سان ڪيس کي پنهنجي فائدي ۾ ڪري ڪاميابي حاصل ڪرائي ٿو، ڏيپلائي صاحب موجب ته اسان جي سماج ۾ اها ڪيڏي وڏي اوڻائي آهي جو قرآن جا ڪوڙا قسم کڻي ڪوڙا شاهد حرفتون ڪري هيلا هلائي سچ کي ڪوڙ ۽ ڪوڙ کي سچ ثابت ڪن ٿا.

انصاف گونگو ٻوڙو آهي، انتظاميه جون مصلحتون ۽ مجبوريون آهن ته وڪيلن جون ڪيسن کٽڻ لاءِ اٽڪلون ۽ چالبازيون آهن، مطلب ته ڪوڙ کي سهڻائيءَ سان سچ ۾ تبديل ڪيو ٿو وڃي. رئيس محمد احسان خان جي رئيس علي تي پنجن هزار قرضن جي دعويٰ آهي ۽ هن جي وفات کان پوءِ سندس وارث اهي پئسا ڏيڻ لاءِ نابري ڪري ٿو ڇڏي ۽ پئسن جي ادائگي کان بچڻ لاءِ وڪيل ڪري ٿو جو عدالت ۾ پيشه ور شاهد کي ڪوڙي شاهدي ڏيڻ لاءِ پيش ڪري ٿو. جنهن هنن ڌرين مان ڪنهن کي به ڪڏهن ڏٺو به نه هو، پر هو پنهنجي جوابن سان عدالت کي اهڙا ته من گهڙت جواب ڏيندو آهي جو عقل حيران ٿي ٿو وڃي، ۽ وري عدالت سڳوريءَ ۾ وقت جي ڪميءَ سبب گهڻيون پيشيون به ٿي نٿيون سگهن ۽ ڪيس جو فيصلو ڪوڙي شاهد جي شاهديءَ جي روشنيءَ ۾ ڪيو ٿو وڃي، جو صرف ڏهن روپين جي نوٽ تي ايترا من گهڙت جواب پيش ڪندو آهي.

مثال طور: عدالت ۾ جڏهن شاهد کان پڇيو وڃي ٿوته، ”رئيس ڪڏهن جيل ڪاٽيو هو؟“

شاهد: سائين! اڄڪلهه ملڪ جو ڪهڙو چڱو مڙس ۽ سڌاري جي چاهنا رکندڙ اهڙو آهي جنهن جيل نه کاڌو هجي، هي پير ڏسو، هي مير ڏسو، هي وزير ڏسو، هي ليڊر ڏسو، هي رئيس ڀڳت ڏسو، هي محبان وطن ڏسو،  هي خادمِ خلق ڏسو، سڀ پيا جيل وڃن. منهنجي خيال موجب اهو شخص قوم جي خدمت ۾ پڪو ئي نه ٿيو آهي، جنهن جيل نه کاڌو آهي.“ (ص 57)

مطلب ته ڏيپلائي صاحب سماج ۾ انصاف پلئه نه پوڻ ۽ عدالتي نظام جي ناقص طريقي کي مزاحيه ۽ طنزيه نموني وائکو ڪيو آهي.

نجومي: هن اصلاحي ناٽڪ ۾ 5 ايڪٽ آهن جن ۾ فٽ پاٿ ۽ گهر جا منظر ڏنل آهن، جنهن ۾ ويساهه جي وسوڙيلن ۽ اعتقاد جي ڪمزورن کي هوشيار ڪيو ويو آهي. نجوميت جي دعويٰ ڪندڙن ۽ اٻوجهه عوام کي لٽيندڙن جو نقشو چٽيو ويو آهي. اهي انساني نفسيات تي مضبوط مهارت رکندي اٽڪلن ۽ حربن سان کين پيا ڦريندا آهن. مت موڙهيلن کي خوش ڪرڻ جا گُر ۽ حربا وٽن گهڻا هوندا آهن، جنهن جي ڪري ڪمزور عقيدي وارن جو وڏو انگ سندن ڪوڙين سچين نالن جي آسري ۾ پيو ٺڳبو آهي.

هن ناٽڪ ۾ امام الدين نجومي پنهنجي ڀاڻيجي جي ڳولا ۾ پريشان آهي پر سندس نجومت کيس ڪابه اطلاع نٿي ڏئي. آخر گهڻي وقت کان پوءِ سندس ڀاڻيجو وٽس لنگهي ايندو آهي. جيڪو کانئس نجومت جا گُر سکي مامي کان به وڌيڪ ڀڙ ٿي ويندو آهي. مامو کيس سمجهائيندو آهي ته ”ٻچا انهيءَ ۾ منهنجو ڪوبه ڪمال ڪونهي. سادا ۽ ميرا ڪپڙا، وڏي ڏاڙهي ۽ سجدي جو نشان ڏسين ته سمجهه سيٺ آهي ۽ سيٺ معنيٰ سٺو، حاجي معنيٰ سون، ديندار معنيٰ پرمٽ، پوءِ انهن سڀني مفت جي ڪماين ۾ هرڪو نوڪر ۽ ڀائيوار به ڪندو آهي، ”مطلب ته کيس ٻين ماڻهن جي ڌنڌن ڌاڙين ۽ خواهشن جا جواب به سيکاريندو آهي، پر ضرور چوندو آهي ته هيءُ ڌنڌو گندو آهي ۽ ڪُتن وانگر پيٽ ڀرڻو آهي، ڀاڻيجو ڪريم کيس ورندي ڏيندو آهي ته،

ڪريم: ها ماما سمجهان ٿو، زمين ۽ آسمان جون ٽٻيون اهي ڇا هڻندا جن جا ڀاڻيجا گم ٿي وڃن ته پتو نه پوين! پر ڀلو  ٿيئي ڀوڪن جو، جي پوڄڻ تي اچن ته ڳئونءَ کي به خدا بنايو ڇڏين، وري بگڙن ته خدا جي نبيءَ کي به ڦاهيءَ تي چاڙهيو ڇڏين.“

ناٽڪ جي آخر ۾ نجومت تي ڀاڙڻ ۽ اهو عمل عام ڪرڻ تي امام الدين ندامت وچان هن ريت چوي ٿو ته:

امام الدين: جيڪو شخص مالڪ کي ڇڏي وڃي ماڻهن کي عالم الغيب ڄاڻي سوال ڪري! ان کي ڀونڊو سامهون نه هوندو ته ٻيو ڇا هوندو! هِت به ڀونڊو ته هُت به ڀونڊا! ٻڇا سمجهون ٿا، پر پيٽ بکيو به ڀرڻو آهي.“ (ص 65-67 ۽ 71)

هن ناٽڪ ۾ ڏيپلائي صاحب هڪ سچي مسلمان جيان شرڪ کان پليو آهي، فالون، ٽوڻا، ڏورا، تعويذ، نجومي ۽ مرشدن جا عمل سندس موجب ته ايمان کي ڪمزور ۽ شيطانيت کي تقويت ڏيندڙ آهن، جن سان ماڻهو جي عمل، ناڪاره ۽ سست ٿي آسرن تي پيو خود کي ڦرائي ۽ ضايع ڪري، هُو سنڌي سماج کي باعمل، باهمٿ ۽ مضبوط ڏسڻ جو خواهان هو ۽ سنڌي قوم ۾ موجود ڪمزور ويساهن کي ختم ڪري کين يقين جي قوت ڏيڻ چاهيائين، جنهن جي لاءِ هن طنزيه ۽ مزاحيه انداز ۾ اصلاح ڪئي آهي، قرآن پاڪ جي سوره البقره ۾ آيل ڳئونءَ جي پوڄڻ وارو واقعو حضرت عيسيٰ عليہ السلام جو ڦاهيءَ تي چاڙهڻ ۽ عالم الغيب خدا پاڪ کي نه مڃڻ ۽ انهيءَ جا دنيا ۽ آخرت جا نقصان ٿيڻ، شرڪ واري جي معافي قبول نه ٿيڻ، يا بقول ليکڪ (هِتي هُتي (دنيا ۽ آخرت) ۾ ڀونڊا کائڻ) مطلب ته هن مختصر ناٽڪ ۾ ليکڪ هڪ وڏو ديني ۽ سماج سڌاري جو پيغام ڏنو آهي.

ڏڪار: هيءُ ناٽڪ ڏهن پردن تي مشتمل طنزيه ۽ مزاحيه آهي، جنهن ۾ لاهور ۽ حيدرآباد جا منظر پيش ڪيا ويا آهن. هي ون يونٽ جي دور جو ڊرامو آهي، جڏهن سنڌ کي ’سابق سنڌ‘ لکيو ويندو هو ۽ پنجاب حڪومت جي وزيرن ۽ سيڪريٽرين کي سنڌي اخبارون ترجمانن جي وسيلي ٻڌڻ کان پوءِ به هتي جي حالتن جي ڪابه همدردي ۽ سمجهه نه هئي. هو ڏُڪار کي ’ڊُڪار‘ ۽ پوءِ ’ڊڪار‘ ڪري وٺن ٿا. سندن موجب ته کين سخت بدهاضمو آهي. انهيءَ لاءِ کين هاضمي جون دوائون وڏي تعداد ۾ موڪليون وڃن. وزير به وزيرن ۽ سيڪريٽرين جي ميٽنگ ٿيندي آهي، جنهن ۾ اهو فيصلو ڪن ٿا ته ڏڪار تي هيترو پنج لک خرچ دوائن جي صورت ۾ ڪرڻ کان پوءِ به اخبارن جي اها ساڳي رڙ ڇو آهي؟ اهي حڪومت تي چٿر ڇو پيون ڪن؟

نيٺ ٿر مان مير حاجي محمد بخش صاحب اسلام آباد وفد وٺي مسئلو بيان ڪرڻ ويندو آهي، مير صاحب کي لاڳاپيل وزير هن ريت چوندو آهي:

وزير: خير اسين چئون ’ڊڪار‘ ۽اوهين چئو ’ڊُڪار‘، ڳالهه ته ساڳي ٿي. سنڌي ۽ پنجابي ٻيئي ٻوليون سنڌو درياهه جي پيدائش آهن، انڪري هڪجهڙيون آهن ۽ اسان جي تهذيب ۽ ثقافت سڀ هڪ آهي تڏهن ته اسان واديءِ مهراڻ جو اتحاد ون يونٽ بنايو، بس هڪ خدا، هڪ رسول، هڪ قرآن، هڪ ڪعبو، هڪ ون يونٽ.“ (ص 89)

مير صاحب: ”جناب اوهان کي ڪنهن غلط معنيٰ ۽ مطلب ٻڌايو آهي، ڏڪار معنيٰ ’قحط‘ اُتي مينهن نه پوڻ سبب سخت قحط پيو آهي، پوکون نٿيون ٿين، گاهه ڪونهي اَناج ڪونهي.“ (ص 89)

بهرحال گهڻي هُل هلاچي ۽ اخباري آوازن ۽ وزيرن کي ڏڪار جو مفهوم سمجهائڻ بعد حڪومت ٿر ۾ ڏڪار ڊڪليئر ڪرائي حڪومتي امداد موڪلي.

آخر ۾ پردي جي پويان آواز اچي ٿو ته، ”هاڻي سنڌ سجاڳ آهي، اهو ڏينهن پري نه آهي جو سنڌ غلاميءَ مان نڪري وري به پاڪستان جي نقشي تي هڪ خودمختيار صوبي جي حيثيت ۾ جلوه گر ٿيندي.

آزاد سنڌ زنده باد! سنڌ کي غلام بنائيندڙ مرده باد، سٻاجهي سنڌ آباد! (ص 100 ) آخر ۾ شاهه لطيف جي سر سارنگ جي بيت سائينم سدائين ڪرين مٿي سنڌ سُڪار جون صدائون اچن ٿيون.

هن ناٽڪ معرفت سنڌ جي ڏتڙيل حالت ۽ خاص طور ون يونٽ جي خلاف ڏيپلائي صاحب آواز اُٿاريو، هُن ون يونٽ خلاف جيڪا ادبي مزاحمتي تحريڪ هلائي هيءُ ناٽڪ انهيءَ جو اهم حصو آهي. جنهن ۾ ليکڪ ڄاڻايو آهي ته ون يونٽ جي ڄار کي پکيڙڻ لاءِ ڪيئن مذهب جي آڙ ورتي ويئي ۽ ’عظيم پنجاب‘ سنڌ کي پنهنجي تسلط هيٺ رکڻ لاءِ ڪهڙا طريقا استعمال ڪيا، ڪيئن لاپرواهيون ڪري کين پريشانين جي ڪُن ۾ وڌو، هيءُ اهوئي دور هو جتان سنڌي قوم ۽ سنڌ لاءِ مسئلا پيدا ٿيا.

ڏيپلائي صاحب انهن مسئلن تي لکيو ۽ خوب لکيو، هو سنڌ، سنڌي ٻولي، سنڌي قوم ۽ سماج جي ترقيءَ ۽ خوشحاليءَ جو خواهان هو.

واڀيئڙو: چار ايڪٽن جو هيءُ ناٽڪ ڀُڄ ۽ ڪڇ جي علائقي جي مسجدن ۽ مندرن ۽ بازارن جي منظر جي ڏيکن تي مبني آهي، هن ناٽڪ وسيلي ناٽڪ نويس وحدانيت جي پرچار ڪئي آهي، هيءُ ناٽڪ هڪ بلڪل منفرد انداز ۽ ٻوليءَ ۾ پيش ڪيل آهي، ٿري ۽ ڪڇي ٻوليءَ جي ميلاپ سان لکيل هيءُ ناٽڪ سچن ۽ عبرت انگيز مڪالمن تي مشتمل آهي، جنهن جو اصل موضوع شرڪ کان بچاءُ، مذهبي بحث مباحثن سان پيدا ٿيل نفرتن کي ٻنجو ڏيڻ آهي، هن ناٽڪ جي ٻولي ڪي قدر ڏکي آهي، ٻوليءَ جي سمجهڻ لاءِ ڏيپلائي صاحب شروع ۾ ڪجهه هدايتون ۽ اشارا پڻ ڏنا آهن.

موضوع جي حوالي سان اهو چوندس ته هن ناٽڪ ۾ ڏيپلائي صاحب مسلمانن ۽ هندوئن جي مذهبي عقيدن ۾ مبالغه آرائيءَ جي بيانن کي ننديو آهي ۽ غلط رسمن جي ڇنڊڇاڻ ڪندي پنهنجو مؤقف واضح طور بيان ڪيو آهي، اهو ڄاڻايو اٿن ته جهڙيءَ ريت مسلمان بادشاهه پيرن جي ڪرامتن کي بيان ڪرڻ ۾ مبالغو به ڪڏهن ڪڏهن ڪن ٿا تيئن هندو ٻاوا سري مهاراج جي مندر ۾ پارپتي ديوي ۽ شري گنيش جي قصي ۾ وڌاءُ پڻ ڪن ٿا. 1939ع ۾ ٿر ۽ ڀڄ جي علائقن ۾ وهمن ۽ وسوسن ۾ جڪڙيل انسانن لاءِ هي وحدانيت جو اثر انگيز درس ليکڪ چواڻيءَ ته هر دؤر جو آواز آهي، نثر جي حوالي سان هن ناٽڪ جي ٻولي ڪجهه هنڌن رائج ڪتابي ٻوليءَ کان مختلف آهي، پر ناٽڪ نويسيءَ جي لحاظ کان جنهن علائقي ۽ ماحول جو نقشو چٽيو ويو، انهيءَ لحاظ کان هي مڪالما دل کي سيبائيندڙ ۽ اسٽيج تي پيشڪش ۾ وزنائتا آهن، جيئن مثال طور هيٺ هڪ حوالو ڏيان ٿي، انهيءَ جو رائج سنڌي ۾ مطلب پڻ پيش ڪيو اٿم.

پرسومل: قبلا سائين! ڪڇون نڪين پڇون، ني انڌر مين پيا لڇون، آن مسلمانين ۾ واڀي، ني اسان هنڌ وئين مين آريا سماجهي ٻنهي گڏجي ڀاءِ کڻي ٻاري آئي، ساري ملڪ مين ڦساد کڻي وڌائين.“

(پرسومل: قبلا سائين! ڪڇون نڪي پڇون بس اندر ۾ پيا لڇون، اوهان مسلمانن ۾ وهابي ته اسان هندوئن ۾ آريا سماجي ٻنهي گڏجي کڻي باهه ٻاري آهي ساري ملڪ ۾ فساد کڻي وڌا آهن).

هيءُ ناٽڪ موضوع جي حوالي سان مضبوط، ماحول جي عڪاسيءَ ۾ وڻندڙ ٻوليءَ جي لحاظ کان خاص انهيءَ علائقن جي ٻولي سمجهندڙن کي گهڻو لطف اندوز ڪندو پر هڪ اهم موضوع تي لکيو ويو، جنهن ۾ انيڪ سهڻا پهاڪا چوڻيون ۽ ٻوليءَ جا مثال آهن، جيئن ٿوري کيتي گهڻي برڪت، انڌير نگري چرٻٽ راجا، نڪا ڪئي هم نڪا تم ڪئي ۽ ٻيا آهن.

مرزا غازي بيگ: ٻن ايڪٽن تي مشتمل تاريخي موضوع جي اوٽ ۾ صحافتي آزادي ۽ پاسخاطريءَ لاءِ لکيل ناٽڪ آهي، جنهن ۾ ظالم حاڪم وٽ مظلوم عوام جي پڪار پهچايل آهي. قنڌار جي شڪارگاهه ۽ مرزا غازي بيگ جي درٻار جا منظر ڏنل آهن.

مرزا غازي بيگ ڊرامو اڪبر بادشاهه جي دور جي عڪاسي ڪري ٿو. هن دور ۾ سنڌ جي ڪجهه حصي تي قنڌاري حاڪم مرزا غازي بيگ حڪومت ڪندو هو، جنهن جي ماتحتن ۽ عملدارن سنڌ ۾ ظلم جي بازار گرم ڪري ڇڏي هئي، هڪ باهمٿ شعر سرويچ سجاولي هن ظلم خلاف عام هنڌن تي شعر و شاعري ڪري اهي ظلم وائکا ڪري ٿو، جنهن تي مرزا غازي بيگ جو ويجهو عملدار شهباز خان کيس مار ڪڍي ٿو. شاعر اها شڪايت مرزا وٽ روبرو کڻي ايندو آهي ۽ مرزا مرڳو کيس بغاوت جي الزام ۾ قيد ڪرائي سندس زبان ڪٽڻ جو حڪم ڏئي ٿو. شاعر کي زبان ڪٽجڻ کان اڳ آخري دفعو ڳالهائڻ ۽ خواهش ٻڌائڻ جو حڪم ڪيو ويندو آهي، جنهن تي هُو هڪ ڊگهي مسدس سوز ۽ وقار سان بادشاهه جي درٻار ۾ پيش ڪندو آهي. انهيءَ مسدس ۾ بادشاهن کي ظلم کان پلڻ ۽ عوام جا سور ٻڌائڻ جي هدايت هجي ٿي، بادشاهه عادل هو. هُو متاثر ٿي سرويچ کي اعليٰ منصب ڏيندو آهي ۽ کيس هدايت ڪندو آهي ته منهنجي ملڪ ۾ جتي به ڪٿي ڪامورن جا ظلم ڏسين مون کي اطلاع ڏج تون باهمٿ، سچار آهين.

هن ڊرامي معرفت ڏيپلائي صاحب آگهي ڏني آهي ته سمجهدار حاڪم اهي آهن جيڪي ملڪ جي اديبن، عالمن، شاعرن ۽ مفڪرن کي مان ڏيندڙ آهن ڇو ته اهي انسان ذات جي ڀلي لاءِ ڪوشان هجن ٿا ۽ وقت جي حاڪمن کي آئينو ڏيکارين ٿا، سچ ۽ حق جي آواز کي دٻائڻ وارو حاڪم ڪڏهن به ڪامياب نه ٿي سگهندو. ماضي حال ۽ مستقبل جي ميلاپ سان هن ناٽڪ معرفت ملڪي انتظام سڌارڻ جي صلاح ليکڪ ڏني آهي 1962ع ۾ سرويچ سجاوليءَ جي ڊگهي مقبول مسدس ’عبرت‘ جون ۾ شايع ٿي جنهن کي ڪجهه ڦيرڦار سان ڏيپلائي صاحب هن ڊرامي ۾ آندو. هيءُ ڊرامو 25 آڪٽوبر 1965ع جي مسلمان اخبار ۾ شايع ٿيو هو. مسدس جو هڪ بند هيٺ ڏجي ٿو:

سلام ان کي ڏين ٿا سنڌي، سڀئي ساري، ٻڌو اي سائين،

سلام سان گڏ فغان ڪن ٿا، هنجون سي هاري، ٻڌو اي سائين.

 

گهڻائي حاڪم ڪنن کان ٻوڙا، اکين کان انڌا، زبان جا کوٽا،

چئونِ سچ ٿا، لڳينِ مچ ٿو، ڪڍن ٿا هڪدم وڏا اکوٽا،

ڪجي ته هاڻي ڀلا ڪجي ڇا، اهو ٻڌائي ٻڌو اي سائين،

چيو هي ’سرويچ‘ جو به جيڪي، لڙڪ وهائي ٻڌو اي سائين.

ڏيپلائي صاحب وقت جي آواز کي لبيڪ چوندڙ ليکڪ هو. هن هر ٻرندڙ مسئلي تي لکيو ۽ لکڻ مهل هن ڪڏهن به مصلحت کان ڪم نه ورتو، محمد ابراهيم جويو صاحب موجب ته ”نيڪي ۽ بديءَ جي دائمي جنگ ۾ ڏيپلائي صاحب رڳو قلم کان ئي ڪم نه ورتو، پر سندس زبان هن جهاد ۾ سندس قلم کان وڌيڪ مضبوط ۽ مستند رهي.“(7)

ڏيپلائي صاحب پنهنجي لکيل سڄي ادب ۾ هرهنڌ مضبوط ساڃهه وند ۽ بيدار رهيو. هُن مزاحمتي ادب تخليق ڪيو ۽ سماجي گهُرجن کي فوقيت ڏني، سنڌي سماج جي بنيادي مسئلن کي پرکيو پروڙيو ۽ عام جي اڳيان آندو، دنيا جي سماج جي مشترڪ قدر يعني انسانيت جي پرچار انسانذات جو ڀلو اهوئي سندس لکڻين جو مقصد هو جو هن پنهنجي لکيل ناٽڪن ۾ پڻ واضح طور آندو آهي.

حوالا:

1.                   ڏيپلائي، محمد عثمان، ’ناٽڪ‘ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ڄام شورو، 1985ع، ص 24-25

2.                 ساڳيو حوالو، ص 47-48

3.                 ساڳيو حوالو، ص 57

4.                 ساڳيو حوالو، ص 65-67-71

5.                  ساڳيو حوالو، ص 100

6.                 جويو، محمد ابراهيم/ تاج جويو (ترتيب) ’انسان دوست اديب ۽ بيباڪ صحافي محمد عثمان ڏيپلائي‘، سنڌ ماڻڪ موتي تنظيم، حيدرآباد، 2003ع، ص 299

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org