سوچ – لوچ
پڙهندڙ ساٿيو! نئين سال جي مبارڪن سان گڏ نئون
’مهراڻ‘ توهان جي هٿن ۾ آهي. اسين انهن سڀني محققن
۽ شاعرن جا شڪرگذار آهيون، جن اسان سان پنهنجو
ڀرپور تعاون ڪيو آهي. محترم چيئرمين جناب مخدوم
سعيدالزمان ’عاطف‘ جي رهنمائي ۽ ايڊيٽوريل بورڊ جي
ميمبرن جي تعاون سان اسان جون ٽماهي ’مهراڻ‘ لاءِ
ڪيل نئين عزم سان /نيون ڪوششون اوهان کي ڪيئن ٿيون
لڳن اسان کي ضرور صلاح ۽ مشورن سان نوازيو.
مڃتا ايوارڊ ۽ شڪريه ادائي:
تاريخ 7- فيبروري 2021ع تي ڪوٺايل جشن آصف مصراڻي
تقريب ۾ سنڌي ادبي سنگت سنڌ پاران سنڌي ادبي بورڊ
جي موجوده چيئرمين مخدوم سعيدالزمان ’عاطف‘ کي
سندس علمي، ادبي خدمتن ۽ سنڌي ادبي بورڊ جي تاريخي
خدمتن عيوض حُسن ڪارڪردگي مڃتا ايوارڊ سان نوازيو
ويو آهي. اُنهيءَ سسلي ۾ بورڊ آف گورنرس، بورڊ جي
انتظاميه ۽ بورڊ جا سمورا ملازم سنڌي ادبي سنگت جا
تهه دل سان شڪرگذار آهيون، جن چيئرمين صاحب کي هن
ايوارڊ سان نوازيو.
تعزيتي ميڙاڪو:
15 فيبروري 2021ع تي ڄام شورو جي مخدوم طالب
الموليٰ آڊيٽوريم ۾ بورڊ آف گورنرس جي وڇڙي ويل ٻن
ميمبرن جسٽس سيد ارشاد علي شاهه، عبدالقادر جوڻيجو
۽ بورڊ آف گورنرس جي اڳوڻي ميمبر ڊاڪٽر غلام علي
الانا جي ياد ۾ تعزيتي ميڙاڪو ڪوٺايو ويو، جنهن ۾
ناليوارن اديبن ۽ ڪٽنب جي ڀاتين پڻ سندن علمي ادبي
خدمتن کي ڀيٽا پيش ڪئي.
پَڳهه ڇوڙي پنڌ پيا:
محترم ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو
تاريخ 16- ڊسمبر 2020ع تي ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو اسان
کان وڇڙي ويو.
ڊاڪٽر صاحب 1- آگسٽ 1972ع تي راڻيپور لڳ ڳوٺ گل
محمد ڄامڙو ضلع خيرپورميرس ۾ پيدا ٿيو. پنهنجي
تعليم مڪمل ڪرڻ بعد 1998ع ۾ شاهه لطيف چيئر ڪراچي
۾ ريسرچ آفيسر طور ڀرتي ٿيو. ان بعد جلدي 2000ع ۾
اسلاميه ڪاليج ڪراچي ۾ سنڌي ليڪچرار طور نوڪري
شروع ڪيائين، پاڻ ’سنڌو جا گيت‘ (لوڪ گيت) جي
موضوع تي ڊاڪٽريٽ به ڪري ورتائين. سندن اها ٿيسز
2010ع ۾ سنڌ ثقافت کاتي شايع ڪري منظر تي آندي
ڊاڪٽر صاحب جا ڪيترائي مضمون، مقالا ۽ شاعري
اخبارن ۽ جريدن ۾ شايع ٿيندي رهي، سندن ڪتاب ’سنڌي
موسيقي جا امر آواز‘ پڻ ڇپيل آهي. پاڻ وفاقي اردو
يونيورسٽيءَ ۾ سنڌي شعبي جو استاد ۽ انچارج رهيو.
سندس خاص شوق ۽ نسبت سنڌي لوڪ ادب سان رهيو.
سُگهڙن جي محفلن ۾ اڪثر موجود رهندا هئا، ڪافي
پروگرامن ۾ صدارت پڻ ڪيائون، پاڻ ’سلات‘ (سنڌ لوڪ
ادب تنظيم) جا سربراهه پڻ هئا.
محترم رسول بخش درس
درس صاحب جي پيدائش جهمپير ضلع ٺٽي ۾ 10- جون
1953ع ۾ ٿي. سندن والد جو نالو محمد اسمٰعيل درس
هو، پاڻ بنيادي طور پرائمري استاد هو، ڪجهه وقت
ٽريننگ (لرننگ) ڪوآرڊينيٽر سپروائيزر ۽ سنڌيءَ جو
سبجيڪٽ اسپيشلسٽ پڻ هو. پاڻ سنڌ يونيورسٽيءَ مان
ايم.اي سنڌيءَ ۾ ٻي پوزيشن حاصل ڪيائون. سندن جيڪي
ڪتاب شايع ٿيا انهن ۾: (1) سهائي جي سوڀ، (2) ساٿ
جي موسم، (3) سنڌ هيرن کاڻ (ٻه جلد) شامل آهن. پاڻ
ڪجهه سولو- پلي
(Solo-play)
پڻ لکيائين. ’سرسوتيءَ‘ نالي رسالي جا ڪجهه پرچا،
عبدالعزيز اثر سولنگي سان گڏ ڇپرايائين. هُو
بنيادي طور ڪهاڻيڪار هو، ۽ ڪهاڻي ئي ادب ۾ سندس
سڃاڻپ بڻي.
سنڌ جو هيءُ اهم اوطاقي اديب ۽ موسيقيءَ جو ماهر
29- ڊسمبر 2020ع تي هن جهان مان لاڏاڻو ڪري ويو.
محترم پارس حميد
تاريخ 30- ڊسمبر 2020ع تي پارس حميد به هن جهان
مان لاڏاڻو ڪري ويو.
حميدالحق قاضي عرف پارس حميد 1- جنوري 1957ع تي
ڳوٺ گاهي خان جلباڻي، خانواهڻ لڳ، تعلقي ڪنڊياري
ضلعي نوشهرفيروز ۾ پيدا ٿيو. پاڻ ايم.اي (اڪنامڪس)
۽ ايل.ايل.بي هو. پاڻ سنڌ سيڊ ڪارپوريشن ۾ اسسٽنٽ
ڊئريڪٽر (مارڪيٽنگ) رهيو. نماڻي مزاج جو مالڪ
نثرنگار ۽ شاعر هو. سندس ٽي ڪتاب: (1) پهريون
خواب، (2) هٿ ترين تي روشن دک، (3) ديس پرديس ڇپيل
آهن. سندس نثري نظمن ۾ ڪافي شهرت ماڻي.
پارس حميد صاحب ٽماهي ’مهراڻ‘ جو ريگيولر شاعر هو،
هُو تسلسل سان ’مهراڻ‘ ۾ ڇپيو، سنڌي شاعرن جي هِن
لڙهيءَ ۾ سندس خال هميشه محسوس ٿيندو.
محترم هدايت پريم
سنڌي ٻوليءَ جو ناميارو ليکڪ، ڪهاڻيڪار ۽ سنڌي
ٻوليءَ جو استاد هدايت پريم تاريخ 20- جنوري 2021ع
تي موڪلائي ويو.
هدايت پريم جي نالي سان لکندڙ هن اديب ۽ استاد جو
پورو نالو هدايت الله آخوند آهي، 24- مارچ 1946ع
تي تعلقي اوٻاوڙي ضلعي سکر ۾ پيدا ٿيو، پرائمري
تعليم روهڙيءَ مان حاصل ڪيائين. اعليٰ تعليم
اسلاميه ڪاليج سکر مان ۽ ايم.اي سنڌي سنڌ
يونيورسٽيءَ مان 1973ع ۾ ڪيائين، سندس ٽي ڪتاب:
(1) سنڌي ٻوليءَ جا محقق (ٻه ڇاپا)، (2) ٿر جي
ٻولي، پروفيسر ڊاڪٽر عبدالقادر جوڻيجي سان گڏ لکيل
ڪتاب 1995ع ۾ ’اترادي ٻولي‘ 1996ع شايع ٿي چڪا
آهن، ان کان سواءِ هدايت صاحب، اٽڪل 80 کن مقالا
پڻ لکيا، جن جو موضوع گهڻو ڪري لسانيات، سوانحيات
۽ ادب آهي، 16 ڪهاڻيون پڻ لکيون، جيڪي مختلف رسالن
۾ ڇپجي چڪيون آهن. هڪ عدد ناول ’ازابيل‘ 2006ع ۾
پڻ ڇپجي چڪو آهي.
محترم سيد مرتضيٰ ڏاڏاهي
تاريخ 15- فيبروري 2021ع تي سنڌي زبان جو ٻهڳڻو
شاعر سيد مرتضيٰ ڪاظمي ڏاڏاهي ولد امام الله شاهه
ڪاظمي وفات ڪري ويو. سندس وفات سان سنڌي شاعري جو
هڪ باب بند ٿي ويو، ڏاڏاهي صاحب 26- نومبر 1939ع
تي ديهه ڏاڏاهه لڳ ٽنڊوباگو (بدين) ۾ پيدا ٿيو ۽
انهيءَ نسبت سان پاڻ کي ڏاڏاهي لکيائين. پوءِ هُو
ٽنڊوالهيار مستقل منتقل ٿي آيو. پاڻ ڪنهن به اسڪول
۾ تعليم نه ورتائون. پنهنجي والد وٽ اردو، فارسي،
انگريزي ۽ سنڌي گهر ۾ پڙهيا، 14 سالن جي ڄمار ۾
شاعري شروع ڪيائون ۽ حياتيءَ جي آخري ڏينهن تائين
جاري رکيائون. غزل، گيت، وايون، نعت، حمد ۽ ڪافيون
لکيائون. ’ڪافي‘ سندن پسنديده صنف هئي ۽ سندن
ڪافيون سنڌ جي تمام مشهور فنڪارن ڳايون. سندن اَٺ
ڪتاب ڇپيل آهن: (1) سرها سهڻا گل (2) ٿورا نه ٿورا
(3) زهر زم زم (4) تون پارس آئون لوهه (5) ڏاڏاهي
جا ڏوهه هزار (6) مان ذرو تون ماهتاب (7) نه هن
پاسي به هن پاسي (8) چڱو ٿيو اوهان کي به وسري
وياسين، سيد مرتضيٰ شاهه ڏاڏاهيءَ کي تمام گهڻا
عوامي ايوارڊ ۽ ’صدارتي ايوارڊ‘ پڻ مليا، الله پاڪ
کين ٻه فرزند ۽ ٻه نياڻيون عطا ڪيون.
سنڌي ادبي بورڊ جو چيئرمين صاحب، بورڊ آف گورنرس
جا ميمبر صاحبان، سيڪريٽري، بورڊ جا سڀ ملازم ۽
ٽماهي ’مهراڻ‘ جو سمورو سَٿ هنن سڀني سنڌي ادب جي
نامور ليکڪن ۽ شاعرن جي پونيئرن سان سندن غم ۾
شريڪ آهي.
ثمينه ميمڻ
ايڊيٽر ’مهراڻ‘
مرحوم غلام محمد گرامي صاحب
سندس طرز نگارش ۾ صوري ۽ معنوي حسن ۽ لطافت آهي.
ائين چوڻ ۾ ڪوبه مبالغو نه آهي ته سندس طرز نگارش
شاعرانه آهي. گرامي صاحب نثر ۾ شاعري ڪري ٿو. سندس
تحريرن ۾ خوبصورت ۽ حسين تشبيهون، حسين ۽ دلنشين
استعارا، لطيف ۽ معنيٰ خيز ڪنايا، بي ساخته ۽ پخته
ترڪيبون، برجسته ۽ روح پرور جملا ملن ٿا؛ جي هوند
شاعريءَ لاءِ استعمال ڪري سگهجن. سندس تحرير ۾
توازن ۽ تسلسل رهي ٿو، جنهن ۾ نظم جي رواني ۽ غزل
جي ترنم ريزي محسوس ٿئي ٿي. گرامي صاحب ’مهراڻ‘
لاءِ جي گذارشون لکيون آهن، اهي ’ادب عاليه‘ جو
اعليٰ مثال آهن. علم ۽ فن جي گهڻو ڪري هر مسئلي تي
بحث ڪيو اٿس. اندازِ بيان ۽ اسلوب تحرير اهڙو حسين
۽ دلنشين، ولوله انگيز ۽ جاذب نگاهه ٿئي ٿو، جو
افساني ۽ ڊرامي، ناول ۽ ڪهاڻيءَ کان به وڌيڪ دلڪش
۽ روح آفرين ٿو محسوس ٿئي. سندس تحرير ۾ فڪر انگيز
خيال به آهي، صوري تناسب به آهي، منطقي توازن به
آهي، دليل جي پختگي به آهي، نتيجي جي صحت به آهي،
۽ بيپناهه رواني ۽ برجستگي به آهي. سندس تحرير جي
خصوصيت، جا پڙهندڙ کي متوجه ٿي ڪري، سا استعارات ۽
تشبيهات، اشارات ۽ ڪنايات، تلميحات ۽ تمثيلات جي
ڪثرت ۽ فراواني ۽ ان جي ظاهري حسن سان گڏ معنوي
حسن به آهي؛ جنهن ۾ دلبري ۽ دلاويزي، دلڪشي ۽
دلفريبي موجود آهي. سندس نظريات ۽ خيالات سان
اختلاف رکندڙ به سندس حسن بيان کان متاثر ٿيڻ
کانسواءِ رهي نٿو سگهي.
راڄ محمد پلي
(’مهراڻ‘ شاعر نمبر- 1-2-3/1969ع، ص 764 تان ورتل)
(1754ع – 1844ع
بيت
پتنگ چائين پاڻ کي، ته مچ ڏسي نه موٽ،
اجهو ٿيندئي الله جو، ڪلمو ٿيندئي ڪوٽ،
گهڙ ته ٿيين گهوٽ، رتل ’راضي شاهه‘ چئي.
مِهر ٿيندئي موهر ۾، چار ئي يار چڱا،
سڃاڻج سڀن کي، تون سيد جي سڱا،
’دوئيءَ-دونهون‘ دل مان، اصل ڪڍ اڱا،
لاهج ڪنهن نه لڱا، چنتا تن چئن جي.
پتنگ چائين پاڻ کي، ته پاهون پير مَ پاءِ،
’راضي شاهه‘ رچاءِ، پاڻ پريان جي پنڌ ۾.
(ڪتاب: مهراڻي جو مير، مرتب: معمور يوسفاڻي- تان
ورتل)
*
سيد محمدشريف عرف شاهه شريف رضوي
(1050هه – 1115هه)
بيت
سامُون سَمي جھَليُون، ٿو اَلادين
اچٖي
سانگيون سائُنِ هٿِ ڪيون، مَرُ
اوراهون اچٖي
جانۡڪيتان، يوسف چئي، اُن وٽ اهڙو رنگ
رچٖي
الا! شالَ بچي، عالَم اِنَ اُڇَلَ
کان. |
گُجَريان ٿي گَجِئون تنهن ڇَليَنِ
ڇِهُه نه ڪوءِ
مَهانۡئي محمود ڀڙ جن جو منجھ مجلس
هوءِ
ڪافر ڪٽئو ڪرماڻيين جنهن تي هئي
دانهياڻي جوءِ
’ميمُ‘ جنهين جي مَنَ ۾، هت سنبهٖي
سوءِ
مڱن سوڀ، شريف چئي، اٺو پهر اوءِ
ڪَرهل پَريان ڪوءِ، او سانۡوَرُ سگهو
سانڍئو.
(ڪتاب ميئين شاهه عنات جو ڪلام سنڌي
ادبي بورڊ) |
صوفي شهاب الدين سومرو
(1244هه – 1308هه)
*
درد بنا آهي ڪوڙي بات- ذات نه ڄاڻان ڪير آءُ
آهيان.
پاڙي اسان جي پهاڄيون، کر به اسان سان ڇات.
اوکيءَ ويل اسان سان مرشد هجي هميشه ساٿ.
هادي ويل هلڻ جي، مون کان ڪلمو چوائين وات.
’شهاب الدين‘ جو ڪرين، سو ڪري وٺ، ڦٽڻ تي آ پرڀات.
(ڪتاب: وڙهيا واڳيا واپريا‘ مصنف: راڄ محمد پلي
مرتب:
اسد جمال پلي)
محي الدين شاهه اعجاز شيرازي-
پيرجهنڊو
(1929 – 1998ع)
وائي
هيڻيءَ جو ناهي حال،
ٻاجهَه ڪجان ڪا يارَ ٻاروچا.
ڏُونگر ڏوريان، ڏوريو نا ٿئي،
اوکو آ پنڌ ڪشال، ٻاجهَه ڪجان ڪا يارَ ٻاروچا.
ڪُوڙ ڪمايو ڪوڙ پئي کاوان،
اَهڙو اَٿم اَفعال، ٻاجهَه ڪجان ڪا يارَ ٻاروچا.
اُپَٽينِ مَتان مُنهنجا عيبَ اَگلا،
سڀ ڏينهَن توکي آ سوال، ٻاجهَه ڪجان ڪا يارَ
ٻاروچا.
جَهڙي تَهڙي حال سان،
پَرتِيَس توکي لڄپال، ٻاجهَه ڪجان ڪا يارَ ٻاروچا.
آهين ’اعجاز‘ جو تون ئي سَهارو،
لاهِه هِجر جو ڪال، ٻاجهَه ڪجان ڪا يارَ ٻاروچا.
(ڪتاب: ’سخن اعجاز‘تان ورتل)
محمّد هاشم ’مخلص‘
(1860- – 1939ع)
ڪلام
پَئي جام ۾ جي عڪس تنهنجي جلوه گري جو،
دم بند خجالت کان ٿئي شيشي ۾ پري جو.
ڇا ذڪر ڪريان يار سندءِ عشوه گري جو،
جي حور سندو ناز ته غمزو ٿيو پري جو.
هر ڪنهن کي ڪرين ٿو
نگَهَـِ
ناز سان تسخير،
شُهرو ٿيو جهان ۾ تنهنجي جادو نظري جو.
اي جوش جنون ڏي منهنجي وحشت کي ترقي،
ٿئي شغل نه موقوف ڪڏهن
جامه
دري جو.
هڪ
تارِ
نظر کان به جنهن کي بار ٿيو ’مخلص‘،
ڇا ذڪر ٿئي ان
شوخ
جي نازڪ
عمري
جو.
(ڪتاب: ’دُرناياب عرف يادِ رفتگان‘ تان ورتل)
حڪيم فتح محمد سيوهاڻي
( 1882 – 1942ع )
ڪلام
محبوب منهنجي دل جو حقيقي ڪتاب آهي،
جو بي نظير حسن ۾ ۽ لاجواب آهي.
هر صفر جنهن جو روشن هڪ آفتاب آهي،
چوڏهين جي چنڊ جهڙو پڻ منهن تي تاب آهي.
محبوب جي اکين ۾ اکيون جڏهن اڙايم،
سمجهيم هي عشق
منهنجو بيشڪ ثواب آهي.
جن جن به بدنصيبن، منهن موڙيو انهي کان،
تن جو ٿيو جهان ۾ خانو خراب آهي.
هرگز ”حڪيم“ جي هي ٿيندو نه ڌار دل مان،
دل جي چمن جو گويا ٽڙيل گلاب آهي.
(ڪتاب: ’دُرناياب عرف يادِ رفتگان‘ تان ورتل)
آخوند لطف الله ’لطف‘
(1842- – 1902ع)
ڪلام
لطف ڪر يا ربّ مون تي، مصطفيٰؐ جي واسطي،
صاف رک سينو سندم، صدق و صفا جي واسطي.
تنهنجي بخشش ۽ عطا جو بحر بي پايان آه،
ڪر عفو مون کي ته ڪنهن، پنهنجي عطا جي واسطي.
مون ڪيا عصيان بيحد، چوڻ چارو ناه ڪو،
معاف سي ڪر پنهنجي ذاتِ ڪبريا جي واسطي.
نفس جي خاطر لڳي مون عهد سڀ تنهنجا ڀڳا،
آسريوند آهيان تنهنجي وفا جي واسطي.
’لطف‘ تنهنجي در مٿي آهي سدا اميّدوار،
آهه سو سائل سندءِ لطف و سخا جي واسطي.
(ڪتاب: ’دُرناياب عرف يادِ رفتگان‘ تان ورتل)
حاجي ميان علي محمّد قادري
(1856- – 1940ع)
ڪلام
ڇا عجب دنيا جو اڄ ڪلهه ڪارخانو ٿي ويو،
چشمِ بينا لاءِ عبرت جو زمانو ٿي ويو.
جنهن گلستان ۾ هو گل جو، بلبلن جو چهچٽو،
هاءِ زاغن جو انهيءَ ۾ آشيانو ٿي ويو.
طالبِ دنيا جي لاءِ فردوس آهي هي جهان،
اهلِ معنيٰ واسطي ڄڻ قيدخانو ٿي ويو.
جنت الفردوس جي خواهش نه آهي ’قادري‘،
ڪُوئِي جانان ۾ سندم اڄ آستانو ٿي ويو.
(ڪتاب: ’دُرناياب عرف يادِ رفتگان‘ تان ورتل)
سرشار عُقيلي
(1907- – 1971ع)
ڪلام
نه محفل آهي سا محفل نه جنهن ۾ يار هجي،
مگر هجي ته پو اينهين جو هم ڪنار هجي.
وصالِ يار جي اي دل نه آرزو ڪر تون،
ڪري سو جنهن کي قيامت جو انتظار هجي.
نه تير، تير ڪو تيرِ نظر جي مٽ آهي،
نه تير، تير ٿئي جو نه دل جي پار هجي.
خمار ڏين ته اهو ڏي خمار اي ساقي،
جو قبر مان به اٿان ته به اڃا خمار هجي.
بهار منهنجي اي ’سرشار‘ دلبهار جي هٿ،
ٿيو ڇا باغِ، جهان ۾ کڻي بهار هجي.
(ڪتاب: ’دُرناياب عرف يادِ رفتگان‘ تان ورتل)
ڊاڪٽر عطا محمّد ’حامي‘
(1919- – 1982ع)
ڪلام
اچي ٿو سدا دل کي يارن جو ڌوڪو،
هي ڪشتي تي کائي ڪنارن جو ڌوڪو.
ڏين ٿا وڏن اعتبارن جو ڌوڪو،
نظر ڪيئن اچي ناز وارن جو ڌوڪو.
گلن پنهنجي دامن ۾ ڪنڊا ڇپايا،
خزان کان وڌ آيو بهارن جو ڌوڪو.
هَٽيا ڪجهه ڪڪر سحر ڪين آئي،
هي چانڊاڻ ٿي چئن تارن جو ڌوڪو.
گهڻا منهنجا مٺڙا اٿئي دل جا ڪارا،
متان کائين ڪٿ قرب دارن جو ڌوڪو.
رسايو جنون نيٺ منزل تي ’حامي‘
خوديءَ ٿي ڏنو رهگذارن جو ڌوڪو.
(ڪتاب: ’دُرناياب عرف يادِ رفتگان‘ تان ورتل)
ميرزا غلام حيدر بيگ ’قنبر‘
(1834ع- – 1921ع)
قطعه تاريخ وفات شاهه عبداللطيف ڀٽائي
سيدٖ عالي نَسب وَالا گوهر عبداللطيفؒ
نذر حق ڪِيئن جان پنهنجي زندگي هئي مختصر
عالمٖ اسلام جو بي مثل شاعر ذِي شرف
لفظ جي آڻي ڪتب سيد تي هو سڀ منحصر
پندرهين ماهه صفر يارهن سؤ پنجهٺ سال هو
اُن جي فرقت ۾ سڄڻ روئي وسائِن خاڪ سر
سالٖ رحلت لاءِ ’قنبر‘ آهي هاتف جي ندا
لِک غلامٖ حيدر ان پر سال آهي معتبر
بيگمان و باليقين از فضل رب العالمين
آهي مطلوب عليٰ عِندَ مَلِيڪ مُقتَدِر
1165هه
ترجمو: سگهه واري بادشاهه وٽ رهندا.
نورمحمد نورل مري-
کاهي، کپرو
(1938ع – 2- فيبروري 1991ع)
ڪلام
ڏٺي دلبر کي ڏينهن ٿيئڙا نه ظاهر ٿيو اڃا تائين،
کلڻ کائڻ سڀئي ويئڙا نه ظاهر ٿيو اڃا تائين.
وچن ڏيندي وراڻيائين اجهو آيس ڪي آيس مان،
وڇوڙي جا وٺا مينهڙا نه ظاهر ٿيو اڃا تائين.
نه ديريون اڳ ڪڏهن لاتائين وڃڻ سان ئي هيو ورندو،
مگر ڪي پور اٿس پيئڙا، نه ظاهر ٿيو اڃا تائين.
خدا شل خير سان آڻي سڄڻ منهنجي ته سهڻي کي،
ڪٽيان پيو هتي ڏکيا ڏينهڙا نه ظاهر ٿيو اڃا تائين.
نه دل وس ۾ نه دلبر وس وڃان ڪهڙي پاسي ’نورل‘،
لڳا لاشڪ نوان نينهڙا نه ظاهر ٿيو اڃا تائين.
(ڪتاب: ’دُر ناياب عرف يادِ رفتگان‘ نمبر تان
ورتل)
ڪشنچند ’بيوس‘
(1885ع- – 1947ع)
ڪلام
آسماني اَڇ سان اڄ گُل ٽِڙيا گُلزار ۾،
بُوند باراني وسي، پرمغز ٿئي هُٻڪار ۾.
پڻ چڙي، ٺاري نِڙي گهر ۾ گهڙي ٿڌڪار ۾،
پڻ تنبُورا، ساز سُرندا، سارنگين جي تار ۾.
مينهن جي مانڊاڻ کان، سارا چمن چانڊاڻ ٿيا،
ڦوهه ۾ گل ڦل پٽي پيڙا کُلي هر ٽار ۾.
پي پپيهو خوب پاڻي، ڍو منجهان ڍاپيو گهمي،
بلبلون چيها، چتون آهن لڳا للڪار ۾.
روح کي راحت رسي، اڄ تازگي چوڏس ڏسي،
هير دل کي هر گهڙيءَ خوش ٿي ڪري خنڪار ۾.
هيج مان هارين جي دل ۾ آهي ’بيوس‘ آسرو،
هنج ڀري ٻيجن ٻجن جا، ويا ٻنيءَ ۾ ٻار ۾.
(ڪتاب: ’دُرناياب عرف يادِ رفتگان‘ تان ورتل)
’محسن‘ ڪڪڙائي
(1937ع – 2005ع)
غزل
انصاف ائين ڪاٿي ٿو چوي، ناشادن کي ناشاد ڪجي،
انصاف اهو آهي ته سڄڻ! ويرانن کي آباد ڪجي.
فرياد نه ڪر، پر جيڪڏهن فرياد ڪرڻ تون چاهين ٿو،
پٿر جو جگر پاڻي ٿي پوي، اي دوست! ائين فرياد ڪجي.
اي دوست! تقاضا آهه محبت جي ته سگهو ويچارُ ڪري،
جا جور و جفا کي شرمائي، اهڙي ڪا وفا ايجاد ڪجي.
’محسن‘ ته اهو ئي پڙهيو آهه، هن عشق جي مڪتب مان
يارو!
دل کي نه صفا پابند ڪجي، دل کي نه صفا آزاد ڪجي.
(ڪتاب: سنڌي شاعري جو سفر‘ تان ورتل)
’اختر‘ هالائي
(1917ع – 1959ع)
غزل
عزيزو رات ميخاني جي، مهمانن سان ڏاڍي ٿي،
صنم خنجر ڪڍي بيٺو، ثنا خوانن سان ڏاڍي ٿي.
هو سهڻو بزم شعرا ۾، سراپا شعر ٿي آيو،
خموشي ڇانئجي ويئي، سخندانن سان ڏاڍي ٿي.
حسينانِ جهان سڀ، سرنگون ٿيا حسن جانان وٽ،
پرستارن سان ڏاڍي ٿي، صنم خانن سان ڏاڍي ٿي.
سنڀالي پير رک ’اختر‘ گلستان جي احاطي ۾،
گلن جي آرزو ۾ اڄ، گريبانن سان ڏاڍي ٿي.
(ڪتاب: سنڌي شاعري جو سفر‘ تان ورتل)
رشيد ڀٽي
(1933ع – 1988ع)
غزل
هليا ساقي هِتان ويندا ته ميخانن جو ڇا ٿيندو،
جي ٿيندا بند ميخان ته مستانن جو ڇا ٿيندو؟
اسان جي آرزو آهي، چمن کي گهر بنائڻ جي،
خزان بڻجي بهار آيو، ته ارمانن جو ڇا ٿيندو؟
هزارين داستان هن دل جي گهرائيءَ ۾ مون سانڍيا،
جي منهنجي دلڪشته ٿي ته افسانن جو ڇا ٿيندو؟
جي هوندي سوز ساماني ته محفل رنگ لائيندي،
وسمي شمع جي ويئي ته پروانن جو ڇا ٿيندو؟
(ڪتاب: سنڌي شاعري جو سفر‘ تان ورتل)
شاهه شجاع، مسلمان جي حيثيت ۾، ميرن کي خدا جو
نالو وٺي قرآن ڪريم تي عهد اقرار لکي ٿو ڏئي ته
مان پنجاهه ڏينهن کان وڌيڪ نه رهندس، نه وري ڪا
مداخلت ڪندس: هي ملڪ اوهان جو آهي ۽ پيڙهين تائين
اوهان جو رهندو. اڳتي هلي اهو اقرار ”ڌيان طلب“ جي
اشتهار وانگي ڪنهن به پوئواريءَ جي لائق نه سمجهيو
ويو. پنجاهه ڏينهن جي پوري ٿيڻ کانپوءِ هو اڙ
انگوڙي ڪري ويهي رهيو، ۽ پئسن اڳاڙڻ لاءِ اهي
ڪارناما شروع ڪري ڏنائين. جيڪي انسانيت ۽ مذهب جي
بلڪل ابتڙ هئا. پڇاڙيءَ، وڏي جهيڙي کان پوءِ ميرن
وٽان رقم وٺي ويندو رهيو. انگريزن جيڪي ڪجهه ڪيو،
ان آڌار تي ڪيو. اهڙو معاهدو صديون اڳ شاهه بيگ
ارغون به سنڌ جي سرواڻ دريا خان سان ڪري، اوڏيءَ
مهل کيس مارائي ڇڏيو هو. ان سمي به قرآن ڪريم وچ ۾
آندو ويو هو.
سنڌ سدائين معاهدن ۾ مئي آهي، ۽ پنهنجي آزادي داءُ تي لڳائي،
سڀڪنهن سان سنمک ٿيندي اچي ٿي. ان طرح کيس اهڙو
جڪڙي وس کان بيوس ڪيو ٿو وڃي، جو هٿ پير هلائڻ جي
سگهه به وڃائي ٿي ويهي، ان لاءِ انگريزن جا مڙئي
معاهدا شاهد آهن، جن ۾ شاهه شجاع وارو اقرار به
شامل آهي. اهي معاهدا هڪ ڄار جي صورت ۾ پکڙي، سنڌ
کي وڪوڙي ويا ۽ ملڪ هڪ مسلمان جي حرفت سان غير
مسلم قوتن جي اري ۾ اچي ويو.
نياز همايوني
ڪتاب: ”تازن معرڪن جي تاريخ“
(تاريخ تازه نواءِ معارڪ)
ص جهه تان کنيل) |