سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2-3/ 2020ع

باب:

صفحو:9 

پروفيسر انور فگار هَڪڙو

 شڪارپور

 

 

 

جبل مٿي باهڙي، ٻاري ٻاروچن!

شڪارپور شهر علم ۽ ادب جي لحاظ کان هر دور ۾ مرڪزي حيثيت ۽ اهميت وارو شهر رهيو آهي، ان جي علمي ۽ تعليمي ماحول کي سدائين سازگار بڻائڻ لاءِ استاد ۽ شاگرد، اديب ۽ شاعر ۽ مفڪر پنهنجي عملي ڪارنامن سان روشن رکندا رهيا آهن. هن شهر ۾ اڌ صديءَ کان ان جي تاريخ تي تحقيق ۽ ترتيب جو جيڪو  ماحول پيدا ٿيندو رهيو آهي، تنهن جي نتيجي ۾ ڏهه ٻارهن اهڙا معياري ۽ ملهائتا ڪتاب ڇپجي پڌرا ٿيا، جن پڙهندڙن ۽ لکندڙن کي متوجهه ڪري هڪ نئين ورق ۽ شوق سان همڪنار ڪري، نون عنوانن تي لکڻ لاءِ آماده ڪيو، ويجهيءَ ڇڪ ۾ شڪارپور کي چار سؤ سال پورا ٿيڻ تي سال 2017ع ۾ ’شڪارپور جا چار سؤ سال‘ جي سلسلي ۾ مختلف پروگرام منعقد ڪرڻ جي جڏهن مون تجويز پيش ڪئي، تڏهن شڪارپورين پنهنجي وس آهر جيڪو ڪجهه هَڙئون وڙئون ڪري ڏيکاريو، تنهن تي کين جيءُ جيءُ ڪري جَسَ ڏجن! افسوس! نه سياسي پٺڀرائي نه سرڪاري سرپرستي!! پوءِ به عشق ڪرشما ڏيکاريا! هر ڪنهن پنهنجي موضوع مطابق قلم ۽ قرطاس سان ناتو نڀائڻ لاءِ حتي الامڪان ڪوششون پئي ڪيون. اهڙين ڪامياب ڪوششن مان اسان جي استاد محترم پروفيسر عبدالحي مورياڻي رٽائرڊ پرنسپال سي.اينڊ ايس ڪاليج شڪارپور جو رقم ڪيل ڪتاب ’شڪارپور جون مسجدون ۽ عيدگاهه‘ اهڙو هڪ اعليٰ معياري ۽ مقبول ڪتاب آهي جنهن ۾ سوا ٽن سؤُ صفحن تي مشتمل ميگزين سائيز جي هن ڪتاب ۾ شڪارپور جي چار سؤُ سٺ مسجدن متعلق تحقيقي مواد الفابيٽيڪل آرڊر تحت ترتيب ڏنو ويو آهي. اهڙيءَ طرح چوڏهن عيدگاهن جو مواد پڻ ساڳي ئي طريقي سان موجود آهي. ڪتاب ۾ چئن مختلف عالمن جون تقريظون ۽ تقديم پروفيسر اسرار احمد علوي صاحب جي لکيل آهي، مصنف جي پيش لفظن سميت اهڙو مواد ٽيهن صفحن تي پکڙيل آهي حافظ قاري نثار احمد منگي صاحب جي بقول: ”شڪارپور کي مسجدن جو شهر چيو ويندو هو.“ ’تقديم‘، يارهن عنوانن تحت لکيل اهڙي علمي معيار جو تحرير آهي، جنهن ۾ اسلام، قرآن پاڪ، سيرت، اصحاب ڪرام، مدينة النبي، هجرت، اسلامي تاريخ ۽ تعمير مساجد جو جامع مواد نهايت خوبصورت علمي اسلوب ۾ پيش ڪيو آهي، جنهن مان ليکڪ جي علمي تجر کي دل سان تحسين ڏيڻ کان رهي نٿو سگهجي.

شڪارپور جي قيام جو سن جيتوڻيڪ 1617ع آهي، پر ان کان اڳ اهو علائقو دَرِ بولان جو لنگهه هئڻ سبب ڪجهه وسيل ضرور چئي سگهجي ٿو، جنهن جو هڪ اهڃاڻ مير معصوم بکري جو اهو ڪتبو آهي، جو ڪجهه عرصو اڳ دريافت ٿي چڪو آهي. انهيءَ ڪتبي تي 1009هه سن اُڪريل آهي، چيو ويو ته اهو ڪتبو موجوده شهر جي ڏهن دروازن يعني ڪوٽ جي ڀت کان چڱو پري نصب ٿيل مليو. انڪري چئي سگهجي ٿو ته موجوده شهر جي حدن اندر مسجدون ضرور قائم ٿيون هونديون. اهڙين مسجدن جو ذڪر به ڪيل آهي، مگر اهو معلوم ڪرڻ گهرجي ته اهڙيون مسجدون ڪهڙيون آهن؟ بهرحال پروفيسر عبدالحي مورياڻي صاحب هي وڏو ڪارنامو سرانجام ڏيئي شڪارپور جي تاريخ جي هر رُخ کي روشن ڪيو آهي. پروفيسر اسرار احمد علوي صاحب سان ڪجهه ڏينهن اڳ ان ڪتاب جي اهميت ۽ افاديت متعلق ڳالهه ٻولهه ٿي ته علوي صاحب هن ڪتاب لاءِ راءِ جو اظهار ڪندي چيو ته ”ڪنهن به شهر جي سڀني مسجدن متعلق شايع ٿيل نه رڳو سنڌي زبان ۾ پهريون ڪتاب آهي، پر هن ڪتاب کي دنيا جو پهريون منفرد ڪتاب چئي سگهجي ٿو.“ ڪتاب ۾ اٺيتاليهن مسجدن جون رنگين تصويرون به ڇاپيون ويون آهن. مهراڻ اڪيڊمي پاران ڇپايل هن ڪتاب جي قيمت -/600 روپيا مناسب هديو آهي. مون کي اُميد آهي ته سنڌ جي ٻين مختلف شهرن جا عالم، اديب ۽ ڄاڻو پنهنجي شهرن جي اهڙي تاريخ ترتيب ڏيئي، هن موضوع کي فروغ ڏيندا.

هن موضوع جي تڪميل کان پوءِ شال ڪو اهڙو عالم پنهنجي قلم کي تازو ڪري علمي مدرسن، مڪتبن، مدرسن، تدريس ۽ نصاب سان گڏ طالب العلمن، فارغ التحصيل صاحبن ۽ سندن مجلسن ۽ محفلين جو احوال قلمبند ڪري ته جيئن اهو علمي مقام ۽ مرتبو، تدريسي طريقا ۽ حصولِ علم، شوق مطالع ۽ ذوق عمل جو ماحول نکري نروار ٿئي ۽ عالمن جي بودوباش، گفتگو ۽ حاضر جوابي، سخنوري ۽ سخن فهمي، وسيع قلبي ۽ وسيع اللساني، قادرالڪلامي ۽ قؤت بياني جا اثرات چٽا محسوس ڪري سگهجن. اچو ته شڪارپور ۾ تاريخ ۽ تحقيق، علم ۽ تعليم، ادب ۽ صحافت، تعلقات ۽ تعظيم، انصاف ۽ قانون، محبت ۽ قربانيءَ جو اهڙو ماحول آراسته ڪريون، جيئن شڪارپور وري شان ۽ مانَ وارو شهر  ٿي مشهور ٿئي.

اکيون پير ڪري:

سال 2014ع کي گذري ڀريا پنج سال گذري ويا، پر لڳي ٿو ته ڪالهوڪي ڳالهه آهي، جو ’رقص منهنجي روح‘ جو جي نالي سان سجاد مهر جي شاعريءَ جو پهريون مجموعو آيو. 28- نومبر 2019ع تي سجاد پيار منجهان ٻيو مجموعو ’اکيون پير ڪري‘ ڏنو. ان کان ٻه چار ڏينهن اڳ اليڪٽرانڪ ميڊيا ذريعي ڪتاب جو ٽائيٽل ڏٺو هو ته ان جو نالو هيانءَ ۾ گهر ڪري ويو، ڪتاب هٿن ۾ آيو ته فال وانگر جو کوليم ته هي غزل نظر آيا:

نه ڦند نه ڪوئي ڦير ميان!

نه من ۾ ڪائي مير ميان!

ڇو نينهن نچايو ٿي مون کي؟

ڇو شوقَ! ٻڌايئه ڇير ميان!

--

جوءِ تي جهري ڏسو،

ڀونءِ تي ڀُري ڏسو.

عشق آجيان ڪَندُوَ،

گهاءُ ڪو گهري ڏسو.

سنڌ ٿي سڏي پئي،

ساهَه ڏي سُري ڏسو.

ٻه سَؤُ چاليهن صفحن جي هن مجموعي ۾ هڪ سَؤُ ڇويهه غزل، ڇويهه وايون ۽ يارهن نظم پيش ڪيل آهن. هرهڪ تخليق آمد جو سهڻو دليل ۽ مثال پئي پيش ڪري، شاعري طبعيت جي موذونيت ۽ احساساتي ماحول ۽ اظهار جي جمال ۽ جولاني تي کيس دلي داد ڏيڻ کان ڪهڙي دل جَهل ۾ ايندي! هر غزل جو هرهڪ بند فن جي ڪمال جا بند ڀڃي سخن جي سرزمين کي سيرآب پيو ڪري ڇڏي. هن مجموعي ۾ مطالعي، مشاهدي، انتخاب ۽ بيباڪ اظهار بيان جا ايترا ته گهڻا مثال موجود آهن، جو انهن مان چونڊ ڪرڻ به ڏکيو ٿيو پوي. سنڌ ۾ غزل جي عمر ڀَريا ٽي سَؤُ سال آهي، موجوده دور جي نوجوان شاعرن جي غزل کي  بنا ڪنهن سوچ ويچارجي سنڌي غزل چئي سگهجي ٿو، جو سنڌي شاعريءَ جي زمين مان اُڀري، سنڌي ماحول ۽ سنڌي فطرت جي ترجماني ڪري سنڌي ٿي ويو آهي. انهيءَ ٽي سَؤُ سالن جي سموري ڄمار ۾ خليفي گل کانسواءِ ان ۾ ٻي سموري جلوه گري شڪارپور جي شاعرن پيش ڪئي آهي. ڀلي ڪو انصاف جي نظر ڌري فيصلو ڪري، جي ائين نه هجي ها ته جيڪر شڪارپور جا نوجوان شاعر عمومي طور تي هرهڪ صنف کي ۽ خصوصي طور غزل کي ان عروج تي رسائي نه سگهن ها. هونئن به هرهڪ تخليقي شهپاري کي ان جي پس منظر سميت ئي پرکي سگهبو آهي، سجاد نه فقط شڪارپور جي شاعريءَ جي ميدان جي سونهن آهي، پر سنڌ جي ادبي ارتقا ۾ سنڌي شاعريءَ جي سموري ميدان جي سرهاڻ ثابت ٿي سگهندو.

ٻڌو صدائون شڪارپور جون

ڏسو ادائون شڪارپور جون.

اهي وفائون شڪارپور جون،

شعور سارو ويون ٻهاري.

انڌيون انائون شڪارپور جون،

مزاج منٽن ۾ ٿيون مٽائن.

گهلي گهٽائون شڪارپور جون،

مسند پور کان وڃي مڙن ٿيون،

ٿڌيون هوائن شڪارپور جون،

گلابَ رستا، بگيون ۽ گهوڙا،

رڳو ڪٿائون شڪارپور جون.

اياز توبن ڪٽيون ٿا ڪيڏيون،

هي ڀوڳنائون شڪارپور جون.

سجاد وٽ شاعريءَ جي فن جي پختگي ته آهي، جنهن ۾ ڪيترائي رخ روشن ٿين ٿا ۽ الهڙپڻي ۾ ڪٿي نظم جي سانچي ۾ غزل ڍالڻ کي طبعيت جي مَحوُ ۽ مستيءَ جو ڪارڻ سڏي سگهي ٿو. مون کي يقين آهي ته هو جيئن جيئن اڳتي پير ڌريندو، تيئن سخن جي ڦلواڙيءَ جي هر گوشي کي گلزار بڻائي، پنهنجون شاعرانه ذميواريون نڀائيندو. هن مجموعي ۾ سندس ڪلام مان ڪيترو ڪلام اهڙو آهي، جو آسانيءَ سان سازن جي سنگم ۾ سرهو ٿي سگهندو ۽ ڪيترو ڪلام اهڙو به آهي، جو پهاڪي ۽ چوڻي جي حيثيت حاصل ڪري وٺندو.

اجايو پڙهيون سين پٽيون عشق جون،

اڃا پيا ڀريون ٿا، چٽيون عشق جون.

اڃا ڀي پيئون ٿا اڃا ٿا جيئون،

وڏي وقت کان وهه وٽيون عشق جون.

ڪلامِ حافظ سنڌي:

سال 2019ع ۾ شڪارپور جي جن اديبن ۽ شاعرن جا ڪتاب شايع ٿيا، انهن ۾ شڪارپور شهر جي نامياري عالم ۽ شاعر استاد قاري نثار احمد منگي صاحب جي حمديه، دعائيه ۽ نعتيه ڪلام جو مجموعو ’ڪلامِ حافظ سنڌي‘ جي نالي سان شايع ٿي منظرِعام تي آيو آهي. ٻه سَؤُ پندرهن صفحن جو هيءُ مجموعو هڪ موحد مولوي، عاشقِ رسول ۽ ڪلام الله جي قاري ۽ معلم جو محبت مان اهڙو احساساتي اظهار ۽ آواز آهي، جو انساني ارواحن لاءِ بيشڪ راحت، سرور ۽ سڪون آهي، استاد حافظ سنڌي پنهنجي هستيءَ ۾ منفرد اوصافن ۽ وصفن جو صاحب آهي. سندس زندگيءَ جو سفر توڪل ۽ يقين ڪامل جو اهڙو جيئرو جاڳندو مثال آهي، جنهن مان هرڪو اهلِ دل ۽ اهلِ ايمان سبق حاصل ڪري حياتي حرام ٿيڻ کان بچائي سگهي ٿو. پروفيسر اسرار احمد علوي صاحب سندس ڪتاب جي شروع ۾ پنجويهن صفحن جي ’تقديم‘ ۾ جيڪي ڳالهيون ڪيون آهن، سي وڏي ڳُڻ ڳوت سان سپرد قلم ڪيون آهن، جن مان ڪلام ۽ صاحب ڪلام جا تقريباً سڀئي رُخ روشن ٿين ٿا. علوي صاحب هڪ هنڌ لکي ٿو ته: ”M.A عربي جي امتحان ۾ استاد قاري صاحب جن جيڪا غيرمعمولي ڪاميابي ماڻي، ان بنياد تي کين اسلام آباد ۾ سرڪاري عهدي جي آڇ به ٿي ته وري Ph.D ڪرڻ لاءِ کين ٻاهر موڪلڻ لاءِ به منتخب ڪيو ويو، پر هنن هر آڇ کي رد ڪري سلف صالحين واري طريقي تي هلندي دينِ اسلام جي تبليغ ۽ قرآن جي تعليم جاري رکڻ کي ترجيح ڏني ۽ اڄ تائين نهايت سڪون ۽ اطمينان سان ان فقيراڻي مسند تي بادشاهه بڻيو ويٺو آهي ۽ ان تي کيس ڪوبه پڇتاءُ نه آهي، ڇو ته اهو رستو هن پاڻ پنهنجي رضا ۽ خوشيءَ سان اختيار ڪيو هو.“

استاد حافظ سنڌي، پنهنجي مادري سنڌيءَ کانسواءِ، عربي، فارسي، انگريزي، سرائڪي ۽ اڙدو ٻولين جو به ڄاڻو آهي ۽ درس تدريس دوران انهن ٻولين ۾ پڻ اظهار خيال وڏي فصاحت ۽ حافظن کانسواءِ عالمن، اديبن ۽ شاعرن جون به محفلون ۽ مجلسون روزبروز قائم پيون ٿينديون رهيون آهن. پاڻ اهلِ علم ۽ ذوقِ علوم جي پياسن جي اُڃ اُجهائڻ لاءِ اعلى معياري ۽ قيمتي ڪتاب گهرائي، کين گهر تائين پهچائڻ ۾ به مدد ڪندو رهندو آهي.

استاد حافظ سنڌي کي هر صنف سخن تي هٿ پڄندي حاصل آهي. هو پنهنجي هر احساس ۽ خيال کي نهايت آسانيءَ سان اظهار ۾ آڻي سگهندو آهي، سندس شاعري نه رڳو تشبيهه ۽ استعاري جو مخزن آهي، پر صنعت گري جي خاصيتن سبب مجموعو موتين جو ٿال پيو محسوس ٿئي، اهڙيءَ طرح محاڪات ۽ عڪسيت جا به مثال موجود آهن، ڇا لئنڊ اسڪيپ آهي!

تعريف رب جي وهه واهه ڏس نور نار ڏي،

گرد و غبار ۾ ڏس ٻاجهر جوار ڏي.

ڏس بر پٽن ۽ بن ۾ ڪيلي انار ڏي،

گلگون زمين ساري ڏس لاله زار ڏي.

ميوا اَناج سبزيون ڏڌ کير ڌار ڏي،

زرزن زمين ٻچڙا نيڻن جا ٺار ڏي.

استاد حافظ سنڌي صاحب جي ڪلام ۾ ڪيترائي اهڙا دلڪش مثال موجود آهن، جو دل چوي ٿي ته جيڪر انهن جي شان نزول متعلق معلوم ڪري راحتن ۾ تهائين وڌيڪ واڌ آڻجي. اهڙيءَ طرح دعائيه ڪلام پڻ پُراثر ۽ پرتاثير آهي، جو هر گنهگار جي گذارش جو اظهار ٿي سگهي ٿو.

ڪر مدد الله ذوالعرش المجيد

آهين ويجهو مون کي من حبل الوريد

توسوا مشڪل ڪري ڪوئي نه حل

تو سگهارو سائين يفعل مايُريد

ٿي کپي مون کي رضا تنهنجي مدام

سهل ٿي سختي سدا يَوم الوعيد.

استاد حافظ سنڌي صاحب جي ڪلام جو چڱو ذخيرو اڃان اڻ ڇپيل وٽس موجود آهي، جنهن ۾ غزل ۽ نظم جون صنفون به شامل آهن. اميد ته سخنوريءَ جي سرزمين تي سندس ڏات جا ڏيئا روشن پيا ٿيندا ۽ سمورو ڪلام اشاعت جي صورت اختيار ڪندو، مان اهل علم دوستن کي گذارش ٿو ڪريان ته مهرباني فرمائي شڪارپور جي شعر ۽ ادب جي تاريخ جا وکريل ورق يڪجا ڪرڻ لاءِ بنا فرق ۽ امتياز جي پنهنجون ذميواريون نڀائين.

مسدس مسررو عرف هيرن جو هار:

فقير غلام علي مسررو سنڌي اساسي ۽ ڪلاسيڪي شاعريءَ جي اُفق جو اهڙو سعد ستارو آهي، جنهن جي اُڀرڻ سان سموري اساس جي راس منڊل جو هر عنصر اهڙو نکري نروار ٿيو جو هر شعاع شعور جا ست ئي رنگ روشن ڪري نئين دنيا جي چوٽيءَ ۾ جوت ٿي سمايو، سندس ڪلامَ سموري اساسي ۽ ڪلاسيڪي شاعريءَ جي تصوف واري فلسفي کي عام فهم اظهار سان همڪنار ڪري، ان جي اعليٰ ذخيرن ڏانهن اهلِ ذوق کي متوجهه ڪري، استفاده لاءِ اُتساهيائين. مان اعتماد سان عرض ٿو ڪريان ته سنڌي اساسي شاعريءَ جي فڪر جي ڦرهي پرجهڻ لاءِ هن درويش جي دين سان اک اٽڪائي، دل لائي، هينئين سان هنڊائي، مطالعي مهل دشواريون دور ڪري سگهجن ٿيون:

چٽوڇ جو اشارو ڇا ٿين عبرت اکر جاچي،

مَٽي مَن جي چلت چنچل لڌائون گنج گهر جاچي.

ڇني ڇڪتاڻ جي ڇڪ کي ڇٽاڇ جو اثر جاچي،

ٿيا وڻجار وحدت جا سچو سوکم وکر جاچي.

لنگهي حيرت سندو لڪ ح حلاجي حال پاتائون،

چڙهي سوريءَ مٿي سهجون همه جو ڳيت ڳاتائون.

فقير مسرور جي سموري مخزن جي هرهڪ تُڪ ۽ پد تي محترم بيدل مسرور مڪمل طرح متوجهه ٿي، جيڪي معنائون، تشريحون ۽ وضاحتون، جنهن سنجيدگي ۽ تدبر سان تحقيقي طور قائم ڪيون آهن. ان ئي طور طريقن موجب اسان کي ٻين عوشاق، عارضن، عالمن شاعرن جي سخنوريءَ جي گران مايه گوهرن کي نروار ڪرڻ لاءِ علمي، فني ۽ عملي سکيا حاصل ڪري، ڪي ذميواريون نڀائڻ کپن. فقير مسرور جي گهڻي گنج مان ’مسرور اڪيڊمي‘ ڪراچي پاران تازو ’مسدس‘ مسرور عرف هيرن جو هار‘ جو اٺون ڇاپو پڌرو ٿيو آهي، جو اهل دانش لاءِ نهايت ئي خوشيءَ جو سبب بڻيو. ’مسدس مسرور عرف هيرن جو هار‘ بقول محترم بيدل مسرور جي فيبروري 1941ع ۾ ’ايڊيوڪيشنل پبلشنگ ڪميٽي ڪراچيءَ پاران شايع ٿيو. منهنجي خيال ۾ ’هيرن جي هار‘ جو اهو پهريون ڇاپو هو. ٻيو ڇاپو آر.ايڇ احمد ائنڊ برادرس حيدرآباد پاران 1953ع ۾ ڇپايو ويو هو. ڊيمي سائيز ۾ پنجٽيهن صفحن تي مشتمل اهو پاڪستان پريس شڪارپور ۾ ڇپيو. ٽيون ڇاپو 1955ع، چوٿون ڇاپو 1959ع ۾ پنجون ڇاپو نومبر 1960ع. ان املهه تصنيف جو ’رهبر‘ (هيرن جو هار) جو راما (پاڪ) بوڪ ڊيپو حيدرآباد پاران ڇپايو ويو. هڪ سَؤ ڇويهن صفحن جو اهو ڪتاب سنڌ پرنٽنگ پريس حيدرآباد ۾ ڇپيو هو. ’هيرن جو هار‘ سن 2010ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شوري پاران ڇپايل ’ڪليات مسرور‘ جي ٻي حصي ۾ شامل ڪيل آهي. انهن اشاعتن کان اڳ ان مسدس جي تمهيد ۽ پهريان اوڻيهه بند ماهوار رسالي ’سنڌو‘ جي جنوري 1936ع ۾ رسالي ۾ ’هيرن جي هار مان ٻه موتي‘ جي عنوان هيٺ (ص 70، 71 ۽ 72) شايع ٿي منظرِعام تي آيا. ان مان اهو سمجهجي ٿو ته فقير مسرور ’هيرن جو هار‘ جي تخليق سن 1935ع جي لڳ ڀڳ ڪئي هوندي. ان کان اڳ هو مثنوي ’هير رانجهو‘ پڻ رقم ڪري چڪو هو. بعد ۾ لاڳيتا ٽي چار سال هو ٻنهي تصنيفن تي گهرائيءَ سان نطرثاني ڪندو رهيو. اهڙيءَ ريت همعصر دور جي عالمن ۽ شاعرن کان پڻ رايا حاصل ڪري، شايع ڪرايائين. شايع ٿيڻ کان پوءِ اها تصنيفون بمبئي يونيورسٽي پاران انٽر جي سيلبيس لاءِ منظور ڪئي ويئي. سن 1947ع کان پوءِ به اها تدريسي طور نصاب جو حصو رهي.

نئين ڇاپي مان معلوم ٿو ٿئي ته ’مسدس اٻوجهو‘ کان پوءِ ٻي اهم ۽ وسيع ’مسدس مسرور‘ آهي، جنهن ۾ اٺانوي بند ۽ پنج سؤ اَٺاسي تڪون آهن. ان جو بحر هزج مثمن سالم ۽ وزن مفاعيلن مفاعيلن مفاعيلن مفاعيلن آهي.

هيرن جي هار ۾ ’تمهيد‘ ۽ ’حڪومت لامڪان پنهنجي‘ موضوع آيل آهن. مسدس مسرور عرف هيرن جو هار جا عنوان: ’يادگيري‘، ’علم ادب‘، ’صُحبت‘، ’گذران‘، ’برادري‘، ’ذات‘،  ’ڀائپي نفاق‘، ’تعليم‘، ’تعميل‘، ’مقصد‘، ’اسرار‘،  ’ڏوهه ثواب‘، ’فائدو ۽ مشورو‘ قائم ڪيل آهن. هيرن جي هار جي هر مڻي جي جوت ته پسي ڏسو:

مون ڀري موتين سندي هي ڇوهه مان اڇلائي ڇاٻ،

ميڙ تن مان حاج سارو ڀَر کڻي گودو ۽ ٽاٻ.

جهد ڪرڏس گوءِ غازي ٿا وڃن توکون کنيون،

تون ٿڪل کائين ڀلا ڇاکون ٿُڏن جا ٿيڙ ٿاٻ.

پٽ ٻئي اکيون اندر جون هوش رک همت نه هار،

لعل نا لِڏ ۾ لِڪي توڙي هجي ڊس ريت ڊاٻ.

مهل ٿي هيءَ، هرد ڏس، جو هو وڃن ميڙيو مڏي،

پوءِ ڪندين تون چَپ ڪڍي ۽، منهن چٻي چٻ چاٻ چاٻ.

حسرتا ’مسرور‘ جي مُنڍيءَ مٿان غازي اچي،

سر ڪندا صدقي جتي، تون ات ڪندين ڇا گهور گهاٻ.

سنڌي علم و ادب جي ارتقا ۽ شڪارپور جي ادبي تاريخ جي هي نهايت اهم ۽ افاديت ڀري تصنيف نه رڳو ڪيترا ڀيرا ڇپجڻ ڪري، پر علمي، فڪري ۽ فني ڪمال ڪارڻ به ڪڏهن فراموش ٿي نه سگهندي. شعراء حضرات ان جي اڀياس مان گهڻوئي استفادو ڪري سگهندا.

ڊاڪٽر نواز علي شوق

ڪراچي

 

 

 

 

جوڳي پنهنجي جُوءِ ويا

 

1956ع ۾ مون گورنمينٽ هاءِ اسڪول ڪنڌڪوٽ مان مئٽرڪ ڪئي ته منهنجي والد صاحب ڪن پڙهيل ڳڙهيل ڏاهن سان مشورو ڪيو ته نواز علي کي وڌيڪ تعليم لاءِ ڪهڙي ڪاليج ۾ داخلا وٺرائي ڏيان، انهن ڏاهن بابا سائين کي ممتاز ڪاليج ميرپور ۾ پڙهائڻ جي صلاح ڏني، بابا سائين مون کي ممتاز ڪاليج خيرپور ۾ داخلا وٺرائي ڏني، حالانڪه جيڪب آباد، شڪارپور ۽ سکر ۾ به ڪاليج هئا پر واقعي ان زماني ۾ اَپر سنڌ ۾ سڀ کان ممتاز ممتاز ڪاليج هو، جڳ مشهور مفڪر ماهر تعليم پروفيسر ڪرار حسين انگريزي پڙهائيندو هو ۽ مشهور اديب ۽ شاعر، مشفق مهربان استاد عطا محمد حامي سنڌي پڙهائيندو هو، ٻيا آرٽس ۽ سائنس جا استاد به مثالي استاد هئا، تنهنڪري ممتاز ڪاليج سنڌ جو هڪ مثالي ڪاليج هو، ڪاليج ۾ داخلا کان پوءِ ڪرنل شاهه هاسٽل ۾ داخلا ملي، اتي عطا محمد ڀنڀري، سيد محسن علي شاهه بخاري ۽ محمد رمضان اعواڻ سان اهڙو پريت جو پيچ پئجي ويو،

جيئن ڳنڍيون منجهه ڳنڍير، تيئن من ماروئڙن سين،

سي ماروئڙا ٿر ٿئا، جي ڳڻن جا ڳهير،

تتي ري همير، گنهگهر گهاريان ڏينهڙا.

اسان چار يار ڪرنل شاهه هاسٽل جي روم نمبر 32 ۾ رهندا هئاسين، جنهن تي ”اسان فقراءُ منزل“ جي تختي هڻي ڇڏي هئي، اتي هر هفتي محفل مچائيندا هئاسين، ڪڏهن مشاعرو، ڪڏهن تنقيدي نشست ته ڪڏهن وري ڀوڳ چرچي جا مقابلا ٿيندا هئا. جنهن ۾ خيرپور جا مشهور چرچائي شريڪ ٿيندا هئا، ڪڏهن وري ڪو فنڪار وٺي ايندا هئاسون ته راڳ رنگ جي محفل مچي ويندي هئي، مطلب ته فقراءُ منزل ادب ۽ ثقافت جو مرڪز هئي. 1960ع ۾ بي.اي پاس ڪرڻ کان پوءِ اسان چارئي يار ايل.ايل.بي ڪرڻ لاءِ ڪراچي وياسين ۽ سنڌ مسلم لا ڪاليج ۾ داخلا ورتيسون، جناح ڪورٽس هاسٽل ۾ داخلا ملي وئي، مون سيد محسن علي شاهه ۽ محمد رمضان اعواڻ ايم.اي سنڌي ادب ڪرڻ لاءِ سنڌ مسلم ڪاليج ۾ پڻ داخلا ورتي. ان زماني ۾ هڪ ئي وقت ايم.اي ۽ ايل.ايل.بي ڪرڻ جي اجازت هوندي هئي. ايم.اي جا ڪلاس صبح جو ٿيندا هئا ۽ ايل.ايل.بي جي پڙهائي شام جو ٿيندي هئي، سيد محسن علي شاهه ۽ محمد رمضان اعواڻ ايل.ايل.بي اڌ ۾ ڇڏي فقط سنڌي ادب ۾ ايم.اي ڪئي، مون ايم.اي ۽ ايل.ايل.بي ڪئي، ڀنڀري به ايل.ايل.بي ڪئي.

سيد محسن علي شاهه نيو عليڳڙهه ڪاليج ٽنڊو آدم ۾ ليڪچرار مقرر ٿيو، جتان پرنسپال جي حيثيت ۾ رٽائر ٿيو، محمد رمضان اعواڻ پهريائين اسلاميه ڪاليج سکر ۾ ليڪچرار ٿيو. پوءِ ڪميشن جو امتحان پاس ڪري سپيرئر سائنس ڪاليج خيرپور ۾ ليڪچرار مقرر ٿيو، جتان پرنسپال جي حيثيت ۾ رٽائر ٿيو. عطا محمد ڀنڀري وڪالت ڪئي. ڪجهه وقت شيخ اياز جو جونيئر ٿي رهيو، شيخ اياز کيس تمام گهڻو ڀائيندو هو، مان پهريائين 1963ع ۾ اسلاميه ڪاليج سکر ۾ ليڪچرار مقرر ٿيس، 3 جنوري 1972ع ۾ ڪراچي يونيورسٽي جي سنڌي شعبي ۾ ليڪچرار مقرر ٿيس ۽ اُتان ئي 1998ع ۾ رٽائر ٿيس، عطا محمد ڀنڀري کي وڪالت نه وڻي، هو حيدرآباد اچي پنهنجي پٽ عبدالحق سان نسيم ننگر ۾ رهڻ لڳو، اسان جي دوستي مثالي هئي، پاڻ ۾ ڪڏهن به ڪا رنجش نه ٿي، ڪوبه دوست ڪنهن کان ناراض نه ٿيو، ڪجهه سال اڳ سيد محسن علي شاهه بخاري ۽ محمد رمضان اعواڻ جدائي جي جهوري ڏيئي اڻ ڏٺي ڏيهه هليا ويا.

مان ۽ ڀنڀرو جڏهن ملندا هئاسون ته انهن يارن جي ياد ستائيندي هئي، پيارن جيءُ جيارن جون ڳالهيون ڪندي ڳوڙها ڳڙي پوندا هئا. چوياري جو اڌ وڍجي ويو ته اندر ۾ وڍ پئجڻ لڳا، هنيون ڄڻ اڌو اڌ ٿي ويو، هڪ يار عطا محمد ڀنڀرو وڃي رهيو هو، سو به سوين سور ڏيئي هليو ويو، عطن يار جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي انتهائي شريف، بااخلاق ۽ ايماندار انسان هو، ڪوڙ ڪپت کان ڏور، ٺڳي ٺوڙي ڄاڻي ئي نه، هر وقت سندس منهن تي مرڪ، ڪڏهن وري وڏا ٽهڪ، اهڙن انسانن لاءِ ڀٽائي فرمايو آهي ته:

ويٺي جنين وٽ، ڏکندو ڏور ٿئي.

اسان جي 1956ع کان دوستي نه ڀائپي به نه پر عشق هو، ٻن پيڙهين جيترو عرصو نينهن جو ناتو رهيو، ان وڏي عرصي جون ڪيتريون ئي يادگيريون آهن، سي سڀ سهيڙجن ته ڪتاب تيار ٿي ويندو، دل چاهي ٿي ته انهن يادگيرين مان فقط هڪ ڳالهه اوهان کي ٻڌايان، عطا محمد ڀنڀري جي ڳوٺ واري گهر کي ٻهاري ڏئي ويا، سڀ قيمتي شيون زر زيور کڻي ويا، ڏاڍو ڏک ٿيو، اسان ٽيئي ڄڻا محسن شاهه بخاري، مان ۽ محمد رمضان اعواڻ ارمان ڪرڻ لاءِ سندس ڳوٺ وياسون ساڻس ڏک جو اظهار ڪيوسون، چيائين ته مون سان ڇا جو ارمان، ڇا جو ڏک ڪيو ٿا، منهنجي گهر مان چوري ٿي آهي، واقعي منهنجو ڪجهه نقصان ٿيو آهي، پر يار اهو ته سوچيو سڄي سنڌ لٽجي ڦرجي رهي آهي، ڌاڙا لڳي رهيا آهن، سڀ ڌاڙا ڳڻي ٻڌايائين. افسوس ۽ ارمان ته ان تي ڪرڻ گهرجي، باقي هڪ گهر جي چوري تي ڇا جو ارمان ۽ افسوس. اچو ته ان لٽ ڦر تي احتجاج ڪريون، هو سڄي عمر اهڙو احتجاج ڪندو رهيو ۽ مرڻ کان پوءِ به پنهنجي قبر تي احتجاج جي علامت ڇڏي ويو.

عطا محمد ڀنڀرو وڏو بهادر ۽ اصول پرست انسان هو، اسان پاڻ ڪيترائي اديب ۽ شاعر ڪي هزارن ۾ ڪي پنجن ڏهن لکن جي ايوارڊن ۾ وڪجي ويا. ”هرڪو ماڻهو پنهنجي ملهه وڪاڻو“ پر ڀنڀرو نه وڪيو نه جهڪيو کيس ڪروڙ ملن ها ته اهي ٿوڪاري ائين چئي ها ته:

ايءُ نه مارن ريت، جيئن سيڻ مٽائن سون تي.

ڀنڀرو جنون جي حد تائين سنڌ جو عاشق هو. جيئن ليليٰ جي عاشق مجنون (قيس) جي قبيلي مان وري ڪو قيس جهڙو جوان پيدا نه ٿيو، تيئن ڀنڀرن مان عطا محمد ڀنڀري جهڙو وري ڪو پيدا نه ٿيندو.

مان 1994ع ۾ ٻولي اختياري ۾ هئس ته مون ٻين ڪمن سان گڏ سنڌو لکت کي اهميت ڏيندي محترم محمد عمر چنڊ کان سنڌو لکت تي دنيا جي مختلف ملڪن ۾ ٿيل تحقيق جي عنوان تي ليڪچر ڏياريو هو، ان جي وڊيو رڪارڊنگ اختياري جي رڪارڊ ۾ موجود آهي، پنهنجي پياري دوست عطا محمد ڀنڀري کي اها ذميواري ڏني هيم ته هن وقت تائين سنڌو لکت بابت جيڪي ڪتاب مختلف ملڪن ۾ شايع ٿيا آهن، تن جو سنڌي ۾ ترجمو ڪري، مون سڀ ڪتاب کيس مهيا ڪري ڏنا هئا، منهنجو ارادو هو ته سنڌي ادب ۾ ايم.اي ڪرڻ کان پوءِ شاگردن کي ايم.اي سنڌو لکت ڪرائڻ گهرجي، ان کان علاوه کيس اها به ذميواري ڏني هيم ته هُو سنڌو لکت کي ڊي ڪوڊ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري، هُو محنتي ماڻهو هو، هن اهي ٻئي ذميواريون پوريون ڪيون، سنڌو لکت جا ڪيترائي ڪتاب انگريزي کان سنڌي ۾ ترجمو ڪيائين، ان کان علاوه سنڌو لکت جي ڀاڃ (ڊي ڪوڊ) بابت ٻه ڪتاب هڪ سنڌي ۾ هڪ انگريزي ۾ تيار ڪيائين اهي ٻئي ڪتاب ڇپجي چڪا آهن. سنڌي ڪتاب حيدرآباد جي هڪ خانگي اداري ڇپرايو ۽ انگريزي ۾ لکيل ڪتاب سائين مظهرالحق صديقي ڇپرايو هو، پر افسوس جو اهو ڪتاب سنڌ يونيورسٽي جي گدام ۾ پيل آهي، خبر ناهي ڇو اهو ڪتاب مارڪيٽ ۾ نٿو آندو وڃي، ٿي سگهي ٿو ته اهو سبب هجي جو ڀنڀري ان ڪتاب ۾ سنڌ جي نام نهاد ٻولي ماهرن جي نظرين کي عالماڻي انداز ۾ رد ڪيو آهي، تنهنڪري انهن پنهنجو اثر رسوخ هلائي ڪتاب قيد ڪرائي ڇڏيو هجي.

عطا محمد ڀنڀري کي سنڌ سان، سنڌي ٻولي سان ۽ سنڌ جي ماڻهن سان انوکو عشق هو، ان عشق جي انداز کي هرڪو سمجهي نٿو سگهي، بقول صوفي امام الدين فقير:

هن عشق جي انداز کي سمجهڻ ته ڏکيو آ.

هُو مسڪين ماڻهو هو پر محنتي ۽ مخلص هو، هن چاهيو ٿي ته سنڌ جو عام ماڻهو جيڪو ٻه چار درجا پڙهيل آهي، ان کي سنڌ جي عظمت کان واقف ڪرايان. منجهن شعور جاڳايان ان لاءِ هن مختلف موضوعن جهڙوڪ: سنڌ جا قديم آثار، سنڌ جي تاريخ، تهذيب تمدن، سنڌو درياهه، سنڌو لکت ۽ لطيفيات متعلق انگريزي ۾ لکيل ڪتاب سولي سنڌي ۾ ترجمو ڪري اشاعتي ادارن ذريعي ڇپرائي عوام آڏو آندا، جن جو تعداد ڪافي آهي، اڃا سندس ڪي ڪتاب مختلف ادارن وٽ ڇپائي جا منتظر آهن، اهو ڪم هن شاندار نموني ڪري ڏيکاريو، حالانڪه اهو ڏکيو ڪم هو تنهنڪري ڪنهن به ان ۾ هٿ نه ٿي وڌو، خاص طور سنڌ جي قديم آثارن ۽ سنڌي لکت وارن ڪتابن کي سولي سنڌي ۾ ترجمو ڪرڻ هر ڪنهن جي وس جي ڳالهه نه آهي، هن محسوس ڪيو ته ٻاراڻي ادب جي کوٽ آهي، ان کي شاهوڪار ڪرڻ لاءِ ٻارن جي ڪهاڻين جا ڪيترائي ڪتاب انگريزي مان ترجمو ڪيا، جن ۾ مختلف ملڪن جا ليکڪ شامل آهن، انهن ڪتابن جو به وڏو انگ آهي، لڳ ڀڳ پنجاهه کن ٿيندا، جي ڪنهن اداري کي ڇپائي لاءِ ڏنا هئائين.

ڀنڀري هر ڪتاب جو اهڙو ترجمو ڪيو آهي جو اهو ترجمو نه پر اصل ڪتاب محسوس ٿيندو، مرزا قليچ بيگ کان پوءِ مترجمن ۾ عطا محمد ڀنڀري جو نالو وڏي فخر سان ڳڻائي سگهجي ٿو، هن ڪهاڻيون لکيون، ڪالم لکيا ۽ شاعري به ڪئي. شاعري ۾ سندس تخلص حسرت هو، پوين ڏينهن ۾ هڪ پيري، ٻيو وري شگر جي مرض کيس هيڻو ڪري ڇڏيو هو، نظر به تمام گهٽجي وئي هئس، ٻن فوٽن جي وٿي تي به ماڻهو کي سڃاڻي نه سگهندو هو، پوءِ به ترجمي وارو ڪم ڪندو رهيو، هر روز ٻه دوست وٽس ايندا هئا، هڪ دوست انگريزي واري ڪتاب مان جملو پڙهندو هو، ڀنڀرو ان جو سنڌي ۾ ترجمو ڪندو هو، ٻيو دوست اهو لکندو ويندو هو اهڙو مثال تاريخ ۾ ملڻ مشڪل آهي مطلب ته هن پنهنجي ياري توڙ نڀائي، بقول ڀٽائي:

جان جان هئي جيئري ورچي نه ويٺي،

وڃي ڀون پيٺي، ساريندي کي سڄڻين.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org