سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2-3/ 2020ع

باب:

صفحو:8 

حافظ  حبيب سنڌي

     چوهڙ جمالي

 

 

 

عزيزم: عزيز جعفراڻي سجاولي

تاريخدان، محقق، استاد ۽ علم شناس

سنڌ جي تاريخ شاهد آهي ته اُنهيءَ پنهنجي ساکائتي ڪُک مان هميشه انمول ۽ اڏول انسانن کي جنم پئي ڏنو آهي. جن جو شمار تاريخدان، مؤرخ، محقق، علم شناس، علم دوست، ادب پرور ۽ انسان دوست خدا آگاهه لائق انسانن ۾ ٿئي ٿو.

اهڙن املهه، بيباڪ ۽ لاثاني انسانن ۾ لاڙ پَٽ جي لاڏلي سرزمين ۽ ”ماڃر“ جي مکيه علائقي جو مانوارو ۽ محسنِ تعليم ۽ بي بها محقق محترم عزيزم جعفراڻي به هڪ آهي. جنهن تي اڄ به اڳوڻو ٺٽو ضلعو ۽ هاڻوڪو سجاول ضلعو ناز ڪري ٿو. اهڙي محقق، شفيق ۽ ماهرِ تعليم ادب پرور انسان تي مون جهڙو عاجز جيتامڙو ۽ بي موڙي و مايه انسان ڇا ٿو لکي سگهي؟! جو حال پريان نال جي محُاوري جي مصداق: پيش خدمت آهي.

جعفراڻي مرحوم نه صرف بهترين استاد پَر هو مردم شناس، تاريخ ساز شخصيت ۽ سدا بهار طبيعت جو مالڪ هو. سندن چهري تي سدائين شفقت ڀري مُرڪ سجيل هوندي هئي. ساڻن منهنجي پهرين ملاقات منهنجي مرّبي وڏي ڀاءُ محترم حزب الله ”ناشاد“ ڪرائي هئي. تڏهن سنه 1967ع ۾ چوهڙ جماليءَ ۾ ”بزمِ سحرِ ادب“ قائم ڪئي هئائون. ان سلسلي ۾ پاڻ وقت بوقت ايندا رهندا هئا، ان کان پوءِ اسان جي ڄاڻ سڃاڻ ۽ تعلق اڳتي وڌيو، جو اسان کي هڪٻئي کان سواءِ سرندي ئي ڪانه هئي، بقول شاعر عراقيءَ جي ته:

چه خوش باشد که دلدارم تو باشي،

نديم و مونس و يارم تو باشي،

ز شادي درهم عالم نه گنجنم

اگر يک لحظ غم خوارم تو باشي(1).

ترجمو: ”ڪهڙي نه خوشي ٿيندي جو تو جهڙو منهنجو دلدار آهي، منهنجو پيارو همدرد ۽ منهنجو توجهڙو يار آهي، ان جي خوشيءَ ۾ سڄي جهان ۾ ماپي نٿو سگهان. جيڪڏهن صرف هڪ لمحو تو جهڙو غم خوار منهنجو هجي.“

انهيءَ علمي و ادبي تعلق جڙڻ کان پوءِ اسان جي هڪٻئي سان والهانه رغبت ٿي ويئي، جو هر پروگرام ۾ سندن ساٿ باعثِ سعادت سمجهڻ لڳس.

ولادت باسعادت:  قابلِ صد احترام عبدالعزيز جعفراڻي جيڪو علمي و ادبي دنيا ۾ عزيز جعفراڻيءَ جي خطاب سان مشهور و معروف ٿي ويو. آءٌ ڀلا ڀاڳ پنهنجي هن ڀلاري ڀُونءَ، چوهڙ جماليءَ جا ڀائيندس جو ههڙي املهه ماڻڪ انسان جو جنم: تاريخ 18- جنوري 1944ع تي هن ئي شهر ۾ ٿيو، بقول ڪنهن فارسيءَ گو شاعر جي ته:

نازم که آن بخت در نصيب ماشد.

يعني: ”ان ڳالهه تي ناز اٿم ته اُهو بخت ور انسان اسان جي نصيب ۾ آيو.“

هن بختور انسان جي جنم جو سال جڏهن هاتف کان پڇيو ويو ته اُنهيءَ ٻڌايو ته هن عالي فضل انسان جو سال ولادت: هجري، عيسوي توڙي بڪرمي سال ۾ ڪجهه هن طرح مندرجه ذيل ۾ نڪري ٿو. اهڙو اظهار اسان ٻنهي جي مشترڪه دوست علم تخريج جي ماهر محترم عبدالرحمان وارثيءَ پنهنجي ڪاوش ۽ نتيجئه فڪر جو اظهار هن طرح ڪيو آهي:

1.      عيسوي سال ۾؛ ظِلّ حُضور.... 44 19ع.

2.     هجري سال: فضيلت مآب: ...... 6313هه

3.     بڪرمي سال: اي حضرتِ شيريزادن 2001  ب

ان کان علاوه ٻيون به ڪافي تخريجون آهن جيڪي وري ڪنهن ٻئي ڀيري لکبيون.(2)

تعليم و تربيت: جعفراڻي مرحوم کي الله تبارڪ و تعاليٰ ٻالڪپڻي کان ئي ڏاڍو ذهين و فطين بنايو هو ۽ ويترسون تي سهاڳي جو ڪم سندن والد بزرگوار سائين محمد جمن جي صورت ۾ جيڪو پڻ پنهنجي وقت جو هڪ معتبر ۽ مڃيل استاد هو، انهيءَ جي صحبت ۽ پدرانه شفقت ۾ رهندي، ان جي زير نگراني ڪتابن جو مطالعو، رسالن ۽ اخبارن جي پڙهڻ جي تربيت جي ڪري کين لکڻ جو ذوق پروان چڙهڻ لڳو ته سندن والد بزرگوار کيس مضمون نويسي جي پڻ سکيا ڏني. انهيءَ جو نتيجو اِهو نڪتو جو سن 1955ع ۾ روزانه ”هلال پاڪستان“ ڪراچي، روزانه ”عبرت“ حيدرآباد ۾ ”ٻارڙن جي ٻاري“ واري صفحي ۾ سندن شروعاتي لکڻيون شايع ٿينديون رهيون. ان وقت کين پنهنجي والد وٽان جيڪا به خرچي ملندي هئي، بازار مان اخبارون وٺي ڪري مطالعو ڪندو هو، ۽ پوءِ آهستي آهستي اخبارن جو رڪارڊ به رکڻ شروع ڪيائين جيڪو اڄ به سندن اولاد وٽ موجود آهي.(3)

جعفراڻيءَ جو تعليمي سفر پنهنجي والد گراميءَ جي نوڪريءَ دوران مختلف شهرن ۾ ٿيندو رهيو، ڇاڪاڻ جو سندن والد صاحب پرائمري استاد هئڻ جي نالي جتي به سندن بدلي ٿيندي هئي، اُتي پنهنجي ڪٽنب سميت رهائش ڪندو رهندو هو، اهڙيءَ طرح سندن بنيادي تعليم جي شروعات جاتيءَ جي پرائمري ٽِه قبائين اسڪول ۾ ٿي، پوءِ سندن والد جي تبادلي ٿيڻ ڪري پنجون ڪلاس ميرپورساڪرو مان پاس ڪيائين.(5) جڏهن ته ثانوي تعليم چانڊيه هاءِ اسڪول سجاول مان ۽ انٽر آرٽس ڪاليج مڪليءَ مان حاصل ڪيائين.

نوڪري: عزيز مرحوم انٽر جو امتحان پاس ڪرڻ بعد پنهنجي والد صاحب وانگيان استاد ٿيڻ ٿي چاهيو، سو کيس الله تعاليٰ جي ٻاجهه سان 01- نومبر 1960ع تي پرائمري ايجوڪيشن ۾ نوڪري ملي ويئي؛ جڏهن پاڻ اڃا جوائن به نه ڪيو هئائين ته سندن والد صاحب کين ٺٽي جي شهر ۾ ڪجهه نصيحتون ڪيون هيون انهن جو اختصار هيٺ ڏجي ٿو:

”پُٽَ! جيڪڏهن توهان استادي پيشو اختيار ڪيو ٿا ته: توهان تي اهو لازم آهي ته توهان منهنجي ڏسيل واٽ تي هلندؤ ته هڪ ڪامياب استاد بڻجي ويندؤ!،

1.   بابا! استاد جو ڪردار اڇي ڪپڙي مثل آهي جي ان تي ٿورڙو به داغ لڳو ته اهو نمايان ڏسڻ ۾ ايندو تنهنڪري پاڻ کي اهڙي بدنما داغ کان هميشه بچائجانءِ.

2.  ڪڏهن به ڪنهن سان رعايت نه ڪجو! کڻي ڪير هجي؟ ڪنهن جو به ماڻهو هجي؟

3.  ڪڏهن به ڪنهن کي ٽيوشن نه پڙهائجو!

4.  جڏهن ڪنهن عورت کي پڙهايو ته ان کي سندس گهر ۾ سندس مائٽن جي سامهون پڙهائجو!

سندن والد بزرگوار کين مذڪوره بالا نصحيتون ڪندي آخر ۾ کيس تلقين ڪئي ته، ”پُٽَ! جي توهان سمجهو ٿا ته توهان مٿين نصيحتن تي عمل ڪندؤ ته توهان ڀلي پڙهايو!“

جعفراڻي صاحب مرحوم پنهنجي والد جي نصيحت ڪيل اهي سڀ اصول سامهون رکي ڪري، 01- نومبر 1960ع ۾ سڀ کان پهريائين گورنمينٽ پرائمري اسڪول يعقوب ٻارڻ تعلقو سجاول ۾ پرائمري استاد طور جوائننگ ڪئي.(5)

مطالعي سان چاهه: سندن والد محترم جن کين هميشه اِها تاڪيد ڪندا رهندا هئا ته ”هڪ سٺي استاد لاءِ سٺو مطالعو انتهائي ضروري آهي، ان ڳالهه کين ڪتابن، اخبارن ۽ رسالن سان محبت ڪرڻ لاءِ وڌيڪ اُتساهيو، پاڻ به پنهنجي ذهن کي مطالعي سان تيز ڪندو رهندو هو، نت نوان آيل ڪتاب مارڪيٽ مان هٿ ڪري پڙهندو رهندو هو، راقم کي ياد آهي ته خود اسان کي به تاڪيد ڪندا رهندا هئا ته ڄاڻ حاصل ڪرڻ ٽريننگ ڪاليج ۾ ادبي ماحول ۽ ادبي مطالعي جو دائرو وسيع ٿيو. پاڻ جديد ادب جو به مطالعو ڪيائون. مارڪس، لينن ۽ ٻين يورپي اديبن جا ڪتاب سندن مطالعي ۾ آيا. ملحدانه ۽ آزاد خيال لکتون پڙهيائون، هنن تحريرن ۽ مطالعي سندن ذهن تي ڪافي منفي اثر ڇڏيا، روشن خيالي جي نالي تحرير ٿيل هنن تحريرن ۾ کين ڪابه روشن خيالي ته نه ملي اُلٽو دماغ تي ڪئين خلفشار چڙهڻ لڳا، پاڻ مون کي هڪ دفعا ٻڌايائون ته ”منهنجي ذهن ۾ عجيب قسم جا اسلام خلاف خيالات تيزيءَ سان گردش ڪرڻ لڳا. انهيءَ دوران ئي هڪ ڏهاڙي چانڊيه اسڪول ۾ پڙهائيندي اچانڪ منهنجي طبيعت گهڻي خراب ٿي ۽ منهنجي دماغ کي جهٽڪو لڳو ۽ آءٌ ڪلاس اندر شاگردن اڳيان بيهوش ٿي ڪِري پيو هوس. ٽئين ڏهاڙي مون بي خوديءَ واري ڪيفيت مان ننڊ واري حالت ۾ خواب ڏٺو ته، هڪ بلڪل سفيد پوش الله وارو بزرگ آهي جيڪو مون کي هڪ ڪتاب هٿ ۾ ڏئي چئي رهيو آهي ته، پُٽ! اچي هيءُ ڪتاب پڙهه....! اِهي تنهنجي سرهاڻي وارا ڪتاب اُڇلائي ڇڏ....!! اِهي توکي گمراهه ڪندا....!

جعفراڻي صاحب ٻڌايو ته، مون جڏهن اُن بزرگ جي ڏنل ڪتاب کي کولي ڏٺو ته اهو الله پاڪ جو مقدّس ڪتاب قرآن مجيد آهي ۽ جڏهن سرهاڻي وارن ڪتابن کي ڏٺم ته اُهي مارڪسز ۽ لينن واري نظرئي وارا ڪتاب هئا. جڏهن منهنجي اک کُلي پئي ۽ حيرانگيءَ وچان ڏٺم ته والد صاحب ۽ هڪڙو ڊاڪٽر منهنجي اڳيان بيٺل هئا، انهن مون کان پڇيو ته بابا! هاڻ طبيعت ڪيئن اٿوَ....؟! مون وراڻيندي چيو ته بابا سائين! آءٌ ته بلڪل ٺيڪ آهيان..... مون کي ڇا ٿي ويو هو....؟! والد صاحب فرمايو ته، توهان اسڪول ۾ بيهوش ٿي ويا هئا. اوهان کي هتي اسپتال کڻائي آياسون، ان کي ٻه ڏينهن ٿي چڪا آهن، بهرحال! والد صاحب جن مون کي في الوقت ته ڪجهه به نه چيو، پر آءٌ سندن رويّي مان ايترو ضرور سمجهي سگهيس ته ضرور ڪا ڳالهه والد صاحب جن جي دل ۾ آهي. والد صاحب جن کي جڏهن به ڪا اهم ڳالهه پڇڻي هوندي هئي ته فرمائيندا هئا ته، اڄ شام جو اوهان ڪيڏانهن به نه وڃجو! پاڻ شام جو ٿورڙو تفريح ڪرڻ هلنداسون. بهرڪيف! شام جو عصر نماز کان پوءِ والد صاحب سان گڏجي گهر کان ٻاهر آياسون، ڪجهه رسمي گفتگوءَ بعد پاڻ اصل موضوع تي آيا ۽ فرمايائون ته پُٽ! سچي ٻڌايو ته اوهان جي دوستيءَ جي حلقي ۾ ڪهڙا ڪهڙا ماڻهو آهن؟ مون کيس سڄي حقيقت ٻڌائي ڇڏي. منهنجي چُپ ٿيڻ تي پاڻ فرمايائون ته، ”ڊاڪٽر صاحب سچ ٿي چيو ته تنهنجي ڇوڪري کي ٻي ڪابه بيماري نه آهي، پر پڇا ڪريو ته هن جي صحبت ڪهڙن ماڻهن سان آهي؟ هن جو دماغ ڪن ذهني خيالن جي ٽڪراءَ جو شڪار ٿيو آهي، انڪري هيءُ بيهوش ٿي ويو آهي، سندس دماغ ۾ ڪو وڏو مطالعاتي خلفشار آهي؟

والد صاحب جن جي ڳالهه ۽ ڊاڪٽر صاحب جو تجزيو مون کي دل سان لڳو ۽ پوءِ کين پنهنجو اسپتال وارو خواب به ٻڌائي ڇڏيو. ان تي والد صاحب به مون کي تلقين ڪئي ۽ فرمايو ته، اهو خواب حقيقت ۾ اوهان لاءِ بهتر ثابت ٿيندو، اوهان کي اِها قدرتي نصيحت ملي آهي، ان تي هميشه عمل ڪندا رهجو!

بس! انهيءَ کان پوءِ مون پنهنجي مطالعي جو محور اسلام، سنڌ، تاريخ، کان بزرگانِ دين ۽ آثارِ قديمه تي مرڪوز ڪري ڇڏيو.(7)

سيڪنڊري ايجوڪيشن ۾ اچڻ:

محترم عزيز جعفراڻي صاحب پرائمري ايجوڪيشن ۾ هئڻ دوران ئي 1965ع کان پوءِ سيڪنڊري ايجوڪيشن ۾ پير پاتو، پاڻ سيڪنڊري استاد طور پهريائين سجاول، ميرپور بٺورو ۽ پوءِ ٺٽو هاءِ اسڪول ۾ ملازمت جا فرائض سرانجام ڏيندو رهيو. ساڳئي وقت هن پرائيويٽ طور بي.ايڊ ۽ ايم.ايڊ به مڪمل ڪيو ان کان علاوه پاڻ ايم.اي سياسيات پڻ هو.(8)

تاريخ سان دلچسپي:

جعفراڻي مرحوم کي قدرت واري ڪمال جو ذهن ڏنو هو، هو ايتريقدر ذهين و فطين هوندو هو جو ڪنهن به موضوع کي کڻندو هو ته ان کي نهايت ئي پڪن، پختن ثبوتن ۽ دليلن ۽ حوالن سان بهترين سليقي، رواداري ۽ غيرجانبداريءَ سان نڀائڻ جي ڪوشش ڪندو هو. هوءُ کاهوڙي ۽ جاکوڙي انسان هو ان جي قلم ۾ قدرتي طاقت، ڪشش ۽ مقناطيسيت هوندي هئي، لفظن جي چاشني ۽ ميٺاڄ سان گڏ هڪ بحرِ بيڪران وانگر تسلسل جو جوان وهڪرو معلوم پيو ٿيندو هو ۽ پڙهندڙ کي نه بوريت ۽ نه ئي ٿڪاوٽ محسوس ٿيندي هئي، ان لاءِ سندن تحريرون شاهد آهن.

جعفراڻي مرحوم حقيقت ۾ پنهنجي دور جو محسنِ تعليم، مردِ قلندر ۽ بهترين محقق ۽ تاريخدان هو، تاريخ سان سندن دلچسپي ۽ چاهه بابت پاڻ پنهنجي زباني راقم کي هڪ واقعو ڪجهه هن طرح ٻڌايو هئائون ته، هڪ دفعو ٺٽي ۾ نوڪريءَ دوران پشاور کان هڪ وفد آيو هو انهن پٺاڻن اديبن کانئس پڇيو هو ته، ”شاهبندر“ ڪٿي آهي؟“

پاڻ ٻڌايائون ته انهن جي انهيءَ سوال مون کي حيرت زده بنائي ڇڏيو هو. بلڪه آئون انهن کان شرمندو ٿي پنهنجو پاڻ کي ڦٽڪار ڪرڻ لڳس ته آءٌ خود تعلقي شاهبندر جو ڄائو آهيان ۽ مون کي اِها به خبر نه آهي ته، شاهبندر جا آثار ڪٿي آهن؟ بَس! انهيءَ ڏينهن کان وٺي منهنجي دل ۾ پنهنجي خطي جي تاريخ سان دلچسپي ٿي وئي ۽ سڀ کان پهريائين شاهبندر پوءِ ٺٽي ضلعي جي تاريخ ۽ ان جي تاريخي ماڳن، مڪانن ۽ آثارن کي ڳولهي لهڻ ۽ انهن تي تحقيقي ڪم ڪرڻ لاءِ هڪ ته پنهنجو سڄو خيال ۽ ڌيان تاريخ جي مطالعي تي مرڪوز ڪري ڇڏيم، ٻيو ضلعي جي پراڻن ماڳن جي مشاهدي ڪرڻ کي لڳي ويس.

عزيز صاحب جي ذاتي ڊائرين ۽ تحرير ڪيل مقالن ۽ مضمونن جي فائلن مان پتو پوي ٿو ته، ٺٽي ضلعي جي ڪافي ماڳن مڪانن تي سندن مضمون ۽ مقالا موجود آهن، راقم جي ڪيترن ئي هنڌن تي مرحوم رهنمائي فرمائي ۽ اها قلمي سگهه عنايت فرمائي هئي، اگر سندن اِها راهنمائي حاصل نه ٿئي ها ته هيءُ عاجز اڄ ان لائق نه رهي ها، بقول فارسي شاعر جي ته، ع- ”خدا رحمت کند اين عاشقانِ پاک طنيت را.“ اهڙي عظيم محسن جي قبر تي الله تعاليٰ ڪروڙين رحمت جا ڪڪر وسائي. (آمين)

ٺٽي جي مختلف ماڳن، مڪانن ۽ تاريخي آثارِ قديمه ڏسڻ لاءِ هيءُ عاجز راقم ۽ ٻئي ساٿي محترم محقق رسول بخش تميمي صاحب، ساڻ هوندا هئاسون، ۽ سنڌ ۾ مختلف علمي و ادبي پروگرامن، ڪانفرنسن ۽ ادبي ميڙاڪن ۾ ۽ آل پاڪستان ٽوئرن به اسان جو ساٿ هميشه هوندو هو، پاڻ اسان جي هر وقت ۽ هر موڙ تي رهنمائي ۽ اصلاح ڪندا رهندا هئا، خدانخواسته جيڪڏهن اسان ٽنهي مان هڪ ڄڻو ڪنهن تقريب ۾ ڪنهن مجبوريءَ سبب شريڪ ٿي نه سگهندو هو ته ادبي دوست چوندا هئا ته اڄ ”ٽرائڪو“ پورو ڇونه آهي؟

جيئن اسان مٿي ذڪر ڪري چڪا آهيون ته، عزيزم عزيز کي تاريخ و تحقيق سان گهرو لڳاءُ هو ۽ اڪثر و بيشتر پاڻ تاريخي ميڙاڪي ۾ شرڪت ڪندو رهندو هو ته اسان کي به پاڻ سان گڏ وٺي ويندو هو، جتي سندن ملاقاتون سنڌ جي مختلف اديبن ۽ محققن سان ٿينديون رهنديون هيون، خصوصاً لاڙ جي لاڏلي محقق مرحوم محمد سومار شيخ (بدين)، ٿر جي ٿاريلي سرزمين جي سداحيات تحقيق نگار محقق محترم سائين معمور يوسفاڻي مرحوم (عمرڪوٽ- لطيف نگر)، ۽ سائين سرموڙ حقيقي مردِ قلندر محترم پروفيسر سيّد قلندر شاهه لڪياري جن سان وقت بوقت ملاقاتون ۽ علمي، تحقيقي ڪچهريون ٿينديون رهنديون هيون. انهن ڪچهرين ۾ اِهو طئي ٿيو ته، هرڪو پنهنجي پنهنجي علائقي تي تحقيق ڪري پنهنجي علائقي جي تاريخ مرتب ڪري، اهڙي علمي گوهرن جي آڇ تي پاڻ تاريخ سجاول لکڻ تي آماده ٿيا ۽ هڪ مصّمم ايرادي سان سڀ کان پهريائين پاڻ ”تاريخ سجاول“ لکي ورتائون، ان کان پوءِ لکڻ جو هڪ اڻ ٽٽ سلسلسو شروع ٿي ويو، جيڪو سندن وفات تائين به جاري رهيو.(9)

هتي هڪ ٻي اهم ڳالهه قارئين ڪرام تي واضح ڪرڻ ٿو چاهيان ٿو؛ مٿئين تعلق ۽ ڪچهرين ۾ ڪڏهن ڪڏهن راقم ۽ سندم دل گهريو محقق محترم تميمي صاحب به شامل ٿيندا هئاسون ۽ اسان ٻنهي کي پڻ ان ڳالهه تي پابند ڪيو ويو هو ته، اوهين به پنهنجي پنهنجي علائقن جي تعلقه سطح تي هڪ هڪ تاريخ جو ڪتاب لکو…! ٻئن سڀني پنهنجو وچن وفا ڪيو مگر آءٌ ۽ سائين قلندر اڃا تائين پنهنجو وعدو وفا نه ڪري سگهيا آهيون. راقم به پنهنجي تصنيف بابت مواد ته مڪمل ڪري ورتو آهي، انشاءُالله تعاليٰ راقم جو پنهنجي علائقي تي لکيل ڪتاب ”تاريخ شاهبندر“ جلد منظرِ عام تي اچي ويندو.

تصنيف و تاليف جو ڪم:

جعفراڻي صاحب مرحوم جا هونئن ٺٽي جي تاريخ، تهذيب و ثقافت ۽ آثارِ قديمه جي تحقيق تي انيڪ مقالا ۽ مضمون ڇپجي چڪا آهن، هڪ معلوم اندازي مطابق 1965ع کان 1981ع واري دور تائين ٺٽي جي تاريخ تي ايترو ڪنهن به نه جاکوڙيو جيترو جعفراڻي صاحب پنهنجي زرخيز قلم ذريعي ٺٽي جي تاريخ تي ڪم ڪيو هو نه صرف پاڻ لکيائين بلڪه اسان جهڙن جي به همٿ افزائي ڪندي اسان کان به ٺٽي جي سرزمين تي پکڙيل تاريخي ورقن کي گڏ ڪرائي انهن جي پنهنجي هٿ سان اصلاح ڪري، انهن مضمونن کي ڇپرايائين، سندن تصنيف تاريخ سجاول 1986ع ڇپيو.

جعفراڻي صاحب جي تصنيف:

”جاتيءَ جا نوان ورق“ تحقيقي مقالن ۽ سرڪاري رڪارڊ جي ڳولا ڦولا تي مشتمل هيءُ ڪتاب 2003ع تي ڇپيو. هن ڪتاب ۾ جعفراڻي صاحب، ڪمال جا جوهر ڏيکاريا آهن.

عزيز صاحب جي ٽين تصنيف:

سجاول جي سماجي، ثقافتي ۽ سياسي تاريخ آهي جيڪا 2009ع ۾ شايع ٿي، اها ڄڻ مٿين تاريخ کي دوباره ايڊٽ ڪيو ويو آهي، جعفراڻي صاحب جو اهو ڪتاب پهروڪي ڪتاب کان وڌيڪ ضخيم آهي. هيءُ ڪتاب 954 صفحن تي مشتمل آهي، جنهن ۾ 16 باب، 43 صفحا ببليوگرافيءَ جا 54 صفحا ڏسڻيءَ جا عليحده آهن. هن ڪتاب کي جيڪڏهن سجاول جي انسائيڪلوپيڊيا چئجي ته ڪوبه وڌاءُ نه ٿيندو.(10)

جعفراڻي صاحب جون مختلف وقتن تي تحرير ڪيل لکڻيون جنهن ۾ سنڌ جي ثقافتي روح جا رنگ به رچيل آهن. ته آثارِ قديمه جو به ذڪر آهي، بلڪه هند ۽ سنڌ جي ماڳن، مڪانن ۽ شخصيتن جو به ذڪر ملي ٿو. بهرحال سندن هيءُ ڪتاب ”مقالاتِ عزيز“ جي نالي ثقافت کاتي وارن  سال 2012ع تي شايع ڪرايو آهي، هن ڪتاب اندر تقريباً سندن 45 مقالا، مهاڳ، ٻه اکر ۽ مقدمه موجود آهن، هن ڪتاب جي آخري حصي ۾ ڪجهه اهم افسانن کي به شامل ڪيو ويو آهي. جن مان ڪجهه اهم افسانن ۽ ڪهاڻين ۾: عهد شاهه جهاني جو سچو افسانو: ”ناظم خان ۽ ان جي محبوبه“، ”ڪوڙ زنده باد“ ۽ ”نديءَ جو ٽيون ڪنارو“ (برازيلي ڪهاڻي) قابلِ ذڪر آهن.(11)

اڻ ڇپيل ڪتاب:

جعفراڻي مرحوم جي اڻ ڇپيل ڪاوشن ۾ 1- ماڃر جي مهمان نوازي، 2- تاريخ بيت المقدس، 3- اسلام ۽ جديديت (انگريزيءَ مان سنڌي ترجمو)، 4- اسلام ۽ قوميت (انگريزي مان ترجمو)، ۽ 6- معصوم محبت شامل آهن.

سير و سياحت:

جعفراڻي صاحب، سير و سياست جا بي پناهه شوقين هئا، پاڻ تقريباً پورو پاڪستان گهميائون. آثارِ قديمه سان ته وڏو چاهه هين، سندن هميشه اها دلي خواهش هئي ته سڀ کان پهريائين ٺٽي ضلعي جي آثارِ قديمه کي وڊيو ذريعي محفوظ ڪجي. ۽ گڏوگڏ فوٽوگرافي به ڪجي ان سلسلي ۾ پاڻ مڪليءَ جي قبرستان جي عڪس بندي ڪرائي هئائون ۽ ان پراجيڪٽ کي سنڌ ليول تائين وڌائڻو هو، پر سندن حياتي وفا نه ڪئي، اهو سلسلو سندن اولاد وري نئين سر کنيو آهي، سندن اِها پڻ تمنا هئي ته مڪليءَ تي هڪ عاليشان ميوزيم هجي، جيڪو عالمي ليول جو هجي، جنهن ۾ سنڌ جي تاريخ، تهذيب ۽ رسم و رواج جي ڀرپور عڪاسي هجي. الحمدلله! سندن اِها دلي تمنا ”ٺٽو ميوزيم“ جي صورت ۾ ثقافت کاتي پاران ٺٽي جي ڀر ۾ پوري ٿي آهي.(12)

ڪمپيئرنگ ۾ ڪمال:

عزيز صاحب واقعي هڪ باصلاحيت ۽ باڪمال شخصيت جو مالڪ هو، جهڙيءَ طرح سندس تحرير ۾ طاقت هئي اهڙي ريت سندس تقرير ۾ ميٺاج سان گڏ اهڙي ته ڪشش هئي جو هو جڏهن به ڪو مقالو پڙهندو يا ڪٿي کين تقرير جو موقعو ملندو هو، ته پنهنجي الفاظي مواد جي جاذبيت سان گڏ پنهنجي آواز جي گونج سان سڄي ماحول تي ڇائنجي ويندو هو، پر جيڪڏهن علمي ميڙاڪي ۾ ڪمپيئرنگ لاءِ آيا ته هو پنهنجي علمي و ادبي ڄاڻ ۽ مقناطيسي لهجي جي ڪري پوري پنڊال جي ماحول تي غالب پئجي ويندو هو. مون کي چڱي طرح ياد آهي ته 1982ع ۾ اسان هڪ ادبي ميڙاڪي ۾ هئاسون ته مهمانِ خاص ۽ ٻيا اديب مهمان ڪنهن سبب 2 ڪلاڪ دير سان پهتا، ته اُهي ٻه ڪلاڪ مسلسل پاڻ ڳالهايئندا رهيا ۽ پنڊال ۾ ويٺل ماڻهو بلڪل بوريت يا ٿڪاوٽ ۽ بيزاريءَ جو شڪار نه ٿيا، پاڻ انهن ماڻهن کي ان علائقي جي تاريخ و تمدّن جي حالات سان محظوظ ڪندا رهيا.

مختلف زبانن تي ڄاڻ:

جعفراڻي صاحب پنهنجي علمي قابليت سان گڏ پاڻ انگريزيءَ کان علاوه فارسي، عربي ۽ پشتو زبانن تي چڱي دسترس رکندا هئا. راقم خود سندن پنهنجي هٿن سان لکيل خط مختلف زبانن ۾ مختلف ملڪن جي ادارن ۽ دوستن ڏانهن ڏٺا هئا. سندن فرزند ميان شبير جعفراڻي پنهنجي والد گراميءَ تي لکيل هڪ مضمون ۾ لکي ٿو ته:

”کيس پشتو زبان سان به وڏو لڳاءُ هو، نه صرف ڳالهائيندا هئا پر پشتو ۾ لکندا به هئا. سندس لائبرري ۾ اڄ به سَون جي تعداد ۾ پشتو زبان ۾ شاعري، افسانا، ڊراما، ناٽڪ جا ڪتاب ۽ پشاور مان نڪرندڙ واحد پشتو اخبار روزاني ”وحدت“ جا فائل موجود آهن. سندن اِها به دلي خواهش هئي ته شاهه لطيف جي رسالي کي پشتو ۾ ترجمو ڪجي، ان سلسلي ۾ پاڻ فاٽا، خيبرپختون خواهه جي اهلِ قلم سان نه صرف خط و ڪتابت جاري رکي پر تقريباً 30 سالن کان وزيرستان جي وانا کان وٺي چمن جي بارڊر تائين، گلگت، هنزه، اسڪردو کان ويندي پشاور تائين ڪافي اديبن سان سنڌ جي معلومات بابت خط و ڪتابت ڪندا رهندا هئا. سندن اوچتي وڇوڙي کيس لطيف سائين جي رسالي کي پشتو ۾ ترجمو ڪرڻ جي مهلت نه ڏني.(13)

مرحوم جعفراڻي صاحب جن جي اها وڏي خوبي رهي ته پاڻ جنهن به اسڪول ۾ رهيا ته اتي غير نصابي سرگرمين کي هٿي وٺرايائون.

بقول آغا نورمحمد پٺاڻ جي هو صاحب جتي به ويو آهي اُتي ڪانه ڪا ادبي چُرپُر ضرور ڪندو آهي. جيئن 1989ع ۾ هاءِ اسڪول سجاول مان ”سجاول مئگزين“ 1993ع ۾ هاءِ اسڪول مڪلي مان ”مڪلي نيوز ليٽر“، 2001ع ۾ جاتي هائير سيڪنڊري اسڪول مان ”مُگرڀيئن مئگزين“، 2005ع ۾ ڪميونٽي بيسڊ اسڪول جاتيءَ مان ”العلم“ ۽ 2008ع ۾ پرفيڪٽ اسڪول سسٽم ٺٽو مان ”القانع“ رسالو ڪڍڻ سندن علم دوستيءَ جو پڪو ثبوت آهي.“(14)

علمي قابليت:

جعفراڻي صاحب مرحوم بهترين ترجمه نگار ۽ هڪ بيباڪ صاحبِ علم هو، مثال طور هن مثالي شخص بابت سندن علمي و ادبي قابليت جو هڪ ٻه مثال پيش ڪجن ٿا:

1.      جعفراڻي صاحب پاڻ نه صرف سنڌي، اردو، پشتو پر انگريزيءَ ۾ به ڪافي ترجما ڪيائون، انگريزي زبان تي به کين وڏي دسترس هئي. جيڪو ڪتاب انگريزي زبان مان ترجمو ڪيو هئائين اهو آهي: Islam and Modernism Nationalism جڏهن ته ڊاڪٽر ويل (Dr. Weil) جي ڪتاب History of Islamic People جو انگريزي زبان ۾ تنقيدي جواب لکيائين، ان کان علاوه کوڙ سارا ادبي مضمون ۽ مقالا به تحرير ڪيائون.

2.     سنه 1976ع ۾ پاڪستان نيشنل ڪائونسل آف آرٽس طرفان قائداعظم محمد علي جناح جي 100 ساله سالگره تي آل پاڪستان يونيورسٽي ليول تي مضمون لکڻ جو اعلان ڪيو ويو، ان وقت پاڻ انسٽيٽيوٽ آف ايجوڪيشن اينڊ ريسرچ، سنڌ يونيورسٽي حيدرآباد مان ايم.ايڊ ڪندو هو، ان مضمون نويسيءَ جي مقابلي ۾ به حصو ورتائين سندن عنوان Quaid-e-Azam: The Anti- Impreialist هو، کيس ان مضمون تي پوري پاڪستان ۾ ٻيو نمبر مليو.(15)

همٿ افزائي وارو جذبو:

عزيز صاحب، علم و ادب جي ترقيءَ لاءِ هميشه نه صرف پاڻ پتوڙيو، بلڪه هن جوان مرد انسان ٻين ۾ به اهڙو جذبو پيدا ڪري علم و ادب جي خوب خذمت ڪئي. 67-1966ع کان وٺي 2009ع تائين مسلسل 44-43 سال ادب جي خدمت ڪندي گذاري اُها به بنا ڪنهن لوڀ ۽ لالچ جي، الله تبارڪ و تعاليٰ اهڙن عظيم انسانن تي رحمتن جا مينهن وسائي. آمين.

پاڻ جن دوستن جي علمي همت افزائي ڪيائون، انهن ۾ محترم رسول بخش تميمي، محمد عمر ميمڻ (لائبرري سائنس)، سيد انور علي شاهه (سونڊا)، حزب الله ناشاد (چوهڙ جمالي)، محمد مسعود شاهد (مرحوم) ۽ راقم الحروف جا نالا قابلِ ذڪر آهن.(16)

ان کان علاوه سندن ڀاءُ محترم شمس جعفراڻي ۽ سندن فرزند پڻ ان همت افزائي جي مرهونِ منت رهيا آهن.

مطالعاتي ۽ مشاهداتي سفر:

پاڻ رهبر ادبي سوسائٽي (راس) جي پليٽ فارم تان 1983ع ۽ 1986ع ۾ ٻه طويل علمي ۽ مشاهداتي آل پاڪستان دؤرا ڪيائون. هنن دؤرن ۾ پاڻ پنجاب، ڪشمير ۽ خيبرپختونخواهه جي مختلف دؤرن ۾ آثارِ قديمه جي مطالعي کانسواءِ ۽ وڏين علمي ادبي شخصيتن جي ملاقاتن کان علاوه، ڪيترن ئي جلسن ۾ وفد جي نمائندگي پڻ ڪيائون. هنن وفدن ۾ رسول بخش تميمي ۽ راقم کانسواءِ وفد جا اڳواڻ پروفيسر عبدالجبار عابد لغاري، سيد احسن الهاشمي، قلندر شاهه لڪياري صاحب، ڊاڪٽر اسد جمال پلي، پروفيسر عبدالرحيم ڏيٿو صاحب ۽ محترم محبوب سروري کان علاوه ڪجهه جلسن ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ۽ سائين مخدوم جميل الزمان ’جميل‘ صاحب به شريڪ هئا.

هن سلسلي جو هڪ سفر اسان يعني راقم، تميمي صاحب ۽ سائين جعفراڻي صاحب پراڻي ٿرپارڪر ضلعي جي قديم آثارن جو ٻن ڏينهن تي مشتمل پڻ ڪيو. هن سفر ۾ اسان جو سونهون ۽ ميزبان ڊاڪٽر اسد جمال پلي صاحب هو، جنهن هن علائقي جا اڪثر آثار اسان جي مشاهدي ۾ آندا.

سائين جعفراڻي سنڌ جو ته چپو چپو گهميو پر ڪڏهن ڪڏهن پاڪستان جي ڏورانهن علائقن جا سفر به پاڻ مطالعي ۽ مشاهدي طور ڪري ايندو هو.

لائبررين جو قيام:

جعفراڻي صاحب جن جي هميشه اِها ڪوشش رهندي هئي ته ٺٽي جي هر شهر ۾ يا ته ڪا پبلڪ لائبرري هجي پر ائين نه ٿو ٿئي ته هر دوست پنهنجي ذاتي لائبرري ضرور قائم ڪري، سندن ڪوششن سان 1968ع ۾ چوهڙ جماليءَ ۾ بزمِ سحر ادب پاران طارق بن زياد لائبرري، جاتيءَ ۾ مغلڀين ادبي سوسائٽيءَ پاران المصطفيٰ پبلڪ لائبرري، ٺٽي ۾ ٺٽه هسٽاريڪل سوسائٽيءَ پاران مخدوم محمد هاشم پبلڪ لائبرري، شاهبندر ادبي سوسائٽيءَ پاران محمد يوسف چانڊيه پبلڪ لائبرريءَ جو قيام 1982ع ۾ سندن ئي مرهونِ منّت آهي، ۽ ٺٽه پرفيڪٽ اسڪول سسٽم پاران مير علي شير قانع ٺٽويءَ جي ياد ۾ قانع پبلڪ لائبرري ٺٽي ۾ قائم ڪرايائين.

محمد بن قاسم لائبرريءَ جو قيام:

جعفراڻي صاحب جي علمي ڪاوشن ۾ سڀ کان اهم ڪاوش سجاول شهر ۾ ”محمد بن قاسم لائبرريءَ“ جو قيام آهي. جيڪو پاڻ پنهنجن ساٿين سان گڏ 20- نومبر 1967ع قائم ڪئي، هي لائبرري پنهنجي مدد پاڻ واري اصول تحت قائم ڪئي وئي، جنهن کي ڪابه سرڪاري يا نيم سرڪاري امداد حاصل نه آهي. سڀ کان پهريائين لائبرري 13 اخبارن ۽ 210 ڪتابن سان شروع ٿي. جنهن ۾ هن وقت 10 روزنامه، 240 هفتيوار ماهوار ۽ ٽه ماهي رسالا ۽ جرنل سڄي دنيا مان باقاعدگيءَ سان اچن ٿا. جڏهن ته هن ۾ ڪتابن جو تعداد 28520 آهي، لائبرريءَ ۾ ڪيترن ملڪي ۽ غيرملڪي اخبارن، رسالن جي فائلنگ کانسواءِ علائقائي، ملڪي ۽ بين الاقوامي واقعن تي مشتمل اخبارن جو وافر ذخيرو موجود آهي. لائبرريءَ جي ذخيري کي ”يونيسيڪو“ جي شعبه تاريخ طرفان حوالي جاتي مواد براءِ ڏکڻ ايشيا قرار ڏنو ويو آهي.(17) اهڙيءَ طرح رابطه عالمي اسلامي، مڪه شريف، سعودي عرب طرفان شايع ڪيل عالمي اسلامي ادارن جي ڊائريڪٽري آرگنائيزيشن آف اسلامڪ ڪانفرنس جي شعبه تاريخ و ثقافت.(18) علاوه ازين انقره ترڪي طرفان شايع ٿيل اسلامي ادارن جي ڊائريڪٽري.(19) يُونيسڪو ۽ ڪائونسل آف يورپ جي گڏيل اداري نيٽ ورڪس فار ريسرچ اينڊ ڪوآپريشن اِن ڪلچر ڊولپمينٽ.(20) يونيورسٽي آف ملواني آمريڪا جي اداري، ڊئريڪٽري آف پيس ايجوڪيشن ڪميشن جي ڊائريڪٽري ۾ پڻ هن لائبرري کي شامل ڪيو ويو آهي.(21)

ان کان علاوه هن لائبرريءَ تي مخدوم عبدالرسول ٿيسز لکي ڪري ايم.ايل.ايس جي ڊگري پڻ حاصل ڪئي آهي. 1976ع ۾ ۽ هن لائبرريءَ جو تذڪرو سنڌ جي ڪتبخانن جي تاريخ ۾ عبدالرسول قادري صاحب ڪيو آهي، ۽ ڊاڪٽر الهرکيو ٻُٽ صاحب پنهنجي ڪتاب سنڌ ۾ ڪتبخانن جي مختصر تاريخ ۾ پڻ هن لائبرريءَ کي ساراهيو آهي.(22)

وفات حسرت آيات:

سنڌ جو هي مڻيادار مهان انسان ۽ سماج سڌارڪ اديب، محقق، شاعر ۽ استاد تاريخ 9- اپريل 2009ع تي رات جو 2:30 تي هميشه هميشه لاءِ اسان کان وڇڙي ويو، پر سندس سنڌ جي تاريخ متعلق ڪيل خدمتون ڪڏهن به وساري نه سگهبيون، اهڙن ئي املهه موتين لاءِ لطيف سائين چيو آهي ته:

ماڻهو سڀ نه سهڻا پکي سڀ نه هنج،

ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ منجهه اچي بوءِ بهار جي.

(شاهه رح)

واقعي اهڙا املهه انسان ناياب ۽ اڻلڀ ماڻهو ڏاڍي مشڪل سان پيدا ٿين ٿا، بقول شاعر جي ته: ع بڑی مشکل سے ہوتا ہے چمن میں دید ور پیدا۔ راقم به ائين ئي محسوس ڪري ٿو، هن موقعي تي وري مون کي عراقيءَ جو هيٺيون شعر ياد اچي ٿو:

آن مونس و غمگسارِ جان کُو؟

و آن آرزوئے ہمئہ جھان کُو؟

آن جانِ جھان کجاست آخر؟

و آن شاہد روح انس و جان کُو؟

حیران ھمئہ ماندہ ایم و والہ،

آن یارِ لطيفِ مہربان کُو؟(23)

ترجمو: اُهو پيارو جان جو غم خوار ڪٿي آهي؟

        اُهو سڄي جهانَ جي آرزو ڪٿي آهي؟

        اُهو جهانَ جي جان آخر ڪٿي آهي؟

        اُهو جنن ۽ انسانن جو روح روان ڪٿي آهي؟ 

        سڄي جهان ۾ اُن لاءِ اميدوار آهيان،

        اُهو لطيف يار ۽ مهربان ڪٿي آهي؟

سندن تاريخِ وفات جڏهن ڳولهي ويئي ته، اسان کي هيٺئين طرح ملي؛

1.      عيسوي سال: غفران مآب جعفراڻي مع اهلِ علم              2009ع

2.     هجري سال: غفران مآب زهـﻶ پاک باز                       1429هه

3.     بڪرمي سال: غمِ رحلت میں ہے اھل علم و قلم                2066هه

علاوه ازين ٻيون به ڪيتريون ئي اهڙيون تاريخون آهن جيڪي وري ٻي ڪنهن موقعي تي پيش ڪنداسون.

صنفِ توشيع ۾ غزل

ع-

عجب جهڙو اسان کان اڄ عزيزم يار وسري ويو،

ز-

زماني جو قسم آهي دلي دلدار وسري ويو.

ي-

يارن يار هن جو ڪو دنيا ۾ اڄ ناهي ثاني،

ز-

زبانن جو ڌڻي دلبر، مٺو منٺار وسري ويو.

ج-

جماعت جنهن جاني جوڙي، هو باني هو جماعت جو،

ع-

عجيب عادتن صاحب، گل و گلزار وسري ويو.

ف-

فضيلت ۽ فصاحت ۾ سندس مٽ ڪوبه ناهي هِتِ،

ر-

رهي راضي انهن کان ربّ، غريب غمخوار وسري ويو.

ا-

الله! ڪر رحمتون ان تي، تون رحمت جو ڌڻي آهين،

ن-

نسورو نور ڪر قبر ان جي، پڳي پڳدار وسري ويو.

ي-

ياور يا هو، هر ڪنهن ۽ ياريءَ جو پڪو پختو،

حافظ هَيءَ، هَيءَ هڻي هٿڙا، سڄڻ سينگهار وسري ويو.

نوٽ: هر سٽ جو پهريون حرف ڳڻبو ته سڄو نالو، عزيز جعفراڻي نڪري ايندو.

حوالا:

1.   

ڏسو! ديوانِ عراقي، از: فخرالدين همداني، عراقي، ص 20 ۽ ص 21، (متوفي: 8 ذي القعد 688هه، مؤمسئه انتشاراتِ نگاه تهران 1382

2.  

از نتيجه ۽ فڪر محترم سيّد عبدالرحمان شاهه وارثي، ڪراچي

3.  

سلسليوار، پيغام احمد پبليڪيشن بدين، شمارو نمبر 48، مارچ 2015ع، ص 16 کان ص 21، مضمون عزيز جعفراڻي، شبير جعفراڻي سجاول.

4.  

سلسليوار، پيغام احمد پبليڪيشن بدين، شمارو نمبر 48، مارچ 2015ع، مضمون عزيز جعفراڻي شبير جعفراڻي سجاول، ص 16 کان 21

5.  

سلسليوار پيغام احمد، بدين، ص 16، عزيز جعفراڻي مضمون شبير جعفراڻي سجاول

6.  

حوالو ساڳيو

7.  

ذاتي ڊائريءَ جو ورق 1981ع، ۽ اها حقيقت جعفراڻي صاحب مرحوم جي هڪ شاگرد نوراحمد ميٽائي (ميمڻ) پڻ راقم سان ڪئي هئي.

8.  

عزيز جعفراڻي، مضمون نگار شبير جعفراڻي، سلسليوار پيغام، احمد بدين، ص 16، شمارو 48، مارچ 2015ع

9.  

عزيز جعفراڻي، مضمون، شبير جعفراڻي، سلسليوار پيغام احمد بدين، ص 16، شمارو 48، مارچ 2015ع

10.              

عزيز جعفراڻي، مضمون شبير جعفراڻي، سلسليوار پيغام احمد بدين، ص 21، شمارو 48، مارچ 2015ع

11.               

عزيز جعفراڻي، مضمون شبير جعفراڻي، سلسليوار پيغام احمد بدين، ص 21، شمارو 48، مارچ 2015ع

12.              

عزيز جعفراڻي، مضمون شبير جعفراڻي، سلسليوار پيغام احمد بدين، ص 21، شمارو 16، مارچ 2015ع

13.              

حوالو ساڳيو، ”                ”                 ”               ”           ص 17 ”              ”

14.              

حوالو ساڳيو، ”                ”                 ”               ”           ص 17 ”              ”

15.              

حوالو ساڳيو، ”                ”                 ”               ”           ص 17 ”              ”

16.              

حوالو ساڳيو، ”                ”                 ”               ”           ص 17 ”              ”

17.              

يونيسڪو ۽ ڪائونسل آف يورپ جي گڏيل اداري نيٽورڪ ۾ شايع ٿيل، نيشنل آرڪائيوز آف پاڪستان اسلام آباد 1993ع

عنوان: سنڏ سلسلو 5، MBQLS، پيچ 242-24، ٽوٽل صفحا 19

18.              

رابطه عالمي اسلامي مڪة المڪرمه درالعربيه اداره بيروت لبنان، 8- فيبروري 1978ع، ص 495

19.              

آرگنائيزيشن آف اسلامڪ ڪانفرنس جي شبعه ۽ تاريخ و ثقافت طرفان شايع ٿي اسلامي ادارن جي عالمي ڊائريڪٽري 1984ع، ص 117

20.             

ان ڪلچر ڊولپمينٽ زغرب ڪروشيا جي ڊائريڪٽري، گائيڊ ٽو دي ڪلچر لنڪ نيٽ ورڪ، 2002ع، ص 166

21.              

بيسڪ نيٽورڪ 2001ع، ڊائريڪٽر آف پيس ايجوڪيشن ڪميشن ڊپارٽمينٽ ڇپيل: يونيورسٽي رنڪونس پوسٽ آفيس 413، والوانڪي W I 53201 يونائيٽيڊ اسٽيٽ آف آمريڪا

22.             

سنڌ جي ڪتبخانن جي مختصر تاريخ، مصنف: ڊاڪٽر الهرکيو ٻُٽ، ص 157، لائبرري نمبر 24، سنڌ پبلشر، حيدرآباد، نومبر 1980ع

23.             

ديوانِ عراقي فارسي از فخرالدين همداني، مقدمه ديوانِ عراقي، ص 22، موسسئه انتشارات، نگاه، تهران 1382

24.             

نتيجه ۽ فڪر جناب سيد عبدالرحمان شاه الوارثي، ڪراچي (وارثي)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org