حسيب ناياب منگي
شڪارپور
تاريخي جاگرافيون ۽ شڪارپور جو احوال
سنڌ جي اسڪولن ۾ خاص طور تي پرائمري اسڪول ۾ ٻين
مضمونن سان گڏوگڏ جاگرافيءَ جو مضمون به پڙهيو وڃي
ٿو جيئن شاگردن کي صوبي، دريائن، جبلن، ڍنڍن، ٻيٽن
۽ فصلن سميت مختلف کاتن جي ڄاڻ حاصل ٿئي. ماضيءَ
واري نصاب ۾ به سنڌ اندر هر ضلعي ۽ تعلقي وار
جاگرافي شاگردن کي پڙهائي ويندي هئي. انهن پراڻين
جاگرافين ۾ ته شهرن جي تاريخ پڻ شامل هوندي هئي.
عام طور تي جاگرافي به خاص گزيٽيئر جي نموني ڏسڻ ۾
اچي ٿي. سنڌ جي تاريخ جي مختلف ورقن کي سهيڙيندي ۽
انهن مان روايتن کي ڇنڊي ڇاڻي حقيقتون معلوم ڪرڻ
لاءِ جاکوڙ ڪندي منهنجي والد مرحوم ’نقش ناياب
منگيءَ کي ڪي اهڙا ورق ۽ ڪتاب به هٿ آيا، جيڪي
تاريخ جي حوالي سان نهايت اهم هئا، اهي نه صرف
سندن تحقيقي ڪم ۾ ماخذ طور ڪم آيا، پر ڪيترن ئي
تاريخي مونجهارن کي درست ڪرڻ ۾ به سندن آڏو رهيا.
منهنجي آڏو سندن ڪوششن سان هٿ ڪيل ماضيءَ واريون
ڪجهه جاگرافيون رکيل آهن، جيڪي سنڌ صوبي ۾ تعليمي
ڪورس تي رکيل ۽ رائج هيون. وقت مٽجڻ ڪري ڪورس ۾ به
تبديلي آئي، جيڪي ڪجهه ڪالهه پڙهايو پئي ويو اڄ ڄڻ
ته اهو تاريخ جو حصو ٿي ويو آهي. مون به انهن
جاگرافين کي سامهون رکندي هڪڙي ڪوشش ڪئي آهي زير
نظر جاگرافين مان پنهنجي جنم ڀومي ۽ سنڌ جي تاريخي
شهر ’شڪارپور‘ جي تذڪري کي نروار ڪندي پنهنجي راءِ
پيش ڪريان ٿو. مقالي جي ترتيب درجي جي لحاظ کان نه
پر اشاعت واري سال جي اعتبار کان ڏسندي تذڪري لاءِ
پيش ڪريان ٿو.
’جاگرافيءَ‘ کي مختلف لفظن ۾ بيان ڪيو ويو آهي.
سنڌ جي مشهور استاد جاگرافيدان بگي مل تلسيداس
سنجانسنگاڻي پنهنجي تصنيف‘ تعلقي وار سنڌ جي
جاگرافي‘ ۾ ڄاڻايو آهي ته ’جاگرافي لفظ جي معنيٰ
آهي ڌرتيءَ جي مٿاڇڙي جو بيان، جنهن مان ڌرتيءَ جي
سموري سُڌ پئجي سگهي.‘(1)
هرچند سنگهه گگن سنگهه لکي ٿو ته: ”جاگرافي آهي
مڪاني حالتن جو بيان، سڄو جهان سڀني انسان جو گهر
آهي، گهر ۾ ڇا ڇا آهي؟ ائين ڇو آهي؟ انهيءَ پروڙ
پوڻ کانسواءِ انسان، گهر جي پيل سامان مان پورو
فائدو وٺي ڪونه سگهندو، اها سموري خبر جاگرافيءَ
مان پوي ٿي.“(2)
پروفيسر شيوارام اين ڦيرواڻي پنهنجي خيالن جو
اظهار ڪجهه هن طرح ڪيو آهي ته ”هي جهان انسان جو
گهر آهي، انهيءَ گهر جي قدرتي ڏيک ويک، آب هوا،
وڻن ٽڻن، جانورن وغيره ۽ انساني ٺاهيلن رستن جاين،
ڳوٺن شهرن، ڌنڌن ڌرمن ۽ انتظام وغيره جي بيان کي
جاگرافي چوندا آهن.“ (3)
جاگرافيءَ جي وضاحت کانپوءِ موضوع ڏانهن ايندي
مختلف جاگرافين ۾ شامل شڪارپور واري حصي تي نظر
وجهندس.
جاگرافي تعلقه شڪارپور ۽ سکر ضلع جي:
هيءَ جاگرافي شڪارپور جي رهاڪو مسٽر ننديرام پٽ
تلسيداس جي تيار ٿيل آهي، جنهن کي پهريون ڀيرو
مسٽر شول داس ٿانور داس تاجر ڪتب شڪارپور، جنوري
1913ع ۾ کيارام آئلداس آهوجا واري لڪشمي پريس مان
ڇپائي پڌري ڪئي. 56 صفحن واري هيءَ جاگرافي ڊيمي
سائيز تي مشتمل آهي.
هن جاگرافيءَ ۾ شامل مواد شڪارپور جي تاريخ ۽ ٻين
مختلف رخن کي ظاهر ڪري ٿو. جاگرافيءَ ۾ تعلقي جي
واهن، تلائن، علائقي اندر رائج ٻولين، ذاتين يا
قومن، فصلن، باغن، واپار، آمدني، حڪومت، اسپتال ۽
ٻين کاتن، آبهوا، ديهن ۽ تپن جي اها معلومات پيش
ڪئي وئي آهي جا ٻئي ۽ ٽئين درجي جي ٻارن کي پڙهائڻ
لائق هئي. منجهس ئي ’سکر ضلعي جي جاگرافي‘ صفحي 28
کان شروع ٿئي پئي. جنهن ۾ مختلف کاتن، سکر ضلعي
اندر مختلف ڪمن جي ڪاريگرن، شهرن، ميونسپل، ريلوي
اسٽيشن ۽ ضلعي ۾ شامل تعلقن جو بيان ڏنو ويو آهي.
منهنجي سامهون هيءَ جاگرافي سڀ کان قديم آهي. هڪ
سوءُ ڇهه ورهيه اڳ واري شڪارپور جو بيان ڪجهه هن
طرح ٿيل آهي: هيءُ شڪارپور تعلقي ۾ بلڪ سڄي سکر
ضلعي ۾ وڏو شهر آهي، هي 300 ورهين کان اڳ جهنگ هو
جنهن ۾ امير ۽ ٻيا وڏا ماڻهو شڪار ڪرڻ ايندا هئا
پوءِ دائودپوٽن جهنگ صفا ڪرائي شهر ٻڌايو ۽ نالو
شڪارپور رکيو. ماڻهو منجهس 54641 رهن ٿا. هتي
واپار گهڻو هلي ٿو ۽ هتي جو واپار سنڌ جي سڀني
ملڪن سان ملي ٿو. هي سنڌ واهه تي ريلوي اسٽيشن
آهي ۽ منجهس ميونسپالٽي اسسٽنٽ ڪليڪٽر صاحب جي
آفيس، سٽي مئجسٽريٽ صاحب جي ڪورٽ، مختيارڪار منصف
صاحب ۽ ناظم صاحب جون ڪورٽون، سول ڪورٽ، سول
اسپتال، ميونسپل اسپتال، ڍورن جي اسپتال ۽ زناني
اسپتال، فوجداري، مسافرخانو، ٽپال، تار آفيس، هاءِ
اسڪول، هوپفل اڪيڊمي، ٻيو ورنيڪيولر اسڪول هڪ،
ورنيڪيولر جي برانچ، ٽي هندو سنڌي ۽ هڪ هندو
سنڌيءَ جي برانچ، 2 نائيٽ، هڪ سنسڪرت ۽ هڪ عربي، 4
زنانا ۽ 2 برانچون نائيٽ اسڪول آهي ۽ ميونسپل
اسڪول آهن. انهن کان سواءِ ٻيا ڪيترائي خانگي مُلن
۽ اوجهن جا اسڪول آهن. هن شهر مان سنڌ واهه ننڍو
بيگاري واهه وهن ٿا. هن ۾ مڇي بازار، گوشت بازار،
ڀاڄي بازار ۽ هڪ شاهي بازار جا لکي در کان اسٽول
تائين وڃي ٿي، جنهن ۾ ڪيترن قسمن جا دوڪان آهن ۽
ان بازار مان ٻيون ڪيتريون ننڍيون بازاريون نڪتل
آهن. 3 تلاءَ آهن. 1. هزاري. 2. گلسپي، 3. سرور
خان وارو ۽ هڪ ڍورن لاءِ ڍڪ، گهمڻ لاءِ 2 باغ هڪ
شاهي باغ ٻيو محمد حسين وڪيل وارو، تنهن کان سواءِ
وڏن وڏن پيرن ۽ اوليائن جون خانگاهون آهن ۽ پڻ
هندن جا ٽڪاڻا ۽ مڙهيون آهن. هن شهر ۾ گهڻو ڪري
پڪي سر جون عمارتون ٺهن ٿيون. هن شهر کي اڳي
چوڌاري ڀت ڏنل هئي جا هينئر ڀڄي ڀري پئي آهي جنهن
جا اٺ دروازا آهن لکيدر، هزاري در، هاٿيدر،
خانپوري در، سِوِيُ در، ڪرن در، واڳڻو در ۽ نوشهرو
نئون. انهن درن تي بيت ٺهيل آهي.
”لکي لک اُپايا هزاري هنيان،
هاٿيءَ جي همت سان خانپوري کنيا،
سوي در سائو ٿيو واڳڻو وريو،
ڪرن ڪوڙو ٿيو نوشهرو نئون“ (4)
جاگرافيءَ ۾ شامل ڪيل بيان کي تاريخ جي ورقن سان
ڀيٽائبو ته ڪو ٿورو ئي اختلاف باقي رهندو، آباديءَ
جي حوالي سان امپيريل گزيٽيئر آف انڊيا جو سهارو
وٺنداسين ۽ معلوم ڪنداسين ته ”شڪارپور تعلقي جي
آدمشماري 1891ع ۾ 86932 هئي ۽ 1901ع ۾ وڌي 100809
تي پهتي.“ (5)
ڳالهه ڪئي ويئي آهي ته سنڌ واهه تي ريلوي اسٽيشن
آهي، جيڪا سراسر غلط معلومات آهي ۽ اهڙي قسم جي
روايت پهريون ڀيرو سامهون آئي آهي. اسڪولن جي بيان
کان پوءِ سنڌ واهه ۽ ننڍي بيگاري واهه جي نشاندهي
ڪئي وئي آهي حالانڪ سنڌ واهه جون ٻه شاخون ننڍي
بيگاري ۽ رئيس واهه آهن. جيڪي شهر جي ڏکڻ ۽ اتر
طرف کان وهي زمينن کي آباد ڪن پيون.
هن جاگرافيءَ ۾ مختلف جاين تي آيل لفظن جي ترتيب
اڄوڪي دور ۾ رائج لفظن جهڙي ناهي، مثال طور: ماڻهن
کي ”ماڻهون،“ هئا، کي ”هوا،“ ”اسڪول“، کي ”اشڪول“
تائين کي ”تاءِ،“ بازار کي ”بزار“، اوليائن، کي
”اولياون“ ۽ جنهن کي ”جنهه“ ڪري شايع ڪيو ويو آهي.
تعلقي وار سنڌ جي جاگرافي:
هيءَ جاگرافي بگي مل تلسيداس سنجانسنگاڻي (اسسٽنٽ
ماستر هاءِ اسڪول حيدرآباد) جي جوڙيل آهي. 110
صفحن تي مشتمل هيءَ جاگرافي 1914ع ۾ ڇپجي پڌري ٿي.
ڌرتيءَ جي مٿاڇري بيان کان علاوه سنڌ جي پکيڙ،
سنڌونديءَ جي واهن، ڍنڍن، پوک، ڍالن، کاتن، چشمن،
ڌرمن، ٻولين، ڌنڌن، هنرن، جانورن ۽ پکين جو تذڪرو
ڪرڻ کانپوءِ ڪراچي، حيدرآباد، نواب شاهه، ٿرپارڪر،
لاڙڪاڻي، سکر، اپر (اُتر سرحد) سنڌ ضلع ۽ خيرپو
رياست جو ذڪر ڪيل آهي، پنهنجي موضوع ڏانهن ايندي
شڪارپور جي حوالي سان مٿي بيان ڪيل تاريخ ۾ اگر ڪا
نئين معلومات نظر آئي ته ان کي هتي شامل ڪبو.
شڪارپور تعلقي جي بيان ۾ لکيو ويو آهي ته: ”هي
تعلقو سکر ضلع جي شڪارپور سب ڊويزن ۾ آهي. منجهس
119614 ماڻهو رهن ٿا... هتي هر سال گهوڙن جو ۽
اونهاري سنڌ واهه تي چاليهي جو ميلو لڳندو آهي.“
(6)
گڏوگڏ مٿي ڏنل شهر جي اٺن دروازن متعلق بيت جي
ترتيب به ساڳي نظر ڪونه پئي اچي، جيڪا مسٽر
ننديرام تلسيداس 1913ع ۾ ڏني آهي. بيت کي هيٺين
ترتيب سان شامل ڪيو ويو آهي.
لکيءَ لک اُپايا هزاريءَ هنيا،
هاٿيءَ جي همٿ سان خانپوري کنيا،
ڪرن در ڪوڙو ٿو واڳڻو وريو،
سوي در سائو ٿيو نوشهرو نئون.
(ص 95)
مسٽر بگي مل سان آباديءَ جي حوالي سان اختلاف رکي
سگهجي ٿو، پنهنجو پاڻ جاگرافيءَ جي 1922ع واري
ڇاپي ۾ 1914ع ۾ ڏنل آباديءَ کان به گهٽ شڪارپور جي
آبادي 113112 ڄاڻائي ٿو“ (7)
مٿي چاليهي جي ميلي مان مراد هندن جو چاليهه ڏينهن
روزو رکڻ آهي گڏوگڏ عبادت جو طريقو ڪجهه هن طرح
اٿن ته ”هر اهو هندو جيڪو روزو رکندو هجي پيرن
اگهاڙو فجر مهل سنڌو واهه تي وڃي مالڪ جو جپ ڪري،
اشنان ڪري ۽ پيرين اگهاڙو واپس موٽي اچي. چون ٿا
ته چاليهه ڏينهن وار به نه ڪٽرائي ۽ زمين ئي
سمهي.“
سنڌ جي نئين جاگرافي:
هيءَ جاگرافي 1918ع ۾ پهريون ڀيرو مصنف شيخ
عبدالحق شيخ عبدالله قريشي (ڊپٽي ايڊيوڪيشنل
انسپيڪٽر ملا اسڪولس) طرفان ڇپجي پڌري ٿي. 40 صفحن
تي مشتمل هن جاگرافيءَ ۾ به ساڳئي طرح اول سنڌ
ملڪ، سنڌ جون حدون، سنڌ جون قدرتي جوڙجڪ آب هوا،
جبل، دريا واهه، ڍنڍون ٻيٽ پوکون، ڪارخانا، رستا،
حڪومت جو بندوبست ۽ ضلعي وار شهرن جي تاريخ ۽ انهن
جي مشهوري ڏني ويئي آهي. ڪراچي، حيدرآباد،
نوابشاهه ، ٿرپارڪر، لاڙڪاڻو، سکر ضلعي، اپر سنڌ ۽
خيرپور رياست جي ننڍن وڏن شهرن جو تذڪرو مختصر
لفظن ۾ ڪيل نظر اچي رهيو آهي. سکر ضلعي جي هڪ
تعلقي جو ذڪر ڪجهه هن طرح ڪيو اٿس:
”شڪارپور: هي جهونو ۽ وڏو واپاري شهر آهي، اڳي ضلع
جي گاديءَ جو هنڌ هو، هن جو واپار قندهار ۽ خراسان
سان هلي ٿو، منجهس هر سال گهوڙن جو ميلو لڳندو آهي
هن جي ڀرسان سنڌ واهه وهي ٿو جتي پاڻيءَ جي مند ۾
ماڻهو مجلسون ڪندا آهن ۽ وڏا ميلا لڳندا آهن. هن
شهر کي چوڌاري ڪوٽ هو جو هينئر ڊهي ويو آهي، مگر
سندس اٺن دروازن جا نالا مشهور آهن. (8)
هن مختصر جاگرافيءَ ۾ جيتوڻيڪ تاريخي اعتبار کان
ڪا اهڙي ڳالهه ڪيل نظر نه پئي اچي جنهن تي تنقيد
ڪجي ۽ ڪي حقيقتون بيان ڪجن! ان ڳالهه ۾ ڪو به شڪ
ناهي ته شڪارپور جو واپار نه صرف قنڌار ۽ خراسان
بلڪ سمرقند، اصفهان، بخارا، ڪلڪتي، ملتان، قلات،
وغيره کان وچ ايشياءِ ڏکڻ تائين ڦليل هو. سنڌ واهه
تي مجلس جي نشاندهي ڪئي ويئي آهي، اونهاري جي موسم
۾ شڪارپورين جو خاص مشغلو سنڌ واهه تي وهنجڻ هو،
نم ۽ پِپِرَ جي وڻن هيٺان ويهي نه صرف حقو ڇڪيندا
۽ شعرو سخن جون محفلون مچائيندا هئا، مگر راڳ رهاڻ
۽ ڪچهريون ڪري پنهنجي زندگيءَ جي موجن کي ماڻيندا
هئا.
ائٽلس جاگرافي سکر ضلعو:
سنڌي ٽئين درجي جي وديارٿين لاءِ ’ائٽلس جاگرافي
سکر ضلعو‘ هرچند سنگهه گگن سنگهه، حشتمراء منگهن
سنگهه ۽ ليکراج ٻڌامل (ماستر ميونسپل شڪارپور) جي
جوڙيل، پهريون ڀيرو 1931ع ۾ ماستر هرچند سنگهه
طرفان ڇپجي ظاهر ٿي. 48 صفحن تي مشتمل هن
جاگرافيءَ جي شروعات ضلعي جي تعارف، حدن، شڪل ۽
پکيڙ وصفن، پاڻي ۽ هوا، ٽڪرين ندين، چشمن، ٻيٽن،
واهن پوکن، فصلن، باغن، ٻيلن، ماڻهن، ٻولين،
جانورن، ڌنڌن، آمدني، ميلن، ريلوي اسٽيشن، اسپتال،
تعليمي ماحول، لوڪلبورڊ ميونسپالٽي ۽ سينٽري بورڊ
تائين مختصر معلومات پيش ڪيل آهي. جاگرافيءَ جي
آخر ۾ مختلف شهرن جي مختصر معلومات پڻ ڏني ويئي
آهي. هن جاگرافيءَ ۾ شڪارپور جي آدمشماري 135939
ڄاڻايل آهي جيڪا سکر کان وڌيڪ آهي ۽ سکر جي 135567
ڏيکاري ويئي آهي (9)
ڌنڌن واري حصي ۾ شڪارپور اندر جنڊي، ڀرت، جورابن،
بسڪوٽن ۽ سادي ڪپڙي جو ڪم ڄاڻايل آهي (10)
سکر ضلعي اندر ٿيندڙ ميلن جي وچور ۾ شڪارپور اندر
شنڪرڀارتي، نو روزي ۽ عاشورن جو ميلو (11) ٿيندي
ٻڌايو ويو آهي.
جاگرافيءَ اندر شڪارپور شهر متعلق لکيو ويو آهي ته
”اڳي شڪارگاهه هو، دائودپوٽن جهنگ وڍائي شڪارپور
نالو ڏنس، آدم موجب ضلع ۾ ٻيو نمبر ۽ سنڌ ۾ چوٿون
نمبر شهر آهي. سکر هاڻي چلتي ۽ ڏيک ۾ به وڌيڪ اٿس.
ماڻهو ڪسرت ۽ راڳ جا ڏاڍا شوقين آهن. مسافري ڪرڻ
جا به ڏاڍا پڪا آهن. سايون ڀاڄيون، انب، کارڪون
کٽاڻ، مٺائي، ڀڳڙا سوکڙي ٿي ٻاهر وڃن ٿا. لکيدر،
سنڌ واهه، شاهه باغ، فلاورمل ۽ ڍڪ بازر ڏسڻ جهڙا
هنڌ آهن. اسسٽنٽ ڪليڪٽر جي ۽ سول ڪورٽ وڏيون
آفيسون آهن. شهر ۾ سوڙهه ڪري نئين شڪارپور ٺهڻ
شروع آهي.“ (12)
زيرنظر جاگرافيءَ تي هڪ نظر وجهنداسين ته معلوم
ٿيندو ته هن جاگرافيءَ ۾ به تقريبن اهائي معلومات
پيش ڪئي وئي آهي جيڪا اول واري جاگرافين ۾ شامل
آهن، هڪ ٻن نقطن تي وضاحت پيش ڪرڻ جي ضرورت محسوس
ٿي رهي آهي. سنڌ واهه جي پاسي ڏي شنڪر ڀارتيءَ جو
ميلو لڳندو آهي سندس شمار شڪارپور جي قديمي مندرن
۾ ٿئي ٿو“ هن آشرم تي 1813ع ۾ شنڪر ڀارتيءَ جو
نالو پيو. (13)
مٿي ڄاڻايل نوروزي مان مراد هندو ڌرم جي ماڻهن جو
نَوَ ڏينهن روزو رکڻ آهي، اُهي ڀڳت جيڪي چاليهه
ڏينهن روزو نه رکندا هئا يعني چاليهو نه ڪندا هئا
اُهي نو روزو سرانجام ڏيندا هئا. عاشورن جي ميلي
مان مراد 10 محرالحرام تي حضرت امام حسين عليه
السلام جي عزاداري ۾ ماڻهن جو گڏ ٿيڻ آهي.
ائٽلس جاگرافي شڪارپور تعلقو:
هي جاگرافي ٺڪر هولارام سهجرام (هيڊ ماستر
خوبسنگهه هندو سنڌي اسڪول نمبر 1) ۽ هرچند سنگهه
جي پرسواڻي (فرسٽ اسسٽنٽ ميونسپل اسڪول شڪارپور)
جي ٺاهيل آهي. هن جاگرافيءَ جو چوٿون ڇاپو 1934ع ۾
سچانند اين تلريجا واري منوهر پرنٽنگ ورڪس جواهري
بازار شڪارپور مان ڇپجي ظاهر ٿيو. جاگرافيءَ جو
مهاڳ ميونسپل اسڪول بورڊ شڪارپور جي چيئرمين
شوارام اين ڦيرواڻيءَ جو لکيل آهي. هن ۾ مجموعي
طور تعلقي جي اهائي معلومات پيش ڪيل آهي جا اڳ مٿي
ذڪر ڪيل جاگرافين ۾ ايندي رهي آهي. 28 صفحن تي
مشتمل هن جاگرافيءَ ۾ شڪارپور جي سنڌ واهه، ريلوي
اسٽيشن، لکيدر، شڪارپور اڪيڊمي، شاهي باغ، ڪيولرام
جماڻي هال ۽ اسڪائوٽي ڪواٽر جون تصويرون به ڏنل
آهن.
ماڊل جاگرافي بڪ:
پي.ايس شواني ۽ پي ايڇ بجلاني طرفان ٺاهيل ۽ ڇپايل
هيءَ ماڊل جاگرافي سنڌي چوٿين درجي جي شاگردن لاءِ
آهي. جيڪا 1935ع ۾ مسٽر بولچند وسومل راجپال واري
راجپال پريس شڪارپور مان 88 صفحن تي مشتمل ڇپجي
پڌري ٿي. هن ۾ سنڌ جي حدن، آبهوا، ريگستان ۽
ڪوهستان، ضلعن، بئراج، ڌنڌن، ڪاريگرن، ڪارخانن،
آدمشماري، ميلن، رستن، واپار، ميونسپالٽين ۽ کاتن
وغيره جي مختصر معلومات پيش ڪيل آهي. سنڌ جي مکيه
شهرن ڪراچي ضلعي، حيدرآباد، نواب شاهه، دادو،
لاڙڪاڻي، سکر ٿرپارڪر ۽ سرحد سنڌ ضلعن سميت 74
ننڍن وڏن شهرن جي مختصر معلومات ڏني وئي آهي.
گڏوگڏ هندستان ۽ سنڌ جي مختلف شهرن جون 34،
هندستان جي وائسراءِ لارڊ ولنگڊن بمبئي جي گورنر
لارڊ برئبورن ۽ سنڌ جي ڪمشنر مسٽر گبسن جي تصوير
سميت هندستان ۽ سنڌ جا نقشا پڻ شامل آهن. بمبئي جي
مختلف کاتن، ڊويزنن، بمبئي جي مکيه شهرن، ڪراچيءَ
کان بمبئي ريلوي ۽ جهاز جي مسافريءَ جا تفصيل پڻ
ڏنل آهن. شڪارپور متعلق لکيو ويو آهي ته ”هي دائود
پوٽن اڏيو هو، سڄي سنڌ ۾ چوٿون نمبر شهر آهي، هتي
جا ماڻهو واپار، ڪسرت ۽ راڳ ۾ مشهور آهن. هتي
ڪيترائي باغ آهن. ڀائي گرداس جي کٽ واري ڌرمشال،
ڪاليج ۽ سول اسپتال آهي. اونهاري ۾ سنڌ واهه تي
ڏاڍو وڏو ميلو ٿو لڳي.“ (14)
تبصرو ڪندي ايتري وضاحت ضروري ٿو سمجهان ته
شڪارپور جا ماڻهو هر روز ڪسرت يا ورزش ڪرڻ ضروري
سمجهندا آهن. شڪارپور ۾ هندن جا بي شمار آکاڙا
هوندا هئا جيڪي شام جو کلندا هئا اتان تيار ٿي
پهلوان پوءِ سڄي سنڌ ۾ ڪرتب ڏيکاري ماڻهن کي حيران
ڪري ڇڏيندا هئا. هاڻي به شڪارپور ۾ هڪ ٻه ڪسرت
گاهون موجود آهن جن ۾ نوجوان ورزش وغيره ڪندا آهن.
راڳ جون محفلون ايتريون ته سنجيده هيون جو هندستان
جا راڳي اچي فن جو مظاهرو ڪندا هئا. ”شڪارپور ۾ کٽ
واري هندن جي معتبر ڌرمشال آهي. سندس پايو ڀائي
گرداس ڪنيا لال ڀاٽيو وڌو.“ (15) هن ڌرمشال ۾ نه
صرف عبادت ڪئي ويندي آهي پر لنگر ورهائڻ ۽ بيمارن
جي علاج واسطي مدد ڪرڻ وغيره جهڙا اهم ڪم اڄ به سر
انجام ڏنا وڃن ٿا. شڪارپور ۾ چيلاسنگهه ۽ سيتلداس
ڪاليج جو بنياد 1933ع ۾ پيو (16) جڏهن ته
راءُبهادر اوڌوداس تاراچند ڇاٻڙيا موجوده سول
اسپتال 1935ع ۾ جڙي راس ٿي(17).
نئين جاگرافي تعلقو شڪارپور:
ٻئي درجي جي ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جي لاءِ عطر سنگهه
پرسو سنگهه هرگناڻي سکر واري جي لکيل ۽ ڇپايل هيءُ
جاگرافي 1944ع ۾ سچانند تلريجا واري لڪشمي پرنٽنگ
پريس شڪارپور مان ڇپجي ظاهر ٿي. جاگرافي ڊيمي
سائيز جي 26 صفحن تي ڦهليل آهي. جاگرافيءَ ۾ جبل،
ٽڪري، ماٿري، ٻيٽ، سمنڊ، ڍنڍ، ندي، کان پوءِ طرف
سڃاڻڻ، شڪارپور تعلقي جي حدن، تپا ۽ سرڪل، واهه،
ٻيلا، ماڻهو، ڌنڌا، ڪاريگر ۽ واپار، سميت سرڪاري
آفيسن جو ذڪر ڪيل ڏسجي ٿو. شڪارپور جي بيان ۾ لکي
ٿو ته ”هتي 62760 ماڻهو رهن ٿا. هتي جا ماڻهو
واپار سانگي پري پري ملڪن ڏي وڃن ٿا. هتي سوئيٽرن
۽ اُن صاف ڪرڻ جا ڪارخانا آهن. ناٽڪن جا هال آهن.
کٽاڻ، مٺائي ۽ ڀڳڙا سوکڙي ٿي ٻاهر وڃن ٿا.“ (18)
جاگرافي ۾ خانپور، سلطان ڪوٽ، همايون، جاڳڻ، ميان
جو ڳوٺ، زرخيل، مهرو ماڙي، ڳڙهي تيغو، کمڻ، ڪرن ۽
ڦلپوٽا جو مختصر احوال به شامل آهي. جاگرافي ۾
شڪارپور جي خوبصورت تصويرن سان گڏ ان وقت جي سنڌ
جي گورنر سر هيو ڊو، سيٺ دولترام (ميمبر سنڌ
اسيمبلي)، سيٺ پرشوتم سنگهه (پريزيڊنٽ ميونسپل
شڪارپور)، پرنسپل ملڪاڻي ۽ خانبهادر مولا بخش
سومري جون تصويرون به ڏنل آهن.
هن جاگرافيءَ ۾ آدمشماري جي حوالي سان اختلاف رکي
سگهجي ٿو. 1931ع واري سينسز رپورٽ ۾ شڪارپور جي
آدمشماري 62505 لکيل آهي(19). ماڻهن جو 12 سالن
اندر فقط ٿورڙو فرق ڏيکاريل آهي، اهو اعتبار جوڳو
تسليم نٿو ڪري سگهجي.
قديم جاگرافين ۾ آيل شڪارپور واري تذڪري کي هتي
ظاهر ڪري مختلف حوالن جي وضاحت يا درستگي کي
پڙهندڙن سامهون پيش ڪيو آهي، ان حوالي سان هي قلم
حرف آخر نه سمجهيو وڃي، ٿي سگهي ٿو ته اهڙي قسم جو
مواد اڃان ڪٿي محفوظ هجي ۽ منهنجي گهڻي ڪوششن
کانپوءِ به سامهون اچي نه سگهيو هجي، جئين جئين
ٻيو مواد ميسر ٿيندو ويندو موضوع سان نڀائي
پڙهندڙن آڏو معلومات پيش ڪئي ويندي.
حوالا:
(1) سنجانسنگاڻي بگي مل تلسيداس ’تعلقه وار سنڌ جي
جاگرافي‘، ص 1، 1917ع.
(2) هرچند سنگهه، حشمتراءِ ليکراج: ’ائٽلس
جاگرافي سکر ضلعو‘، ص 1، ڇاپو پهريون 1931ع.
(3) سهجرا ٺڪر هولارام ۽ پرسواڻي هرچندسنگهه جي:
’ائٽلس جاگرافي شڪارپور تعلقو‘، ص 2، ڇاپو چوٿون
1934ع.
(4) تلسيداس ننديرام ’جاگرافي تعلقه شڪارپور ۽ ضلع
سکر جي‘، ڇاپو پهريون جنوري 1913ع شولداس ٿانورداس
تاجر ڪتب شڪارپور، ص 12 کان 16.
(5) امپيريل گزيٽيئر آف انڊيا، آڪسفورڊ لنڊن 1908ع
جلد 22، ص 275.
(6) ڏسو حوالو پهريون، ص 94.
(7) سنجانسنگاڻي بگي مل تلسيداس: ’تعلقه وار سنڌ
جي جاگرافي‘ ڇاپو..... 1922ع، ص 105.
(8) عبدالحق شيخ عبدالله قريشي: ’سنڌ جي نئين
جياگرافي‘ ڇاپو پهريون 1918ع ص 32 ۽ 33.
(9) ڏسو حوالو 2، ص 22.
(10) ساڳيو، ص 24.
(11) ساڳيو، ص 25.
(12) ساڳيو، ص 39 ۽ 40.
(13) ڏوڏيجا لوڪرام- ’منهنجو وطن منهنجا ماڻهو‘
نيو فيلڊس پبليڪيشن حيدرآباد 1933ع، ص 118.
(14) شواني پي.ايس ۽ بجلاني پي.ايڇ: ’ماڊل جاگرافي
بوڪ‘ ڇاپو پهريون 1935ع، ص 88.
(15) ڏسو حوالو 13، ص 112.
(16) منگي نقش ناياب- ’شڪارپور هڪ اڀياس‘: روشني
پبليڪيشن ڪنڊيارو، ڇاپو پهريون 2004ع، ص 102.
(17) ساڳيو، ص 58.
(18) هرگناڻي عطر سنگهه پرسوسنگهه ’نئين جاگرافي
تعلقو شڪارپور‘: لڪشمي پرنٽنگ پريس شڪارپور، ص 20
۽ 21.
(19) سينسز آف انڊيا 1931ع، بمبئي پريزيڊنسي،
گورنمينٽ سينٽرل پريس 1933ع، ص 44.
رسول بخش تميمي
جاتي
علامه قاضي علي محمّد مهيري
(سندن شخصيت ۽ فن جو مطالعو)
سنڌ جي سرزمين وڏا وڏا عالم اڪابر پيدا ڪيا، جن
سنڌ ۽ سنڌ کان ٻاهر علم جو غلغلو مچايو، عرب توڙي
عجم ۾ سندن علميت جو چرچو رهيو آهي. انهن صاحبِ
طرزِ عالمن عربي ۽ فارسي جي اهلِ زبان عالمن کان
به گوءِ کنئي. سندن شهپارا الازهر، دمشق، مڪه ۽
مديني جي درسگاهن ۾ پڙهايا ويا ۽ پڙهايا پيا وڃن.
ڪجهه اهڙا عالم جن جي علميت ڪمال درجي جي هئي ليڪن
هو سنڌ وطن کان ٻاهر نه ويا ليڪن سندن علم، فهم و
فراست ۽ صلاحيت ڪمال جي حد جي هئي، اهڙن ئي عالمن
مان لاڙ پٽ جو ڳوٺاڻو عالم، علامه علي محمّد مهيري
رحه بَرک هو.
علامه قاضي علي محمّد، حافظ پرتو جي گهر ۾ اندازاً
1894ع ۾ ڄائو. حافظ پرتو باقاعده مڪمل حافظ ته نه
هو البت ڪجهه قران ياد هوس ۽ عزت وچان ڳوٺ جا
ماڻهو کيس حافظ سڏيندا هئا، کيس ست پٽ: (1) گل
محمّد، (2) مير محمّد عرف ميرن (3) علي محمّد (4)
نورمحمّد (5) جمعون (6) محمّد ۽ (7) فيض محمّد
هئا. انهن ستن پٽن ۾ وڏي ڀاڳ وارو ٽيون نمبر پٽ
علي محمّد ٿيو. حافظ پرتو جي صحبت به چئن چڱن سان
هوندي هئي، جن مان حافظ محمّد نونداڻي به هو، جيڪو
اڪثر وٽن پيو ايندو هو. هو ڳوٺ کٿڙ لڳ ڪڙيو گهنور
جو ويٺل هو. نونداڻي به مهيرين جي شاخ آهن. حافظ
محمّد صاحب کي اهو خيال رهندو هو ته مهيري علم
حاصل ڪن ۽ دين کان غافل نه رهن. پنهنجي ٻارن کي
تعليم ڏيارين، هڪ دفعي حافظ محمّد صاحب مهيرين جي
ڳوٺ بجاريءَ ۾ آيو، ان وقت بجاريءَ ۾ ڪا مسجد نه
هئي فقط کروٽ هئي. حافظ محمّد صاحب اڳئين نماز
لاءِ وضو پئي ڪيو، ته حافظ پرتو ڀاڳوند ننڍڙي علي
محمّد (جنهن جي نصيب ۾ نوراني علم جهلڪون ڏيئي
رهيو هو) کي حافظ محمّد صاحب وٽ وٺي آيو ۽ عرض ڪيو
ته سائين هن کي پڙهايو، ٻارڙي جي ڄمار اڃان ايتري
آهي جو فقط قميص پاتل آهيس، حافظ محمّد صاحب
بختاور ٻار ڏانهن متوجهه ٿيو ۽ ننڍڙي کي چيائين
پڙهه، اَعُوذُ بالله مِنَ الشَّيطَان الرَّجيمِo
ٻالڪ حافظ صاحب جي پويان پويان پڙهندو ويو، سورة
فاتحه ختم ڪرڻ بعد حافظ صاحب خوش ٿي ڇوڪري جي حق ۾
دُعا گهري، حافظ محمّد صاحب رات بجاريءَ ۾ ترسي
صبح جو ڳوٺ مکاڄ لاءِ روانو ٿيو ۽ ننڍڙي علي محمّد
کي به ساڻ ڪيو ۽ رات ڳوٺ مکاڄ ۾ رهيو، صبح جو
ٻارڙي جو پيءُ به اچي مَکاڄ پهتو، ڏسي ته لائق
شاگرد پنهنجي شفيق استاد جي ڀر ۾ ويٺو آهي، ٻارڙي
جڏهن پنهنجي والد کي ايندو ڏٺو سو اُٿي اچي مليو ۽
وري ساڳئي جاءِ تي استاد جي ڀر ۾ وڃي ويٺو. استاد،
شاگرد ۽ شاگرد جو والد وري موٽي بجاري پهتا، رات
بجاريءَ ۾ رهي صبح تي استاد ۽ شاگرد ۽ هڪ ٻيو
شاگرد ساٿي فتح محمّد کٿڙ روانا ٿيا، علي محمّد
نئون وڳو پاتو هو ۽ ڏاڍو خوش هو، ٿورڙي وقت ۾
استاد جي محنت سان ٻئي شاگرد ناظره قرآن مجيد مڪمل
پڙهي چڪا ۽ لکڻ پڙهڻ ۽ ۾ به چڱا ٿي ويا، حافظ ٻنهي
کي سندن ذهانت پرکيندي وڌيڪ علم حاصل ڪرڻ جو تاڪيد
ڪيو. ٻئي شاگرد ڳوٺ ۾ پهتا، جتان کورواهه ۾ حافظ
احمد ميمڻ وٽ فارسي پڙهڻ لاءِ اچي رهيا، ساڻن ٽيون
شاگرد علي محمّد جو ڀاءُ حافظ غلام محمّد پڻ گڏ
هو، غالباً ڪجهه سبق مخدوم عبدالرؤف نورنگزاده وٽ
به پڙهيا. مخدوم عبدالرؤف نورنگزاده جلد وفات ڪري
ويو ۽ حافظ احمد ميمڻ کورواهه مان لڏي ميرپوربٺورو
۽ دڙو جي وچ تي درملوڪ شاهه ۾ مدرسو قائم ڪيو ته
سندس شاگرد به ساڻس گڏ اچي رهيا. علامه جو فرزند
مولوي محمّد عارف صاحب جي چوڻ موجب ته والد صاحب
مخدوم عبدالرؤف صاحب وٽ نه پڙهيو هو. ممڪن آهي ته
کيس پنهنجي والد صاحب ٻڌايو هجي يا لکت وغيره وٽس
هجي، پر مولانا محمّد نورنگزاده لکيو آهي ته علامه
صاحب مخدوم صاحب وٽ پڙهيو هو. علامه صاحب هڪ
واقعو بيان ڪيو ته آئون درملوڪ شاهه ۾ فارسي پئي
پڙهيس ان وقت به منهنجي عمر ننڍي هئي، هڪ ڏينهن
ماما منهنجي ناني خيران پاران خير و عافيت ۽ حال
احوال وٺڻ لاءِ آيو ۽ مدرسي جي ڏکڻ طرف هڪ ٻير جي
وڻ هيٺ اچي ويٺو، مون کي هڪ شاگرد ٻڌايو سو آئون
وڃي ساڻس مليس، ماما ته روانو ٿي ويو البت آئون
روزانو واندڪائيءَ جي مهل ۾ وڃي ان وڻ هيٺ ويهندو
۽ مائٽن جي اُڪير ۾ اوساريندو هوس، مون کي اُتي
ويهندي سڪون ملندو هو.
علامه صاحب حافظ احمد وٽ فارسيءَ جي تحصيل حاصل
ڪئي، کيس فارسيءَ ۾ وڏي قابليت حاصل ٿي ويئي، تنهن
کان پوءِ عربيءَ ۾ داخل ٿيو، مولانا محمد سليمان
ٻنوي جيڪو لاڙ پٽ جي وڏن عالمن ۾ شمار ٿئي ٿو،
مولانا محمد سليمان تنهن وقت دڙي شهر ۾ مدرسو
هلائيندو هو، سندس ٻيو ساٿي مولانا عبدالرحيم
عباسي پڻ وڏو عالم هو، هو ڪوٽ عالم جو رهاڪو هو،
وڏو علم ۽ سرت ڀريو عالم هو، مولانا محمد سليمان
جي غير حاضريءَ ۾ به مدرسو هلائيندو هو، علامه علي
محمد انهن جي شاگردي حاصل ڪئي ۽ گهڻو ئي پلئه پيس،
پڇاڙيءَ وارا درسي ڪتاب استاد علماء شيخ الحديث
الحاج مولانا حامدالله ٻيلوي وٽ پڙهي پورا ڪيائين،
حديث، تفسير ۽ فقه جا اصول پڻ شيخ الحديث وٽ
پڙهيائين ۽ فارغ التحصيل ٿيو، شيخ الحديث ان وقت
سجاول ۾ پڙهائيندو هو. علامه صاحب ڪافي عرصو استاد
جي خدمت ۾ گذاريو. علامه صاحب کي ٻين علمن سميت
فقه حنفيه ۾ تمام گهڻي دسترس ۽ غير معمولي رتبو
حاصل هو، هر طرح جي انتهائي اولي ۽ مشڪل مسئلي کي
سمجهڻ جي صلاحيت حاصل ڪري ورتي هئائين، علامه صاحب
تعليم جي ابتدا ۽ پڄاڻي وارن سالن جو ذڪر ڪيو آهي.
ابتدا متعلق لکي ٿو، شرَعُتُ طَلَبِ العِلمُ
1299هه ۽ و فَرغُتُ 1309هه غالباً اهو فارسي ۽
عربي تعليم جو عرصو ڄاڻايو اٿس:
علامه صاحب علم جو ڀنڊار هو، سندس حافظو تيز هو،
سڄا سڄا ڪتاب ۽ ڪتابن جا صفحا ياد هوندا هئا، کيس
وسيع علم هو، وقت جا وڏا وڏا عالم به ڪن مسئلن ۾
مُنجهي پوندا هئا ته علامه صاحب جي خدمت ۾ رجوع
ٿيندا هئا، علم فرائض جا تمام ڏکيا سوال کانئس حل
ڪرايا ويندا هئا.
علامه علي محمد، حنفي مسلڪ جو مُقلد هو، پر هن
صاحب کي اجتهاد جو درجو حاصل هو ۽ پڪو موحد هو،
جيتوڻيڪ حنفي مسلڪ سان واڳيل هو ليڪن اهلِ حديث
سان به ويجهو هو، حالتن مطابق وڌ کان وڌ فتنو ۽
فساد ختم ڪرڻ لاءِ چئن ئي امامن جي مسلڪن مان
فتويٰ ڏيئي صلح ڪرائڻ ۽ معاملو سلجهائڻ ۾ عار نه
ڪندو هو، هو وقت جو وڏو محدث ۽ فقيهه هو، عربي،
فارسي ۽ سنڌي زبانن تي ڪامل درجي جي رسائي حاصل
هئس، مطالعي جو گهڻو شوق رکندو هو، هي صاحب ٽنهي
زبانن جو مثالي عالم هو، نثر ۽ نظم ۾ گهڻو ادب
سرجيو اٿس. سنڌي ۾ لغت جوڙيائين، البت مڪمل نه ٿي
سگهي. اهو مواد شمس الاُدبا ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ
صاحب جن جي حوالي ڪيو ويو هو، علامه صاحب کي لاڙ،
اُتر ۽ آسپاس جي سنڌي لهجن متعلق ڄاڻ هئي، کاري جا
۽ جتڪي، بلوچي، لهجا ۽ محاورا ڪافي ياد هوندا هئس،
علامه صاحب نظم ۾ شهسوار هئا ته نثر ۾ مثالي عالم،
سندس ڪجهه تصنيفون محفوظ رهيون آهن جن ۾:
1.
فتح المبين في صلح حديبية مَعَ المشرڪين
2.
قصيده برده شريف جو نثر ۽ نظم ۾ ترجمون
3.
ناول عبرت عرف شيخ شبلي
4.
تحفهءِ وطن
5.
مواعظه حُسنه
6.
ملفوظات علامه
7.
قصيده لِلابل (عربي)
8.
نسيم النديٰ في سيرت المصطفيٰ
9.
مجموعه فتاويٰ للمهيري
10.
ناول بجلي
11.
ديوان مهيري
12.
تفسير مهيري، سورة فتح جو منظوم ترجمون ۽ تفسير،
سنڌي شامل آهن.
علامه قاضي علي محمد مهيريءَ جي عربي ٻوليءَ تي
جيڪا دسترس هئي تنهن بابت ڪجهه مثال پيش ڪجن ٿا:
هڪ خط جنهن جو پسمنطر اِهو آهي ته مولانا حاجي
احمد ملاح رحه ڪنهن نڪاح جي سلسلي ۾ فتويٰ لکي
علامه صاحب ڏانهن تصديق لاءِ موڪلي، علامه صاحب
فتويٰ پڙهي ۽ چيو ته فتويٰ درست ناهي، فتويٰ درست
لکو ته پوءِ تصديق ڪريان، مولانا ملاح رحه ناراض
ٿي پيو ۽ علامه مهيري صاحب کي فارسيءَ ۾ خط
لکيائين، علامه صاحب کيس فارسيءَ ۾ جواب ڏنو ته
وري مولانا ملاح رحه عربيءَ ۾ خط لکي موڪليو ته
موٽ ۾ علامه صاحب خط جو جواب عربيءَ ۾ ڏنو، ان خط
جو سنڌي ترجمو هن طرح آهي:
”سڀئي واکاڻون خاص الله تعاليٰ جي لاءِ آهن، جنهن
علماءَ کي ئي علم عطا ڪرڻ واريون نعمتون نصيب ڪيون
آهن، جن منجهيل (۽ ڪنوار وانگر ڍڪيل) مسئلن تان
پردا هٽايا، اهي سنئين رستي ڏانهن ڪونجن کان وڌيڪ
واٽ لهندڙ آهن ۽ قياسي مسئلن ۾ جن جون لغزشون الله
تعاليٰ معاف ڪيون آهن. درود ۽ رحمتون ۽ سلام هجن
ان ذات تي جيڪو نبين جو مهندار ۽ عضاء يعني اُٺ جو
سوار آهي. جيستائين ڪبوتري کليل فضا ۾ وڻ جي
ٽاريءَ تي نغما ڳائيندي رهي ۽ جيستائين ان وڻ جون
ٽاريون بادِصبا جي ڪري لڏنديون رهن. ۽ رحمتون سندن
اولاد ۽ صحابن سڳورن تي هجن جيڪي ظاهري، باطني طور
پاڪيزه صاحب تقويٰ ۽ دل جي صفائي وارا آهن، حمد ۽
صلواة کانپوءِ هڪ دستاويز دڙي وارن جي نڪاح جي
باري ۾ اوهان جي طرفان مليو، جيڪو سونن جواهرن سان
سينگاريل هو بلڪه سون کان وڌيڪ خالص ۽ سهڻو هو، ڄڻ
ته سرسبز باغ هو جنهن جا مضمون پکڙيل موتي هئا ۽
ان جو هر لفظ جنت جي حور هو جنهن کان رضوان داروغو
به غافل آهي، جيڪي جهنگلي ڍڳين جي اکين کي کيرو
ڪريو ڇڏين، سَها (لِڪل ننڍڙو تارو) ان جو ڇا ٿو
پڇين؟ انهن (لفظن) ته سج ۽ چنڊ جي روشني ختم ڪري
ڇڏي آهي، اهو مضمون ڪيئن اهڙو نه هوندو جڏهن ته ان
ماڻهوءَ جو آهي جيڪو اديب ۽ ڄاڻو، دانا ۽ مرتبي
وارو آهي. جنهن جو نالو احمد آهي عقل وارن مان
جيڪو سجاڳ ذهن وارو آهي. اهو مضمون پوري حسن ۽
ترتيب ۽ وقار ۾ ڄڻ ته هرڻ آهي. جيڪو حقيقتن جي
سڪايل زمين مان چرندڙ آهي وچٿرائيءَ سان سينگاريل
آهي. عيبن ڪڍڻ کان اهڙن ڪوٽ وارين جاين ۾ محفوظ
آهي، جيڪي ڪمال جي جبل جي چوٽين ۾ آهن، سجاڳ ماڻهو
ان تي عيب لڳائڻ جو خيال نه ٿو ڪري سگهي، ۽ نه وري
ڪنهن سُتل کي خواب ۾ ڪو اهڙو خيال ٿي سگهي ٿو.
اوهان جو ڪلام محقق آهي ڄڻ ته موتي آهي جيڪو
پنهنجي روشنيءَ سان چمڪي رهيو آهي. اوهان جي وقت
جا اديب خواهش رکن ٿا ته اهو ڪلام اسان ڏانهن
منسوب هجي پر اوهان چيو ته نه نه، ۽ جڏهن اوهان جي
شاعريءَ واري ڪلام جا غزل ۽ تڪ بنديون ٻڌندڙن جي
ڪنن ۾ پون ٿيون ته انهن کي عشق ۽ محبت ۾ ڪيرايو
وجهن. اوهان جو ڪلام عقل جي ڪمزورين کان پري آهي
جيڪي ننڊ کان پيدا ٿينديون آهن. اهو ڪلام فصاحت جو
سج آهي جنهن جي چمڪاٽ بلاغت جي چوٽين تي وِڄ جي
روشني پکيڙيندڙ آهي، جيڪو ان کي ٺاهي جانچندو ته
چوندو ته اهوئي ڪلام بُلند تڪيل توريل آهي جنهن جي
لفظن کان پهرين معنائون ذهن ۾ اچيو وڃن جن جو جوڙ
تمام عمدو آهي، جنهن جي دنگ تي ڪميت گهوڙو ۽ حرول
نٿا پهچي سگهن، ۽ نه وري ابوالهميسع جهڙو اديب ان
کي محسوس ڪري سگهي ٿو جيڪو پنهنجي ڳالهائڻ ۾ تمام
اڻلڀ ”جحلنجح“ جهڙا لفظ ڳالهائيندو هو، ۽ جيڪر
ابودلامه جهڙو شاعر به اوهان جي ڪلام تي عيب لڳائي
ته ڪر جُٺ کان بچي ڪين سگهي. اوهان جي ڪلام جي
خوشبوءِ يا شراب نئون آهي. اوهان کان پهرين ڪنهن
انسان ۽ جن اهڙو ڪلام نه چيو آهي. هرهڪ ماڻهو ان
جي مٺي پاڻيءَ کي ائين چاهي ٿو جيئن اُڃايل ۽ تؤنس
وارو ماڻهو چاهيندو آهي، ڄڻ ته ان جي اُڃ ٻهراڙيءَ
وارن جي اُڃ جو تڙ آهي ۽ نڪو برسات وارو ڪڪر، جنهن
کي اکيون شوق سان جانچين ٿيون، هٿ ان ڪلام کي ڇڪي
حاصل ڪن ٿا، دشمن اونڌا ٿي ڪِري به پون ۽ رڪاوٽون
وجهي ان کي روڪين ته به ان کي نٿا روڪي سگهن،.
شروع ۾ آيا ۽ پوءِ به انهن ۾ تون فرق نه ڪري
سگهندين. اوهان جو ڪلام ڪيترن قسمن جي چسڪي وارو
آهي، جنهن جو انڪار بنوعامر جو مجنون ئي ڪري سگهي
ٿو جيڪو حسد جي ليليٰ جي عشق ۾ ورتل هجي. جيڪو
دماغ جي مِڃ مان بنا سمجهه جي ڳالهائي ۽ جيڪو
مسخري ۽ بي حيائيءَ جي هٿيارن جو نشانو هجي ۽ ڄڻ
ته اهو وڏي پيٽ وارو آهي. تون چڱن ماڻهن جي هر
مجلس ۾ غزل پڙهندو آهين ۽ شهر ۽ ٻهراڙي جي مجلسن ۾
به، غزل پڙهندڙ آهي ۽ تون ئي شوقن جي ڀلن اُٺن کي
سڌائي جي منزلن ڏانهن ڪاهيندڙ آهين ۽ سنئين رستي
ڏانهن تون برابر رهبر ۽ رهنما آهين. ڪجهه ڳالهيون
اوهان جي نصيحت لاءِ هجڻ کپن. ڪوبه شينهن جانور کي
ماريندو ته پنهنجي منهن ماريندو ۽ ڪوبه سوار
ڪِرندو ته منهن ڀر ڪِرندو اوهان جي مرتبي جي ڪري
اوهان جي مجلس کي عالمن ۽ فقيهن لازم ڪيو آهي،
اوهان جي چوڌاري چڱا مڙس وڏن پٽڪن وارا ويٺل هوندا
آهن. جن جا پٽڪا انهن جي قد جي برابر آهن، ۽ هڪ
ڇاڙڪيءَ جي انداز انهن کان پري نٿا ٿين. انهن مان
ڪنهن کي به تون مرتبي ۾ ٻار نه سمجهه جنهن جي ڳچين
۾ تعويذ ٻڌل هجن. ڇاڪاڻ ته بيشڪ انهن مان هرهڪ
پنهنجو پاڻ کي بلندين جي حاصل ڪرڻ لاءِ راتين جو
جاڳي ۽ حڪمت جي يگانن موتين جي گڏ ڪرڻ ۾ وَرُ کڻي
بيٺو ۽ جن ڪتاب پڙهائي ۽ سيکاري علمي فائدا ڏنا جن
عمر خرچ ڪئي علم عطا ڪيائون خالص ڪيائون ۽ جوان
ڪيائون حڪمت کي، تان جو ماڻهن جا اڳواڻ ٿيا جيڪي
فقهه حاصل ڪندڙ حڪمت وارا، دلائل ۽ برهان وارا
واضح دليلن ۽ عقل وارا آهن. جن ڪارين راتين جي
اونداهين کي ختم ڪيو پوءِ اُهي ڄڻ ته اونداهيءَ ۾
چوڏهين جو چنڊ آهن. اوهين نرم طبيعت ٿيو ۽ ان
مهانڊي وانگر ٿيو جيڪو ”مِيا“ نالي عورت جي گهر ۾
هجي. ان کي ڪير پهچي سگهي ٿو جڏهن ته اُها ڪتين
سان مشابهه آهي ۽ انهن سان گڏجي صلح ڪر ڇاڪاڻ ته
بردباري علم جو سينگار آهي ۽ پاڻ کي مٿانهون نه
سمجهه، ڇاڪاڻ ته وڏائي مرتبي واري ماڻهوءَ ۽ ان جي
دوست ۾ پردي ۽ آڙ وانگر آهي، ۽ بچاء پاڻ کي بيهودي
ڪلام ڪرڻ کان ۽ ان ماڻهوءَ کان جيڪو زياده بڪواس
ڪري ٿو ۽ ڳالهه ڊگهي ڪرڻ کان ۽ جيڪو ڳالهه ۾ وڌاءُ
ڪري ٿو ان واري وڌاءُ ڪرڻ کان به (پاڻ کي پري ڪر)
ڇاڪاڻ ته ٿوري ڪلام سان بيان ڪامل ٿيندو آهي، ۽
بردباريءَ سان ماڻهو سردار ٿيندو آهي، ڪلام اهڙو
هجڻ گهرجي جيئن ننڍڙو تِر ڳل تي (هوندو آهي) جيڪو
ڊگهي قد وارين سهڻين ٻانهين جي منهن جي رونق کي
وڌائيندڙ آهي. جيئن باغ ۾ مضبوط پاڙُن وارو وڻ
جيڪو باغن ۾ حرڪت جي ڪري سرسبز ۽ شاداب آهي، ۽ پاڻ
کي مٿي ڪندڙ وڻائيندڙ. وات کولي ڳالهائيندڙ مور
پکيءَ واريون عادتون پاڻ ۾ رکندڙ جي ڪلام کان پاسو
ڪر. تون دل جو صاف، هميشه ڀوڳائي، کِل ڀوڳ ڪندڙ
هج. سهڻي اخلاق وارو گهڻو مُرڪندڙ، ٻين جا غم
ڳڻتيون پري ڪندڙ هج، هر ننڍي ۽ هلڪي شيءِ جي حاصل
ڪرڻ ۾ جلدبازي نه ڪر، دل جو سوڙهو نه ٿيءُ، ڇاڪاڻ
ته نڪيلي چڙهيل اُٺ ننڍي قد واري اُٺ کان ڀلو آهي.
اجائي ڳالهه ائين آهي جيئن ڦيڻ ۽ گجي، جيڪا کير
واري ٿانوَ ۾ هوندي آهي ۽ خالص ڪلام اها خالص ماکي
آهي جيڪا مُشڪن ۾ هجي ۽ ان کير وانگر آهي جيڪو
ماٽين ۾ هجي، جيڪو ڪلام ٿورو ۽ مقصد بيان ڪري وڌيڪ
لذت وارو ۽ ماکيءَ کان مِٺو آهي، ۽ اهو ان علائقي
”جيڪو بصره ۽ فارس جي وچ ۾ آهي) جي کنڊ کان وڌيڪ
مِٺو آهي، اي ڀلارا عالم! جيڪڏهن اوهان کي اسان
کان تڪليف پهتي آهي ته اوهان تي ضروري آهي ته بي
صبري نه ڪريو، ڇاڪاڻ ته آسمان ۾ ڪيترا تارا آهن
انهن مان فقط سج ۽ چنڊ ئي گرهبا آهن اها ڪمال جي
نشاني آهي، جيڪڏهن اوهان کان اسان کي تڪليف پهتي
آهي ته اسان لاءِ مناسب اهوئي آهي ته صبر ڪريون ڇو
ته نخري باز ۽ سنهي چيلهه واريون محبوبائون عاشق
تي ظلم ڪن ٿيون، محبت جي تعلقات وارن ميدانن ۾
وڏائي ڪن ٿيون، بيوفائي ڪن ٿيون، وعدا نه پاڙڻ ۽
وعدو ڪري دير ڪرڻ ۽ وفا ختم ڪرڻ اها نشاني انهن جي
سونهن جي آهي. پوءِ معلوم ٿيو ته اوهان جي شخصيت
جمال ۽ ڪمال جي جامع آهي، پوءِ اي سردار هر جڳهه ۾
اڳڀرا! اوهان بلنديءَ جي چاڙهين تي چڙهيل آهيو،
پنهنجي جمال ۽ ڪمال کي بلند ڪيو جلدي ڪاوڙ ڪرڻ اهو
جلال آهي. هي جيڪي ڪجهه معاملو هليو اهو خيال هو
جيڪو ان سان پيدا ٿيو جنهن سان منهنجي دل کي گمانن
ورتو. جنهن ننڊ خراب ڪري ڇڏي پوءِ نصيحت ڪيئن اثر
ڪري. هاڻي اسان کي ننڊ مان سجاڳ ٿي مخلوق ڏانهن
موٽڻ کپي. ڇاڪاڻ ته سڀ ماڻهو پاڻ ڏانهن ڪن لڳايو
ويٺا آهن، انتظار پيا ڪن ته هي پاڻ ۾ ڪڏهن ٿا
وڙهن. جيڪو مسئلو ٻن سالن کان هلي رهيو آهي، جيئن
اوهان کي خبر آهي. ماڻهو خيمن، وادين، شهرن ۽ ڳوٺن
کان گڏ ٿيا آهن. پوءِ جيڪڏهن تون چوين ته اوهان جو
ڪلام به ٿي ويو، ته آئون ان جو جواب ڏيندس ته اسان
ڳالهه کي ان جي ورن تي ويڙهي ڇڏيو ۽ ماڻهو جهڙو
هوندو اهڙو بدلو لهندو، الله جي ذات غالب ۽ عزت
واري آهي، اهوئي مددگار آهي ۽ ان تي ئي ڀروسو آهي
۽ درود ۽ رحمتون ۽ سلام سردار تي هجن، جيڪو عدنان
جي خاندان مان آهي، جيستائين فرقدان تارا، سج ۽
چنڊ سجدو ڪندا رهن. (خط پورو ٿيو).
علامه جي منزل اڃان به اڳتي، علامه صاحب قصيده
برده شريف جو جيڪو نثر ۽ نظم ۾ ترجمو ڪيو آهي، سو
مثالي آهي، جنهن جو تسلسل هو ۽ دعا هئي، جو مولانا
حاجي احمد ملاح رحه قرآن مجيد جو منظوم ترجمو ڪيو.
قصيده برده جي ترجمي مان نموني طور ڪجهه حصا پيش
ڪجن ٿا:
اڄ ڪ اچي اوچتا ياور ياد پياءِ
( 1 )
سانگي سيڻ سلم جا هينئين منجهه هُرياءِ
ڳاڙها ڳل ڪياءِ هنجون هاري هيج سين.
( 2 )
جانسين ورن واهوندا ۽ پَنان پان چُرن
اُٺن کي اوٺار ٿا دليا دهلون ڪن
وِجهن وئي وات جي وجد منجهه وڳن
اچي اوٺارن مٺي ٻولي ملڪ ۾.
علامه مهيري، عربي زبان تي مڪمل عبور رکندو هو،
جيڪو هن جي عربي تحريرن مان پڌرو آهي، نثر سان گڏ
نظم ۾ به کيس ملڪو حاصل هو. بجاريءَ ۾ اوٺار شام
جو اُٺيون چاري واپس ورندا هئا، سُوائون اُٺيون
پنهنجي ڦرن لاءِ رڙنديون اينديون هيون، اهو منظر
علامه صاحب بيهي ڏسندو هو. اوٺارن جي پتريون،
ڪرسيون ۽ موريا ڦيڻ سان پلٽي پونديون هيون. انهيءَ
تي عربي ٻوليءَ ۾ شعر چيو آهي، جنهن مان سندس
مشاهدي، منظرنگاري ۽ زورِ بيان جي ڄاڻ ملي ٿي.
گجندڙ اُٺڻين کي ڪڪرن ۽ انهن جي گهڻي کير ڏيڻ کي،
سانوڻ جي برسات سان ڀيٽ ڏي ٿو.
وطوال العنق تحسبها سطاعاً،
واذا سيقت تخليها شراعاً.
معنيٰ: ۽ سندن ڊگها ڪنڌ ڄڻ ته ڪو ٿنڀا آهن، ۽ جنهن
وقت کير پيارين ٿيون تنهن وقت سمجهندين ته وهندڙ
نهرون آهن.
واذا غيثت فدّرت ڪالسحاب،
يصب المحتلب ڪاسا تباعاً.
معنيٰ: جنهن وقت ڪڪر وانگر وسن ٿيون يعني ڏُڀن
ٿيون، ان وقت ڏهندڙ کي ڪَرسيون پلٽائي ڏين ٿيون.
ڪريمات بخيبات لبابُ،
وتسقي درة قوماً طماعاً
معنيٰ: خالص سهڻيون سخياڻيون، جيڪي طمع رکندڙ قوم
کي گهڻو کير پياري ڍؤ ڪرائينديون آهن.
اراڪات حماها والاضاة،
وتلحق خلفها هبعاً رباعاً
معنيٰ: انهن جو وهڻ ڄارين لڳ آهي، ۽ انهن جي پوياڻ
ننڍا گؤنرا گڏجي هلندا آهن، هن شعرن مان واضح آهي
ته علامه صاحب عربي ٻوليءَ تي عبور رکندو.
ماهوار رسالي قرآني (ولهيٽ- عمرڪوٽ) جو هڪ خاص
نمبر ’انڪشاف الحقيقت‘ ناري پٽ جي نوجوان عالم،
محقق ۽ شاعر مولانا محمد مبارڪ ’اثيم‘ پلي جو شايع
ٿيو. هِن نمبر کان علامه مهيري صاحب تمام گهڻو
متاثر ٿيو ۽ عربي زبان ۾ هڪ جامع خط ماهوار قِرآني
جي ايڊيٽر کي لکيائين جيڪو ترجمي سميت قِرآني
(ماهوار) جي پرچي ۾ شايع ٿيو، جنهن ۾ علامه صاحب
لکيو آهي هي ڪم اصل ۾ اسان پارن وڏي عمر جي عالمن
جو هئو پر هن نوجوان اسان جو ڪم ڪري اسان کي حضور
پاڪ صلي الله عليہ وآلہ وسلم جي درٻار ۾ سرخرو ڪري
ڇڏيو آهي.
علامه صاحب جي فارسي داني به قابل رشڪ هئي سندس
ڇڏيل فارسي جواهرن کي جانچجي ٿو ته واه واه ڪرڻ
کانسواءِ ٻيو ڪجهه نٿو اُڄَهي.
نمونه ڪلام:
برانم ج زبان حجر خدائي عالم آرا،
ڪه ازضع قديم خود بداده زيب اشيارا.
درود سيد ڪنم حد زدل زارم،
ز قلب خود ڪنم ظاهرپس ازوي عرض اقصى را.
---
ظاهر و باطن منور ز آفتاب،
گشت زيبا همچو اقص پرزتاب
هاتفم درگوش دل داده خطاب
باغ دلها مسجدِ واصل عجاب.
علامه صاحب کي عربي ۽ فارسيءَ سان گڏ پنهنجي سنڌي
ٻوليءَ تي به قدرت حاصل هئي. عربي ۽ فارسيءَ سان
گڏ سنڌيءَ ٻوليءَ ۾ به اهڙا ته واهڻ واهيا آهن، ڄڻ
ڀٽائي ۽ عبدالرحيم گرهوڙي جو مثال. بلڪه ڪٿي ته
ڪلهو ڪڍي ويو آهي، قصيده برده، سورة فتح ۽ صلح
حديبيه جا منظوما پنهنجو مٽ پاڻ ٿا لڳن. جن مان
علامه صاحب جي سنڌي نظم تي دسترس جي ڄاڻ ملي ٿي،
هي سنڌوطن جي لاڙ پٽ جو ڳوٺاڻو مثالي عالم سنڌي
علم و ادب جي اُٿل هو. پالوٽ هو، جنهن ڪيترائي
واهڻ وهايا اهو صاحب ديوان شاعر سان گڏ عمدو
نثرنگار هو، سندس تصنيفات جي مطالع مان ڀليءَ ڀت
پروڙ پوي ٿي ته هي يگانو ۽ يڪتا عالم سنڌ جي
چوٽيءَ جي عالمن جي پهرين قطار ۾ بيٺل نظر اچي ٿو،
علامه صاحب انهن عالمن مان ڪين هو جيڪي ڀريون
ڪتابن جون پُٺن تي کڻي هلن، پر هن جي سيني ۽ دل تي
حاصل ڪيل علم اهڙي نموني اُڪريل ۽ نقش ٿيل هو،
جهڙيءَ طرح مڪلي ٽڪريءَ تي واقع ڄام نظام الدين جي
ماڙيءَ تي لاجواب اُڪريل نقش و نگار عمدو ڏيک ڏيئي
رهيا آهن، ۽ جهڙيءَ طرح آگره ۾ تاج محل سهڻو نماءُ
ڪريو بيٺو آهي. تهڙيءَ طرح علامه وٽ جهلڪون ڏيندو
هو ۽ پيو لاڙ پٽ کي لاڀ رسندو هو، سندس ذات علم و
جو فيض درياءَ هئي. جنهن جي سوادي پاڻيءَ مان
پياسا وري وري اُڃ اُجهائيندا هئا. هن صاحب جو علم
و عمل سنڌونديءَ جي ان پاڻيءَ جيان هو جيڪو سمنڊ ۾
داخل ٿي ڪافي حصي ۾ کاري پاڻيءَ کي مٺو ڪري ڇڏي
ٿو. تهڙي طرح علامه جي علم و فيض سان علائقي ۾
ڪافي برايون ۽ بڇڙايون ختم ٿي ويون، علامه صاحب کي
سنڌي ڪلام مان ڪجهه منظوم نمونو.
قصيده برده مان:
حقيقت حبيبن جي ماڻهن لڌي نه مور
چلن نه چوگان ۾ چُڪي ٿئڙا چور
اوڏا توڙي ڏور، سڀئي حيرت هوءِ ۾.
***
ڪهڙي سُرت سماء، مرسل سندي مورکين
جاڳيا جي نه جهان ۾ مُورا ننڊ منجهان
سنهئي سجهايا، پاڻ پراهون سپرين.
سورة فتح جي منظوم ترجمي مان:
آهي محمّد ڪارڻي رسول رب سندو،
۽ جو سندس حق ۾ لشڪر صحابن جو،
سي سخت آهن ڪافرن تي رڳو رنجاڙو،
۽ آهين رحيم پاڻ ۾ ڪن قرب ڪمال ججهو.
سادي، سياڻي، سٻاجهي سُگهڙ عالم ۾ انيڪ خوبيون
هيون. مولانا محمّد نورنگزادو تحفه وطن جي مقدمي ۾
لکي ٿو ته، علامه صاحب فنا في الرسول هئا. ڇاڪاڻ
ته دين جي باري ۾ سندس جذبات ۽ عمل ان ڳالهه جي
گواهي ڏي ٿو ته واقع هو فنافي الله ۽ فنا في
الرسول هو، هيٺئين بيت مان مٿين ڳالهه جي شاهدي
ملي ٿي.
تون ٿئين ان جو ته تنهنجا سڀ ٿين،
جي ڦرين ان کان ته توکان سڀ ڦرن.
وٺ رسي، مضبوط جهل حبل المتين،
پوءِ توکي ناهه ڪو ڀولو باليقين.
رب راضي رک، رُٺو ڇڏ راڄ کي،
سو سنڀاري سو سنواري ساڄ کي.
وڏي پٽڪي، بافتي جي پهراڻ ۽ سوڙهن پانچن سان سُٿڻ
پاتل مارو لوڪ ماڻهو، اوپري ماڻهوءَ جي ته اک ئي
ڏانهس نه مڙي، ليڪن وقت جو وڏو پارس هو، جنهن
ڪيترو لوهه سون بنائي ڇڏيو، علامه صاحب جي تصنيفات
جو مختصر وچور هن ريت آهي:
1.
فتح المبين ۾ صلح حديبيه وارو قصو مدح جي نموني
واؤ تي جوڙيل آهي. علامه صاحب جا جذبات هن تصنيف ۾
مطالع ڪرڻ وٽان آهن.
2.
قصيده برده شريف، شيخ شرف الدين ابو عبدالله محمّد
بن سعيد بوصيري جو، حضرت محمّد صلي الله عليہ وآلہ
وسلم جي مدح ۾ جوڙيل (عربي ۾) آهي، جنهن جو نثر ۽
نظم ۾ ترجمو علامه صاحب ڪيو آهي.
3.
ناول عبرت عرف شيخ شبلي، هن ۾ شيخ ابوعبدالله
اندلسي جو واقعو ناول جي نموني بيان ڪيل آهي.
4.
تحفه وطن، هن ۾ مولود، مداحون، غزل ۽ ٽيهه اکريون
شامل آهن.
5.
مواعظه حُسنه، تقريرن جو مجموعو آهي.
6.
ملفوظات علامه، هن ۾ سندن رهاڻين ۽ نجي محفلن ۾
چيل اقوال ڏنل آهن.
7.
قصيده لِلابل، عربي ۾ آهي ناياب آهي.
8.
نسيم الندى في سيرت المصطفيٰ، هي ڪتاب حضرت محمّد
صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن جي سيرت تي لاجواب
تحرير آهي. اڃا تائين طباعت جي زيور سان سينگارجي
نه سگهيو آهي.
9.
فتاوى مهيري، علامه صاحب جي مختلف مسئلن تي ڏنل
فتوائن تي مشتمل ڪتاب آهي، اڻ ڇپيل آهي.
10.
ناول بجلي، بجلي سندس گهوڙي هئي، ليڪن هن ناول ۾
هڪ عورت جي ڀڄڻ ۽ فيصلن جو ذڪر ٿيل آهي.
11.
ديوان مهيري، جيئن ته نالي مان ظاهر آهي، سندس
غزلن جو مجموعو آهي.
12.
تفسير مهيري، هن ۾ سورة الفتح جو سنڌي بيتن ۾
ترجمو ۽ تفسير ڏنل آهي.
علامه صاحب، درس و تدريس ۽ تاليف کانسواءِ قضا جا
ڪم ڪار پڻ سرانجام ڏيندو هو، هر وقت فريادين ۽
فتوائون حاصل ڪندڙن جا ميڙ متل هوندا هئا، صفا
مسڪيني حال هوندي به مهمانن توڙي فيصلن تي آيل
ماڻهن کي ماني ملندي هئي. هتي علامه صاحب جي ڪيل
هزارين فيصلن مان فقط نموني طور ٻن فيصلن جو
اختصار طور ذڪر ڪجي ٿو:
1.
علامه صاحب جي فرزند مولوي محمد عارف هڪ فيصلي جي
روئداد ٻڌائي ته، منهنجو ننڍو ڀاءَ محمود تمام
گهڻي بيماري جي حالت ۾ هو، هوڏانهن اوطاق تي فيصلي
لاءِ آيل ماڻهن جو وڏو هجوم هو، محمود جي حالت
جيئن پوءِ تيئن خراب ٿي رهي هئي گهر جا سڀ ڀاتي
گهڻو پريشان هئا، ليڪن علامه صاحب فيصلو اڌ ۾ نه
ڇڏيو، سانجهي مهل فيصلو ختم ٿيو پر محمود اڳ فوت
ٿي چڪو هو، علامه صاحب گهڻو غمگين ٿيا مگر رب جي
رضا تي راضي رهيا.
2.
هڪ لڱا فيصلو ڪري رهيا هئا ته پنج فرنگي ۽ انهن
جون زالون اچي بجاري پهتا فيصلو هلي رهيو هو، پنج
ست قرآن جا حافظ، ايترائي علماء به موجود هئا،
فرنگي جيئن ئي اندر آيا ته ٽوپلا لاهي علامه صاحب
کي سلام ڪيائون، علامه صاحب کين ويهڻ جو اشارو
ڪيو، عدالت هلي رهي هئي، شاهدن جا بيان قلمبند ٿي
رهيا هئا، عدالت هلي ختم ٿي، فرنگين فيصلي جو
نمونو ڏسي تعريف ڪئي. هو خلافتِ تحريڪ جي خلاف
حمايت وٺڻ لاءِ آيا هئا ليڪن علامه کين کُتو جواب
ڏنو، ۽ ترڪن جي جماعت جي ڳالهه ڪئي.
علامه صاحب، وقت جي جيد ۽ مجتهد علماء وٽ تعليم
حاصل ڪئي، تن ۾ حافظ محمّد نونداڻي، حافظ احمد
ميمڻ کورواهي، مخدوم عبدالرؤف نورنگزاده، مولانا
الحاج محمّد سليمان ٻنوي، مولانا عبدالرحيم عباسي
ڪوٽ عالم وارو ۽ شيخ الحديث مولانا حامد الله ميمڻ
ٻيلوي جهڙا يگانا ۽ ڪامل استاد شامل آهن، جن جي
تعليم ۽ صحبت ۾ رڱجي ويو، سندس شاگردن جو حلقو به
وسيع رهيو. مولانا عبدالصمد، مولوي محمّد عارف
مهيري، مولوي محمد عارف جت، مولوي محمد سليمان جت،
مولوي محمد عمرمهيري، مولوي محمد سالم مهيري،
مولوي محمد نورنگزاده کورواهي، مولوي علي محمد
ٻاگهلي، مولوي محمد ابراهيم ”انيس“ مهيري ۽ مولوي
محمد قاسم خاناڻي جت کانسواءِ سوين شاگرد جيڪي
ناظره، فارسي، عربي تعليم اڌوري پڙهي ڪن سماجي ۽
معاشي مجبورين سبب هليا ويا.
علامه صاحب جي زندگي قرونِ اولى جي مسلمانن جهڙي
هئي، سندس رهڻي ڪهڻي تمام سادي هئي، سندس مرغوب
غذا هئي ڳاڙهن چانورن جو رکو ڀت ۽ تازي لَسي، کيس
زندگيءَ ۾ ٻه تڪليفون مليون، هڪ، جوانيءَ ۾ جڏهن
مدرسو هلائيندا هئا ۽ فيصلا به ڪندا هئا، پنهنجي
عظيم استاد جي خدمت ڪندا رهندا هئا، تڏهن ڪُتي چڪ
پاتو انڪري ڪافي وقت تڪليف رهي، ايستائين جو نماز
به ويهي پڙهندو هو، اها تڪليف ڇهه مهينا رهي، ٻيو
حادثوآخر عمر ۾ پيش آيو، ڳوٺ لاکاٽ تعلقو ٽنڊو
محمد خان ۾ ٽڪيل هئا، رات جي تهجد نماز لاءِ اُٿيا
ٿلهو گهڻو مٿي هو، تنهن تان هيٺ ڪِري پيا ۽ ٽنگ
ڪُنيءَ کان ٽُٽي پيئي، کيس کٽ تي کڻائي بجاري آندو
ويو، ڪافي علاج کان پوءِ به ٽنگ ٺيڪ نه ٿي ۽ هلڻ
کان قاصر ٿي پيو، اهو عرصو تقريباً ٽيهه سال آهي.
لطيف رحه چواڻي:
سر جي تار سور، سامائي تا سُک ويا.
زندگيءَ جو سفر سڦل بنائيندڙ هن علم جي گوهر 21
شعبان 1369هه تي هن فاني دنيا کي الوداع ڪيو،
اِنالله واِنا اليہ راجعون.
علامه جي وفات تي گهڻن ئي شاعرن قطع ۽ مرثيا لکيا
آهن، هتي سندس هڪ نامياري شاگرد جي شعر مان ڪجهه
حصا ڏجن ٿا:
ڪيڏا ڪرم ڪريم جا حاذق ساڻ هوا،
ڪندا هئـــــا ڪوٿري
۾ گــــــوهـــــر گفتا،
سا ٿيندي هئي سنڌ ۾ ملڪن مشهورا،
علم ۽ عرفان جو هو دادلو دريا،
فياض ڪئا فيض سان مِڙ ملڪ معمورا،
فقہ ۾ فهم هونِ ايڏو عظيما،
انهن آديسين کي منهنجو سڪي ساري ساه،
سامي سنگت ڇني ويا مون کي ماري ماءَ،
محبت تن مارن جي دل کي دام وڌا،
جيءُ جهڄي جهوريءَ ۾ آيل انهن لا،
اڄ پرين جي پاڙي ۾ ڪانوَ ڪانيئرا،
سي ڳولين ڪاڪ ڪنڌيءَ تان گنوارا گوگهتيا،
جتي بلبل بليغ هئا اتي زاع ظالم ٿيا،
باقي نه رهي بجاريءَ ۾ عاشق اُميدا،
ناقص هن ”نورنگ“ جو عرض التجا،
سائين سڻج سميع تون ساتر سٻاجها.
...الخ
مددي ڪتاب:
1.
تن پنوهارن پچار، مولانا حافظ محمد رمضان مهيري.
2.
ناول بجلي، مرتب: مولانا حافظ محمد رمضان مهيري.
3.
تفسير مهيري، مرتب: مولانا حافظ محمد رمضان مهيري.
4.
لاڙ جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ، ڊاڪٽر غلام علي
الانا.
5.
الفاروق، ڪراچي جا مختلف پرچا.
6.
ماهوار قِراني (ولهيٽ- عمرڪوٽ) جا مختلف پرچا.
|