ستار پيرزادو
شاهه
لطيف جي ٻوليءَ جي حُسناڪي
حُسن، خوبصورتي، سهڻائي ۽ سٺائي، هر مادي، جاندار
توڙي بي جان، فطرتي ڏيک، ندين جي لهرن، وڻن ٽڻن جي
بيهڪ، گل ڦلن ٻوٽن، پوکن جي ٻارن، انساني جسماني
بناوت ۽ قدرت جي ڪاريگريءَ جي هر ڏيک ۾ موجود
هوندي آهي، هر اک، هر نظر ان مان مخصوص ٿيندي آهي،
ان حسن جي حسين ڏيک ويک کي ان شيءِ جي حسناڪي به
چئي سگهجي ٿو.
وري ان حسناڪيءَ کي، اظهارڻ ۽ ٻين کي به اهڙي ڏيک
مان لطف، مزو، چَسُ ماڻڻ لاءِ لکت ۾ اظهار ڪرڻ
لاءِ سولي، سولي، سلوڻي، سادي، ڏاهي توڙي اٻوجهه،
پڙهيل توڙي جاهل جي سمجهه ۽ سوجهه بوجهه ۾ اچڻ
واري ٻولي لکڻ يا لکيل ٻوليءَ ۾ ان جو اهڙيءَ
لفاظيءَ ۾ لکڻ، جو هر لفظ، هر جملو اهڙو ته تز ۽
هوبهو ان شيءِ، انساني يا فطري منظر کي ائين پيش
ڪرڻ لاءِ ڪجي جو پڙهندڙ ۽ ٻڌندڙ ائين ڄاڻي ته هو
بيان ڪيل ڏيک بدني بناوت، قدرتي، فطري شيءِ پنهنجي
اکئين ڏسي پسي رهيو آهي، ان مان ايتروئي حض حاصل
ڪري، جيئن لکندڙ يا ٻڌائيندڙ پيش ڪيو آهي، اهڙي
لکت کي ٻوليءَ جي حسناڪي چيو ويندو آهي.
شاهه عبداللطيف ڀٽائي، جنهن دؤر ۾ ڄائو، نپنو، وڏو
ٿيو، ان دؤر ۾ سندس گهر ۾ اظهار جي ٻولي ته سنڌي
هئي، پر لکڻ ۽ پڙهڻ يا تعليمي نصابي ٻولي گهڻو تڻو
فارسي يا عربي هئي. فارسي حڪمرانن جي دفتري ۽ خواص
جي اظهار جي ٻولي هئي، عربي وري اسلامي مذهبي ٻولي
هئڻ ڪري لکت ۾ موجود ۽ نصاب طور به پاڙهي ويندي
هئي، باقي سنڌي ٻولي، سنڌ جي عام ماڻهو، جن ۾ هاري
ناري، ڪمي ڪاسبي ۽ ڪجهه ڌنڌن ڌاڙين سان لاڳاپيل يا
ڌنار پنوهار ڳالهائين ۽ اظهاريندا هئا.
شاهه لطيف جڏهن کان هوش سنڀاليو ۽ پنهنجي اظهار
لاءِ نثر بدران شاعريءَ جي چونڊ ڪئي ته ان شاعراڻي
اظهار لاءِ پنهنجي ماءُ جي جهوليءَ ۾ ٻڌل لولين
واري ٻولي، يعني سنڌي ٻوليءَ جي چونڊ ڪئي، ڄڻ هن
شعوري طور تي پنهنجي ڌرتيءَ واسين جي گهڻائيءَ
واري ٻولي، جيڪا ظاهر آهي ته سنڌي هئي، ان کي ئي
اظهار جو ذريعو بڻايو، جيئن هو پنهنجي ڌرتي ۽ دؤر
جي عوام سان سڌيءَ طرح لاڳاپي ۾ رهي سگهي، پوءِ ان
ٻوليءَ ۾ خوبصورت، سهڻن، سلوڻن، سادن ۽ جلد سمجهه
۾ ايندڙ لفظن جي چونڊ ڪري، پنهنجي اظهار کي پيش ٿي
ڪيو، جيئن سنڌ جو عام ماڻهو به سمجهي ۽ جلد پرجهي
وٺي، شاهه لطيف وٽ ته اهڙا ماڻهو ئي خاص هئا، يا
اهڙن ماڻهن جي اهميت هئي، جيڪي سنڌي ڳالهائيندڙ
هئا، پوءِ ڀل کڻي اهي سرڪار جا عهديدار يا ڪارندا
به هجن، اڃان به شاهه صاحب اهڙن ماڻهن جي ندا
ڪندي، هڪڙو بيت هيئن به چيو ته:
جي فارسي سِکيو، گولو، توءِ، غُلامُ،
جو ٻَڌو ٻن ڳالهين، سو ڪِيئن ڄائي ڄامُ،
اُڃو تان آبُ گهري، بکيو تان طعامُ،
اِيءُ عامِين سَندو عامُ، خاصن منجهان نه ٿئي.
(شاهواڻي، غلام محمد، ’شاهه جو رسالو‘، 2005ع، سر
آسا داستان 4، بيت: 23، ص 725)
مٿئين بيت مان صاف ظاهر آهي ته شاهه لطيف وٽ اهميت
جوڳو اهو ماڻهو آهي، جيڪو پنهنجي ماءُ جي ٻولي
ڳالهائي، پڙهي ۽ سمجهي ٿو، شاهه لطيف جيئن ته
پنهنجي اظهار جي لاءِ شاعري يا نظم جي چونڊ ڪئي،
اهڙن شاعرن لاءِ الهه بخش ايم. نظاماڻي، هڪ
سپاسنامي ۾ هيئن ٿو لکي ته: ”زبانداني يا ٻوليءَ
جي واقفيت، شاعر ۽ اديب لاءِ هڪ اعليٰ خوبي آهي،
شاهه گويا سنڌي ٻوليءَ جو ’شاهه‘ هو ۽ سندس رسالو
سنڌي ٻوليءَ جو اڻکٽ خزانو آهي ۽ شاهه صاحب ڄڻ ته
سنڌي زبان کي اُجاري، صاف ۽ پاڪ ڪيو آهي.“ ساڳئي
سپاسنامي ۾ اڳتي هلي لکي ٿو ته، ”ڪلام ۾ لفظن جي
جڙاءَ، قافيه، تُڪوُن ۽ تَرڪيبون، نوان نوان لفظ،
استعارا ۽ تشبيهون ۽ ٻيون شاعراڻي صنفون، اهڙي
سهڻي، ۽ پختي نموني ۾ ڪم آنديون اٿس، جو ائين پيو
ڏسجي ته ڄڻ ڪِه سنڌي گرامر جا اصول شاهه جي ٻوليءَ
مان ٺاهيا ويا آهن.“(1) (نظاماڻي، 1969ع، ص 2)
شاهه لطيف پنهنجي شاعريءَ ۾ سنڌي ٻولي جا ان وقت
سنڌ جي هيٺئين ۽ پيڙهيل طبقي جي ٻولي هئي، ان کي
سنوارڻ ۽ سڌارڻ لاءِ، تز سنڌي ٻوليءَ جي لفاظي نه
صرف استعمال ڪئي پر الهه بخش نظاماڻيءَ جي خيال
مطابق، ”سنڌي زبان کي ويهي گهڙيو ۽ ٺاهيو ۽ آخرڪار
اهڙي سهڻي انداز ۾ عوام آڏو پيش ڪيو، جو هُو
انهيءَ زبان جي رنگيني ۽ ميٺاج ۾ گم ٿي ويا.“ اڄ
به سندس ڪلام ۽ ٻولي ساڳئي ميٺاج ۽ تازگيءَ سان
عوام ۾ مقبول آهي.“ (2) (نظاماڻي، 1969ع، ص 2)
شاهه لطيف پنهنجي شاعريءَ جي ٻوليءَ ۾ ٺيٺ سنڌي
محاورا، اصطلاح، تشبيهون، تلميحون، چوڻيون ڪتب
آڻي، سنڌي ٻوليءَ ۾ ۽ خاص ڪري شاعراڻي ٻوليءَ ۾
پيش ڪري، انوقت جي فارسيدان طبقي جي اکين، ڪنن ۽
ڇهن ئي حُسن کي سجاڳ ڪرڻ لاءِ، سنڌي ٻوليءَ جي
حسناڪَي ڏيکاري، پنهنجي شاعريءَ ۾، سنڌ جي ڍنڍن،
ڍورن، ندين، سمنڊ، گاهه، گل، ٻوٽن، وڻن ٽڻن،
پهاڙن، پٽن، گاهن گسن، ۽ جانورن، انسانن جي ڪِرتن،
ڌنڌن ڌاڙين، وڻج واپار، ڏيساندر ڏوريندڙ جي ڏکن
ڏولاون، سامونڊي ويرن، مُندن، ملهارن، بادلن ۽
کنوڻ جي کجڪارن، سنڌ جي ڌرتيءَ تي هلندڙ ۽ رينگدڙ
جانورن، پَسُن، نانگن، بلائن، پکي پکڻ، مندن جي
مٽجڻ جي اهڃاڻن ۽ ان حد تائين جي سياري جي مند ۾،
برفاني ڀرپاسي جي علائقن کان، پنهنجي زندگيءَ جي
بچاءَ لاءِ اڏامي ايندڙ ۽ موٽي ويندڙ پکين جي باري
۾ ڄاڻ ڏني ۽ انهن پکين جي سڃاڻپ ۽ خوبصورتي، آواز
۽ ڪُرلاءَ کي پنهنجي شاعريءَ ۾ جاءِ ڏني، انهن
کانسواءِ ان وقت جي نزاڪت ۽ عوام ۾ مقبول سلوڪ ۽
طريقت جي طريقن بابت سمجهاڻيون، جوڳين، سامين،
کاهوڙين جي جفاڪشين، سنڌ ۾ موجود مذهبن ۽ انهن جي
ڏڻن، خوشين، غمين، اهنجن، ايذائن بابت پنهنجي
شاعريءَ ۾ جاءِ ڏئي، سنڌ جي عام ماڻهن جي ڄاڻ ۾
اضافو ڪرڻ جي ازخد ڪوشش ڪئي، ان بابت هن مڪالمي جي
صدارت ڪندي، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ چوي ٿو ته،
”حضرت شاهه صاحب جن پنهنجي رسالي ۾ انهن کانسواءِ
ٻيا ڪهڙا نوان عنوان ۽ مضمون آندا آهن. ٻوليءَ جي
وسعت جو هڪ اندازو انهيءَ مان لڳائي سگهجي ٿو ته
ڪهڙا جدا جدا عنوانن ۽ موضوعن بابت ٻوليءَ کي
استعمال ڪيو ويو آهي(3).“ (بلوچ،
1969ع، ص 5)
هاڻ اسان شاهه لطيف جي ٻولي يعني سندس شاعريءَ مان
ٻوليءَ جي حسناڪيءَ جا مثال چونڊي ثابت ڪنداسون ته
شاهه لطيف جيڪا ٻولي استعمال ڪئي آهي، انهن جي
لفظن مان حُسن جون هٻڪارون ڪيئن ٿيون اچن، شاهه
لطيف پنهنجي شاعريءَ ۾ عورت جي ويس وڳن کي ڪيئن ٿو
مشابهه ڪري، سندس شاعريءَ ۾ تشبيهه جو جوڳو
استعمال هيئن آهي.
جهڙا پانن ٻن، تهڙيون سالون مٿن سائيون،
عِطر ۽ عنبيرَ سين، تازا ڪيائون تن،
مڙهيا گهڻو مشڪ سين، چوٽا سان چندن،
سوني روپي سون سين، سندا ڪامڻ ڪَن،
ڪيائين لال لطيف چئي، وڏا ويس ورَن،
منجهه مَرَڪِيسِ منُ، سوڍي سين سنگُ ٿيو.
(شاهواڻي، غلام محمد، 2005ع، شاهه جو رسالو، سُر
مومل راڻو، داستان 3، بيت 2، ص 524)
ساڳئي سُر ۾ شاهه لطيف مومل ۽ مومل جي سهيلين جي
لباسن سان ههڙيءَ ريت تشبيهه ڏئي ٿو:
جهڙا گُل گلاب جا، تهڙا مٿن ويسَ،
چوٽا تيل چنبيليا، ها ها هو هميشه،
پسو سونهن سيد چئي، نينهن اچن نيش،
لالڻ جي بيس، آتڻ اکر نه اُجهي.
(شاهواڻي، غلام محمد، 2005ع، شاهه جو رسالو، سر
مومل راڻو، داستان 1، بيت 2، ص 524)
شاهه لطيف پنهنجي شاعريءَ لاءِ جن لفظن جي چونڊ
ڪري ٿو، جو ڳائڻ کان سواءِ، صرف پڙهڻ سان انهن جو
ترنم انسان جي ذهن ۽ دل کي ڇُهي ٿو. ڪوبه سنڌي،
اهو بيت صرف بيت جي پڙهڻيءَ مطابق پڙهي ڏسي ته کيس
ان بيت جي لفظن ۾ سمايل ترنم جو ڪهڙو حُسن آهي،
اهو محسوس ٿيندو.
آکون، ڊاکون، سِرکنڊ شاخون، جِت چوکا چندن ڪنؤر،
مَيي سي ئي ماڻيا، جتِ نه ڀِرن ڀؤنر،
ڪنواريون ۽ ڪنؤر، ڪاهه ته پسون ڪاڪ جا.
(شاهواڻي، غلام محمد، 2005ع، شاهه جو رسالو، سُر
مومل راڻو، داستان 2، بيت 12، ص 522)
شاهه لطيف پنهنجي محبوب جي تعريف ڏسو ڪهڙن لفطن ۾
ٿو ڪري، سندس محبوب اهڙو آهي، جنهن جي آڏو سج،
چنڊ، تارا سڀ تائب ٿيو وڃن.
کڻي نيڻ خمار مان، جان ڪيائون ناز نظرُ،
سورج شاخون جهڪيون، ڪوماڻو قمر،
تارا ڪتيون تائب ٿيا، ديکيندي دلبر،
جهڪو ٿيو جوهر، جانب جي جمال سين.
(شاهواڻي، غلام محمد، 2005ع، شاهه جو رسالو، سر
مومل راڻو، داستان 1، بيت 218، ص 135)
اسان مٿي ذڪر ڪري آيا آهيون ته شاهه لطيف صوفين
بابت پڻ ڄاڻ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، صوفيءَ جي حال
جا اهڃاڻ هن ريت ٿو ڏئي، ان سان گڏ بيت ۾ تشبيهه
جو ڪهڙو نه سهڻو مثال سمايل آهي.
صوفيءَ سيرُ سڀن ۾، جئن رڳن ۾ ساهه،
سا نه ڪري ڳالهڙي، جيئن پَريون پروڙي پساهه،
آهس ايءُ گناهه، جي ڪا ڪري پڌري.
(شاهواڻي، غلام محمد، 2005ع، شاهه جو رسالو، سر
يمن ڪلياڻ، داستان 5، بيت 2، ص 106)
شاهه لطيف پنهنجي شاعريءَ ۾ تجنيس حرفيءَ جو پڻ
جوڳو استعمال ڪيو آهي، ان جو هيءُ مثال ته ڏسو:
وَٽَ وَٽَ وَٽيءَ ۾، مَٽَ مَٽَ مَنڌُ ٻيو،
قدر ڪين ڪلاڙ جو، پياڪن پيو،
اچن دُرسَ دُڪان تي، ڪنڌ قبول ڪيو،
سرها سِرَ ڏيو، چَکن سُرڪَ سيدُ چئي.
(شاهواڻي، غلام محمد، 2005ع، شاهه جو رسالو، سر
يمن ڪلياڻ، داستان 4، بيت 21، ص 104)
تجنيس حرفيءَ ۾ هر لفظ يا اڪثر لفظ ساڳئي حرف سان
شروع ٿيندا آهن، جنهن جي پڙهڻ سان مخصوص ترنم
جڙندو آهي، اوهان مٿيون بيت پڙهي ڏسو، اوهان کي
پڙهڻ سان عجيب سرور ڏيندڙ ترنم ملندو.
سُر مومل راڻو، جنهن جا مثال مٿي ڏئي آيا آهيون،
ان سُر جي باري ۾ سرور نواز ٻگهيو هن ريت لکيو آهي
ته، ”سُر مومل راڻو سڄو ئي حسناڪين جو ڀنڊار آهي!
ٻوليءَ جون حسناڪيون، تخيل جون حسناڪيون، تجنيس
حرفيءَ ۽ منظرن جون حسناڪيون، فڪر ۽ فهم جون
حسناڪيون ۽ پيغام جون حسناڪيون.“ (4) (ٻگهيو،
2004ع، ص 290)
”سنڌي شاعري خاص ڪري ڪلاسيڪل شاعري اڻ سڌي اظهار
سان ڀري پئي آهي. سنڌيءَ ۾ اهڃاڻي شاعري تڏهن کان
شروع ٿئي ٿي، جڏهن کان نيم تاريخي داستانن جو ذڪر
ڪلاسيڪي شاعريءَ ۾ آيو آهي، اهي ڪردار اڻ سڌي
اظهار جو هڪ بهترين ۽ مرغوب ترين ذريعو بڻجي پيا.“
(5) (عباسي، 2015ع، ص 236)
ساڳئي مضمون ’شاهه لطيف جي اهڃاڻي شاعري‘ ۾ تنوير
عباسي، اهڃاڻ جا مثال ڏيندي لکي ٿو ته: ”ڪو لفظ
ڪنهن معنيٰ ۾ مستعمل ٿي ڄمي، مروج ٿي، جاري ٿي وڃي
ته اهو ٿي پوي ٿو ’اهڃاڻ‘، جيئن چنڊ ۽ گل، سونهن
جو اهڃاڻ آهن، تيئن چڪور ۽ بلبل عشق جا اهڃاڻ آهن،
بهار خوشيءَ جو اهڃاڻ آهي ته سرءُ ڏک جو اهڃاڻ
آهي، صبح اميد جو اهڃاڻ آهي، ته شام نااميديءَ جو،
مطلب ته هيءَ ڪائنات اهڃاڻن جو جهنگل آهي.“ (6)
(عباسي، 2015ع، ص 235)
آءٌ نه گڏي پرينءَ کي، تون ٿو لهين سج،
آءٌ جي ڏيئين سنيهڙا، نيئي پريان کي ڏج،
وڃي ڪيچ چئج، ته ويچاري واٽ مُئي.
(شاهواڻي، غلام محمد، 2005ع، شاهه جو رسالو، سر
معذوري، داستان 7، بيت 3، ص 368)
شاهه لطيف پنهنجي شاعريءَ ۾ استعاري جو پڻ جوڳو
استعمال ڪيو آهي، استعاري لاءِ ڊاڪٽر امِ ڪلثوم
شاهه، پنهنجي ٿيسز جي باب ٻئي ’استعاري ۽ تشبيهه
جون صنعتون‘ ۾ هن ريت لکيو آهي: ”استعارو اها
بيانيه علامت آهي جنهن جي ذريعي سونهن ۽ وضاحت
پيدا ٿئي ٿي، جنهن شيءِ کي مستعار ڪجي ٿو، ان جي
خاصيتن يا خوبين سان اصل شيءِ جي خوبين کي وڌيڪ
طاقتور نموني سان نروار ڪري سگهجي ٿو، ۽ اهو سڀ
حقيقي معنيٰ ۾ نه پر مجازي، غير حقيقي يا تصوراتي
معنيٰ سان تعلق رکي ٿي.“ (7) (شاهه، 2004ع، ص 46)
شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ استعاري جا ڪيترائي مثال
موجود آهن، هڪڙو مثال هيٺ ڏجي ٿو:
اُٺ نه وڃي وڳ سين، ٻڌو چري نه ٻُورُ،
مَيي کي مجاز جو، ڪڙهه اندر ڪو سُور،
سو ڪو پرايئين پُور، سُڪي جيئن ساڻو ٿيو.
(شاهواڻي، غلام محمد، 2005ع، شاهه جو رسالو، سر
کنڀات، داستان 2، بيت 24، ص 144)
هتي اُٺ ته جانور آهي، جنهن لاءِ اسان وٽ اها
ڳالهه مشهور آهي ته ’اُٺ‘ اوڳو جانور آهي، پر هتي
شاهه لطيف اُٺ کي استعاري طور پنهنجي ’نفس‘ سان
ڀيٽيو آهي، سندس هن بيت مان سندس ’نفس‘ کي پلڻ
لاءِ ڪيڏا به حيلا هلايا اٿس، کيس طرح طرح جون
لالچون ڏنيون اٿس، پر هو ’ڪڌاتوريو ڪرهو، لڪيو
لاڻي کاءِ‘ يعني هو پنهنجي عادت مٽڻ لاءِ تيار نه
آهي، شاهه لطيف جي رسالي جي سُر کنڀات ۾ اهڙن بيتن
جو هڪڙو سلسلو آهي، جنهن ۾ شاهه لطيف پنهنجي يا
انساني نفس ’اماره‘ ڏانهن استعارا ڏئي، ’نفس‘ کي
براين کان جهلڻ، خواهشن کان پلڻ جا ڪيڏا نه سهڻا
استعارا ڪم آندا آهن.
شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ جيڪا سنڌي ٻولي ڪتب آندي
آهي، ان ۾ جيڪڏهن سموريون خوبيون ويهي ڄاڻائبيون
ته اهي ته هڪڙي ڪتاب کان به گهڻيون ٿي وينديون.
شاهه لطيف پنهنجي شاعريءَ ۾ سنڌي گرامر جوڙڻ جي پڻ
ڪوشش ڪئي آهي، جنهن لاءِ گرامر جو ماهر ئي ٻڌائي ۽
سمجهائي سگهي ٿو. شاهه لطيف جي شاعريءَ تي ڪوبه
هڪڙو ماڻهو، سموري تحقيق ڪري نٿو سگهي، جو شاهه
لطيف وٽ زندگي ۽ سماج جي هر هنر، درياهن، سمنڊن
کان سواءِ خلائي ۽ آسماني شين جي پڻ ڄاڻ ملي ٿي،
شاهه لطيف جي شاعري، اهڙو بحر آهي، جنهن ۾ خواصن
جي جهجهائي جي ضرورت آهي.
حوالا:
1.
|
بلوچ نبي بخش خان، ڊاڪٽر، 1969ع،
مڪالما-3 سلسلو، ’حضرت شاهه عبداللطيف
ڀٽائي، سنڌي ٻوليءَ جو معمار‘ ڀٽ شاهه
ثقافتي مرڪز ڪميٽي، ڀٽ شاهه/
حيدرآباد، ص 2. |
2.
|
ساڳيو، ص 2 |
3.
|
ساڳيو، ص 2 |
4.
|
شاهه امِ ڪَلثوم، ڊاڪٽر، 2004ع، ’شاهه
لطيف جي شاعريءَ ۾ استعاره ۽ تشبيهه
نگاري جو تحقيقي جائزو‘ شاهه
عبداللطيف ڀٽائي چيئر، ڪراچي
يونيورسٽي، ص 46 |
5.
|
جويو تاج، 2004ع، ’سر مومل راڻو (سر
مومل راڻو جون حسناڪيون‘، سرور نواز
ٻگهيو)، شاهه عبداللطيف، ڀٽ شاهه
ثقافتي مرڪز، حيدرآباد، ص 290 |
6.
|
عباسي تنوير، 2015ع، ’شاهه لطيف جي
شاعري‘ روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو، ص
236 |
7.
|
ساڳيو، ص 238 |
محمد پُنهل
ڏهر
قسط-2
قلندريات
87. سنڌڙي جو شهباز (سووينيئر):
سال 2012ع، مرتب: منظور ميراڻي ۽ انور ساگر
ڪانڌڙو، شهباز ميلا ڪميٽي ڊسٽرڪٽ گورنمينٽ ڄام
شورو.
هي سووينيئر قلندر لعل شهباز جي 760 عرس مبارڪ جي
موقعي تي شايع ڪيو ويو آهي. هن ۾ قلندر لعل سان
وابسته زياده تر رنگين تصويرون به ڏنيون ويون آهن.
88. قلندر لعل سيوهاڻي:
از: ڊاڪٽر نواز علي شوق، ڇاپو پهريون 2012ع، ثقافت
کاتو حڪومت سنڌ ڪراچي.
89. ماهوار اڳواڻ ڪراچي:
شهباز قلندر نمبر، ماهه جولاءِ 2012ع(50).
90. سلسليوار سنڌڙي جو شهباز:
(قلندر لعل شهباز نمبر) ماهه جولاءِ 2012ع.
91. شان قلندر:
از: عنايت الله ڀٽو، ڇاپو ؟ سال 2013ع(51).
92. قلندر ۽ قلندري مشرب:
از: علامه غلام مصطفيٰ قاسمي، مرتب: سومرو محمد
ادريس السندي، ڇاپو پهريون 2013ع، ثقافت کاتو
حڪومت سنڌ ڪراچي.
93. قلندر ۽ قلندري فڪر:
از: ڊاڪٽر مخمور بخاري، ڇاپو پهريون 2014ع، ثقافت
کاتو حڪومت سنڌ ڪراچي.
94. گلزار قلندر:
مرتب: منظور احمد قناصرو، ڇاپو پهريون 2014ع،
ثقافت کاتو حڪومت سنڌ ڪراچي.
هي ڪتاب قلندر لعل جي 761هين عرس مبارڪ جي موقعي
تي پڙهيل مقالن ۽ شاعري جو مجموعو آهي. هن ڪتاب ۾
هڪ اردو ۽ هڪ انگريزي مضمون به شامل آهي.
95. مستو مست قلندر لعل رح:
(منظوم ڀيٽا) مرتب: انور ساگر ڪانڌڙو، ڇاپو پهريون
2015ع، شهباز ميلا ڪميٽي ڄام شورو.
هن ڪتاب ۾ قلندر لعل جي بارگاهه ۾ چيل مختلف شعراء
ڪرام جو نذرانه عقيدت ڏنل آهي.
96. سخي لال شهباز:
مرتب: تاج صحرائي، ڇاپو ؟، سال ؟، اوقاف کاتو؟
ڪتاب موجود نه هجڻ ڪري منجهس شامل مواد معلوم نه
ٿي سگهيو.
97. سوانح شهباز:
از: عبيدالله دشتي، ڇاپو؟، سال ؟، ميلا ڪميٽي
سيوهڻ(52).
98. مست قلندر:
مرتب قلندري؟، ڇاپو ؟، سال؟، قلندر پبليڪيشن جو
پهريون ڪتاب.
هن ڪتاب ۾ قلندر شهباز متعلق مولانا گرامي جو لکيل
صرف هڪ مقالو ڏنل آهي. اِنهيءَ کان علاوه هن ۾
ٻيون ڪهاڻيون ۽ مختلف شعر ڏنل آهن، جن جو قلندر
لعل سان ڪوبه تعلق نه آهي(53).
99. سوانح حيات حضرت لعل شهباز قلندر رح:
مترجم: گل محمد سولنگي قلبي، ڇاپو ؟، سال؟، صداقت
بوڪ ڊيپو حيدرآباد.
هن ڪتاب جي سرورق کان پوءِ واري ٻئي ورق تي ڪتاب
جي مذڪوره نالي هيٺان لکيل آهي، ”عبدالله شاهه
اصحابي ٺٽو، عبدالله شاهه غازي ڪراچي، شاهه
عبداللطيف ڀٽائي، سچل سرمست ۽ مڪلي ٺٽو جي مشهور
اوليائن ڪرامن جو مڪمل احوال.“
نوٽ: هي ڪتاب، ڪتاب ”سوانح عمري حضرت لعل شهباز
قلندر سهون شريف (از: شاهه مانا ميان قادري چشتي
پيلي ڀيتي) جو ترجمو آهي، جنهن جو ذڪر بعد ۾ اردو
ڪتابن واري حصي ۾ شامل آهي.
100. قلندرنامه:
از: محمد اشرف منصور داؤدپوٽو.
هي ڪتاب قلمي صورت ۾ آهي(54).
101. ڪامل قلندر:
مرتب: نامعلوم. ڇاپو ؟، سال؟، ڊائريڪٽر انفارميشن
حيدرآباد.
هي ڪتاب راقم ڏسي نه سگهيو آهي، تنهنڪري هن ۾
موجود مواد جي ڄاڻ نه پئجي سگهي آهي.
102. راز قلندري (منظوم):
از: حڪيم شاهه محمد جتوئي.
103. مشاهدات قلندر:
از: احمد علي قريشي.
104. حضرت قلندر شهباز مروندي:
از: احمد علي قريشي(55).
نوٽ: مٿيان ٽيئي ڪتاب يعني سيريل نمبر 102، 103 ۽
104 راقم ڏسي نه سگهيو آهي، جنهنڪري خبر نه آهي ته
اِهي ڪتاب ڇپيل آهن يا قلمي صورت ۾ آهن ۽ اِنهن ۾
ڪهڙي قسم جو مواد شامل آهي.
105. حضرت عثمان مروندي تي هڪ تحقيقي جائزو:
از: محبوب علي چنا سيوهاڻي، ڇاپو؟، سال؟(56)
106. لال شهباز قلندر جا حالات:
از: مولانا محمد طفيل احمد ٺٽوي.
هن ڪتاب متعلق به ڄاڻ نه پئجي سگهي آهي ته اِهو
ڇپيل آهي يا قلمي صورت ۾ آهي.
107. احوال لعل شهباز قلندر جو:
مصنف: نامعلوم، ڇاپو؟، سال؟، پوڪرداس تاجر ڪتب
شڪارپور.
هن ساڳئي اداري پاران هي ڪتاب سال 1932ع ۾ يا اُن
کان ڪجهه اڳ ۾ به شايع ٿيل آهي، ساڳئي اداري پاران
هي ڪتاب سنه 1928ع يا اُن کان ڪجهه اڳ ۾ به شايع
ڪيل آهي.
108. ميلو لال شهباز:
مصنف: نامعلوم، ڇاپو؟، سال؟
هي ڪتاب پوڪرداس تاجر ڪتب شڪارپور وارن به سال
1913ع ۾ يا اُن کان ڪجهه اڳ ۾ شايع ڪيو. هي آڳاٽو
ڇپيل ڪتاب موجود نه هجڻ جي ڪري منجهس موجود مواد
جي خبر نه پئجي سگهي(57).
109. قلندر جو ميلو:
از: رئيس شمس الدين بلبل، ڇاپو؟، سال؟(58)
هي ڪتاب به موجود نه آهي، جنهنڪري منجهس سمايل
مواد جي خبر نه آهي. هي ڪتاب شايد قلمي صورت ۾
آهي.
110. لعل قلندر شهباز کان هڪ مُريد جي گُهر:
مصنف: محمد صادق صديقي سيوهاڻي.
هن جا 17 صفحات آهن(59). هي ڪتاب به دستياب نه ٿي
سگهيو، جنهنڪري هن ۾ موجود مواد جي ڄاڻ نه پئجي
سگهي. شايد هي ڪتاب به قلمي صورت ۾ آهي.
111. استدعا قلندر:
مصنف: نامعلوم. (قلمي)
هن ڪتاب جا اٺ صفحا آهن(60).
112. قلندر شهباز:
مصنف: نامعلوم، ڇاپو؟، سال؟، پوڪرداس ٿانورداس
شڪارپور(61).
113. سيرت عثمان مروندي:
مصنف: نامعلوم، ڇاپو؟ سال؟، دادو.
114. تذڪره شيخ عثمان مروندي:
مصنف: نامعلوم، ڇاپو؟، سال؟، قلندر شهباز ميموريل
ڪميٽي؟
حضرت قلندر لعل شهباز جي سوانح، شاعري ۽ فڪر متعلق
سنڌي ۽ اردو ۾ لکيل ڪتاب:
115. لعل قلندر:
مرتب: قيوم راشد، ڇاپو، سال 1970ع، محڪمئه
اطلاعات حڪومت سنڌ ڪراچي.
هن ڪتاب ۾ قلندر لعل متعلق سنڌي ۽ اردو ۾ مقالا،
مضمون ۽ شاعري شامل آهي.
116. سخي لڄپال قلندر:
مرتب: تاج صحرائي، ڇاپو، سال 1981ع، ميلا ڪميٽي
سيوهڻ.
هن ڪتاب ۾ قلندر شهباز متعلق مقالا، مضمون ۽ شاعري
ڏنل آهي.
117. لعل شهباز قلندر:
مرتبين، شهناز نور، صفورا خيري، مهناز حسن ۽ آفتاب
ابڙو، ڇاپو، سال 2005ع، محڪمئه اطلاعات ۽ آرڪائيوز
حڪومت سنڌ ڪراچي.
حضرت قلندر لعل شهباز جي عرس جي موقعي تي خصوصي
اشاعت. هن ۾ قلندر لعل جي عرس جي موقعي تي خصوصي
اشاعت.
هن ۾ قلندر لعل جي باري ۾ مضمون، مقالا ۽ شاعري
موجود آهي.
118. ذڪر قلندر (خصوصي اشاعت):
مرتب: ياسمين ميمڻ، ڇاپو، سال 2008ع، اطلاعات ۽
آرڪائيوز کاتو حڪومت سنڌ ڪراچي.
حضرت قلندر لعل شهباز جي 756هين عرس جي موقعي تي
خاص اشاعت.
هن ڪتاب ۾ قلندر لعل متعلق مقالا ۽ مضمون ڏنا ويا
آهن.
119. پيغام قلندر رح:
مرتب: ياسمين ميمڻ، سارنگ لطيف چانڊيو ۽ عامره
زرتاش، ڇاپو، سال 2009ع، اطلاعات کاتو حڪومت سنڌ
ڪراچي.
حضرت لعل شهباز قلندر جي 757هين عرس جي موقعي تي
خاص اشاعت.
هن ۾ قلندر لعل متعلق مضمون، مقالا ۽ شاعري آهي.
120. حق جو آواز قلندر شهباز:
مرتب: ياسمين ميمڻ، انيتا بلوچ، شمائلا ارم ۽
سارنگ لطيف چانڊيو، ڇاپو، سال 2010ع، اطلاعات کاتو
حڪومت سنڌ ڪراچي.
حضرت قلندر لعل شهباز جي 758هين عرس جي موقعي تي
خاص اشاعت.
هن ڪتاب ۾ قلندر شهباز جي باري ۾ مقالا، مضمون ۽
شاعري ڏنل آهي.
121. قلندر لعل شهباز (احوال ۽ آثار):
مرتب: ڊاڪٽر محمد علي مانجهي، ڇاپو پهريون، 2010ع،
ثقافت کاتو حڪومت سنڌ ڪراچي.
هن ڪتاب ۾ قلندر لعل شهباز متعلق مقالا ۽ مضمون
ڏنل آهن.
122. سنڌڙي جو شهباز قلندر:
مرتب: آزاد انور ڪانڌڙو، ڇاپو پهريون 2012ع،
ثقافت کاتو حڪومت سنڌ ڪراچي.
هن ڪتاب ۾ قلندر لعل شهباز متعلق مضمون ۽ مقالا
ڏنا ويا آهن.
123. سنڌڙي جو شهباز (خاص اشاعت):
مرتب: ياسمين ميمڻ، ظفر ملاح ۽ ارم ملڪ، ڇاپو،
سال 2015ع، اطلاعات ۽ آرڪائيوز کاتو حڪومت سنڌ
ڪراچي.
حضرت قلندر لعل شهباز جي 763هين عرس جي موقعي تي
خاص اشاعت.
هن ڪتاب ۾ قلندر سائين جي سوانح متعلق مضمون،
مقالا ۽ شاعري پيش ڪئي وئي آهي.
124. يار خواجه منصورم (خاص اشاعت):
مرتب: ظفر ملاح ۽ ارم ملڪ، ڇاپو، سل 2017ع،
اطلاعات کاتو حڪومت سنڌ ڪراچي.
حضرت قلندر لعل شهباز جي 765هين عرس جي موقعي تي
خاص اشاعت.
هن ڪتاب ۾ قلندر لعل متعلق مضمون ۽ مقالا آهن.
125. سلسليوار شان قلندر:
شمارو نمبر 01 (مئگزين) سال؟
حضرت قلندر لعل شهباز جي 764هين عرس مبارڪ جي
موقعي تي شايع ڪيو ويو.
126. سلسليوار شان قلندر:
مئگزين حيدرآباد، مئي 2017ع.
حضرت قلندر لعل شهباز جي 765هين عرس مبارڪ جي
موقعي تي شايع ڪيو ويو.
هن مئگزين ۾ قلندر شهباز متعلق مضمون، مقالا ۽
شاعري ڏنل آهي.
127. لڄپال قلندر:
(خاص اشاعت) مرتب: اسلم پرويز جتوئي، ڇاپو، سال
2018ع، اطلاعات کاتو حڪومت سنڌ ڪراچي.
حضرت قلندر لعل شهباز جي 766هين سالياني عرس جي
موقعي تي خاص اشاعت.
هن ڪتاب ۾ قلندر لعل متعلق مضمون ۽ مقالا ڏنل آهن.
128. سنڌڙي جو شهباز قلندر:
مرتب: اسلم پرويز جتوئي، ڇاپو، سال 2019ع،
اطلاعات کاتو حڪومت سنڌ ڪراچي.
حضرت قلندر لعل شهبازرح جي 767هين
سالياني عرس جي موقعي تي خاص اشاعت.
هن ڪتاب ۾ قلندر شهباز متعلق مضمون ۽ مقالا شامل
آهن.
129. لعل شهباز قلندر:
مرتب: نامعلوم، ڇاپو؟، سال؟، سيوهڻ ميلا ڪميٽي.
ڪتاب ۾ قلندر شهباز جي باري ۾ مضمون، مقالا ۽
شاعري موجود آهي.
130. لعل شهباز قلندر:
مرتب: شهناز نور ۽ آفتاب ابڙو، ڇاپو؟، سال؟،
محڪمئه اطلاعات کاتو حڪومت سنڌ ڪراچي.
هن ڪتاب ۾ قلندر شهباز جي باري ۾ مقالا، مضمون ۽
شاعري شامل آهي.
131. قلندر لعل شهباز
جي سالياني عرس سال 2019ع جي موقعي تي شايع ٿيل
سووينيئر. (نوٽ: هن سووينيئر جو نالو معلوم نه ٿي
سگهيو، ڇاڪاڻ ته هي سوينيئر ڏسي نه سگهيو آهيان.
هن سووينيئر جو مرتب: انور ساگر ڪانڌڙو آهي(62).
حضرت قلندر لعل شهباز جي سوانح، شاعري ۽ فڪر متعلق
اردو ۾ لکيل ڪتاب:
132. آئينه سڪندر تذڪره لعل شهباز قلندر:
مصنف: خليفه فتح محمد سيوهاڻي (حڪيم فتح محمد
سيوهاڻي) ڇاپو؟، سال 1323هه، مُنشي رام اگروال
تاجر ڪتب لاهور.
133. نذر شهباز:
مرتب؟، سال 1965ع، محڪمئه اطلاعات سنڌ؟(63)
134. سيرت سيد عثمان مروندي:
مصنف: مولوي غلام مصطفيٰ دادوي، ڇاپو پهريون، سال
شايد 1968ع، سيوهڻ.
ڪتاب ۾ سوانح کان پوءِ قلندر لعل جو فارسي ڪلام
ڏنو ويو آهي ۽ اُن سان گڏوگڏ، مصنف طرفان اُن جو
نثري اردو ترجمو ڏنو ويو آهي.
135. ضياءُالشهباز:
مصنف: رئيس ضياءُالدين ايس.بلبل، ڇاپو پهريون
1972ع، قلندر شهباز اڪيڊمي (؟)
136. تاج الاولياءُ حضرت لعل شهباز قلندر:
مرتب: نامعلوم، ڇاپو؟، سال 1974ع، محڪمئه اطلاعات
سنڌ ڪراچي.
هن مختصر ڪتاب ۾ قلندر شهباز جي مختصر سوانح سان
گڏ قلندر لعل جي سيوهڻ ۾ موجود آثارن جون تصويرون
به ڏنيون ويون آهن.
137. ديارِ قلندر:
مصنف: عنايت الله ڀٽو، ڇاپو؟، سال 1975ع،
خيرپورميرس.
مولانا محمد ادريس السندي، غلطي مان هن ڪتاب جو
نالو ”ديارِ قلندر“ لکيو آهي(64). ڪتاب ۾ سوانح
کانپوءِ قلندر لعل جو ڪجهه ڪلام به ڏنو ويو آهي ۽
اُن بعد سيوهڻ جي تاريخ ۽ آثارن تي به ڪجهه مواد
شامل ڪيو ويو آهي.
138. ماهنامه اظهار ڪراچي:
ماهه جولاءِ 1979ع، قلندر لعل شهباز نمبر، محڪمئه
اطلاعات حڪومت سنڌ ڪراچي.
139. ماهنامه پيغام ڪراچي:
ماه ؟، 1979ع، قلندر لعل شهباز نمبر، محڪمئه
اطلاعات حڪومت سنڌ ڪراچي(65).
140. مستو مست قلندر لعل:
از: تنوير بخاري، ڇاپو پهريون 1984ع، پنجابي
ڪلچرل سينٽر ڪڙيان ڪلان ضلع گوجرانوالا.
هي ڪتاب دراصل پنجابي زبان ۾ آهي ۽ سمورو منظوم
آهي، جيڪو مصنف طرفان قلندر لعل جي شان ۾ چيل آهي.
141. شهباز قلندر (سيرت اور سوانح):
از: ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، مترجم: سيد معراج نير،
ڇاپو؟، سال 1988ع، مڪتبئه عاليه لاهور(66).
142. سنڌ ڪي تين عظيم شاعر:
(حضرت قلندر لعل شهباز، حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي
اور حضرت سچل سرمست) مصنف: اثر فاضلي، ڇاپو؟، سال
1992ع، اداره فڪر و نظر ڪراچي.
مصنف هن ڪتاب ۾ مٿي ڄاڻايل بزرگن جي مختصر سوانح
کان پوءِ ڪتاب ۾ سنڌ جا ٽي عشقيه داستان، سسئي
پنهون، نوري ڄام تماچي ۽ عمر ماروي به ڏنا آهن.
143. سوانح حضرت لال شهباز قلندر:
از: مختيار احمد ڪاشف، ڇاپو پهريون 1992ع، سخن
دوست ڪراچي.
144. سوانح شهباز:
مصنف: عبيدالله دشتي، ڇاپو ٽيون 1995ع، محڪمئه
اوقاف سنڌ حيدرآباد.
ڪتاب جي نالي جي هيٺان لکيل آهي، ”حضرت مخدوم حافظ
محمد عثمان مروندي رح ڪي حالات زندگي،
روحاني ڪمالات، ارتقا، زهد و تقويٰ، رشد و هدايت
ڪي داستان.“ هن جو پهريون ڇاپو سال 1987ع ۾ شايع
ٿيو(67).
145. سوانح قلندر:
(سوانح سيد عثمان قلندر شهباز) مصنف: ڊاڪٽر ميمڻ
عبدالمجيد سنڌي، ڇاپو پهريون 1995ع، محڪمئه اوقاف
سنڌ حيدرآباد.
هن جو ٻيو ڇاپو سال 2007ع، ۾ روشني پبليڪيشن
ڪنڊياري طرفان شايع ٿيو(68).
146. الشهباز:
مصنف: جليل سيوهاڻي، ڇاپو ٻيو 1996ع، اداره شهباز
سيوهڻ شريف سنڌ.
هن جو پهريون ڇاپو سال 1973ع ۾ شايع ٿيو، مولانا
محمد ادريس السندي، هن ڪتب جو پهريون ڇاپو غلطي
مان 1963ع، ٽيون ڇاپو سال 1997ع، چوٿون ڇاپو سال
1998ع، پنجون ڇاپو سال 1999ع، ڇهون ڇاپو سال 2001ع
۽ ستون ڇاپو سال 2004ع ڄاڻايو آهي(69).
147. قلندرنامه:
حضرت عثمان مرونديرح المعروف به لعل
شهباز قلندر بمع تحفة الذاڪرين، از: ابوالسراج
محمد طفيل احمد نقشبندي و قادري ٺٽوي، ڇاپو ٻيو
1997ع، مڪتبئه مجدديه نعيميه ملير ڪراچي.
هن ڪتاب جو هڪ ٻيو ڇاپو ”قلندر نامه حضرت محمد
عثمان مروندي رح المعروف به لعل شهباز
قلندر“ جي نالي سان ٽيون دفعو سال 2005ع ۾ مڪتبئه
صاحبزاده سراج احمد، دربار سيد عبدالله شاهه
اصحابي رح مڪلي شريف(ٺٽو) سنڌ پاران به
شايع ٿيل آهي.
148. شهباز ولايت حضرت حافظ سيد محمد عثمان مروندي
سيوهاني المعروف لال شهباز قلندر:
مصنف: پير سيد محمد زين العابدين راشدي، ڇاپو؟،
سال 1998ع، السادات اڪيڊمي لاڙڪانه.
149. سيرت پاڪ حضرت عثمان مروندي المعروف حضرت لعل
شهباز قلندر رح:
مصنف: سيد ارتضيٰ علي ڪرماني، ڇاپو؟، سال 2001ع،
عظيم اينڊ سنز پبلشرز لاهور.
ڪتاب ۾ سوانح کانپوءِ قلندر شهباز جو ڪجهه ڪلام به
ڏنو ويو آهي. ڪتاب ۾ سوانح سان گڏ سيوهڻ ۾ قلندر
لعل سان وابسته چند آثارن جون تصويرون به شامل
ڪيون ويون آهن.
150. سوانح حيات حضرت سيد عثمان مروندي المعروف
لعل شهباز قلندر رح:
مصنف: پير ملڪ محمد اشرف نقشبندي، ڇاپو پهريون
2001ع، شمع بوڪ ايجنسي لاهور.
151. قلندرم مستم:
از: محمد اشرف شريف، ڇاپو پهريون 2002ع، نوريه
رضويه پبليڪيشنز لاهور.
152. ماهنامه اظهار ڪراچي:
ماه ؟،
2004ع، قلندر شهباز نمبر، محڪمئه اطلاعات حڪومت
سنڌ ڪراچي.
153. اڙهائي (اڍائي) قلندررح، حضرت سيد
بو علي قلندر رح، حضرت لعل شهباز
قلندر، حضرت رابعه بصري قلندر رح:
از: حڪيم لياقت علي سهروردي، ڇاپو؟، سال 2005ع،
دانش پبليڪيشنز لاهور.
هن ڪتاب ۾ قلندر لعل شهباز جي تفصيلي سوانح کان
علاوه مٿي ڄاڻايل ٻن بزرگن جو احوال به تفصيل سان
ڏنو ويو آهي، جن کي پڻ قلندر سڏيو وڃي ٿو.
154. تذڪره حضرت سيد عثمان مروندي المعروف سخي لعل
شهباز قلندر رح:
از: محمد محسن. ڇاپو؟، سال 2006ع، اداره پيغام
القرآن لاهور.
اهڙيءَ طرح اهو ساڳيو ڪتاب شهباز ڪي حيات و
تعليمات، ڪرامات ڪا تذڪره، حضرت عثمان مروندي
المعروف حضرت لعل شهباز قلندررح جي
عنوان سان به (سال؟) عمر بڪ سنز لاهور مان شايع
ٿيل آهي.
155. لعل شهباز قلندر رح:
مرتب: احمد ضياءُ، ڇاپو پهريون 2006ع، سنڌ بوڪ ڪلب
نوابشاهه، حيدرآباد
ڪتاب جي نالي هيٺان لکيل آهي ته ”حضرت قلندر لعل
شهباز کي زندگي ڪا احوال اور ڪرامتين.“
156. حضرت سيد عثمان مروندي رح:
حضرت قلندر لعل شهباز، مرتب: محمد الياس، ڇاپو
پهريون 2007ع، فينسي آرٽ پبليڪيشنز ڪراچي.
157. سيد عثمان مروندي المعروف حضرت لعل شهباز
قلندر رح:
حيات، افڪار و تعليمات، مصنف: محمد عامر چشتي،
ڇاپو؟، سال 2008ع، حق پبليڪيشنز لاهور.
158. تذڪره المخدوم سيد حضرت عثمان مروندي المعروف
سخي لعل شهباز قلندر رح:
مرتب: پيرزاده مخدوم علي احمد صابر، ڇاپو؟، سال
2009ع، حق پبليڪشنز سنٽر(؟).
159. سيرت حضرت سخي لال شهباز قلندر رح:
از: حڪيم سيد خاور حسين قادري، ڇاپو؟، سال 2012ع،
مڪتبئه سراج منير لاهور.
160. لعل شهباز قلندر رح،
رقاص، وجد و بيخودي:
مصنف: پروفيسر ڊاڪٽر محمود علي شاهه، ڇاپو پهريون
2013ع، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو.
161. سيرت حضرت لعل شهباز قلندر رح:
از: قادري گلزار احمد مدني، ايڊيشن پهريون 2013ع،
اسلام بوڪ ڊپو لاهور.
162. فيضان عثمان مروندي رح:
لعل شهباز قلندر، مصنف: نامعلوم، ڇاپو پهريون
2014ع، مڪتبئه المدينه، مرڪز فيضان مدينه ڪراچي.
163. سيرت طيبه حضرت لعل شهباز قلندر:
از: محمد يوسف قادري، ايڊيشن پهريون 2014ع، ثناء
پبليڪيشنز ڪراچي.
164. احوال و آثار لعل شهباز قلندر:
مرتب: ڊاڪٽر نواز علي شوق، ايڊيشن؟، سال 2014ع،
محڪمئه ثقافت حڪومت سنڌ ڪراچي.
165. لعل شهباز ڪي سئو واقعات:
از: سيد غلام مصطفيٰ، ڇاپو؟، سال 2015ع؟(70)
166. شهباز قلندر:
سلسله نمبر 1، 2016ع، اداره تنظيم الفقراءُ سيوهن،
مرتب نامعلوم.
هي سووينيئر قلندر شهباز جي سوانح متعلق مختلف
محققين جي مقالن ۽ مضامين جو مجموعو آهي.
167. سرتاج اولياءَ حضرت قلندر لعل شهباز رح:
مرتب: انور ساگر، ايڊيشن پهريون 2017ع، شهباز ميلا
ڪميٽي ڄام شورو.
هي ڪتاب قلندر لعل شهباز جي سوانح متعلق مختلف
ليکڪن جي لکيل مضمونن ۽ مقالن جو مجموعو آهي.
168. حضرت سيد عثمان مروندي المعروف شهباز قلندر
رح ڪي شان ۾ پرواز قلندر:
از: صوفي شوڪت رضا، ايڊيشن؟، سال 1423هه، بزم رضا
اويسي ڪراچي.
169. حضرت لعل شهباز قلندر:
از: سيد محمد عارف علي قادري، ڇاپو؟، سال؟،
ڪراچي(71).
170. سوانح عمري حضرت لعل شهباز قلندر سيهون شريف:
از: شاهه مانا ميان قادري چشتي پيلي ڀيتي، ڇاپو؟،
سال؟، امين برادرز ڪراچي.
ڪتاب جي سرورق کان پوءِ ٻئي ورق تي هن ڪتاب جونالو
”سوانح حيات حضرت لعل شهباز قلندر رح
اور عبدالله شاهه اصحابي ٺٽه، عبدالله شاهه غازي
ڪراچي، شاهه عبداللطيف ڀٽائي، سچل سرمست اور مڪلي
ٺٽه ڪي مشهور اولياءَ الله ڪا مڪمل بيان“ لکيل
آهي.
هن ڪتاب جو گل محمد سولنگي قلبي ”سوانح حيات حضرت
قلندر لعل شهباز“ جي نالي سان سنڌي ترجمو ڪيو آهي.
جنهن جو مٿي سنڌي ڪتابن ۾ ذڪر ڪيو ويو آهي.
171. جستجوءِ قلندر، بياض فراقي:
از: غوث بخش فراقي، ڇاپو؟، سال؟، درگاهه شريف حضرت
قلندر لعل شهباز مروندي سهون شريف،
هن ڪتاب ۾ قلندر لعل شهباز جي سوانح کانپوءِ، مصنف
ڪجهه پنهنجو ڪلام به ڏنو آهي جيڪو قلندر لعل جي
شان ۾ چيو ويو آهي، آخر ۾ ٿورو ڪلام قلندر شهباز
جو به شامل ڪيو ويو آهي.
172. لال شهباز قلندر (سوانح عمري):
مصنف: نامعلوم، ايڊيشن؟ سال؟، شمع بڪ ڊپو سکر.
ڪتاب ۾ قلندر شهباز جي سوانح کان پوءِ آخر ۾ ٿورو
ڪلام قلندر شهباز جو به ڏنو ويو آهي ۽ اُن کان
پوءِ سيوهڻ ۾ موجود قلندر لعل سان منسوب چند آثارن
جون تصويرون به شامل ڪيون ويون آهن.
173. حضرت لعل شهباز قلندر رح:
مترجم: سعيد احمد ڀٽو، ڇاپو؟، سال؟، شمع بڪ ڊپو
حيدرآباد.
خبر نه پئجي سگهي آهي ته مترجم ڪهڙي ڪتاب جو هيءُ
ترجمو ڪيو آهي ۽ اُهو ڪتاب ڪهڙي زبان ۾ هو. ڪتاب ۾
قلندر جي سوانح کانپوءِ آخر ۾ قلندر لعل جو ڪجهه
ڪلام به شامل ڪيو ويو آهي.
174. حضرت سيد عثمان مروندي رح حضرت
لعل شهباز قلندر رح:
مرتب: محمد الياس عادل، ڇاپو؟، سال؟، مشتاق بوڪ
ڪارنر لاهور.
175. حضرت لعل شهباز قلندر:
مڪمل حالات زندگي، حيات، خدمات اور ڪرامات، مرتب:
علامه روح الاسدي، ايڊيشن ؟، سال؟، اسدي پبليڪيشن
حيدرآباد
عرس مبارڪ جو خاص تحفو.
176. حيات مبارڪ حضرت لعل شهباز قلندر رح:
مڪمل شجره نسب ڪي ساٿ، مرتب: علامه روح الاسدي،
ايڊيشن ؟، سال؟، اسدي پبليڪيشن حيدرآباد.
177. شانِ قلندر المعروف اڙهائي (اڍائي) قلندر:
(حضرت رابعه بصريرح، حضرت لعل شهباز
قلندر رح، حضرت بوعلي شاهه قلندر
رح) مرتب: محمد الياس عادل ڇاپو؟، سال؟،
مشتاق بوڪ ڪارنر لاهور.
هن ڪتاب ۾ مرتب قلندر لعل جي سوانح سان گڏ مٿي
ڄاڻايل ٻين بزرگن جي سوانح به تفصيل سان شامل ڪئي
آهي.
178. حضرت لعل شهباز قلندر رح:
پيڪر زهد، عالم باعمل، ولي ڪامل ڪي داستان حيات،
از: ڪامران اعظم، ايڊيشن ؟، سال؟، عمر سنز لاهور.
179. سيرت پاڪ حضرت لعل شهباز قلندر:
مرتب: مفتي محمد راشد نظامي، ايڊيشن ؟، سال؟،
مڪتبئه حاجي نياز احمد ملتان.
حضرت لعل شهباز قلندر جي حالات ۽ واقعات تي هڪ
مستند ڪتاب.
180. حالات واقعات اور ڪرامات سيد عثمان مروندي رح
المعروف حضرت لعل شهباز قلندر:
مرتب: شهاب شيخ، ايڊيشن ؟، سال؟، شمع بڪ ايجنسي
ڪراچي.
181. قلندررح:
از: حڪيم لياقت سهروردي، ايڊيشن؟ سال؟، دانش
پبليڪيشنز لاهور.
هن ڪتاب ۾ حضرت سيد بوعلي شاهه قلندر رح، حضرت لعل
شهباز قلندر رح، حضرت عوث علي شاهه رح ۽ حضرت
رابعه بصري قلندر رح جو مفصل احوال ڏنو ويو آهي.
182. قلندر شهباز ڪي همعصر اولياءِ ملتان:
از: غضنفر مهدي ملتاني، ڇاپو؟، سال ؟، ؟
183. لال شهباز قلندر:
از: قادري احمد، ايڊيشن ؟، سال؟، ؟
184. حضرت لعل شهباز قلندر:
از: سليم يزداني، ڇاپو؟، سال؟ سنگ ميل پبليڪيشنز
لاهور.
185. لال شهباز قلندر:
مصنف: نامعلوم، ايڊيشن؟، سال؟، تاجران ڪتب ڪراچي.
186. تذڪره مشايخ سيوستان:
از: قاسم محمود، ايڊيشن؟، سال؟، شاهڪار؟(72)
187. حضرت لعل شهباز قلندر:
از: سيد دائود حسين، ڇاپو ؟، سال؟، سنڌ بوڪ ڪلب
نوابشاهه، حيدرآباد
188. شهباز قلندر:
از: آغا مهدي لکنوي، ايڊيشن؟، سال؟ رحمت الله بڪ
ايجنسي ڪراچي(73).
189. تذڪره حضرت سخي لعل شهباز:
از: امير علي خان، ايڊيشن؟ سال؟، القائم ٽريڊرز
لاهور(74).
190. سوانح حيات حضرت لعل شهباز قلندر:
از: حڪيم قاري احمد پيلي ڀيتي، ايڊيشن ؟ سال؟(75).
191. لال شهباز قلندر:
از: سيد اشتياق حسن اظهر، ايڊيشن؟ سال ؟؟(76).
192. قلندر شهباز:
از: محمد حسين، ايڊيشن؟ سال؟؟(77).
193. انوار قلندر:
از: خليل الرحمان، ايڊيشن؟ سال؟؟(78).
194. احوال لعل شهباز قلندر:
از: ياسين فخري (قلمي)(79).
195. گلزار قلندر:
از: محمد پريل سولنگي سيوهاڻي (قلمي)(80).
حضرت قلندر لعل شهباز جي سوانح، شاعري ۽ فڪر متعلق
انگريزي ۾ لکيل ڪتاب:
196. Hazrat Shah Shahan Lal Shahbaz Qalandar:
by: Syed Dinal Shah Darbelvi.
هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو سال 1948ع ۾ خود
مصنف شايع ڪرايو، هن جو ٻيو ڇاپو 2012ع ۾ ثقافت
کاتو حڪومت سنڌ ڪراچي پاران شايع ٿيو.
197. Zia-Ush-Shahbaz: by:Zia-u-din,
S.Bulbul, Ed: First 1966, Qalandar Shahbaz
Memorial Committee Sehwan, Second Edition 1972,
Qalandar Shahbaz Academy Hyderabad.
198. Qalandar Lal Shahbaz: Edit ? Year
1970, Department of public Relation, Govt, of
Sindh Karachi.
199. Lal Shahbaz Qalandar: by: Prof: Dr.
Nabi Bux.G. Qazi, Ed: First 1971, R.C.D Cultural
Institute west Pakistan Lahore.
200.Hazrat Qalandar Lal Shahbaz of Sehwan
Sharif: by: Inam Muhammed Ed: First 1978,
Royal book company Karachi.
201. At the Shirine of the Red sofi: five
days and nights on pilgrimage in Pakistan,
(Translated from German, by: Jane Ripken). by:
Jurgen wesim frembgen, Ed: First 2011, Oxford
University press Karachi.
202. Artefacts of Devotion, A Sufi
Repertoire of the Qalandariyya in Sehwan Sharif,
Sindh, Pakistan, by: Michel Boivin/carl,
W.Ernst, Ed: First 2011, Oxford University Press
Karachi.
203. The Beggar Saint of Sehwan and other:
Sketches of Sindh, by: Dr. Adrian Duarte, Ed: ?
year? Oxford University press Karachi.
204. Qalander Lal Shahbaz: by: ?, Ed: ?,
Year?, Department of Public Relation, Govt of
Sindh Karachi.
205. Gulzar-e-Qalandar: by: Muhammad
Paryal Solangi,
(قلمي)
206. قلندر ۽ اُن سان لاڳاپيل مسلڪ:
مصنف: سائمن ڊگبي.
اصل ۾ هي ڪتاب انگريزي ۾ لکيل آهي، جنهن جي اصل
نالي جي خبر پئجي نه سگهي آهي ۽ نه وري اها خبر
پئجي سگهي آهي ته اُهو اصل ڪتاب ڪڏهن ۽ ڪٿان شايع
ٿيو هو. هن ڪتاب جو سنڌي ترجمو مٿئين نالي سان
ڊاڪٽر نواز علي شوق ڪيو آهي، جنهن جو مٿي سنڌي
ڪتابن ۾ ذڪر ڪري آيا آهيون.
حضرت قلندر لعل شهباز جي سوانح، شاعري ۽ فڪر متعلق
سنڌي، اردو ۽ انگريزي ٽنهي زبانن ۾ گڏيل لکيل ڪتاب:
207. لعل شهباز قلندر (سو وينيئر):
سال 1984ع، مرتب: صلاح الدين پنهور، لعل شهباز
ميلا ڪميٽي سيوهڻ.
عرس مبارڪ حضرت محمد عثمان مروندي 730 ورسي جي
موقعي تي شايع ٿيو، هن سووينيئر ۾ سنڌي مضمونن ۽
مقالن کان علاوه صرف هڪ عدد انگريزي مضمون شامل
آهي، ڪوبه اردو مضمون يا مقالو هن ۾ نه آهي.
208. سنڌڙي جو شهباز (سو وينيئر):
سال 1985ع، مرتب: شمس جعفراڻي، قلندر شهباز ميلا
ڪميٽي دادو.
حضرت عثمان مروندي قلندر لعل شهباز جي 731هين عرس
مبارڪ جي موقعي تي شايع ڪيل.
209. دما دم مست قلندر:
(سلور جوبلي نمبر) سال 1987ع، مرتب: نظام الدين
جتوئي ۽ تاج صحرائي، قلندر شهباز ميلا ڪميٽي؟
هي ڪتاب حضرت قلندر لعل شهباز جي 733هين عرس مبارڪ
جي موقعي تي شايع ڪيو ويو.
210. لڄ پال قلندر:
(سووينيئر نمبر 6) سال 1989ع، مرتب: عاشق عارباڻي
۽ صلاح الدين پنهور، شهباز ميلا ڪميٽي، سيوهڻ
شريف.
حضرت قلندر لعل شهباز جي 735هين عرس مبارڪ جي
موقعي تي شايع ڪيل.
211. دما دم مست قلندر:
(سووينيئر) سال 1990ع، مرتب: شمس جعفراڻي، قلندر
شهباز ميلا ڪميٽي دادو.
حضرت قلندر لعل شهباز جي 736هين عرس مبارڪ جي
موقعي تي شايع ڪيل.
212. سخي شهباز قلندر:
(عرس مبارڪ) سووينيئر نمبر 8 سال 1991ع، مرتب: تاج
محمد صحرائي، قلندر شهباز ميلا ڪميٽي سيوهڻ.
213. حيدريم قلندرم مستم:
(سووينيئر) سال 1992ع، مرتب: تاج محمد صحرائي،
صلاح الدين پنهور ۽ عاشق عارباڻي، قلندر شهباز
ميلا ڪميٽي دادو.
حضرت قلندر لعل جي 738هين عرس جي موقعي تي شايع
ٿيل.
214. دما دم مست قلندر:
(سووينيئر) سال 1994ع، مرتب: تاج صحرائي ۽ صلاح
الدين پنهور، لعل شهباز قلندر ميلا ڪميٽي؟
حضرت لعل شهباز جي 741هين عرس مبارڪ جي ياد ۾ شايع
ڪيو ويو.
هن سووينيئر ۾ ڪوبه اردو مضمون يا مقالو شامل نه
آهي.
215. مست قلندر:
(سووينيئر) سال 1995ع، مرتب: تاج صحرائي، عاشق
عارباڻي ۽ صلاح الدين پنهور.
حضرت قلندر لعل شهباز جي 742هين عرس مبارڪ جي
موقعي تي هديئه تبرڪ طور شايع ڪيو ويو.
216. دم مست قلندر:
(سووينيئر) سال 1996ع، مرتب: تاج صحرائي، سيد ظفر
ڪاظمي ۽ صلاح الدين پنهور، قلندر لعل شهباز ميلا
ڪميٽي؟
حضرت قلندر لعل شهباز جي 743هين عرس مبارڪ جي
موقعي تي عقيدت جي نذراني طور شايع ڪيو ويو.
217. لعل قلندر جهولي لعل:
(سووينيئر) سال 1997ع، مرتب: تاج محمد صحرائي ۽
صلاح الدين پنهور، قلندر لعل شهباز ميلا ڪميٽي؟
حضرت قلندر لعل شهباز جي 744هين عرس مبارڪ جي
موقعي تي عقيدت جي اظهار طور شايع ڪيو ويو.
218. سخي شهباز قلندر:
مرتب: شهناز قريشي ۽ آفتاب ابڙو، ڇاپو 2002ع،
اطلاعات کاتو حڪومت سنڌ ڪراچي.
حضرت قلندر لعل شهباز جي عرس جي موقعي تي خاص
اشاعت.
219. عرسِ
قلندر
(Urs-e-Qalandar):
(سووينيئر) سال 2004ع، مرتب: عاشق عارباڻي، قلندر
شهباز ميلا ڪميٽي؟
حضرت قلندر لعل شهباز جي 751هين عرس مبارڪ جي
موقعي تي اظهار عقيدت طور شايع ٿيو.
220. لعل شهباز قلندر:
ڇاپو سال 2005ع، مرتبين: شهناز نور، صفورا خيري،
ممتاز حسين ۽ آفتاب ابڙو، محڪمئه اطلاعات و
آرڪائيوز حڪومت سنڌ ڪراچي.
حضرت قلندر لعل شهباز جي عرس جي موقعي تي خاص
اشاعت(81).
221. قلندر شهباز هڪ مطالعو:
مرتب: نفيس احمد شيخ، ڇاپو پهريون 2007ع، شهباز
ميلا ڪميٽي ڊسٽرڪٽ گورنمينٽ ڄام شورو.
222. دما دم مست قلندر، حضرت لعل شهباز رح،
هڪ مطالعو:
مرتب: انور ساگر ڪانڌڙو، ڇاپو پهريون 2008ع، شهباز
ميلا ڪميٽي ڊسٽرڪٽ گورنمينٽ ڄام شورو.
223. قلندر جهولي لعل:
(سووينيئر) سال 2009ع، مرتب: انور ساگر ڪانڌڙو،
شهباز ميلا ڪميٽي ڊسٽرڪٽ گورنمينٽ ڄام شورو.
حضرت قلندر لعل شهباز رح جي 757هين عرس
مبارڪ جي موقعي تي اظهار عقيدت طور شايع ڪيو ويو.
224. سرمست قلندر:
(سووينيئر) سال 2001ع، مرتب: انور ساگر ڪانڌڙو،
شهباز ميلا ڪميٽي ڊسٽرڪٽ گورنمينٽ ڄام شورو.
حضرت لعل شهباز قلندر جي 759هين عرس مبارڪ جي
موقعي تي اظهار عقيدت طور شايع ڪيو ويو.
225. قلندرم مستم:
مرتب: انورساگر ڪانڌڙو ۽ احمد خان سهاڳ، ڇاپو
پهريون 2012ع، شهباز ميلا ڪميٽي ضلعو ڄام شورو.
هن ڪتاب جي سرورق کان بعد واري ورق تي ڪتاب جو
نالو ”قلندرم مستم، حضرت قلندر لعل شهباز رح هڪ
مطالعو“ لکيل آهي.
226. لعل شهباز قلندر:
(سووينيئر) سال 2012ع، مرتب: ڊاڪٽر محمد علي
مانجهي ۽ ڊاڪٽر نواز علي شوق، ثقافت کاتو حڪومت
سنڌ ڪراچي.
حضرت قلندر لعل شهباز جي 760هين عرس جي موقعي تي
خاص اشاعت.
227. قلندر شهباز هڪ مطالعو:
مرتب: منظور احمد قناصرو، ڇاپو پهريون 2013ع،
ثقافت کاتو حڪومت سنڌ ڪراچي.
228. قلندر مرشد لعل:
(سووينيئر) سال 2013ع، مرتب: انور ساگر ڪانڌڙو،
شهباز ميلا ڪميٽي ضلعو ڄام شورو.
حضرت قلندر لعل شهباز جي 761هين عرس مبارڪ جي
موقعي تي اظهارِ عقيدت طور شايع ڪيل.
229. قلندر لعل سيوهاڻي:
(سووينيئر) سال 2014ع، مرتب: انور ساگر ڪانڌڙو،
شهباز ميلا ڪميٽي ضلعو ڄام شورو.
حضرت قلندر لعل شهباز جي 762هين عرس مبارڪ جي
موقعي تي اظهارِ عقيدت طور شايع ڪيو ويو.
230. لڄپال قلندر:
(سووينيئر) سال 2015ع، مرتب: انور ساگر ڪانڌڙو،
شهباز ميلا ڪميٽي ضلع ڄام شورو.
حضرت قلندر لعل شهباز جي 763هين عرس جي موقعي تي
اظهارِ عقيدت طور شايع ڪيو ويو.
231. سيوهڻ جي سرڪار:
مرتب: منظور احمد قناصرو، ڇاپو پهريون 2016ع،
ثقافت ۽ سياحت کاتو حڪومت سنڌ ڪراچي.
هن ڪتاب جي سرورق کان پوءِ ٻئي ورق تي ڪتاب جي
مذڪوره نالي سان گڏ ڏنگين ۾ (763هين عرس مبارڪ تي
پڙهيل مقالا ۽ شاعري) لکيل آهي،.
232. حيدريم قلندريم:
(سووينيئر) سال 2016ع، مرتب: انور ساگر ڪانڌڙو،
شهباز ميلا ڪميٽي ضلعو ڄام شورو.
حضرت قلندر لعل شهباز جي 764هين عرس مبارڪ جي
موقعي تي اظهارِ عقيدت طور شايع ڪيل.
233. سر بازار مي رقصم:
(سووينيئر) سال 2017ع، مرتب: انورساگر ڪانڌڙو،
شهباز ميلا ڪميٽي ضلعو ڄام شورو.
حضرت قلندر لعل شهباز جي 765هين عرس مبارڪ جي
موقعي تي اظهارِ عقيدت طور شايع ڪيو ويو.
234. لال شهباز قلندر:
سنڌي ترجمو: عزيزالرحمان ٻگهيو، اردو ترجمو: سيد
سخاوت علي خسرو، ڇاپو؟، سال؟
هن ڪتاب کي خود مصنف انعام محمد ڪراچي مان شايع
ڪرايو. ياد رکڻ گهرجي ته هي ڪتاب انعام محمد جي
انگريزي ڪتاب
(Hazrat Lal Shahbaz Qalander of Sehwan)
جو سنڌي ۽ اردو ترجمو آهي، ڪتاب جي آخر ۾ مصنف جو
انگريزي متن به ڏنو ويو آهي.
ياد رکڻ گهرجي ته حضرت قلندر لعل شهباز سيوهاڻي
رح جي 730هين عرس مبارڪ يعني سال 1984ع
کان هر سال ”لعل شهباز ميلا ڪميٽي“ پاران
”سووينيئر“ شايع ڪرڻ جو سلسلو شروع ٿيو، جيڪو
هلندي هلندي اڄ تائين يعني 767هين عرس مبارڪ يعني
سال 2019ع تائين جاري آهي.
اسان کي اُنهن مٿي ڄاڻايل عرس مبارڪن جي موقعن تي
هر سال مختلف نالن سان شايع ڪرايل جيڪي سووينيئر
هٿ اچي سگهيا آهن يا معلوم ٿي سگهيا آهن، تن سڀني
جو اندراج ۽ مختصر تعارف مٿي پيش ڪيو آهي. ۽ جيڪي
سووينيئر باوجود ڪوشش جي هٿ نه اچي سگهيا آهن يا
معلوم نه ٿي سگهيا آهن، تن جو اندراج به هتي شامل
نه ٿي سگهيو آهي، سي عرس مبارڪن جي لحاظ سان هي
آهن:
عرس مبارڪ 732، 734، 739، 740، 745، 746، 747،
748، 749، 750، 752، 753، 754، 755، 756، 758 ۽
766 وغيره، اهي سووينيئر عيسوي سالن جي ترتيب سان
هن طرح آهن:
1986ع، 1988ع، 1993ع، 1998ع، 1999ع، 2000ع، 2001ع،
2002ع، 2003ع، 2005ع، 2006ع، 2007ع، 2008ع، 2010ع
۽ 2018ع وغيره.
حوالا ۽ واڌارا:
1)
|
سيد عبدالقادر ٺٽوي، حديقة الاولياء،
مرتب: سيد حسام الدين راشدي، ڇاپو
پهريون 1967ع، سنڌي ادبي بورڊ
حيدرآباد، صفحو 07 کان 10 مقدمو. |
2)
|
مرتب نامعلوم، قلندر جهولي لال
(757هون عرس مبارڪ حضرت لعل شهباز
قلندر) سووينيئر 2009ع، هن سووينيئر
جي شايع ٿيڻ جو هنڌ به معلوم نه ٿي
سگهيو، صفحو 35 کان 37.
اهڙي طرح مولانا ڊاڪٽر محمد
ادريس السندي صاحب، پنهنجي مرتب ڪيل
ڪتاب ”قلندر ۽ قلندري مشرب“ (مصنف:
علامه غلام مصطفيٰ قاسمي) جي مقدمي ۾
صفحي 08 کان 23 تي، اهڙن ڪتابن جو
واڌارو ڪري سنڌي 56 عدد، اردو 17 عدد،
انگريزي 05 عدد ۽ اِنهي ٽنهي ٻولين ۾
گڏيل لکيل 17 عدد ۽ فارسي جي هڪ عدد،
ڪتابن جو مختصر تعارف ڏنو آهي. |
3)
|
خيرمحمد ٻرڙو سيوهاڻي، سيوهڻ صدين
کان، ڇاپو پهريون 2009ع، مراد
پبليڪيشن سيوهڻ، صفحو 377 ۽ 453 کان
456 تائين. |
4)
|
عبدالغفور بن حيدر سيوستاني، تذڪره
مشايخ سيوستان (مرتب: سيد حسام الدين
راشدي ۽ ڊاڪٽر غلام محمد لاکو، سنڌي
ترجمو: نياز همايوني) ڇاپو پهريون
2010ع، شهباز ميلا ڪميٽي ضلع حڪومت
ڄام شورو، صفحو 12 ۽ 13 مقدمو. |
5)
|
آزاد انور ڪانڌڙو (مرتب)، سنڌڙي جو
شهباز قلندر، ڇاپو پهريون 2012ع،
ثقافت کاتو حڪوڪت سنڌ ڪراچي، صفحو 08
۽ 09. |
6)
|
Richard, F.Burton, Sindh and the
Races that in habit the valley of
the Indus, Ed: II, 1988, Indus
Publication Karachi, P 139. |
7)
|
رچرڊ برٽن، سنڌ ۽ سنڌوماٿري ۾ وسندڙ
قومون، سنڌي ترجمو: محمد حنيف صديقي،
ڇاپو پهريون 1995ع، سنڌي ادبي بورڊ
ڄام شورو، ص 128. |
8)
|
مير حاجن مير، سيوهڻ جون ادبي
شخصيتون، ڇاپو پهريون 2014ع، سچائي
اشاعت گهر دڙو، ص 32. |
9)
|
مولانا ڊاڪٽر عبدالله کوسو، مخدوم
جعفر بوبڪائي (سوانح حيات، علمي ۽
ادبي خدمات)، ڇاپو پهريون 2012ع، سنڌي
ادبي بورڊ
ڄام شورو، صفحو 369 ۽ 370. |
10)
|
مخدوم سليم الله صديقي (مرتب)، مخزن
مخطوطات، جلد پهريون، ڇاپو پهريون
2013ع، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو، ص
105.
(نوٽ: هن ڪتاب جو مرتب لکي ٿو
ته، ”رساله عشقيه جو اهو قلمي نسخو،
سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو جي لائبرري ۾
موجود آهي ۽ هن جا 255 ورق آهن“.) |
11)
|
ڊاڪٽر محمد علي مانجهي (مرتب)، قلندر
لعل شهباز (احوال و آثار) ڇاپو پهريون
2010ع، ثقافت کاتو حڪومت سنڌ ڪراچي، ص
84. |
12)
|
تحقيق، نمبر 10 ۽ 11، سال 97-1996ع،
شعبه اردو، سنڌ يونيورسٽي ڄام شورو، ص
581. |
13)
|
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، سنڌي ٻولي ۽
ادب جي تاريخ، ڇاپو ٽيون 1990ع،
پاڪستان اسٽڊي سينٽر، سنڌ يونيورسٽي
ڄام شورو، ص 417. |
14)
|
شاهه مانا ميان قادري چشتي، سوانح
عمري حضرت لعل شهباز قلندر، طبع وسال
نامعلوم، امين برادرز ڪراچي، ص 35. |
15)
|
حڪيم مولوي فتح محمد سيوهاڻي،
قلندرنامو سنڌي، ڇاپو ٻيون 1972ع،
قلندر شهباز اڪيڊمي حيدرآباد، ص 24. |
16)
|
ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، سوانح
قلندر، ڇاپو پهريون 1995ع، محڪمئه
اوقاف سنڌ حيدرآباد، ص 164.
محمد اشرف شريف، قلندر مستم،
ڇاپو پهريون 2002ع، نوريه رضويه
پبليڪيشن لاهور، ص 190. |
17)
|
مهراڻ، نمبر 1، 2، سال 1969ع، سنڌي
ادبي بورڊ حيدرآباد، ص 311. |
18)
|
فهرست مخطوطات فارسي ڊاڪٽر رضي الدين
صديقي ميموريل لائبرري، قائداعظم
يونيورسٽي اسلام آباد (قلمي). |
19)
|
حديقة الاولياء، ص 07 مقدمو
تذڪره مشايخ سيوستان، ص 13 مقدمو
سيوهڻ صدين کان، ص 455
سيوهڻ جون ادبي شخصيتون، ص 36
عبدالڪريم آزاد سميجو، (مرتب) نسب
نامئه سنڌ، ڇاپو پهريون 2018ع،
اينڊومينٽ فنڊ ٽرسٽ فار پرزرويشن آف
دي هيريٽيج آف سنڌ ڪراچي، ص 28.
M.H.Panhwar, Source Material on
Sindh, Ed: Ist
1997ع، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ڄام
شورو، ص 238. |
20)
|
مشتاق مسرور باريچو جو اهو ساڳيوئي
اردو ڪتاب ”حضرت لعل شهباز قلندررح
سوانح، حيات، ڪرامات اور ڪلام“ جي
نالي سان اردو ۾ ئي روشني پبليڪيشن
حيدرآباد طرفان به ڇپيل آهي، ڪتاب تي
ڇاپو ۽ سال لکيل ڪونه آهي. |
21)
|
معلوم ٿئي ٿو ته مير حاجن مير، پنهنجي
ڪتاب ”سيوهڻ جون ادبي شخصيتون“ ۾ انهي
ڪتاب جو اهو نالو غلط لکيو آهي ۽
دراصل اهو ڪتاب ڪتاب نمبر 11 وارو ئي
ساڳيو اردو ڪتاب آهي، (ڏسو: ڪتاب
سيوهڻ جون ادبي شخصيتون) ص 179 |
22)
|
ياسمين ميمڻ، ظفر ملاح ۽ ارم ملڪ
(مرتبين) سنڌڙي جو شهباز (خاص اشاعت)
ڇاپو 2015ع، اطلاعات ۽ آرڪائيوز کاتو
حڪومت سنڌ ڪراچي، ص 38. |
23)
|
هن قلمي نسخي جي ڄاڻ جو حوالاجاتي
ماخذ معلوم نه ٿي سگهيو آهي، خبر نه
آهي ته راقم هن قلمي نسخي جو نالو،
آڳاٽو ڪهڙي ماخذ تان نوٽ ڪيو هو. |
24)
|
مولانا دين محمد وفائي، تذڪره مشاهير
سنڌ، جلد ٻيون، ڇاپو پهريون 1985ع،
سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو، ص 139. |
25)
|
حديقة الاولياء، ص 07 مقدمو.
مهراڻ، نمبر 3-4، سال 1974ع، سنڌي
ادبي بورڊ حيدرآباد
مهراڻ، نمبر 3-4، سال 1979ع، سنڌي
ادبي بورڊ حيدآباد
تذڪره مشايخ سيوستان، ص 12 ۽ 13 مقدمو
نسب نامئه سنڌ، ص 28 |
26)
|
حديقة الاولياء، ص 9 ۽ 10 مقدمو
تذڪره مشايخ سيوستان، ص 13 مقدمو |
27)
|
سيوهڻ صدين کان، ص 453
سنڌڙي جو شهباز (آزاد انور ڪانڌڙو)، ص
8
ڊاڪٽر مخمور بخاري، قلندر ۽ قلندري
فڪر، ڇاپو پهريون 2014ع، ثقافت کاتو
حڪومت سنڌ ڪراچي، ص 84
۽ ٻيا مختلف رسالا ۽ ڪتاب. |
28)
|
Source Material on Sindh،
ص 142 |
29)
|
حديقة الاولياء، ص 07 مقدمو
تذڪره مشايخ سيوستان، ص 13 مقدمو
نسب نامئه سنڌ، ص 28 |
30)
|
حديقة الاولياء، ص 7 مقدمو
تذڪره مشايخ سيوستان، ص 13 مقدمو
نسب نامئه سنڌ، ص 28 |
31)
|
حديقة الاولياء، ص 7 مقدمو
تذڪره مشايخ سيوستان، ص 13 مقدمو |
32)
|
مخدوم عبدالواحد سيوستاني، بياض واحدي
حصو پهريون، (سنڌي ترجمو سعيد احمد
ڀٽو) ڇاپو پهريون 2006ع، سنڌي ادبي
بورڊ
ڄام شورو، صف جهه مقدمو
حديقة الاولياء، ص 7 مقدمو
تذڪره مشايخ سيوستان، ص 13 مقدمو
نسب نامئه سنڌ، ص 28
سيوهڻ صدين کان، ص 455
نياز وگهيو، دادو ضلعي جو اسلامي
ورثو، هڪ اڀياس، ڇاپو پهريون 2018ع،
سنڌي ادبي شاخ دادو، ص 42 |
33)
|
سيوهڻ صدين کان، ص 455 |
34)
|
ساڳيو، ص 455
مهراڻ، نمبر 1، 2، سال 2008ع، سنڌي
ادبي بورڊ ڄام شورو، ص 154 |
35)
|
سيوهڻ صدين کان، ص 455 |
36)
|
فهرست مخطوطات فارسي، ڊاڪٽر رضي الدين
صديقي ميموريل لائبرري قائداعظم
يونيورسٽي اسلام آباد (قلمي) |
37)
|
سيوهڻ صدين کان، ص 455 |
38)
|
علامه غلام مصطفيٰ قاسمي، قلندر ۽
قلندري مشرب، مرتب: ڊاڪٽر مولانا محمد
ادريس السندي، ڇاپو پهريون 2013ع،
ثقافت کاتو حڪومت سنڌ ڪراچي، ص 08
مقدمو |
39)
|
مهراڻ، نمبر 1، 2، سال 2008ع، ص 154 |
40)
|
سيوهڻ صدين کان، ص 455 |
41)
|
مسز شمس عباسي، مولانا حڪيم فتح محمد
جي شخصيت، ڇاپو پهريون 1988ع، سنڌي
ادبي بورڊ ڄام شورو، ص 258 |
42)
|
راقم الحروف کي انهيءَ ڪتاب جي
حوالاجاتي ماخذ جو نالو باوجود ڪوشش
جي معلوم نه ٿي سگهيو، حالانڪه راقم
اِنهيءَ جي ماخذ جو نالو ڪنهن ڪاغذ تي
لکي به ڇڏيو هو، ڪاغذ مذڪوره ته موجود
هو ليڪن ان مان ماخذ جو لکيل نالو گُم
هو، ص به 177 لکيل آهي. |
43)
|
مولانا حڪيم فتح محمد جي شخصيت، ص 262
انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد پهريون،
ڇاپو پهريون 2009ع، سنڌي لئنگئيج
اٿارٽي حيدرآباد، 242 |
44)
|
ڊاڪٽر غلام علي الانا (مرتب)- ڇپيل
سنڌي ڪتابن جي ببليوگرافي (1973ع –
1947ع) ڇاپو پهريون 1976ع، انسٽيٽيوٽ
آف سنڌالاجي
ڄام شورو، ص 423
قلندر ۽ قلندري مشرب، ص 10 مقدمو
سيوهن صدين کان، ص 453 |
45)
|
ڊاڪٽر خورشيد عباسي (مرتب)- ارغون
ترخان ۽ مغل دور، مقالا، ڇاپو پهريون
2009ع، سنڌي شعبو، ڪراچي يونيورسٽي
ڪراچي، ص 72 |
46)
|
قلندر ۽ قلندري مشرب، ص 16 مقدمو
انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد چوٿون،
ڇاپو پهريون 2012ع، سنڌي لئنگئيج
اٿارٽي حيدرآباد، س 370 |
47)
|
قلندر ۽ قلندري مشرب، ص 15 مقدمو |
48)
|
آزاد انور ڪانڌڙو (مرتب)- سنڌڙي جو
شهباز قلندر، ص 9 |
49)
|
سيوهڻ صدين کان، ص 453
(نوٽ: غلطيءَ ۾ هن ڪتاب جو اندراج ٻه
دفعا نبر 76 ۽ 82 تي ٿي ويو آهي) |
50)
|
قلندر ۽ قلندري فڪر، ص 89 |
51)
|
سيوهڻ جون ادبي شخصيتون، ص 169 |
52)
|
سيوهڻ صدين کان، ص 453 |
53)
|
قلندر ۽ قلندري مشرب، ص 13 مقدمو |
54)
|
سيوهڻ جون ادبي شخصيتون، ص 152 |
55)
|
قلندر ۽ قلندري فڪر، ص 84 |
56)
|
انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد چوٿون، ص
183 |
57)
|
فهرست ڪتب سال 1913ع، پوڪرداس تاجر
ڪتب شڪارپور |
58)
|
فتح الله صديقي، سنڌي انسائيڪلوپيڊيا،
جلد پهريون، ڇاپو پهريون 2005ع، سنڌي
انسائيڪلو پيڊيا پبليڪيشن سيوهڻ، ص
990 |
59)
|
مولانا محمد صديق ماعر (مرتب)-
انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي جي لائبرري ۾
موجود قلمي نسخن جي فهرست، ڇاپو
پهريون 1977ع، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي
ڄام شورو، ص 8 |
60)
|
مخدوم سليم الله صديقي (مرتب) خزينة
المخطوطات جلد ٻيو، ڇاپو پهريون
2010ع، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو، ص 6 |
61)
|
انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد ٽيون،
ڇاپو پهريون 2011ع، سنڌي لئنگئيج
اٿارٽي حيدرآباد، ص 277 |
62)
|
روزاني ڪاوش حيدرآباد، تاريخ 26-
اپريل 2019ع |
63)
|
سيوهڻ صدين کان، ص 454 |
64)
|
قلندر ۽ قلندري مشرب، ص 18 مقدمو |
65)
|
سيوهڻ صدين کان، ص 454 |
66)
|
قلندر ۽ قلندري فڪر، ص 85 |
67)
|
قلندر ۽ قلندري مشرب، ص 17 مقدمو |
68)
|
قلندر ۽ قلندري مشرب، ص 18 مقدمو |
69)
|
قلندر ۽ قلندري مشرب، ص 18 مقدمو |
70)
|
مير حاجن مير، سيوهڻ شهر جون تاريخي
درگاهون، ڇاپو پهريون 2019ع، اوقاف
کاتو حڪومت سنڌ ڪراچي، ص 27 |
71)
|
قلندر ۽ قلندري مشرب، ص 18 مقدمو |
72)
|
سيوهڻ صدين کان، ص 454 ۽ 455 |
73)
|
آغا مهدي لکنوي، شيعون پرکيا گذري،
ايڊيشن؟ سال؟ رحمت الله بڪ ايجنسي
ڪراچي، ص 172 |
74)
|
محمد علي چراغ، شرح ديوان حضرت لعل
شهباز قلندر، ايڊيشن؟ سال 2005ع، نذير
سنز پبلشرز لاهور، ص 518 |
75)
|
ڪامران اعظم سهروردي، شخصيات سنڌ،
ڇاپو پهريون 2012ع، راحيل پبليڪيشنز
ڪراچي، ص 57 |
76)
|
احمد حسين صديقي، دبستانون ڪادبستان
ڪراچي، حصه اول، طبع ؟، سال 2003ع،
فضلي سنز ڪراچي. |
77)
|
ياسمين ميمڻ، ظفر ملاح ۽ ارم ملڪ
(مرتبين) سنڌڙي جو شهباز ڇاپو؟، سال؟،
اطلاعات ۽ آرڪائيوز کاتو حڪومت سنڌ
ڪراچي، ص 38 |
78)
|
آزاد انور ڪانڌڙو (مرتب)، سنڌڙي جو
شهباز قلندر، ص 8 |
79)
|
مختصر حالات حضرت سيد عبدالله علوي
شاهه غازي بابا، ايڊيشن اول، سال؟،
مجلس امور مذهبي درگاهه ممدوح رح
ڪراچي، ص 31 |
80)
|
سيوهڻ جون ادبي شخصيتون، ص 131 |
81)
|
قلندر ۽ قلندري مشرب، ص 22 مقدمو. |
|