سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2-3/ 2020ع

باب:

صفحو:14 

ڊاڪٽر قاضي خادم

حيدرآباد

 

 

 

نقش ۽ عڪس

رات جو ڪافي دير ٿي چڪي هئي. هوا ۾ خنڪي به وڌي وئي هئي. هُو پنهنجي محبوب سان گڏ درياهه جي ڪپ تي هڪ ٻيڙيءَ ۾، جيڪا پاڻيءَ جي مٿان ڌڙڪندي رهندي هئي، جنهن ۾ هو هميشه دنيا جي نظرن کان لڪي اچي پنهنجي محبوب سميت پناهه وٺندو هو، جنهن لاءِ ٻيڙيءَ وارو کانئس ڪو پئسو به ڪونه وٺندو هو. بلڪ مهمان سمجهي ٻن محبت ڪندڙن جي خدمت به ڪندو هو ۽ ڪپر تان شيديءَ جي هوٽل تان چانهه ۽ پڪوڙا به وٺي ايندو هو ۽ پاڻ ٻيڙيءَ تان لهي، ڪپر تي وڃي ٻيڙي دُکائي ويهندو هو.

نجيب، هونئن ته هڪ ليکڪ طور مشهور هو ليڪن ڪاليج ۾ سنڌيءَ جو ليڪچرار به هو، جتي سندس ملاقات سلميٰ سان ٿي هئي، جيڪا هڪ شاگرد جي حيثيت سان وٽس پڙهندي هئي، پر نجيب جي سخت طبيعت جي ڪري کيس سخت ناپسند ڪندي هئي، پر نجيب هُن ڏانهن ڪڏهن به ڪو ڌيان ڪونه ڏنو. هونئن به سختي سندس فطرت جو هڪ حصو هئي. اهوئي سبب آهي جو سلميٰ جنهن کي پنهنجي سونهن تي ناز هو ۽ خبر هئس ته کيس ڏسڻ لاءِ سندس ڪاليج کان ٻاهران به ڪي نوجوان اُتي پڙهندڙن سان ملڻ جا بهانا ڪري کيس ڏسڻ ايندا هئا. اها ڳالهه سلميٰ کي ناپسند ڪانه هئي ليڪن نجيب جي لاتعلق رويي هُن ۾ عجيب تبديلي آڻي ڇڏي ۽ نجيب کي متوجه ڪرڻ لاءِ پڙهائيءَ ۾ وڌيڪ شوق وٺڻ لڳي، ليڪن نجيب هن ڏانهن ڪڏهن به مائل نه ٿيو، جنهن جو نتيجو اهو نڪتو ته هن اهو طئي ڪري ڇڏيو ته هُو هر صورت ۾ نجيب کي پاڻ ڏانهن مائل ڪندي، هن سان پيار ڪرڻ لڳي هئي ۽ سلميٰ کي پنهنجو مانُ ڇڏي نجيب جي آڏو دل جي ڳالهه ڪرڻي پئي جنهن جي نتيجي ۾ نجيب هن ڏانهن مائل ٿيڻ کان رهي نه سگهيو ۽ هنن جي وچ ۾ پيار جي انڊلٺ ٺهي وئي. هن جڏهن سلميٰ کي چتائي ڏٺو ته هوءَ کيس هڪ نئين صورت ۾ نظر آئي ۽ کيس ائين لڳو ڄڻ سندس اردگرد جا رنگ وڌيڪ چٽا ٿي ويا هجن. اهي تعلقات پوءِ ڪاليج کان ٻاهر ڪڏهن ڪنهن هوٽل جي فئملي ڪئبن ۾ ته ڪڏهن لڪي ڇپي ڪنهن سئنيما ۾ باڪس ۾ ويهي فلمون ڏسڻ جو سلسلو به شروع ٿيو، جتي هنن جا تعلقات ڳالهائڻ کان وڌي هٿ چراند ۽ چپ چُور تائين هلي ويندا هئا ۽ نجيب کي وقت گذرڻ جو ڪو احساس ئي نه ٿيندو هو. بلڪ ڪيتريون فلمون جيڪي هن سلميٰ سان گڏ ڏٺيون هيون، تن جي ڪهاڻيءَ جي به ڪڏهن خبر ڪانه پيس. حالانڪ اهو سڄو دؤر هن جي اندر ۾ ڪنهن ڪنڊي جيان چڀندو رهندو هو، ان ڪري ته هو ڪو ڇڙو ڇانڊ ڪونه هو، شادي شده ۽ ٻارن ٻچن وارو هو.

وقت پَر ڪري اڏامندو ويو، ليڪن نجيب جيڪو هڪ خوشگوار شادي شده زندگي گذاري رهيو هو ۽ پنجن ٻارن جو پيءُ به هو، تنهن کي دل جي هڪ ڪنڊ ۾ پنهنجو گناهگار هئڻ جو شديد احساس به ٿيندو هو. خاص ڪري هن کي اهو فڪر هوندو هو ته جڏهن سلميٰ کي سندس شادي شده ۽ ٻار ٻچا هئڻ جي خبر پوندي ته هوءَ ڇا سوچيندي. هن جي دل ڀڄي پوندي، خبر ناهي پوءِ هوءَ ساڻس ڪهڙو رويو اختيار ڪري، هن ڪئين دفعا کيس اهو ٻڌائڻ ٿي چاهيو، پر لفظ سندس چپن تائين پهچي پنهنجو رخ بدلائي هن جي چپن سان چنبڙي ويندا هئا.

ان حالت جو اثر اهو ٿيو ته هُو گهر ۾ به هر وقت ان فڪر ۾ گم رهندو هو، ته جڏهن سندس پيار ڪندڙ زال کي اها سندس عشق جي خبر پوندي ته هوءَ ڇا سوچيندي؛ ڇا ڪندي ۽ اهو سوچي هن جي اکين جي اڳيان اونداهه اچي ويندي هئي، پنهنجي پيارن ٻارن جا چهرا هن کي لٿل نظر ايندا هئا. هن کي ٻارن جي چهري تي بدگماني ۽ ڏک جا پاڇا نظر ايندا هئا. جن ٻارن جي خوشيءَ لاءِ هُو ڏينهن رات ڪم ڪري نه ٿڪبو هو، هاڻ انهن جي جڳهه تي هڪ ٻي هستيءَ اچي جڳهه والارڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، جيڪا هنن کان اڳ هن لاءِ اجنبي هئي جڏهن ته سندس زال جيڪا سندس سئوٽ به هئي ۽ سندس پسند به هئي ۽ ٻنهي ۾ پيار به ڏاڍو هو، جنهن جو خاندان ۾ هرهنڌ چؤٻول هوندو هو بلڪ هن کي به ساڻس ايترو پيار هوندو هو جو شاديءَ کي وڏو وقت گذرڻ جي باوجود جڏهن به کيس ڪنهن ڪم ۾ دير ٿيندي هئي ته جلدي گهر پهچڻ لاءِ پريشان ٿي ويندو هو.

هاڻ به هن جو اهو پيار ڪونه گهٽيو هو. جڏهن هو گهر هوندو هو ته ساڳيون ڪچهريون، ساڳيون محبت ڀريل ڳالهيون هونديون هيون ليڪن جڏهن گهر کان ٻاهر نڪرندو هو ته سلميٰ جو تصور ذهن تي قبضو ڪري ويندو هوس ۽ هُو ڄڻ ته ڪو ٻيو شخص بڻجي ويندو هو.

هن چاهيو ٿي ته سندس عشق جي باهه جو تاءُ سندس گهر تائين نه پهچي ليڪن اهو سوچي سندس اندر ۾ چهڻ چهڪ پوندا هئا. نيٺ ڇا ٿيندو؟ چوندا آهن ته عشق ۽ مشڪ لڪڻ جا ناهن. اهي ڪڏهن نه ڪڏهن ظاهر ٿي پوندا. هو گهر ۾ هوندو هو ته پنهنجي سوچ ۽ گفتگو جو ڏاڍو خيال ڪندو هو ته متان ڪو اهڙو لفظ نه نڪري وڃيس جيڪو سندس زال کي شڪ ۾ وجهي ڇڏي. هن کي خبر هئي ته زال عام طرح شڪي طبيعت جي ٿيندي آهي ۽ خاص ڪري پيار ڪندڙ زال اڃا به وڌيڪ شڪي ٿيندي آهي، پر ان کان به وڌيڪ فڪر هن کي سلميٰ جو ٿيندو هو ته متان هن کي ڪو شڪ نه پئجي وڃي، ڇو جو هن جو شڪ سندس محبت جو انت ثابت ٿي سگهي ٿو. هن کي سلميٰ پنهنجي زندگيءَ ۾ هڪ هوادار دريءَ مان ايندڙ ٿڌڙي هير وانگر لڳندي هئي، جنهن سندس ساهه ۾ سرهاڻ پيدا ڪري ڇڏي هئي. ڪڏهن ڪڏهن هن کي اهو خيال ايندو هو ته ڇو نه هُو پنهنجي زال کي سلميٰ جو ٻڌائي ڇڏي يا وري سلميٰ کي پنهنجي شادي شده هجڻ جو ٻڌائي ڇڏي، پر ان جو نتيجو ڇا ٿيندو؟ اهو خيال کيس خاموش ڪري ڇڏيندو هو ۽ ان خاموشيءَ سندس طبيعت ۽ مزاج ۾ هڪ عجيب چڙچڙاهٽ ۽ ڪنهن ڪنهن وقت بي خياليءَ واري ڪيفيت پيدا ڪري ڇڏي هئي. ايتري قدر جو هو ڪنهن وقت پاڻي گهرائي گلاس ڀر ۾ رکي پيئڻ وساري ويهندو هو. ڪڏهن ابتي گنجي پائي ويهندو هو. ڪڏهن بوٽ پائيندي پير ۾ مختلف رنگن جا جوراب پائي ٻاهر نڪري ويندو هو. بلڪ گهر ۾ کاڌي پيتي جي باري ۾ به لاتعلقي ڏيکاري وجهندو هو. نه صرف ايترو پر ڪاليج ۾ به ڪلاس وٺندي جي سلميٰ ٿوري دير ڪندي هئي ته پڙهائڻ ۾ دل ڪانه لڳندي هئس ۽ جي ان دوران هوءَ ڪلاس ۾ داخل ٿيندي هئي ته کيس ائين لڳندو هو ڄڻ ته ڪلاس روم ۾ روشني وڌي وئي هجي، ٿڌي هوا لڳڻ لڳي هجي ۽ خوشبو پکڙجي وئي هجي. ڪڏهن ڪڏهن شاگرد به محسوس ڪندا هئا ۽ ڪن جي اکين ۾ شڪ جا پاڇا به نظر ايندا هئا. ليڪن هن کي شاگردن ڏانهن ڌيان ڏيڻ جو ڪو فڪر ڪونه هوندو هو. ڏسندو بيشڪ هنن ڏانهن هئو ليڪن اکين کان دل تائين مٿس سلميٰ جو راڄ هوندو هو. جيڪا ڪلاس ۾ هڪ ٽڪ هن ڏانهن ڏسندي رهندي هئي. کيس اهو خيال ئي ڪونه هوندو هو ته ٻيا ساٿي شاگرد ڇا پيا ڪن يا ڇا سوچيندا!؟ هن لاءِ سندس سَر جو وجود ئي سڀڪجهه هئو. هُو ته مسلسل هن جي اکين ۾ اکيون وجهيو ويٺي هوندي هئي.

آهستي آهستي اهي تعلقات گهرا ٿيندا ويا. پيار جي وادين جي سير ۾ مصروف رهندي هنن کي ملڻ لاءِ پنهنجون جڳهيون مٽائڻيون ٿي پيون. انڪري جو شهر ننڍو هو. هڪ ئي هنڌ گهڻو ملڻ نجيب کي ٺيڪ نه لڳندو هو. انڪري، جو نجيب کي شهر جا گهڻا ماڻهو سڃاڻندا به هئا. انڪري هوٽلن ۾ گڏ ويهڻ ۽ فلمون ڏسڻ، هنن لاءِ ڪا معمولي ڳالهه ڪانه هئي. چؤگرد ڪيترا اهڙا ماڻهو به هوندا، جيڪي ٿي سگهي ٿو ته کين ڏسندا هجن، پر هو عشق ۾ ان ڪبوتر جيان اکيون بند ڪيو ويٺا هوندا هئا، جيڪو سمجهندو آهي ته ٻلي به هُن کي ڪانه ٿي ڏسي. هنن جو پيار جڏهن هڪ حد تي پهچي ويو ته هڪ ئي هنڌ بيهي رهيو، نجيب ان عشق کي اڃا اڳتي وڌائڻ ٿي چاهيو ان شعر موجب ته، ”تيري عشق بي انتها چاهتا هون!“ پر هو اها صرف چاهت ڪري ئي سگهيو ته ٻئي طرف سلميٰ به عشق جي هڪ حد تائين پهچڻ کان پوءِ ان کي منطقي انجام تائين پهچائڻ ٿي چاهيو.

ان وقت هڪ وڏي ڳالهه ٿي وئي، جو سلميٰ جي هڪ ساهيڙي اتفاق سان نجيب جي خاندان کان واقف نڪتي ۽ هن کي نجيب جي شادي شده زندگيءَ جي خبر پئجي وئي بلڪ هو نجيب جي گهر به پهتي ۽ هن جي زال سان ملاقات به ڪيائين ۽ سلميٰ کي ٻڌايائين ته. ”سَر جي زال ته ڏاڍي سهڻي آهي، گهر ۾ پيار به نظر اچي ٿو.“

ان ڳالهه سلميٰ تي تمام گهڻو اثر وڌو ۽ هن جي رويي ۾ وڏي تبديلي اچي وئي. جڏهن ته نجيب کي ان باري ۾ ڪابه خبر ڪانه هئي. هن کي اها خبر به سلميٰ جي واتان پئي، جنهن هڪ دفعي کيس ڀاڪر ۾ وٺندي چيو، ”سائين، پاڻ ڪيستائين ائين ملندا رهنداسين.“ هن وٽ ان سوال جو ڪو جواب ڪونه هو. هن لاءِ ته اُهي لمحا ئي سڄي ڪائنات هئا، جڏهن سلميٰ هن سان گڏ هوندي هئي. خبر ناهي عشق جي جذبي ۾ ڪهڙي قوت هئي، جو هن جي سمجهه ۽ سوچ ئي ختم ٿي وئي هئي. هن بي اختيار چيس، ”مون سان شادي ڪر.“

”پر توهان ته اڳ ئي شادي ڪري چڪا آهيو.“

سلميٰ جي ان جواب هن تي ڄڻ ته وِڄ ڪيرائي ڇڏي. پر سڙي ڀسم ٿيڻ کان اڳ هن پاڻ بچائڻ جي ڪوشش ڪندي چيو ته، ”پوءِ ڇا؟ ٻه شاديون ڪرڻ به ته ڪا غلط ڳالهه ڪانهي. خود منهنجي پيءُ، ڏاڏي ٻه ٻه شاديون ڪيون هيون.“

”نه مونکي خبر آهي ته توهان جي زال تمام سهڻي آهي ۽ توهان جو پاڻ ۾ پيار به آهي. آءُ هن کان سندس پيار نه ٿي کسي سگهان.“

هن جي اکرن نجيب جو اهڙو حال ڪيو ڄڻ اها ٻيڙي جنهن ۾ هو ويٺا هئا، پاڻيءَ تي لڏڻ بجاءِ ٻڏڻ لڳي هجي. ”ها، توهان ٻي شادي ڪريو ته پوءِ آءُ توهان جي ٽين زال ٿيڻ لاءِ تيار آهيان.“ سلميٰ چيو، جيڪا ڳالهه نجيب کي ائين لڳي ڄڻ هوءَ ساڻس مذاق ڪري رهي هجي. ليڪن ان وقت سلميٰ اٿي بيهي رهي ۽ چيائين، ”هلو، هاڻ دير پئي ٿئي.“

”دير ته ٿي چڪي آهي.“ نجيب چيو، ”تنهنجو اهو جواب آخري آهي؟“ هن پڇيو، ”ها، آخري آهي. ڏسو منهنجي زندگيءَ جو به سوال آهي، آخر آءُ ان عورت تي پهاڄ بنجي ڪيئن رهنديس جيڪا سهڻي به آهي ۽ توهان سان پيار به ٿي ڪري. توهان جا ٻار به آهن، هو ڇا سمجهندا.“ سلميٰ اهو چئي اٿي ۽ آهستي آهستي ٻيڙيءَ مان لهي وئي.

هُو به اٿيو ۽ ٻيڙيءَ جي پاسن کي هٿ ڏيندو هيٺ لٿو، تيسين سلميٰ هن کان گهڻو، پر بند وٽ وڃي پهتي هئي. هن سمجهيو ته هوءَ اتي بيهي سندس انتظار ڪندي، ليڪن سلميٰ هن کان اڳ ئي بند ٽپي اتي هڪ رڪشا ۾ ويهي چڪي هئي ۽ هن کي حيران ڇڏي هلي وئي. نجيب کي پهرين ته پنهنجين اکين تي اعتبار ئي نه ٿي آيو، ليڪن جيڪو ٿيڻو هو، اهو ٿي ويو. هن جا حوصلا ئي خطا ٿي ويا، ايڏي محبت ايڏو پيار، بس هڪ لحظي ۾ ختم ٿي ويو. ڄڻ ته ڪا ڳالهه ئي نه هئي. هن کي پنهنجي چؤگرد ويرانو پئي نظر آيو، کيس ائين لڳو ڄڻ ته سندس اگهه ڪِري چڪو هجي، ڄڻ ته هُو ماڻهو نه، پر ڪو اهڙو وکر هجي، جنهن جي مارڪيٽ ۾ ڪا ضرورت ئي نه هجي. ليڪن هن کي نه سلميٰ جي رويي ۾ ڪا تبديلي محسوس ٿي نه ڪو سندس زال جو ڪو شڪي انداز نظر آيو.

اڪيلائيءَ جي احساس هن جي اندر کي جهوري وڌو. هُو وائڙو ٿي ويو. سمجهه ۾ نٿي آيس ته ڪيڏانهن وڃي. سلميٰ نظرون ڇا ڦيرايون ڄڻ سڄو جهان هُن لاءِ اجنبي بنجي ويو. هُو پنهنجي نظرن ۾ پاڻ ڪري پيو. هن کي سمجهه ۾ نه ٿي آيو ته محبت جو اهڙو ڀرپور جذبو، جيڪو سلميٰ جي لفظ لفظ مان، بلڪ هر انداز مان نظر ايندو هو، جڏهن هوءَ چوندي هئي ته، ”آءُ راتين جو پنهنجي اڱڻ تي چمڪندڙ چنڊ ۾ به توهان کي ڳوليندي آهيان.“ هوءَ چوندي هئي ته، ”جڏهن به هوءَ ڪو گل ڏسندي آهي ته ان ۾ سندس صورت نظر ايندي آهيس.“ ڪهڙي نه نزاڪت سان نهاري چوندي هئي ته، هوءَ سڄي سڄي رات نيٽ تي سندس تصويرن سان ڳالهيون ڪندي رهندي آهي.

اهي اهڙا ته جادوئي جملا هئا جيڪي هن کان اڳي ڪنهن کيس ڪونه چيا هئا. سندس زال جيڪا، هن جو هر طرح سان خيال رکندي ۽ خدمت ڪندي بيزار ڪونه ٿيندي هئي. انهيءَ به ڪڏهن کيس اهڙا دلفريب ۽ من موهيندڙ لفظ ڪونه چيا هئا. هُن اهي لفظ ناولن ۾ پڙهيا هئا ۽ فلمن ۾ ٻُڌا هئا.

تڏهن ته انهن لفظن سندس دل ۽ دماغ تي قبضو ڪري ڇڏيو هو ۽ سلميٰ سان گڏ گذرندڙ هر پل هن جي  وجود جي خوشبوءَ جو اظهار ڪندو رهندو ۽ ان ۾ گم ٿي هن جيڪا دنيا وسائي هئي، تنهن سندس ٻارن جا چهرا به ڄڻ ته ڌنڌلا ڪري ڇڏيا هئا. هُو ڪنهن ٻي دنيا ۾ هئو، جنهن ۾ صرف رنگ ۽ خوشبوءَ جو احساس هو، ڪوبه دنياوي احساس ڪونه هو. هُن کي لڳندو هو ڄڻ هن جي اندر ۾ جيڪا پياس هئي. اها انهن لفظن پوري ڪري ڇڏي هئي، پر اهو سڀ ڇا هو، سراب ته نه هو، حقيقت کان وڌيڪ ويجهو هو ته پوءِ هي ڇا ٿي ويو. هڪ لمحي ۾ هڪ جملي سان سڄو منظر بدلجي ويو، نه درياهه اهو رهيو نه ڪنارو، نه دُور کان نظر ايندڙ ڪوٽڙيءَ جي گهرن جون بتيون، نه ٻئي پاسي گدوءَ ۾ ڪي زندگيءَ جا اهڃاڻ. هوءَ هن کي اڪيلو ڇڏي هلي وئي. پوئتي به ڪونه نهاريائين!

هن کي لڳو ته درياهه جو بند اهو ساڳيو بند نه هجي نه ئي گدوءَ جو شهر، اهو ساڳيو شهر هجي. سندس آسپاس ڪو ڪونه هو، اهو ٻيڙيءَ وارو به نظر ڪونه آيس، جيڪو هنن کي ائين جدا جدا ويندو ڏسي شايد پنهنجي منهن حيران به ٿي رهيو هجي يا ٿي سگهي ٿو ته هن اهڙا نظارا پهرين به ڏٺا هجن ۽ حيران ٿيڻ ڇڏي ڏنو هجيس.

نجيب پنهنجن ئي خيالن جي ڌنڌ ۾ وڪوڙيل بند تي اچي پهتو، جتي هڪ رڪشا وارو هن کي ڏسي اچي سندس ڀر ۾ بيٺو، نجيب هن ڏانهن ڏٺو به ڪونه ۽ چپ چاپ رڪشا ۾ ويهي رهيو. رڪشا وارو پهرين ته هن ڏانهن ڏسندو رهيو، پوءِ رڪشا کي اڳتي وڌائيندي چيائين، ”سائين ڪيڏانهن؟“

”ريلوي اسٽيشن تي هل.“ نجيب هڪ جادوءَ جي اثر هيٺ آيل شخص جيان هن ڏانهن ڏسڻ کانسواءِ ئي چيو ۽ رڪشا واري رڪشا حيدرآباد شهر ڏانهن موڙي اسٽيشن ڏانهن هلڻ لڳو.

نجيب کي سڄو شهر اوپرو ٿي لڳو. هن کي اها به خبر نه هئي ته هُن ڪشا واري کي ريلوي اسٽيشن ڏانهن هلڻ جو ڇو چيو، حالانڪ هن جو گهر به ريلوي اسٽيشن جي ويجهو ئي هئو. شايد انڪري هن لاشعوري طور اهو ئي چئي ڇڏيو. پر جڏهن رڪشا ريلوي اسٽيشن تي بيٺي ته هُن کي سمجهه ۾ ئي نه پيو اچي ته هُو ڇا ڪري! هن رڪشا مان لهي کيسي ۾ هٿ وجهي بنا ڳڻڻ جي ڪجهه نوٽ رڪشا واري جي حوالي ڪيا، جيڪو هن ڏانهن حيرانيءَ مان ڏسي رهيو هو.

رڪشا مان لهي نجيب بنا ڪا ٽڪيٽ وٺڻ جي اسٽيشن ۾ داخل ٿيو، جتي لاهور ڏانهن ويندڙ ٽرين بيٺل هئي ۽ مسافر هتي هُتي هوڏانهن ڊُڪون پائي گاڏن ۾ جڳهه تلاش ڪندا ۽ اسٽيشن جي نَلن مان پاڻي ڀريندا، جلدي جلدي چانهه پيئندي نظر پئي آيا. نجيب کي سامهون جيڪو گاڏو نظر آيو، ان ۾ چڙهي پيو ۽ دروازي وٽ ئي هڪ سيٽ تي ٽيڪ ڏئي بيهي رهيو ته گاڏي هلڻ شروع ٿي وئي.

”هوءَ مونکي ڇڏي ڇو وئي؟“ هُو سوچي رهيو هو، ”اڃا ته اسان ڳالهيون پئي ڪيون. هوءَ ڪيئن مون سان ڀاڪر پايو ويٺي هئي. بس اٿي هلي وئي. مون هن کي ته ڪا ڳالهه ڪانه چئي؟ پوءِ ڇا ٿيو؟ ڇا هن جو پيار ڪوڙ هو، دوکو هو، فريب هو؟ اهو ٿي نه ٿو سگهي. جي هن کي منهنجي شادي شده هجڻ جي خبر پئجي وئي هئي ته ڇا ٿيو؟ اها خبر ته نيٺ به پويس ها. اڄ نه ته سڀان. هوءَ ان مان ڇو ڪونه سمجهندي هئي ته آءُ شادي ڪيل آهيان. جڏهن هوءَ بار بار مونکي پاڻ سان گڏ ڪنهن ٻئي هنڌ هلڻ جو چوندي هئي ۽ آءُ ناڪار ڪندو هوس، پر هن کي ته مون سان پيار هو، پوءِ اهو هڪ پل ۾ ڪيڏانهن گُم ٿي ويو؟

هن کي وري اڪيلائيءَ جي احساس اچي ورايو. سڄو گاڏو ماڻهن سان ڀريو پيو هو. مختلف آوازن جو ايڏو ته گوڙ هو، جو ڪجهه ٻڌڻ ۾ ڪونه ٿي آيو، ته به هن پاڻ کي اڪيلو پئي سمجهو. ”هاڻ هن کي منهنجي ضرورت نه رهي هئي. شايد هن اهو پيار جو سانگ صرف مون کان فائدو حاصل ڪرڻ لاءِ رچايو هو، يا اهو ناٽڪ ڪري منهنجي بي رُخي ۽ سختيءَ جو بدلو وٺي پنهنجي اَنا کي مطمئن پئي ڪيائين يا وري منهنجي سختيءَ جو بدلو ٿي وٺڻ چاهيائين. ۽ هاڻ اهو موقعو ملندي ئي هلي وئي!“ هُو سوچي رهيو هو ته پاڻ کي اڪيلو ۽ بي سهارو به سمجهي رهيو هو، کيس خبر نه هئي ته هو ڪيڏانهن وڃي رهيو هو. بس ٽرين جو آواز هو ۽ هن جون سوچون هيون.

هن کي آهستي آهستي پنهنجي گهر جو خيال اچي ويو، ”آءُ گهر نه ويندس ته ٻار ضرور پريشان ٿيندا.“ هن جي نظرن جي آڏو سندس ٻارن جا چهرا اچي ويا ۽ لڳس ته سندس زال هن جي ائين هليو وڃڻ تي خبر ناهي ڇا محسوس ڪندي؟ اها زال جنهن هر گرم ۽ سرد حالت ۾ سندس ساٿ ڏنو هو، جيڪا هر ڳالهه ۾ سندس خوشيءَ جو خيال رکندي هئي.

”جي سلميٰ بي وفائي ڪئي آهي ته ان جي سزا پنهنجي زال ۽ ٻارن کي ڇو پيو ڏيان؟“ هن سوچيو، ”آءُ ڪو اڪيلو ته ناهيان! جو ائين ڪيڏانهن هليو وڃان. منهنجو گهر آهي، منهنجا ٻار آهن، منهنجا مائٽ به آهن ۽ دوست به ته آهن، انهن کي صرف هڪ ڇوڪريءَ جي پيار جي چند ٻولن تي مون قربان ڪري ڇڏيو هو؟“

هن جي ذهن ۾ ڄڻ آهستي آهستي ڏيئا روشن ٿيندا ويا. حيدرآباد ۾ گذاريل ڏينهن ۽ راتيون ۽ انهن ۾ موجود سندس ساٿي، هڪ هڪ ٿي سڀ سندس سامهون ايندا ويا. هاڻ هن ڏٺو ته هُو هڪ ريل جي گاڏي ۾ سوار آهي، جتي ماڻهن جي پِيهه لڳي پئي آهي. هو ۽ ان پِيهه جو هڪ حصو بڻيو هڪ سيٽ جي پٺيءَ کي ٽيڪ ڏيو بيٺو آهي.

هن جهُڪي دريءَ کان ٻاهر ڏٺو ته کيس ڪنهن اسٽيشن جون ٻرندڙ روشنيون نظر آيون، جيڪي ٽرين جي تيز رفتاريءَ جي ڪري ويجهو ٿينديون ويون ۽ هن ڏٺو ته ٽنڊو آدم اسٽيشن اچي وئي ۽ ٽرين رفتار گهٽائيندي پليٽ فارم تي اچي بيٺي. هُو ٽپ ڏئي هيٺ لٿو ۽ تيز تيز هلندو در کان ٻاهر نڪري آيو. ٽي ٽي ٽڪيٽ ٽڪيٽ چوندو رهيو، پر هو نه بيٺو ۽ اسٽيشن کان ٻاهر نڪري هن هڪ وڏو ٿڌو ساهه کنيو ۽ هيڏانهن هوڏانهن ڏسي هڪ پاسي پان ٻيڙيءَ جي مانڊڻي جي اڳيان رکيل ڪاٺ جي بينچ تي ويهي رهيو. هاڻ هن کي ڪهڙي به طرح گهر واپس پهچڻ جي خواهش ٿي رهي هئي، جتي سندس زال ۽ ٻار هن جو انتظار ڪري رهيا هوندا. هن حيدرآباد ويندڙ ٽرين جو به انتظار ڪيو ۽ اتي ئي بيٺل هڪ ٽئڪسي ۾ ويهي حيدرآباد هلڻ جو چيائين.

اوهينري

ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ سولنگي

ڪراچي

 

 

 

 

جنگ جي دُعا

 

]آمريڪي مزاج ۽ ٺيٺ آمريڪي ڪردارن جي جهڙي عڪاسي مارڪ ٽوئين ڪئي آهي، تهڙي شايد ئي ٻئي ڪنهن آمريڪي ڪهاڻيڪار ڪئي هجي. مارڪ ٽوئين کي آمريڪا ۾ ”قوم جو اديب“ جو درجو حاصل آهي (يعني حڪيم الامت هجي ها)، پر قومي اديبن سان اها ويڌن ٿيندي آهي ته سندن ادب ۽ احترام گهڻو ڪيو ويندو آهي، پر کين پڙهيو بنهه گهٽ ويندو آهي. گهڻي قدر مارڪ ٽوئين سان به ساڳيو معاملو آهي.

سندس اصل نالو سيموئيل لانگ هوم ڪليمنز هئو. پاڻ 30 نومبر 1835ع تي پيدا ٿيو ۽ 21 اپريل 1910ع تي هي جهان ڇڏيائين. پاڻ آمريڪا جو چوٽيءَ جو ڪهاڻيڪار مزاح نگار، پبلشر ۽ ليڪچرر هئو. کيس ويهين صديءَ جو ’آمريڪا جو وڏي ۾ وڏو مزاح نگار‘ پڻ سڏيو ويندو آهي. وليم فاڪنر ته کيس ته ’آمريڪي ادب جو اَبو‘ جو لقب ڏنو آهي.

”جنگ جي دعا“ ڪهاڻي هن پنهنجي آخري سالن ۾ لکي هئي، جنهن ۾ هن انڌي حب الوطني ۽ مذهبي جنون ۾ اچي ٿيندڙ جنگين کي نِنديو آهي. آمريڪا 1889ع کان وٺي 1902ع تائين فلپائين تي چڙهائي ڪئي هئي، جنهن جي نتيجي ۾ 4200 آمريڪي ۽ 272000 فلپائني مارجي ويا هئا، ان جنگ جي ردِعمل طور هن اها ڪهاڻي لکي هئي، جنهن جي لکڻ کان پوءِ هن پنهنجي ويجهي دوست ايلزڊ بگلوپيس کي، جيڪو اڳتي هلي سندس سوانح نگار به ٿيو هو، اهو چئي ڪهاڻيءَ جي ڇپجڻ کان روڪيو هو ته کيس ڪٽنب پاران جهليو ويو آهي ته هُو اها ڪهاڻي هرگز به نه ڇپرائي ته متان کيس ۽ سندس ڪٽنب کي ڪو هاڃو نه رسايو وڃي. مارڪٽوئين، بگلوپيس کي وڌيڪ چيو ته، ”مان ان ڪهاڻيءَ ۾ مڪمل سچ ڳالهايو آهي ۽ هن دنيا ۾ مڪمل سچ رڳو مُردا ئي ڳالهائي سگهن ٿا، اها ڪهاڻي منهنجي مرڻ کان پوءِ ئي شايع ٿيندي.“

پر هيءَ ڪهاڻي مارڪ ٽوئين جي موت کان پوءِ به هڪدم شايع ڪونه ٿي هئي. ايلزڊ بگلوپيس ان جا ڪجهه ٽڪرا مارڪ ٽوئين جي سوانح ۾ شامل ڪيا آهن، جيڪا 1912ع ۾ ڇپجي پڌري ٿي هئي. هيءَ ڪهاڻي پنهنجي مڪمل حالت ۾ پهريون ڀيرو ”هارپرز ميگزين“ ۾ پهرين مهاڀاري لڙائي (1918ع- 1914ع) جي خلاف احتجاج جي طور تي شايع ٿي هئي.

هن ڪهاڻيءَ جي شايع ٿيڻ جي هڪ صديءَ کان پوءِ آمريڪي جنگي مهم جوئيءَ جو نه انداز بدليو آهي ۽ نه ئي هن باڪمال آمريڪي اديب جي اسلوب جي اثر انگيزيءَ ۾ ڪا گهٽتائي آئي آهي. هلندڙ دؤر ۾ دهشتگرديءَ جو جائزو وٺبو ته هيءَ ڪهاڻي اسان لاءِ هڪ رهنما ثابت ٿيندي. - سنڌيڪار[

زبردست جوش ۽ خروش جا ڏينهن هئا، ملڪ هٿيار کڻي اُٿي کڙو ٿيو هو، جنگ هلي رهي هئي، لڳو ٿي ته هر ماڻهوءَ جي دل ۾ وطن سان محبت جي باهه ٻري رهي هئي. هڪ پاسي نقارا وڄي رهيا هئا ته ٻئي پاسي وري فوجي بينڊ جو آواز آسمان تائين وڃي ٿي پهتو. ڪٿي رانديڪا پستولن ڦَٽ.... ڦَٽ ٿي ڪئي ته ڪٿي وري ڦٽاڪا ٿي ڇوڙيا ويا. هر هٿ ۾ جهنڊو هو، پري پري تائين پکڙيل عمارتن جي ڇِتين ۽ بالڪونين تي جهنڊن جون ڊگهيون قطارون جُهولي رهيون هيون.

ڀڙڪيلين نين نفيس وردين ۾ نوجوان رضاڪارن جون ڪيتريون ئي ٽوليون ڪشادي روڊ تي پريڊ ڪندي ڏهاڙي لنگهنديون هيون. اُن وقت مٿن ناز ڪندڙ پيءُ ماءُ، ڀينر ۽ محبوبائون جوش ۽ جذبي وچان اٽڪيل ۽ خوشيءَ سان ڇُلندڙ آواز ۾ سندن واکاڻ ۽ حوصلي جا نعرا هڻنديون هيون. رات جو عام جلسن ۾، جتي پير پائڻ جي جاءِ ڪونه هوندي هئي، ماڻهن جا سهڪندڙ هجوم وطن جي محبت ۾ ٻُڏل تقريرون ٻڌندا هئا. انهن تقريرن ماڻهن جي دلين کي ڌوڏي ٿي ڇڏيو ۽ جڏهن اِهي گهرائيءَ ۾ ٿي لهي ويون ته ماڻهن ۾ اُٿل پُٿل ٿي پيدا ڪيائون. جيڪڏهن هڪ گهڙيءَ جي ساهي به ٿي آئي ته ماڻهن جي آسمان ڏار تاڙين جي ڦهڪن، ان ساهيءَ کي ڀري ٿي ڇڏيو. ان کان سواءِ تقريرن هلندي ماڻهن جي اکين مان وهندڙ ڳوڙها سندن ڳٽن تي لڪيرون ٺاهيندا ٿي رهيا.

گرجا گهرن ۾ خطيبن ۽ پادرين پنهنجي تقريرن ۾ اهڙو ته رڻ ٻاري ڏنو هو جو مالڪ کڻي پناهه ڏي. انهن ملڪ ۽ پرچم سان وفاداريءَ جي هدايت ٿي ڪئي، خدا پاڪ کي ٻاڏايو ٿي ۽ کيس منٿون ٿي ڪيون ته هُو سندن ان عظيم مقصد ۾ مدد فرمائي.

بيشڪ اهي ڏينهن خوشين ۽ شادمانين جا ۽ خداوند جي عنايتن ۽ بخششن جا هئا، پر چئن- ڇهن ڪَل ٿڙيل ماڻهن جنگ کي ناپسند ڪيو ۽ ان نيڪ ۽ سنئين واٽ تي شڪ ڪرڻ لڳا، کين اهڙو ته ڌوڏيندڙ چتاءُ ڏنو ويو هو جو سندن مغز جاءِ تي اچي ويو ۽ هنن ٻيهر ٻڙڪ ڪُڇڻ جي همت به ڪونه ساري.

آچر جو سج اُڀريو، ٻئي ڏينهن سومر تي فوجي دستن کي جنگ جي محاذ تي پهچڻو هو. گرجا گهر ۾ تِر ڇٽڻ جي به جاءِ ڪونه هئي، سڀ رضاڪار اتي موجود هئا، سندن چهرا حقيقت جي رنگن ۾ رنڱيل خوابن سان روشن هئا، انهن خوابن ۾ اهي جنگ ۾ اڳتي وڌڻ، دشمن تي وار ڪرڻ، دشمن لشڪر جي شڪست ۽ هٿيار ڦِٽا ڪرڻ جهڙا نظارا ڏسي رهيا هئا. انهن خوابن ۾ جنگ جي ميدان تان گهر موٽندڙ سوڀارن جا ڪاراٽجي ويل چهرا به هئا، جن جو تمام وڏو آڌرڀاءُ ٿيڻي هو جن جي وڏي واکاڻ ٿيڻي هئي ۽ جن کي سوڀ ۽ عظمت جي درياءَ ۾ نِڙيءَ تائين ٻوڙجڻو هو.

رضاڪارن سان گڏ سندن مِٽ مائٽ وڏي خوشيءَ ۽ غرور وچان سينو تاڻي بيٺا هئا. سندن قسمت تي انهن پاڙيسرين ۽ دوستن ريس ٿي ڪئي، جن کي مانَ ۽ شانَ جي جنگ ۾ موڪلڻ لاءِ اُهي پُٽ يا ڀائر ڪونه هئا، جيڪي يا ته ملڪ لاءِ سوڀارا ٿي جنگ تان موٽن ها، يا وري نهايت مٿانهين درجي جي موت سان نوازيا وڃن ها.

عبادت جي شروعات ڪئي وئي، عهدنامي عتيق مان جنگ جي هڪ باب جي تلاوت ڪئي وئي. ’پهرين دعا‘ پڙهي وئي. جنهن کان پوءِ ارگن باجي جا سُر ايڏو ته زور سان اُڀريا جو گِرجا گهر جي عمارت ڌُڏڻ لڳي. ويٺل هڪ جهٽڪي سان اُٿي بيهي رهيا. ڌڙڪندڙ دلين ۽ چمڪندڙ اکين سان هنن خدا کي ٻاڏايو ۽ سندس عظمت ۽ وڏائيءَ کي هنن لفظن ۾ بيان ڪيو ته، ”اي صاحبِ جلال! اي قهار! کنوڻ جو کجڪو تنهنجي ڏهڪاءَ جي نشاني آهي ۽ انهن جي لڪير تنهنجي تيز تلوار آهي، شال سدائين تنهنجو ئي حڪم هلندو رهي.“

ان کان پوءِ ”ڊگهي دعا“ شروع ٿي، ڪنهن کي به ياد ناهي ته ايڏي گرم ۽ جوشيلي دعا ايڏي دل ڀڄائيندڙ انداز ۾ ڪڏهن گُهري وئي هجي. ان دعا جو مُنڍ ڪجهه هن ريت هو ته سدائين ٻاجهه ڪندڙ اسان جو ارحم الراحمين پيءُ اسان جي مهان نوجوان سپاهين کي پنهنجي پناهه ۾ رکي، مٿن پنهنجون برڪتون نازل فرمائي ۽ وطن سان محبت جي ان فرض کي ادا ڪرڻ ۾ سندن مدد ڪري، همت ڏي، سندن حوصلو وڌائي، کين پنهنجي سگهاري هٿ هيٺ رکي، جنگ ۾ کين مضبوط، ثابت قدم ۽ سوڀارو رکي، دشمن کي چيچلائي چيچلائي مارڻ ۾ سندن مدد ڪري، کين ۽ سندن ملڪ ۽ پرچم کي لازوال سربلندي ۽ عظمت عطا ڪري.

ان ئي گهڙيءَ هڪ پوڙهو اجنبي گرجا گهر ۾ داخل ٿيو، هُو آهستي آهستي بي آواز وِکون کڻندو ڪرسين واري وچئين رستي تان هلڻ لڳو. سندس نظرون پادريءَ تي کُتل هيون، سندس ڊگهو قد پيرن تائين ايندڙ ڊگهي جُبي سان ڍڪيل هو، مٿو کليل هئس ۽ سندس اڇا وار گَج اڏائيندڙ چشمي وانگر ڪُلهن تائين ٿي آيس. گهنج دار چهرو غير فطري هيڊاڻ ۾ وڪوڙيل هو، ڄڻ مٿس موت آيو هجي. سڀني ماڻهن ۽ رضاڪارن جون اکيون تجسس وچان ڏانهس کڄي ويون. هُو ماٺ ڪيو اڳتي وڌندو رهيو. ڪجهه دير کان پوءِ ڏاڪا چڙهي پادريءَ جي ڀَر ۾ وڃي بيٺو ۽ دعا جي ختم ٿيڻ جو انتظار ڪرڻ لڳو.

سندس موجودگيءَ کان بي خبر، اکيون ٻوٽيو، پادري دل ڏاريندڙ دعا گهرندو رهيو. گهڙين کان پوءِ پادريءَ پنهنجي دعا کي هنن لفظن تي ختم ڪيو ته، ”اي مالڪ! اي خداوند! هن عظيم ملڪ ۽ پرچم جا محافظ! اي اسان جا پيءُ! اسان جي هٿيارن کي برڪت ڀريو بناءِ، اسان کي سوڀ عطا ڪر.“

اجنبيءَ پادريءَ کي ٻانهن کان وٺي ڪجهه پَرتي ٿيڻ جو اشارو ڪيو. بدحواسيءَ وچان پادري پَر ڀَرو ٿي بيٺو. اجنبيءَ سندس جاءِ سنڀالي. ڪجهه گهڙين تائين هن پنهنجي ڳنڀير اکين سان، جن ۾ هڪ پُراسرار باهه جو ڀڀڙ ٿي ڀڙڪيو، خاموش حاضرين جو جائزو ورتو ۽ پوءِ گهري گونجندڙ آواز ۾ چيائين:

”مان اعليٰ تخت جو پيغام پهچائيندڙ، باري تعاليٰ جو پيغام کڻي اوهان وٽ آيو آهيان.“

اهي لفظ ٻُڌي ويٺلن کي زوردار جهٽڪو لڳي ويو. اجنبيءَ ويٺلن جي حالت محسوس ڪئي ته هوندي، پر هن ان پاسي ڪو ڌيان نه ڏنو ۽ پنهنجي ڳالهه جاري رکي:

”باري تعاليٰ فرمائي ٿو ته هن پنهنجي خادم يعني توهان جي ڌَنار جي دعا ٻڌي ورتي آهي. هاڻي هي عاجز پيغام رسائيندڙ توهان کي دعا جو ٻيو پاسو به سمجهائيندو. پوءِ جيڪڏهن اوهان جي خواهش به اوهان جي ڌنار جهڙي آهي ته پوءِ باري تعاليٰ ضرور دعا قبول فرمائيندو. انسانن جي ڪيترين ئي دعائن سان اهو معاملو هوندو آهي جو گهُرندڙ حقيقت ۾ جيڪو گهُرندو آهي، دعا تنهن کان وڌيڪ گهُري وٺندي آهي. تنهنڪري هڪ ڀيرو سوچڻ ويچارڻ نهايت ضروري آهي.

خداوند جو ۽ توهان جو خادم پنهنجي دعا گهُري چڪو آهي. دعا گُهرڻ وقت هُن هڪ گهڙيءَ لاءِ به ساهي پَٽي؟ هن ڪجهه سوچيو ويچاريو؟ اوهان ئي ڀلا ٻڌايو ته ڇا اها هڪ دعا هئي؟ بلڪل نه! اهي ٻه دعائون هيون. هڪ اها دعا، جيڪا زبان سان گهُري وئي ۽ ٻي اها جيڪا زبان سان به گهُري وئي. اهي ٻئي دعائون ان مطلق ٻڌندڙ تائين پهتيون آهن، جيڪو دعائون ٻڌندو ۽ قبول ڪندو آهي، ڀلي پوءِ اهي دعائون زبان سان ادا ڪيون ويون هجن يا نه. ان ڳالهه تي ٿورو ويچاريو. ڪجهه کوليو ذهن کي..... جڏهن توهان پنهنجي لاءِ خير ۽ برڪت جي دعا گهُري رهيا هوندا آهيو، ته خبردار! ڪٿي ائين ته ناهي هوندو ته ٺيڪ ان وقت توهان، اڻ ڄاڻائيءَ يا بنا ارادي جي، ڪنهن پاڙيسريءَ لاءِ خدائي قهر گهرندا هجو. جيڪڏهن توهان پنهنجي فصل لاءِ رحمت جي بارش جي دعا گهُرندا آهيو، جنهن جي ان کي ضرورت هوندي آهي، ته ان عمل سان ڪنهن پاڙيسريءَ جي فصل لاءِ، جنهن کي بارش جي ضرورت ناهي ۽ جيڪو ان سان تباهه ٿي سگهي ٿو، برباديءَ جي دعا گهُري رهيا هوندا آهيو.

پنهنجي خادم جي دعا اوهان ٻُڌي، يعني دعا جو اهو حصو، جيڪو زبان سان ادا ٿيو. مون کي خداوند جو اهو حڪم ٿيو آهي ته مان دعا جي ٻئي حصي کي لفظن جي صورت ۾ اوهان کي ٻڌايان، جيڪو پادريءَ ۽ توهان پنهنجي دلين ۾ ماٺ ميٺ ۾ وڏي شوق ۽ جوش سان گهُريو هو ۽ پنهنجي اڻ ڄاڻائيءَ ۾ ۽ بنا سوچڻ سمجهڻ جي گهُريو هئو. خدا ڪري ته ائين ئي هجي. توهان هي لفظ ٻڌايو ته، ”اي مالڪ! اي خداوند! اسان کي سوڀ عطا ڪر. بس، اهوئي ڪافي آهي. ادا ڪيل پُوري دعا انهن ڳُوڙهن لفظن سان ڳنڍيل آهي. تفصيل ۽ وضاحتون ضروري بلڪل به ناهن. جڏهن توهان انهن ڪيترن ئي نتيجن جي به دعا ڪئي، جيڪي فتح کان پوءِ ظاهر ٿيندا آهن ۽ لازمي طور تي ظاهر ٿيندا آهن. دُعا جو اهو حصو، جيڪو لفظن ۾ بيان نه ڪيو ويو، سو مطلق ٻڌندڙ جي ڪنن تائين پهتو آهي. هُن مون کي حڪم ڏنو آهي ته دعا جي ان حصي کي مان لفظن ۾ بيان ڪريان ته ٻڌو ڀلا!

(توهان اها دعا گهري ته)، ”اي مالڪ! اي اسان جا پيءُ! ڏس! اسان جي هي محبِ وطن جوانڙا، اسان جي اکين جا تارا ۽ دلين جا ٺار جنگ لاءِ نڪتا آهن ته تون انهن سان گڏ رهه، اسان به پنهنجا گهر گهاٽ ۽ امن ۽ سڪون ڇڏي، دشمن تي وار ڪرڻ لاءِ، سِرُ تِريءَ تي کڻي نڪري پيا آهيون. اي مالڪ! اي اسان جا خداوند! اسان جي مدد ڪر ته جيئن اسان توپ جي گولن سان دشمن جي حرامي سپاهين جي جسم جا ٽڪرا اُڏائي ڇڏيون.

مدد فرماءِ ته جيئن اسان دشمن جي مسڪرائيندڙ ۽ جُهولندڙ فصل مٿان ان جي سپاهين جا رت ۾ ٻڏل لاش وڇائي سگهون. خداوند! مدد فرماءِ ته جيئن اسان جي توپن جو گجندڙ آواز دشمن جي زخمي فوجين جي رڙين ۽ دانهن ڪُوڪن ۾ دٻجي وڃي. مالڪ! مدد فرماءِ ته اسان دشمن جي گهرن کي باهه جي ڀَڀڙن سان ساڙي خاڪ ڪري ڇڏيون.

انهن دشمن سپاهين کي ماري پوءِ سندن زالن کي بيواهه ڪري سڄي زندگيءَ جو ڏک ڏيڻ ۾ اي مالڪ! اسان جي مدد ڪر. دشمن جي ٻارن کي گهر مان تڙي ڪڍڻ، بي سهارا ڪرڻ، ذليل ۽ دربدر ڪرڻ ۽ برباد ٿيل فصلن مٿان سندن پيئرن جي لاشن جي ٽُڪرن سان چنبڙي اُڀ ڏار رڙيون ڪرڻ ۽ بُک ۽ اُڃ وِگهي دانهون ڪُوڪون ڪرڻ ۾ اي اسان جا خداوند! اسان جو هٿ ونڊاءِ. ائين به ٿئي ته اهي سوئر جا تُخم سياري ۾ پوندڙ برف ۽ ٿڌين هوائن جو کاڄ بنجي وڃن ۽ اونهاري ۾ وري سج مان نڪرندڙ باهه جو بَکُ بنجي وڃن. جيڪي بچي وڃن، سي پاڻ کان بيزار ٿي قبر ۾ پناهه وٺڻ لاءِ توکان دعا ڪن ۽ جواب ۾ تنهنجو انڪار ٻڌن. اسان جي خاطر، جو اسان تنهنجي عبادت ۽ تنهنجي واکاڻ ڪريون ٿا، اي آقا! انهن جون اميدون ڌُوڙ ۾ ملاءِ، انهن جي زندگيءَ جا گُل ڪومائي ڇڏ، سندن زندگيءَ جي سفر کي ڏکيو ۽ ڊگهو ڪر. اي مالڪ! انهن جي قدمن کي ڳَرو ڪر ته جيئن اهي گِهلبا رهن. سندن رستي ۾ سندن ئي ڳوڙهن جو ڇڻڪار ڪر ۽ اَڇي برف کي انهن جي زخمي پيرن مان ٽمندڙ رت سان ڳاڙهو لال ڪري ڇڏ. اسان هي سڀ ڪجهه محبت جي جذبي ۾ سرشار ٿي، اُن کان گهرون ٿا، جيڪو پيار ۽ ٻاجهه جو سرچشمو آهي، جيڪو هر حال ۾ ۽ هميشه وفا ڪندڙ دوست آهي ۽ جيڪو سڀني گهر موٽندڙن ۽ ڏکويل دلين جي پناهه گاهه آهي. آمين!

توهان سڀني اها دعا گهُري هئي نه؟ هاڻي جيڪڏهن توهان اهوئي چاهيو ٿا ته پوءِ مون کي ٻڌايو خداوند جو هي عاجز پيغام پهچائيندڙ انتظار ۾ آهي.

ماڻهن سمجهيو ته هي چريو آهي، ڇو جو هن جيڪي ڪجهه چيو هو، تنهن جو ڪو مُنهن مَٿو ئي ڪونه هو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org