رکيل مورائي
ڪراچي
پاڻَ ۾ پاڻُ
ڳولهڻ جي جستجو
جيئڻ ڪهڙين به حالتن ۾ جيئڻ آهي جيڪڏهن
حالتون موت کان ڪنهن به طرح نراليون آهن ته! ڪجهه
به نئون لکڻ نئون جيئڻ ئي ته آهي، ۽ سنڌي ٻوليءَ
کي نئون/جديد ادب ڏيندڙ ڪهاڻيڪار، ناول نگار ۽
ننڍي دائري ۾ ڪوتاڪار اخلاق انصاري صاحب جي ڪهاڻين
تي ڪجهه به لکڻ ائين آهي.
اخلاق انصاري صاحب جي ڪهاڻين تي لکندي هڪ ڳالهه ته
کٽڪي ٿي ته نئين/جديد ادب جي تشريح يا تعارف اسان
وٽ مڪمل طرح نه ٿي سگهيو آهي. سبب اهو آهي جو ان
طرف اسان جو ويچار يا رخ ٺيڪ طرح سان ويو ئي نه
آهي. اڄ تائين جيڪو به ڪجهه ان سلسلي ۾ لکيو ويو
آهي اهو بنهه گهٽ آهي ۽ ان ڪري ان ۾ نئين/جديد ادب
جي چٽائي نه ڪئي وئي آهي، جيڪو ڪجهه ڪيو ويو آهي
اهي سڀ ڪوششون ئي آهن. ڪامياب/ ناڪامياب.
اتي منهنجو خيال اهو آهي ته اهڙو جذبو به
ڪن ٿورن نقادن/لکندڙن کي ٿي سگهي ٿو. ان هوندي به
هڪ نقاد لاءِ، جڏهن هو اڄ جي ادب تي لکڻ جي
جوابداري کڻي ٿو ته، يا ادب تي لکڻ وقت اُن مان ”
اڄ جي ادب“ جون وصفون ڳولي ٿو، يا انهن کان وصف جي
تقاضا ڪري ٿو، تڏهن مختصر ئي سهي، کيس اهو ٻڌائڻ
لازمي بڻجي پوي ٿو ته هُو هٿ ۾ کنيل تخليق تي
تنقيد ڪندي، نه صرف جدت طرف پنهنجو رخ ٻڌائيندو
هلي، پر اهو به ضرور ٻڌائي ته جدت پاڻ ڇا آهي ۽ هن
ليکڪ لاءِ ڇا آهي. جنهن تي لکيو پيو وڃي، ڇو ته
ڏٺو اهو ويو آهي ته ڪنهن به ليکڪ (هتي اخلاق
انصاري صاحب جي جدت جي پس منظر ۾) جي داخليت تائين
پهچ خارجيت معرفت ئي ٿيندي آهي، ڪي ليکڪ ٻيءَ طرح
به سوچيندا هوندا يا سوچيندا آهن.
منهنجو چوڻ اِهو آهي ته ڪنهن به سچ تائين
پهچ ادب جي شروعات کان ٻن پهلن کان رهي آهي، هڪ
تخليقڪار جي ۽ ٻي ويچارڪ جي، خوشي ڏيندڙ ڳالهه اها
آهي ته هڪ ئي وقت اخلاق انصاري صاحب ۾ مٿيان ٻئي
شخص موجود رهيا آهن.
سندس تازو ڪهاڻي ڪتاب ’مان پاڻ کي ڳولڻ نڪتو
آهيان‘ ان ڳالهه جو جيئرو ثبوت آهي. جنهن ۾
تخليقڪار به موجود آهي ته ويچارڪ/ سوچيندڙ به! ۽
ادب انهن ٻن جي موجودگيءَ ۾ ئي اوسر ڪندو آهي،
جيڪا سنڌي ادب جو نصيب بڻيل آهي. صنف ڪهڙي به هجي
ان تي لکڻ الڳ آهي، جيئن هن وقت منهنجو لکڻ
ڪهاڻيءَ تي آهي، سو به اخلاق انصاري صاحب جي
ڪهاڻيءَ تي، ڪهاڻيءَ جي حسب نسب تي لکڻ هن وقت
اجايو.
ڪيئن به سنڌي اصلوڪي ڪهاڻيءَ پنهنجي جنم کان اڄ
تائين، جنم ڏينهن ٻڌائڻ کان سواءِ جيڪو سفر ڪيو
آهي، اهو ساراهڻ جهڙو ته آهي ئي پر ڪٿي ڪٿي اهو
سنڌي ادب کي فخر ڏياريندڙ پڻ آهي، ڇاڪاڻ ته
ڪهاڻيءَ جي ڀيٽ ۾ سنڌي ادب جو ناول بنهه غريب آهي.
اخلاق انصاري صاحب هڪ عدد ناول به لکيو آهي، پر
سندس ڪهاڻيءَ مجموعي سنڌي ڪهاڻيءَ جي مختلف چهرن
کان پنهنجو چهرو الڳ ظاهر ڪيو آهي، جيڪو ڏسڻ سان
ئي محسوس ڪري سگهجي ٿو، خاص طور سندس نئون آيل
ڪتاب ’مان پاڻ کي ڳولڻ نڪتو آهيان‘ پنهنجي نالي
مان ئي ظاهر ڪري رهيو آهي ته هن ڪتاب جون ڪهاڻيون
”من ڇيد“ واريون ڪهاڻيون آهن، جيڪي ليکڪ جي سڃاڻپ
به آهن سندس سموري ادب ۾!
اخلاق انصاري صاحب سنڌيءَ جو اهو ليکڪ آهي جنهن
جون ڪهاڻيون شخص جي آس پاس هجڻ باوجود شخص جي آر
پار جو چهرو وڌيڪ ڏيکارينديون آهن، هت مان مغربي
ادبي ڌارائن توڻي تنقيدي ڌارائن جو بار هنن ڪهاڻين
تي وجهي انهن جي اصلوڪي بيهڪ توڙي سونهن سميت
احساس توڻي اظهار کي ڇيهو نٿو رسائڻ چاهيان ٻيءَ
طرح دنيا جي مڙني ٻولين جو ادب، دنيا جي ٻين مڙني
ٻولين تي پنهنجو اثر ڇڏيندو آيو آهي، جنهن جي
اپٽار ڪرڻ منهنجو مقصد نه آهي!
اخلاق انصاري صاحب جون هن ڪتاب ۾ آيل ڪهاڻيون نئين
صديءَ ۾ پنهنجي اهڙي تازگي کڻي آيون آهن جنهن کي
محسوس ڪري سگهجي ٿو، ماڻي به سگهجي ٿو ته ڀوڳي به
سگهجي ٿو.
ڪڏهن ڪڏهن ائين به ٿيندو آهي ته محسوس ڪيل کي ماڻي
يا ڀوڳي ته سگهبو آهي، پر ان سڀ کي اظهارڻ ڏاڍو
ڏکيو ٿي پوندو آهي، شايد مون سان به ائين ٿي رهيو
آهي، تنهن هوندي به هيءُ چوڻ مون لاءِ وڌيڪ ٺيڪ
آهي جو چوان/لکان ته هيءُ ڪهاڻيون باوجود پنهنجي
دائري ۾ زمان ۽ مڪان جون لڪيرون رکندي، پنهنجي
احساس ۽ اظهار ۾ ايتريون ويڪريون/ سگهاريون آهن جو
اهي ڪنهن به وقت پڙهجن، پنهنجو احساس تازو
رکنديون، اهو سڀ ڪهاڻيڪار جو ڪمال هوندو آهي ۽
ائين هر ڪهاڻيڪار وٽ اهو ڪمال نجو هوندو آهي، جيڪو
سندس ادبي ميراث هوندو آهي، جيڪا کانئس ڪو به کسي
نه سگهندو آهي.
’مان پاڻ کي ڳولڻ نڪتو آهيان‘ جو سفر ٻاهر کان
اندر ڏانهن آهي. جيڪو ٿورن ليکڪن وٽ هوندو آهي،
انهن ٿورن (جيڪي سنڌيءَ ۾ لکن ٿا) مان هڪ نالو
اخلاق انصاري آهي، کانئس پوءِ واري نسل ۾ شايد هڪ
کان وڌيڪ نالا اڀري اچن!
ڪيئن به سندس ڪهاڻين کي جيئن مون محسوس ڪيو آهي،
مون کي اهو ئي لکڻو آهي، سڀني سَهمتين ۽ اَسهمتين
سميت.
هن ڪتاب اچڻ کان اڳ گهڻي ساراهه ماڻڻ جو اعزاز
رکندڙ ڪهاڻي ’ظفر اقبال وري پناهه ڳولي ٿو‘ ڪتاب
جي پهرين ڪهاڻي آهي. ياد رهي ته هيءَ ڪهاڻي ٻاهر
جي پناهه جو احساس به کڻي آئي آهي ته اندر ۾ پناهه
ڳولڻ جو احساس به کڻي آئي آهي. ڪتاب جي پهرئين
ڪهاڻي اهو ٻڌائڻ لاءِ گهڻي آهي ته شخص جيڪو اندر
اندر اڪيلو هوندو آهي، اهو ٻاهر ٻاهر وڌيڪ
اڪيلائيءَ کان پناهه گهرندو آهي، هيءَ ڪهاڻي اهڙي
شخص جو بيمثال اظهار آهي.
اسين سڀ جيڪي ماضيءَ ۾ جيئون ٿا، حال جي حقيقت
سامهون اچڻ کان لنوايون ٿا، ڇو ته ان کان ڊڄون ٿا،
ان ڪري اسان پنهنجي اڄ جي ادب سان به مُنهان مُنهن
نه آهيون، پاڻ سان به نه آهيون، ان جي ڪن ڇانَو
وارن پاسن ۾ پناهه ڳولهيون ٿا، زندگيءَ جو نجي
سَچُ اظهارڻ جي قوت نٿا رکون، جنهن سبب شخص جو
احساس به شخص لاءِ هڪ اذيت بڻجي پوي ٿو، جڏهن هُو
سچ پچ اهو محسوس ڪري ته هو پنهنجو سمورو ڪارج
”نالي کان سواءِ“ ائين وڃائي ويٺو آهي جيئن اليڪسي
(L)
ايل جيڪو فقط پنهنجو نالو ٻڌي پنهنجو رد عمل
ڏيکاري ٿو، ٻيءَ طرح هُو ڪجهه به نه آهي. يا هن
جهان جو نه آهي. هن احساس واري ڪهاڻي سنڌي سماج
(جيڪو سماج جديديت جي دٻاءَ هيٺ ته آهي، پاڻ ۾
جديد نه آهي) کي ڏيئي، اخلاق انصاري صاحب مجموعي
طور سنڌي ڪهاڻيءَ جو نڪ مٿي ڪيو آهي.
جيتوڻيڪ سنڌي ڪهاڻيءَ جي وڏي حصي جو نڪ پيٽ تائين
ڏسي ٿو، ان کان اڳتي شخص جي اڪيلائي آهي. جيڪا هڪ
انبوهه ۾ وڃائجي وئي آهي. جنهن کي بهرحال ڪهاڻيءَ
معرفت ڳولڻو آهي. هيءَ دنيا جي ادب کي ڏيکارڻ جهڙي
ڪهاڻي آهي، جنهن جو عنوان آهي ’اوپرو‘.
’زندگي ڪجهه به نه...!‘ جي نالي واري ڪهاڻي ماضيءَ
کان حال ڇڏي/وساري، مستقبل ۾ ٽپو نه ڏيئي سگهڻ جي
درد پالڻ واري اهڙي شخص جي آس پاس آهي جيڪو ماضيءَ
جون اهڙيون يادون سانڍي ٿو جيڪي کيس سهارو نٿيون
ڏيئي سگهن جنهن وقت هُو دل جي علاج لاءِ اسپتال ۾
داخل آهي ۽ اڪيلو آهي ۽ ان سمنڊ ۾ ٻڏل آهي، جنهن
لاءِ ڪهاڻيءَ ۾ هڪ پيرا ڏني وئي آهي.
”سمنڊ آڻجانءِ!
ڪيئَن آڻيندس!
پوءِ پڇين ڇو ٿو؟ هاڻ هُن جي اکين ۾ سمنڊ هو، هوءَ
سمنڊ کڻي منهنجي ڪمري ۾ آئي هئي“ الميو اهو آهي ته
هو انهن اکين جي سمنڊ ۾ به ٻڏي نه سگهيو هئو،
جيترو اڪيلائيءَ ۾ ٻڏو هُئو شايد!
سوچڻو ان تي آهي ته زندگي ڇا آهي؟ زندگي
ته هئي ۽ رهڻي آهي فقط زندگيءَ ۽ زندگيءَ جي وچ ۾
ڪجهه به نه آهي، جنهن کي عُمر چئجي ٿو.
سمجهي سگهجي ٿو ته ’پڇاڙ ڪن قدمن جو ٿڪ‘
وڌيڪ شدت سان محسوس ٿيندو آهي. اڄ جي شخص کي
زندگيءَ الڳ الڳ حوالن ۾ ڪيترو ٿڪايو آهي، هيءَ
ڪهاڻي ان شخص جي ڪٿا آهي، جيڪا سندس بدلجندڙ
ويچارن کي سهيڙڻ نٿي ڏئي ۽ هن جو ننڍڙو سفر کيس
مختلف حوالن ۾ ڪيترو پيڙي رهيو آهي، شخص جيڪو
پنهنجي اندر ۾ پيڙت آهي، ڇاڪاڻ ته هو شگر جو مريض
به آهي ته دل جو مريض به. هيءَ سندس نجي پيڙا آهي
جنهن کان ڪو به ٻيو واقف نه آهي ۽ کيس عام اڳيان
اظهارڻ به غير مناسب ٿو لڳي! پنهنجو درد!
ڪهاڻيءَ جي فريم ۾ اهو اظهار آرٽ جو هڪ
ننڍڙو فنپارو ٿي ظاهر ٿيو آهي. شخصي پيڙا ٻاهران
گهمندڙ هن ڪهاڻيءَ ۾ جيڪو درد آهي، اهو هُو ئي
ڄاڻي سگهي ٿو، هيءُ درد ڪو انبوهه جو يا جلوس جو
درد نه آهي، جو تماشي جو گمان ٿئي.
ائين اخلاق انصاري صاحب جي ڪهاڻي
’سوڙهي ڪُنڊ جو دائرو‘ ۾ هڪ اهڙو اڻ ڄاتو خوف آهي،
جيڪو خود اذيت ڏيندڙ آهي شخصي طور! اهو خوف وارو
عمل ٻين جي زندگين کي تباهه ڪرڻ سبب، خوشي ڏيندڙ
آهي، هڪ شخص لاءِ! جڏهن ته مجموعي طور خوفائتو
آهي. روئڻ ۽ پريشان ٿيڻ جو ناٽڪ نگيٽيو هجي توڻي
پازيٽيو جيڪو هڪ شخص لاءِ آهي. اهڙو ڪو به ناٽڪ
خود غرضي آهي! ۽ هيءَ ڪهاڻي ان خود غرضيءَ تي آهي
هڪ ماٺيڻي چوٽ!
’سَڃ‘ ڪهاڻيءَ جي زليخان جي ”ديد ته نه
هئي تير هُئو جنهن اندر زخمي ڪري ڇڏيس“ ٽيهارو سال
آڳاٽو سنڌ جو سماج ۽ ان جا ڪردار کڻي آيل هيءَ
ڪهاڻي پنهنجي فني بيهڪ ۾ نه رڳو نئين آهي، پر ليکڪ
جي مزاج موجب آهي. هن ڪهاڻيءَ جي ڪردار جو ٻاهر
کان اندر ڏانهن اچڻ آهي. جنهن جهڙن ڪردار لاءِ
ائين سوچڻ ئي مشڪل هوندو آهي. ڳوٺاڻي ڪاٽڪو
زندگيءَ جو احساس ۽ مزاج رکندڙ ڪردار جڏهن پنهنجي
ڪنهن عمل تي پڇتائي ٿو ته ان کان اڳ پڇتاءَ سبب هڪ
اهڙي سزا ڀوڳي ٿو جيڪا اصل ۾ سزا ئي هوندي آهي. هڪ
اندر جي ۽ ٻي ٻاهر جي ۽ جڏهن ٻئي سزائون ڪاٽي ختم
ڪري ٿو ته اها دنيا ئي مٽجي وڃي ٿي جنهن ۾ ڪردار
رمضان رهندڙ هُئو. اهو نئين ٿيل ترقيءَ جو راز
هُئو.
’بُونساءِ‘ ڪهاڻي/پلاٽ ليس، اڪيلائيءَ ۾
ويچارن جي ڊوڙ، ذهن تي گهڻ پاسائون دٻاءُ! بي
يقيني، رشتن تان ويساهه کڄڻ، اندر جي ڀڃ ڊاهه،
جديد دنيا جي کوکلائپ سبب شخص جو پاڻ کان فرار،
اهي اڄ جي نامراد دور جي، شخص جي آس پاس کان آرپار
تائين جون پيڙائون آهن، جيڪي ٻاهرئين سڀُ ڪجهه هجڻ
باوجود، اندر ئي اندر ڪجهه به نه هجڻ سبب ڀوڳي ٿو،
پوءِ به جيئي ٿو. دراصل هيءُ اڄ جي دور جو انسان
آهي، جيڪو جيئڻ لاءِ مجبور ڪيو ويو آهي ڪنهن به
نالي ۽ سڃاڻپ کان سواءِ!
هن ڪتاب جي هڪ ڪهاڻي ’معافي‘ نالي واري
آهي. ننڍن لفظن/ جملن/سٽن ۾ وڏي ڪهاڻي، ضرور پڙهڻ
گهرجي! ڏند ڪٿا/لوڪ ڪهاڻيءَ جهڙو موضوع کڻي ايندڙ
هن جديد ڪهاڻيءَ پنهنجي اندر گهڻي گهڻي وڏي ٽرئجڊي
سانڍي رکي آهي ۽ اخلاق انصاري صاحب جنهن فنڪاريءَ
سان هن موضوع کي ڪهاڻيءَ ۾ اُڻيو آهي اها اڄ جي
ماڊرن ڪلاسڪ آهي.
بنا ڪنهن آواز جي، بنا ڪنهن واڪي جي، گوڙ
شور جي پنهنجي ماٺ ۾ هڪ بارودي باهه جو تاءُ رکڻ
واري هيءَ ڪهاڻي، جيتري شانت سڀاءَ، سيتل/نرم لهجي
۾ اظهاري وئي آهي، ان لاءِ ڪنهن به ليکڪ جو ٻاٻُرن
ٽانڊن تان گذرڻ بنهه ضروري آهي ۽ جيڪو ليکڪ اهڙو
تجربو نٿو رکي ان لاءِ هن ڪهاڻيءَ جهڙي ڪهاڻي لکڻ
ناممڪن ڀل نه هُجي، اوکي اوس آهي. منهنجي اندر جي
شخص کان هيءَ ڪهاڻي وسرڻ جهڙي نه آهي، شايد سنڌي
ڪهاڻيءَ جي تاريخ کان به هيءَ ڪهاڻي نه وسري سگهي،
ان سڀ تعريفي لکڻ لاءِ معافي، سائين معافي!
’هارايل عُمر جا آخري پل‘ ڪهاڻي پڙهڻ کان
پوءِ محسوس ائين ٿئي ٿو ته، جديد سماج اڏڻ جي
نالي، ڪٽنبن، رشتن ٽٽڻ کان پوءِ جڏهن تڪڙو ئي تڪڙو
”ڪالهه“، ”سڀاڻي“ ۾ بدلجي وڃي ٿو ته ”اڄ“ پنهنجي
سموري معنيٰ وڃائي ويهي ٿو يا ڪيتريون ئي معنائون
جوڙي وڃي ٿو؟ ماڻهو/شخص وقت کان تڪڙو اڳتي ڊوڙي
نڪرڻ جي گوءِ ۾ آهي، هو اُهو نٿو سمجهڻ چاهي ته
وقت کان ڪنهن به طرح کٽي نه سگهندو ۽ شڪست
کائيندو، جيئن ڪهاڻيءَ ۾ ’بابا‘ ڪردار کاڌي آهي،
پر اها فطري ڪيتري آهي، ويچارڻو اهو آهي.
’نه سمجهڻ جو ڏک‘ ڪهاڻيءَ کي جيئن مون
سمجهيو آهي، اهو هيئَن آهي ته، هن ڪهاڻيءَ ۾ قدرن
جي بدلجڻ/مٽجڻ جو الميو آهي. ماڻهو جڏهن ڪجهه به
سمجهائي سگهڻ جي قوت گهٽائي ٿو ته اڪيلو ٿي وڃي
ٿو، ڇو ته سمجهائڻُ ۽ سمجهڻُ ٻن شخصن يا ان کان
وڌيڪ شخصن جي وچ ۾ هوندو آهي. ٻن نسلن جو نه
سمجهائي سگهڻ ۽ نه سمجهي سگهڻ حالتن/قدرن جو بدلجڻ
آهي، جنهن بدلجڻ ۾ گهڻو ڪجهه بدلجي ويندو آهي. ڀل
اهي پٽ ۽ پيءُ جي وچ جا ناتا رشتا ئي ڇو نه هجن.
اخلاق انصاريءَ جي هيءَ ڪهاڻي، پيڙهي وڇوٽيءَ جي
احساس کي ڪهاڻي جي سطح تي وڌيڪ اڀاري سگهي آهي.
’مان پاڻ کي ڳولڻ نڪتو آهيان‘ ڪهاڻي ڪتاب جي نالي
واري ڪهاڻي آهي، ان کي مان نالي سان ذڪر هيٺ آڻي
گهڻو تفصيل سان لکڻ چاهيندي به مضمون وڌڻ جي خوف
سبب مختصر ڪري پاڻ کي هلڪو ڪريان ٿو سک ماڻيان ٿو،
هن ڪهاڻيءَ تي لکڻ اڪيلائيءَ جي سمنڊ ۾ پاڻ کي
ڳولڻ آهي ماڻهو جيئن سوچيندو آهي، اهو فقط سوچڻ ئي
هوندو آهي، ڇاڪاڻ ته سچ جي اسپيڊ گهڻي گهڻي تيز
هوندي آهي، جيتري اندر جي ڪائنات وڏي آهي ايتري
سوچ جي اسپيڊ وڏي آهي. هن ڪهاڻيءَ ۾ اهڙي ئي سوچ
جو سفر آهي، جيڪو ڪٿان کان ڪٿي ٿو پهچي، اهو سڀ
شخص جي ڊوڙ کان ٻاهر آهي. ان لاءِ ليکڪ جو اهو
جملو ڪافي آهي ” الائي ڪيتريون دانهون لڪل هونديون
آهن، هزارين دانهون، هزارين ماڻهن جي اندر ۾ دفن
هونديون آهن.“
۽ سچ پچ اهي دفن ئي ٺيڪ آهن، ڇو ته هر دانهن کي
پنهنجا سبب هوندا آهن سببن تي جيترو ويچاربو،
ويچار اوترو ڊگهو ٿيندو ويندو ۽ سوچيل جڏهن اظهار
پائيندو ته کلڻ حاب ڪندو! ڇاڪاڻ ته اهو ڪنهن جو نه
هوندو آهي يا ڪنهن جو هوندو آهي، ڇو ته نه هاٿيءَ
جي ڪنن مان ڪيلي جا پن ٺهندا ۽ نه ڪيلي جي پنن مان
هاٿيءَ جا ڪن ٺهي سگهندا. ها! اهو سچ آهي ته، ڪن
سهي جڳهين تي غلط ماڻهو ويٺل هوندا آهن ۽ ڪن غلط
جڳهين تي سهي ماڻهو ويٺل ٿي سگهن ٿا. اندر جي سچ
طور مڇيءَ جي ٻچڙن سان همدردي هوندي به انهن جي
پڪڙيندڙن جي شڪايت نٿي ڪري سگهجي ۽ نه ئي کين روڪي
سگهجي ٿو ۽ انت يا چرين جي اسپتال جو هڪ بيڊ يا
آرٿوپيڊڪ وارڊ جي داخلا ۽ مسلسل اڪيلائي.
هيءَ سڀ ويچارڪ شخص جي ڀوڳنا آهن، جيڪا اخلاق
انصاري صاحب جي ڪهاڻيءَ ۾ آهي، جنهن کي ليکڪ ادب
جي هڪ ڌارا سيريلزم جي ڌارا ڪوٺي ٿو، پر جيڪڏهن سچ
پچ صرف ويچاريل، سائنس جي سهوليت سان لکت ۾ اچي
وڃي ته پوءِ پڪ اهو ٻاهر جو سچ به هوندو اُهو ڪنهن
ڌارا جو محتاج ڪٿي هوندو؟
ائين هي ڪنهن به ڌارا جي دائري کان ويڪري ڪهاڻي
آهي، ان جي پڄاڻي به احساساتي سطح تي ايتري ويڪري
آهي. ”مان اڄ مري ويو آهيان، دعا لاءِ هٿ کڻڻ جي
ضرورت نه آهي“ شخص جو الميو ۽ سندس اندر اڪيلائي
ڪيتري وڏي آهي رڳو سوچي ئي سگهجي ٿو. باقي ٻين
پڙهندڙن ۽ لکندڙن جي راءِ لاءِ ڇڏيان ٿو. ڇاڪاڻ ته
اها خود ليکڪ اخلاق انصاري ۽ شخص اخلاق انصاريءَ
جي سڃاڻپ جو حوالو به آهي.
ائين ’پن ڇڻ ۾ ٽڙيل گل‘ ڪهاڻي، دنيا جي هاڻوڪي وبا
جي مايوس ۽ اُداس ڏينهن تي لکيل هڪ پرُاميد ڪهاڻي
آهي. جيڪا هڪ پالتو ڪتي جي سفر ڪٿا کي کڻي لکي وئي
آهي. هنن ڏينهن ۾ دنيا اندر لکيو ويندڙ ادب جي
هيءَ وڏي ڪهاڻي آهي جيڪا ننڍي ٻوليءَ ۾ لکي وئي
آهي. هيءَ ڪهاڻي جڏهن به پاڻ جهڙي وڏي ٻوليءَ ۾
ترجمو ٿي ته وڏو اعزاز/مرتبو ماڻيندي موضوع جي
حوالي سان ۽ اسلوب جي حوالي سان به! هن ڪهاڻيءَ جو
مکيه ڪردار جيڪ جي نالي سان آهي، مجموعي طور اخلاق
انصاري صاحب جي اڪثر ڪهاڻين ۾ پوئين عمر جي
اڪيلائيءَ جو خوف گهڻو آهي، ان ۾ ٻه ڳالهيون نه
آهن.
’مڙهيل عذاب ۾ گذاريل گهڙيون‘ هڪ اهڙي شخص جي
وارتا آهي، جيڪو سامهون فليٽ ۾ رهندڙن پاڙيسرين
جي مڙهيل اذيت کان بچڻ چاهيندي به بچي نٿو سگهي.
جيتوڻيڪ هي پل ئي آهن جن جو عذاب ڪهاڻي ۾ آندل
آهي، پر انهن جي اذيت کي ڪهاڻيڪارُ/فنڪارُ ڪيئن
ڏسي ٿو، محسوس ڪري ٿو ۽ اظهاري ٿو اهو پڙهڻ وٽان
آهي ۽ ان کان پوءِ ڀوڳڻ وٽان آهي.
’پوءِ‘ ڪهاڻيءَ ۾ ڪجهه به تڪڙو ڪرڻ/چوڻ جو رد عمل،
جيڪو شخص کي پيڙت ڪري ٿو، هيءَ ڪهاڻي ان شخص جي
پيڙا جي آهي. تڪڙو ڪجهه مناسب/غير مناسب چوڻ جي
پڇتاءَ جو احساس کڻي هڪ شخص جنهن پيڙا مان گذري ٿو
ان احساس جو لاجواب اظهار آهي هن ڪهاڻيءَ ۾. هو هڪ
شخص ٻن عورتن مان، جن ۾ هڪ عورت سندس زال پڻ آهي،
ڪنهن سان به پنهنجو سچ نٿو اظهاري سگهي، نتيجي ۾
هڪ پيڙا آهي جيڪا ڪن ڏينهن لاءِ ڀوڳڻي پويس ٿي.
جيئڻو جو اٿس.
’مئل من-اوندهه انڌوڪارُ‘ هيءَ ڪهاڻي سريلنڪا ۾
آيل ٻن گهمندڙن (عورت ۽ مرد) جي ملاقات ۾ ڪيل
اڪيلائيءَ جون، سياسي، ادبي، انقلابي، فلاسافي تي
ٻڌل ڳالهيون آهن، جيڪي مقانيت کان اڀري عالميت تي
رسڻيون آهن پر هر شخص وٽ پنهنجن هيروز لاءِ ڪي خاص
عقيدا آهن، مڃتائون آهن، جن تي ڪنهن به قسم جو
ڪامپرومائز ڪرڻ لاءِ هو تيار نه آهن، پر سندن خيال
۽ جاچنائون ڪجهه ٻڌل ۽ ڪجهه پڙهيل محسوس ڪري سگهجن
ٿيون، هيءَ ڪهاڻي به ڪنهن مڪان تي ضرور آهي پر
هوءَ زمان کان مٿانهين آهي دنيا جي وڏين ڪهاڻين
سان برميچڻ جهڙي آهي، پر آهي ته سنڌيءَ ۾. فخر ته
ٿيندو ئي هڪ سنڌي پڙهندڙ ۽ لکندڙ جي ناتي!
۽ پوءِ ڪتاب جي آخري ڪهاڻي آهي ’ويران رستا،
سوڙهيون گهٽيون‘ آهي، هيءَ هڪ اهڙي شخص جي ڪهاڻي
آهي، جنهن وٽ پنهنجا خواب آهن، اميدون آهن، آشائون
آهن ۽ اهي سڀ تڏهن پورا ٿيڻا آهن جڏهن هو پنهنجي
ننڍڙي نوڪريءَ مان رٽائرڊ ٿيندو ۽ کيس جي پي فنڊ
جا پيسا ملندا ۽ جڏهن اهي کيس ملن ٿا ته هُو پاڻ
کي اهڙي هرڻيءَ جي روپ ۾ ٿو ڏسي جنهن کي چيرڻ ڦاڙڻ
وارن جو هڪ چڱو خاصو انگ سندس چوڌاري موجود آهي ۽
هو بيوسيءَ جي حالت ۾ آهي. هيءَ تمثيلي ڪهاڻي
آهي، جنهن جي پڄاڻي هرڻيءَ جي موت تي ٿئي ٿي جنهن
کي ماريندڙ ته شينهن ئي آهي، پر جنهن جو ماس چئني
طرفن کان ڳجهون پٽي رهيون آهن، پٽ تي سندس هڏا ئي
رهيل آهن، جيڪي ان شخص جي علامت آهن جنهن پنهنجا
سمورا سک پنهنجي پڇاڙيءَ ۾ ملندڙ پونجيءَ سان واڳي
ڇڏيا هئا، پر هن کي خبر نه هئي ته ان پونجي کي ڪي
ڳجهون هن کان اڳ ئي ورهائي کائڻ چاهين ٿيون انت
ڪنهن رستي تي پيل ڪي هڏا جن جي ڪا به حاصلات نه.
اهڙين ئي حالتن ۾ ماڻهو پاڻ کي تحفظ ڏيڻ چاهيندو
آهي، جيڪو به هڪ لمحي جو احساس ئي هوندو آهي، هيءَ
ڪهاڻي اهڙي آهي جنهن لاءِ اهو ئي چئي سگهجي ٿو ته
”مان پاڻ کي ڳولهڻ نڪتو آهيان“ خواهش به آهي، اميد
به آهي ته اسين سڀ پنهنجو پاڻ کي ڳولي لهون. مون
کي ايترو ئي چوڻو آهي ۽ بس!
وفا منظور چوهاڻ
شڪارپور
ڳولا: نياز مسرور بدوي
منزل جي ڳولا ۾ هرڪو جستجو ۽ لگن ۾ رُڌل آهي.
ڳولا، منزل جي راهه ۾ پهچڻ لاءِ اڳرائي جونانءُ
آهي، اڳتي وڌڻ جو گَس ۽ رستو ڏئي ٿي.
منزل تي پهچڻ انسان جو مقصد حيات آهي. ڪڏهن ڪڏهن
ائين به ٿيندو آهي، ته منزل سامهون هوندي آهي، پر
اسان ان جي صحيح پرک، ڄاڻ کان اڻواقف ٿي ويندا
آهيون ۽ منزل تي پهچي نه سگهندا آهيون.
’ڳولا‘ نياز مسرور بدوي جي ٻارن لاءِ لکيل ڪهاڻين
جو نئون ڳٽڪو پنهنجي ماحول جي آسپاس اڃا به پنهنجي
گهر مان ڦٽي نڪتل جذبن جي اُٿل پُٿل، احساسن جي
ترجماني ڪندڙ ڪهاڻين جو گڏيل نالو آهي، جيڪو
ويجهڙائيءَ ۾ ڇپجي 64 صفحن تي مشتمل خوبصورت جديد
ٽائيٽل ڪَور ۾ سال 2019ع جو ٻارڙن لاءِ سهڻو تحفو
آهي.
نياز مسرور هڪ حساس طبعيت رکندڙ زماني جي غلط
رَوين تي مُنهن تي سچ چئي ڏيندڙ، توڙي ان جو ڪهڙو
به کيس ردِعمل پلئه پئي، ويجها دوست هجن توڙي ٻيا،
سندن طبعيت سان سهپ ڪندڙ هجن يا نه. نياز مسرور
پنهنجي راءِ کان انهن کي آگاهه ڪري ڇڏيندو آهي.
’ڳولا‘ ڪتاب ۾ اخلاقيات سان گڏ، اسلامي احڪامن،
حديثن تي لکيل ڪهاڻيون به ملن ٿيون ته سماجي
موضوعن تي به، ’احترام‘ ڪهاڻي حديث جي روشنيءَ ۾
لکيل ڪهاڻي آهي، يا هيءُ ڪهاڻي ’اونداهيءَ کان
روشني ڏانهن‘ نشي/ منشيات خلاف لکيل ڪهاڻي آهي،
جنهن ۾ ڪهاڻيڪار معاشري جي بگاڙ جو ذميوار نشي
واپرائڻ کي قرار ڏئي ٿو. ڏٺو وڃي ته اها حقيقت به
آهي، نشي ۾ ماڻهو قتل، خون جهڙا وڏا گناهه به ڪري
وجهي ٿو.
وطن سان محبت ۾ لکيل ٽائيٽل ڪهاڻي ’ڳولا‘ به سندن
جذبن جي ترجماني ڪري ٿي. نياز مسرور ڪهاڻي ’ڳولا‘
۾ انهن ملڪ دشمن قوتن جي نشاندهي ڪندي، انهن کي
انت تائين پهچائڻ جو طريقو به ڏَسيو آهي. جيڪڏهن
اسان جا محب وطن ماڻهو اُٿي پون ۽ همت ڪندي اهڙن
ماڻهن جي نشاندهي ڪرائي وجهن، جيڪي ملڪ ۾ فساد
ڦهلائن، لساني جهيڙا ڪرائڻ، بم ڌماڪا ڪرائڻ ۽
ماڻهو مارائڻ ۾ پيش پيش آهن ته مان سمجهان ٿو، هن
ملڪ ۾ جلدي امن جو سج اُڀري پوندو.
ڪهاڻي ’ڳولا‘ 11 صفحي کان 29 صفحي تائين لکيل
ڊرامائي انداز اپنايل ڪهاڻي آهي. ’ڳولا‘ ڪهاڻيءَ ۾
پهاڪن جي پيڙهه آهي، هر موقعي تي وقتائتا پهاڪا
استعمال ڪرڻ ڪهاڻيڪار جي پهاڪن سان وڌيڪ دلچسپي
معلوم ٿئي ٿي.
’ڳولا‘ ڪهاڻي نياز مسرور جي جذبن جي ترجماني ڪندڙ
ڪهاڻي به آهي، جنهن ۾ هن ڪو اهڙو موقعو وڃائڻ نه
چاهيو آهي. شڪارپور جي مسئلن کي به هن ڪهاڻيءَ ۾
فوڪس ڪيو ويو آهي. هن شڪارپور جي اهم مسئلي روڊن
تي نالين جي گندي پاڻي بيهڻ تي، هن هڪ موقعي تي
انهي مسئلي بابت هيئن آوازاُٿاريو آهي ته:
”ادا اُهي ڏينهن گذري ويا، جو جڏهن صبح ۽ شام جو
ميونسپل جا ماشڪي رستن ۽ گهٽين ۾ ڇڻڪار ڪندا هئا،
هاڻي ته نالين ۽ گٽرن جو گندو پاڻي روڊن تي ٻاهر
نڪري اچي ٿو ۽ روڊ ڪنهن سم نالي يا ڪِني تلاءُ جو
منظر پَسائين ٿا.“
نياز مسرور بدوي سان منهنجي شروع کان ئي ويجهڙائي
رهي آهي. هن جي لکڻ جي شروعات منهنجي سامهون ٿي
آهي. هن جڏهن به لکيو آهي، حقيقت کي سامهون ڏسندي
لکيو، پرکيو ۽ اظهار ڪيو آهي.
نياز مسرور جي ڪهاڻين ۾ گهر جا ڪردار ڦرندا رهن
ٿا، گهر ۾ جيڪي سندن ڪردار رهيا آهن، هن انهن
ڪردارن کي پنهنجين لکڻين ۾ سمائي انهن کي
مڃتا/ڀيٽا به ڏني آهي، بوئا، قنديل ۽ ٻيا کيس گهر
جا متاثر ڪندڙ ڪردار آهن.
ڪتاب ۾ شامل ٻين ڪهاڻين ۾ ’ظالم بادشاهه‘ هڪ پراڻي
روايتي پلاٽ کان متاثر ٿيل ڪهاڻي آهي.
’مسيحا‘ حقوق العباد جي موضوع تي لکيل ڪهاڻي آهي.
’ڪاوڙ‘ ڪهاڻي پڙهائي جي اهيمت کي اُجاگر ڪري ٿي.
ڪهاڻي ’اعتراف‘ ۾ غلطي جي ماجرا بيان ٿيل آهي،
جيڪڏهن سڀ ۾ پنهنجي غلطيءَ جو احساس ٿي پوي ۽ هو
اهڙو اعتراف ڪري غلطي مڃي ته هوند معاملا بهتر ٿي
سگهن ٿا.
’ڳولا‘ ڪتاب ۾ ڏهاڪو ڪهاڻيون شامل آهن. اکرن جي
ڪمپوزنگ تمام سنهي ٿيل آهي. سمجهون ٿا ته وڏا اکر
ڪمپوزنگ سان صفحا وڌڻ جو انديشو آهي، جيڪڏهن
ڪهاڻيڪار کي چوهٺ صفحا رکڻا هئا ته اکر وڌڻ لاءِ
ضروري هو ته هڪ اڌ ڪهاڻي ڪٽي به اهو مقصد حاصل ڪري
سگهجي ٿو.
ڪتاب ۾ سَنهين سَنهين پروف غلطين کي نظرانداز ڪجي
ٿو، ٻارن لاءِ جتي نثر ڪهاڻين ۾ اڳي ئي ڪتاب گهٽ
شايع ٿي رهيا آهن، اتي ليکڪ جي همت افزائي ڪرڻ سان
ان مان اسان ٻارن لاءِ وڌيڪ ڪتاب شايع ڪرڻ جي
اُميد رکي سگهون ٿا.
هي ڪتاب، مسرور پبليڪيشن شڪارپور پاران شايع ٿي
اسان جي هٿن تائين پهتو آهي. نياز مسرور بدوي
پنهنجي ڏاڏي فقير غلام علي مسرور بدويءَ جي نالي
سان پبليڪيشن قائم ڪري هيءُ هڪ سٺو قدم کنيو آهي.
جڏهن ته ياد ڏياريندو هلان ته نياز مسرور هن
پبليڪيشن کان اڳ مسرور ادبي سنگت شڪارپور به ٺاهي،
ڪيترائي ادبي پروگرام ڪرائي چڪو آهي.
فقير غلام علي مسرور شڪارپور جي بدوي خاندان مان
هڪ سٺو شاعر، ڊرامانويس، رائيٽرس، هڪ ڪلاسيڪل راڳي
صوفي منش خيالن جا مالڪ هئا، ان جي ادبي خدمتن کي
مدِنظر رکندي سندس نانءَ سان ادبي ادارا قائم ڪرڻ
تي نياز مسرور بدوي آفرين لائق آهي. اُميد ته اهڙي
ڪوشش اڳتي به سندن جاري رهندي.
نصير مرزا
حيدرآباد
اِلاهي عنات جا، اگهائين ڪلام
شاهه عنات رضوي ادبي ڪانفرنس
23- نومبر 2019ع ڳوٺ ’محمد حسن شاهه- شاهپور...
ٽنڊوالهيار‘ سنڌ جي تاريخ جو عظيم ڏينهن فضا ۾
ميين شاهه عنات جي مزار، فرحت آثار جون ڪاشيءَ
واريون نيلون، بلڪل پهريون ڀيرو سنڌ جي ناميارن
محققن، شاعرن، قلمڪارن کي پنهنجي پاڻ ڏانهن ايندو
ڏسي، ڄڻ چونديون نظر آيون:
سيئي اڱڻ آئيا، جي جيءَ جا جيارا،
پَسي پيارا، اکين آسُون پُنيون.
سنڌي ٻولي ۾ ڪلاسيڪل شاعريءَ جا بنيادي طور تي، ٻه
نشانبر ۽ عظيم نالا آهن، قاضي قادن، شاهه
عبدالڪريم بلڙيءَ وارو ۽ پوءِ ان سونن موتين واري
مالها جو املهه ماڻڪ هي مييون شاهه عنات رضوي،
جنهن جو زمانو
]1125-1030هه[
سنڌ جي ان وقت ميان نصير محمد ڪلهوڙي جي هاڪ ۽ ڌاڪ
هئي، جنهن لاءِ شاهه عنات فرمايو هو:
نِسرئو نصير، چانڊوڪيءَ ۾ چنڊ ٿي.
تڏهن سنڌ جي عظيم اساسي شاعريءَ جي مسند تي شاهه
عنات رضويءَ جي بادشاهت قائم ٿي، سندن ئي بيت جي
هڪ سٽ آهي:
جوڳي تيئن جرڪيو، جيئن چوڏهينءَ ماهه چنڊ.
ڊاڪٽر
بلوچ صاحب جن لکيو، جنهن وقت ميين صاحب جي ڄمار
65-70 سال کن هئي، تڏهن شاهه عبداللطيف ڄائو هو.
سنڌ جي هر اهلِ دل، صاحبِ ذوق ۽ ڪلاسيڪل شاعريءَ
جي شائق شخصيتن جي هڪ عرصي کان ڪيڏي نه شديد خواهش
هئي ته شاهه عنات جي درگاهه تي ميلا، محفلون ۽
ادبي ڪانفرنسون منعقد ٿين. شڪر الحمدلله موجوده
سجاده نشين درگاهه ميون شاهه عنات رضوي، سائين علي
نواز شاهه، ولي عهد سيد ضياء عباس شاهه رضوي ۽
ثقافت سياحت، نوادرات کاتي جي صوبائي وزير جناب
سيد سردار علي شاهه، آخرڪار ان ديرينه خواب کي
ساڀيان ڏني ۽ حضرت ميين شاهه عنات فائونڊيشن جو
بنياد رکيو ويو، جنهن تحت شاهه عنات جي رسالي کي
”حضرت ميين شاهه عنات رضوي جو ڪلام“ جي عنوان سان،
گادي نشين سائين علي نواز شاهه رضويءَ پنهنجي
نگراني هيٺ 2015ع ڌاري شايع ڪرايو هو، بعد ۾
واڌاري سُڌاري سان 2019ع ڌاري، ولي عهد سائين سيد
ضياء عباس شاهه رضويءَ، جيڪو رسالو شايع ڪرايو،
جنهن جو عنوان پاڻ رکيو، ’ميين شاهه عنات رضوي جو
رسالو (مڪمل)‘ فائونڊيشن پاران ان ڏس ۾ ٻه ڪتاب
ٻيا به شايع ڪرايا ويا. ”ڪلاسيڪل سنڌي شاعريءَ جو
اهم ’رتن ميون شاه عنات‘“ مقالن ۽ مضمونن تي ٻڌل
هن مجموعي جو مرتب بنيو- ڊاڪٽر اسحاق سميجو صاحب،
ٽئين ڪتاب جو عنوان هو: ’ميين شاهه عنات جو چونڊ
ڪلام‘، مرتب: سعيد سميجو، انهن ٽنهي اهم ۽ املهه
ڪتابن جي پڌرائي ۽ شاهه عنات ادبي ڪانفرنس جي آغاز
کان اڳ، صبح جو سيد ضياء عباس شاهه رضوي، سيد
سردار علي شاهه، خانواده شاهه عنات جي نور چشمن
سان گڏ، جن علمي ادبي شخصيتن ”شاهه عنات باغ“
اندر، سندن مزار مبارڪ تي پهچي، گلن جون چادرون
چاڙهيون، انهن هستين ۾- جناب اڪبر لغاري، جناب
امداد حسيني، جناب شوڪت حسين شورو، جناب مدد علي
سنڌي، جناب ارباب نيڪ محمد، جناب نفيس احمد شيخ،
جناب تاج جويو، جناب ڊاڪٽر اسحاق سميجو، جناب علي
راز شر، جناب حافظ احمدالدين انڍڙ، جناب هدايت
بلوچ، جناب ڊاڪٽر عابد مظهر، جناب رکيل مورائي،
جناب نصير سومرو، جناب ڊاڪٽر محمد علي مانجهي،
جناب ڊاڪٽر فياض لطيف، جناب ڊاڪٽر احسان دانش،
محترمه ڊاڪٽر تهمينه مفتي، جناب خالد آزاد، جناب
سيد زوار نقوي، جناب وفا مولا بخش قنبراڻي، جناب
خليل کوسو، جناب شادي خان کوسو ۽ ٻيا معزز موجود
هئا. بعد ۾ سبزه زار شاهه عنات باغ جي ڀرسان، شاهه
پوٽا حاويلي جي وسيع آڳنڌ ۾، افتتاحي اجلاس ٿيو،
جنهن جي صدارت، سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير سيد قائم
علي شاهه صاحب ڪئي، ۽ خاص مهمان جناب سيد سردار
علي شاهه هئا، افتتاحي اجلاس ۾ جن ٻين ناميارين
شخصيتن کي اسٽيج تي ويهاريو ويو، انهن ۾- جناب سيد
مريد علي شاهه، جناب امداد حسيني، جناب شوڪت حسين
شورو، صوبائي وزير جناب عبدالباري پتافي ۽ جناب
مدد علي سنڌي شامل هيون. تقريب جي آغاز ۾ قاري
عابد حسين تلاوت ڪلام پڙهڻ جي سعادت حاصل ڪئي،
جڏهن ته نوجوان راڳي انور (انو) سولنگي، شاهه عنات
سائينءَ جي وائي نئين طرز ۽ پُرسوز انداز ۾ پيش
ڪئي. پنهنجي آجياڻي تقرير ۾، مييون شاهه عنات رضوي
فائونڊيشن جي چيئرمين، سائين ضياء عباس رضويءَ
چيو: بيشڪ شاهه عنات سائين جي مزار لڳ، هيءَ
پهرئين ادبي ڪانفرنس آهي، پر وعدو ٿو ڪجي، ته هر
سال اڄوڪي هن 23هين نومبر تي سال بسال، ’ميين شاهه
عنات‘ جي ڏينهن طور جشن ملهايو ويندو ۽ ادبي
ڪانفرنس ۽ راڳ رهاڻ جي محفل پڻ مچائي ويندي، جناب
ضياء عباس شاهه ان موقعي تي اعلان ڪيو ته جيڪي به
محقق شاهه عنات تي تحقيق ڪري ايم.فل لاءِ مقالو
لکندا، فائونڊيشن پاران انهن جي خدمت ۾ ٻه لک ۽
جيڪو محقق
Ph.D
ڪندو، اُن کي پنجن لکن روپين جو اعزازيو پيش ڪيو
ويندو.
کانئن بعد، ميين شاهه عنات جي شاعري ۽ دؤر بابت،
صوبائي وزير، سهڻي گفتگو ڪرڻ تي دسترس رکندڙ، جناب
سيد سردار علي شاهه، پنهنجي ڪي نوٽ اسپيچ ۾ زبردست
خراج عقيدت پيش ڪندي چيو: شاهه عنات سائين، سنڌي
ڪلاسيڪل شاعري، ان جي گهاڙيتي ۽ موضوعن ۾ ڦهلاءُ
آندو هو. ان ۾ فڪري گهرائي پيدا ڪئي. هو سکر
گهراڻي جو شهزادو جوان هو، پر هن راڳ ويراڳ کي
پسند ڪيو. غريب غُربن ۽ فقراءَ جي صحبت کين وڌيڪ
وڻندي هئي، مزاجاً انسان دوست ۽ هر ساهه واري سان
بي پناهه محبت ڪندڙ هستي هئا. پاڻ ’وائي‘ گهاڙيتي
واري شاعريءَ جا موجد ۽ هڪ تار واري ساز جا پڻ
ايجاد ڪندڙ هئا. هن چيو: هي به شاهه عنات جو
ڪارنامو هو، جو هُن مارئي، نوري، ليلا ۽ سسئي
جهڙين سورمين بابت سُرود چيا، جن ۾ هُن زبردست
تخيل ڀريو، هن چيو ته، شاهه عنات، شاهه لطيف کي
چيو هو، اسان سنڌي شاعريءَ جي زمين کيڙي آهي،
توهان شاعريءَ جو سمنڊ وڃي کيڙيو.
افتتاحي اجلاس جي صدر، سينيئر سياستڪار ۽ سنڌ جي
اڳوڻي وزيراعليٰ، سيد قائم علي شاهه صاحب چيو ته،
شاهه عنات رضوي، سنڌ جي انهن عظيم شاعرن مان هڪ
هو، جنهن سنڌيءَ ۾ شاندار شاعري جي روايت جو بنياد
وڌو. پاڻ سنڌي ٻوليءَ جو اهڙو محافظ هو، جنهن سنڌ
جي صورتحال، عوامي ڪهاڻين ۽ نج نبار سنڌي ٻوليءَ
جي محاوري کي استعمال ڪري، سنڌ وطن جي وڏي خدمت
ڪئي، ۽ سنڌ کي خوش حال بنائڻ لاءِ پنهنجو پاڻ وقف
ڪيو. ان موقعي تي، سيد ضياء عباس شاهه، ڊاڪٽر
اسحاق سميجي ۽ سعيد سميجي پاران مرتب ڪيل ڪتابن جي
مهورت پڻ ڪئي وئي. افتتاحي جلاس کان پوءِ مييون
شاهه عنات رضوي ادبي ڪانفرنس جو آغاز ٿيو. ڪانفرنس
لاءِ اسٽيج سيڪريٽري جا فرائض ڊاڪٽر اسحاق سميجي
سرانجام ڏنا. صدارت جناب امداد حسيني ڪئي ۽ خاص
مهمان جناب شوڪت حسين شورو هو. ان موقعي تي جيڪي
ٻيون علمي ادبي شخصيتون اسٽيج تي موجود هيون، انهن
۾- جناب تاج جويو، جناب ڊاڪٽر ادل سومرو، جناب
ڊاڪٽر انورفگار هڪڙو ۽ ڊاڪٽر سحر امداد صاحبه شامل
هيون. ان موقعي تي جن مقالا نگارن ميين شاهه عنات
رضوي جي دؤر، سياسي حالتن، شاعريءَ جي گهاڙيتي،
سندن وائي.... جماليات، بيتن ۾ اهڃاڻن،
منظرنگاريءَ ۽ عورت جي اهميت کي موضوع بنائي مقالا
پيش ڪيا، انهن ۾: جناب عبداللطيف دائيداڻو، جناب
عبدالواحد عاصي هڪڙو، جناب تاج جويو، جناب ڊاڪٽر
ادل سومرو، جناب علي آڪاش، محترمه ڊاڪٽر شازيه
پتافي، جناب ڊاڪٽر احسان دانش، جناب ارباب نيڪ
محمد، جناب خليل کوسو، جناب ڊاڪٽر فياض لطيف، جناب
مدد علي سنڌي، ڊاڪٽر محمد علي مانجهي، ڊاڪٽر
انورفگار هڪڙو ۽ ڊاڪٽر سحرامداد حسيني شامل هئا.
ادبي ڪانفرنس جي خاص مهمان، جناب شوڪت حسين شوري
هن پهرئين شاهه عنات رضوي ادبي ڪانفرنس ڪوٺائڻ تي
وليعهد درگاهه شاهه عنات، جناب سيد ضياء عباس کي
دلي واڌايون پيش ڪيون. شوڪت صاحب خاص طرح سان شاهه
عنات جي زماني تي پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو. صدر
محفل جناب امداد حسينيءَ پنهنجي خطاب ۾ شاهه عنات
جي بيتن ۽ واين جي ڳڻن، ان جي محاورن ۽ موسيقيت تي
ڳالهائيندي چيو ته: شاهه عنات جي شاعريءَ جو هڪ هڪ
لفظ، سنڌ جي ماڻهن جي درد جي عڪاسي ڪري ٿو.
ادبي ڪانفرنس جي پُڄاڻيءَ تي فائونڊيشن جي چيئرمين
سيد ضياء عباس شاهه رضويءَ نهايت عقيدت ۽ احترام
سان آيل اديبن، شاعرن ۽ محققن جا دلي ٿورا مڃيندي
چيو ته، شاهه عنات رضوي سائين، هن سال کان ڄڻ مون
باقاعده سنڌ جي سڄڻن، محققن ۽ مٿن اڀياس ڪندڙن جي
حوالي ڪيو. ان موقعي تي هن وعدو ڪيو ته سال بسال
23- نومبر تي، شاهه پور ٽنڊي الهيار ۾ ههڙيون روح
پرور ادبي ڪانفرنسون انشاءالله هاڻي باقاعدگيءَ
سان منعقد ٿينديون رهنديون.
ادبي ڪانفرنس جي پڄاڻي تي، موسيقيءَ جي محفل منعقد
ڪئي وئي، جنهن ۾ نامياري راڳي، شفيع فقير،
ذوالفقار علي، مظهر حسين، راشد حيدريءَ، الهڏني
جوڻيجي، دلبر جلال چانڊيي، فرزانه بهار ۽ سعيد
سميجي، شاهه عنات سائين جون وايون، نين طرزن ۽ دل
وڻندڙ انداز ۾ پيش ڪري، بي پناهه داد ماڻيو. راڳ
رهاڻ واري محفل جي ڪمپيئرنگ بخشڻ مهراڻوي ڪئي،
جڏهن ته افتتاحي اجلاس جو اسٽيج سيڪريٽري راقم
الحروف هو.
ادبي ڪانفرنس ۽ راڳ رهاڻ جي محفل خيرخوبيءَ سان
پڄاڻيءَ تي جڏهن پهتي، ته ’شاهه عنات باغ‘ جي
ڀرسان روانه ٿيندڙ پانڌيئڙن کي پنهنجي درگاهه جي
صحن وٽ بيهي حضرت شاهه عنات رضوي صاحب ڄڻ پاڻ چئي
رهيا هئا.
ڀلي ڪئي ڀؤنرن، جو واسُ وٺڻ آئيا،
تنين کي ڪؤنرن، ڏنا هنڌ هنيين ۾.
]2019-11-24[
مير علي شاهه ڪاظمي
سنڌي ادبي بورڊ پاران ٽن ڏينهن جو
ڪوٺايل ادبي ميلو
سائين مخدوم سعيدالزمان ’عاطف‘ صاحب جي چيئرمين
ٿيڻ کان پوءِ ۽ نئين بورڊ آف گورنرس ٺهڻ کان پوءِ
سنڌي ادبي بورڊ ۾ ڪتابن جي اشاعت، رسالن جي وقت
سِر ڇپائي ۽ ملازمن جي ترقين جا نمايان ڪم ٿيڻ سان
گڏ محترم چيئرمين صاحب جي حڪم ۽ هدايتن موجب علمي
ادبي سرگرمين جي حوالي سان تاريخ 11- فيبروري
2020ع کان 13- فيبروري 2020 تي بورڊ ۾ نئين تعمير
ٿيل مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ آڊيٽوريم ۾ ادبي
ميلو ڪوٺايو ويو. پهرين ڏينهن تي ادبي ميلي جو
آغاز ڪتابي ميلي سان ٿيو، جنهن جو افتتاح پاڪستان
پيپلز پارٽيءَ جي ايم.اين.اي مخدوم جميل
الزمان’جميل‘ صاحب ڪيو.
ڪتابي ميلي جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي
مخدوم جميل الزمان
’جميل‘ صاحب فرمايو ته گهڻي عرصي کانپوءِ بورڊ ۾ اچڻ تي تمام گهڻي خوشي محسوس ٿي
رهي آهي، هتي تمام گهڻيون تبديليون نظر اچي رهيون
آهن، ادارا مضبوط هوندا ۽ محنت ڪندا ته عوام جي
اميدن تي پورو لهي سگهندا، بورڊ انتظاميا ائين ئي
محنت ۽ جوش سان ڪم جاري رکيو ته سنڌي ادبي بورڊ هڪ
مثالي ادارو بڻجي اُڀرندو. ان موقعي تي سنڌي ادبي بورڊ جي چيئرمين مخدوم
سعيدالزمان
’عاطف‘
صاحب فرمايو ته سنڌي ادبي بورڊ پنهنجي قيام
کان وٺي اڄ ڏينهن تائين سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ جي
ڀلائي ۽ واڌاري خاطر سرگرم عمل آهي، گذريل اڌ
صديءَ جي تاريخ ۾ بورڊ اٽڪل 642 ڪتاب ڇپرائي پڌرا
ڪيا آهن، ان کانسواءِ تسلسل سان 3 رسالا ٽماهي
’مهراڻ‘ ٻارڙن لاءِ ماهوار
’گُل ڦُل‘ ۽ عورتن لاءِ ماهوار
’سرتيون‘ شايع ڪري رهيو آهي. هن چيو ته سنڌي ادبي بورڊ سنڌ ۾ علمي ۽
ادبي ماحول پيدا ڪرڻ ۾ ڪليدي ڪردار ادا ڪيو آهي.
انهن ڏينهن شام جو ٻي نشست ۾
سنڌي ادبي بورڊ طرفان عورتن لاءِ شايع ٿيندڙ
ماهوار رسالي
’سرتيون‘
جي ادبي خدمتن جا 30 سال پورا ٿيڻ جي موقعي تي،
ادبي بورڊ جي هيڊ آفيس ۾
’مخدوم
محمد زمان
طالب الموليٰ‘ آڊيٽوريم ۾ هڪ تقريب منعقد ڪئي وئي. ان موقعي تي سنڌي ادبي
بورڊ طرفان تازو شايع ٿيل ٽن ڪتابن
’سنڌ
جو تاريخ نويس’مير
علي شير قانع ٺٽوي‘،
’مڪلي
ٽڪري‘
۽
’سرتيون‘
پاران شايع ٿيل ’هڪ
شخصيت سؤ سوال‘
خاص نمبر
جي مهورتي تقريب پڻ ٿي،
جنهن م سنڌي ادبي بورڊ آف گورنرس جي ميمبرن سرفراز
راڄڙ، سيد ارشاد علي شاهه، ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ،
محمترم
اسد جمال پلي،
محترمه
نذير ناز ۽ ٻين شرڪت ڪئي. تقريب جي خاص مهمان نذير ناز ۽ صدارت
محترمه
امر سنڌو، جڏهن ته ڪمپيئرنگ سرتيون رسالي جي
ايڊيٽر گلبدن جاويد مرزا ڪئي. ان موقعي تي خاص
مهمان ميڊم نذير ناز ڳالهائيندي
چيو ته محترم قبلا سائين مخدوم طالب الموليٰ جيڪو
خواتين جي شعوري ترقي لاءِ سرتيون رسالي جو اجراءَ
ڪيو ان کي اڄ ٽيهه سال ٿي ويا . ان رسالي سان
ڪيترين ڀينرن ۾ ادبي ذوق پيدا ٿيو ۽ ڪيترين ۾ لکڻ
جو شعور پيدا ٿيو.
ليکڪه ۽ سماجي اڳواڻ حسين مسرت ڳالهائيندي
چيو ته
’سرتيون‘ جو ڪو عام رشتو نه آهي، گلبدن
’سرتيون‘ رسالي کي پنهنجي پياري سکيءَ جيان سجائيندي ۽ سنواريندي آهي، اها اڻٿڪ محنت ڪندڙ ايڊيٽر
آهي، ليکڪه ڊاڪٽر ريحانه ملاح ڳالهائيندي چيو ته
’سرتيون‘
رسالو سنڌ ۾ عورتن جو نڪرندڙ واحد رسالو آهي جنهن
پنهنجي پليٽ فارم تان ڪيترين ليکڪائن کي متعارف
ڪرايو آهي. سنڌي ٻوليءَ جي نامياري ليکڪه ڊاڪٽر
قمر واحد ڳالهائيندي چيو ته اڄ سنڌي ادبي بورڊ
پاران
’سرتيون‘
رسالي جي
’هڪ
شخصيت سؤ سوال‘
خاص
نمبر جو مهورت ڪيو ويو آهي. هيءُ ڪتاب گلبدن جاويد مرزا سهيڙي ڇپايو آهي،
جيڪو سنڌي ڄاڻ رکندڙ ادبي، علمي ۽ جاکوڙي عورتن جي
خيالات ۽ جدوجهد کي نمايان ڪري ٿو.
تعليمي ماهر ۽ ليکڪه ڊاڪٽر پروفيسر ممتاز
ڀٽو ڳالهائيندي چيو ته سنڌي ادبي بورڊ مان ٽي
مئگزين
’مهراڻ‘،
’گُل ڦُل‘ ۽
’سرتيون‘ نڪرن ٿا. وڏن تعليمي ۽ لٽرري ادارن جي
سڃاڻپ اتان نڪرندڙ رسالن مان ڪري سگهجي ٿي.
’سرتيون‘
سنڌي ادبي بورڊ جي سڃاڻپ آهي جنهن نه صرف عام عورت
کي ادبي شعور ڏنو پر پڙهندڙ شاگردياڻين ۾ هڪ
جاڳرتا ڏئي همت افزائي ڪئي.
ليکڪه ۽ تعليمي ماهر
پروفيسر رشيده ڀٽي ڳالهائيندي چيو ته اڄ جي هن
خاص موقعي تي مان پنهنجي هونهار شاگردياڻي گلبدن
مرزا کي سندس سڀني سرتين سميت مبارڪباد ڏيان ٿي
۽ دل
سان دعا ڏيان ٿي. شل اڃا به ترقي ڪري ۽ هميشه سندس
قدم اڳيان وڌندا رهن.
پروگرام جي ٻئي ڏينهن
ٽماهي
’مهراڻ‘
رسالي جي علمي ۽ ادبي خدمتن جا 65 سال ۽ ماهوار
’گُل ڦُل‘
رسالي جا ٻاراڻي ادب جي خدمت جا 60 سال جي حوالي
سان سيمينار/ مذاڪرو ٿي گذريو. پروگرام جي
ڪمپيئرنگ نامياري ڪمپيئر نصير مرزا ڪئي. تقريب جي
صدارت ڊاڪٽر نواز علي شوق ڪئي. جڏهن ته خاص مهمان
سرفراز راڄڙ ۽ اسد جمال
’پلي‘
هئا. تقريب کي صدارتي خطاب ڪندي سنڌي ٻولي جي
نامياري محقق ۽ سنڌي ادبي بورڊ جي بورڊ آف گورنرس
جي ميمبر ڊاڪٽر نواز علي شوق ڳالهائيندي چيو ته
سنڌي ادبي بورڊ طرفان ادبي سرگرميون شروع ڪرڻ
انتهائي بهترين عمل آهي. هن چيو ته سنڌي ٻوليءَ
جي خدمت ۾ ۽
’مهراڻ‘ رسالي جو پنهنجو هڪ مقام آهي سنڌي ٻوليءَ جي ڪنهن به صنف تي تحقيق ڪندڙ ڪوبه محقق
’مهراڻ‘
جي مطالعي کان سواءِ اڳتي وڌي نٿو سگهي. ٻارن جي
رسالي
’گُل ڦُل‘
بابت ڳالهائيندي ڊاڪٽر نواز علي شوق چيو ته اڄ
سنڌي ٻوليءَ جا جيڪي به وڏا نالا آهن انهن ننڍپڻ ۾ گُل ڦُل جو مطالعو
ڪيو آهي
’گُل
ڦُل‘ رسالو ادبي اوسر ۾ هڪ بهتر ڪردار ادا
ڪندو رهيو آهي.
ان کان پوءِ ٽماهي ’مهراڻ‘ جي ايڊيٽر ثمينه ميمڻ
’مهراڻ‘ جي 65 سالن جي تاريخي ڪارڪردگيءَ تي
تفصيلي روشني وڌي.
سنڌي ٻوليءَ
جي نامياري ليکڪا، سنڌي لئنگئيج
اٿارٽيءَ
جي سيڪريٽري محترمه شبنم گل
’گُل
ڦُل‘ رسالي جي ٻاراڻي ادب تي 60 سالا خدمتن تي
ڳالهائيندي چيو ته سنڌي ادبي بورڊ جو شروع کان
علمي، ادبي ۽ فڪري واڌ ويجهه ۾ اهم ڪردار رهيو
آهي. خاص طور تي سنڌي لکت جي بهتري ۽ معيار ۾
مهراڻ جي اوائلي دور جو اهم حصو آهي. مان هتي سنڌي
ادبي بورڊ پاران ٻاراڻي ادب جو ذڪر ڪندس، جن کي
پڙهندي ٻالڪپڻي ۾ منهنجي ذهن جي تصوراتي دري مختلف
منظرن ڏانهن کُلي وئي. اڄ ڪيترا اديب اهڙا آهن
جيڪي
’گُل
ڦُل‘ مخزن پڙهندي، ادب جي دنيا ڏانهن لاڙو
رکيائون.
ان کان پوءِ سنڌي ٻولي جي نامياري اديب،
دانشور ۽ ليکڪ محترم تاج جويو پنهنجي خيالن جو
اظهار ڪندي چيو ته سنڌي ادبي بورڊ سائين
جي.ايم.سيد،
ميران محمد شاهه،
ڊاڪٽر عمر بن محمد
دائودپوٽو صاحب،
مخدوم محمد زمان ’طالب
الموليٰ‘،
محمد ابراهيم جويي، غلام محمد گرامي ۽ غلام رباني
آگري جهڙن بزرگن جي نشاني آهي.
’مهراڻ‘ رسالي جي تاريخ 65 سال نه پر مُني صديءَ تي مشتمل آهي.
منهنجي رٿ آهي ته
’مهراڻ‘ رسالي ۾ ڇپيل مواد کي موضوع وار جلدن ۾
ترتيب
ڏيارائي ڇپرايو وڃي. انهي کان پوءِ
سنڌي ڊپارٽمينٽ سنڌ يونيورسٽي جي اڳوڻي چيئرمين محترم انورفگار هڪڙو چيو ته ٽماهي
’مهراڻ‘ سنڌي ادبي بورڊ پاران 1955ع ۾ شايع ڪرڻ شروع ڪري هڪ علمي،
ادبي، تاريخي، تهذيبي ۽ فڪري ارتقا لاءِ بنياد
رکيو ويو. اها هڪ روايت طور تي اڄ تائين قائم آهي.
انهي موقعي تي ناليواري اديب ليکڪ محترم ڊاڪٽر
مخمور بخاري چيو ته جڏهن 1965ع ۾ ون يونٽ لاڳو ڪيو
ويو ته ان وقت
’مهراڻ‘
کي نئين ڍنگ، انداز سان شايع ڪيو ويو. عالمي ادب
جي تناظر ۾ سنڌي ادب کي پيش ڪيو ويو. سنڌي ٻوليءَ
جي اهميت، حيثيت کي مڃرايو ويو. انهي کان پوءِ
پي.ٽي.وي جي سينيئر ڊائريڪٽر ۽
’گُل ڦُل‘ رسالي تي پي ايڇ.ڊي
ڪندڙ
محقق
ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ سولنگيءَ
چيو ته ورهاڱي کان پوءِ سنڌي ٻوليءَ ۾ ٻارڙن جي
ادب پنهنجي اک گُل ڦُل جي هنج ۾ کولي.
’گُل ڦُل‘ وسيلي سنڌي ٻارڙن جي ادب جي آبياري ڪئي وئي ۽ هڪ اهڙي رسالي
جو ڪردار ادا ڪيو، جن سنڌي ٻارڙن ۾ شعور ۽ روشن
خياليءَ
جي جذبن کي وڌايو. انهي موقعي تي سنڌي
ٻولي جي ناليواري اديب، محقق، دانشور ۽ ليکڪ محترم
شوڪت حسين شورو چيو ته سنڌي ادبي بورڊ رڳو ادارو
ڪونهي،
پر سنڌ جو تاريخي، تهذيبي ۽ علمي ادبي ورثو آهي.
ورهاڱي کان پوءِ سنڌي ٻولي ۽ ادب تي هڪ ڏکيو
وقت آيو هو. سنڌي ادب تي جمود ڇائنجي ويو هو. سنڌي
ادبي بورڊ مهراڻ رسالي ۽ ڪتابن جي وسيلي ان جمود
کي ٽوڙي سنڌي ادب کي نئين سر جيئاريو.
ان کان پوءِ ناليواري اديب محترمه ڊاڪٽر
پروين موسيٰ ميمڻ پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي چيو.
هن اداري طرفان ادب جي واڌ ويجهه لاءِ ٽماهي
’مهراڻ‘،
’گُل ڦُل‘
۽
’سرتيون‘
سنڌي ادب جي نمائندگي ڪن ٿا.
انهي کان پوءِ اديب
صحافي
۽ شاعر
محترم
نياز پنهور چيو ته اڄ جيڪو
’مهراڻ‘
۽
’گُل ڦُل‘ تي سنڌي ادبي بورڊ ۾ پروگرام ٿيو آهي سو بيشڪ تاريخي آهي.
’مهراڻ‘ رسالو
سنڌ جو هڪ اهم دستاويز آهي جنهن ۾ تاريخي مقالا ۽
مضمون شايع ٿين ٿا ۽ سنڌ جي تاريخ تي اهم معلومات
ملي ٿي.
’مهراڻ‘ جا ناميارا ايڊيٽر هر دور ۾ وڏي جاکوڙ ۽
محنت سان رسالي کي سينگاريندا رهن ٿا. هن ۾ وڏا
مشهور شاعر ۽ ڪهاڻيڪار به مسلسل لکندا رهن ٿا.
’گُل ڦُل‘
ٻاراڻو رسالو به پنهنجو مَٽ پاڻ آهي. ڇاڪاڻ ته
ٻاراڻي ادب
تي
تمام گهٽ لکيو ويو آهي ۽ ٻيو ته ٻارن جي تفريح
لاءِ تمام گهٽ رسالا موجود آهن.
’گُل ڦُل‘ ٻار شوق سان خريد ڪري پڙهن ٿا ۽ اها تمام خوشي جي ڳالهه آهي
ته اسان جي ٻارن کي
’گُل
ڦُل‘
رسالي سان محبت آهي. انهي کان پوءِ محترم خليل عارف
سومرو چيو ته اڄ ٽه ماهي مهراڻ ۽ ماهوار
’گُل ڦُل‘
جي اڌ صدي کان وڏي شاندار ڪارڪردگي بابت سيمينار ۾
شرڪت جو موقعو مليو. مهراڻ توڙي گُل ڦُل سان
منهنجو رشتو به چاليهارو سال کان مٿي جو آهي.
سنڌي ادبي بورڊ ۾، هيءُ شاندار ادبي پروگرام منعقد
ڪرائڻ تي بورڊ جي محترم چيئرمين صاحب ۽ ميمبرن ۽
پروگرام جي آرگنائيزرس کي مبارڪباد پيش ڪيان ٿو.
سنڌي ٻوليءَ جي نامياري ليکڪ ۽ بورڊ جي اڳوڻي
وائيس چيئرمين محترم مدد علي سنڌيءَ چيو ته سنڌي
ادبي بورڊ طرفان ٽماهي ’مهراڻ‘ بابت سڏايل مذاڪرو
اهم آهي، ڇاڪاڻ ته سنڌي ادب تي ٽماهي ’مهراڻ‘جا
وڏا ٿورا آهن. جيڪو 1946ع ۾ شايع ٿيو ۽ اهو سال
1955ع کان اڄ تائين باقاعدگيءَ سان شايع ٿي رهيو
آهي.
ريڊيو پاڪستان حيدرآباد اڳوڻي اسٽيشن ڊئريڪٽر ۽
ناليواري
ليکڪ ۽ اديب محترم نصير مرزا چيو ته ٽه ماهي
’مهراڻ‘ ۽
’گُل ڦُل‘،
سنڌي ٻوليءَ
جا عظيم مخزن آهن. جن سنڌ ۾ قلمڪارن جي اهم کيپ
متعارف ڪرائي، جيڪي دؤر حاضر جا زبردست شاعر،
نثرنگار ۽ محقق سڏجن ٿا. ٻنهي رسالن جي فائيلن ۾
سنڌ جي سونهري ماضي جا داستان لکيل آهن جن ۾ روشني
ئي روشني آهي،
اُهي ٻه رسالا جن کي روشني جا مينار سڏي سگهجي ٿو.
انهي موقعي تي سنڌي ادبي بورڊ جي بورڊ آف گورنرس
جي ميمبر محترم
ڊاڪٽر
اسد جمال
’پلي‘ چيو ته ٽماهي
’مهراڻ‘
اسان جي تحقيقي ادب
جو اهم ترين رسالو جنهن هر دؤر ۾ سنڌي ادب لاءِ هڪ
اداري جو ڪم ڪيو. مخدوم
محمد زمان
حضرت قبله طالب الموليٰ جي چيئرمين
۽ محمد ابراهيم جويو جي سيڪريٽري ۽ مولانا غلام
محمد گرامي جي ايڊيٽري مهراڻ جي سڄي ڄمار جا اهم
نالا آهن جن جو نعم البدل ڳولڻ ئي نه گهرجي. نئين
چيئرمين جناب قبله مخدوم سعيد الزمان
’عاطف‘ صاحب مان وڏيون اميدون آهن ته هُو پنهنجي نئين بورڊ آف گورنرس جي ٽيم جي
تعاون سان مهراڻ کي نشاطِ ثانيه بخشيندا. گُل ڦُل
اسان جي نئين نسل جي تعمير جو ابتدائي ڏاڪو آهي.
جتان سنڌي ادب جو مستقل تعمير ٿيندو
آهي.
انهيءَ ڏينهن تي شام جو مشاعرو ٿي گذريو. مشاعري جي ڪمپيئرنگ نامياري ڪمپيئر نصير
مرزا ڪئي. جڏهن ته مشاعري جي صدارت سيد شبير علي
شاهه
’هاتف‘
ڪئي. خاص مهمان سيد ارشاد علي شاهه
صاحب
هو. مشاعري ۾ سڄي سنڌ مان وڏي انگ ۾ شاعرن شرڪت
ڪئي. جنهن ۾
تاج جويو، گلبدن جاويد مرزا، ثمينه ميمڻ، نجمه پنهور، خليل
عارف سومرو، احساس ميرل، خالد راڄپر، حاجي غلام
حيدر، حيدر امان، عاجز ڇٽو، محمد ٻارڻ، اقبال
شاهين، طارق امام جوڻيجو، رجب آزاد، نور حسين
ڪلهوڙو، پير شبير احمد شوق، آسي زميني، سرور نواز
ٻگهيو، سجاد ميراڻي، پارس حميد، طالب ڀنڀرو، ذاڪر
حسين کٽي، دانش احمد، ديوان گاگنداس، سنتوش ڪمار
گاگنداس، غلام مصطفيٰ سولنگي، رحمت ڪنول، اسد
چاچڙ، سيد احسان هاشمي ۽ ٻين شاعرن وڏي تعداد ۾
شرڪت ڪري پنهنجي نڪور شاعري پيش ڪئي.
پروگرام جي ٽئين ڏينهن
صبح جو
حميد سنڌي: فن ۽ شخصيت تي مذاڪرو ٿي
گذريو. مذاڪري جي ڪمپيئرنگ نامياري ڪمپيئر نصير
مرزا ڪئي. مذاڪري جي صدارت
محترم
سرفراز راڄڙ ڪئي. خاص مهمان سيد حاڪم علي
شاهه بخاري ۽ شمس الحق ميمڻ (ڀاءُ حميد سنڌي) هئا.
مذاڪري ۾ سڄي سنڌ مان وڏي انگ ۾ ليکڪن، اديبن،
دانشورن ۽ محققن شرڪت ڪئي. جنهن ۾ ناليواري اديب
دانشور ليکڪ ۽ سنڌي ادبي بورڊ جي بورڊ آف گورنرس
جي ميمبر ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ چيو ته حميد سنڌي
اسان جي علمي ۽ قلمي دنيا جو هڪ آدرشي انسان هو.
هن ڀلي انسان
’روح رهاڻ‘
رسالي جي پليٽ فارم تان علم ادب جي آبياري ڪئي، فڪشن ۾ هن وڏو ۽ بهتر قلمي پورهيو ڪيو.
انهي کان پوءِ ناليواري اديب دانشور ليکڪ
۽ سنڌي ادبي بورڊ جي بورڊ آف گورنرس جي ميمبر
ڊاڪٽر
اسد جمال ’پلي‘ چيو ته حميد سنڌي دلبر شخصيت جو
مالڪ هو، مٺاس، عجز، نياز ۽ هٿ جوڙ سندس
شيوو هو. هميشه اسان ننڍن کي همٿايائين، رهنمائي ڪيائين ۽
پيار جي پالوٽ ڪيائين. منهنجون ساڻس گهڻيون
ملاقاتون ۽ يادون آهن. جن تي ڪڏهن ضرور لکبو. سنڌي
ٻوليءَ
جي نامياري اديب ليکڪ دانشور تاج جويو ڳالهائيندي
چيو ته حميد سنڌي ڪهاڻيڪار، ادارن جو سربراهه ۽
منتظم ته رهيو، پر سندس سڀ کان اهم ڪارنامو اپريل
1960ع ۾
’روح رهاڻ‘ رسالو جاري ڪرڻ هو.
هن جديد سنڌي شاعري ۽ جديد سنڌي ڪهاڻيءَ
کي اوسر ڏيڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو ۽ آخري ويهه سال
بزم روح رهاڻ هلائي تاريخي ڪردار ادا ڪيو.
ناليواري اديب نصير مرزا چيو ته حميد سنڌي، سنڌ جي
املهه شخصيتن ۽ قلمڪارن مان هڪ هئا. اهڙي هستيءَ
جي مالڪ جنهن کي دل سان هيرو شخصيت سڏيان ٿو. هُو جيترو ٻاهران خوبصورت اوترائي اندر جا
اڇا اجرا انسان هئا، نهايت اعليٰ عهدن تي فائز
رهيا.
حميد سنڌيءَ جي ڀاءُ شمس الحق ميمڻ ڳالهائيندي چيو ته ادا حميد جو وڇوڙو
هڪ دل ڏکوئيندڙ واقعو آهي. اسين ٻه ڀائر نه هئاسين، پر دوست، يار ۽ هن کي وڏي جي حيثيت پڻ هئي، اڪيلو ۽ ننڍو
ڀاءُ جي ڪري صفا ويڳاڻو ٿي ويو آهيان. ساڳئي ڪيفيت
بابا سائين مرحوم جي وفات تي ٿي هئي. هينئر به
سمجهه ۾
نٿو اچي ته اڳيون وقت ادا مرحوم کانسواءِ ڪيئن
گذرندو. انهي موقعي تي مرحوم حميد سنڌيءَ جي فرزند ارشد
حميد سنڌي چيو ته بابا سائين پنهنجين همه جهت مصروفيتن هوندي به
اسان لاءِ صرف هڪ پيار ڪندڙ پيءُ جي هئي ۽ هُو اهو پيار پنهنجن ٻين گهر وارن ۽ دوستن ۾ به ورهائيندو هو.
ناليواري اديب
۽ سنڌي ادبي بورڊ جي بورڊ آف گورنرس جي ميمبر
محترم
سرفراز راڄڙ ڳالهائيندي چيو ته حميد سنڌي هڪ شخص
جو نالو ڪونهي پر هڪ انسٽيٽيوٽ جو نالو آهي جنهن
سنڌي ٻولي، ادب ۽ فڪر کي عام ڪرڻ لاءِ سڄي ڄمار
وقف ڪري پاڻ کي اَمر ڪري ويو. ناليواري اديب
دانشور ليکڪ ۽ سنڌي ادبي بورڊ جي بورڊ آف گورنرس
جي ميمبر سيد حاڪم علي شاهه بخاري چيو ته مرحوم
عبدالحميد سنڌي صاحب ويهين صدي جي پوئين اڌ صدي ۾
جن نامور اديبن جا نالا اچن ٿا انهن مان هڪ آهي.
سندس وفات علمي ادبي دنيا ۾ خال پيدا ڪيو آهي.
ناليواري اديب دانشور ليکڪ قاضي خادم چيو ته حميد
سنڌيءَ جون تمام گهڻيون خوبيون آهن جن ۾ سڀني کان
وڌيڪ خوبي هن جي انسان دوستي هئي جنهنڪري هن جو ادب جاندار هو ۽ شخصيت دلپذير هئي.
ناليواري اديب، صحافي ۽ شاعر محترم نياز پنهور
حميد سنڌيءَ جي علمي ادبي خدمتن تي ڳالهائيندي چيو
ته سائين حميد سنڌي سنڌ جو هڪ اهڙو رول ماڊل هو
جيڪو پنهنجي ذهني بلوغت کانپوءِ ڪڏهن به خاموش نه
ويٺو، هن هر لمحي کي سجايو ڪيو، هن اهي معراجون
ماڻيون، جن لاءِ اسان ۽ اوهان صرف تصور ڪري سگهون
ٿا، مثال طور ماهوار ’روح رهاڻ‘ جو جاري ٿيڻ ۽
سنڌي ادب ۾ اعليٰ معيار حاصل ڪرڻ، اهو ڪو سولو ڪم
نه هو، اڄ شايد اسان ان کان وڌيڪ صفحن، جديد ٽيڪنڪ
سميت الائي ڪهڙين ڪهڙين سهوليتن جي بدولت ان کان
به سٺا رسالا ڪڍندا هونداسين پر ’روح رهاڻ‘ جيڪا
سنڌي ٻولي ۽ سنڌ جي نظرياتي سوچ کي سنڀاليو ۽ اوج
تي پهچايو، ان جو اڄ اسين صرف تصور ئي ڪري سگهون
ٿا،
ناليواري اديب سليم چنا چيو ته حميد سنڌي سنڌ جي
مزاحمتي انقلابي ۽ جديد ادب جي سرجڻهارن مان هڪ
آهي. ون يونٽ واري دؤر ۾
’روح
رهاڻ‘
رسالو جاري ڪري هن سنڌي ادب سماج ۽ قوم کي مزاحمتي
۽ انقلابي رستو ڏيکاريو.
سنڌي ادب جي ناليواري ليکڪا تهمينه مفتي
چيو ته محترم حميد سنڌي هڪ نظريو هو جنهن جو سفر
’روح رهاڻ‘
کان شروع ٿيو ۽ بزم روح رهاڻ تائين جاري رهيو. سنڌ
کي اهڙين ئي متحرڪ شخصيتن جي ضرورت آهي.
نامياري اديب غلام نبي سومرو چيو ته حميد
سنڌي پنهنجي زماني جو اهم ڪهاڻيڪار هو جيڪو ڄڻ
پنهنجي ڪردارن جو درد پاڻ سان گڏ کڻي پئي هليو.
ادب ۽ وطن دوستي لاءِ اهو جهد ڪا گهٽ ڳالهه ته
ڪونهي. حميد هميشه اسان جي دلين ۾ رهندو. نامياري
ليکڪا ۽ اديب ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ چيو ته حميد
سنڌيءَ جو وڇوڙو نئين سال جو سنڌي ادب ۽ سنڌي قوم جو وڏو نقصان
آهي. پاڻ نه فقط وڏو ڪهاڻيڪار وڏو منتظم هو پر هڪ
وڏو انسان شناس ۽ وڏو نيڪ ۽ عملي انسان هو.
اديب ۽ ليکڪ فهيم نوناري چيو ته حميد سنڌي
سنڌ، سنڌ جي ماڻهن ۽ سنڌ جي نوجوان نسل جي بي
انتها خدمت ڪئي. بنيادي طور هُو ادب جي دنيا جو وڏو ڪهاڻيڪار هو. هن
پنهنجي ڪهاڻين ۾ عام ۽ سادي ٻولي استعمال ڪئي آهي.
اديب سان گڏوگڏ هُو
اعليٰ انسان هو، مهمانوازي هُن جو مَرڪ هئي، سخاوت جي اعليٰ گڻن سان هُو ٽمٽار هو.
انهي موقعي تي اديب ۽ ليکڪ واحد ڪانڌڙو
چيو ته حميد سنڌي سنڌي ادب ۽ تاريخ جو آواز هو،
جيڪو صدين تائين گونجندو رهندو. روح رهاڻ رسالو،
جشن روح
رهاڻ ۽ بزم روح رهاڻ حميد سنڌيءَ
جي سنڌي ادب ۾ لازوال خدمت جو مثال آهي. اديب ۽
ليکڪ طالب ڀنڀرو چيو ته حميد سنڌي سنڌ جو ڏاهو،
اديب دانشور افسانه نگار، تعليمي ماهر هو جنهن سنڌ
جي علمي ادبي خدمتن جو ذڪر ڪجي ته ڪيترائي ڪتاب
ڀرجي ويندا، ناليواري ليکڪا اديب ۽ اسڪالر ڊاڪٽر
ممتاز ڀٽو ڳالهائيندي چيو ته برک اديب، دانشور،
ايڊيٽر ۽ اعليٰ آفيسر عبدالحميد ميمڻ (حميد سنڌي)
جي لاڏاڻي سنڌ جي ماڻهن کي لوڏي ڇڏيو. هن جيڪا
ساڃهه، سمجهه، عقل، سياسي شعور سنڌ جي ماڻهن کي
ڄاڻ ڏني آهي اها هڪ تاريخي حيثيت رکي ٿي.
سنڌي ٻولي، ادب، ثقافت لاءِ ڪم ڪندڙ قومي
اداري سنڌي ادبي بورڊ طرفان پنهنجي ٽن ڏينهن وارين
رٿيل سرگرمين جي حوالي سان ٽئين ۽ آخري ڏينهن تي
به تقريبون جاري رهيون. جنهن ۾ ٻين تقريبن سان
گڏوگڏ
انهيءَ ڏينهن تي شام جو ’سُگهڙ
ڪچهري‘ به ڪرائي وئي جنهن ۾ سڄي سنڌ جي ڪُنڊ ڪڙڇ
مان سُگهڙن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي جڏهن ته سُگهڙ ڪچهري جي صدارت سنڌ جي ناليواري محقق، اديب ۽ سنڌي ادبي
بورڊ جي بورڊ آف گورنرس جي ميمبر ڊاڪٽر درمحمد
پٺاڻ ۽ ڊاڪٽر ڪريم خواجا ڪئي. جڏهن ته مهمان خاص
ڊاڪٽر
اسد جمال
’پلي‘ هو. ڪيترن شوقينن پڻ سنڌي ادبي بورڊ پهچي سُگهڙ ڪچهري مان لطف ورتو. سنڌي ادبي بورڊ
جي سڏ تي رٿيل سُگهڙ ڪچهري جي ڪارروائي سنڌ جي
ناليواري اديب ۽ سنڌي ادبي سنگت جي اڳوڻي سيڪريٽري
تاج جويو ۽ سنڌ سُگهڙ
لوڪ ادب تنظيم جي باني چيئرمين عاجز رحمت الله
لاشاري
۽ سُگهڙن جي سرواڻ سُگهڙ تاج محمد هاليپوٽو
هلائي،
شريڪ سُگهڙن ۾
خير محمد مري،
سيف الله خالد،
محمد قاسم ڪلوڙ، عبدالستار ميربحر، غلام رسول
مڱريو، قاضي بدرالدين، محمد علي عباسي، حاڪم علي
رند، محمد يعقوب جاگيراڻي، منظور علي سومرو، محمد
قاسم راهمون،
مولا بخش شيدي، ارشاد احمد عرضائي، محمد
اعظم مڱريو، فقير طالب حسين ڀنڀرو، علي اڪبر
چانڊيو، احمد علي اُترادي، محبوب علي ڏيپر، محمد جمن ڀٽي،
محمد ايوب جوڻيجو، فدا ڪليرائي، الهڏنو بروهي،
ساگر عالماڻي ۽ ٻين پنهنجي ڏات جي ڏيهه مان
سُگهڙائپ جي مختلف صنفن جهڙوڪ:
ڳجهارتون، ڏٺ، سينگار، ڏهس، هڪ اکري، پروليون،
پهاڪا ۽ ٻين صنفن ۾ پنهنجا جوهر ڏيکاريا. سُگهڙ
ڪچهري رات جو دير تائين جاري رهي. ان موقعي تي سڄي
سنڌ مان آيل سُگهڙن کي سنڌي ادبي بورڊ جي چيئرمين
مخدوم سعيدالزمان’عاطف‘
طرفان اجرڪن ۽ گلن جا تحفا پڻ پيش ڪيا ويا.
سنڌي ادبي بورڊ جو چيئرمن مخدوم
سعيدالزمان
’عاطف‘
سنڌي ادبي بورڊ جي
هنن سڀني پروگرامن جي غور، توجهه ۽ دلچسپي سان
سربراهي ڪندا رهيا. پاڻ پروگرامن جي اختتامي تقريب ۾ پنهنجي طرفان پنهنجي فرزند
مخدوم
احمدالزمان
کي اماڻيو.
سُگهڙ ڪچهريءَ ۾ سندن فرزند کي سُگهڙ تنظيم سلات طرفان
مخدوم سعيدالزمان
’عاطف‘
لاءِ اعزازي شيلڊ ۽ سُگهڙن ڪتابن جا تحفا پيش
ڪيا.
ان موقعي
تي خطاب ڪندي مخدوم احمد الزمان چيو ته
انتهائي خوشي ٿي آهي ته سنڌي ادبي بورڊ تاريخ کي
ورجائي رهيو آهي. هن چيو ته سنڌي ادبي بورڊ جي
پوري انتظاميه ۽ هيءُ
پروگرام آرگنائيز ڪندڙ ٽيم کي مبارڪباد ڏيان ٿو هن
چيو ته هن قسم جا پروگرام نوجوانن ۾ ڪتاب پڙهڻ جو
شوق پيدا ڪن ٿا جن سان ٻولي ۽ ادب جو تحفظ ٿئي ٿو.
هن چيو ته اڄ موبائيل ۽ انٽرنيٽ جي دور ۾
نوجوان ڪتابن کان پري ٿيندا پيا وڃن،
جنهن
لاءِ ان ڳالهه جي اشد ضرورت آهي ته هن قسم جون تقريبون منعقد ڪري
نوجوانن ۾ هڪ نئون جذبو پيدا ڪجي.
محترمه ايڊيٽر صاحبه
السلام عليڪم:
جيئن ته ٽماهي ’مهراڻ‘ 1/2020ع ۾ ڇپيل
منهنجو تحقيقي مقالو ”مولانا محمد عثمان نورنگزاده
جون علمي ادبي خدمتون“ ۾ غلطيءَ سبب مولانا محمد
عثمان نورنگزاده صاحب سنڌ مدرسة الاسلام ڪراچيءَ ۾
بحيثيت معلم الفقه (فقه جو استاد) طور پنهنجون
خدمتون 1850ع کان 1912ع تائين سرانجام ڏنيون لکجي
ويو آهي، جڏهن ته درست آهي، 1888ع کان 1912ع.
ساڳئي مقالي ۾ ٻئي هنڌ غلطيءَ سبب، مولانا صاحب،
رشد الله شاهه عرف محمد راشد روضي ڌڻيءَ رحه جو
دست بعيت ٿيو هو، لکجي ويو آهي. حالانڪ هي ٻئي
بزرگ علحده شخصيتون آهن.
ان لاءِ عرض ته سيد رشدالله شاهه المعروف ”سائين
شريعت وارو“ پير جهنڊو چوٿون، سيد محمد روضي ڌڻي
جي فرزند سيد محمد يٰسين شاهه ”پير جهنڊي واري جي
اولاد مان سيد رشيدالدين شاهه المعروف“ پير بعيت
واري“ جو فرزند هو. اهڙيءَ طرح سيد محمد راشد روضي
ڌڻي رحه سندن پڙڏاڏو هو. محترم فقير صفدر مهيسر
صاحب جو ٿورائتو آهيان جنهن هڪ تفصيلي خط ذريعي
هنن غلطين جي نشاندهي ڪئي.
از: سيد انور علي شاهه
سونڊا ضلعو ٺٽو
|