مظهر محمود شيراني
ڊاڪٽر
آزاد قاضي
پير حسام الدين راشدي
پير حسام الدين راشدي صاحب جو نالو مون پهريون
ڀيرو پروفيسر ايم.ايف قريشي مرحوم کان ٻڌو هو،
جيڪو ڏاڏا سائينءَ جو پراڻو دوست هو. اها سال
1957ع جي ڳالهه آهي. منهنجي پڇڻ تي قريشي صاحب
ٻڌايو ته هو، پير علي محمد راشديءَ جو ننڍو ڀاءُ
آهي ۽ تنهنجي ڏاڏي جو مداح بلڪ عقيدتمند آهي. وڏو
زميندار هجڻ جي باوجود سندس سموريون دلچسپيون پڙهڻ
لکڻ ۾ آهن. پير علي محمد راشدي مشهور سياستدان
آهي، ۽ سنڌ کان سواءِ مرڪز ۾ پڻ وزير رهي چڪو آهي.
سندس ڳوٺ لاڙڪاڻي کان ڪجهه مفاصلي تي نئين ديري جي
پاسي ۾ هو. اسين انهن ڏينهنِ ۾ لاڙڪاڻي ۾ ئي رهندا
هئاسين.
رسمي تعليم مان واندي ٿيڻ کان پوءِ منهنجي نوڪريءَ
جي شروعات گورنمينٽ ڊگري ڪاليج مظفرڳڙهه ۾ ليڪچرار
طور ٿي، تڏهن مون ڏاڏي سائينءَ جي شايع ٿيل مقالن
۽ سندس خطن جي ميڙا چونڊي شروع ڪئي. ڪجهه عرصي کان
پوءِ مون کي خيال آيو ته، ممڪن آهي ته حسام الدين
راشدي صاحب وٽ پڻ حافظ صاحب جو ڪو خط (پَٽُ) هجي.
انهن ڏينهنِ ۾ پير صاحب مرڪزي ترقي اردو بورڊ جي
اجلاس ۾ شرڪت لاءِ ڪراچيءَ کان لاهور ايندو هو. ان
ڪري مون ان اداري جي معرفت هڪڙي چٺي سندس خدمت ۾
موڪلي. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ سندس 10 مارچ 1963ع جو
لکيل محبت ڀريو خط مليو، جنهن جي شروعات هيئن پي
ٿي:
”ڪالهه گرامي نامو مليو، عنايت. غير متوقع طور
شيراني خاندان جي هڪ معزز ماڻهوءَ جو خط ڏسي جا
خوشي ٿي، ان جو بهتر اندازو مان پاڻ ئي ڪري سگهان
ٿو.“
ان کان پوءِ پاڻ ڏاڏي سائينءَ سان پنهنجي ملاقات
جو تذڪرو هنن لفظن ۾ ڪيو هئائين:
”مرحوم حافظ صاحب سان منهنجي هڪڙي ئي ملاقات ٿي.
دهليءَ ۾ مولوي صاحب وٽ ساڳئي ڪمري ۾، هن سان
پندرهن
]ڏينهن[
تائين تعلق رهيو… مون انهن پندرهن ڏينهن ۾ سندس
اعليٰ صفت شخصيت منجهان جيڪو استفادو ڪيو، اهو اڄ
تائين علمي زندگيءَ ۾ مشعلِ راهه ثابت ٿي رهيو
آهي. بلڪ مون کي تحقيق جو شوق سندس ئي صحبت جي ڪري
ٿيو، ۽ منهنجي علمي زندگيءَ کي هڪڙي طئه شده رستي
تي اُن ئي هلايو. انهن پندرهن ڏينهن جون خوشگوار
يادون اڃا تائين ذهن ۾ موجود آهن.“
حافظ صاحب جي خطن بابت سندس چوڻ هو ته:
”ٻه ٽي خط شايد مون وٽ آيا هئا، پر اهي محفوظ نه
رهي سگهيا.“
ان خط جي آخر ۾ قلم تازي طور، هُن هڪڙي سٽ لکي
هئي:
”جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجي حالتن کان واقف ڪندا،
خاندان جا فرد ڪٿي رهن ٿا؟“
اهو پڇڻ تي جواب طور مون ٻيو خط موڪليو، ۽ پوءِ خط
و ڪتابت جو اهو سلسلو ٿوري گهڻي وقفي بعد، سندس
وفات کان ڪجهه عرصو اڳ تائين هلندو رهيو، جيستائين
هو بيماريءَ سبب لاچار ٿي ويو.
راشدي صاحب، حافظ صاحب سان پنهنجي اڪيلي، پر ٻن
هفتن تي مشتمل ملاقات جو ذڪر، پوءِ پنڊت دتا تريه
ڪيفي تي پنهنجي مضمون ۾ پڻ ڪيو. اهو مضمون ٽماهي
”اردو“ جي ڊسمبر 1966ع واري پرچي ۾ ڇپيو هو، ۽
پوءِ ’مقالات راشدي‘ ۾ پڻ شامل ٿيو. راشدي ڀائر
دهلي، پيلي ڀيت، نيني تال ۽ ناگ پور وغيره جي
تفريحي ۽ مطالعاتي سفر تي ويا هئا. غالباً مئي يا
جون 1942ع ۾، هو دهلي پهتا هوندا. انهن ڏينهن ۾
حافظ صاحب پنهنجي ڪجهه سلسليوار مضمونن کي نظرثاني
کان پوءِ ڪتابي شڪل جي مقصد سان، مولوي عبدالحق وٽ
انجمن جي دريا گنج واري آفيس ۾ ترسيل هو. اها
ڳالهه اوهان راشدي صاحب جي شگفته انداز ۾ ٻڌو:
”مولانا اسان ٻنهي ڀائرن کي دهليءَ جي ڪارونيشن
هوٽل مان زبردستي ڪري، پاڻ وٽ وٺي ويو ۽ هڪڙي ڪمري
۾ اهو چئي رهائي ڇڏيو ته ’ڏسو! هن حضرت سان
شاهنامه جي ڳالهه ڀُلجيءَ به نه ڪجو، نه ته تڪليف
پيش اچي سگهي ٿي.‘ هڪڙو ڏاڙهي ڪوڙيل ڇڊن شهپرن
وارو ڪراڙو شخص، ميري پاجامي ۽ معمولي گنجيءَ سان،
ڍير ڪتابن وچ ۾ کٽ تي پلٿي هنيو، پروف پڙهڻ ۾ ،
ايترو ته محو ۽ مشغول هو، جو مولانا جو مٿيون جملو
جيئن فضا ۾ گونجيو ته هڪدم گهٻرائجي اُٿي بيٺو،
اسان کي ڏسي هو صاحب مشڪيو ته ضرور، پر سندس
مسڪراهٽ ڏاڍي مُرجهايل هئي. گرم جوشيءَ کان عاري ۽
شگفتگيءَ کان بلڪل خالي يا ته ان ڪمري ۾ اسان
اجنبين جو رهڻ کيس پسند نه هو يا وري دم ۽ ڪراڙپ
واري مجبوريءَ جي ڪري هُو، هو ئي مُرجهايل!
اهوئي هو، هندستان جو مشهور محقق حافظ محمود خان
صاحب شيراني! اهوئي فردوسيءَ تي چئن مقالن وارو،
تنقيد شعرالعجم وارو،
پرٿوي راج راسو وارو، پنجاب ۾ اردوءَ وارو. هي
اهوئي پيءُ هو، جنهن حضرت ابوالمعاني اختر شيراني
الافغاني کي، جنهن جي لکڻين، ان وقت جي نوجوان
طبقي ۾ سُرور واري ڪيفيت پيدا ڪري ڇڏي هئي. يعني
انهن جي تصورن ۾ هڪڙو رنگارنگي ماحول پيدا ڪري
ڇڏيو هو، جنهن جي رومانوي شاعريءَ سان، هر اهو
انسان جيڪو شباب واري عالم ۾ هو، مست ۽ مدهوش
هوندو هو.
شاهنامي جي ڳالهه ته ڪانه نڪتي پر ڏهن پندرهن
ڏينهن رهڻ دوران ٻيون هزارين ڳالهيون سامهون آيون.
ويجهڙائپ گڏيل پيار پيدا ڪري ڇڏيو، ان حد تائين جو
اسان جي پٺاڻ محافظ وڏين مُڇن واري لاله عباس خان
سان به کيس محبت ٿي وئي. اسان ڏسندا هئاسين ته گرم
راتين ۾ هي ٻئي پٺاڻ رات لڙيءَ تائين پاڻ ۾ سُس
پُس پيا ڪندا هئا. شڪار جون ڳالهيون، تيرو تفنگ جا
قصا ۽ هندستان ۾ پٺاڻن جي حڪومت جا داستان. لالا
عباس خان هڪ رات اسان کي ٻڌايو ته: ”پير! شراني
خوٹیک
کیتا
اے،
خو چار ڀيرا پٺاڻن کي هندستان جي حڪومت ملي. خانا
خراب انهن پاڻ ڇڏي ڏني، وئي! وئي! او خدا!!“
لالا عباس خان جي مُڇن جو هڪڙو هڪڙو وار ڦڙڪي رهيو
هو. ائين پئي لڳو ڄڻ پاڻي پٽ جي ميدان ۾ احمد شاهه
ابداليءَ جون فوجون تيار بيٺيون آهن. اجهو هاڻي
هاڻي دهليءَ تي حملو ڪرڻ واريون آهن. لاله عباس
خان جي وڏين وڏين گول گول ڳاڙهين اکين ۾ رت تري
آيو هو. ڄڻ ته شعلا نڪري رهيا هجن ۽ هو ’مجموعه
نغز‘ جي ايڊيٽر کي، شير گل خان آفريدي کان به،
جنهن دشمن قبيلي جي هڪ سؤ ڏهن ماڻهن جي ٿري ناٽ
ٿري سان صفائي ڪري ڇڏي هئي، ان وقت وڌيڪ بهادر ۽
غيرتمند سمجهي رهيو هو.
ان مختصر عرصي دوران، مون شيراني صاحب کان گهڻو
ڪجهه سکيو. سچ ته اهو آهي ته اُن ئي مون کي دڳ
لاتو. اسين روزانو شام جو جامع مسجد جي آسپاس
ويندا هئاسين. هن ڪيترائي ڪارگر ۽ قيمتي ڪتاب چئن
چئن آنن ۾ خريد ڪيا. هڪ ڏينهن ”گلشن بي خار“ تي
ڏاڍو بحث ٿيو. ڪتاب وڪرو ڪندڙ چئن آنن ۾ ڏيڻ ٿي
گهريو، ۽
شيراني صاحب ڇهن پيسن کان وڌيڪ ڏيڻ لاءِ تيار نه
هو. خدا خدا ڪري ٻن آنن تي وڃي ڳالهه ٺهي. اهو ٻه
آنن وارو ”گلشن بي خار“ اڃا تائين مون وٽ موجود
آهي. اڄ به جڏهن اهو کڻندو آهيان ته منهنجي اکين
اڳيان اهو تصور ڦري ايندو آهي. جامع مسجد جي پاسي
۾ هڪڙو سوڙهو ۽ اونداهو ڪمرو، چئني پاسن کان هوا
جو گذر بند، پگهر ۾ مٿي کان پيرن تائين ڇَل. ڇهن
پيسن ۽ چئن آنن جو جهيڙو، اڃا جاري آهي. وڏي
اطمينان سان ٻوليءَ تي ٻولي (اگهه) لڳي رهي آهي.
هي اقتباس ڪجهه ڊگهو ٿي ويو آهي. تڏهن به هي راشدي
صاحب جي اسلوبِ بيان ۽ شگفته طبعيت جو اندازو ڪرڻ
لاءِ ضروري هو.
سال 1963ع ۾ منهنجي بدلي شيخوپوره ڪاليج ۾ ٿي.
راشدي صاحب ترقي اردو بورڊ ۽ ريسرچ سوسائٽي آف
پاڪستان جي اجلاسن ۾ شرڪت لاءِ لاهور ايندو رهندو
هو. ان سان منهنجي پهرين ملاقات ڏاڍي دلچسپ رهي.
شايد سنه 1964ع وارن شروعاتي مهينن جي ڪا تاريخ
هئي. هن خط رستي مون کي اردو بورڊ جي اجلاس جي
تاريخ کان واقف ڪيو، ۽ ملڻ جي خواهش ظاهر ڪئي.
بورڊ جي آفيس گلبرگ جي علائقي ۾ هئي. مان ٻپهري
کان ڪجهه اڳ پهچي ويس. اجلاس هلندڙ هو. آفيس جو
هڪڙو ملازم اندر چانهه کڻي پي ويو. مون ان هٿ
پنهنجي نالي جي چٽڪي موڪلي ڏني. پير صاحب هڪدم
ٻاهر آيو، ائين پنهنجائپ سان مليو جو دل خوش ٿي
وئي. چٽي رنگ وارو رعبدار شخص هو. مُنهن تي علميت
جو عڪس ۽ شخصيت ايتري ڀرپور جو هزارن ۾ نمايان نظر
اچي. فرمائڻ لڳو: ”اجلاس ختم ٿيڻ وارو آهي، مان
چند منٽن ۾ حاضر ٿيان ٿو.“ آفيس جي عملي سان مخاطب
ٿي چيائين: ”ڀائي هي اسان جو مهمان آهي، هن جي
خوشامد ڪيو.“ خوشامد واري لفظ منجهان مان مون کي
ڏاڍو مزو آيو. پير صاحب لکڻين ۾ تمام فصيح ۽ با
محاوره اردو لکندو هو. البت ڳالهه ٻولهه ۾ سندس
لهجو سنڌي هو، ۽ هو ڪي سنڌي لفظ ۽ محاورا پڻ
استعمال ڪري ويندو هو، جيڪي سندس زبان مان ڏاڍا
سٺا لڳندا هئا.
مون اڃا چانهه جي پيالي ختم ڪئي ته هو واپس اچي
ويو ۽ چيائين ”اچو عبدالله چغتائي وٽ هلون ٿا.“
چغتائي صاحب جي رهائشگاهه ويجهو ئي هئي. ڪجهه منٽن
۾ اتي پهچي وياسين. ڏاڍي پُرلطف ڪچهري ٿي، هر قسم
جون ڳالهيون ٿيون، ٻئي هڪ ٻئي سان ڇيڙ ڇاڙ به ڪندا
رهيا. پير صاحب مون ڏانهن متوجهه ٿي چغتائي صاحب
ڏانهن اشارو ڪندي چيو: ”هي لاهور وارا اوهان جو
قدر ڪونه ڪندا، اوهان اسان وٽ ڪراچي اچو، اسين
اوهان کان وڏو ڪم وٺنداسين.“ جواب ۾ چغتائي صاحب
مون سان مخاطب ٿيو: ”تون هن جي چوڻ ۾ نه اچجانءِ.
هي وڏيرو آ، هن تي ڪو اعتبار ناهي.“
ان کان پوءِ هن سان خط و ڪتابت به ٿيندي رهي ۽
ملاقاتون پڻ ٿيون. هو لاهور اچڻ کان اڳ مون کي
اطلاع ڪري ڇڏيندو هو. گهڻو تڻو پاڪ لگزري يا
ايمبيسيڊر هوٽل ۾ رهندو هو. مان سندس آرام ۾ خلل
واري خيال کان هوٽل ۾ ملاقات کان پرهيز ڪندو هئس.
ريسرچ سوسائٽي جي ميٽنگ، ديال سنگ لائبرري ۾ ٿيندي
هئي. اها جاءِ شهر جي وچ ۾ هئي، ان ڪري اتي پهچڻ
سولو هو يا وري ريگل چوڪ تي ڪوآپيرا بڪ شاپ، جتي
هو ڪتابن جي ڳولا ۾، اتان جي مئنيجر ظفر اقبال
مرحوم وٽ پهچندو هو.
مون سان سندس شفقت جي اها حالت هئي جو، جيڪڏهن مون
پاران خط لکڻ ۾ دير ٿي ويندي هئي ته، هِتان هُتان
منهنجي خيريت معلوم ڪندو هو. 9 جولاءِ 1968ع جي خط
۾ لکي ٿو:
”وڏي مهرباني اوهان ياد ڪيو، ڪيترن ڏينهن کان پوءِ
اوهان جو احوال معلوم ٿيو. ڊاڪٽر چغتائي کان به
اوهان بابت پڇندو رهندو آهيان، خدا اوهان کي سلامت
رکي.“
02 سيپٽمبر 1968ع تي مجلس ترقي ادب جي خزانچي،
عبدالغفار احمد مون کي لکيو:
”ڪجهه ڏينهن اڳ پير حسام الدين راشدي صاحب هڪ
ملاقات ۾ مون کي فرمايو هو ته، کيس ڪافي عرصي کان
اوهان جي خيريت جي خبر ناهي، مهرباني ڪري کيس هڪڙو
خط لکي پنهنجي خيريت بابت احوال ڏئي ڇڏيو.“
ڪراچيءَ جي ڪجهه اهلِ علم سان منهنجو ميل جول
رهندو هو، انهن کان به مون بابت پڇندو رهندو هو.
مشفق خواجه صاحب مون ڏانهن 26 جون 1969ع تي هڪ خط
۾ لکيو:
”پير حسام الدين راشدي صاحب سان اڪثر اوهان جو
تذڪرو ٿيندو آهي. هو اوهان جو ڏاڍو مداح آهي. اهڙي
طرح ڄڻ ته اوهان سان اڌ ملاقات ٿيندي رهندي آهي.“
شيخوپوره بدلي ٿيڻ کان پوءِ مان پنهنجي خاندان کي
هتي وٺي آيو هئس. تڏهن به لاڙڪاڻي ۾ منهنجا ويجها
عزيز هوندا هئا، ان ڪري موڪلن ۾ اتان جو چڪر لڳندو
رهندو هو. پير صاحب کي ان ڳالهه جي خبر هئي. ان
ڪري 02 سيپٽمبر 1968ع واري خط ۾ مون کي لکي ٿو:
”لاڙڪاڻي کان 17 ميلن تي منهنجو ڳوٺ آهي جيڪڏهن
سياري ۾ اوهان موڪل تي اچو ته مان به لاڙڪاڻي اچي
سگهان ٿو، باقي هن وقت ته دوزخ آهي.“
هن جي ڳوٺ جو نالو ’بهمڻ‘ هو، جتي هو 20 سيپٽمبر
1911ع تي پيدا ٿيو هو. هي خاندان پنهنجي جد اعليٰ
پير محمد راشد شاهه جي نسبت سان راشدي سڏبو آهي.
بهمڻ ۾ سندس وسيع ايراضي ۽ خانداني ڪتبخانو هو.
سندس والد سيد حامد شاهه راشدي کي مطالعي جو شوق
هو. اهوئي شوق پير حسام الدين راشدي صاحب کي ورثي
۾ مليو. سندس تعليم اڳوڻي خانداني طريقي موجب
مختلف استادن معرفت گهر ۾ ٿي. ڪنهن به تعليمي
اداري مان ڪا به ڪاغذي سَنَدَ حاصل ڪرڻ کان سواءِ،
هن صرف ڀرپور مطالعو ڪيو. بلڪ قلم قابو ڪري، ايترو
علمي، ادبي، تاريخي ۽ تهذيبي ڪم ڪيو، جو اڄ بزمِ
علم و فضل ۾ سندس نالو چوڏهينءَ جي چنڊ جيان
چمڪندڙ آهي.
شوق ھے
سامان طراز نازش ارباب عجز
ذرّہ صحرا دستگاہ و قطرہ دریا
آشنا
قلمي زندگيءَ جي شروعات هُن بزرگ ڀاءُ پير علي
محمد راشدي جي صحبت ۾ صحافت کان ڪئي. پوءِ هو
سياست جي خارزار ڏانهن هليو ويو، ۽ هي تحقيق جي
ميدان ۾ ٽُڪ ٽُڪڻ لڳو. فارسيءَ سان کيس ڏاڍو شوق
هو ۽ سنڌ جي تاريخ ۽ آثارِ قديمه سندس پسنديده
موضوع هئا. ان علمي ڪاوش جي نتيجي ۾ سندس ڪي ٻه
ڊزن فارسي، ڊزن کن سنڌي ۽ ڪجهه اردو ڪتاب ميدان تي
آيا. سوين سنڌي، اردو ۽ فارسي مضمون سندس قلم مان
نڪتا. رڳو اهو نه پر ڪنهن وڌاءَ کان سواءِ هو
اڪيچار علمي، ادبي ۽ سماجي ادارن جو باني، عهديدار
يا ميمبر پڻ هو. سنڌ جو ته شايد ئي ڪو قابلِ ذڪر
ادارو هوندو، جنهن جي جوڙڻ، ٺاهڻ ۽ هلائڻ ۾ سندس
حصو نه هجي. سندس وسيع تحريري ڪم ۽ بي پناهه
مصروفيتن جي تفصيل بيان ڪرڻ جو نه هي موقعو آهي نه
گنجائش. بس اهوئي چئي سگهجي ٿو ته کيس علم سان شوق
هو ۽:
نازم بہ اہل عشق کہ برقیس
غیرت
است
رشکے
بملک و جاه
فریدون
نکردہ کس
عام طور شڪايت ڪئي ويندي آهي ته اهل علم جي مزاج
۾، هڪ قسم جي مغروري پيدا ٿي ويندي آهي. پير صاحب
ان کان آجي مٿاهين حيثيت جو مالڪ هو. تهذيب ۽
شائستگي سان گڏوگڏ زنده دلي ۽ خوش مزاجي واري لحاظ
کان باغ و بهار شخص هو. جنهن محفل ۾ وهندو هو، سا
با رونق ٿي ويندي هئي. ڏاڍا ٽهڪ ڏيندو ۽ گفتن سان
محفل کي زعفران جيان معطر ڪندو رهندو هو. انتهائي
سنجيده موضوع مان به ظرافت واري ڳالهه ڪڍي وٺندو
هو.
پير صاحب، دنياداري، رواداري ۽ بي تعصبي وارين
صفتن جو اعليٰ درجي جو مالڪ هو. پاڪستان ٺهڻ کان
پوءِ جڏهن مولوي عبدالحق صاحب ڪراچي آيو ته هتي ان
کي، انجمنِ ترقي اردو ٺاهڻ جي سلسلي ۾ پير حسام
الدين راشدي صاحب کان وڏي مدد ملي. ان جو ضمناً
اعتراف ڪندي مولوي صاحب ”قومي زبان“ جي شماري
پهرئين جون 1948ع ۾ لکي ٿو:
”جوامع الحکايات“ (عوفي) جي اردو ترجمي (از اختر
شيراني) کي سولي ۽ شگفته سنڌي ۾ ڪرڻ جو ذمو پير
حسام الدين راشدي کنيو آهي جيڪو انجمن جو پراڻو
ڪرم فرما آهي ۽ ڪراچيءَ ۾ انجمن جو قائم ٿيڻ، سندس
ئي خلوص ۽ ڪوششن جو نتيجو آهي. لسانياتي علم موصوف
جي روحاني فضيلتن جو حصو آهن.
مٿي مان لکي آيو آهيان ته پير صاحب پنهنجي اردو
مضمونن ۾ ڏاڍي معياري ۽ بامحاوره ٻولي لکندو هو.
سندس ايڪيهن اردو تحريرن جو مجموعو
غلام محمد لاکي صاحب ”مقالات راشدي“ عنوان هيٺ
ترتيب ڏنو هو، جيڪو 2002ع ۾ ڪراچيءَ مان شايع ٿيو.
ان ۾ مختلف موضوعن تي مضمون آيل آهن. منهنجي خيال
۾ ٻوليءَ جي لحاظ کان سرِفهرست اهي پنج مضمون آهن،
جيڪي هن شخصيتن تي لکيا آهن. واقعن جي سچائي،
حقيقتن جي اعتراف، جذبن جي خلوص، ٻوليءَ جي لطافت
۽ پُرڪشش اندازِ بيان واري حوالي سان اهي لکڻيون
پنهنجو مٽ پاڻ آهن. سندس تحرير جي هڪڙي خوبي اها
به آهي ته، هرهنڌ پنهنجي ڳالهه ختم ڪرڻ وقت ائين
برملا شعر ڏئي ٿو، جيئن منڊيءَ ۾ هيرو هنيو ويو
هجي. ان مان سندس اعليٰ شعري شوق جو به اندازو ٿئي
ٿو.
مٿي ذڪر ڪيل پنجن مضمونن مان
”پنبه کجا کجا نهم“ ته شاهڪار واري حيثيت رکي ٿو.
اها لاجواب لکت شاهد احمد دهلوي جي وفات تي لکي
وئي هئي. مصنف ”ساقي“ جي ايڊيٽر کي مرڪزي حيثيت
ڏئي ضمناً ڪيترين اهڙين شخصيتن جو غم ڀريو قصو
دهرايو آهي جيڪي علمي، ادبي، ديني يا ڪنهن ٻئي
لحاظ کان گهاٽي وڻ جي ڇانوَ وانگر هئا. هو پاڪستان
ٺهڻ کان پوءِ هندستان جي زمين تان ڌِڪجي ڪراچي آيا
پر هتي واري ماحول ۾ اُسري نه سگهيا. هڪڙو هڪڙو ٿي
ڪومائجي ويو، ۽ ڪسمپرسي جي عالم ۾ خاڪ ۾ ملي خاڪ
ٿي ويو. انهن جو روڄ آخر ڪنهن کي ته ڪرڻو هو. پير
صاحب اهو فرض وڏي دردمندي ۽ دلسوزيءَ سان ادا ڪيو
آهي.
مون سان پير صاحب جي محبت دراصل حافظ صاحب سان
سندس عقيدت ۾ اضافو هو. مجلس ترقي ادب جي
زيراهتمام ”مقالات حافظ محمود شيراني“ جي اشاعت جو
سلسلو 1966ع کان شروع ٿي چڪو هو. جڏهن به ڪو جلد
شايع ٿيندو هو، مان ان جي هڪ ڪاپي پير صاحب جي
خدمت ۾ رواني ڪري ڇڏيندو هئس. پاڻ به پنهنجا ڪتاب
ڪڏهن سڌي طرح پنهنجي دستخط سان، ۽ ڪڏهن ناشر جي
مدد سان عنايت ڪندو رهندو هو. حافظ صاحب جي فارسي
زبان ۽ ادب بابت مقالن جي نئين سر اشاعت جو کيس
شديد انتظار هو.
”اوهان ڇا ڪري رهيا آهيو، حافظ صاحب مرحوم جون
ٻيون ڪهڙيون شيون اوهان کي ترتيب ڏيڻيون آهن.
تنقيد شعرالعجم ۽ فارسي زبان و ادب تي سندس مقالن
جي تڪڙي ضرورت آهي، خبر ناهي ڪيستائين ڪم ٿيو آهي“
(خط، 2 سيپٽمبر 1968ع).
خدا جو شڪر آهي جو فارسي تاريخ ۽ ادب بابت مقالن
جا ٽئي جلد (چئن کان ڇهه) سندس حياتيءَ ۾ شايع
ٿيا. پاڻ شفيق هئڻ جي ناتي مون کي مختلف مشورا به
ڏيندو رهندو هو. 23 سيپٽمبر 1966ع واري خط ۾ لکي
ٿو:
”اوهان جا جيڪي به ڪتاب شايع ٿين، انهن جي هڪ هڪ
ڪاپي مهرباني ڪري ايران موڪلي ڇڏيندا ڪيو، تعارف
لاءِ ضروري آهي.“
هڪڙي ٻئي خط ۾ لکيائين:
”هِتان جي جاهلن واري ماحول کان اوهان ذهني طرح
نڪري وڃو، ورنه ذهني واڌ ويجهه ۽ اُسرڻ جا موقعا
نه ملندا“ (خط، 28 جنوري 1969ع).
پاڻ مون کي ڪجهه ايراني عالمن، فاضلن جا سرناما به
موڪليائين. اهڙي طرح ’آقا ايرج افشار‘، ’احمد
گلچين معاني‘ ۽ ’طاهري شهاب‘ سان منهنجي لکپڙهه ۽
ڪتابن جي مٽاسٽا جو سلسلو قائم ٿيو.
پير صاحب ڪٽ پيس واري تحقيقي انداز کان سخت نفرت
ڪندو هو ۽ ان کي ”اُٺاگيري“ چوندو هو. هڪڙي خط ۾
لکي ٿو:
”خدا ڪري اوهان پنهنجي محنت سان ڪو درجو حاصل ڪيو،
پنجاب ۾ ’اُٺاگيري‘ واري ڪم ڪرڻ وارن علم کي برباد
ڪري ڇڏيو آهي، اندر سڙي ٿو“ (خط، 3 اپريل 1969ع).
مان ڪجهه دوستن جي علمي مصروفيتن ۾ مشورو ۽ مدد
گهرندو رهندو هئس. جنهن تي پاڻ هڪدم توجهه ڏيندو
هو. منهنجو دوست پروفيسر محمد نعيم قريشي، لنڊن
يونيورسٽي ۾ تحريڪ خلافت تي ڪم ڪري رهيو هو. ان
موضوع تي مواد جي ڳولا ۾ مون پير صاحب سان رابطو
ڪيو ته پاڻ مولانا
غلام مصطفيٰ قاسمي ۽ شيخ عبدالمجيد سنڌي جا سرناما
موڪليائين ۽ انهن سان رابطي ڪرڻ جي هدايت به
ڪيائين. خط جي آخر ۾ هي دردمندانه جملو هو:
”گهڻو ڪجهه هو پر ماڻهو مري ويا، ۽ سمورو اثاثو
برباد ٿي ويو“ (10 ڊسمبر 1966ع).
اسان جي بزرگ ساٿي پروفيسر اڪبر علي شاهه مرحوم،
علامه اقبال جي ”ضرب ڪليم“ جو منظوم انگريزي ترجمو
”Rod
of Moses“
عنوان سان ڪيو هو. اهو اقبال اڪيڊمي پاران شايع
ڪرائڻ لاءِ، پير صاحب منهنجي گذارش تي، مرحوم بشير
احمد ڊار سان ڳالهه ٻولهه شروع ڪئي. ڪجهه وقت کان
پوءِ مون جڏهن ان باري ۾ معلومات حاصل ڪندي، تڪليف
ڏيڻ تي شرمندگيءَ جو اظهار ڪيو، تڏهن جواب ڏيندي
لکيائين:
”اوهان وڏا ڪم به چئو، ننڍڙن ڪمن لاءِ شرمندگيءَ
جو ڇا مطلب!“ (15 مئي 1969ع).
پوءِ واقعي به هڪڙو وڏو مسئلو پيش اچي ويو. منهنجو
ڊوميسائيل لاڙڪاڻي جو هو. سنه 1970ع ۾ ون يونٽ
ٽُٽڻ جو اعلان ٿيو، ته طئه ٿيل پاليسيءَ موجب
منهنجون خدمتون سنڌ صوبي جي حوالي ڪيون ويون.
جنهنڪري مان ڏاڍو گهٻرائجي ويس. خوف اهو هو ته مون
کي ڪنهن اجنبي شهر يا علائقي ۾ نه موڪليو وڃي.
لاڙڪاڻي ۾ منهنجا عزيز به هئا ۽ پاڪستان ۾ منهنجو
هڪڙوئي گهر به اهوئي هو. مطلب ته پير صاحب کي عرض
ڪيم. پاڻ هڪدم مطمئن ڪندڙ جواب ڏنائين:
”عزيز مڪرم! اڄ خط مليو، مان 26 تاريخ حيدرآباد
وڃي رهيو آهيان. هن وقت ڊئريڪٽر رضا محمد صاحب ڀٽو
آهي، ان سان ڳالهه ڪندس… ڏٺو ويندو. سڀ ٺيڪ ٿيندو“
(خط 20 جون 1970ع).
مزي جي ڳالهه اها ته جڏهن پاڻ حيدرآباد وڃي
ڊئريڪٽر سان مليو ۽ هُن پڇيس ته ڪهڙو مضمون
(Subject)
پڙهائيندو آهي ته پير صاحب ٻڌائي نه سگهيو. سندس
خيال ۾ اهو فارسي به ٿي پي سگهيو. اردو به، ۽
تاريخ به. وڌيڪ مزيدار ڳالهه اها ته منهنجي ڪاليج
جو نالو به وسري ويس. جنهن ائڊريس تي هو مون کي خط
لکندو هو. ان ڪري ٻيهر مون کي لکيائين ته:
”ڀائي، ڪالهه حيدرآباد ويو هئس، ڊئريڪٽر ايجوڪيشن
کي چئي به ڇڏيم ۽ اوهان جو خط به ڏئي آيس. هن چيو
ته جيڪڏهن اها خبر هجي ته اوهان ڪهڙي ڪاليج ۾ آهيو
۽ ڇا پڙهايو ٿا ته هو هڪدم اڄ ئي آرڊر ڪڍي ڇڏي.
مون کي اها خبر ڪانه هئي، هاڻ اوهان مون کي هڪدم
خط لکو ته اوهان ڪهڙي ڪاليج ۾ آهيو ۽ اوهان پڙهايو
ڇا ٿا ته، مان اهو آرڊر ڪرائي ڇڏيان. مان 02 تاريخ
تي حيدرآباد وڃي رهيو آهيان، ٿي سگهي ته تار رستي
اوهان مون کي اطلاع ڪيو“ (28 جون 1970ع).
مون حڪم جي تعميل ڪئي ۽ پاڻ منهنجي مقرري گورنمينٽ
ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ ڪرائي ڇڏيائين. ان دوران اهو
معاملو اڳتي وڌيو ۽ مون کي ڇوٽ ڏئي پهريان عارضي،
۽ پوءِ مستقل طور پنجاب ۾ رکيو ويو.
مُحبي احمد نديم قاسمي صاحب مون کي نظيري ۽ طالب
آملي جي چونڊ ڪلام تي مشتمل ٻه قديم قلمي نسخا
عنايت ڪيا هئا. اهي ٻئي هڪ جلد ۾ هئا. ٻئي سنه
1035هه جا تيار ڪيل هئا. جڏهن طالب اڃا جيئرو هو ۽
نظيري جي وفات کي صرف 12 سال ٿيا هئا. جيتوڻيڪ
ديوان نظيري مظاهر مصّفا جي تصحيح سان 1340هه ۾
ايران مان شايع ٿي چڪو هو، ۽ ڪليات طالب آملي آقا
طاهري شهاب جي تدوين کان پوءِ 1346هه ۾ ڇپجي چڪو
هو. تڏهن به انهن ٻنهي منتخب نسخن جي قدامت جي
مدِنظر جڏهن مون پير صاحب کي انهن بابت اطلاع ڏنو
ته پاڻ جواب طور لکيائين:
”طالب ۽ نظيري ٻئي قيمتي آهن، هونئن ته نظيري به
ايران ۾ ڇپيو آهي، پر اتي اهڙو تحقيقي ڪم ڪونه ٿو
ٿئي، جهڙو اوهان جو ڏاڏو مرحوم مغفور ڪندو هو. اتي
عام طور بازاري انداز شروع ٿي ويو آهي“ (خط 3
اپريل 1969ع).
پاڻ مون کي انهن قلمي نسخن جي ڇپيل نسخن سان ڀيٽا
ڪرڻ جو مشورو ڏنائين، ۽ گڏوگڏ انهن جي شايع ڪرڻ
لاءِ معقول ناشر لاءِ فڪرمند ٿي ويو. ليڪن سندس
وفات تائين اهو ڪم پورو ڪونه ٿي سگهيو.
فارسي ٻولي ۽ ادب تي پير صاحب جي تحقيقي ڪم جو
ايران ۾ شايانِ شان قدر ڪيو ويو. کيس ٻه ڀيرا
نِشان سپاس جو اعزاز عطا ڪيو ويو. پر هو انهن شين
کان بي نياز هو. 23 مارچ 1974ع تي پاڪستان سرڪار
پاران کيس ستارهء امتياز ڏنو ويو ته مون مبارڪ باد
جي تار موڪلي. ان جي جواب ۾ پاڻ 29 مارچ 1974ع تي
مون کي جيڪو خط لکيائين، اهو سندس عالماڻي انڪسار
جو مظهر هو. لکيائين:
”منهنجا ڀاءُ، تار ملي وڏي عنايت، مهرباني. اوهان
جهڙن دوستن جون دعائون شامل آهن ۽ خدا جو فضل گڏ
آهي ورنه اياز پنهنجي اهميت خوب سمجهي ٿو، اوهان
جو احسان.“
مون کيس پنهنجي ننڍي ڀاءُ تاثير محمود جي وفات جو
اطلاع ڪونه ڏنو هو. تڏهن به پاڻ ان سانحي جي خبر
پوندي ئي بلند اخلاقيءَ جو مظاهرو ڪندي هڪدم
تعزيتي خط لکيو:
”عزيز من مظهر محمود صاحب! اڄوڪي اخبار ۾ اوهان جي
ڀاءُ مرحوم جي انتقال جي اندوهناڪ خبر پڙهي ڏاڍو
ڏک پهتو. الله پاڪ پروردگار کيس جنت ۾ جاءِ ڏئي، ۽
خاندان وارن کي صبر عطا فرمائي. انسان مجبور آهي،
فرمان الاهي اڳيان چون چران جي ڪهڙي مجال آهي، مون
کي پنهنجي ڏک ۾ شريڪ سمجهندا.“
مخلص حسام الدين راشدي
(16 جنوري 1980ع)
حافظ محمود شيرانيءَ جي سؤ ساله جنم پروگرامن جي
شروعات 5 آڪٽوبر 1980ع تي ٿيڻي هئي. مون ان بابت
آگسٽ ۾ کيس ٻڌايو ۽ ڊاڪٽر خورشيد يوسفي صاحب پڻ ان
بابت کيس لکيو. جنهن جي جواب ۾ پاڻ 16 آگسٽ 1980ع
تي خط لکيائين.
”محترمي ڊاڪٽر صاحب، مرحوم شيرانيءَ جي سلسلي ۾
اوهان جو خط مليو. ان کان اڳ مظهر محمود جو محبت
نامو پڻ وصول ٿيو هو. مان اڄڪلهه اعصابي دٻاءُ ۾
مبتلا آهيان ۽ لکڻ پڙهڻ بند آهي.
مرحوم شيرانيءَ جو مون تي حق آهي، چاهيان ٿو ته ان
يادگار موقعي تي اوهان جيڪي ڪجهه ڪيو، تنهن ۾ ضرور
شريڪ ٿيان. دعا ڪريو ته ڪجهه ڪري سگهان ۽ اوهان کي
موڪلي ڏيان. اوهان مهرباني ڪري اهو ٻڌايو ته مضمون
جي آخري تاريخ ڪهڙي هئڻ گهرجي. ڇا اوهان ڪو مضمونن
جو مجموعو شايع ڪرڻ گهرو ٿا، جنهن لاءِ مقالو
گهربل آهي. پروگرام کان واقف ڪندا ۽ دعا پڻ ڪندا.“
والسلام
مخلص
حسام الدين راشدي
طبيعت بهتر ٿيڻ تي پاڻ ذڪر ڪيل پروگرام لاءِ مقالو
لکڻ شروع ڪيائين، ان حوالي سان 08 سيپٽمبر 1980ع
تي، منهنجي تازي خط جي جواب ۾ لکيائين:
”محترمي گرامي نامو مليو، عنايت. هڪڙي وضاحت گهرجي
مقالو ڪنهن علمي موضوع تي هجي ته قبول پوندو، يا
فقط مرحوم شيراني جي ڪم ۽ ذات تي تبصرو ۽ تاثرات
شايع ڪيا ويندا. براءِ ڪرم جواب جلد عنايت ڪندا.“
اهو منهنجي نالي سندس آخري خط هو. افسوس جو ڪِرندڙ
صحت سبب پاڻ نه ته ڪو مضمون لکي سگهيو، ۽ نه وري
لاهور ۾ ٿيندڙ تقريبات ۾ شريڪ ٿي سگهيو.
پير صاحب کي بلڊ پريشر جو پراڻو مرض هو، گڏوگڏ دل
جي به تڪليف هئي. ڊسمبر 1958ع ۾ کيس دل جو پهريون
دورو پيو هو. انهن ڏينهن ۾ پاڪستان ۾ ان مرض جو
تسلي بخش علاج ڪونه هو. ان ڪري سنه 1959ع ۾ پاڻ
علاج خاطر انگلستان ويو ۽ ڪيترا مهينا اتي رهيو.
وڏو همت وارو شخص هو، بيماريءَ جي پرواهه نه
ڪيائين. واپس اچي قلمڪاريءَ واري ڪم کي جاري
رکيائين. جڏهن تڪليف وڌندي هيس، ڪم عارضي طور بند
ڪري ڇڏيندو هو. 28 مارچ 1969ع جي هڪ خط ۾ مون کي
لکيائين:
”وچ تي بيمار هئس، بلڊ پريشر جيڪو آخرڪار ماڻهوءَ
کي ماري ٿو، دل جو اڳ ۾ ئي مريض آهيان.“
ان کان پوءِ واري خط ۾ لکي ٿو:
”ڀائي صاحب! مان ٿڪجي پيو آهيان، هن جنوريءَ کان
مون طبعيت ۾ هيڻائي محسوس ڪئي آهي. اڃا ڪافي ڪم
ڪرڻو آهي. ڏسو ۽ دعا ڪريو. خدا ڪيستائين حياتي ۽
توفيق ڏئي ٿو“ (خط 3 اپريل 1969ع).
هر سچي علم دوست وانگر کيس ان حال ۾ به پنهنجي اڻ
پوري ڪمن جو انتظار هو.
هاڻ وري نئين مصيبت آئي. يعني 1975ع ۾ هو نِڙيءَ
جي ڪينسر ۾ مبتلا ٿي پيو ۽ وَڍ ٽُڪ جو هڪ ڊگهو ۽
تڪليف ڀريو سلسلو شروع ٿيو. پاڻ پاڪ- روس دوستي
انجمن جو صدر هو. ان مناسبت سان لنڊن کان سواءِ
ماسڪو ۾ پڻ سندس نِڙيءَ جا آپريشن ٿيا. 1977ع ۾
علامه اقبال جي صد ساله جنم ڏينهن وارين تقريباً ۾
هو لاهور آيو ته دل جو دورو پيس ۽ ميو اسپتال ۾
داخل ٿيو. 1979ع ۾ سندس گهر واري وڇوڙي جو صدمو
ڏئي وئي. پير صاحب اولاد جي نعمت کان محروم هو.
پنهنجي بزرگ ڀاءُ جي هڪ فرزند حسين شاهه راشدي ۽
هڪڙي صاحبزادي کي گود ورتو هئائين، جن حقيقي اولاد
کان وڌيڪ سندس خدمت ڪئي.
ڊسمبر 1981ع ۾ کيس آپريشن لاءِ وري لنڊن وڃڻو پيو.
پر تڏهن به:
ملک الموت کو ضد تھی کہ میں جان لے کے ٹلوں
اور کہتا تھا مسیحا کہ ميری
بات رھے۔
آخرڪار پهرين اپريل 1982ع تي ڏينهن جو سوا ڏهه بجي
ڪراچي جي دل جي بيمارين واري اداري ۾ موت جي آجيان
ڪيائين. اِنالله و اِنا اليہ راجعون.
پاڻ مڪليءَ جي قبرستان ۾ مخدوم محمد هاشم ٺٽوي جي
مزار واري چوديواريءَ ۾ دفن ڪرڻ جي وصيعت ڪئي
هئائين، ان ڪري الحمرا سوسائٽيءَ ۾ جنازي نماز کان
پوءِ سندس جسد خاڪي گاڏين جي وڏي قافلي جي شڪل ۾
ٺٽي نيو ويو، ۽ شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ جي مزار جي
پاسي ۾ دفن ڪيو ويو.
پير صاحب جي باري ۾ هي ياداشت، مان سندس وفات جي
مناسبت سان، هن قطئه تاريخ تي ختم ڪريان ٿو:
حیف آں مرد خوش خو و خوش رو فاضل بے ہمال و نیک
سرشت
رخ بپوشید زین سراے سپنج
چوں تواں وصف ھائے او بنوشت
منزل آخریں شدہ مکلی درلحد آرمید زیر خشت
آمدہ سال فوت وے "ہے
ہے
رفت
حسام
دین
بقصر
بہشت"۔
30
1952ء
30+
1982ء
|